باڪسرز جو هنگامو
ان زماني ۾ ڪانگ يودي نالي (هي شخص ڪنٽين جو رهاڪو هو) هڪ محقق جي ڪتابن وڏي شهرت ماڻي. پٽيراعظم جي سوانح حيات، انگلستان جون آئيني تبديليون ۽ ترڪي جو زوال هن جا بهترين ڪتاب آهن. اهي ڪتاب چين جي شهنشاهه جي مطالعي هيٺ رهندا هئا. ڪانگ يودي هڪ رسالو به شايع ڪندو هو. عوام کيس موجوده وقت جو ڪنفيوشس سمجهندو هو. هن کي شاهه جي حصار ۾ ويجهڙائي حاصل هئي ۽ شهنشاهه اڪثر هن جي مشورن تي عمل ڪندو هو. شهنشاهه نون خيالن ۽ سائنس جي ايجادن مان گهڻو متاثر هو، اڪثر ان موضوع تي ڳالهائيندي چوندو هو:
”چين ۾ ذهين ماڻهن جي کوٽ ناهي، چيني به يورپ ۽ آمريڪا جي رهاڪن وانگر ايجادون ڪري سگهن ٿا پر پراڻن خيالن ۽ رسمن جي پيروي ۽ وسوسن انهن لاءِ ترقي جون راهون بند ڪري ڇڏيون آهن.“
شهنشاهه عزم ڪيو ته ڀل ڪجهه به ٿي پوي پراڻن رواجن ۽ رسمن کي ختم ڪيو ويندو. 1898ع جي شروع ۾ هن 118 غيرملڪي ڪتاب، نقشا، ڌرتي جو گولو ۽ چارٽ خريد ڪيا. ان کان علاوه هن جولاءِ 1898ع ۾ سماجي ۽ تعليمي اصلاح لاءِ جيڪي حڪم جاري ڪيا انهن جو مطلب هي هو.
(1) پيڪن ۾ نيون يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن.
(2) ريلوي لائين کي وڌيڪ وسعت ڏني وڃي.
(3) تعليم جي موجوده طريقي کي بدلايو وڃي.
(4) آرٽ، سائنس ۽ زراعت جي ترقي لاءِ مؤثر تدبيرون اختيار ڪيون وڃن.
(5) اهي سموريون خرابيون ختم ڪيون وڃن جن سان ملڪ جي ترقي رُڪي پئي آهي.
فوتي شهنشاهه جي ماءُ ملڪه زوشي انهن سڌارن کي پنهنجي ۽ پنهنجي خيرخواهن جي حق ۾ نقصانڪار سمجهندي مخالفت شروع ڪري ڇڏي. ملڪه جي راءِ هئي ته ماديت طرف چينين جو رجحان انهن مغربي طاقتن کي فائدو پهچائيندو جيڪي چين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري پاڻ ۾ حصا پتيون ڪرڻ گهرن ٿيون. شهنشاهه کي ملڪه جي خراب ارادن جي خبر پئجي وئي ۽ هن يو آن شي ڪائي کي حڪم ڏنو ته ملڪه کي گرفتار ڪيو وڃي. يو آن شي ڪائي ان تي عمل ڪرڻ بجاءِ سموري فوج ملڪه جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ملڪه شهنشاهه کي اهو اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته:
”جيتوڻيڪ ملڪه زوشي ان کان پهريان به اڪثر نازڪ وقتن تي حڪومت جي ڳنڀير مسئلن کي حل ڪندي رهي آهي، ان لاءِ کيس ريجنٽ مقرر ڪيو ٿو وڃي ته جيئن مابدولت سلطنت جي معاملن ۾ سندن مفيد ۽ دانشمنداڻن مشورن مان فائدو حاصل ڪري سگهن.“
ان اعلان کان پوءِ شهنشاهه زندگي جا باقي ڏينهن نظربندي جي حالت ۾ گذاريا. هن کان سمورا اختيار کسيا ويا ۽ پراڻن صلاحڪارن کي قتل ڪيو ويو. ڪانگ يودي وڏي مشڪل سان جان بچائي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. (ملڪه اقتدار ۾ ايندي ئي ڪانگ يودي جي گرفتاري تي انعام مقرر ڪري ڇڏيو هو.) ملڪه 22 سيپٽمبر 1898ع تي حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ شهنشاهه جي انهن سمورن حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو جيڪي هن سماجي ۽ تعيلمي اصلاح لاءِ جاري ڪيا هئا. هن بظاهر پرڏيهي طاقتن جي قبضي کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو، هڪ سرڪاري اعلان جا لفظ هي هئا:
”غيرملڪي طاقتون ڪاوڙيل چيتن وانگر اسان کي تڪي رهيون آهن ۽ اسان جي اندرين علائقن کي ڦٻائڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهن ٿيون. هنن کي خبر آهي ته چين وٽ فوج ناهي، هو اسان سان وڙهڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. اهي ان حقيقت کان بيخبر آهن ته ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جن لاءِ چين ڪهڙي به طرح راضي نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن اسان کي وڌيڪ مجبور ڪيو ويو ته ان کان سواءِ ڪو چارو نه رهندو ته اسان پنهنجي مقصد جي صداقت تي يقين رکندي غاصبن جي مقابلي ۾ متحد تي وڃون.“
مانچو خاندان جي مخالفت ۾ جيڪي ڳجهون انجمنون هيون، انهن ۾ آءِ هو چوان گهڻي مشهور ۽ طاقتور هئي. (اها انجمن عوام ۾ باڪسر جي نالي سان مشهور هئي.) ملڪه ان انجمن کي اپيل ڪئي ته شاهي خاندان جي مخالفت بدران غيرملڪي اقتدار جي مخالفت ڪري. باڪسر ملڪه جي مشوري کي مڃي ورتو، ان انجمن جا ميمبر پنهنجي طاقت کي ناقابل فتح سمجهندا هئا ۽ غيرملڪي طاقتن خلاف هنن جو جوش، نفرت ۽ ديوانگي جي حدتائين پهچي ويو هو. باڪسر جي غصب جو پهريون نشانو اهي عيسائي تبليغي بڻيا جيڪي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندا هئا. شائٽنگ ۾ چرچ آف انگلينڊ جو هڪ تبليغي قتل ڪيو ويو. ٽنگفو ۾ به ٻن تبليغين جو ساڳيو ئي انجام ٿيو. هڪ مشهور واقعي نگار جو بيان آهي ته ان فساد ۾ 120 پروٽسنٽ تبليغي، 53 ٻار، 35 رومن ڪيٿولڪ پادري ۽ 9 سسٽرز کي قتل ڪيو ويو. مقتول ڪجهه انگريز هئا، ڪجهه آمريڪي ۽ ڪجهه سوئيڊن جا تبليغي هئا. انهن سان گڏ ڪيترائي نوان عيسائي چيني به قتل ڪيا ويا. ڪجهه ناليوارن چيني عهديدارن عيسائين خلاف تحريڪ کي پوري طاقت سان روڪيو نه ته جاني نقصان جي لسٽ شايد ڊگهي هجي ها.
باڪسرز ملڪ اندر پرڏيهي اثر کي ختم ڪري گادي واري هنڌ ڏانهن وڌڻ لڳا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ غيرملڪي سفارتخانن جو تعلق پرڏيهي دنيا سان بلڪل ڪٽجي ويو. ريزرو سپاهي انهن جي حفاظت لاءِ ناڪافي هئا. عام طور تي اهو خيال ظاهر ڪيو پئي ويو ته جن غيرملڪي سفيرن کي گهيري ۾ آندو ويو هو انهن مان هڪ به بچي نه سگهندو. جاپاني سفارتخاني جي چانسلر سوگو کي 11 جون تي قتل ڪيو ويو. جرمن سفير بيرن فان ڪيٽل کي به 12 جون تي قتل ڪيو ويو ان ئي ڏينهن پروفيسر جيمس گم ٿي ويو بعد ۾ خبر آئي ته هو قتل ٿي ويو آهي. گهيرو ڪرڻ وارن سفارتخانن تي وڌيڪ سخت حملا نه ڪيا. جنهن مان معلوم ٿيو ٿي ته ان سلسلي ۾ منجهن ڪجهه اختلاف هئا، ان دوران ملڪه ٻه ڀيرا غيرملڪي سفيرن لاءِ فروٽ، کاڌو ۽ ٻيون شيون موڪليون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پرڏيهي سفارتڪارن جي مدد لاءِ فوجي دستو پهچي ويو ۽ ان گهيراءُ ۾ هنن جا 60 سپاهي مارجي ويا، 131 زخمي ٿيا. کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان تقريباً ختم ٿي ويو هو. 4 آگسٽ تي جاپاني، فرانسيسي، روسي، جرمن، اٽلي ۽ برطانيه جون فوجون گهيري ۾ آندل پرڏيهي سفيرن جي مدد لاءِ پهچي ويون. 14 آگسٽ تي سکن جو هڪ دستو جنرل گيلي جي ڪمان ۾ گهيري ۾ آندلن وٽ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. بيجنگ ۾ پرڏيهي فوجن جي اچڻ شرط ئي ملڪه ۽ شهنشاهه پنهنجي خاص ماڻهن سان گڏ گادي واري هنڌ کان سيانفو ويجهو هڪ عبادتگاهه ڏانهن هليا ويا. ويندي وقت ملڪه سامراجي قوتن کي ”فسادين“ کي چٿڻ جو پيغام ڏئي وئي. گهيري ۾ آندلن کي ڇڏائڻ کان پوءِ پرڏيهي فوج ٽنگچو ۾ جيڪا رتوڇاڻ ڪئي ان بابت هڪ اکين ڏٺي شاهد جو بيان آهي ته:
”ان افسوسناڪ واقعي سان هر سفيد فام ماڻهو جا لڱ ڪانڊارجي ويندا ته باڪسر ته رڳو 40 تبليغي عورتن ۽ 25 ٻارن کي ئي قتل ڪيو هو پر پرڏيهي فوج صرف هڪ ٽنگچو ۾ جنهن جي باشندن ڪابه مزاحمت نه ڪئي هئي، اهي ظلم ڪيا جو اعليٰ خاندان جي 70 عورتن شرمناڪ زندگي گذارڻ تي موت کي ترجيح ڏني.“
مطلب اهو ته اتحادي فوجن جنهن بي دردي ۽ بربريت سان بيجنگ ۽ ٻين شهرن کي لٽي برباد ڪيو اها منگولن جي بربريت کي به مات ڏئي وئي. پرڏيهي سپاهين جي باهه چينين جي گهرن ۽ دڪانن کي لٽڻ کانپوءِ وسامي وئي. پهريان برطانيه پوءِ جاپاني فوج نظم ۽ ضبط قائم ڪيو. سامراجن اعلان ڪيو ته اهي چين ۾ جنگ ڪرڻ نه پر چين ۾ فسادن تي ڪنٽرول ڪرڻ، امن بحال ڪرڻ ۽ بغاوت کي چٿي چين جي جائز حڪومت کي بحال ڪرڻ آيا هئا. باڪسر تحريڪ ته ختم ٿي وئي پر ان سان سامراجن کي اهو پيغام ضرور مليو ته جيڪڏهن انهن چين کي سڌوسنئون ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين اهڙين ڪيترين ئي بغاوتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو. سيپٽمبر 1900ع ۾ فيلڊ مارشل جنرل فان والڊرس جي ڪمان ۾ جرمن فوج چين جي سامونڊي پٽي تي لٿي ۽ نقصان جو ڏنڊ وصول ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر اڳتي وڌڻ لڳي پر اها چين جي خوشقسمتي هئي جو ان وقت سياسي مخالفت سبب پرڏيهي طاقتن ۾ ڏڦير پئجي ويو هو. روس چين کان ڳري ڏنڊ جو مطالبو ته ڪري رهيو هو پر ٻين طاقتن سان تعاون نه پئي ڪيائين. چيني حڪومت سان نقصان جي ازالي لاءِ جيڪا ڳالهه ٻولهه شروع ٿي هئي ان جي نتيجي ۾ 7 سيپٽمبر 1901ع ۾ هڪ معاهدي تي ڌرين جون صحيحون ٿيون. جنهن جا شرط هن طرح هئا.
(1) مغربي طاقتن کي باڪسرز جي فساد ۾ جيڪو نقصان پهتو آهي چين ان جي معذرت لاءِ شهزادي چون کي يورپ موڪليندي.
(2) هڪ چيني وفد معذرت لاءِ جاپان موڪليو ويندو.
(3) بيرن فان ڪيسٽر (مقتول جرمن سفير) جي يادگار قائم ڪئي ويندي ۽ ان تي جرمن ۽ لاطيني زبان ۾ مقتول جو نالو ۽ واقعي جي تاريخ لکيل هوندي (اها يادگار جنگ عظيم ۾ چين جي شامل ٿيڻ کان پوءِ ڊاهي وئي.)
(4) چين ۾ ڪجهه سال هٿيارن جي درآمد تي پابندي هوندي.
(5) جيڪي چيني عهديدار ظلم جا ذميوار آهن انهن کي سزا ڏني ويندي.
(6) سنگ يامن جي قديم شاهي عمارت کي پرڏيهي آفيس ۾ تبديل ڪيو ويندو.
(7) نوڪرين لاءِ عام امتحانن جو سلسلو 5 سالن لاءِ بند ڪيو ويندو.
(8) سفارتخانن جي چوطرف ڀت ڏياري ويندي، ان کان سواءِ ٽينٽسن ۽ بيجنگ جي وچ ۾ واقع ٻين هنڌن تي ڪوٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني ويندي.
(9) ٽڪو جي قلعن تان توپون لاٿيون وينديون.
(10) 480 ملين تائيل جو ڏنڊ 4 سيڪڙو وياج جي شرح سان 39 سالن ۾ لاڳاپيل طاقتن کي ادا ڪيو ويندو.
(11) ڏنڊ بحري چونگي جي آمدني مان ادا ۽ پرڏيهي بينڪن ۾ جمع ڪرايو ويندو. (ان معاهدي تحت بحري چونگي جو کاتو چيني حڪومت جي اقتدار واري دائري مان ٻاهر نڪري ويو.)
ان معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ملڪه خاندان سميت سيانفو کان بيجنگ واپس آئي ۽ اقتدار سنڀاليائين. ملڪه جو خيال هو ته هوءَ اتحادي فوجن جي مدد سان گهڻي وقت تائين اقتدار جا مزا ماڻيندي، پر وقت ۽ تاريخ ڪهڙو فيصلو ڪيو اهو اسان اڳتي هلي ڏسون ٿا.