پوٽومئڪ ندي جا کڙکٻيتا
مٿي بيان ڪيل همراه منهنجو فوٽو نه ڪڍي ڪري دل کي هلڪي ٺيس پهچائي ۽ آمريڪين جو ٿورو تاثر خراب ڪري ڇڏيو. آمريڪين جي اُن تاثر کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ خاطر هڪ اسڪولي ڇوڪريءَ ميدان ۾ اچي وئي. هن ڇوڪريءَ سندس ڪيمرا سان ماڻس ۽ ڀيڻس جا ڪجهه فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. جيئن ته مون کي اُن همراه جو رويو نه وڻيو سو يقينن مون کي احساس هُيو ته ايتري سولي ڪم جي لاءِ به جواب ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه آهي. هونئن به بابا جو به هميشه چوڻ هوندو هو ته، ”جيڪڏهن توهان جو ڪير محتاج يا توهان کي ڪو ماڻهو جائز ڪم چوي، ته ڪوشش ڪري پهريان اُن جو ڪم يا محتاجي ختم ڪريو، قدرت توهان کي ضرور انهي عمل جو اجر ڏيندي.“
مون يڪدم پنهنجي ڪيمرا بند ڪري وڌي ٿيلهي ۾. کين وڏ ننڍائي ترتيب ۾ بيهاري لنڪن ميموريل ۽ واشنگٽن مونيومينٽ جو بيڪ گرائونڊ وٺي 5، 7 فوٽو ڪڍي کين ڏيکاريم ته
”هي ڏسو توهان جون ڪجهه تصويرون“
سموري فيملي ڏاڍي خوش ٿي. کين پنهنجي ڪمپوزيشن جي مهارت ڏيکاري، (زوري) هلڪي داد وصول ڪئي. مهراڻ يونيورسٽي ۾ هاڻوڪي ڪانووڪيشن دوران به ساڳئي قسم جو واقعو پيش آيو، جو ٻه ڇوڪريون، هڪ جي ماءُ ۽ هڪ جو ڀاءُ بيٺل هُيا. ساڻن هڪ تمام سُٺي قسم جي ڪيمرا هُئي، جنهن سان هو پنهنجي پر ۾ ڪي يادگار تصويرون ڇِڪي رهيون هُيون...... ڪيمرا جي چڱي حد تائين واقفيت هُجڻ ڪري مون کي صاف خبر پئي ته تصويرون نه پيون ڇڪجن، صرف فوڪس ٿئي پيو بس.... مون کي ڏاڍي همدردي ٿي، پر سوچيم ته ايئن ”ٽنگ اڙائڻ“ مناسب نه آهي سو ڪجهه دير خاموش رهيس... هڪ ڇوڪري شايد سهيلي جي جدائي ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي غمگين لڳي پئي... منهنجي به دل ڀرجي آهي، سو ڊيل ڪارنيگي جي سمجهايل سبق موجب بجاءِ انهن ڇوڪرين کي انهن جي غلطي بابت ٻڌائڻ جي انهي ڇوڪري جي ڀاءُ کي سندس ڪيمرا جي غلطي بيان ڪري ٻڌايم ته،
”معاف ڪجو، توهان جي ڪيمرا صحيح طريقي سان تصويرون نه پئي ڇِڪي، جيڪڏهن مون کي ڏيکاريو ته سيٽنگ ٺيڪ ڪري ڏيان.“
ڇوڪري يڪدم ڪيمرا مون ڏانهن کڻي آئي، کين سيکاريم ته
”هيئن بٽڻ کي پريس ڪري، ٿوري دير انتظار ڪري پوءِ ٿورو وڌيڪ زور سان ساڳيو ئي بٽڻ دٻايو ته تصوير ڇڪبي.“
سڀ ڄڻا خوش ٿيا، آئون به. ڇوڪري ته راز به افشان ڪيو ته
”ڪنهن سهيلي کان يادگار لمحا محفوظ ڪرڻ خاطر اُڌاري ڪيمرا وٺي آئي آهيان.“
مون چيو ته
”امڙ، ڀاڳ واري آهي جو اهڙو سهيلي ملي اٿئي، آئون ته پنهنجي ڪيمرا ڪنهن کي به اُڌاري ڪونه ڏيان...“
سو واشنگٽن مونيومينٽ تي انهي فيملي جي تصويرن ڇِڪڻ واري انهي ڪم مان فارغ ٿي پاسي ۾ ئي موجود لنڪن ميموريل ۾ يادگاري شين واري دُڪان ۾ ويس ۽ هليو آيس، ايتري ئي دير موٽندي لڳي، جيتري توهان کي اهو جملو پڙهندي لڳي هوندي. اهو ان ڪري جو تنهن ڪري ......
ان مهل جيئن ته هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿي رهي هُئي، حالانڪه بادل گهرا هُيا. برسات کان بچڻ خاطر اُتي موجود ماڻهن پنهنجون پنهنجون ڇٽڙيون ڪڍيون، هي ٿري همراهه مڪمل برسات شروع ٿيڻ جي انتظار ۾ ئي مينهن ڪڻين جو مزو وٺڻ لڳو. اُتان ٿيندي، پوٽومئڪ ندي وارو گس ورتم، مون کي ايئن پئي لڳو ته ان پاسي ڏانهن وڃڻ وارن ۾ آئون اڪيلو ئي آهيان. مون کي پنهنجي سوچ بلڪل مناسب لڳي ڇو جو ان وقت درياءَ جي ڪپن تي نظر گهمايم ته ڪوبه نظر نه آيو. ٿورو ئي اڳتي وڌيس ته اُتي ڇٻر تي مون کي ڪي هلڪيون اُڏامندڙ بتيون نظر آيون. سوچيم ته شايد گهڻو پنڌ ڪرڻ ڪري ۽ متان ڪمزوري جي ڪري ايئن محسوس ٿيندو هُجي. وري به وقفي وقفي سان اهي بتيون نظر اچڻ لڳيون، پوءِ مون کي ذهن ۾ آيو ته اڙي ها، هي ته کڙکٻيتا يعني ٽانڊاڻا آهن...... اسڪولي دور ۾ ڪنهن هڪ سبق ۾ پڙهيو هيوسين ته هڪ ٽانڊاڻي ڪيئن هڪ پکي جي مدد ڪري کيس گهر پهچايو ۽ اهو سبق هميشه هڪ فلم سين وانگر ياد رهيو. انهي سان گڏ ننڍپڻ واري دور جي يادگيري آهي شام جي مهل منهنجي ڳوٺ ٿرپارڪر ضلعي جي ڪلوئي شهر ۾ بازار کان واپس پنهنجي گهر ڏانهن ايندي رستي تي ڪولهين جي پاڙي جي وڏن لوڙهن تي اهي کڙکٻيتا نظر ايندا هُئا. پر ڪلوئي شهر جا کڙکٻيتا نارنگي-ڳاڙهي رنگ جا هوندا هُئا. هي پوٽومئڪ ندي جا کڙکٻيتا ٽيوب لائيٽ جي روشني وانگر هُئا. مون سوچيو ته پڪ سان هتان جا کڙکٻيتا به ترقي يافته آهن ۽ توانائي جي بچت ڪندي، هلڪي ٿڌي روشني (ايل اي ڊي LED) استعمال ڪري رهيا آهن. سو انهن کڙکٻيتن آسپاس هلڪين روشنين کي ڏسندو درياءَ جي ڪپن تان ٿيندو ٿيندو ٿڪي پيس ته پويان پير ڪيا.....
هاڻي ايندڙ پنن تي توهان پڙهندا ته واشنگٽن جهڙي شهر ۾ هڪ اڻ ڄاڻ شخص کي واشنگٽنائي ڪيئن ٿا صبح جو سلام ڪن....