سرخ فوج جي اڳڀرائي
شهرن کان فرار ٿي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ويندڙ ڪميونسٽ اڳواڻن ۾ هڪ اهم اڳواڻ مائوزي تنگ به هو، جيڪو اوڀر نهان جي صوبي جينگ ڪانگ جي پهاڙي سلسلي ۾ ٿاڪ ٺاهي ويٺل هو. هڪ ٻيو اهم ليڊر زيوڊي پنهنجي هڪ هزار ساٿين سان ڏکڻ نهان پهتو، هو مقامي هاري بغاوتن ۾ حصو وٺندو ويو ۽ هن جي ساٿين جو تعداد وڌندي وڌندي 9 هزار تائين وڃي پهتو. هڪ ٻيو اهم اڳواڻ چن يي به پنهنجي ساٿين سميت اچي پهتو ۽ ٻنهي اڳواڻن جي سربراهي ۾ اهو دستو ڏکين رستن جون صعوبتون برداشت ڪندو، جينگ ڪانگ جي جابلو رستي اپريل 1928ع ۾ مائوزي تنگ جي دستي سان وڃي گڏ ٿيو. انهن قوتن هڪ هنڌ گڏ ٿي هارين جي سرخ فوج جو بنياد رکيو. ان سرخ فوج بابت خبرون جڏهن ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پهچڻ لڳيون ته هارين ۾ زندگي جي لهر ڊوڙي وئي ۽ غريب ماڻهو خوش ٿيا. هنن جو چوڻ هو ته اهي سپاهي غريبن جي مدد ڪن ٿا، اهي اميرن کان حساب وٺندا ۽ زميندارن جو سون چاندي رستن تي اڇلائي ڇڏيندا ته جيئن غريب ماڻهو کڻن. امير ماڻهو ڊنل هئا ۽ انهن ماڻهن کي جلاد ۽ ڌاڙيل چوندا هئا. ان بنيادي سرخ فوج کي ابتدائي ڪجهه جهڙپن ۾ شڪسٽ کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سرخ فوج سڌوسنئون فوجي ٽڪراءُ جو طريقو ختم ڪري گوريلا طرز تي جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. جيتوڻيڪ مائوزي تنگ پنهنجن دستن سان لوزيائو جي جبلن جو رخ ڪيو، ان دوران چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي ڇهين ڪانگريس جولاءِ 1928ع ۾ منعقد ٿي، جتي 40 هزار ميمبرن جي نمائندگي 84 هزار نمائندا ڪري رهيا هئا. ان ڪانگريس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نامناسب نتيجا ڪڍيا ويا ۽ چين جي انقلاب کي سامراج ۽ جاگيردار خلاف هڪ بورجوا جمهوري انقلاب قرار ڏنو ويو ۽ چيني انقلاب لاءِ هڪ 10 نقاطي پروگرام پيش ڪيو ويو. 1929ع جي بهار واري موسم ۾ مائوزي تنگ، زيوڊي ۽ چن يي پنهنجين فوجن سان گڏ ڏکڻ جيانگ زي طرف قدم وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا. انهن اتي جي ماڻهن کي تربيت ڏئي گوريلا جنگ لاءِ تيار ڪيو ۽ ڏکڻ جيانگ زي کي انقلابي تحريڪ جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. ان جي اڳئين سال ڏهين سرخ فوج جوڙي فوجيان، زيجيانگ ۽ جيانگزي جا انقلابي مرڪز قائم ڪيا ويا. سڀ کان پهريان سرخ فوج جو محاذ زيوڊي جي ڪمانڊ ۾ 30 هزار افرادي قوت سان جوڙيو ويو، ان جو سياسي ليڊر مائوزي تنگ هو. ان ئي سال مختلف صوبن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا ٻهراڙي وارا مرڪز قائم ڪري، انهن علائقن ۾ جاگيرداري ختم ڪري جاگيردارن جون زمينون ضبط ڪيون ويون، جنهن ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سرخ فوج جي حمايت ۾ اضافو ٿيو. ان ئي سال چينگ ڪائي شيڪ جي ڪومنيٽانگ فوجن جيانگزي جي مرڪز تي حملن جو آغاز ڪري ڇڏيو، پر ان جي ٽن وڏن حملن کي ناڪام بڻايو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سرخ فوج جي ساک مضبوط ٿي.
نومبر 1931ع ۾ جڏهن هارين ۽ مزدورن جي پهرين قومي ڪانگريس جيانگزي صوبي ۾ منعقد ٿي ته ان ۾ هڪ جمهوري حڪومت به جوڙي وئي، جنهن جي مجلس عامله جو چيئرمين مائوزي تنگ کي چونڊي ويو ۽ سرخ فوج جو ڪمانڊر (انچيف) زيوڊي کي مقرر ڪيو ويو. ان دوران 1931ع ۾ جاپان چين تي هڪ حملو ڪري چين جي هڪ وڏي علائقي تي قبضو ۽ 30 ڪروڙ چيني عوام کي فتح ڪرڻ سان گڏ پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي نگراني ۾ مانچو ڪوؤ جي حڪومت قائم ڪري ڇڏي. جاپاني قبضي خلاف پوري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪون شروع ٿي ويون، صنعتي مرڪزن ۾ مزدورن هڙتالن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڪميونسٽ پارٽي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گوريلا ڪاررواين ۾ مصروف هئي ۽ شهرن ۾ قيادت جي کوٽ جي ڪري اهي هڙتالون وڌيڪ اثرائتيون ثابت نه ٿي سگهيون ۽ آهستي آهستي اها تحريڪ دم ٽوڙي وئي. چينگ ڪائي شيڪ 5 لک فوج منظم ڪري، جون 1932ع ۾ سرخ فوج جي ڳڙهه تي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو حملو ڪيو، پر ان حملي کي به ناڪام بڻايو ويو. ان کانپوءِ چينگ ڪائي شيڪ سامراجي ملڪن جي مدد سان هڪ ڀيرو ٻيهر گهيرو وجهي حملو شروع ڪيو، پر ان ڀيري ڪميونسٽ پارٽي ان مسئلي تي اندروني اختلافن جو شڪار ٿي وئي. پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي مائو جو لائحه عمل رد ڪري ڇڏيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ان سال سخت مزاحمت جي باوجود سرخ فوج کي پوئتي هٽڻو پيو. 16 آڪٽوبر 1934ع تي مائو دشمن جو گهيرو ٽوڙي جيانگزي مان نڪري ويو ۽ پنهنجي مشهور لانگ مارچ جو آغاز ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻين ٻن اڳواڻن زيانگ زنگ ۽ چن يي فوجن سميت جيانگزي ۾ رهي ئي گوريلا ڪارروايون جاري رکيون. اها قوت بعد ۾ نئين چوٿين فوج جوڙڻ جو سبب بڻي.
سرخ فوج لانگ مارچ ڪندي جنوري 1935ع ۾ صوبي گوازهو جي هنڌ زيني پهتي، جتي مائو پنهنجي فيڪشن جي هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي، جنهن ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي کاٻي لائن کي رد ڪري فوجي ڪمان جو هڪ گروپ جوڙيو. جنهن جي قيادت مائوزي تنگ، چواين لائي ۽ وانگ زيازينگ حوالي ڪئي وئي. ڪانفرنس کان پوءِ هڪ ڀيرو وري لانگ مارچ شروع ٿيو ۽ اها سرخ فوج يانان جي صوبي کان ٿيندي سيچوان ۽ زيڪانگ پار ڪندي مائو گونگ پهتي، جتي سيچوان شانڪسي کان شڪست کاڌل چوٿين سرخ فوج ان سان اچي ملي. اها گڏيل فوج اتر طرف برفاني جبلن کي لتاڙيندي ماسرگائي جي هنڌ پهتي ۽ پوءِ اتر طرف ئي قدم وڌائيندي دريائن ۽ بيابانن کي پار ڪندي، آڪٽوبر 1935ع ۾ اتر شانڪسي جي انقلابي مرڪز پهتي. هتي ڪيترائي مقامي يونٽ سرخ فوج ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿي ويا. اهڙي طرح 6 هزار ميل جي لانگ مارچ جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان ختم ٿي ويو. ان ڊگهي لانگ مارچ ۾ سرخ فوج ڪومنيٽانگ جي 11 ريجمنٽن کي شڪست ڏني، جن جو تعداد لکين فوجين تي ٻڌل هو ۽ ان دوران انهن 5 جابلو سلسلن ۽ 3 وڏن دريائن کي پار ڪيو. ان لانگ مارچ جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ 30 هزار ماڻهو شريڪ هئا، پر جڏهن اهو لانگ مارچ ختم ٿيو ته صرف 20 هزار ماڻهو زنده بچي سگهيا هئا. ان دوران ماسڪو مان حڪمن تحت هڪ ڀيرو ٻيهر انهن کي بورجوازي جي ڪجهه حصن سان صلح ڪرڻو پيو. پهرين آگسٽ تي جاپان خلاف مزاحمت جي سلسلي ۾ قومي نجات جي تحريڪ جي ڪري جنگ کي روڪيو ويو ۽ ڊسمبر 1935ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ”موجوده سياسي صورتحال ۽ پارٽي جا فرض“ جي نالي سان هڪ قرارداد منظور ڪئي ۽ سرخ فوج جي الڳ سڃاڻپ ختم ڪري مختلف حڪمرانن جي فوجي ڌڙن سان گڏي ڇڏيو. پوءِ جاپان خلاف اتر اوڀر اتحاد کي منظم ڪيو ويو. هتي هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن ڪميونسٽ پارٽي جي اندروني ڪيفيت تي وڏا نتيجا ڇڏيا. 12 ڊسمبر 1936ع تي ڪومنيٽانگ فوجن جي ڪمانڊرن زيانگ زيوليانگ ۽ زينگ هوچينگ هنان ۾ سرخ فوج تي حملو ڪرڻ جي سلسلي ۾ چينگ ڪائي شيڪ جي حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان بغاوت ۾ چينگ ڪائي شيڪ کي گرفتار ڪري ڪميونسٽ پارٽي کي اطلاع ڏنو ته هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. ڪميونسٽ پارٽي فوري طور تي چواين لائي، ڪوئن بانگ زيان ۽ يي جيانجنگ کي پنهنجن نمائندن طور زيان روانو ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي ۽ چينگ ڪائي شيڪ وچ ۾ ڳالهين ۾ چينگ ڪائي شيڪ قومي ايڪي ۽ جاپان خلاف مزاحمت جي مطالبن تي اتفاق ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سفارش تي کيس آزاد ڪيو ويو. چينگ ڪائي شيڪ واپس پهچندي ئي برطانوي، آمريڪي ۽ جاپاني سامراج سان ملي ويو ۽ سرخ فوج خلاف پهريان کان به وڌيڪ شدت سان سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي ته جاپان مخالف قومي متحده تحريڪ کي ڪميونسٽ پارٽي پهريان کان به وڌيڪ اهميت ڏيندي، ان جي چوڻ تي آمريڪا ۽ برطانيا جي طرفدارن کي قيادت ۾ شامل ڪري ورتو، پر جڏهن 7 جولاءِ 1937ع تي جاپان بيجنگ جي ڏکڻ اولهه ڀرپاسي جي علائقن تي حملو ڪيو ته حڪمرانن جي رويي مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته جاپاني حملن سان آمريڪا ۽ برطانيا جي مفادن کي ڇيهو رسي رهيو هو ۽ حڪمرانن جي مزاحمت صرف پنهنجي سامراجي آقائن جي مفادن جي تحفظ لاءِ هئي. متحده محاذ جي هڪ وڏي حصي پنهنجو نالو تبديل ڪري حڪمران طبقي جي فوج جي طرز تي اٺين روٽ فوج رکي ڇڏيو. ان اٺين فوج شانڪسي صوبي جي دره پنگ زنگ گوان ۾ جاپان جي اهم ترين فوجي ڊويزن اتاگائي جي 3 هزار ڪمانڊرن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. اصل ۾ جاپاني ڏاڍ خلاف حقيقي مزاحمت سرخ فوج جا دستا ئي ڪري رهيا هئا. جڏهن ته ڪومنيٽانگ جون قومي فوجون هر جاءِ تي مات کائي رهيون هيون. سرخ فوج جا دستا جاپانين خلاف گوريلا ڪاررواين کي به جاري رکيو پئي آيا ۽ پنهنجي قبضي هيٺ علائقن ۾ سڌارن ذريعي ٻهراڙي جي عوام ۾ مقبول ٿي رهيا هئا.
آڪٽوبر 1938ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي ڇهين مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس يانان ۾ منعقد ڪيو، جنهن ۾ ٻين معاملن سان گڏ پارٽي جي ڪومنيٽانگ سان اتحاد جي به مخالفت ڪئي وئي. اهي نظريا وانگ منگ پيش ڪري رهيو هو، جيڪو چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ اسٽالن ازم جو حامي هو، ان ئي سال جاپانين ڪومنيٽانگ جي فوجن خلاف ڪاررواين کي معطل ڪري پنهنجين سمورين فوجن کي سرخ فوج خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ان دوران 21 آگسٽ 1937ع تي اسٽالن چين جي حڪومت سان معاهدو ڪري ورتو ۽ ان هاري پورهيت دشمن حڪومت کي ٻين سامراجي ملڪن کان به وڌيڪ امداد فراهم ڪئي. آمريڪا ۽ برطانيا ان جنگ جو غور سان مطالعو ڪري رهيا هئا. انهن چينگ ڪائي شيڪ ۽ جاپان وچ ۾ ٺاهه ڪرائي پنهنجي سامراجي تسلط جي مقصدن کي پورو ڪرڻ ٿي چاهيو. 1939ع جي شروعات ۾ دنيا اندر اها خبر مشهور ٿي وئي ته آمريڪا ۽ برطانيا ”بحرالڪاهل تي بين الاقوامي ڪانفرنس“ ڪوٺائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. چين ۾ موجود برطانوي سفير سر آرچيبلاڊ ڪلارڪ ڪير مصالحتي نمائندي طور هانگ ڪانگ، چوئنگ ۽ شنگهائي جا دورا ڪري رهيو هو. ان شڪست جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ڪميونسٽ پارٽي جو لانگ مارچ ۽ پوري چين ۾ جاپان خلاف تحريڪ جو دٻاءُ هو. هينئر اسٽالن هڪ ڀيرو ٻيهر مائو تي دٻاءُ وجهي رهيو هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر چينگ ڪائي شيڪ سان اتحاد ڪري وٺي، پر مائوزي تنگ جواب ڏئي ڇڏيو. ان جو سبب اهو هو ته اهو اتحاد ڪميونسٽ پارٽي ۽ سرخ فوج ۾ ڏار وجهي ٿي سگهيو. اهوئي سبب هو جو روسي حڪومت ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي ويا، پر چين ۾ انقلاب پسندن جي وڌندڙ طاقت ۽ سرخ فوج جي ڪاميابين جي ڪري روسي حڪومت انهن جو ڪجهه به نه بگاڙي سگهي.
40-1939ع جي وچ ڌاري شانڪسي ۾ ڪومنيٽانگ جي فوجن جاپان خلاف مزاحمت ڪندڙ چيني فوجن جي ٺڪاڻن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا، جن کي شڪست ڏني وئي. ان دوران ڪومنيٽانگ حڪومت سان ٺاهه نه ڪرڻ ۽ اسٽالن جي پاليسي جي مخالفت ڪرڻ تي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. يعني هٿياربند فوج جو تعداد 5 لک ۽ ميمبرن جو تعداد 8 لک کان به ٽپي ويو هو، جن ۾ گهڻو ڪري مظلوم ۽ ذهني طور تي پوئتي پيل ماڻهو شامل هئا، پر ان وڏي تعداد ۾ صنعتي مزدورن جو تعداد 7 سيڪڙو کان به گهٽ هو. هاڻ چينگ ۽ جاپان مڪمل طور اتحادي هئا. ڪومنيٽانگ جي کاٻي ڌر جو نمائندو وانگ جنگ وي ڊسمبر 1938ع ۾ جاپانين آڏو هٿيار ڦٽا ڪري انهن سان ملي ويو هو ۽ 1940ع ۾ نانجنگ جي حڪومت قائم ڪري جاپانين جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هن چينگ ڪائي شيڪ سان ملي وچ چين ۾ تائينان نيو فورٿ آرمي (سرخ فوج) جي مختلف دستن ۽ ڇانوڻين تي حملي جي منصوبابندي ڪئي.
1939ع ۾ اسٽالن ۽ هٽلر هڪ ٻئي تي چڙهائي نه ڪرڻ جو هڪ ڳجهو معاهدو ڪري ورتو، پر اهو معاهدو گهڻي وقت تائين قائم نه رهي سگهيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ٽٽي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ جون 1941ع ۾ هٽلر سوويت يونين تي حملو ڪري ڏنو. ان ئي دوران جاپان جو هٽلر سان معاهدو ٿي ويو ۽ بحرالڪاهل جي خطي ۾ اها جنگ ڊسمبر ۾ شروع ٿي وئي. ان جنگ جي شروعات ۾ جاپان هر محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ جاپانين چين ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي، ان بربريت ۾ ڪومنيٽانگ جون فوجون انهن جو ساٿ ڏئي رهيون هيون. سرخ فوج جنگ جي تياري جي سلسلي ۾ تياري طور تي هارين کي وڌيڪ رعايتون ڏئي پيداوار ۾ اضافو ڪري غذا ۽ ٻيا وسيلا ذخيرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جن علائقن ۾ 1942ع دوران ۽ ان کان پوءِ شڪست ملي هئي، سرخ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر اڳڀرائي شروع ڪري ڇڏي. هوڏانهن جنگي محاذن تي صورتحال تبديل ٿيڻ لڳي ۽ ڪيترائي محاذ جاپاني فوج جي هٿ مان نڪري ويا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو چين ۾ ان جي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي. 1943ع ۾ ڪومنيٽانگ هڪ ٻيو وڏو حملو جون ۽ جولاءِ جي وچ ۾ ڪيو، جنهن ۾ انهن نيان تي چئني طرفن کان حملو شروع ڪري ڇڏيو. ڪميونسٽ پارٽي جيڪا ان سرحدي صوبي جي گادي واري هنڌ مصروف ۾ هئي، عوامي حمايت سان ان حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ اڳڀرائي ڪندي 15 مختلف علائقن کي ڪومنيٽانگ ۽ جاپاني قبضي مان آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
ٻئي طرف جيڪي علائقا ڪومنيٽانگ جي انتظام هيٺ هئا، اتي سماجي بدحالي ۽ بدعنوانين جي نتيجي ۾ ڏڦيڙ واري ڪيفيت هئي. انهن علائقن تي چئن خاندانن جي حڪمراني ۽ دولت تي قبضو هو. اهي سڄي معيشت تي حاوي هئا ۽ عوام کي ٽيڪسن جي بار ۽ استحصال جو شڪار ڪيو ويٺا هئا. آفيسر شاهي گهوٻين ۽ جبر ذريعي غريبن کي لٽڻ جي بازار گرم ڪري ڇڏي هئي. جاپاني ناڪابندي زندگي جي ضرورت وارين شين جي پهچ مشڪل بڻائي ڇڏي هئي. هزارين ترقي پسند نوجوانن کي بيگار ڪيمپن ۾ قيد دوران قتل ڪيو ويو. ان ظالماڻي طرز عمل، بدعنوانين ۽ ڪومنيٽانگ آمريت خلاف عوام ۾ بي چيني ۽ ملڪ ۾بغاوت جنم وٺي رهي هئي، ڪومنيٽانگ جا ليڊر مهاڀاري لڙائي ۾ جاپاني سامراج جي شڪست يقيني ڏسي آمريڪي سامراج سان ٺاهه ٺوهه ڪري رهيا هئا. آمريڪي آشيرواد حاصل ڪرڻ کان پوءِ چينگ ڪائي شيڪ ڪومنيٽانگ جي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ ڪجهه ڪميونسٽن کي به حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، پر پوين تجربن کي نظر ۾ رکندي ڪميونسٽن اها آڇ ٿڏي ڇڏي. مهاڀاري لڙائي ۾ جاپان کي شڪست جي ڪري ان جي فوج پوئتي هٽڻ شروع ٿي وئي. سرخ فوج جو نالو هڪ ڀيرو وري تبديل ڪري پيپلز لبريشن آرمي رکيو ويو، جنهن جي ڪمانڊر انچيف جاپاني فوجن کي هٿيارن کان خالي ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. 14 آگسٽ 1945ع ۾ جاپان شڪست مڃي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڊگهي جنگ ۾ عوام جي فتح جا آثار يقيني نظر اچي رهيا هئا، پرآمريڪا جي هوائي ۽ زميني مدد سان ڪومنيٽانگ شهرن ۽ مواصلات جي ذريعن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪي امداد سان ئي ڪومنيٽانگ پيپلزلبريشن آرمي تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جنهن سان ملڪ هڪ ٻي تباهي مچائيندڙ گهرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويو.