تاريخ، فلسفو ۽ سياست

چين جو انقلاب

ھن ڪتاب ۾ اوھان پڙھي سگھو ٿا تہ ڪيئن ھڪ آفيمي قوم تعليمي ۽ شعوري انقلاب ذريعي عظيم عالمي طاقت بڻجي دنيا تي معاشي طور ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. ڪتاب ۾ چين جي جغرافيائي صورتحال، قديم چيني تهذيب ۽ تاريخ، ڪنفيوشس ۽ ان جا نظريا، منگول عهد جو چين، مانچو خاندان جو دؤر، آفيم جون جنگيون، چين جاپان جنگ، آفيم جي جنگين کانپوءِ نوآبادياتي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي گرفت، 1911ع جو انقلاب ۽ محرڪ، 1911ع جو ناڪام انقلاب، انقلاب ۾ شاگردن جو ڪردار، محدود جمهوريت جو قيام، مهاڀاري لڙائيءَ ۾ چين جي شرڪت، شاگردن جا مظاهرا، ڪميونسٽ پارٽي جو قائم ٿيڻ، سرخ فوج جي اڳڀرائي، چين جو انقلاب 1949ع، مائوزي تنگ ۽ انقلاب، مائوزي تنگ جو فڪر، انقلاب کان پوءِ چين، چين جو ثقافتي ۽ تعليمي انقلاب، ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو جي چين کي واپسي سميت ڪيترن ئي موضوعن بابت ڄاڻ موجود آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1178
  • 799
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عزيز ڏاهري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چين جو انقلاب

ڪميونسٽ پارٽيءَ جو قائم ٿيڻ

نومبر 1918ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کان پوءِ جنوري 1919ع ۾ فاتح سامراجي ملڪن طرفان پيرس ۾ گهرايل امن ڪانفرنس ۾ وارسا جي هنڌ تي هڪ معاهدو ٿيو جنهن ۾ ٻين فتح ڪيل ملڪن سان جيڪو سلوڪ ٿيو اهو تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ آهي پر چين سان اهو سلوڪ ڪيو ويو، ته هن جي صوبي شين ڊونگ کي جرمني کان کسي جاپان حوالي ڪيو ويو، ان فيصلي خلاف چين ۾ ڀرپور مزاحمت ڪئي وئي. 4 مئي 1919ع تي بيجنگ جي هڪ وڏي چوڪ ٽائينانمن اسڪوائر ۾ شاگردن هڪ مظاهري ۾ حڪمرانن ۽ سامراجي قبضي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو. اهي شاگرد هڪ جلوس جي صورت ۾ چين جي مواصلات واري وزير ڪاؤ رولن (جيڪو غدار ۽ جاپاني ايجنٽ طور مشهور هو) جي سرڪاري رهائش گاهه تي پهتا ۽ ان کي باهه لڳائي ڇڏي. صرف اهوئي نه، هنن اتي موجود جاپاني معاملن واري وزير زينگ زونگ زيانگ کي به سخت مارڪٽ ڪئي. انهن شاگردن کي پوري ملڪ ۾ داد ۽ تعريف جي نظر سان ڏٺو ويو ۽ انهن شاگردن سان ٻڌي جي اظهار طور 3 جون 1919ع تي شنگهائي ۾ هڪ وڏي اجلاس ۾ عام هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان جي صرف 2 ڏينهن کان پوءِ تانگ شان ۽ چانگ زنديان جي 70000 کان وڌيڪ مزدورن سامراجي ملڪن خلاف هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان سواءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ننڍن واپارين ۽ شاگردن به مقامي طورتي هڙتالون ڪيون.
انهن هڙتالن جو نتيجو اهو نڪتو ته چين جي رجعتي حڪومت 28 جون تي وارسا ٺاهه تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيني حڪومت جو اهو فيصلو پوري دنيا جي اخبارن ۾ نمايان طور تي ڏيکاريو ويو. چيني عوام روس ۾ ظاهر ٿيندڙ سوشلسٽ انقلاب مان متاثر هو. ان ۾ اڃا به وڌيڪ نرالي ڳالهه اها ته روس ۾ بادشاهي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ روس جي انقلابي حڪومت چين سان ٿيل سمورن غيرمنصفاڻن معاهدن کي ختم ڪري چيني عوام جي دلين ۾ پنهنجي نظرين جي شمع روشن ڪري ڇڏي ۽ اها روشني پکڙجندي پوري چين کي روشن ڪري وئي، هي اها صورتحال هئي، جنهن کان متاثر ٿي ڪيترائي چيني دانشور ۽ شاگرد مزدورن سان رابطا وڌائڻ لڳا. شنگهائي، نيان ۽ ڪيترن ئي ٻين شهرن ۾ ٽريڊ يونينون، مزدورن جا ادارا ۽ پارٽ ٽائيم اسڪول ٺاهڻ لڳا. بيجنگ، شنگهائي ۽ گوانگ زائو ۾ مارڪسي نظرين کي رائج ڪرڻ لاءِ رسالا به نڪرڻ شروع ٿي ويا.
پيرس ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڪجهه شاگردن چين ۾ مرڪزي مارڪسي گروپ جوڙيو، ڪجهه تاريخدانن موجب ڪميونسٽ پارٽي جو قيام اصل ۾ 1920ع ۾ عمل ۾ اچي چڪو هو ۽ ان کي ٽين انٽرنيشنل جي مرڪزي نمائندن جي حمايت حاصل هئي. هتان کان نوجوان ڪميونسٽن چين جو رخ ڪيو ۽ چين ڪميونسٽ پارٽي جي دائري کي وڌائڻ ۾ مدد ڏني. چين ۾ پهريون مارڪسي گروپ به نومبر 1920ع ۾ جڙي چڪو هو ۽ ان ئي سال آگسٽ ۾ چين جي سوشلسٽ يوٿ ليگ جو بنياد وڌو ويو، مارڪسي گروپ ۽ يوٿ ليگ جون شاخون بيجنگ، هانڪو، چنگشا، گوانگ زائو، واريي نان ۾ به قائم ٿي ويون. ٽوڪيو جي تعليمي ادارن ۾ به تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد هڪ مارڪسي گروپ منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
چيني ثقافت جي مرڪز شنگهائي ۾ جولاءِ 1921ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاسيسي ڪانگريس منعقد ٿي، جنهن ۾ 13 نمائندن شرڪت ڪئي، جيڪي پوري ملڪ ۾ پکڙيل گروپن جي 50 ميمبرن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. ان پارٽي جو باني توسيو هو، جيڪو ان پهرين ڪانگريس ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ 1927ع تائين چين جي ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. هن بيجنگ يونيورسٽي جي ڊين جي طور تي چيني نوجوانن کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ اسٽالن جي ظالماڻين پاليسين جي نتيجي ۾ انقلاب جي خوني شڪست جو ذميوار قرار ڏئي کيس پارٽي عهدي تان برطرف ڪيو ويو، پوءِ هو چين جي ٽرائسڪائيٽ تحريڪ جو ليڊر بڻجي ويو ۽ ان ئي جدوجهد ۾ 1942ع ۾ قتل ٿي ويو. ان کان علاوه هن سان گڏ لي ڊاز هائو ۽ مائوزي تنگ به شامل هئا. شاهي خاندان سان تعلق رکندڙ ليڊر زوان لائي جيڪو پيرس ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو فرانس ۾ ئي ڪميونسٽ نظرين کان متاثر ٿي پيرس برانچ ۾ 1922ع ۾ شامل ٿي ويو. ڪميونسٽ پارٽي جون شروعاتي ڏينهن جون پاليسيون، جن ۾ بورجوا اصلاح پسندي جي رجحانن ۽ نظرين کي رد ڪيو ويو، هو نوجوانن ۾ تيزي سان پکڙجڻ شروع ٿي ويا.
جولاءِ 1921ع جي ڪانگريس چين ۾ بالشويڪ پارٽي جي طرز تي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. اها پارٽي پوءِ عالمي سوشلسٽ انقلاب لاءِ پورهيت طبقي جي بين الاقوامي پارٽي ٽين انٽرنيشنل جو حصو بڻجي اڀري. ان ڪانگريس ۾ ٽين انٽرنيشنل جي مرڪزي ڪميٽي جا ٻه نمائندا موجود هئا. ان ئي پروگرام تحت چين جي ڪميونسٽ پارٽي ٽريڊ يونين سيڪريٽريٽ جوڙيو، جنهن جو مقصد پورهيت طبقي جي تحريڪ کي وڌيڪ باشعور، متحرڪ ۽ منظم ڪرڻ هو. ڪميونسٽ پارٽي وڏي تيزي سان پورهيت طبقي جي غم ۽ ڪاوڙ کي ڪم ۾ آڻيندي پنهنجو پهريون تعارف مزدور تحريڪ جي هڪ وڏي جدوجهد ۽ بغاوت جي صورت ۾ ڪرايو، جيڪا جنوري 1922ع کان فيبروري 1923ع تائين جاري رهي. ان 13 مهينن جي عرصي ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ سوشلسٽ يوٿ ليگ (جنهن جو نالو جنوري 1925ع ۾ تبديل ڪري ڪميونسٽ يوٿ ليگ رکيو ويو هو.) هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪامياب هڙتالون ڪرايون، وڏن شهرن کان سواءِ صنعتي علائقن ۾ 3 لک کان وڌيڪ مزدورن ان تحريڪ ۾ حصو ورتو، جن ۾ ريل ۽ بحري جهازن جا مزدور ۽ ملاح به شامل هئا.
هڪ ٻي وڏي هڙتال، جيڪا 1922ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ جهاز هلائيندڙن جي هڙتال کان شروع ٿي هئي. انهن اجرتن ۾ اضافي ۽ برطانوي سامراج جي ڏاڍ جي خاتمي جا مطالبا پيش ڪيا. فيبروري جي آخر تائين هانگ ڪانگ جي سمورن مزدورن انهن جهاز هلائيندڙن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو. اها هڙتال مڪمل طور ڪامياب ٿي، جنهن سان ملڪ جي پورهيتن جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿي ويا، ان ئي سال سڀ کان پهرين ليبر ڪانگريس ملڪ گير بنيادن تي گوانگ زائو ۾ رکي وئي.
ڪميونسٽ پارٽي جي ٻي قومي ڪانگريس جولاءِ 1922ع ۾شنگهائي ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ 123 ميمبرن جي نمائندگي ڪندڙ 12 نمائندن شرڪت ڪئي. ان ڪانگريس هڪ منشور تيار ڪيو، جنهن ۾ چين ۾ انقلاب جي پروگرام بابت بحث ڪيو ويو هو. ان ڪانگريس ۾ پارٽي جو سياسي رسالو به جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جيڪو ”هفت روزه گائيڊ“ جي نالي سان سيپٽمبر 1922ع کان جولاءِ 1927ع تائين شايع ٿيندو رهيو. ان ڪانگريس ۾ سرڪاري طورتي ڪميونسٽ انٽرنيشنل جو حصو بڻجڻ جي قرارداد به منظور ڪئي وئي.
ڪانگريس مزدور طبقي ۾ وڌيڪ بيداري جي لهر ڊوڙائي ڇڏي، ريل، جهازن ۽ ٻين مزدورن جون ڪيترن ئي صوبن ۾ هڙتالون ٿيڻ شروع ٿي ويون. 1922ع ۾ ٿيل ريلوي جي هڙتال ۾ 20 هزار کان وڌيڪ مزدورن شرڪت ڪئي. آڪٽوبر ۾ ڪائي لو آن جي 40000 ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم بند ڪيو ويو. سامراجن ۽ چيني حڪمرانن انهن هڙتالن کي جبر ۽ تشدد ذريعي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي. 7 فيبروري 1923ع تي بيجنگ، هانڪو ريلوي جي پورهيتن جو قتل عام انهن ئي ڪوششن جو نتيجو هو. اهو واقعو چين جي تاريخ ۾ ”7 فيبروري جو قتل عام“ جي نالي سان مشهور آهي. ان ڏينهن 40 مزدور قتل، 300 کان وڌيڪ زخمي ۽ 40 مزدور گرفتار ٿيا. شهيد ٿيندڙن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي 2 اهم ميمبر لن زيانگ ڪوئين ۽ سي يانگ به شامل هئا. ٽريڊ يونين جي آفيسن کي تباهه ڪيو ويو يا وري بند ڪيو ويو. مزدورن جي رت سان هولي کيڏڻ جو ذميدار هڪ سامراجي ايجنٽ ۽ جنگي سردار ووپائي فو هو. اها ان زماني جي آخري هڙتال هئي. جنهن کان پوءِ پورهيت تحريڪ عارضي طور تي ڪمزور ٿي وئي. انهن هڙتالن جو ايترو فائدو ضرور ٿيو ته پورهيت طبقي جي سياسي بيداري ۽ طاقت جا منظر ماڻهن پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ پوري دنيا جي مزدورن آڏو سندن اميج هڪ وڏي سياسي قوت طور نمايان ٿيو.
پهرين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ آمريڪا، برطانيا ۽ جاپان 3 وڏا سامراجي ملڪ چين جي استحصال ۾ مصروف هئا ۽ 1918ع کان پوءِ برطانيا جو اثر رسوخ گهٽجڻ شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ جاپاني سامراج ٻن وڏن دشمنن طور سامهون آيا. ان زماني ۾ چين جا حڪمران به ڏڦير جو شڪار هئا ۽ پورو ملڪ گهرو ويڙهه جي ڪيفيت ۾ مبتلا هو. جون 1923ع ۾ پارٽي جي ٽين ڪانگريس منعقد ٿي، جنهن ۾ 432 ميمبرن جي نمائندگي ڪندڙ 30 نمائندن شرڪت ڪئي. ان دوران روس ۾ بالشويڪ انقلاب ۽ روسي ڪميونسٽ پارٽي جو نظرياتي ۽ سياسي زوال شروع ٿي چڪو هو، جنهن جا اثر چين جي ڪميونسٽ پارٽي تي به پيا.
اسٽالن ازم تي برتري رکندڙ ڪومنٽيانگ جي نمائندن بالشويڪ پارٽي خلاف نظرياتي ترميمن ذريعي 4 طبقن (مزدور، هاري، وچولو ۽ سرمائيدار) جي بلاڪ جو نظريو مڙهي ڇڏيو. جنهن کي بنياد بڻائي ڪميونسٽ پارٽي کي سن يات سين جي قيادت ۾ ٺهندڙ چيني سرمائيداري جي قومپرست پارٽي ڪومنيٽانگ ۾ ضم ٿي ان لائحه عمل ذريعي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. (ڪومنيٽانگ 1911ع ۾ انقلاب جي شڪست کان پوءِ سن يات سين جي قيادت ۾ 1912ع ۾ وجود ۾ آئي هئي. ان جو بنياد ٽونگ مينگ هوئي ”چين جي انقلابي ليگ“ هو) ان مسئلي تي چين ۾ ڪميونسٽ پارٽي سخت اختلافن جو شڪار ٿي وئي ۽ اڳتي هلي اهي اختلاف پارٽي جي تباهي جو باعث ته بڻيا ئي، پر سڄي انقلابي تحريڪ به برباد ٿي وئي. ان ترميم پرستي جي نتيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي حمايت ڪومنيٽانگ کي ملي ۽ جنوري 1924ع ۾ ڪومنيٽانگ جي ڪانگريس ڪميونسٽ پارٽي جي مدد سان ئي منعقد ٿي سگهي. ان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي حمايت جي آڇ کي قبول ڪيو ويو ۽ ان اتحاد جا اهم ۽ بنيادي اصول سامراج دشمني ۽ جاگيردار دشمني بڻايا ويا، جن کي سن يات سين پنهنجي ٽن عوامي اصولن ۾ ضم ڪري هڪ منصوبي جي شڪل ڏني.
اها ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ وڏي غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته هن اڳين تجربن جي روشني ۾ ڪوبه سبق نه سکيو ته چين جي بورجوازي ڪنهن به قسم جو انقلابي ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل نه هئي. ڪومنيٽانگ جي ان ڪانگريس ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي جن ميمبرن شرڪت ڪئي، انهن ۾ مائوزي تنگ، لي ڊاز هائو ۽ لن بوڪو شامل هئا. انهن سڀني کي ڪومنيٽانگ جي مرڪزي مجلس عامله جو متبادل ميمبر چونڊيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي جو اهو قدم سن يات سين، ڪومنيٽانگ ۽ چيني سرمائيدارن جي برادري برابر هو، انهن جون سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا ڪومنيٽانگ جي ليڊرن کي فائدو پهچائي رهيا هئا.
اڃا صرف ٻه سال ئي گذريا هئا ته عوام ۾ هڪ نئين تحريڪ جنم وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ جنوري 1925ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي چوٿين ڪانگريس شنگهائي ۾ منعقد ٿي. جنهن ۾ 980 ميمبرن جي نمائندگي ڪندڙ 20 نمائندن شرڪت ڪئي. ان ڪانگريس پراڻي قيادت کي ٻيهر چونڊي ورتو ۽ ان ۾ مختلف تنظيمي معاملن تي قراردادون پاس ڪيون ويون، پر بنيادي ڍانچو ۽ طريقيڪار اهوئي هو، جنهن جي هدايت ماسڪو مان ڪئي وئي هئي. ان ئي سال مارچ ۾ سن يات سين لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ڪومنيٽانگ جي قيادت ۾ اهم تبديليون ظاهر ٿيون. شنگهائي ۽ ڪوئنگ ڊائو ۾ جاپان جي ڪپهه جي فيڪٽرين ۾ هڙتالون ٿيون، جڏهن انهن هڙتالن جو سلسلو وڌيو ته پهرين مئي 1925ع ۾ ڪل چين ليبر ڪانگريس منعقد ٿي، جنهن ۾ ڪل چين ٽريڊ يونين فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. جنهن جو چيئرمين لن وي من ۽ نائب چيئرمين ليو شائو چي کي چونڊيو ويو.
پورهيتن جي وڌندڙ قوت کان ڊڄي انهن جا حوصلا پست ڪرڻ لاءِ جاپاني مل مالڪن 14 مئي تي شنگهائي جي ڪاٽن مل جي مزدورن کي ڪو سبب ٻڌائڻ کان سواءِ برطرف ڪري ڇڏيو. مزدور نمائندن ۽ مل مالڪن وچ ۾ ڳالهيون اڃا جاري هيون ته 15 مئي تي جاپانين هڪ پورهيت اڳواڻ گوزنگ هانگ کي جيڪو ڪميوسنٽ پارٽي جو ميمبر به هو قتل ڪرائي ڇڏيو. اها هڪ اهڙي چڻنگ هئي جيڪا شعلو بڻجي اڀري ۽ 30 مئي تحريڪ جو سبب بڻجي وئي. ان ڏينهن ٻن هزار کان وڌيڪ مزدورن ۽ شاگردن ان قتل، جاپاني سامراج جي ظلم ۽ جابراڻن قانونن جي تسلط خلاف پرجوش مظاهرو ڪيو. نانجنگ روڊ تي لارڊز پوليس اسٽيشن (جتي گرفتار شاگردن کي رکيو ويو هو) جي ٻاهران 10 هزار شاگرد ۽ مزدور گڏ ٿيا ۽ پنهنجن ساٿين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. برطانوي پوليس انهن مظاهرو ڪندڙن مٿان گوليون وسايون ۽ 10 احتجاج ڪندڙ مارجڻ کان علاوه 15 ڄڻا سخت زخمي ٿيا. ان مظاهري ۾ شامل وڌيڪ 53 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
اهو واقعو چيني تاريخ ۾ ”30مئي جو قتل عام“ جي نالي سان مشهور آهي. انهن ٽڪراءَ وارن واقعن ۾ 4 جون تائين سؤ کان وڌيڪ مزدور ۽ شاگرد مارجي چڪا هئا. 31 مئي تي شنگهائي جي ٽريڊ يونين جڙي، جنهن جي ميمبرن جو تعداد 2 لک هو. مزدورن جي ان تحريڪ کان متاثر ٿي 50 هزار شاگردن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هڙتال ڪري ڇڏي. 7 جون تي شنگهائي جي مزدورن، شاگردن ۽ دڪاندارن جي هڪ گڏيل ڪائونسل جڙي، جنهن سامراجن سان ڳالهين لاءِ 17 مطالبا پيش ڪيا، جن ۾ سڀ کان اهم مطالبو چين مان سامراجي فوجن کي ڪڍڻ بابت هو. اهي مطالبا پيش ڪرڻ کان پوءِ ان احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ هٿي ملي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شنگهائي جي عوام جي حمايت ۾ اها تحريڪ بيجنگ، جنگ شا هانڪو، نانجنگ، نيانجن، جينان، فزهو، ڪوئنگ ڊائو، ڪيائي فينگ، چونگ ڪوئنگ، هانگ زو ۽ ذيانگ جائيڪو ۽ ٻين شهرن ۾ پکڙجي وئي. ان احتجاج جي حمايت هارين ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مظاهرن ۽ ٻين طريقن سان ڪئي. شنگهائي جي پورهيتن جي حمايت لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو. فوجي دستن ۽ پوليس سان عوام جون چڪريون ٿيون ۽ روڊن تي رت وهڻ لڳو. رت جي ان لالي پوري ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو. ان تحريڪ گوانگ زائو ۽ هانگ ڪانگ ۾ سڀ کان وڌيڪ زور پڪڙيو. هانگ ڪانگ ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ هڪ لک مزدورن شنگهائي جي عوام جي حمايت ۾ 19 جون 1925ع تي عام هڙتال جو اعلان ڪيو. هڙتال ۾ شامل مزدورن گوانگ زائو طرف مارچ ڪيو ۽ اتي جا پورهيت به ڪم ڇڏي ساڻن گڏجي ويا.
اهي هڙتالي جڏهن مارچ ڪندي هڪ بستي شاڪي ۾ پهتا ته برطانوي، فرانسيسي ۽ پرتگيزي جنگي ٻيڙين ۾ لڳل مشين گنن سان انهن مٿان گولين جو مينهن وسائي ڇڏيو. ان حملي ۾ 2 سؤ کان وڌيڪ مظاهرو ڪندڙ مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. ان واقعي سامراجن خلاف عوام جي نفرت کي اڃا وڌائي ڇڏيو. 29 جون تي هانگ ڪانگ ۾ ٿيل مظاهري ۾ اڍائي لک مزدورن شرڪت ڪئي. انهن پورهيتن پنهنجي هڪ هڙتالي ڪميٽي جوڙي ۽ 2 هزار هٿياربند پڪٽن تي ٻڌل دفاعي قوت منظم ڪئي. گوانگ ڊونگ صوبي ۾ هڪ انقلابي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ صوبي جي مختلف حصن ۾ پورهيتن جي هٿياربند دستن کي مقرر ڪيو ويو ته جيئن سامراجي طاقتن خلاف رنڊڪون وجهي، انهن جو رستو روڪيو وڃي ۽ عوامي عدالتون قائم ڪري تحريڪ جي غدارن ۽ سامراج جي ايجنٽن کي سزائون ڏنيون وڃن. ان صوبي ۾ کاٻي ڌر جي حڪومت ۽ هارين جي تحريڪ جي مدد سان اها هڙتال 16 مهينن تائين جاري رهي. اها دنيا جي پورهيتن جي تحريڪ ۾ سڀ کان ڊگهي هڙتال هئي، جنهن کي هڪ لک منظم هڙتالين جي احتجاج قائم رکيو.
پهرين جولاءِ 1925ع ۾ گوانگ زائو ۾ قومي حڪومت قائم ڪئي وئي. ان انقلابي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ پورهيتن جي فوجي دستن کي هڪ انقلابي فوج ۾ ضم ڪيو ويو. هڪ سال اندر ان صوبي مان سمورين انقلابي مخالف قوتن جو صفايو ڪيو ويو. ان فوج فيبروري ۽ آڪٽوبر ۾ ٻن وڏين مشرقي مهمن ۾ حصو ورتو. ان گڏيل فوج جي مشرقي ڪمان جو سياسي ڊائريڪٽر چواين لائي هو. مئي 1926ع ۾ گوانگ زائو ۾ گوانگ ڊونگ صوبي جي هارين جي نمائندا ڪانفرنس منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 6 لک 20 هزار ماڻهو انهن هاري تنظيمن ۾ شامل ٿي چڪا هئا. ان مهيني ۾ مائوزي تنگ کي هاري تحريڪ گوانگ زائو اداري جو انچارج مقرر ڪيو ويو. ان اداري ۾ تربيت جي حوالي سان ليڪچر ڏيندڙ ڪميونسٽ ليڊرن ۾ لي لي سان به شامل هو، جنهن فيبروري 1925ع ۾ جاپاني سامراج خلاف ڪپهه جي ملن ۾ مزدورن جي هڙتال جي قيادت ڪئي.
سن يات سين جي وفات کان پوءِ چينگ ڪائي شيڪ ڪومنيٽانگ جو ليڊر بڻيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي قوت منظم ٿيڻ سان چئن طبقن جي انقلابي، جمهوري ۽ قومي اتحاد پنهنجي اصولن کان هٽي ويو ۽ هن ڪميونزم ۽ طبقاتي جدوجهد جي مخالفت شروع ڪري ڇڏي. ڪومنيٽانگ جي هڪ وڏي حصي بيجنگ کان ٻاهر ڏاکڻي پهاڙين ۾ سن يات سين جي مزار ٻاهران نومبر 1925ع ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کان پهريان به ڪومنيٽانگ جي ليڊرن ڪميونسٽن تي مختلف حملا ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ته 1925ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري چين ڊوسيو ماسڪو جي سرڪاري لائين جي خلاف ڪومنيٽانگ کان پارٽي کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ غيرانقلابي قوتن خلاف پارٽي جي طبقاتي بنيادن کي ويڙهه لاءِ تيار ۽ منظم ڪرڻ جي تجويز ڏني، پر ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ پارٽي ليڊرن ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪومنيٽانگ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو.
مارچ 1926ع ۾ مائوزي تنگ ”چيني سماج ۾ طبقن جو تجزيو“ نالي ڪتاب شايع ڪيو، جنهن ۾ هن قومي بورجوازي جي ڪجهه حصن تي ڀاڙڻ جو نظريو پيش ڪيو هو، جيڪو انتهائي ڪمزور هو. جيتوڻيڪ ان کي چين ڊوسيو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته پارٽي جي کاٻي ڌر ۽ چين جي سرمائيدار طبقي خلاف ڪو گڏيل لائحه عمل اختيار نه ٿي سگهيو.
18 مارچ 1926ع ۾ چينگ ڪائي شيڪ چالاڪي ڪندي هڪ ڪميونسٽ جي ڪمان ۾ بحري جهاز کي گوانگ زائو کان وامپو ڏانهن روانو ڪيو ۽ جڏهن اهو بندرگاهه کان نڪري ويو ته چينگ اها افواهه پکيڙي ڇڏي ته اهو جهاز بغير اجازت بندرگاهه کان نڪتو آهي ۽ ڪميونسٽ پارٽي سندن حڪومت خلاف ڪنهن سازش ۾ مصروف آهي. ان افواهه کي بنياد بڻائيندي هن ”وامپو فوجي اڪيڊمي“ ۽ ”قومي انقلابي فوج“ مان ڪميونسٽ ميمبرن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. حڪومت گوانگ زائو، هانگ ڪانگ هڙتالي ڪميٽي جي آفيسن ۽ روس کان ايندڙ ڪومنيٽانگ جي صلاحڪارن جي رهائشگاهن جو گهيراءُ ڪري ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ قومي انقلابي فوج جي پهرين ڊويزن مان سمورن ڪميونسٽن کي برطرف ٿيڻو پيو. اسٽالن ازم کاٻي ڌر طرفان صلح پسندي جي رجحان جي نتيجي ۾ جڙندڙ پاليسين جي ڪري چينگ ڪائي شيڪ وڏي آساني سان چين جي قومي فوج کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري ورتو. 15 مئي تي ڪومنيٽانگ جي مجلس عامله جي هڪ ميٽنگ ۾ هڪ قرارداد ذريعي ڪميونسٽ پارٽي جي ڪومنيٽانگ هيڊڪوارٽر ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي برطرف ڪيو ويو ۽ حڪومت جي ڪنهن به شعبي ۾ ڪميونسٽن کي ڪنهن به اهم عهدي ڏيڻ تي پابندي وڌي وئي. ان طرح مصلحت پسندي جي اها پاليسي ڪميونسٽ پارٽي جي تباهي جو باعث بڻجي وئي.
هيءَ اها صورتحال هئي، جنهن سامراجي طاقتن کي هوشيار ڪري ڇڏيو ۽ انهن ان مان فائدو وٺندي انقلاب کي چٿڻ جي تياري جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو ۽ هنن 24 مارچ 1927ع تي نانجنگ شهر ۾ سخت بمباري ڪئي. چينگ ڪائي شيڪ، جيڪو بظاهر سامراج دشمن رويو اختيار ڪيو ويٺو هو، انقلابين خلاف ٿيندڙ ان ڪارروائي ۾ پوري طرح شريڪ هو. سامراجين ان فوجي بورجوازي کي شنگهائي ۾ مڪمل مدد ڏني ۽ هن انقلابين مٿان ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن 12 اپريل 1927ع تي هڪ فوجي ايڪشن ذريعي هزارين مزدورن جو قتل عام ڪيو. چينگ مارشل لا لڳائڻ کان پهريان ڪميونسٽ دشمن سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون هيون، پر ڪومنٽرن طرفان ان جي حمايت ڪرڻ جو دٻاءُ جاري رهيو، جنهن تحت چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري چين ڊوسيو به هر صورت ۾ چينگ ۽ ان جي ڪومنيٽانگ جو ساٿ ڏيڻ ۽ ان سان ڪم ڪرڻ جي پاليسي جاري رکي، پر ان سان گڏوگڏ انقلابي پنهنجون سرگرميون به جاري رکيو پئي آيا.
3 جنوري 1927ع تي هانگو ۾ برطانوي ملڪيتن کي انقلابين پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو ۽ اترين مهمن ۾ انقلابين جي سرگرمين جي ڪري چينگ جي فوجن ان لاءِ پنهنجو اڳتي وڌڻ جو عمل سست ڪري ڇڏيو ته جيئن مقامي جنگي سردار انقلابي پورهيتن ۽ هارين جو قتل عام ڪري سگهن. 21 مارچ تي انقلابين کي چٿڻ لاءِ چينگ سامراجي فوجن گڏيل ڪارروائي ڪئي. شنگهائي جي ان قتل عام کان پوءِ به ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي نمائندن چينگ ڏانهن خط موڪليو ته هو هڪ طرفي ڪارروائي نه ڪري ان جي باوجود به چينگ سامراجين جي تعاون سان نانجنگ ۾ انقلاب دشمن حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
اپريل 1927ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پنجين ڪانگريس منعقد ٿي ته ان ۾ تنقيد باوجود چين ڊوسيو کي هڪ ڀيرو ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، رڳو ايترو نه پر وانگ چن وي جي هٿ ٺوڪي ”کاٻي ڌر“ جي حڪومت جي حمايت به ڪئي وئي، پر ان جا ارادا به جلد سامهون اچڻ شروع ٿي ويا. جڏهن اها حڪومت به چينگ سان ملي وئي ۽ هن به پورهيتن جو قتل عام شروع ڪري ڇڏيو. اهو سڀ ڪجهه اسٽالن جي پاليسين تحت ئي ٿي رهيو هو. ٽرائسڪي 1923ع ۾ به چينگ ڪائي شيڪ سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ ۽ ان جي پارٽي کي ٽين انٽرنيشنل جي اتحادي جو درجو ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هينئر به هو وانگ سان ڪنهن به قسم جي ٺاهه خلاف آواز اٿاري رهيو هو. جون ۾ ڪميونسٽ پارٽي وري به وانگ جي چينگ خلاف متحده محاذ ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي، پر هن ان جو جواب پورهيتن جي وڌيڪ قتل عام جي صورت ۾ڏنو. ان کي هڪ الميو ئي چئي سگهجي ٿو. جنهن ڪومنيٽانگ پارٽي کي ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي پگهر سان سنواريو هو، اها ئي پارٽي انقلاب پسندن جي قتل عام ۾ ملوث هئي.
15 جولاءِ تي ان ئي ڪومنيٽانگ پارٽي جي کاٻي ڌر جي وانگ حڪومت مارشل لا لاڳو ڪري ڪميونسٽن کي گرفتار ڪري، پورهيتن جي تنظيمن تي پابندي لڳائڻ کان سواءِ انهن جو قتل عام ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته سوويت يونين ۽ ڪومنٽرن کان آيل صلاحڪارن کي انهن جي انقلاب دشمني جي ڪري چين ڇڏڻو پيو ۽ پنهنجي پهريان کان موجود نمائندن کي واپس گهرائي اسٽالن پنهنجي هڪ خاص نمائندي لومي ناڊز کي چيني ڪميونسٽ پارٽي کي هدايت ڏيڻ لاءِ چين موڪليو، پر ٻئي طرف 15 جولاءِ 1927ع تي ماسڪو ۾ ٿيندڙ ڪومنٽرن جي ميٽنگ ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي تي الزام لڳائي ان جي مذمت ڪئي وئي. اهڙي طرح 7 آگسٽ تي لومي ناڊز جي سربراهيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي هڪ غير معمولي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ چن توسيو کي به مفاد پرست ظاهر ڪري اسٽالن ۽ ڪومنٽرن جي غلط پاليسين جي نتيجي ۾ ٿيل شڪست جو ذميوار قرار ڏنو ويو ۽ اهوئي ڪجهه ڪميونسٽ ليڊر تانگ پن سان به ٿيو. ڪيوي بائي کي ڪميونسٽ پارٽي جو نئون جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو. انهن سڀن انقلاب دشمن ڪوششن باوجود به انقلابي عمل ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ جاري رهيو ۽ سيپٽمبر ۾ مائوزي تنگ جي قيادت ۾ نيان ۾ هارين جي هڪ تمام وڏي قيادت اڀري، اهڙي طرح آڪٽوبر ۾ شين سي ۾ پورهيتن جون تنظيمون قائم ٿيون.
چين جي مسئلي تي سرڪاري اپوزيشن سان اختلاف ۽ ان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي ڪري ٽرائسڪي ۽ زنويف کي ڪميونسٽ پارٽي آف سوويت يونين مان ڪڍيو ويو، جنهن کان پوءِ ڪومنٽرن جي قيادت مفاد پرستي ۽ مصلحت پسندي جي پاليسي کي ڇڏي انتهاپسندي طرف قدم وڌايا، جيڪا پهرين پاليسي کان به وڌيڪ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي. 11 کان 16 سيپٽمبر 1927ع تي گوانگ زائو ۾ هڪ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان فيصلي کي هوا ڏيڻ ۾ ڪومنٽرن جا نمائندا لومي ناڊز ۽ نيومان اڳڀرا هئا. اها مهم ڪميونسٽ پارٽي ۽ انقلاب جي هن مهل تائين جي ڪاميابين لاءِ تباهي مچائيندڙ ثابت ٿي ۽ ان غيرمنظم مهم دوران چينگ جي فوجن 70 هزار ڪميونسٽن کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ايندڙ پنجن سالن جي عرصي ۾ هڪ لک انقلابي ۽ پورهيت قتل ڪيا ويا ۽ چين جو انقلاب ڪيترن ئي سالن لاءِ پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويو. ان سان بين الاقوامي انقلاب ۽ چين جي پورهيت طبقي کي ازالي نه ٿيڻ جهڙو نقصان پهتو ۽ ڪميونسٽ تحريڪ تي گهرا اثر پيا.