ايئرپورٽ ڏانهن ويندي ڊرائيور سان احوال!
پاڻ ئي چيائين ته،
”آئون هتي پاسي ۾ نوڪري ڪريان ٿو.“
مون چيو ته،
”هاڻي پڪ سان گهر ويندو هوندين، ڇا تي ويندين؟“
چيائين ته،
”هتان 4، 5 دوست آهيون هڪ ٽيڪسي واري سان ڳالهايل آهي اهو هِتان کڻندو.“
مون پُڇيو ته،
”سڀ دوست گڏ رهندا آهيو ڇا؟“
چيائين،
”نه، دوست ته ڪونه آهيون، پر ٽيڪسي وارو همراه پاڻ سمجهوتو ڪري هڪ ئي واري ۾ سڀني کي گڏ کڻي ايندو ويندو آهي، نه ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ وقت جو ڪافي زيان ٿو ٿئي، ٻه ٽي گاڏيون روز بدلايون ته باس روز موچڙا هڻي.“ (ان وقت اڃان اُبر يا ڪاريم ٽيڪسي وغيره جي مون کي خبر نه هُئي، ۽ هنن به ان ٽيڪسي جو پرائيويٽ استعمال پئي ڪيو.)
تاڙو ملائيندي چيم،
”يار چالاڪي ۾ ته توهان ذري گهٽ پاڪستاني آهيو.“
پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرايم. چيائين ته،
”يار تمام گهٽ ماڻهو توهان وانگر ايئن پنهنجائپ سان ڳالهائيندا آهن. اميد ته توهان سان وري ملاقات ٿيندي.“
ڪنهن جي منهن ۾ مصري، ڪنهن جو وات گُلاب،
سي ماڻهو لاجواب، لطف جن جي لفظن ۾.
دل ۾ چيم ته وات گُلاب تنهنجو. تيستائين سندس ٽيڪسي اچي پهتي مون کي تڪڙ ۾ ڀاڪر پائي الوداع ڪيائين ۽ ٽيڪسي ۾ ويهندي به هٿ لوڏي کيڪاري بائي بائي ڪيائين.
ايئن ئي ڪجهه دير ۾ مون واري بس به اچي پهتي. بس ۾ چڙهي ڪرايو جمع ڪرائي اچي هڪ سيٽ تي ويٺس. ڊرائيور مون وٽ آيو چيائين ته
”اڃان 10 منٽ آهن، بس پوءِ نڪرندي، تيستائين ڀلا چانهه پي وٺان.“
مون چيو ته،
”ها، بلڪل، ڇونه، ٿڪي به ڏاڍو پيو هوندين، سڄو ڏينهن ٿو بس هلائين. بس هلائڻ وڏي مُصيبت آهي واشنگٽن ۾“
دل ۾ چيم ته هُجي ها بدين_حيدرآباد روٽ تي ڪا ڪوسٽر هلائيندو ته خبر پويس ها ته گهڻين ويهين سئو ٿئي..... هِتي ايئر ڪنڊيشنڊ بس هلائيندي به تڪليف ٿي ٿيس، اهو به واشنگٽن جهڙي شهر ۾ جتي روڊ رستا کليل ۽ نه ڪو موٽر سائيڪل، نه ڪو چنگچي، نه ڪو رڪشا ۽ نه ئي وري ڪو حيدرآباد وارو فور سيٽر. (ٻڌو آهي ته اهي فور سيٽر اصل ۾ جاپانين حيدرآباد جي سوڙهين گهٽين مان ڪچرو کڻي ٺڪاڻي لڳائڻ خاطر گفٽ ڪيا هُئا، جيڪي وقت جي شاهينگن وري عوامي سواري لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا.)
ڊرائيور چيو ته، ”بس يار ڇا ڪجي، ڪرڻو ٿو پوي.“
ائين چئي ڊرائيور لهي ويو. آئون ۽ هڪ ٻيو همراه ويٺا رهياسين. مون سيلفيون ڇِڪڻ شروع ڪيون ته جيئن ٽائيم پاس ٿئي.