واشنگٽن جا ميوزيم
شايد دنيا ۾ چند اهڙا شهر هوندا جتي ايترا ميوزيم ۽ آرٽ گيلريون هُجن، جيترا هِتي واشنگٽن ۾ آهن. دي مال نالي علائقو ته جهڙو ميوزيم ۽ آرٽ گيلرين جو مڪمل ڳوٺ هُجي! ساليانو لکين ماڻهو انهن ميوزيم جو دورو ڪن ٿا. دورو ڪندڙ ماڻهن جو ساليانو تعداد جاچڻ لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃو.
اهي ميوزيم گهمندي گهمندي ماڻهو ٿڪيو پوي، ڇو ته هڪ ته اهي بغير ٽڪيٽ جي آهن، ٻيو ته لڳاتار هڪ ئي قطار ۾ آهن. سڀني ميوزيمن کي گهمڻ جو هڪ بهتر طريقو اهو آهي جو ڪاغذ تي پرنٽ ٿيل نقشو هٿ ۾ هُجڻ کپي، جيڪو ميوزيم ڏسي وٺجي ان کي نقشي تي نشان لڳائي اڳتي نڪرجي. سڀني ميوزيم ۾ واءِ فاءِ انٽرنيٽ جي سهولت مفت موجود آهي، مٺي پاڻي جا جتي ڪٿي نلڪا لڳل آهن، جن مان هر وقت صاف شفاف ۽ مٺو پاڻي پي سگهجي ٿو. هڪ محتاط اندازي موجب واشنگٽن جي جون مهيني واري گهميل موسم ۾ روزانو 10 کان 20 لٽر پاڻي پيئڻ جي ضرورت آهي، صاف پاڻي جي 250 ملي ليٽر واري بوتل هڪ ڊالر يعني 106 روپين جي ملي ٿي. ان حساب سان روز 40 کان 80 بوتلون پاڻي جو کپن، يعني روز جو 4000 کان 8000 روپين جو رڳو پيئڻ وارو پاڻي کپي.... اهو انهن لاءِ جيڪي مون وانگر پنڌ هلن ۽ هر شئي تي نظر رکن ۽ ڪابه عمارت يا ميوزيم وغيره لازمي طور ڏسن.
دي مال ۽ فيڊرل ٽرائنگل نالي علائقي ۾ قائم ڪيل ميوزيم کي گهمڻ ۾ مون کي هڪ پورو ڏينهن لڳو، جيتوڻيڪ آرٽ وارن ميوزيم تي گهٽ ڌيان ڏنم. هتي هر ميوزيم بابت ٿورو احوال ڏبو:
1. آمريڪي انڊين جو قومي ميوزيم (National Museum of the American Indian):
سنه 2004ع ۾ کُليل هي ميوزيم آمريڪا جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهي، جنهن ۾ اصلوڪي رهاڪن سان 1200 کن مختلف تهذيبن ۽ دورن سان لاڳاپيل 266،000 نوادرات، جيڪي 12،000 سال تائين جا پُراڻا آهن. يادگار تصويرن واري سيڪشن ۾ سنه 1860ع کان وٺي هيستائين جون تقريبن 324،000 تصويرون موجود آهن. ايئن چئجي ته هي ميوزيم آمريڪا جي مڪمل تاريخ آهي.
2. نيشنل گئلري آف آرٽ (National Gallery of Art):
سنه 1941ع ۾ قائم ڪيل نيشنل گئلري آف آرٽ مغربي آرٽ ۽ مجسمه سازي جو آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي گئلري آهي. هن گئلري ۾ ويهين صدي کان اڳ جو يورپين آرٽ، جن ۾ اطالوي، ڊچ، هسپانوي، فرانسيسي، برطانوي، ۽ آمريڪي شامل آهن، جي نمائش لاءِ رکيل آهي. ڪو شڪ نه آهي بهترين آرٽ هوندو، پر مون کي نه وڻيو ان ڪري پنج منٽن ۾ اهو ميوزيم گهُمي ورتو.
3. قومي هوائي ۽ خلائي جو ميوزيم (National Air and Space Museum):
هڪ سائنس ۽ انجنيئرنگ جي شاگرد کي هوا ۽ خلا ۾ اڏام ۽ کوجنا خاطر تيار ڪيل مختلف شين سان ڀرپور ميوزيم کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شئي وڌيڪ سُٺي لڳندي...... انسان جي هوا ۾ اُڏام جي پراڻي خواهش خاطر ڪيل کوجنا يعني هوا بازي سان لاڳاپيل اٽڪل 30،000 کن نوادرات، جڏهن ته ٻين سيارن، چنڊ ۽ تارن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي تجسس خاطر ڪيل محنتن يعني خلا سان لاڳاپيل 9،000 کن نوادرات سان سينگاريل هي ميوزيم (اُن ڏينهن جي رش کي سامهون رکندي) مون کي لڳي ٿو سڀ کان وڌيڪ مقبول ميوزيم هوندو. سڀ کان وڌيڪ گهما گهمي رائٽ برادرز جو ٺاهيل دُنيا جي پهرئين جهاز، انجڻ واري دُنيا جي پهرئين جهاز، اپولو 11 جي ڪمانڊ ماڊيول (جنهن ۾ چنڊ تي پهريون قدم رکندڙ انسان، نيل آرمسٽرانگ سفر ڪيو هو) تي هُئي. ٻين سائنس جي ٻارن وانگر مون کي به چنڊ تان آندل هڪ پٿر کي ڇُهڻ ڏاڍو سُٺو لڳو...... دل مطمئن ڪرڻ خاطر چنڊ تان آندل پٿر کي ٻه دفعا هٿ لاهي ڏٺم..... ٻيا به ٻار ايئن ئي هُيا.....
4. آمريڪي تاريخ ۽ تهذيب جو قومي ميوزيم (National Museum of American History and Culture):
آمريڪي معاشري، مذهب، سول رائٽس، غلامي، فنون لطيفه جي اٽڪل 37000 نوادرات (سڪن کان وٺي جوتن تائين) سان سينگاريل هي ميوزيم سنه 1964 ع ۾ قائم ڪيو ويو.
5. هرشورن ميوزيم ۽ مجسمن جو باغ (Hirshhorn Museum and Sculpture Garden):
مجسمن ۽ جديد آرٽ سان سلهاڙيل هي ميوزيم واقعي عجيب و غريب نمونن سان ٽمٽار آهي. هر نمونو ٻئي کان وڌيڪ جاذب نظر آيو ۽ سوچڻ تي مجبور پئي ڪيائين. ٻاهر نڪرڻ لاءِ گهٽي نه پئي سُجهي، سو هڪ گارڊ کان مدد ورتم ته هُن ڏس ڏنو. ايترو وقت نه پئي سُجهيو، جو هڪ هڪ فن پاري تي گهرائي سان سوچجي ته آرٽسٽ ڇا ٿو چوي، سو ”سلام ٺوڪ ڪه چلا آيا......“ باقي ايترو ضرور هو ته 12000 کان مٿي فن پارا رکيل هُئا، جيڪي اوڻهين صدي کان هيل تائين جا ٺهيل هُئا، جن ۾ فن پارا، مجسما، تصويرون، وڊيوز، ۽ پيپر ورڪ شامل هُئا.
6. نيچرل هسٽري جو قومي ميوزيم (National Museum of Natural History):
هن ميوزيم جي رڳو بلڊنگ ئي 15 لک چورس فوٽن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڏيڍ سئو سالن کان وٺي تاريخ ۽ قدرت تي تحقيق ڪندڙن جا گڏ ڪيل ٻارنهن ڪروڙ کان مٿي نمونا رکيل آهن، جيڪي لکين ڪروڙين سال پُراڻا آهن.... انهن گڏ ڪيل نمونن ۾ پهڻ، معدنيات، پٿر، ٻوٽا، جانور، اوزار ۽ آرٽ شامل آهن. قدرت ۽ تاريخ جي موضوع سان قائم ڪيل هن ميوزيم هڪ هزار کان مٿي ملازم آهن، جن 150 ته فل ٽائيم تحقيق دان آهن، جن جو ڪم تحقيق کي اڳتي وڌائڻ آهي.
هن ميوزيم جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه لڳائي سگهجي ٿو ته سنه 2016ع ۾ 71 لک ماڻهن دورو ڪيو.
7. يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم (United States Holocaust Memorial Museum):
سنه 1933ع ۾ جرمني ۾ آيل نازي حڪومت طرفان وڏي سازش، بيوروڪريسي جي تعاون سان، اٽڪل سٺ لک کن يهودين جي ٿيل قتلِ عام جي باري ۾ واشنگٽن ڊي سي ۾ هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم قائم ٿيل آهي. ميوزيم پاران مهيا ڪيل ڪتابچي ۾ لکيل آهي ته جرمن پاڻ کي اعلي نسل، جڏهن ته يهودين کي اڇوت سمجهندا هُئا. تاريخ جي پيش آيل وڏن واقعن مان هڪ هولوڪاسٽ جي باري ۾ قائم ڪيل انهي ميوزيم ۾ داخلا فري آهي...... هولوڪاسٽ ميوزيم جو اصل مقصد شهرين کي نفرت سان مقابلي، نسل ڪُشي جي خاتمي ۽ انسان جي عظمت بابت انسپائر ڪرڻ آهي. هولوڪاسٽ بابت قائم انهي ميوزيم ۾ ڪم ڪندڙ تقريبن سمورا ملازم هولوڪاسٽ مان بچيل يهودين جا اولاد آهن ۽ بغير پگهار تي واري واري سان ڪم ڪن ٿا. رسيپشن تي داخلا واري رسيد جي تصديق ڪرڻ وارن ۾ هڪ پنجين ڪلاس جو ٻارڙو به شامل هو. ان کان پُڇيم ته توهان ڇا پيا محسوس ڪريو هِتي ڪم ڪندي؟ چيائين ته هي منهنجي انٽرنشپ آهي هڪ هفتي جي ۽ سُٺو پيو محسوس ڪريان جو ايترا سارا مختلف ماڻهو روز ٿا اچن. پاسي ۾ هڪ ٻي وچولي عمر جي عورت مون کي سندن ڪم ڪار ۾ دلچسپي ڏسي پاڻ ئي ويجهو آئي ۽ انٽرنشپ ۽ بغير پگهار جي ڪم ڪار بابت ٻڌائڻ لڳي، ته ڪيئن سندس پاڙي وارا واري واري سان هتي ڊيوٽي ڏين ٿا، ٻار توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد.
هولوڪاسٽ بابت هن ميوزيم ۾ گئس چيمبر ۽ اجتمائي قبرن جا ماڊل ٺهيل آهن. گڏوگڏ، ٿيل تشدد جي انگن اکرن، تصويرن ۽ ان دور جي گڏ ڪيل شين جي هڪ وڏي تعداد سان ڀريل هن ميوزيم کي بغير مسواڙ واشنگٽن جي نيو مال علائقي ۾ 1993ع ۾ قائم ڪيو ويو. هولوڪاسٽ مان بچيل ٻارن جي لکيل ڊائرين ۽ خطن جو پڻ هڪ وڏو تعداد محفوظ ڪيل آهي.
8. واشنگٽن مونيومينٽ (Washington Monument):
555 فوٽ اوچو واشنگٽن مونيومينٽ، واشنگٽن ڊي سي جي سڀ کان اهم ترين عمارتن مان هڪ ۽ اوچي ۾ اوچي عمارت آهي. جيڪا 129 سال اڳ سنه 1888ع ۾ قائم ٿي. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهو مونيومينٽ ٺاهڻ جو پلان 1783ع کان شروع ٿيو، جڏهن ته قائم ٿيل عمارت اصل ڊزائن کان هٽي ڪري آهي. آگسٽ 2011ع ۾ آيل زلزلي سبب عمارت ۾ ڏار پئجي ويا هُئا، جن کي ڏيڍ ڪروڙ ڊالر خرچ ڪري وري اصل شڪل ۾ واپس آندو ويو. جيتوڻيڪ هن عمارت ڏانهن ٻه دفعا ويس ته جيئن ان جي چوٽي تان واشنگٽن شهر ۽ ان سان لاڳاپيل 30 ميل پري تائين جو نظارو ڪري سگهان، پر ٻنهي ڀيري ايڏي ته رش هُئي جو مٿي چڙهڻ جو وارو ئي نه مليو نه ڪو ٽڪيٽ ملڻ جو ڪو آسرو ٿي لڳو. اُتي مهيا ڪيل ڪتابچي مان خبر پئي ته لفٽ به لڳل اٿس، گڏوگڏ مٿاهين تي پهچڻ لاءِ 897 ڏاڪڻيون به ٺهيل آهن. بجلي تي هلندڙ هاڻوڪي لفٽ کان اڳ اُتي ٻاڦ تي هلندڙ لفٽ لڳل هُئي جنهن ذريعي اونچائي تائين پهچڻ خاطر ويهه منٽ لڳندا هُئا، جڏهن ته بجلي واري لفٽ ۾ فقط هڪ منٽ ٿو لڳي....
9. لنڪن ميموريل (Lincoln Memorial):
ابراهام لنڪن کي آمريڪا جو سڀ کان وڌيڪ مقبول رهندڙ صدر سمجهيو وڃي ٿو. ابراهام لنڪن کي آمريڪا جي سڀ کان ڏکئي وقت سول وار يعني گهرو جنگ مان ٻاهر ڪڍي اچڻ لاءِ مک ڪردار ادا ڪيو. هن آمريڪا جي اتحاد کي بچايو، معيشت کي جديد خطن تي استوار ڪيو، حڪومت کي مضبوط ڪيو ۽ غلامي کي ختم ڪيو. سندس اهڙي مرڪزي ڪردار کي مڃتا ڏيڻ خاطر واشنگٽن ۾ پوٽومئڪ ندي جي ڪناري تي 99 فوٽ اوچو يادگار قائم آهي، جنهن ۾ سندس 19 فوٽ اوچو ويٺل حالت وارو مجسمو به سجايل آهي. ابراهام لنڪن جي وقت ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ 36 رياستون هيون، جنهن ڪري سندس يادگار جا پڻ 36 ٿنڀا آهن. لنڪن ميموريل کي هڪ سال ۾ اندازن 60 لک ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا.
مجسمي جي مٿان هي عبارت لکيل آهي؛
IN THIS TEMPLE
AS IN THE HEARTS OF THE PEOPLE
FOR WHOM HE SAVED THE UNION
THE MEMORY OF ABRAHAM LINCOLN
IS ENSHRINED FOREVER
10. (Vietnam Veterans’ Memorial): ويٽنام جي غازين جي يادگار
ويٽنام جي غازين جي يادگار جي ڊزائن ٺاهڻ جي مقابلي ۾ اٽڪل 1400 ماڻهن حصو ورتو، جنهن ۾ يالي يونيورسٽي جي آرڪيٽيڪچر ڊپارٽمينٽ جي مايا لِن جي ٺاهيل هڪ ڊزائن کي چونڊيو ويو، جيتوڻيڪ انهي پروجيڪٽ تي سندس پروفيسر بي گريڊ ئي ڏنو. مايا جي ڊزائن موجب ٻه ٽڪنڊيون ڪاري رنگ جو ديوارون جيڪي پاڻ ۾ 125 ڊگرين جي ڪُنڊ تي جُڙيل ۽ زمين ۾ کُپيل هُجن جن تي 58000 آمريڪي فوجين (جيڪي ويٽنام جي جنگ 1959 کان 1975ع تائين دوران مارجي ويا هُئا) جا نالا اُڪريل هُجن. هرنئين ڳالهه ۽ نئين ڪم جا مخالف ته جتي ڪٿي هوندا آهن، سو هن يادگار تي ماڻهن اعتراض واريا ته ڪو مجسمو هُجي ها ته سُٺو ٿئي ها يا ڪا بلڊنگ ٺاهجي ها. اهڙن ماڻهن کي جواب ڏيڻ کان بهتر اهو سمجهيو ويو ته ٽن سپاهين جو هڪ مجسمو ٺاهي انهي يادگار جي پاسي ۾ هنيو ويو.