تاريخ، فلسفو ۽ سياست

چين جو انقلاب

ھن ڪتاب ۾ اوھان پڙھي سگھو ٿا تہ ڪيئن ھڪ آفيمي قوم تعليمي ۽ شعوري انقلاب ذريعي عظيم عالمي طاقت بڻجي دنيا تي معاشي طور ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. ڪتاب ۾ چين جي جغرافيائي صورتحال، قديم چيني تهذيب ۽ تاريخ، ڪنفيوشس ۽ ان جا نظريا، منگول عهد جو چين، مانچو خاندان جو دؤر، آفيم جون جنگيون، چين جاپان جنگ، آفيم جي جنگين کانپوءِ نوآبادياتي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي گرفت، 1911ع جو انقلاب ۽ محرڪ، 1911ع جو ناڪام انقلاب، انقلاب ۾ شاگردن جو ڪردار، محدود جمهوريت جو قيام، مهاڀاري لڙائيءَ ۾ چين جي شرڪت، شاگردن جا مظاهرا، ڪميونسٽ پارٽي جو قائم ٿيڻ، سرخ فوج جي اڳڀرائي، چين جو انقلاب 1949ع، مائوزي تنگ ۽ انقلاب، مائوزي تنگ جو فڪر، انقلاب کان پوءِ چين، چين جو ثقافتي ۽ تعليمي انقلاب، ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو جي چين کي واپسي سميت ڪيترن ئي موضوعن بابت ڄاڻ موجود آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1178
  • 799
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عزيز ڏاهري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چين جو انقلاب

مانچو خاندان جو دؤر

مانچو خاندان ۾ 10 وڏا بادشاهه ٿي گذريا آهن.
(1) شيون شي 1644ع
(2) ڪانگ سي 1662ع
(3) ينگ چنگ 1722ع
(4) چن لونگ 1736ع
(5) چياجنگ 1796ع
(6) ٽاڙ ڪوانگ 1821ع
(7) سين فنگ 1851ع
(8) ٽنگ چي 1862ع
(9) ڪوانگ سو 1875ع
(10) سوانگ ٽنگ 1908ع
مانچو خاندان نزين قبيلي سان تعلق رکي ٿو جيڪو مودان ۽ شنگهاري درياءَ جي ميلاپ واري وادي جا رهندڙ هئا. انهن جي گذرسفر جو ذريعو ٻني ٻارو هو. 1580ع جي ڏهاڪي ۾ مانچو قبيلي جي سردار نورهاچي جيڪو تائي زو جي نالي سان به مشهور آهي، ان ٻئي قبيلي کي شڪست ڏئي 1616ع ۾ ڪوئنگ حڪومت (جنهن جو نالو پهريان جن هو) قائم ڪئي. اها رياست ايترو ته وڌي ويجهي جو سوزي درياءَ کي پار ڪري ڊالن درياءَ جي ڪنارن تائين وڃي پهتي. پوءِ تائي زو منگ شهر تي قبضو ڪري گادي جو هنڌ اوڏانهن منتقل ڪيو. جڏهن 1626ع ۾ هن وفات ڪئي ته سندس پٽ تائي زونگ تخت تي ويٺو. هن ڪاميابين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو جو منگوليا سان گڏوگڏ مغرب جي ڪيترن ئي شهرن تي قبضو ڪري ورتو. ان کانپوءِ هن جي فوج بيجنگ جو رخ ڪيو ۽ دره شانهائي گوان (جتي ديوار چين ۽ سمنڊ ملن ٿا) مان گذري منگ ڇانوڻي جي ڪمانڊر کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو. اهڙي طرح ديوار چين پار ڪري مانچو فوجن بيجنگ تي قبضو ڪري ورتو پر ان کان پهريان تائي زونگ وفات ڪري چڪو هو ۽ ان جي جاءِ تي ان جو پٽ فولن صرف 6 سالن جي عمر ۾ اقتدار سنڀالي شهنشاهه چين ٿيو. هو تاريخ ۾ شاهه سن چي آف ڪوئينگ جي نالي سان مشهور آهي. شهنشاهه جي نابالغي جي زماني ۾ هن جو چاچو اماوانگ حڪومت جو سربراهه رهيو ۽ ان زماني ۾ هر طرف امن امان رهيو ايستائين جو ڪجهه بغاوتون پاڻمرادو ختم ٿي ويون. هن جي وفات کانپوءِ به شهنشاهه اهي روايتون برقرار رکيون. فتح ڪيل منگ خاندان جا طرفدار روز ڪنهن نه ڪنهن تخت جي دعويدار کي آڻي بيهاري ڇڏيندا هئا ۽ ويڙهه کان پوءِ ئي ان جو فيصلو ٿيندو هو. ان جو سبب اهو هو ته يورپي واپاري ۽ پادري منگ خاندان جي زماني ۾ وڌندا پئي ويا. ايستائين جو امير، وزير ۽ شاهي خاندان جا ڪجهه شهزاده به عيسائي ٿي ويا هئا ۽ يورپ وارن جا طرفدار هئا. نئين حڪومت ۾ انهن کي ساڳيا موقعا نه هئا، ان لاءِ اهي شڪست کاڌلن کي ڀڙڪائيندا ۽ پنهنجي توپ خانن مان انهن جي مدد ڪندا هئا. ڌارين جي آمد جو سلسلو زورشور سان جاري هو. پرتگال ۽ هالينڊ وارا ته گهڻو اڳ کان ديرا ڄمائي چڪا هئا. روسين به ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجو اثر ۽ اقتدار وڌائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون هيون ۽ آخرڪار اتر ۽ اتر اولهه جي هڪ وڏي حصي تي انهن جو اثر ٿي ويو. انگريز به آيا پئي پر پرتگال وارا ڪنهن ٻي مغربي طاقت جي اچڻ کي پسند نه ڪندا هئا. تبت جو دلائي لامه پاڻ پيڪن آيو ۽ جيتوڻيڪ قبلائي خان جي زماني کان کيس دلائي لامه چيو ويندو هو پر شهنشاهه باضابطه طور اهو خطاب لامائي تبت کي عطا ڪيو.
جڏهن مغرب ۾ سي وانگ بغاوت جو علم بلند ڪيو ته بادشاهه جو خيال هو ته جيڪڏهن سندس فوج عالمن جي اثر هيٺ نه رهي ته گهر جي بندشن مان نڪري ۽ تمام بهادري سان وڙهي سگهي ٿي ۽ شڪست نه ٿيندي. ان لاءِ هن پهريان 30 هزار عالمن کي ترار سان قتل ڪيو ۽ پوءِ سپاهين جي 4 لک زالن ۽ عورتن کي ماري ڇڏيو پر اها قرباني ڪنهن به ڪم نه آئي، ڇاڪاڻ ته اهو سردار ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پاڻ ئي ختم ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ بغاوت به ختم ٿي وئي. چيو ويندو آهي ته شهنشاهه جي محبوب زال جي وفات هن جي دل ٽوڙي ڇڏي هئي. شن چي کان پوءِ ان جو پٽ ڪانگ سي تخت تي ويٺو.
ان زماني ۾ وڏين بغاوتن کان سواءِ سمنڊ ۾ به طوفان آيا. فارموسا جزيرو هالينڊ وارن جي قبضي ۾ هو. اتي چينگ چي لنگ پنهنجي طاقت گڏ ڪري، سمنڊ اندر ڦرلٽ مچائي ۽ چين جي سامونڊري شهرن جا رستا بند ڪري ڇڏيا. ان جي پٽ ڪائوسنگ بي ياڪوڪسنگا پيءُ کان به وڌيڪ هٿ ڊگها ڪيا ۽ فارموسا مان ڊچ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جو خودمختيار بادشاهه بڻجي ويو. شهنشاهه ان جي آڏو بلڪل مجبور هو ان لاءِ هن سامونڊي شهر وارن کي حڪم ڏنو ته اهي سمنڊ کان 10 ميل پري خشڪي ڏانهن هٽي وڃن ۽ موجوده شهرن کي تباهه ڪري نوان شهر ٺاهين. ان سان ماڻهن کي تمام گهڻو نقصان پهتو. ملاح ته مصيبت ۾ اچي ويا. بهرحال خدا خدا ڪري 1661ع ۾ ڪوڪسنگا جو پيءُ شهنشاهه جي ورچڙهي ويو ۽ قتل ڪيو ويو ان جي هڪ سال کان پوءِ ڪوڪسنگا به مري ويو.
ڪانگ سي جو حڪومتي دور اڌ صدي تائين هندستان ۾ اورنگ زيب جي حڪومت جو ساڳيو زمانو رهيو. تخت تي ويهڻ وقت هن جي عمر 8 سال هئي پر 14 سالن جي عمر کان ئي هو وزارت جي سمورن ڪمن کي پاڻ جانچڻ لڳو. ان زماني ۾ منگ درٻار جا ڪيترائي آفيسر ڪوئينگ بادشاهت سان ملي ويا ۽ پنهنجي هان قوم سان غداري جا قصوروار بڻيا. تنهن هوندي به ڪجهه آفيسر مانچو خاندان خلاف مزاحمت به ڪندا رهيا. ان زماني ۾ منگ خاندان جي وزير ووسان ڪوئي جي بغاوت ذڪر جوڳي آهي. ڇاڪاڻ ته اهوئي اهو ماڻهو هو جنهن مانچوئن کي گهرايو هو. ڪانگ سي جي زماني ۾ هو ڏکڻ اولهه صوبن جو حاڪم هو پر ايتري قدر خودمختيار هو جو شهنشاهه جي حڪمن کي به ٿڏي ڇڏيندو هو. شهنشاهه هن جي فرمانبرداري آزمائڻ لاءِ کيس درٻار ۾ گهرايو. هن کي به شڪ ٿيو ۽ هن انڪار ڪري ڇڏيو. ان جو مطلب سڌي سنئين بغاوت هئي جيڪا معمول موجب جنگ کانپوءِ ختم ٿي، جڏهن ته ان لاءِ ڪانگ سي کي پنهنجي سڄي طاقت ان ڪم ۾ لڳائڻي پئي، ڇاڪاڻ ته نه رڳو اهو ته چينين جي همدردي ووسان ڪوئي سان گڏ هئي پر آسماني آفتون به ان جي راهه ۾ رڪاوٽ هيون. اهڙي طرح جو ان ئي سال پيڪن ۾ زبردست زلزلو آيو جنهن سبب جان ۽ مال جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، ايتري قدر جو شاهي محل به برباد ٿي ويو.
يورپ جي عيسائين کي شروع شروع ۾ ته ڪانگ سي ڏاڍو ساراهيو ۽ وڌايو ڇاڪاڻ ته اهي رياضي، آسماني علم، جغرافيه ۽ طب جا ماهر هئا. انهن جي مذهبن ڏانهن به هن جو خيال بهتر ٿيندو پئي ويو پر عيسائين جي پاڻ ۾ ئي ويڇن هن کي انهن جي خلاف ڪري ڇڏيو. پهريان اهو ته چيني پنهنجي وڏڙن واري واٽ ڪنهن به طرح نه ڇڏڻ چاهيندا هئا. هڪ عيسائي فرقو اهو چوندو هو ته ان جي باوجود به عيسائي مذهب اختيار ڪري سگهجي ٿو ٻيو ان جي سخت خلاف هو، ايترو ئي نه پر هڪ فرقو ٻئي فرقي کي پنهنجي وس آهر ڪوڙو ڪرڻ ۾ رڌل هو. هڪڙو وڏو بحث ته اهو هو ته خدا کي چيني زبان ۾ طين (آسماني قوت) چئجي يا طين چو (آسماني حاڪم) يا شانگ طي (خودمختيار حاڪم). ان جي فيصلي ۾ بادشاهه جيڪو چيو اهو پوپ منظور نه ڪيو جنهن تي شهنشاهه کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ڇاڪاڻ جو پهريان اهو ته چيني زبان بابت پوپ جو دخل ڏيڻ هن لاءِ بي معنيٰ هو ۽ ٻيو ته جڏهن بغير عيسائي هجڻ جي پوپ کي اهي اختيار هئا ته عيسائي ٿيڻ کانپوءِ ته جيتوڻيڪ هن جي شهنشاهيت نالي ماتر به نه رهندي. مقصد اهو ته ان سبب جي ڪري چيني حڪومت عيسائي نه ٿي نه ته هو بلڪل تيار هئي. (اهڙو ئي هڪڙو واقعو اسلام جي تاريخ ۾ به ٿي گذريو آهي، ڪنهن وقت ۾ روس جو بادشاهه به اسلام آڻڻ لاءِ تيار هو پر هن کي شراب جي تمام گهڻي عادت هئي، ان لاءِ هن مسلمان نمائندن کي چيو ته ٻيون سڀ ڳالهيون ته منظور آهن پر آءٌ شراب نه ٿو ڇڏي سگهان. ڪجهه مولوي ان ڳالهه تي اٽڪي پيا ته ايئن اسلام آڻڻ ته بلڪل بيڪار آهي. جيتوڻيڪ بادشاهه پنهنجي تمام وڏي سلطنت جي عيسائي ٿي رهيو. اسان جي مولوين ان وقت اهو نه سوچيو ته جنهن خدا بادشاهه کي اسلام جون خوبيون سمجهڻ جي توفيق ڏني آهي اهو آئنده ان کان شراب به ڇڏائي ڇڏيندو.) ڪانگ سي جي زماني ۾ علم ۽ ادب کي تمام گهڻي ترقي ملي، هڪ ڪتاب 1628جلدن ۾ لکيو ويو. ان جي هر جلد ۾ 2 سو صفحا هئا. پاڻ بادشاهه هڪ مقدس حڪم نامو شن بو جي نالي سان جاري ڪيو. جنهن ۾ 16 اصول ٻڌايا ويا آهن. ان کان سواءِ به بادشاهه ڪيترائي سڌارا آندا. مثال طور عورتن جا پير ٻڌڻ جي رسم خلاف حڪم جاري ڪيا. معززن جي جنازن تي عورتن جي قرباني بند ڪئي. (اها رسم انتهائي وحشياڻي هئي.) گذريل بادشاهه شن چي جي محبوبه جي جنازي تي 24 عورتن کي ذبح ڪيو ويو هو. هن فوجي ڍل وٺڻ وارو سلسلو به بند ڪيو. 1722ع ۾ شهنشاهه هڪ نئين ۽ عجيب و غريب رسم ادا ڪئي اها سندس 60هين سالگره هئي ان لاءِ هن پوري ملڪ جي 60 سال کان مٿي جي ماڻهن کي گادي واري هنڌ گهرايو ۽ جشن ملهايو، پر ان جي صرف ڪجهه مهينن کانپوءِ 20 ڊسمبر 1722ع تي شهنشاهه فوت ٿي ويو.
ڪانگ سي کانپوءِ ينگ چينگ تخت تي ويٺو. اهو تمام نيڪ ۽ سٺو بادشاهه هو. هن جو تمام مختصر زمانو ڪاميابي ۽ ناماچار سان گذريو پر مانچن لاءِ چينين جي دلين ۾ نفرت گهٽ نه ٿي، جيتوڻيڪ ڪوئينگ بادشاهت کي تمام گهڻين بغاوتن ۽ جنگي مهمن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. انهن مان تبت تي فوج جي چڙهائي اهم آهي. جڏهن 18هين صدي ۾ ڇهين دلائي لامه کي واپس ليحاشا آڻڻ لاءِ فوجون موڪلڻيون پيون. تڏهن 1726ع ۾ ڪوئينگ حڪومت هڪ اعلاميي ذريعي تبت جي ڪمشنر کي سمورا اختيار ڏئي ڇڏيا ۽ تبت مرڪزي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو. اهڙي طرح ين جيانگ صوبو به مرڪزي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هليو ويو. 1770ع جي ڏهاڪي ۾ مختلف صوبن ۾ مانچو حڪمرانن خلاف بغاوتون اڀرڻ لڳيون پوءِ انهن جي جاءِ مجلسن ۽ سازشن ورتي، جيڪي اڃا وڌيڪ خوفناڪ ثابت ٿيون. ”سفيد ڪنول سوسائٽي“، ”ڌرتي ۽ آسمان“ ۽ ”ٽن حصن ۾ ورهائڻ (مذهبي لحاظ سان)“ تحت هارين جي بغاوتن ڪوئينگ حڪومت کي تمام گهڻو ڪمزور ڪيو. ڏکڻ اولهه ملڪ ۾ 2 لک ٻڌ درويش اٿي کڙيا ٿيا، ان بغاوت کي روڪڻ لاءِ شهنشاهه حڪم ڏنو ته ڪنهن به خانقاهه ۾ 3 سؤ کان وڌيڪ درويش نه ٿا رهي سگهن ۽ نه ئي درويشن کي هٿيار رکڻ جي اجازت آهي.
ڌارين سان چينين جي رويئي ۾ ڪابه تبديلي نه آئي. روسي سڀني کان وڌيڪ ڪامياب رهيا، ڇاڪاڻ جو انهن جو مقصد صرف سياسي هو، مذهبي تبليغ هنن جو مقصد نه هو، عيسائي پادرين خلاف هڪ حڪم 1724ع ۾ جاري ٿيو. جنهن ڪري اهي ملڪ مان بيدخل ڪيا ويا ۽ سڀ جا سڀ ڪانٽن ۾ محدود ٿي رهجي ويا.
چين جي ٻين سمورن حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ ڪوئينگ حڪمران وڌيڪ مرڪزيت پسند هئا ۽ ان جا اڪثر فيصلا مرڪزي گرينڊ ڪائونسل ڪندي هئي. ان کان علاوه فوجي ۽ سياسي معاملا سڌاسنوان بادشاهه جي ڪنٽرول ۾ هئا. رياستي وزير گرينڊ ڪائونسل جا حڪم جاري ڪندا هئا. فتح ڪيل هان عوام تي هر طرح جا ظلم ڪيا ويندا هئا. جيڪو ليکڪ مانچو خاندان خلاف ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ان کي موت جي وادي ۾ اڇلايو ويندو هو. پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ان زماني ۾ ڪجهه شعبن ۾ چڱي ڀلي ترقي ٿي. مثال طور گوانگ ڊونگ صوبي ۾ رڳو چانهه تيار ڪندڙ ورڪشاپن ۾ 5 سؤ مزدور ملازم هئا. سٽ ڪتڻ ۽ ڪپڙو اڻڻ جي ڪارخانن ۾ 50 هزار پورهيت ملازم هئا. ان زماني ۾ چين ڌاڳي ۽ ڪپڙي جي صنعتن ۾ تاريخي شهرت حاصل ڪئي، ان زماني ۾ هڪ پوئتي پيل بينڪون هونديون هيون، اهي قرض ڏينديون، ماڻهن جا پئسا جمع ڪنديون ۽ ٽيڪس وصول ڪنديون هيون. ان زماني ۾ واپار ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي. چين ۽ روسي حڪومت وچ ۾ باضابطه تجارتي معاهدن ذريعي واپار ۽ ڪاروبار کي هٿي ملي. 1727ع ۾ ڪائي چٽا معاهدو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. اهڙي طرح آبي تجارت ۾ به پرتگال، هسپانيه ۽ لالينڊ سان به واپاري لاڳاپن ۾ اضافو ٿيو. ينگ چينگ قتل جي سزا جي حڪمن کي تبديل ڪري انهن کي انصاف، عقل ۽ انسانيت تي رکيو. سٺن زميندارن کي اعزاز عطا ڪرڻ جي رسم وڌي، علم ۽ ادب کي تمام گهڻي ترقي ڏني، هو پاڻ به وڏو عالم هو. هن جو ڪتاب ”جنگ جا اصول“ تمام مقدس لکڻي سمجهي ويندي آهي. 1730ع ۾ پيڪن ۾ جيڪو زلزلو آيو ان سڄي شهر کي اونڌو ڪري ڇڏيو، هڪ لک جانيون ضايع ٿيون، بادشاهه آخرڪار 5 آڪٽوبر 1735ع ۾ فوت ٿي ويو.
ينگ چين جي وفات کان پوءِ هن جو چوٿون پٽ ڪين لنگ تخت تي ويٺو. هن اندرين بغاوتن کي دٻائي وچ ايشيا جو رخ ڪيو. جنهن کي هن جي وڏن بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. هن ٻيهر اتي چين جو ڌاڪو ڄمايو ۽ امن امان قائم ڪيو. حالتون بهتر ٿيڻ ڪري ئي تاتارين جو قبيلو ترغوب سائبيريا مان واپس پنهنجي ملڪ ۾ اچي ويو. (اهو قبيلو پنهنجي ملڪ جي هر ڏينهن جي هجرتن کان بيزار ٿي سائبيريا جي ٿڌن علائقن ۾ هليو ويو هو، جيڪو روسين لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيو. هينئر جڏهن هنن پنهنجي ملڪ ۾ امن امان جي خبر ٻڌي ته ٿڌ جون تڪليفون ختم ٿيڻ لڳيون ۽ هنن اهو طئي ڪيو ته جيئن به هجي پنهنجي وطن موٽي هلجي. روسي فوجن انهن کي روڪڻ لاءِ سندن گهيراءُ ڪيو پر اهي جان تري تي رکي اتان کان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. رستي ۾ روسي عورتن ۽ ٻارن کي گولين جو نشانو بڻائيندا رهيا پر اهي تيستائين هلندا رهيا جيستائين منجهن هڪ وک کڻڻ جي به سگهه هئي. اهڙي طرح اهو قبيلو هزارين قربانيون ڏئي ترڪستان پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.) ٻئي طرف ڏکڻ ۾ 1768ع ۾ حدن جي معاملي تي جهيڙو ٿيو ۽ شهنشاهه ڪين لنگ ان کي تلوار جي زور تي حل ڪيو. پوءِ ڏکڻ اولهه جابلو قبيلن جو گهيراءُ ڪيو ڇو ته ان طرف کان هميشه بغاوت جو خطرو رهندو هو جن کي هن ڀيري 1777ع ۾ شهنشاهه تقريباً ختم ئي ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏ ئي تبت ۾ به نئون جهيڙو شروع ٿي ويو. ڪنهن بي وفائي جي ڪري نيپالي تبت ۾ گهڙي آيا ۽ ڦرلٽ شروع ڪري ڏني پر شاهي فوجون جلد پهچي ويون ۽ انهن نيپالين کي واپس نيپال ڀڄائي ڇڏيو.
ٻين مذهبن سان مذهب جي حيثيت ۾ شهنشاهه کي ڪابه اڻبڻت نه هئي، پر سياسي نقطه نظر سان چين کان سواءِ ڪنهن جو به طرفدار نه هو. اتر اولهه صوبن جي مسلمانن جي هو سخت خلاف هو بلڪ هڪ ڀيرو ته هو انهن سڀني کي قتل ڪرڻ جو سوچي رهيو هو پر ان جي باوجود هن جي هڪ زال مسلمان هئي ۽ ان سان هو ايتري قدر محبت ڪندو هو جو ان لاءِ هن هڪ ٻه منزله محل اهڙي ريت تعمير ڪرايو جو هڪ طرف هوءَ مسجد کي ڏسي ٿي سگهي ته ٻئي طرف پنهنجي وطن ترڪستان کي. اهڙي طرح جڏهن عيسائي پادرين پر ڪڍڻ شروع ڪيا ته هن کي انهن خلاف به حڪم جاري ڪرڻا پيا. اهوئي اهو زمانو هو جڏهن اسپينين فلپائن ۾ چينين جو قتل عام شروع ڪري هزارين چينين کي ترارن سان قتل ڪيو هو. ان ڪري چين ۾ پادرين خلاف اڃا به وڌيڪ سختي ٿي وئي. مذهب کان سواءِ شهنشاهه وٽ ٻه واپاري وفد به آيا، هڪ انگريزن جو ۽ ٻيو ڊچ ماڻهن جو، پر ڪنهن کي به ڪاميابي حاصل نه ٿي.
1796ع ۾ شهنشاهه ڪين لنگ تمام گهڻو پوڙهو ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته سندس حڪومت جو سٺ سالن وارو دور به ختم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ هو حڪومت ڪرڻ ٻئي جو حق سمجهندو هو، ٻئي طرف سندس ماءُ وفات ڪري وئي جنهن سان هو تمام گهڻي محبت ڪندو هو ۽ پوءِ ٿوري عرصي کان پوءِ سندس وڏو پٽ به مري ويو. انهن سببن جي ڪري 1796ع ۾ هن پاڻ ئي تخت ڇڏي ڏنو ۽ ڪياڪنگ تخت تي ويٺو.
ان زماني ۾ ڳجهن جماعتن جون سرگرميون حد کان وڌي ويون، بغاوتون به ٿيون ۽ وري شهنشاهه کي مارڻ جون سازشون به ٿيون. جن ۾ ٻه ڀيرا ته شهنشاهه معجزاڻي طور بچي ويو. نه رڳو ايترو نه پر ان جي زماني ۾ ملڪ تي آسماني آفتون به آيون. پهريان طوفان ۽ ٻوڏون ۽ پوءِ ڏڪار. چين جهڙي ملڪ ۾ جتي موسم جي تبديلي کي حڪومت جي نيڪي يا بدي سمجهيو ويندو هو. انهن قدرتي آفتن جو اهو اثر ٿيو جو حڪومت خلاف سازشن ۾ ڳجهن جماعتن کي مدد ملي. ان زماني ۾ سي ڪيانگ درياءَ جي منهن ۾ دريائي ڌاڙيلن جو هڪ گروهه ٺهيو جيڪو پوري دنيا ۾ مشهور ٿيو. هڪ ٻيو مسئلو جيڪو ان زماني ۾ سامهون آيو اهو آفيم هو. 1620ع ۾ پهريون ڀيرو اسپينين فلپائن مان تمباڪو آڻي چين ۾ ان جو رواج وڌو. شروع شروع ۾ آواره غنڊن تمباڪو سان گڏ آفيم ملائي پيتي ۽ ان جو چسڪو لڳو ته پوءِ رڳو آفيم ئي پيئڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ اها وبا آهستي آهستي پوري ملڪ ۾ پکڙجي وئي. 1685ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني گوانگ زو کان سڄي چين ۾ پنهنجون واپاري سرگرميون وڌائڻ شروع ڪيون ته انگلينڊ مان ٻين شين سان گڏ وڏي مقدار ۾ آفيم به آندي وئي. 1729ع ۾ حڪومت پهريون ڀيرو ان جي روڪٿام جو حڪم جاري ڪيو پر غيرملڪي واپارين کي ان مان وڏو فائدو هو ان ڪري لڪ ڇپ ۾ ان کي جاري رکيو آيا. 1773ع تائين ته رڳو پرتگيزي ئي ان واپار جا حامل هئا پر ان سال جڏهن لارڊ ڪلائيو کي بنگال ۾ ڪاميابيون مليون ته اتي جا آفيم جا فصل به سندس ورچڙهي ويا. جيتوڻيڪ اهو سڄو مال انگريزن ذريعي چين ۾ اچڻ لڳو ۽ اهي ئي ان واپار جا واحد ٺيڪيدار هئا. چيني حڪومت گهڻي ڪوشش ڪئي ته ان نقصان ڏيندڙ واپار کي بند ڪري پر غيرملڪي ڪمپنين جي طاقت ڪانٽن ۽ سمنڊ ۾ اهڙي هئي جو چيني حڪومت انهن جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿي سگهي.
1793ع ۾ برطانوي تاجرن جي ايلچي طور لارڊ ميڪارٽني چين آيو ۽ ڪجهه صوبن ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت گهرڻ چاهي پر شهنشاهه ڪياڪنگ سندس درخواست رد ڪري ڇڏي ڪوئينگ حڪمرانن پنهنجي اقتدار کي استحڪام بخشڻ لاءِ پرڏيهي واپار کي صرف گوانگ زائو تائين محدود رکڻ ٿي چاهيو ۽ سمورين پرڏيهي ڪمپنين کي سرڪاري واپارين جي هڪ بورڊ ڪوهونگ ذريعي ئي واپار ڪرڻ جي اجازت هئي.
مختصر اهو ته 18 صدي دوران يورپي سرمائيدارن پنهنجي واپاري سرگرمين کي پوري دنيا ۾ پکيڙڻ ٿي چاهيو ۽ انهن لاءِ پنهنجي مقصد کي تقويت ڏيڻ لاءِ چين هڪ اهم ملڪ هو. پکيڙ ۽ آبادي جي لحاظ سان چين هڪ وڏو ملڪ هجڻ ڪري ۽ تمام گهڻن قدرتي توڙي معدني وسيلن جي ڪري خاص ڪشش رکندو هو. جيتوڻيڪ ان اهم منڊي ۾ مسلسل مداخلت جي ڪري ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ ان جو نتيجو آفيم جي جنگ طور ظاهر ٿيو. برطانوي سامراج اڳرائي ڪندي چين تي توپن جي گولن جو مينهن وسائڻ شروع ڪري ڏنو جنهن کانپوءِ چين ۾ نوآبادياتي دور جي نظام جو آغاز ٿيو.