ڪانفرنس جو حال احوال – ٻيون ڏينهن
ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي مون کي به پنهنجو تحقيقي مقالو پيش ڪرڻو هو، جنهن لاءِ منهنجي تياري ٿيل هُئي، جو ٻن ڏينهن تائين ٻين تحقيقدانن جي ٻُڌل مقالن کان پوءِ چڱو خاصو تجربو ٿي چُڪو هو ته ٻڌندڙ ڪيئن ۽ ڇا ٿا ٻڌڻ چاهين. گڏوگڏ ڊاڪٽر آلا گولب (Alla Golub) ۽ ڊاڪٽر جيفري پيٽرس (Jeffrey Peters) جي اي ميل ۽ وي سي پروگرام تي مسلسل صلاح مشورن، منهنجي پريزنٽيشن کي ڪافي بهتر ڪري ڇڏيو هو.
زراعتي پاليسين ۽ زراعت خاطر استعمال ٿيندڙ پاڻي ۽ ان جي وڌندڙ کوٽ تي ٿيندڙ پهريون سيشن اٽينڊ ڪيم، ان کان پوءِ ريفريشمينٽ بريڪ هو. بريڪ ڪو جهڙو تهڙو! چڱا خاصا کاڌا پيل هُئا، پر گوشت بلڪل نه هُجڻ جي برابر هو. نموني نموني جون ڊشز هيون، گهڻي ڀاڱي ڀاڄين تي مشتمل هُيون. گڏوگڏ چانهه، ڪافي، ڪولڊ ڊرنڪ، جوس، آئس ڪريم ۽ چاڪليٽ وغيره به وافر مقدار ۾ رکيل هُئا.
ريفريشمينٽ بريڪ کان پوءِ مون ڪلائميٽ چينج (Climate Change) وارو هڪ سيشن سليڪٽ ڪيو. اُتي پهتس ته سيشن شروع ٿيڻ ۾ اڃان ٻه، ٽي منٽ هُيا، آئون هڪ ڪُرسي جهلي ويٺس ته هڪ همراه چڱي خاصي قد جيترو، اڳتي وڌي آيو، مون به اُٿي بيهي هٿ ملايو ۽ خير عافيت پُڇيم. هن به مُسڪراهٽ سان حال احوال ڏنو. پوءِ مون مخصوص انداز ۾ ڪُلهن جي جنبش سان پُڇيم،
”ته ڪو ڪم اٿئي؟“
چيائين،
”نه، ايئن توهان کي ويلڪم ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.“
پنهنجو تعارف ڪرايائين ته،
”آئون برٽ سيوين آهيان اسپين ۾ يورپين ڪميشن ۾ ڪم ٿو ڪريان ماحولياتي تبديلي ۽ ان جي پوندڙ اثرن واري کاتي ۾. هينئر ماحولياتي اثرن سان لاڳاپيل ڪمپيوٽر سافٽ ويئر (GEM-E3) ماڊل تي ڪم پيو ڪريان. منهنجو توهان سان ڪم ڪو به نه آهي، توهان کي ڏٺم ته بس ايئن ئي دل چيو ته توهان سان ملجي.“
اُتي مون کي به خوشي ٿي ته هي چڱي خاصي ليول وارو ماڻهو، ان هال ۾ ڪافي سارن ٻين کي ڇڏي مون سان خصوصي طور تي ملڻ آيو آهي. سو مون به تعارف ڪرايو ته،
”آئون گورڌن آهيان، ”پاڪستان ۾ گهٽ قيمت بجلي“ جي موضوع تي پاڪستان ٽائمز انرجي ماڊل (PakistanTIMES Energy Model) ٺاهيو اٿم. ٻئي سيشن دوران يارهين وڳي پنهنجي پريزنٽيشن ڏيندس.“
چيائين ته،
”ها توانائي وقت جي تمام اهم ضرورت آهي پر ان کان وڌيڪ ضرورت آهي ته ماحولياتي تبديلي کي نظر ۾ رکي توانائي کي استعمال ڪيو وڃي ايئن نه ٿئي سُڀاڻي اسان ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصانن ڪري ايندڙ نسلن کي تباهي ڏانهن وٺي وڃون.“
تيستائين سيشن شروع ٿي چُڪو ته ايترو چئي مون کان موڪلائي برٽ پنهنجي سيٽ ڏانهن وڌي ويو. مون سان گڏ پاسي آندريا نالي جرمن ڇوڪريءَ ويٺي هُئي، جيڪا پڻ جرمني لاءِ گهٽ قيمت بجلي جي ذريعن ۽ ماحولياتي اثرن تي پي ايڇ ڊي ڪري رهي هُئي پر هڪ مختلف ڪمپيوٽر ماڊل جي بُنياد تي. آندريا سان وڌيڪ بحث ٻئي ڏينهن ٿيو. برٽ جي پريزنٽيشن تمام سُٺي لڳي، جنهن ۾ هُن اهو به ڄاڻايو ته هاريزن 2020 (Horizon 2020) تحت يورپين يونين جو مستقبل بابت ڇا پروگرام آهي ۽ هن وقت ماحوليات تي ٿيندڙ اثرن ۽ اُپائن بابت تفصيلي بيان ڏنو. ان سيشن ۾ انهي ڪانفرنس لاءِ منهنجي مينٽر ڊاڪٽر آلا گولب پڻ زراعت ۾ ٿيندڙ تحقيق ۽ مستقبل جي ڪلائميٽ پاليسي بابت مقالو پيش ڪيو.
تقريبن 12 وڳي مون کي وارو مليو ته پنهنجو مقالو پيش ڪريان. اُن سيشن جي چيئر ڊاڪٽر آلا گولب هُئي جيڪا مون کي منهنجي مقالي جي پريزنٽيشن لاءِ لاڳيتو تياري ڪرائيندي پئي آئي. مون کي ان ڪري اعتماد هو پنهنجي پريزنٽيشن تي. ”پاڪستان ۾ گهٽ قيمت بجلي“ جي ذريعن معلوم ڪرڻ لاءِ ٺاهيل پاڪستان ٽائمز انرجي ماڊل جي جوڙجڪ جي باري ۾ ٻڌايم ته هن ماڊل جو بڻ بڻياد ڪهڙو آهي، ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪٿان ڪٿان انگ اکر هٿ ڪيا آهن؟ هن ماڊل جو مقصد ڇا آهي؟ هن ماڊل جي خصوصيت ڇا آهي؟ ٻين ماڊلز کان اهو ماڊل مختلف ڪيئن آهي؟ ماڊل جا هيستائين ڪهڙا نتيجا سامهون آيا آهن؟ پريزنٽيشن کان پوءِ مون کان ٻن همراهن سوال پُڇيا. هڪ اهو پُڇيو ته ماڊل ۾ استعمال ڪيل ماحولياتي نقصانن جو اندازو پاڪستان لاءِ ڪيئن استعمال ڪيو آهي؟ جنهن جو جواب اهو هو ته ٻن مختلف ملڪن (پاڪستان ۽ جرمني) جي آبادي ۽ معيشت جي تناسب کي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرائي، اُتي اندازو لڳايل ماحولياتي نقصانن کي پاڪستان لاءِ استعمال ڪيو آهي. ٻئي همراه مون کان ماڊل جي نتيجن بابت پُڇيو. جنهن تي مون ماڊل مان هيستائين مليل اڻپورا نتيجا ڏيکاريا ۽ چيم ته ماڊل جي سمورن نتيجن اچڻ کان پوءِ ان جي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ سان ئي مڪمل ڄاڻ ملي سگهندي، ٻيو ته هي مقالو منهنجي پي ايڇ ڊي اسٽڊي جو هڪ حصو آهي.
مون کي مقالو پڙهڻ لاءِ سڏ ٿيڻ کان ڪجهه گهڙيون اڳ پاسي ۾ ويٺل هڪ جاپاني ڇوڪري کي پنهنجي ڪيمرا ڏيندي چيم ته مقالو پڙهندي منهنجا هڪ ٻه فوٽو ته ڇِڪجان، يادگار موقعو آهي. منهنجي پرزنٽيشن کان پوءِ هڪ ٻئي همراه جي به پريزنٽيشن هُئي جنهن ۾ هُن به ڪجهه ماڊلز کي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري هڪ ماڊل جي چونڊ ڪرڻ جو ذڪر ڪيو هو. آئون اهو ساڳيو ڪم پنهنجي ماڊل لاءِ به ڪري چُڪو هُئس پر هن همراه جو چونڊ ڪرڻ وارو طريقو وڻيو. ان پرزنٽيشن مان هڪ ٻه نقطا نوٽ ڪري پنهنجي ٿيسز لاءِ محفوظ ڪيم.
هن سيشن جي پوري ٿيڻ تي مون ڊاڪٽر آلا گولب ۽ ڊاڪٽر جيفري پيٽرس کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيو. جن جي هُنن ٻنهي ڄڻن تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ منهنجو شڪريو ادا ڪيو. مون به کين منهنجي مسلسل مدد لاءِ سندن مهرباني مڃي. انهن ٻنهي کي ٽوپي اجرڪ پاتل ڏسي اسپين وارو همراه برٽ سيوين لڙي اچي انهن کي پاتل ٽوپي اجرڪ کي هٿ لائي ڏسي رهيو هو ۽ ڏاڍي تعريف ڪري رهيو هو. مون کي چيائين ته،
”تمام زبردست شيون آهن، ڇا چئبو آهي انهن کي؟“
مون کيس چيو ته،
”هي سنڌي ٽوپي آهي ۽ هي اجرڪ. اسان جو ثقافتي لباس آهي. مون وٽ هُئا ئي ايترا تحفا، نه ته توهان کي به ضرور پارايان ها.“
ٿوري غمگين لهجي ۾ چيائين ته،
”اوه توهان جي وڏي مهرباني.“
اِتي لنچ بريڪ جو وقت ٿيو ته سڀني هالن مان مهمان ٻاهر اچي ماني واري هال ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. مون کي ڊاڪٽر جيفري ۽ ڊاڪٽر برٽ چيو ته،
”پاڻ هتي ويهون ٿا، ڪجهه رش گهٽ ٿئي ته پوءِ ماني کائون ٿا.“
مون سوچيو ته هي واقعي مون وانگر ئي سوچين ٿا، جو رش کان پري ٿا ڀڄن. ٿوري دير ۾کاڌي جي ٽيبل تي ڪجهه رش جهڪي ٿي اسان ٽئي ڄڻن پنهنجي پنهنجي پليٽ ۾ پسند جو کاڌو کڻي ٽيبل تي کائڻ ويٺاسين.