ڪنفيوشس ۽ ان جا نظريا
ڪنفيوشس 551ع ۾ رياست لو ۾ پيدا ٿيو، هن جو اصل نالو ڪنگ فوه زي هو جيڪو مغربي ليکڪن بگاڙي ڪنفيوشس ڪري ڇڏيو ۽ هينئر اهو ان ئي نالي سان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. هن جو خاندان گنگ ملڪ جي نهايت معزز خاندانن ۾ ليکيو ويندو هو ۽ اڄ به ان جو بزرگ امير گنگ سڏائيندو آهي. ڪنفيوشس جي پيءُ جو نالو شوليانگ هو، جيڪو تمام گهڻو مضبوط ۽ طاقتور سپاهي هو. پهرين زال مان هن کي 9 ڇوڪريون ۽ هڪ معذور پٽ ٿيو. 70 ورهين جي ڄمار ۾ هن ٻي شادي ڪئي، جنهن مان ڪنفيوشس پيدا ٿيو. هن جي پيدائش ڪوهه ني جي درگاهه ۾ ٿي هئي، ان ڪري هن کي چنگ ني چوڻ لڳا، جيڪو بعد ۾ ڪنگ فوه زي ٿي ويو. جڏهن ڪنفيوشس (3) سالن جو ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ هن جي تعليم جي ذميداري هن جي ماءُ تي اچي وئي، ماءُ ستن سالن جي عمر تائين پاڻ تعليم ڏني ان کان پوءِ هن کي مدرسي ۾ داخل ڪرايائين جتي هو 17 سالن جي عمر تائين رهيو. مدرسي ۾ هو سدائين پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو ۽ وڏن جي عزت ڪرڻ ۾ مشهور هو. مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن کي ٽڀا وڪرو ڪرڻ جي حساب ڪتاب وارو عهدو مليو. جنهن کي هن اهڙي سهڻي نموني انجام ڏنو جو آخرڪار هن جي کاتي جي ماتحت هڪ زراعتي مدرسو قائم ٿي ويو. ٿوري عرصي لاءِ ڪنفيوشس زراعت ۽ چوپائي مال جو به انسپيڪٽر ٿيو پر ان زماني ۾ هن جي ماءُ به وفات ڪري وئي ۽ هن کي مجبوراً (3) سالن لاءِ تنهائي اختيار ڪرڻي پئي. ان وقت کي به هن ضايع ٿيڻ نه ڏنو ۽ ان عرصي ۾ موسيقي ۽ تير هلائڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي. 30 سالن جي عمر ۾ هن ظاهري ۽ باطني علم چڱي نموني حاصل ڪري ورتو ۽ هينئر هن چاهيو ٿي ته هو شهنشاهه ۽ ملڪ جي اصلاح ڪري. ان وقت ملڪ جي عجيب حالت هئي، چو خاندان جي پهرين بادشاهه وووانگ سلطنت حاصل ڪري ان کي 72 ماتحت رياستن ۾ ورهائي ڇڏيو هو ۽ هر هڪ پنهنجي مٽن مائٽن کي ڏئي ڇڏي هئي. ان ڪري پوري حڪومت واقعي هڪ وڏي گڏيل خاندان وانگر ٿي وئي پر جيئن جيئن مٽي مائٽي ۽ پاڻ ۾ محبت جا لاڳاپا پري جا ۽ ڪمزور ٿيندا ويا، تيئن تيئن مرڪزي حڪومت جو اثر پنهنجي ماتحت رياستن تي رڳو نالي ماتر رهندو ويو ۽ اهي ماتحت رياستون پاڻ ۾ ۽ مرڪزي حڪومت سان وڙهڻ ۾ اڳڀريون رهيون، پوءِ رياستن اندر به امن نه رهيو ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪجهه تمام بااثر ۽ وڏا خاندان اهڙا ٿيندا رهيا جيڪي رئيس جي پيءُ خلاف ٿي ويا ۽ رئيس ٿيڻ ٿي چاهيائون. ڪنفيوشس ان لاقانويت ۽ بدنظمي واري زماني ۾ اک کولي، جيتوڻيڪ هن جي ذهن ۾ سلطنت ۽ حڪومت جي ڪا ٻي صورت ته ڪڏهن به نه آئي پر هو ان نظام کي خرابين ۽ براين کان پاڪ ضرور ڏسڻ چاهيندو هو. هن چاهيو ٿي ته جيڪڏهن هڪ طرف رئيس شهنشاهه جي حمايت ۽ اطاعت ۾ گهٽتائي نه اچي ته ٻئي طرف رياست جا خانداني ۽ فوجي اقتدار ڌڻي رئيس جي مدد ۾ ڪوتاهي نه ڪن، سلطنت بابت هن جو نظريو انهن حالتن پٽاندڙ هو. هن چاهيو ٿي ته هو پاڻ حڪومت جو ڪجهه حصيدار بڻجي پنهنجي ڳالهه ماڻهن کان مڃرائي ۽ انهن جي اصلاح ۽ تلقين ڪري، ڇاڪاڻ جو هن جو يقين هو ته جيستائين حڪومت جي پٺڀرائي حاصل نه هوندي، اصلاح ناممڪن آهي ان ڪري هن ڪوشش به ڪئي پر ڪامياب نه ٿيو. انهيءَ ڪري ڪجهه مغربي ليکڪن هن تي رتبي جي طلب جو الزام هنيو آهي، جيڪو اسان جائز نه ٿا سمجهون. هن جي رتبي جي طلب هڪ مقصد جي ماتحت هئي، پاڻ مقصد نه هئي. جڏهن هن سمجهيو ته درٻار ۾ ڪاميابي ممڪن ناهي ته هن طاقت حاصل ڪرڻ جي هڪ ٻي صورت ڪڍي ۽ مطالعي ۽ تربيت حاصل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. معلم جي حيثيت ۾ هن جي شهرت تمام جلد پري پري تائين پهچي وئي ۽ ٿوري عرصي ۾ هن جي چوطرف 3 هزار جانثارن جو ميڙ جمع ٿي ويو. آخرڪار 501 ق م ۾ جڏهن هن جي عمر پنجاهه سال ٿي وئي هئي هن جو مقصد پورو ٿيو ۽ هن کي لو رياست ۾ لو شهر جو ڪوٽوال بڻايو ويو، اهڙي طرح هو عملي طور به سياست ۾ داخل ٿيو، هن معاشرتي سڌارن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ آهستي آهستي لو رياست جي رئيس طنگ جو خاص ماڻهو ٿي ويو. جنهن جي هن هڪ ڀيري همت ۽ بهادري سان حياتي به بچائي هئي، پر اها حالت گهڻو عرصو نه رهي ۽ ڪنفيوشس جي مخالفن عقل کان خالي رئيس جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. پاڙيسري رياست کي لو جي ترقي تي ساڙ ٿيو ۽ اتي جي ماڻهن تمام خوبصورت ڳائڻ وڄائڻ ۾ ماهر عورتون ۽ ڀلا گهوڙا لو جي رئيس کي تحفي ۾ ڏياري موڪليا ته جيئن نيڪ ڪمن کان هن جو ڌيان هٽي وڃي. انهن ڳالهين سان رئيس بلڪل مٽجي ويو ۽ ڪنفيوشس کي استعيفيٰ ڏيئي لو کي الوداع چوڻو پيو. اتان کان هو دشت نوردي لاءِ روانو ٿيو، هن جا شاگرد وري هن جي چوطرف اچي مڙيا ۽ هو پنهنجي شاگردن سان گڏ شهر کان شهر ۽ رياست کان رياست گهمندو رهيو، ان ريگستاني سفر ۾ هن کي اڪثر جسماني تڪليفون سهڻيون پيون، خوف ۽ خطري وارن هنڌن تان گذرڻو پيو، پر هن جو حوصلو ۽ هن جا شاگرد هن سان گڏ رهيا. وي رياست جي سرحد تي جڏهن هڪ آفيسر هن کي ان ساز ۽ سامان سان ڏٺو ته هن جي شاگردن کي چيو ته ”توهان جي آقا جي ترقي ته هاڻ ٿيڻ شروع ٿي آهي.“ ۽ اهو درست به هو، ڇاڪاڻ ته ڪنفيوشس جي شهرت جيتري ايئن شهر شهر وڃڻ سان ٿي اها ٻئي ڪنهن به طرح سان ممڪن نه هئي. 13 سالن تائين ڪنفيوشس اهڙي طرح جهنگ ۾ وڃي رهيو ۽ سخت کان سخت مصيبتون برداشت ڪندو رهيو. نيٺ رئيس هن کي ٻيهر وزارت تي گهرائي ورتو، ڪنفيوشس اهو عهدو قبول ته ڪيو پر هينئر هو پوڙهو ۽ ڪمزور ٿي چڪو هو. هن ۾ اهو اڳ وارو جوش ۽ همت نه رهي هئي، ان لاءِ هن سڌارن ڏانهن پهريان وارو ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجو وقت عملي ڪمن ۾ گذاريو. اعتراض ڪندڙ هتي اهو چون ٿا ته هن ڀيري سڌارن ڏانهن خاموشي ان ڪري هئي جو ڪنفيوشس پهريان وانگر پنهنجو عهدو وڃائڻ نه ٿي چاهيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن پيري هن جي عملي ڪمن ۾ رڪاوٽ نه بڻي ته اصلاحي ڪمن ۾ ڪيئن رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي. ماهرن جو خيال آهي ته شايد ڪنفيوشس تجربي مان اهو معلوم ڪري ورتو هو ته هن وقت ملڪ جي حالت اهڙي آهي جو جيڪڏهن هو پنهنجي سڄي عمر اصلاحي ڪمن ۾ گذاري ڇڏي تڏهن به ڪو مستقل فائدو نه ٿيندو. ان ڪري هن مناسب سمجهيو ته هو پنهنجي تجربن ۽ نظرين جو نچوڙ ڪتابن ۾ ڇڏي وڃي ته جيئن ايندڙ نسل هميشه هميشه جي لاءِ انهن مان سبق حاصل ڪري سگهن. هن جا سمورا ڪتاب ان زماني جا لکيل آهن. آخرڪار 72 سالن جي عمر ۾ هي ولي، سياستدان، فيلسوف، تاريخدان، ملڪ ۽ قوم جو پيشوا ۽ هزارين شاگردن جو شفيق استاد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن کي ڪوهه فوهه هنگ جي مقام تي دفن ڪيو ويو، جتي سندس قبر اڄ تائين حفاظت سان موجود آهي.
ڪنفيوشس جي نجي زندگي بدقسمتي سان خوشي ۽ ڪاميابي سان نه گذري سگهي. اها انتهائي تعجب جي ڳالهه آهي ته ڪنفيوشس جيڪو گڏيل تعلق، پيءُ جي شفقت، پٽ جي سعادت، گهريلو اداب ۽ خانداني اهميت جو سڀ کان وڏو حامي بلڪ هڪ طرح جو تخليق ڪندڙ هو ۽ جيڪو انهن حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي قتل جو حقدار سمجهندو هو ان جي پنهنجي گهر جون حالتون ناخوشگوار هيون. 19 سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ٿي وئي، پر هن جي زال سان نه لڳي ۽ هڪ پٽ ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي، ان پٽ سان به هن جا لاڳاپا بهتر نه رهيا. روايت آهي ته هن سڄي عمر ۾ پنهنجي پٽ سان صرف 2 ڀيرا ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته ان مان هن جي شاگردن اهو نتيجو ڪڍيو ته ”انسان ڪامل“ کي پنهنجي اولاد کان ڪاوڙيل رهڻ گهرجي، ان کان علاوه هن جي پيءُ کي ڳچ اولاد هو ۽ سندس هڪ ئي معذور ڀاءُ هو پر ان معذور ڀاءُ ۽ 9 ڀينرن جو هن جي زندگي ۾ ڪوبه ذڪر نه ٿو اچي. اهو مڃيو ته هو نڳو هو پر ”انسان ڪامل“ مان اها اميد ته ڪري سگهجي ٿي ته هو انهن شين کان مٿانهون هوندو. ڪنفيوشس قداور ۽ مضبوط هٿن پيرن وارو ماڻهو هو، هو سچائي ۽ نيڪي جي جيئري جاڳندي تصوير هو، پنهنجي شاگردن سان هو نهايت سرپرست طور پيش ايندو هو پر موڳن شاگردن کان پريشان رهندو هو. هن جو قول هو ته ”آءٌ صرف انهن شاگرد کي پسند ڪندو آهيان جيڪو هڪ حصو پڙهي 3 حصا پاڻ ڪڍي.“ هو سمورن رائج علمن ۾ رڌل هوندو هو، خاص طور تي هن جي تقرير گهڻي اثرانگيز هوندي هئي.
ڪنفيوشس جي تعليم ۽ فلسفي بابت گهڻي غلط فهمي پکڙيل آهي. ان جو سبب اهو آهي جو هن جي ڪتابن ۾ ان زماني جي روش موجب نه مضمونن ۾ تسلسل آهي نه ئي لکڻي جو ڪو نظام جنهن ڪري ان جو مفهوم سمجهڻ ۾ ڏکيائي ۽ اڪثر غلطي ٿي ويندي آهي. سينگ زو جي ڳوڙهي نظر ڪنفيوشس جي سڄي تعليم جو خلاصو هنن ٻن جملن ۾ ڏسي ٿي، ”پنهنجي فرض جو خيال ۽ ٻين وانگر سٺو عمل ۽ سٺو خيال“. هن جا ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ جيڪو هڪ فوري طور اثر ٿئي ٿو اهو هي آهي ته هو نهايت خشڪ ۽ سخت قسم جو فيلسوف هو جيڪو باطن کان وڌيڪ ظاهر تي زور ڏيندو هو. ڊاڪٽر ليگ، جيڪو ڪيترائي سال چين ۾ رهيو ۽ جنهن پهريون ڀيرو ڪنفيوشس جي ڪتابن جو انگريزي ۾ تشريع سان ترجمو ڪيو هو، چوي ٿو ته ”ظاهري عمل ۾ ادب ۽ قاعدي جو سختي سان لحاظ رکڻ ڪنفيوشس لاءِ گهڻو راهه کان روڪيندڙ ثابت ٿيو. هن جي اخلاقي تعليم نه رڳو هن جي عقل جو نتيجو آهي پر هو قدامت پرستي ۽ قديم قولن جي سرحدن کان محدود آهي. اهڙي طرح هن جي حاڪمن کي اهو شڪ به نه ٿو ٿئي ته هو ان سوچ سان نڪتو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن هڪ طرف آسماني رحمت جو خيال آهي ته ٻئي طرف خلق جي بي وسي ۽ ”الانسان مرڪب الخطا“ جو علم. ان خلاف مسٽر گائلز جي راءِ آهي ته ڪنفيوشس جي فلسفي ۽ تعليم تي ڪنهن به قسم جي اعتراض جو ڪو امڪان ئي ناهي. ان جي ويجهو ڪنفيوشس جي تعليم تمام گهڻي ۽ پنهنجي جاءِ تي بلڪل مڪمل آهي.
هن جي تعليم کي اسان کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ گهرجي. (1) حقوق العباد جو نظريو يا پنجن جي تعلق وارو فلسفو ۽ (2) اخلاقيات يا انسان ڪامل جو فلسفو. اصل ۾ ڪنفيوشس متعلق راءِ ۾ ان قدر اختلاف صرف ان ڪري وڌيو جو انهن ٻنهي شين کي الڳ الڳ سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي، پر اڪثر بي تڪو بحث ڪري اجايا اعتراض يا اعتراف ڪيا ويا.
(1) پنجن جي تعلق وارو فلسفو جنهن کي حقوق العباد جو نظريو به چيو ويندو آهي ڪنفيوشس جي دماغ جو ٿورائتو ناهي. اڪثرمغرب جا ليکڪ جيڪو اهو اعتراض ڪندا آهن ته ڪنفيوشس ڪا نئين شيءِ پيش نه ڪئي اهو صرف ان حقوق العباد جي نظريي تائين ئي درست آهن. چين جو معاشرتي نظام ازل کان ئي رسمن ۾ ڦاٿل هو ۽ پان ڪو جي ئي زماني کان هر ماڻهو جي ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي وئي هئي ته اهي رسمون ئي اصل زندگي، زندگي جو مقصد ۽ زندگي جي انتها آهن. ڪنفيوشس به ان ئي زمين جو اولاد ۽ پيدا ڪيل آهي. هاڻ ان کي اوهان قدامت پرستي چئو يا بيوقوفي. هن به انهن سمورين رسمن کي ضروري سمجهيو ۽ انهن کي باقاعده ۽ منطم ڪري ڪتابي شڪل ۾ ملڪ آڏو پيش ڪيو ۽ ان کي دليلن سان سمجهايو ته اهو ملڪ جي ترقي لاءِ ڪيئن ضروري آهن. سمورن حقوق العباد کي هن پنجن لاڳاپن ۾ ورهايو يعني گڏيل لاڳاپا (1) شهنشاهه ۽ رعيت (2) پيءُ ۽ پٽ (3) مڙس ۽ زال (4) وڏو ڀاءُ ۽ ننڍو ڀاءُ (يا بزرگ ۽ ننڍو) (5) دوست ۽ دوست.
ڪنفيوشس جو انساني لاڳاپن وارو فلسفو فطرت کي سمجهڻ تي ٻڌل آهي، انسان جي فطرت اجتماعي آهي ۽ اهوئي نيڪ آهي. هن جي برخلاف انفراديت ۽ خودي فطري ناهي عادتاً آهن ان لاءِ خراب. اهو ئي سبب آهي جو ڪنفيوشس خلق خدا جي ڀلائي ڪرڻ تي ايترو زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايئن رهو جو ٻين لاءِ اوهان جي زندگي رحمت هجي. جيتوڻيڪ ڪنفيوشس جي ويجهو فرد هڪ وڏي تمدني مشين جو هڪ پرزو آهي ۽ اها مشين خاندان يا گهر آهي، چيني نقطه نظر سان خاندان ننڍي پيماني تي سلطنت آهي. ايئن چوڻ وڌيڪ بهتر هوندو ته سلطنت به خاندان وانگر ئي آهي. وفاقي حڪومتي نظام ۾ اها هڪ جهڙائي تمام واضح هئي. شهنشاهه پنهنجي رئيسن لاءِ پيءُ وانگر هوندو هو ۽ رئيس پاڻ ۾ ننڍن وڏن ڀائرن وانگر، رئيس پنهنجي پنهنجي رعيت جي پيءُ برابر هوندا هئا. (يا گهٽ ۾ گهٽ ٿيڻ گهرجن.)
مشين جي صحيح طور تي هلڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته هر هڪ پرزو پنهنجو ڪم ٻين پرزن سان ملي ۽ مستري جي مرضي موجب ڪري. خاندان ۾ اها شيءِ پيءُ جي مرضي موجب هلڻ سان حاصل ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ پيءُ جو پنهنجي خاندان تي مڪمل اختيار مڃيو ويو آهي. اهو اختيار ظالماڻو نه پر فطرت موجب آهي. پيءُ ۽ اولاد جي تعلق ۾ ظلم بدران محبت ۽ نرمي فطري آهي. اها ئي چيني ”خودارانه سعادت مندي“ جي اصليت آهي. جنهن جو ذڪر چيني اخلاقيات ۾ ايتري قدر آهي، پر ان سان گڏ پيءُ تي به فرض قائم ڪيا ويا آهن جيڪي هن قصي مان چڱي طرح ظاهر ٿين ٿا. ڪنفيوشس جي وزارت واري زماني ۾ هڪ شخص پنهنجي پٽ کي وٺي آيو ۽ ان جي خراب رويي جي تدارڪ جي گهر ڪئي. ڪنفيوشس ٻنهي کي 3-3 مهينا سزا ڏئي ڇڏي، ان تي هن جي ساٿي چي هو اعتراض ڪيو ۽ چيو ته ”تون پاڻ ئي چوندو آهين ته اولاد جي اطاعت سڀ کان اهم شيءِ آهي ته پوءِ تون هينئر ڇو ان بداخلاق پٽ کي موت جي سزا نه ٿو ڏين ته جيئن سڀني کي عبرت ٿئي.“ ڪنفيوشس چيو ته ڏوهه ٻنهي جو آهي، هن پيءُ به ته پنهنجي پٽ کي ڪڏهن اطاعت جي تعليم نه ڏني. مقصد جي ڳالهه ته مشين جي صحيح ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ طرف ننڍن ۾ اطاعت ۽ ٻڌي هجڻ گهرجي ۽ ٻئي طرف وڏن ۾ محبت، نرمي ۽ خيرخواهي. ان ٻه طرفي اتحاد واري عمل جي معاملي کي چيني تهذيب ۾ لي چوندا آهن جنهن جو ترجمو ”اخلاق“ ڪيو ويو آهي ۽ ان تي سمورا پنج ئي تعلق ٻڌل آهن.
ڪنفيوشس ڏٺو ته اهو عام قاعدو جيڪو خاندان جي بهبود ۽ نظام لاءِ ڪارگر هوندو آهي اهوئي سلطنت تي به برابر هوندو آهي. جنهن کي ملڪ جو سڀ کان وڏو خاندان چئي سگهجي ٿو. هتي شهنشاهه پيءُ جي جاءِ تي آهي، جنهن کي سمورا اختيار حاصل آهن، اتي هن جا فرض به اوترائي سخت ۽ اهم آهن. عزت ۽ اطاعت جو هو صرف ان وقت حقدار آهي، جيستائين هو رعيت جي ڀلائي پنهنجو فرض سمجهي. هتي به رعيت ۽ شهنشاهه جا اهي ئي ادب آهن پر جڏهن ته شهنشاهه لاءِ اهو ممڪن ناهي ته هو پنهنجي رعيت جي هر فرد سان ذاتي ميل ميلاپ رکي سگهي ۽ نه ئي رعيت انفرادي طور پنهنجي اطاعت جو اظهار شهنشاهه سان ڪري سگهي ٿي، ان ڪري ان اظهار کي اشاري طور پر مقرر وقت تي ضروري سمجهيو ويو آهي ۽ اهي لاڳاپا ۽ طريقا لاڳو ڪيا ويا جن جو ڪنفيوشس ماهر سمجهيو ويندو هو.
(2) ”اخلاقيات يا انسان ڪامل“ جو نظريو، هتي ڪنفيوشس جو تخيل ايتري قدر پاڪ ۽ بلند آهي جو جنهن جو مثال نٿو ملي سگهي، هن جي تعليم جا اصول دنياوي، دينوي فائدي تي ٻڌل ناهن. فائدو حاصل ڪرڻ ڀل اهو ڪاميابي جي شڪل ۾ هجي يا ٻي دنيا ۾ ڇوٽڪاري جي صورت ۾، ان جي اخلاقي اصولن جو چشمو ناهي. ”نيڪي صرف نيڪي لاءِ“ هن جي تعليم جو تت آهي. هن جي ان نقطه نظر سان جيڪڏهن نيڪي ڪنهن ٻئي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي يا برائي کان عذاب جي خيال سان بچايو وڃي ته اها نيڪي ناهي پر اها چالاڪي يا هوشياري ٿي ويندي آهي. ٿورو ان تعليم جي مقابلي ۾ دنيا جي ٻين اخلاقي علمن کي ڏسو ڀلي ڪيترو ئي لڪايو وڃي پر نيڪ ڪمن ڏانهن رجحان فائدي جي خيال سان ڏياريو ويندو آهي ۽ عذاب جي ڊپ کان بدي کان بچايو ويندو آهي. ان ڪري اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي ته ڪنفيوشس جو فلسفو جيڪو ڪنهن به قسم جي بخشش يا انجام جو واعدو نه هن دنيا ۾ ڪري ٿو ۽ نه ئي آخرت ۾، ان ڪري ڪامياب ٿيو. هن جي مذهب ۾ ٻين مذهبن وانگر سزا ۽ جزا جو خوف يا ترغيب ناهي. ٻڌمت جيتوڻيڪ خدا جي وجود کان منڪر آهي، پر ان شي کان خالي ناهي ڇو جو اتي به دل جي پاڪائي لاءِ ”يزدان“ جي ترغيب آهي ۽ ماڻهن لاءِ جن جا دل پاڪ ناهن بي شمار سختيون رکيل آهن.
اهي اخلاقيات جا اصول سڀني لاءِ هئا پر خانداني تنظيم ۾ ئي ڪنفيوشس اها قدرتي طاقت ڏٺي جيڪا نيڪي پيدا ڪرڻ ۽ نيڪي کي عام ڪرڻ لاءِ پارس ثابت ٿي ٿي سگهي. يعني انسان جي نقل ۽ پيروي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ عادت. جيڪڏهن خاندان جو سرپرست پاڻ ئي نيڪي جو مثال هجي ته ان خاندان جا سڀ ماڻهو عادتاً نيڪ ٿي ويندا. اها ئي مناسبت شهنشاهه ۽ رعيت جي به آهي. جيتوڻيڪ ڪنفيوشس صاف طور تي اعلان ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن شهنشاهه پاڻ پنهنجي عمل ۾ صحيح هوندو ته رعيت بغير چوڻ جي پنهنجو فرض پورو ڪندي. نه ته هونئن ڪوبه حڪم يا سختي بيڪار ثابت ٿيندي. هن جو قول آهي ته ”بادشاهه هوا وانگر آهي ۽ رعيت گاهه جهڙي ڇاڪاڻ ته گاهه جي فطرت ۾ آهي ته هوا جي رخ موجب جهڪي پوي.“
ان فلسفي جي ڪمزوري ظاهر آهي ته هر بادشاهه ڪنفيوشس ته نه ٿو ٿي سگهي. جيستائين بادشاهه جي چونڊ جو ڪو عمل جوڳو طريقو معلوم نه ٿي سگهي جيڪو رڳو ذاتي خوبين تي ٻڌل هجي اهو تقريباً ناممڪن آهي ته هر ڀيري بادشاهه اهڙو هجي جيڪو رعيت لاءِ مثال ثابت ٿئي. تعليم ۽ تربيت به هميشه ڪارگر ثابت ناهي ٿيندي. خود ڪنفيوشس جو قول آهي ته ”ڳريل ڪاٺي تي چٽسالي نه ٿي ٿي سگهي.“ تعلقات واري فلسفي ۾ جيڪا شي بار بار ڏکي لڳي ٿي اها هن جو ظاهر ۽ غير ضروري شين تي زور ڏيڻ آهي. ان ۾ ڪابه شيءِ جذباتي ناهي، ڪو عادتاً يا عقلاً ان تي عمل ڪري ته ڪري پر ان لاءِ دل ۾ چڻنگ ٻرڻ جي خبر ناهي. ٻيو ته هن جو انساني فطرت بابت نظريو ٺيڪ نه ٿو لڳي. اهو چوڻ ته انفراديت يا خودي غيرفطري آهي درست ناهي. سڀ کان پهريون ۽ پختو جذبو اهوئي آهي، اخلاقيات ۾ جيتوڻيڪ ڪفنيوشس جو تخيل تمام بلند آهي پر اها تعليم ڪجهه علمي دماغن لاءِ دلچسپي جو باعث بڻجي ته بڻجي سگهي ٿي، عام ماڻهو لاءِ ته ان ۾ نفعي کان وڌيڪ نقصان آهي. ان جي موجودگي سان ڏوهن ۾ اضافو ٿيڻ لازمي آهي. سزا ۽ جزا جو تخيل ڪنفيوشس يا غالب لاءِ ته فضول ٿي سگهي ٿو پر 99 سيڪڙو ماڻهن لاءِ تمام ضروري آهي.
ڪنفيوشس تي هر طرح جا الزام لڳايا ويا آهن ۽ عجيب و غريب اعتراض واريا ويا آهن. اهي سڀ عيسائي پادرين جون ڏاڍايون آهن، پادري جين لنگز ته انهن حرڪتن ۾ سڀني کان اڳڀرو هو. هو ڪنفيوشس کي مغرور، خودغرض ۽ بدمزاج چوندو هو. جڏهن ته اهو نه ڏٺو ويندو هو ته اهڙو ماڻهو 3 هزار جانثار ۽ مصيبتن ۾ ساٿ ڏيندڙ شاگرد ڪيئن ٿو گڏ ڪري وٺي.
ان کان پهريان جو اسان هن جا قول نموني طور پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون مسٽر گائلز جي آخري راءِ به پيش ڪجي ٿي. هو چوي ٿو ته ”جيتوڻيڪ هن تي الزام ته تڪراري شيءِ جا لڳايا ويندا هئا پر حقيقت ۾ ڪنفيوشس خيال پرست هو.“ اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هو بلڪل ناممڪن شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ نتيجي جي اميد کان سواءِ دل ۽ جان سان لڳو پيو هوندو هو. هڪ چيني جو ئي قول هن جي زندگي جو تمام بهترين نقشو ڇڪي ٿو. هو چوي ٿو ته ”ڪنفيوشس ان شيءِ کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳو پيو هوندو آهي جنهن بابت کيس خبر آهي ته اها حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي.“ بنا ڪنهن شڪ جي هن بابت چئي سگهجي ٿو ته دنيا ۾ ڪنهن به ماڻهو پنهنجي هم جنسن جي ڀلائي لاءِ ان قدر گهٽ ڪاميابي جي اميد جي باوجود ايتري قدر دل ۽ جان سان محنت ناهي ڪئي. اهو چوڻ به غلط هوندو ته ڪنفيوشس جو مشن ناڪام ويو. جنهن قدر تقليد جي مثال جي هن کي چين جي رئيسن ۾ تلاش هئي آخرڪار اهو مثال هو پاڻ ثابت ٿيو ۽ پنهنجي هم وطنن جي دلين ۾ هن هميشه لاءِ جاءِ ٺاهي ورتي. نتيجن جي لحاظ سان به جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن جي مرڻ کانپوءِ جيڪو اثر هن جي تعليم جو چيني خلق تي ٿيو ان کي ڏسندي هن کي دنيا جي ڪامياب ترين ماڻهن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. هو ٻڌ، ابن مريم ۽ رسول عربي صه جي صف ۾ نظر اچي ٿو ۽ اها صف اهڙي آهي جو انهن چئن کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي ان ۾ گنجائش ناهي.
ڪنفيوشس جا ڪل 9 ڪتاب آهن ۽ سمورا ڪنفيوشس جي تعليم جا حامل آهن. پر حقيقت ۾ انهن مان پنج اهڙا آهن جيڪي ڪنفيوشس پاڻ لکيا يا ترتيب ڏنا. انهن کي ڪنگ چيو ويندو آهي. باقي 4 هن جي وفات کانپوءِ هن جي شاگردن لکيا، اهي يا ته ڪنفيوشس جي ڪتابن جي تشريح آهن يا هن جا قول آهن يا هن جي شاگردن جا قول، انهن کي شو چيو ويندو آهي.
(1) شوڪنگ يعني چين جو مقدس ڪتاب: جنهن ۾ يا اؤ (جيڪو حضرت نوح جو همعصر هو) کان وٺي 619 ق م تائين جون حالتون آهن. مسٽروليم جي بقول ان ۾ هنن جي سياست جا اصول، تاريخ، مذهبي رسمون، جنگ جا اصول، موسيقي ۽ نجوم مطلب ته سڀ ڪجهه جمع آهي.
(2) شي ڪنگ يعني نظمن جو مقدس ڪتاب: هي شعرن ۽ نظمن جو مجموعو آهي جيڪي رئيسن جا شاعر موقعي جي مناسبت سان شهنشاهن ڏانهن نذراني طور موڪليندا هئا. انهن ۾ گهڻو ڪري تاريخي نظم ۽ ڳوٺاڻا گيت آهن. ٽوٽل 311 نظم آهن، انهن ۾ 11 نظم شانگ خاندان (800 ق م) جا آهن ۽ باقي 300 چو خاندان جي زماني جا آهن.
(3) پي ڪنگ يعني تبديلي جو مقدس ڪتاب: هي ڪتاب پهريان 1150 ق م ۾ وووانگ قيد ۾ لکيو هو، ڪنفيوشس ان جي تفصيل سان تشريح ڪري شايع ڪيو. هي رمل ۽ جعفر جي علم تي آهي ۽ هن ۾ 64 بيتن جي تشريح آهي.
(4) لي ڪي يعني اخلاق ۽ رسمن جو مقدس ڪتاب: هي جيتوڻيڪ ڪامل انسان جو مڪمل نصاب آهي هن ۾ سموريون رسمون تفصيل سان لکيون ويون آهن. مسٽر ڪيلري جو خيال آهي ته هي ڪتاب چينين جو بهترين ۽ تمام اهم سرمايو آهي.
(5) چُن سِن يعني بهار ۽ خزان جو مقدس ڪتاب: مٿيان ڪتاب لکيل نه پر ترتيب ڏنل هئا جيتوڻيڪ ڪنفيوشس جو ان ۾ وڏو هٿ هو پر هي ڪتاب مڪمل طور هن جو ئي لکيل آهي. هي لو رياست جي تقريباً اڍائي سو سال جي تاريخ آهي. من سن اس هن بابت لکيو آهي ته ”دنيا ۾ جهالت پکڙيل هئي، سچائي ۽ حقيقت جي ڪابه اهميت نه رهي هئي، ڪنفيوشس خدا کان ڊنو ۽ هن هي ڪتاب لکيو ته جيئن هدايت ٿئي.“ پر اهو مڃڻو پوندو ته هي ڪتاب بلڪل اميد موجب ناهي، هن ۾ ڪابه ڳالهه هدايت جي ناهي. هي ته صرف ان وقت جي ڊائري آهي، خراب کان خراب ڳالهه به هن ۾ ايئن ئي لکي وئي آهي جيئن ڪا سٺي کان سٺي ڳالهه. نه هڪ کي خراب چيو آهي نه ئي ٻئي جي تعريف ڪئي آهي. هن ان جو فائدو ڏيکاريو آهي نه ئي نقصان. ڊاڪٽر ليگ وغيره جو خيال آهي ته ”هي ڪتاب بلڪل اهڙو ناهي جو ڪنهن اعليٰ تعريف جو مستحق هجي، نه زبان نه ادا، نه سبق نه نتيجو، نه تفصيل نه فلسفو.“
چار شُو هيٺيان آهن
(1) لن يو يعني قولن جو ڪتاب: هن ۾ ڪنفويشس جا اهي قول آهن جيڪي هن جي شاگردن وقفي وقفي ٻڌا ۽ گڏ ڪيا هئا.
(2) طائي هيان يعني علم اعظم جو ڪتاب: هن ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن انسان پهريان ولي ۽ پوءِ بادشاهه بڻجي سگهي ٿو، هي ڪنفيوشي اخلاقيات جو ڪتاب آهي.
(3) چُنگ يُنگ يعني سراسري اصولن جو ڪتاب: هن کي ڪنفيوشس جي پوٽي ترتيب ڏنو جيڪو پنهنجي ڏاڏي جي تعليم جي ماهرن مان هو.
(4) من سي اس يعني من سي اس جو ڪتاب: هن ۾ 10 ولي الله ۽ ڪنفيوشس جي خليفي جا قول آهن.
ڪنفيوشس جا قول
• سختي، ظلم ۽ سزا جي دٻاءَ سان جن ماڻهن تي حڪومت ڪئي ويندي آهي اهي جيتوڻيڪ قانوني طور تي ته ڏوهه ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن پر انهن جا اخلاق بلڪل برباد ٿي ويندا آهن، پر نيڪ حڪومت ۽ پنهنجي ضمير ۽ اختيار جي ماتحت رعيت نه رڳو ڏوهن کان بچيل رهندي آهي پر گناهه کان به محفوظ رهندي آهي جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ هڪ صدي تائين مسلسل سٺا حڪمران ٿيندا رهن ته گناهن ۽ ڏوهن جو وجود ئي نه رهندو ۽ موت جي سزا پنهنجو موت مري ويندي.
• حڪومت اها ڀلي جنهن جي رعيت خوش ۽ ڌاريا ان جي ماتحت اچي رهڻ چاهين.
• ”ڪامل انسان“ اهو جنهن کي پنهنجي گمنامي کان ڊپ ۽ پريشاني ناهي هوندي.
• نيڪي ۽ سچائي کي ڄاڻڻ بهتر آهي، ان کي پسند ڪرڻ ان کان به بهتر آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ سڀ کان بهتر آهي.
• ولي اهو آهي جيڪو نيڪ خيال رکي ٿو ۽ دوکي ۽ فراڊ جو خيال ٻين لاءِ نه ٿو رکي پر اهي برائيون ظاهر ٿي وڃن ته انهن کي فوري طور سڃاڻڻ ۾ دوکو ناهي کائيندو.
• ٻين لاءِ اهو نه ڪر جيڪو تون چاهين ٿو ته ٻيا تنهنجي لاءِ نه ڪن.
• مون کي ان ڳالهه جو ڏک ناهي ته ماڻهو مون کي نه ٿا سڃاڻين پر مون کي اهو ڏک آهي ته آءٌ ماڻهن کي نٿو سڃاڻان.
• نيڪي پيدا نه ڪري سگهڻ، پنهنجي علم جو جائزو نه وٺي سگهڻ، رستو ڏسي وٺڻ کان پوءِ به ان تي نه هلي سگهڻ (مطلب آهي قد ما جي پيروي نه ڪري سگهڻ) ۽ پنهنجي غلطين جي اصلاح نه ڪري سگهڻ، منهنجي ڏک جا ڪارڻ آهن.
• آءٌ ان کي ڪجهه ڪونه ٿو سيکاري سگهان جيڪو سکڻ جو خواهشمند نه هجي. جيڪڏهن هڪ حصو پڙهڻ کان پوءِ شاگرد 3حصا اڳتي پاڻ نه ڪڍي سگهي ته آءٌ سبق کي ناهيان دهرائيندو.
• منهنجو علم الله جي طرف کان ڏنل ناهي، آءٌ ته قدما ۽ قدامت جي پرستارن مان آهيان ۽ انهن جو ئي سچي دل سان مطالعو ڪندو آهيان.
• جيڪڏهن مان ٻن قسمن جي ماڻهن سان گڏ هوندو آهيان ته ٻنهي کان ڪجهه حاصل ڪندو آهيان. هڪ جي چڱائي کي سکي ٻين تائين پهچائيندو آهيان ۽ ٻئي جي برائي کان سبق حاصل ڪندو آهيان ۽ پنهنجي اصلاح ڪندو آهيان.
• الله جي طرفان علم ۽ ڪامل نيڪي منهنجي حصي ۾ نه آئي، آءٌ ته پاڻ جنهن شيءِ کي صحيح سمجهان ٿو ان ۾ پوءِ ڪسر ناهيان ڇڏيندو ۽ نه ئي ٻين کي ٻڌائيندي ٿڪبو آهيان.
• تصور ۽ ڌيان، گيان ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ ڪجهه به نه کائيندو هئس ۽ رات جو نه سمهندو هئس پر ان طرح مون ڪابه شيءِ حاصل نه ڪئي، محنت ۽ مطالعو انهن شين کان گهڻو بهتر ثابت ٿيو.
• طبعيات ۽ روحانيت کان هٽي ڪم ڪرڻ تمام گهڻو نقصانڪار آهي.
• ختم ٿيل معاملن تي بحث ڪرڻ، ناقابل علاج جي شڪايت ڪرڻ ۽ گذريل شين تي تنقيد ڪرڻ بيوقوفي آهي.
• اهڙو ماڻهو ملڻ مشڪل آهي جيڪو نفس تي ضابطو آڻڻ ۾ زيادتي جو قصوروار بڻيو هجي (يعني ڀلي ڪيترو به ضابطو آڻجي پر اهو ضرورت کان وڌيڪ ڪڏهن ناهي هوندو). چڱائي ڪڏهن به اڪيلي ناهي رهندي ان جي ويجهو جلد پاڙيسري اچي رهندا آهن (يعني چڱائي چڱائي کي ڇڪيندي آهي.)
• فضول خرچي سان تڪبر پيدا ٿيندو آهي ۽ ڪنجوسي سان ماڻهو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو آهي پر اها تڪبر کان پوءِ به بهتر آهي.
• جيڪڏهن مناسب ۽ حد جي اندر نه هجي ته مهمان نوازي تڪليف ڏيندڙ ٿي ويندي آهي.
• دورانديشي بزدلي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، بهادري سختي ۽ ظلم بڻجي ويندي آهي ۽ صاف ڳالهه ڪرڻ بدتميزي ۽ گستاخي.
• جيڪو بجاءِ ٻين جي پاڻ پنهنجي ذات تي اميد رکندو آهي اهو نفرت کان محفوظ رهندو آهي.
• جتي تعليم آهي اتي ذات پات جو فرق ممڪن ناهي.
• اعليٰ ترين ماڻهو اهو آهي جنهن جو علم الله طرفان ڏنل هجي، پوءِ اهو جنهن جو علم ذاتي هجي ان کانپوءِ اهو جيڪو جيتوڻيڪ ذهين نه هجي پر سکڻ جي ڪوشش ڪندو هجي جڏهن ته اهو سڀني کان ويل آهي جيڪو نه ذهين آهي نه ئي سکڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.
• انسان جي فطرت ساڳي آهي، ان جون عادتون ان کي هڪ ٻئي کان الڳ ۽ مخالف ڪري ڇڏينديون آهن.
• ڇوڪرين ۽ نوڪرن سان صحيح رويو اختيار ڪرڻ سڀ کان مشڪل آهي، جيڪڏهن انهن سا بي حجابي اختيار ڪجي ته اهي بدتميزي تي لهي ايندا آهن ۽ جيڪڏهن انهن سان اوپرو ۽ بخيل رويو رکجي ته اهي ناراض ٿي ويندا آهن.