تاريخ، فلسفو ۽ سياست

چين جو انقلاب

ھن ڪتاب ۾ اوھان پڙھي سگھو ٿا تہ ڪيئن ھڪ آفيمي قوم تعليمي ۽ شعوري انقلاب ذريعي عظيم عالمي طاقت بڻجي دنيا تي معاشي طور ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. ڪتاب ۾ چين جي جغرافيائي صورتحال، قديم چيني تهذيب ۽ تاريخ، ڪنفيوشس ۽ ان جا نظريا، منگول عهد جو چين، مانچو خاندان جو دؤر، آفيم جون جنگيون، چين جاپان جنگ، آفيم جي جنگين کانپوءِ نوآبادياتي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي گرفت، 1911ع جو انقلاب ۽ محرڪ، 1911ع جو ناڪام انقلاب، انقلاب ۾ شاگردن جو ڪردار، محدود جمهوريت جو قيام، مهاڀاري لڙائيءَ ۾ چين جي شرڪت، شاگردن جا مظاهرا، ڪميونسٽ پارٽي جو قائم ٿيڻ، سرخ فوج جي اڳڀرائي، چين جو انقلاب 1949ع، مائوزي تنگ ۽ انقلاب، مائوزي تنگ جو فڪر، انقلاب کان پوءِ چين، چين جو ثقافتي ۽ تعليمي انقلاب، ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو جي چين کي واپسي سميت ڪيترن ئي موضوعن بابت ڄاڻ موجود آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1178
  • 799
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عزيز ڏاهري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چين جو انقلاب

پاڪ- چين لاڳاپا

پاڪستان عوامي جمهوريه چين کي 1950ع ۾ تسليم ڪيو هو. ان ئي سال پاڪستان تبت تي چين جي حملي جي مذمت کان پاسو ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي قرارداد تي ووٽنگ ۾ به حصو نه ورتو، جنهن ۾ چين کي حمله آور قرار ڏنو ويو هو. عوامي جمهوريه چين کي گڏيل قومن ۾ پنهنجو حق ۽ 4 ٻين وڏين طاقتن جي برابر مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تقريباً 50 سال جدوجهد ڪرڻي پئي ۽ چين جي ان اصولي جدوجهد ۾ پاڪستان مسلسل چين جي حمايت ڪندو رهيو. اهڙي طرح لياقت علي خان جي حڪومت عوامي جمهوريه چين کي نه رڳو تسليم ڪيو، پر گڏيل قومن ۾ ان کي ان جو جائز مقام ڏيڻ جي مطالبي جي به پرزور حمايت ڪئي.
ڪوريا جنگ جي مسئلي تي پاڪستان گڏيل قومن جي ڪوريا بابت ڪميشن ۾ شامل هو، جنهن کان پوءِ پاڪستان جي اڻ ڌري حيثيت مشڪوڪ ٿي وئي ۽ ان سان اهو تاثر مليو ته پاڪستان آمريڪا جو طرفدار بڻيل آهي. ان ئي وقت چين پاڪستان جو نالو غيرجانبدار ملڪن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو. جڏهن پاڪستان پنهنجا فوجي دستا ڪوريا موڪليا، تڏهن به پاڪستان جي غيرجانبدار رهڻ واري دعويٰ کي ڌڪ رسيو. جڏهن ته بعد ۾ پاڪستان گڏيل قومن ۾ چين کي حمله آور قرار ڏيڻ ۽ چين کي فوجي اهميت جو ڪچو مال برآمد ڪرڻ تي پابندي متعلق قراردادن تي ڪنهن به طرح ووٽ نه ڏنو، پر پاڪستان جو ايئن غيرجانبدار رهڻ چينين جو اعتماد بحال نه ڪري سگهيو. ڏکڻ اوڀر ايشيا معاهدي ۾ پاڪستان جي شامل ٿيڻ تي چين سان بهتر لاڳاپن جي امڪانن کي وڌيڪ نقصان پهتو، تنهن هوندي به پاڪستان معاهدي ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ ڀارت جي اڳرائي وارن ارادن کي جواز طور پيش ڪيو. چين به ڏکڻ اوڀر ايشيا معاهدي ۾ پاڪستان جي ذميدارين کان چڱي طرح آگاهه هو. هن حقيقت پسنداڻو رويو اختيار ڪندي مناسب موقعي جو انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن هو پاڪستان کي ان فوجي معاهدي کان الڳ ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي ۽ هن کي اهو موقعو بنڊونگ ڪانفرنس ۾ مليو، جتي هن پاڪستان جي خدشن جي پٺڀرائي ڪئي ۽ ان کان پوءِ چو اين لائي پاڪستان جي وزيراعظم محمد علي بوگرا کي پيڪنگ اچڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان جو وزيراعظم چين نه وڃي سگهيو، تنهن هوندي به دعوت واپس نه ڪئي وئي، پر جڏهن چوڌري محمد علي وزيراعظم ٿيو ته ان دعوت جي تجديد ڪئي وئي. چوڌري محمد علي به خارجه پاليسي ۾ تبديلي نه ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته هو به اهڙي حڪومت ۾ شامل رهيو هو جنهن چين خلاف فوجي معاهدن ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان کان پوءِ حسين شهيد سهروردي وزيراعظم بڻيو ته ان چو اين لائي جي دعوت نه صرف قبول ڪئي پر هو پيڪنگ به ويو، جيتوڻيڪ پاڪ چين لاڳاپا ۽ گڏيل تعاون جو آغاز وزيراعظم سهروردي جي دؤر کان ٿيو، پر ٻئي طرف پاڪستان حڪومت ان خدشي جو به شڪار رهي ته متان پاڪ چين دوستي کي واشنگٽن ٽيڏي اک سان ڏسي، انهن خدشن واري دؤر ۾ وزيراعظم چوي اين لائي پاڪستان جي دوري تي آيو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چين ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي حمايت ڪري ٿي سگهيو، پر ان لاءِ ضروري هو ته پاڪستان به فارموساد جي مسئلي تي چين جي حمايت جو اعلان ڪري، ڇاڪاڻ ته چين لاءِ ڪشمير کان وڌيڪ اهم مسئلو فارموساد جو هو، جتي ڪائي شيڪ جي حڪومت ڪومينٽانگ حڪومت جي وجود جي برابر هئي، پر پاڪستان جي وزيراعظم حسين شهيد سهروردي اهڙو ڪو به يقين نه ڏياريو.
آڪٽوبر 1958ع جي مارشل لا کان پوءِ ايوب خان اقتدار ۾ آيو ته هن شروع ۾ ئي دفاعي معاهدن ۾ شامل رهڻ جي پاليسي اختيار ڪئي، پر هن کي جلد ئي ڏکڻ اوڀر ايشيا معاهدي جي نقصان جو احساس ٿيو ته هن خارجه پاليسي تي نظرثاني ڪئي ۽ ان جو کليو اظهار گڏيل قومن ۾ چين جي ميمبرشپ جي مسئلي تي ڪيو. جڏهن ته ان جي باوجود به پاڪستان ”سيٽو“ جهڙي معاهدي جي زنجيرن ۾ ڦاٿل هو ۽ ان معاهدي تحت پنهنجا فوجي دستا لائوس موڪلڻ تي مجبور ٿي ٿي سگهيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ها، ته چين سان پاڪستان جا خوشگوار لاڳاپا صرف هڪ خواب ئي رهجي وڃن ها پر لائوس بابت صدر ايوب حقيقت پسنداڻو بيان ڏئي چين جي موقف جي حمايت ڪري پاڪ چين لاڳاپن جي راهه هموار ڪئي.
ايوب خان جي مارشل لا حڪومت جي هڪ سال کان پوءِ اتفاق سان پاڪستاني حڪومت کي هڪ اهڙو چيني نقشو مليو، جنهن ۾ پاڪستان جو اتريون علائقو چين ۾ ڏيکاريو ويو هو. اهو نقشو ڀارتي ذريعن کان پاڪستان کي مليو. انهن ڏينهن ۾ گلگت ۾ نامعلوم هوائي جهاز پرواز ڪندي ڏٺا ويا. جيتوڻيڪ پاڪستان ڪو احتجاج نه ڪيو، پر يقين هو ته اهي چيني جهاز هئا. ان کان اڳ چين ڀارت سرحدي جهڙپون ٿي چڪيون هيون. ايوب خان محسوس ڪيو ته چين سان سرحدي فيصلو ٿي وڃڻ گهرجي. جيتوڻيڪ هن 23 آڪٽوبر 1959ع ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته پاڪستان تمام جلد سرحدي فيصلي لاءِ چين سان رابطو ڪندو. پاڪستان ان سلسلي ۾ چين کي درخواست به ڏئي ڇڏي.
1961ع جي شروعات ۾ پاڪستان چيني حڪومت کي هڪ يادداشت نامو موڪليو، ان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ چين جي سرحدي علائقي سنڪيانگ ۽ ان سان لڳو لڳ انهن علائقن جي وچ ۾ جن جو دفاع پاڪستان جي ذميداري هو حدبندي جي تجويز پيش ڪئي وئي. ڀارت ان موقعي تي پيڪنگ ۽ اسلام آباد کي احتجاجي مراسله اماڻيا، جن ۾ ان تجويز تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو هو. ڀارت جو موقف هو ته گلگت جيئن ته مقبوضه ڪشمير جو حصو آهي، ان ڪري پاڪستان کي اهو حق ناهي ته هو ڄاڻايل سرحد جو تعين ڪري. ايوب خان پنهنجي موقف جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان کي ڄاڻايل سرحد لاءِ چين کي درخواست ڪرڻ جو هر حوالي سان حق حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته چين جي سرحد تي واقع علائقن تي پاڪستان جي عملداري آهي.
ايوب خان جو چين کي پاڪستان سان سرحدن جي تعين جي ٺاهه تي راضي ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ جرئت منداڻو قدم اهو بيان هو، جيڪو هن واشنگٽن ۾ ڏنو. اهو هي ته ”انصاف جي تقاضا اها آهي ته گڏيل قومن ۾ چين کي پنهنجو جائز مقام ملڻ گهرجي ۽ پاڪستان آئنده ان مسئلي تي چين جي حق ۾ ووٽ ڏيندو.“ آمريڪا جي دوري کان واپسي تي هن چيني سفير کي چيو ته هو چين سان سرحدي معاهدي لاءِ ڳالهين جا منتظر آهن. آخرڪار 3 مئي 1962ع ۾ پاڪستان ۽ چين سرحدي ڳالهين تي ٺاهه ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا ۽ طئي ٿيو ته حدبندي جي نوعيت عارضي هوندي ۽ قطعي معاهدو ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ چين جنگ نه ڪرڻ جي معاهدي جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته سرحدي ٺاهه جي شروع ۾ جنگ نه ڪرڻ جو ٺاهه به شامل ڪري وٺجي. چين ان سلسلي ۾ ڀارت جي احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو.
پاڪ-ڀارت ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ 29 آگسٽ 1963ع ۾ هڪ ٻي سياسي ڪاميابي حاصل ڪندي، پاڪستان چين سان هڪ فضائي معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي فضائي ڪمپنين کي هڪ ٻئي جي علائقي ۾ پرواز ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان سواءِ پاڪستان ۽ چين جي چونڊ هنڌن تي جهازن جي بنا رڪاوٽ پرواز لاءِ گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ هو. ان جي نتيجي ۾ آمريڪي حڪومت ڍاڪا ايئرپورٽ جي واڌاري لاءِ 4,00,000 ڊالر قرض ڏيڻ جي معاهدي کي ملتوي ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح معاهدي جي سلسلي ۾ ناراضگي ظاهر ڪئي وئي ۽ پاڪستان ۾ ان جو سخت ردعمل سامهون آيو. ايوب خان پاڪ- چين معاهدي ذريعي فضائي طور دنيا سان ڪٽيل چينين لاءِ رستو کولي ڇڏيو. واشنگٽن ان معاهدي کي آزاد دنيا جي استحڪام خلاف هڪ سازش قرار ڏنو، جنهن ڪري پاڪستان آمريڪا کان وڌيڪ بدظن ٿي ويو ۽ آمريڪا طرفان پاڪستان جي اقتصادي ۽ فوجي امداد بند ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ٻيا وسيلا تلاش ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. ان صورتحال ۾ چين پاڪستان جي ٽئين ترقياتي منصوبي لاءِ امداد جي آڇ ڪري پاڪستانين جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. جڏهن جمهوريه چين جو چيئرمين ليوشائو چي اپريل 1965ع ۾ پاڪستان جي دوري تي آيو ته هن ڪيترين ئي تقريبن ۾ اهو يقين ڏياريو ته جيڪڏهن پاڪستان تي ڪنهن به حملو ڪرڻ جي جرئت ڪئي ته چين بنا دير پاڪستان جي مدد ڪندو ۽ ان جو عملي ثبوت چين 1965ع جي جنگ ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن ۽ گڏيل اعتماد ۾ نه رڳو اضافو ٿيندو ويو، پر گهٽ وڌ سمورن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به نظرياتي هڪ جهڙائي دوستي جي ان رشتي کي وڌيڪ استحڪام بخشيو. عوامي جمهوريه چين آزمائش جي هر گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ خاص طور تي ڪشمير جي مسئلي تي هن هر فورم تي پاڪستان جي موقف جي پٺڀرائي ۽ حمايت ڪئي.
شاهراه ريشم جي تعمير لاءِ عوامي جمهوريه چين پاڪستان سان فني ۽ مالي تعاون جو هڪ شاندار مثال پيش ڪيو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ زميني رستي واپار کي وڏي هٿي ملي ۽ ان واپار سان خاص طور تي ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي وڏو فائدو پهتو. وري 1971ع ۾ اها ”شاهراهه ريشم“ ”شاهراهه قراقرم“ بڻجي وئي ۽ جنهن روڊ تي اٺن ۽ گهوڙين ذريعي سفر ڪيو ويندو هو، هاڻي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيپ ۽ ٻيون گاڏيون اچڻ وڃڻ لڳيون. ان کان پوءِ پاڪ فضائيه پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فضائي سفر جو ناقابل يقين ڪارنامو انجام ڏنو ۽ پاڪ چين لاڳاپا هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي ويا.
1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي بحران دوران ڀارت گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا شروع ڪئي ته ٻين ملڪن وانگر چين به ڀارت خلاف سخت احتجاج ڪيو. ان کان پوءِ جڏهن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ گڏيل قومن اوڀر پاڪستان جي مسئلي کي پاڪستان جو اندروني مسئلو قرار ڏنو ته روس ۽ ڀارت اوڀر پاڪستان ۾ ”پرتشدد ڪارروايون ۽ رتوڇاڻ“ بند ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيا هئا. جيتوڻيڪ اپريل 1971ع جي ٻئي هفتي ۾ عوامي جمهوريه چين ڀارتي حڪومت جي نالي هڪ احتجاجي مراسلو لکيو، جنهن ۾ ڀارت کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت تي سخت تنبيهه ڪئي وئي هئي. ڀارتي حڪمرانن چين جي احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو سلسلو جاري رکيو. انهن حالتن ۾ چين پاڪستان کي خاطري ڪرائيندي اعلان ڪيو ته ”ڀارت آمريڪا ۽ سوويت يونين جي هشي تي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي آهي. ڀارت جي انهن ڪاررواين سان ان جا واڌاري وارا ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن. جڏهن ته پاڪستاني عوام کي يقين ڪرڻ گهرجي ته پرڏيهي حمله آورن خلاف ان جدوجهد ۾ چين سندن ڀرپور مدد ڪندو.“ ان جنگ ۾ چين پاڪستان جي صرف سفارتي سطح تي مدد ڪئي ۽ عملي مدد کان پاسو ڪيو، ان جو ڪارڻ اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته چيو ويندو آهي ته آمريڪا چين کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن هن ان معاملي ۾ مداخلت ڪئي ته هو به سڌوسنئون جنگ ۾ ٽپو ڏيندو. جيتوڻيڪ ٿي سگهي ٿو ته چين روس ۽ آمريڪا سان سڌوسنئون جهيڙو يا ٽين مهاڀاري لڙائي جو خطرو کڻڻ مناسب نه سمجهيو هجي. جڏهن ته ان کان پوءِ به چين پاڪستان جي سفارتي حمايت جاري رکي ۽ پاڪستان جي 90 هزار جنگي قيدين جي واپسيءَ جي سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪيو.
اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ 1972ع ۾ چين 11 ڪروڙ ڊالر جو قرض واپس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پراڻين شرطن تي وڌيڪ قرض ڏيڻ جي آڇ به ڪئي. ان کان پهريان چين نومبر 1970ع ۾ هڪ ارب رپين جو قرض بنا وياج 20 سالن لاءِ ڏنو هو ۽ پوءِ ان لاءِ وڌيڪ 10 سالن جي مهلت به ڏني. 1972ع ۾ چين ٽيڪسلا جي ڪارخاني لاءِ نه رڳو مشينون مهيا ڪيون، پر انهن مشينن لاءِ ڪچو مال ڏيڻ جي به ذميداري قبول ڪئي. دنيا ۾ اهڙو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي ته ڪنهن ملڪ مشينري سان گڏ ڪچو مال به مهيا ڪيو هجي. چين پاڪستاني ماڻهن کي تربيت ڏيڻ وارا به فراهم ڪيا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو لاڙڪاڻي ۾ جنهن شگرمل جو افتتاح 1974ع ۾ ڪيو ويو، ان جي مشينري ٽيڪسلا ۾ تيار ڪئي وئي ۽ ان سلسلي ۾ گهربل ساڍن 3 ڪروڙ رپين جو ناڻو چين قرض نه پر عطئي طور ڏنو. ان کان علاوه ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ ڪيترائي منصوبا چين جي تعاون سان پڄاڻي تي پهتا.
جولاءِ 1977ع ۾ جڏهن ڀٽو حڪومت جي خاتمي کان پوءِ جنرل ضياءُالحق حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته چيني حڪومت سفارتي ذريعن کان پاڪستان کي دوستي ۽ خيرخواهي جو يقين ڏياريو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪرڻ لڳا. 1982ع جي آخر تائين جنرل ضياءُالحق ٽه ڀيرا عوامي جمهوريه چين جو دورو ڪري چڪو هو. 1982ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، فني ۽ واپاري رابطن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي ۽ چين هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ پرڏيهي مداخلت ۽ خطرن جي مقابلي لاءِ جائز جدوجهد ۾ هر قسم جي مدد جو يقين ڏياريو.
جنرل ضياءُالحق جي وفات کان پوءِ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي دؤر ۾ به پاڪستان چين لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا، ڇاڪاڻ ته چين انهن ٻنهي حڪمرانن کي اسلامي انتها پسند تنظيمن خلاف ڪارروائي جو چيو هو، پر ٻئي حڪمران ڪارروائي کان لاچار رهيا، جنهن جي ڪري پاڪ چين لاڳاپن ۾ بهتري نه اچي سگهي. چين ڪجهه اسلامي جماعتن تي الزام لڳايو ته اهي چين جي مسلمانن جي مدد ڪري حالتون خراب ڪري رهيون آهن. ان حوالي سان روزنامه جنگ ۾ هڪ خبر 11 جنوري 1996ع ۾ هن طرح شايع ٿي:
”چين جي حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته اها جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي ۽ سياسي تنظيمن خلاف ان الزام هيٺ ڪارروائي ڪري ته اهي چين جي داخلي معاملن ۾ مداخلت ڪري پاڪستاني سرحدن جي ويجهو واقع صوبي سنڪيانگ ۾ حڪومت مخالف چيني عسڪريت پسندن کي مالي مدد، هٿيار ۽ تربيت ڏئي رهيون آهن ۽ اهڙي طرح چيني سرزمين کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائي رهيون آهن.“ هانگ ڪانگ جي بااثر اخبار ”فار ايسٽرن اڪنامڪ ريويو“ ان حوالي سان هڪ خصوصي رپورٽ شايع ڪئي ته ”چيني حڪومت پاڪستان جي ڪجهه انتهاپسند اسلامي تنظيمن جي صوبي سنڪيانگ ۾ ٿيندڙ سرگرمين کان سخت تنگ آهي ۽ بظاهر اهي سرگرميون اسلام جي تبليغ خاطر ٿي رهيون آهن، پر حقيقت ۾ ان صوبي کي اسلامي انتهاپسندن جو ڳڙهه بڻائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. اهو سلسلو گذريل ڪجهه سالن کان جاري آهي ۽ هينئر 3 سال پهريان ئي سنڪيانگ جي شهر برن ۾ انتهاپسند مسلمانن جي هڪ تحريڪ سختي سان چٿي وئي آهي ۽ فوجي ڪارروائي ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا هئا.“
2005ع ۾ هڪ ڀيرو وري چين پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو انهن ديني تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪري، جيڪي صوبي سنڪيانگ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري رهيون آهن.
سال 2002ع کان پاڪ چين ٻه طرفي واپار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. سال 6-2005ع جي شروعاتي 6 مهينن دوران پاڪ چين ٻه طرفي واپار جو ڪاٿو هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي اضافي سان 4 ارب 26 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويو. جڏهن ته سال 4-2003ع جي شروعاتي 6 مهينن دوران واپار جو ڪاٿو 3 ارب 6 ڪروڙ ڊالر هو. چين لاءِ پاڪستاني برآمد ۾ به 2. 39 سيڪڙو اضافو ٿيو. جولاءِ کان ڊسمبر 2005ع دوران چين لاءِ پاڪستاني برآمد 83 ڪروڙ 20 لک ڊالر تائين هئي. ٻنهي ملڪن واپار جي واڌاري لاءِ جيڪي قدم کنيا، ان ۾ ارلي هارويسٽ پروگرام سرفهرست آهي، جنهن تحت 2008ع تائين ٻه طرفو واپار 8 ارب ڊالر تائين پهچائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.
چين پاڪستان ۾ ڪيترن ئي منصوبن ۾ فني ۽ مالي مدد فراهم ڪري پاڪستان سان دفاعي شعبن ۾ به تعاون جو ثبوت فراهم ڪري چڪو آهي، پر ان ۾ سڀ کان اهم ۽ ذڪر جوڳو ڪارنامو گوادر بندرگاهه جي تعمير لاءِ فني ۽ مالي مدد آهي. بندرگاهه جي تعمير تقريباً مڪمل ٿي چڪي آهي، جنهن سان سمنڊ کان محروم افغانستان ۽ ايشيائي رياستن کي به زبردست فائدو حاصل ٿيندو ۽ پاڪستان کي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي مد ۾ سٺي آمدني حاصل ٿيندي ۽ ان جي واپار کي به هٿي ملندي. اهڙيءَ طرح بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ به مدد ملندي، پر بدقسمتي سان پاڪستان جي ڪجهه پاڙيسري ملڪن لاءِ اها صورتحال ناقابل برداشت آهي. اهي پاڪستان ۽ چين جي خوشگوار لاڳاپن کي برداشت ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. صدر پرويز مشرف جي چين جي دوري کان پهريان بلوچستان ۾ 3 چيني انجنيئرن جو قتل ان سلسلي جي ڪڙي هو، پر پاڪستان لاءِ اها اطمينان جوڳي ڳالهه هئي ته چين ان سانحي کان پوءِ پنهنجن ماهرن کي واپس گهرائڻ بدران وڌيڪ فني ماهر پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ڪري پاڪ چين دوستي خلاف دشمنن جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
20 فيبروري 2006ع تي صدر پرويز مشرف چين جو دورو ڪيو ۽ بيجنگ ۾ اقتصادي، سماجي، دفاعي ۽ تجارتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ بي 13 ٺاهن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. چين پاڪستان کي زلزلي کان متاثر علائقن جي بحالي لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. جيڪو 20 سالن ۾ واپس ڪرڻو هوندو. انهن يادداشتن جو مقصد زندگي جي مختلف شعبن کي فروغ ڏيڻ ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. صدر جنرل پرويز مشرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري سرگرمين کي تيزي سان فروغ ڏيڻ لاءِ آزاد واپاري معاهدن جي سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي مستقل ميمبرشپ لاءِ چين پاڪستان جي مدد ڪري.
صدر جنرل پرويز مشرف هي دورو ان وقت ڪيو، جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ زبردست اضافو ٿيو ۽ پاڪستان جي اهم ترقياتي منصوبن ۾ عوامي جمهوريه چين طرفان فني ۽ مالي تعاون ڪيو، آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، ڪشمير مسئلي سميت ڀارت سان سمورن تڪراري معاملن تي ٿيل ڳالهين جي ناڪامي جي ڪري هي خطو حالتن ۽ واقعن جي روشني ۾ ڪيترن ئي خدشن جو شڪار آهي. چين جي زبردست اقتصادي ترقي به يورپ ۽ آمريڪا جهڙن سامراجي ملڪن جي اک ۾ ڪنڊي جيئان چُڀي رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ گوادر کان علاوه گومل زيم ڊيم ۽ شاهراهه مڪران جي تعمير ۾ چين جي تعاون خلاف به سازشن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ڪجهه عالمي طاقتون پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ کان سواءِ چين جي چوطرف گهيرو تنگ ڪرڻ ۾ به مصروف آهن. ڪشمير جي مسئلي تي چين طرفان پاڪستان جي موقف جي ڀرپور حمايت ۽ پٺڀرائي به ڪجهه ملڪن لاءِ ناقابل برداشت آهي. ان پس منظر ۾ صدر جنرل پرويز مشرف جو چين جو دورو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدن جي نتيجي ۾ پاڪ چين دوستي وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ مضبوط حڪمت عملي جي بنياد تي انهن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافي سان نه صرف علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، پر هن خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي گراف کي بلند ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.