پينٽاگون ته ڇا پر قبرستان به تفريح گاه!
تنهن دور جي آمريڪي صدر فرينڪلن روزويلٽ سنه 1940ع ڌاري آمريڪي بچاءَ واري کاتي ۽ جنگ واري کاتي جي 17 عمارتن کي ملائي هڪ عمارت ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. فوج جي انجنيئرن جي تيار ڪيل ڊزائن موجب پوٽومئڪ ندي جي مٽي ۽ پٿرن سان پينٽاگون جي تعمير 11 سيپٽمبر 1941ع ۾ شروع ٿي ۽ 83 ملين آمريڪي ڊالر جي لاڳت سان 15 جنوري 1943ع تي ٺهي راس ٿي.
پينٽاگون جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي آفيس آهي! جنهن کي هڪ مڪمل شهر چيو وڃي ٿو، مشهور آهي ته هن پنج ڪُنڊن واري بلڊنگ ۾ ڪنهن به هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين ستن منٽن ۾ پيادل پهچي سگهجي ٿو.
هتي پهريون دفعو ڪنهن چيو ته هِتي فوٽوگرافي ڪرڻ منع آهي. وڏي ڳالهه اها جو ايڏي وڏي اهم بلڊنگ جو مئن گيٽ جتان سمورا ملازم اندر وڃن پيا اوستائين هر عام ماڻهو کي وڃڻ جي اجازت هُئي. بلڊنگ جي هڪ پاسي ٺهيل يادگار تي فوٽو ڪڍڻ جي موڪل هُئي اُتي فوٽو ڪڍياسين.
نائين اِليون (9/11) (11 سيپٽمبر، 2001ع تي ٿيل حملو) جنهن کي برطانوي انگريزي ۾ چئجي (11/9) واري واقعي ۾ مارجي ويل 184 ڄڻن جون ناليوار يادگار ٺهيل آهن. سيمينٽ جي هڪ پٽي ٺهيل هُئي جنهن هيٺان هلڪو پاڻي وهي رهيو هو ۽ مٿس ماڻهو گُل رکي رهيا هُئا. ڪجهه دير اُتي رهي پوءِ آرلنگٽن سيميٽري ڏانهن نڪتاسين. اُتي پهچي وزيٽر سينٽر ۾ حوال ورتوسين، جن ٻڌايو ته 12 ڊالر ڪڍو ته توهان کي بس تي گهمايون، مون چيو ته پاڻهي ٿا گهمون. ٽائيم تقريبن 11 ٿيا، اُتي واءِ فائي فري هُيو سو کوليم موبائل، ڏسان ته فيسبڪ تي ڪيٽي جا 5، 7 ميسيج لڳا پيا هُجن، چئي ته،
”ويري سوري، آئون چاچيءَ وٽ رهي پيس رات جو. توهان جو فون نمبر به نه هو، انٽرنيٽ به ڪونه هيو، سو رابطو نه ڪري سگهيس. هينئر هِتي آهيان روبوٽن واري نمائش ۾، توهان جي هِتي آهيو ته مهرباني ڪري رابطو ڪريو. آئون هِتي چئين بجي تائين آهيان، پاڻ گڏجي ڪجهه کائون پيئون ۽ نمائش گهمون. چئين بجي آئون هِتان سڌي هلي وينديس بوسٽن شهر.“
فيسبوڪ تي جواب ڏنومانس ته،
”تنهنجو صبح 9 بجي تائين انتظار ڪيو، پوءِ آئون هيڏانهن پينٽاگون نڪري آيو آهيان. هاڻي ايڏانهن اچڻ ٿورو ڏکيو ٿيندو .“
ايترو نياپو ڪري ٻاهر نڪتاسين ته مون هيديا کي چيو ته،
”هيديا هڪ منٽ ۾ آئون اندران ٿي اچان ٿو.“
ايئن ڪري آئون اندر پاڻي جي هڪ پوري بوتل پي ۽ ڪجهه بسڪيٽ ۽ خشڪ ميوا جهٽ مان وٺي، اُتي ئي کائي ۽ موٽي آيس. لِڪي ان ڪري کاڌم جو هيديا روزائتي هُئي، مون چيو ته متان ئي اعتراض ڪري ته آئون روزائتي ۽ تون وري منهنجي سامهون پيو کائين پيئن، رمضان جو احترام نه ٿو ڪرين. تُرڪي ۾ اهڙو ڪُجهه به نه هوندو هو، هروڀرو ڪا سختي ڪانه هوندي هُئي. جنگ اخبار ۾ ياسر پيرزاده جو لکيل هڪ ڪالم پيو ياد اچي، جنهن ۾ هن رمضان جي مهيني دوران استنبول جي گهٽين جو منظر پيش ڪيو هو، جتي هر ڪنهن کي آزادي هُئي ته جنهن جي مرضي جيئن وڻي، تيئن ڪري. ايئن مختلف سوچن ۾ ۽ مختلف پارڪ ۽ قبرستان جا نظارا ڪندي ڪندي آرلنگٽن سيميٽري ۾ ئي رُلندي رُلندي هڪ ٿي ويو، جتان پوءِ ارادو ڪيو سين ته لائبريري آف ڪانگريس وڃبو جنهن خاطر زيرِزمين ٽرين جو سفر مناسب سمجهيوسين....