هڪ ڀائي کي مدد لاءِ ڪيل عرض!
ڪانفرنس جو احوال ته مٿي تفصيل سان بيان ڪري آيو آهيان هتي اهو ته منهنجي ڳوٺائي ۽ ڪلوئي شهر جي پهرئين بئنڪ آفيسر تيرٿ ڪمار هرواڻي ۽ منهنجي ڪجهه ناتجربيڪار دوستن جي چوڻ تي هليس ته ڪهڙي مدد ملي. ٿيو ايئن جو ڪانفرنس جي پُڄاڻي تي شام جو ارادو ڪيم ته مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پبلڪ رليشنز آفيسر محترم دوست امداد سومري جي صلاح تي لنڪن ميموريل ۽ پوٽومئڪ جا ڪنارا گهُمبا. سو ٿيلهو ڪُلهي تي. 11 اسٽريٽ واري ڊيو هائوسنگ نالي واري رهائش تان نڪتس، اڳيان ايسبري يونائيٽيڊ چرچ کان ساڄي مُڙي، وائيٽ هائوس جي پُٺئين پاسي واري پارڪ کان ٿيندو. (هي اهو ئي پارڪ آهي جتي جا اسين فوٽو ڏسندا آهيون ته اوباما پنهنجي فيملي سان گڏ پيو کيڏندو آهي ۽ هڪ عدد ڪُتي کي پڻ وندرائيندو آهي.) پارڪ جي پاسن کان ٿيندو، واشنگٽن جي متارن نوريئڙن جا فوٽو ڪڍندو اڳتي وڌندو رهيس. اهي نوريئڙا بلڪل ڊنا نه ٿي ۽ ڪيمرا کي باقائده پوز ڏئي فوٽو ڪڍرائڻ ٿي لڳا. پاسي ۾ آمريڪا جي ڪامرس ڊپارٽمينٽ جي شاهي عمارت ڏسڻ جهڙي آهي.
تقريبن ڪلاڪ کن پنڌ ڪرڻ تي وڃي ڏسان ته هڪ هٿرادو ڍنڍ آهي جتي ڪافي ساريون بدڪون پيون گهمن، ٿڌڪار لڳي پئي، پريان ٻارن جو ولر راند روند ڪري رهيو آهي. دل چيو ته لت کوڙي اِتي ئي ويهي رهجي ۽ ننڊ مان ڪي ڌڪ وٺجن. ڇو جو هاسٽل جي گرم ڪمرن ۾ مڪمل ننڊ جو ڪڏهن سُک نه ملي سگهيو. مهراڻ يونيورسٽي جي پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن لاءِ مخصوص هاسٽل جا ڪمرا ايڏا ته گرم هوندا آهن جو ڪپڙا استري نه ڪرڻا پوندا آهن، مٿن رڳو هٿ گهمائجي ته ڪپڙن مان سر نڪري ويندا ۽ جِتي برف کي برف چئي ئي نه ٿو سگهجي جو جيستائين برف جو نالو وٺبو تيستائين مڪمل پاڻي ٿي ويندي. ڀرپور ننڊ ڪرڻ جي خواهش ته پنهنجي جاءِ تي پر لنڪن ميموريل به ته لازمي ڏسڻو هو سو ڪجهه فوٽو ڪڍندو اڳتي وڌيس. جتي ويٽنام جي جنگ ۾ حصو وٺندڙ آمريڪي فوجين لاءِ يادگار ٺهيل آهي. اها يادگار هڪ ديوار وانگر ٺهيل آهي، جنهن تي انهن سمورن فوجين جا نالا لکيل آهن. يادگار تي خصوصي طور تي لکيل آهي ته هن يادگار جو باقاعده احترام ڪيو وڃي. اُتان ٿيندو ٿورو ئي اڳيان سامهون لنڪن ميموريل اوچي قد ڪاٺ سان نظر اچي رهيو آهي. کاٻي طرف سنهڙي تار وانگر نظر ايندڙ واشنگٽن مونيومينٽ آهي. جنهن کان پهريان نظر ايندڙ پاڻي جو هٿرادو تلاءُ، هڪ مستطيل شڪل ۾ ٺهيل آهي. جنهن کي لنڪن ميموريل رفليڪٽنگ پول چون. فوٽو ڪڍندي ڪڍندي، دل چيو منهنجو به هڪ يادگار فوٽو ٿي وڃي ڪيمرا سان. ڪلوئي شهر جي دوست تيرٿ هرواڻي جي ڪجهه ٽوڪڻ تي ته رڳو ڇوڪرين کان ڇو ٿو مدد وٺين يا ڪم ڪار ڪرائين، ڪجهه مرد ماڻهن کي به آزمائي ڏس، اهي به ضرور مدد ڪندا جو تنهنجو خيال ته ”زائفائون وڌيڪ دل جون صاف آهن“، اهو غلط ثابت ٿيندو. سو سندس پُرزور صلاح تي هڪ ڀائي کي عرض ڪيم ته،
”ڇا توهان مهرباني ڪري منهنجي هڪ تصوير ڪڍندا؟“
همراه مون ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڏسي چيو ته،
”هل، ايترو ٽائيم ناهي مون وٽ.“
انهي همراهه جي هڪ ئي ڊائلاگ مان خبر پئي ته ٻين ملڪن ۾ عام رواجي ڀائي ايئن ٿا پيش اچن، جِتي ڪٿي. ايئن به ناهي هروڀرو، پر جڏهن به توهان کي مدد گهُرجي ته مردن کان وڌيڪ عورتون ۽ ڇوڪريون جذبو رکن ٿيون ته مدد ڪجي. مرد جو خيال هوندو آهي ته هي همراهه ڪنهن ٻئي کان به مدد وٺي سگهي ٿو ته آئون پنهنجو تيل ڇو ساڙيان؟ جڏهن ته زائفائون تمام سُٺي ارادي ۽ نيڪ نيتي سان ڀرپور مدد ڪنديون آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو سڄي دُنيا ۾ فصلن، گُلن وغيره جو چونڊو صرف عورتون ئي ڪنديون آهن، جو اهي پاڻ به نفيس ته سندن طبيعت نفيس، چونڊ به نفيس ته ڪم به نفيس هوندو اٿن. لازمي آهي ته گُلن ۽ فصلن جي چونڊائي دوران تمام گهڻي احتياط جي ضرورت هوندي آهي.