مستقبل جو چين
آمريڪي اختيارين ۽ جاپاني سياستدانن کي اها به خبر هئي ته جاپان جو آئين عالمي مسئلن کي عسڪري انداز ۾ حل ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. ان لاءِ جاپان جي آئين ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي، ڪجهه تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا هاڻي چين جو گهيرو ڪرڻ ٿو چاهي. سرد جنگ جي خاتمي جي تقريبن 11 سالن کان پوءِ عالمي سطح تي سياسي لحاظ سان اها سڀ کان وڏي تبديلي هوندي. آمريڪا دنيا جو واحد ملڪ آهي، جنهن کي جنگين مان فائدو پهتو آهي، پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ آمريڪا جنگ جي آخري دؤر ۾ شامل ٿيو، اهڙي طرح ٻي مهاڀاري لڙائي جي آخر ۾ اتحادين ۾ شامل ٿيو. انهن ٻنهي جنگين ۾ آمريڪا کي اهو فائدو پهتو، جو جنگ کان پري رهي هٿيارن ۽ ٻين شين جي واپار تي ڇانئجي ويو. جيئن ته اهو 7 سمنڊ پار واقع هو، ان ڪري جنگ جي شعلن کان به محفوظ رهيو، جنهن ڪري پوري دنيا جو سرمايو ۽ ذهين ماڻهو آمريڪا ۾ گڏ ٿي ويا ۽ ايئن آمريڪا هڪ نئين سامراج طور اُڀري سامهون آيو.
1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کان پوءِ گڏيل قومن جو ادارو قائم ٿيو. آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ روس کي سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل سيٽ ۽ ويٽو پاور ڏنو ويو. چين پوءِ گڏيل قومن ۾ شامل ٿي اها سيٽ حاصل ڪري سگهيو. گڏيل قومن ۾ چين جي سيٽ ۽ آمريڪا چين لاڳاپن ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ روس، آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جو جرمني خلاف اتحاد هو، پر جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي، جيڪا آمريڪي پاليسي جو حصو هئي. اهڙي طرح آمريڪا يورپ سميت پوري دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته جيڪڏهن سوويت يونين کي نه روڪيو ويو ته اهو پنهنجي اشتراڪي نظام سان گڏ پوري دنيا تي قابض ٿي ويندو. ان خطري جو احساس ڏياريندي اولهه يورپ جي ملڪن تي ٻڌل آمريڪا نيٽو بلاڪ جوڙيو، جنهن جي مقابلي ۾ روس اوڀر يورپ جي ڪميونسٽ ملڪن تي ٻڌل هڪ گروپ وارسا معاهدي جي حوالي سان جوڙيو. جرمني جيڪو پهرين ۽ ٻين مهاڀاري لڙائي ۾ پوري دنيا سان اٽڪيو ويٺو هو، ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. اوڀر جرمني کي وارسا معاهدي تحت سوويت يونين ميزائيلن ۽ ايٽمي هٿيارن جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو، ايئن ئي آمريڪا اولهه جرمني ۾ ڪيو. ان حڪمت عملي سان فرانس ۽ برطانيا ان لاءِ خوش هئا ته جيڪڏهن ٽين مهاڀاري لڙائي لڳي ته ان جو ميدان ٻنهي طرفن کان جرمني هوندو.
1945ع کان 1990ع تائين آمريڪا پوري دنيا جي سرمائيدارن ۽ ذهين ماڻهن کي ذهني طور ان خوف ۾ مبتلا رکيو ته آمريڪا ئي سرمائي ۽ اعليٰ ذهني صلاحيتن کي بچائي سگهي ٿو ۽ روس پوري دنيا کي تباهه ڪري ڇڏيندو. 1990ع ۾ سرد جنگ جي خاتمي جو اعلان ٿي ويو، جيتوڻيڪ نيٽو جو جواز نه هو پر نيٽو جي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ عراق جي حوالي سان مختصر عرصي جو جنگي ڊرامو رچائي پوري دنيا ۾ خوف جي فضا قائم ڪئي وئي. ان بابت آمريڪا کي اندازو هو ته اهو ڊرامو گهڻي وقت تائين جاري نه رهي سگهندو. ان ڪري هن کي هڪ ٻي سرد جنگ درپيش هئي، هاڻي آمريڪي پاليسي جا پول پڌرا ٿيڻ کان پوءِ اندازو ٿي رهيو آهي ته ان نئين جنگ جو آغاز ايشيا جي خطي سان چين جي خلاف هوندو.
چين ۾ مائوزي تنگ جي قيادت ۾ 1948ع ۾ انقلاب آيو، چين جي ايراضي 957290 ڪلوميٽر آهي، جيڪا سڄي دنيا جي زمين جو چوڏهون حصو آهي.اها ايراضي تقريباً يورپ کنڊ جي برابر آهي. خشڪي تي چين جون سرحدون تقريباً 12400 ميل ڊگهيون آهن ۽ ان جو سمنڊ 8 هزار 7 سو ميل ڊگهو آهي. خشڪي تي چين جون سرحدون منگلوليا، روس، اتر ڪوريا، ويٽنام، لائوس، برما، ڀارت، ڀوٽان، نيپال، پاڪستان، افغانستان، تاجڪستان، ڪرغستان ۽ قازقستان سان ملن ٿيون. سمنڊ ۾ چين جي ويجهو ڏکڻ ڪوريا، جاپان فلپائن وغيره آهن. چين جي پوري علائقي کي 31 انتظامي ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي. جيڪي سڌاسنوان مرڪزي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن. انهن ۾ 22 صوبا، 5 خودمختيار علائقا ۽ 3 ميونسپل ڪاميٽيون شامل آهن. جڏهن ته هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو کي خصوصي علائقو قرار ڏنو ويو آهي. تائيوان جزيري تي چين جي دعويٰ 1949ع کان آهي. پوري دنيا جي آبادي جو پنجون حصو چيني باشندن تي مشتمل آهي. هن وقت چين جي آبادي تقريباً هڪ ارب 20 ڪروڙ آهي، چين دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ جو امين آهي، جيڪا 4 هزار سال کان وڌيڪ پراڻي آهي. چين ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني آفيم کي هٿي وٺرائي ۽ 40-1839ع ۾ پهرين آفيم جي جنگ ٿي. واپاري لحاظ سان ٻي جنگ برطانيا ۽ چين وچ ۾ 60-1856ع وچ ۾ لڳي.
نسلي ۽ لساني حوالي سان چيني دنيا جي سڀ کان وڏي متحد قوم آهي. چيني قوم هڪ ٿي ڊگهي عرصي تائين نهايت صبر سان جدوجهد ڪري سگهي ٿي. ان جو مثال ديوار چين جي تعمير ۽ مائوزي تنگ جو تاريخي لانگ مارچ آهي، حڪمرانن جي فرمانبرداري ڪرڻ جو جذبو چيني قوم ۾ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. چينين ۾ حسن ۽ جماليت به وڌيڪ آهي. خاص طور تي ننڍين شين ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ جو هنن جو پنهنجو انداز آهي. انهن ئي صلاحيتن ۽ خوبين جي ڪري اڳوڻي سوويت يونين جي مقابلي ۾ چين ۾ اشتراڪي نظام ان حوالي سان وڌيڪ ڪامياب رهيو. چين جون شيون خوبصورتي ۽ معيار سان گڏوگڏ گهٽ قيمت جي ڪري پوري دنيا جي مارڪيٽ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن.
چين جي تاريخ جي مطالعي مان اندازو ٿئي ٿو ته باوجود هڪ وڏي قوم هجڻ جي چين تاريخ ۾ هميشه مجموعي طور اڳرائي کان پاسو ڪيو ۽ ڪوشش ڪئي ته جنگ کان پري رهي امن ۽ تهذيب کي هٿي وٺرائي، شايد ان لاءِ چينين وحشي قبيلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تمام وڏي فوج رکڻ بدران ديوار چين تعمير ڪئي ته جيئن پنهنجو دفاع ڪري سگهن.
آزادي ۽ انقلاب جي حوالي سان جيڪڏهن اسان جديد چين جي تناظر ۾ چين جي پاليسين جو جائزو وٺون ته چيني قوم جو تاريخي مزاج اتي به نظر اچي ٿو. انقلاب کان پوءِ چين پورو ڌيان ملڪ جي ترقيءَ تي ڏنو ۽ اڳوڻي سوويت يونين وانگر نه ڪنهن ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي ۽ نه وري سوويت بلاڪ ۾ رهي آمريڪي بلاڪ جي خوف خلاف محاذ ٺاهيو. اهوئي سبب آهي جو انقلاب جي ٿوري ئي عرصي کان پوءِ روس ۽ چين ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا.
1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کان پوءِ جڏهن نيٽو ۽ وارسا معاهدي جي حوالي سان آمريڪا ۽ سوويت بلاڪ هڪ ٻئي کان سرد جنگ ۾ گوءِ کڻي وڃڻ ٿي چاهي ته چين سرد جنگ کان پاڻ کي پري رکيو، هڪ ڊگهي عرصي تائين چين آبادي جي ڪنٽرول تي ڌيان نه ڏنو، پر هاڻي چين ۾ قانون تحت هڪ جوڙي کي صرف هڪ ٻار ڄڻڻ جي اجازت آهي، هاڻي چين ۾ آبادي ۾ اضافي جي رفتار ترقي جي مقابلي ۾ گهٽ ٿي وئي آهي ۽ ان جا نمايان اثر ايندڙ 10 يا 15 سالن ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا. اصل ۾ اهوئي خوف اولهه يورپ ۽ آمريڪا کي کائي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنڌرهن ويهن سالن تائين چين پنهنجي ان حڪمت عملي ۽ منصوبابندي تحت ترقي ڪندو رهيو ته هو دنيا جي سڀ کان وڏي اقتصادي، سياسي ۽ فوجي قوت بڻجي ويندو. ايندڙ سالن ۾ ان جي آبادي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي بلڪ دنيا تي مڙهيل سرمائيداراڻو نظام ناڪام ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته هن وقت چين جي اشتراڪي نظام ۾ وقت جي ضرورت سان گڏ لچڪ پيدا ڪندي سڌارا جاري آهن.
چين جي معاشي ترقي جي سطح بلند ٿي رهي آهي. مثال طور 1945ع ۾ چين جا ناڻي جا ذخيرا 79 بلين ڊالر هئا ۽ 1996ع ۾ اهي ذخيرا وڌي 130 بلين ڊالرن تائين پهچي ويا. هن وقت يعني 2006ع ۾ چين ۾ 1600 جي لڳ ڀڳ زرعي سائنس جي تحقيق جا ادارا موجود آهن، جن ۾ 85000 هزار ماهر ڪم ڪري رهيا آهن. صرف زرعي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ 55000 تائين تدريسي عملو آهي، جيڪو تحقيق ۽ تربيت جو ڪم ڪري رهيو آهي. پوري چين ۾ 14.00.000 زرعي ڪارڪن ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پوري چين ۾ زرعي شعبي ۾ حڪومت 20 بلين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن وقت دنيا جي 500 ملٽي نيشنل ڪمپنين مان 40 ڪمپنيون چين ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ۽ وڌيڪ غيرملڪي سيڙپڪارن کي تربيت ڏني پئي وڃي. چين خوراڪ ۾ پاڻڀرو آهي، هٿيار ٺاهڻ ۾ هو دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي، اتي صنعتي ترقي جي رفتار تمام تيز آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ جيتوڻيڪ چيني شين جي رستا روڪ جاري آهي، پر چيني شيون قيمت ۽ معيار جي لحاظ کان مقابلي ۾ ڪيترن ئي ترقي يافتا ملڪن کي پوئتي ڇڏي ويون آهن. ان جي ميزائيل ٽيڪنالاجي ۽ ايٽمي ترقي کان آمريڪا ۽ روس ٻئي ڊنل آهن. انهن حالتن ۾ آمريڪي انتظاميا پنهنجي فوجي حڪمت عملي ۽ منصوبا بندي کي يورپ کان ايشيا ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي ۽ چين جو گهيرو تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. ان تناظر ۾ جڏهن اسان نيپال ۾ پيش آيل واقعن جو جائزو وٺون ٿا ته ڳڻتي ٿي ٿئي. چين وانگر نيپال به دنيا جو قديم ترين ملڪ آهي. هماليه جبل جي ڪڇ ۾ واقع دنيا جي هن واحد هندو بادشاهت ۽ سلطنت جي پکيڙ 147000 مربع ڪلوميٽر آهي. نيپال کان ئي دنيا جي بلند ترين جابلو چوٽي مائونٽ ايوريسٽ جو رستو وڃي ٿو. نيپال جي هڪ اهميت اها به آهي ته هن جي سرحد هڪ طرف کان چين جي علائقي تبت ۽ ٻئي طرف ڊگهي سرحد ڀارت سان ملي ٿي. ان ملڪ جي 90 سيڪڙو آبادي هندو آهي. 5 سيڪڙو ٻڌ آهي ۽ تقريبن 3 سيڪڙو مسلمان آهن. ان جي ٽوٽل آبادي 2 ڪروڙ 34 لک آهي. نيپال جو شمار دنيا جي غريب ترين ملڪن ۾ ٿيندو آهي، اهو ڪافي عرصي تائين برطانيا جي اثر هيٺ رهيو ۽ 1951ع ۾ نيپال ۾ بادشاهت سان گڏوگڏ پارلياماني جمهوريت کي آئيني حيثيت حاصل ٿي.
چين ۾ تبت جي علائقي کي تڪراري قرار ڏيڻ جي سازش ۾ ڀارت شريڪ رهيو آهي. ان جي شروعات 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ٿي، جڏهن تبت جي روحاني پيشوا ”دلائي لامه“ چين مان فرار ٿي ڀارت ۾ سياسي پناهه حاصل ڪئي ۽ 1962ع ۾ چين سان ڀارت جون سرحدي جهڙپون شروع ٿي ويون. اهو ئي اهو موڙ آهي جڏهن چين جا پاڪستان سان دوستاڻا لاڳاپا تيزي سان مستحڪم ٿيڻ شروع ٿي ويا. نيپال کي مستقبل ۾ چين جي علائقي تبت ۾ عليحدگي جي تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر نيپال ۾ به عوام جو هڪ وڏو انگ مائوزي تنگ جي نظرين جو حامي آهي. هن نيپال ۾ بادشاهت جي خاتمي لاءِ گوريلا تحريڪ شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪجهه سال پهريان چند سؤ ماڻهو شامل هئا، پر هينئر انهن گوريلن جو تعداد 30 هزار کان به ٽپي چڪو آهي ۽ هنن شاهي خاندان کان پنهنجا وڏا مطالبا مڃرايا به آهن.
چين جي حوالي سان آمريڪي پاليسين کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي تمام گهڻو احتياط ڪرڻو پوندو. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته پاڪستان 54 سالن ۾ ڀارت کان سياسي ۽ خارجي سطحن تي شڪست کاڌي آهي. پاڪستان کي پهرين شڪست سياسي محاذ تي 49-1948ع ۾ ڪشمير مسئلي تي ان وقت ٿي، جڏهن لياقت علي خان گڏيل قومن ۾ ڀارتي وزيراعظم پنڊت نهرو جي ڪوششن تي گڏيل قومن طرفان جنگ بندي قبول ڪري ورتي. ڀارت گڏيل قومن جي ان قرارداد کي قبول ڪيو هو ته ڪشمير ۾ ووٽنگ ٿيندي. چيو ويو آهي ته 1962ع ۾ ڀارت ۽ چين وچ ۾ سرحدي جهڙپون جاري هيون ته پاڪستان جنگ ڪري ڪشمير آزاد ڪرائي ٿي سگهيو. پاڪستان اهو موقعو ان ڪري ضايع ڪري ڇڏيو جو اهو عالمي سياست ۽ خارجي معاملن جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهيو، اهڙي طرح 1965ع ۾ هارايل جنگ به ڀارت سفارتي ۽ خارجي سطح تي پاڪستان کان کٽي ويو.
1980ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ روس خلاف جدوجهد ۾ پاڪستان جي اهميت آمريڪا ۽ اولهه ملڪن لاءِ وڌي وئي، اهوئي اهو دؤر آهي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ شروع ڪيل ايٽمي پروگرام کي ميزائل ٽيڪنالاجي سان گڏ تيزي سان اڳتي وڌايو ويو. 85-1984ع تائين جنرل ضياءُالحق جي دؤر ۾ پاڪستان نه صرف ايٽمي هٿيار ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو، پر انهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ميزائيل ٽيڪنالاجي کي به ترقي ڏني وئي هئي. اهوئي اهو دؤر هو جڏهن روس جي حيثيت ۽ فوجي قوت جي چيلهه چٻي ٿي رهي هئي ۽ هن افغانستان مان نڪرڻ لاءِ معاهدو ڪرڻ ٿي چاهيو. 86-1985ع تائين 3 سال ايترا اهم هئا، جو جيڪڏهن پاڪستان ڪشمير آزاد ڪرائڻ چاهي ها ته ڪرائي ٿي سگهيو پر پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي سفارتي ۽ سياسي صورتحال جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهيو. 1990ع کان پوءِ روس جون حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿي ويون ته هٿيار ٺاهڻ جي ڪارخانن ۾ ڪم بند ٿي ويو. ڀارتي فوج جا 80 سيڪڙو هٿيار روسي هئا، تنهن ڪري سپلاءِ ۾ دير ٿي رهي هئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪمزور سياسي قيادت ان موقعي تي ڪوبه جرئتمنداڻو فيصلو نه ڪري سگهي.
پاڪستان 1971ع ۾ چين- آمريڪا لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي اهو دؤر آهي جڏهن سرد جنگ جي حوالي سان آمريڪا، روس، ڀارت، عربن ۽ اسرائيل جي علائقن ۾ آمريڪي پاليسين ۾ واضح تبديليون ظاهر ٿي رهيون هيون. 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ کان پوءِ مصر روس کان ان وقت جديد روسي ”سام ميزائل“ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. 1969ع ۾ چين ۽ روس ۾ سرحدي جهڙپون ٿيون ۽ آمريڪا ڊگهي عرصي تائين ويٽنام ۾ جاري رهندڙ جنگ جو نقصان برداشت ڪري ويٽنام مان واپس ٿيڻ ٿي چاهيو. ان وقت جي آمريڪي صدر نڪسن حالتن موجب چين سان بهتر لاڳاپن ۽ مفادن کي هٿي وٺرائي آمريڪا کي ويٽنام مان ڪڍڻ ٿي چاهيو. جولاءِ 1971ع ۾ ان سلسلي ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ آمريڪي وزيرخارجه هنري ڪسنجر چين جو ڳجهو دورو ڪيو. هي اهو دور آهي جڏهن 1970ع جي چونڊن کان پوءِ پاڪستان ۾ سياسي بحران شدت اختيار ڪري ويو ۽ ڀارت 1965ع جي جنگ جو بدلو وٺڻ لاءِ عالمي سطح تي سفارتي، خارجي ۽ سياسي محاذن تي ڪامياب حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو هو ۽ ٻئي طرف اوڀر پاڪستان جي حوالي سان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ تيزي سان مداخلت ڪري رهيو هو. غيرجانبدار ملڪن جي تحريڪ ۽ اسلامي خاص طور تي عرب ملڪن ۾ روسي اثرن تحت هو پاڪستان کي آمريڪي مفادن جو رکوالو ثابت ڪري عالمي سطح تي تڪراري بڻائي رهيو هو.
جڏهن چين ۽ آمريڪا جي ڳجهن لاڳاپن جي سوويت يونين کي خبر پئي ته 9 آگسٽ 1971ع ۾ روس ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ ڊگهي مدي وارو دفاعي معاهدو ٿيو، ان ٺاهه جي ڪري آمريڪا اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهيو، جيڪو هو ڊسمبر 1971ع ۾ ادا ڪري ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڀارت ۽ روس وانگر ڪو به فوجي تعاون جو ٺاهه نه هو. ايئن 1971ع جي جنگ ۾ به پاڪستان عالمي سطح تي سفارتي ۽ سياسي طور ناڪام رهيو.
1969ع کان آمريڪي ۽ روسي پاليسين ۾ تبديلي جا اثر 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ کان سواءِ 1973ع جي عرب اسرائيل جنگ تي به پيا. هي اهو زمانو آهي جڏهن آمريڪا ويٽنام مان نڪرڻ ۾ ته ڪامياب ٿي ويو، پر 1971ع ۽ 1973ع جي جنگين جي حوالي سان عالمي سطح تي آمريڪا کي روس جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پوئتي هٽڻو پيو. 1974ع ۾ پاڪستان ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ٿي. 1973ع جي جنگ ۾ تيل کي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو آمريڪا جي مقابلي ۾ چين جي وڌيڪ ويجهو اچي ويو ۽ روس سان پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ٿي نه سگهيا. اسلامي ملڪن ۾ روس جي حوالي سان آمريڪي مفادن خلاف منصوبا بندي ۽ حڪمت عملي کي هوا ڏني وئي. ذوالفقار علي ڀٽو شمله معاهدي ذريعي ڪشمير مسئلي کي زنده رکيو، پر ان مسئلي تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي. 1990ع کان 1999ع جي دؤر ۾ اهم واقعو ڪارگل جو مسئلو هو ان جا ڪيترائي پاسا آهن، پر سڀ کان اهم پهلو اهو آهي ته ان واقعي کان پوءِ ڀارت آخر ان ڳالهه تي مجبور ٿيو ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان سان ڳالهيون ڪري.
آمريڪي پاليسين ۾ تازي تبديلي جي حوالي سان خاص طور ڏکڻ ايشيا ۾ صورتحال ماضي جي مقابلي ۾ بلڪل مختلف ٿي وئي آهي. آمريڪا چين جو گهيرو ڪري رهيو آهي. چين جون سرحدون 14 ملڪن سان ملن ٿيون. سمنڊ کان 3 ملڪ هن جي ويجهو آهن، تائيوان چين لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي. نيپال ۾ ڀارتي ايجنسي را جو وڏو نيٽ ورڪ گهڻي عرصي کان ڪم رهيو آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن نيپال ۾ تازن واقعن جي حوالي سان چين نواز عنصر طاقتور ٿيا آهن ته ڀارت هتي به چين خلاف اهڙيون حالتون پيدا ڪري سگهي ٿو، جهڙيون افغانستان ۾ روس خلاف هيون. جيڪڏهن چين نيپال ۾ فوجي مداخلت ڪري ها ته ان کي روس وانگر نقصان پهچي ها ۽ جيڪڏهن اتي آمريڪا ۽ ڀارت نواز عنصر طاقتور هجن ها ته ان ڳالهه جو انديشو آهي ته ايندڙ سالن ۾ چيني علائقي تبت ۾ عليحدگي جي تحريڪ کي هوا ڏني ويندي. اهي ٻئي صورتون چين لاءِ پريشاني جو سبب هونديون، ڇو جو چين جي اها پاليسي رهي آهي ته هو ڪنهن جنگ يا تڪرار ۾ الجهڻ کان سواءِ تيزي سان ترقي ڪري. جيڪڏهن چين روس ۽ آمريڪا وانگر جنگ ۾ الجهي ويو ته ڊگهي عرصي تائين چين لاءِ فوجي يا جنگي نوعيت جا خرچ برداشت ڪرڻ ڏکيو هوندو. اهڙي طرح چين کي اندروني طور به ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ٿي سگهي. جيئن روس سان افغانستان جي جنگ ۾ ٿيو هو. جڏهن ته چيني قيادت مان اها اميد آهي ته اها اهڙي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر کان بهتر حڪمت عملي ترتيب ڏيندي.
جيڪڏهن نيپال ۽ تبت چين لاءِ افغانستان بڻجن ٿا ته ڀارت جي پوزيشن اهڙي ئي هوندي جهڙي روس افغان جنگ ۾ پاڪستان جي هئي. ايئن ڀارت کي روس ۽ يورپ سان گڏوگڏ ڀرپور آمريڪي حمايت ۽ امداد حاصل ٿي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا، يورپ ۽ روس جي ڪوشش هوندي ته پاڪستان تي ڀارت سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ زور وڌو وڃي ۽ ٿوري گهڻي اميد اها به آهي ته ڪشمير مسئلو حل ڪرايو وڃي. اهو به ممڪن آهي ته ڀارت پاڪستان کي ڊگهي عرصي تائين ڳالهين ۾ منجهائي رکي ۽ وڏين قوتن جي تعاون سان پاڪستان کي اقتصادي ۽ سياسي طور تي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ان لاءِ هاڻي ڀارت اها ڪوشش ڪندو ته ڪشمير ۾ مجاهدن جون ڪارروايون ڪهڙي طرح بند ٿي وڃن ۽ هو مقبوضه ڪشمير مان پنهنجي 7 لک فوجي ڪڍي سگهي.
ان نئين صورتحال ۾ چين کي ڪهڙيون ڪهڙيون پريشانيون آهن، ان جو اندازو چين جي قيادت کي آهي. چين خلاف اها هڪ ڊگهي سرد جنگ هوندي، جنهن ۾ تائيوان ۽ نيپال جي محاذن کان سواءِ به گوريلا جنگ جا محاذ کلي سگهن ٿا، اقتصادي ۽ سياسي طور تي به عالمي سطح تي چين جي ناڪابندي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن چيني قيادت ٻڌي ۽ اعليٰ صلاحيتن کي ڪتب آڻي ته چين سرد جنگ کي گهڻي عرصي باوجود به کٽي سگهي ٿو. چين خلاف آئنده شروع ٿيندڙ امڪاني سرد جنگ ۾ آمريڪا، برطانيا، جاپان ۽ فرانس جهڙين قوتن کي علائقي ۾ ڪنهن مرحلي تي ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو به انديشو آهي.
چين جي ڀرپاسي 18 ملڪ اهڙا آهن، جن جي مجموعي آبادي دنيا جي تقريباً اڌ آبادي جي برابر آهي. هي علائقو پنهنجي پيداوار ۽ منڊيءَ جي حوالي سان به اهم آهي. ايئن نين حالتن تحت انهن قوتن جي ڪوشش هوندي ته علائقي ۾ ايٽمي جنگ نه ٿئي. هن علائقي ۾ چين، ڀارت ۽ پاڪستان ٽئي ايٽمي طاقتون آهن. اهوئي اهو نڪتو آهي، جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير مسئلي تي ڳالهين لاءِ تمام اهم آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا، فرانس ۽ برطانيا ڄاڻين ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان کي طاقت جي دؤر تي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته علائقي ۾ ايٽمي جنگ لڳي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ايٽمي جنگ لڳي وئي ته هڪ طرف ايٽمي تباهي سان وڏين ڪمپنين جي ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪيل اربين، کربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ قرضن جو نقصان ٿيندو ته ٻئي طرف چين خلاف ترتيب ڏنل منصوبو به اونڌو ٿي ويندو.
ٻئي طرف چيني قيادت به آمريڪي منصوبا بندي کان بي خبر ناهي روس ۽ چين گڏجي آمريڪي عراق ۽ افغانستان تي قبضي ۽ وچ ايشيا ۾ ان جي فوج جي موجودگي جي حوالي سان پنهنجون پرڏيهي پاليسيون ترتيب ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته آمريڪا روس خلاف ان جي اڳوڻين رياستن ۽ چين خلاف پنهنجن نون اتحادين جاپان، ڏکڻ ڪوريا، آسٽريليا ۽ انڊيا کي استعمال ڪري رهيو آهي. روس ۽ چين نه رڳو واپاري حوالي سان متحد آهن، پر دفاعي حوالي سان به متحد آهن. روس ۽ چين جا صدر گڏيل طور مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ متحد ٿيا آهن ۽ انهن جي اتحاد سان آمريڪا کي ايران خلاف اقتصادي پابندين ۽ حملي ۾ رڪاوٽ پيش اچي رهي آهي.
جولاءِ 2005ع ۾ چين جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي پروفيسر جنرل زوچنگ بيٽرهو هانگ ڪانگ فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ هڪ بريفنگ ۾ ڌمڪي ڏني هئي ته تائيوان سان جهيڙي دوران آمريڪا حملو ڪيو ته چين آمريڪا خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪري سگهي ٿو. عالمي سياست جي موجوده تناظر ۾ چيني جرنيل جو، اهو بيان هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن جو مقصد آمريڪا کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته عوامي جمهوريه چين تائيوان سميت پنهنجي قومي سلامتي جي معاملن ۾ تمام گهڻو حساس آهي. جيتوڻيڪ بيجنگ انتظاميا جنرل زوچنگ هو جي بيان کي ان جي ذاتي راءِ قرار ڏنو هو، پر چين کان ڊنل آمريڪي انتظاميا ان کي جواز بڻائي تائيوان کي چين جي ايٽمي هٿيارن جي مقابلي ۾ پنهنجو دفاع مضبوط ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيو آهي، جنهن جو مقصد تائيوان دوستي کان وڌيڪ چين دشمني ئي نڪري ٿو. حالانڪ آمريڪا رڳو انهن جوازن کي بنياد بڻائيندي پنهنجي نيوڪليئر جنگ جي صلاحيت کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي پاليسي تي گامزن آهي. چين اڃا تائين محدود ايٽمي اثاثن جو حامل آهي. آمريڪي فارن افيئرز ميگزين جي رپورٽ موجب آمريڪا پنهنجي مخالف طاقتن تي حملي جي پاليسي رکي ٿو، جنهن جو اظهار هو جاپان تي ايٽمي حملي سان ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي وسيلن سان مالامال وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا تي پنهنجي بالادستي جي راهه ۾ اتر ڪوريا، چين ۽ روس کي رڪاوٽ سمجهي ٿو. جيتوڻيڪ آمريڪي پاليسيون يورپي يونين جي مفادن کي به نقصان پهچائي رهيون آهن. ان ڪري هاڻي يورپي يونين به آمريڪا جي مقابلي ۾ روس وانگر چين کي هٿيارن ۽ جديد نظام فراهم ڪري مضبوط قوت بڻائڻ جي خواهشمند لڳي ٿي ۽ چين کي هٿيارن جي فراهمي تي پابنديون ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. روس به چين جي فوجي طاقت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف ايران خلاف آمريڪي قدم يورپ ۽ ايشيا ۾ واشنگٽن مخالفن جي خدشن ۾ اضافي جو باعث آهن. ٻئي طرف دنيا ۽ خاص طور تي ايشيا ۾ چين جي وڌندڙ اقتصادي ۽ سياسي اثر کان ڊنل آهي، پنهنجي عالمي ٿاڻيداري کي خطري ۾ ڏسي آمريڪا هاڻي بيجنگ کي نشانو بڻائڻ جي منصوبن تي عمل پيرا آهي.
جڏهن چين تي مائوزي تنگ ۽ چو اين لائي جي حڪمراني هئي ۽ پوري دنيا تي آمريڪي ايٽمي جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، تڏهن به چين تي ايٽمي حملن جو خطرو موجود هو. ان دؤر جي چيني دستاويز ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ ڳجهي اجلاس جي ماجرا موجود آهي. ان وقت چين تي آمريڪا ايٽمي حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو. مائوزي تنگ کي جڏهن ان ايٽمي حملي جي منصوبابندي جون رپورٽون مليون ته هن چيني ڪميونسٽ پارٽي جي مک اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو هڪ اجلاس طلب ڪري ورتو ۽ سوال ڪيو ته جيڪڏهن ايٽمي جنگ ٿي ته ڪيترا چيني باشندا مارجي ويندا؟ پوءِ پاڻ ئي ان سوال جو جواب ڏيندي مائوزي تنگ چيو ته چين تي ايٽمي حملي جي نتيجي ۾ اسان جي اڌ آبادي مارجي ويندي، پر ان جي باوجود 2 هزار 7 سؤ ملين آبادي سامراجي نظام کي ختم ڪري ڇڏيندي. ايٽمي جنگ جي صورت ۾ وڏي پيماني تي جنگ ٿيندي، پر زنده بچي ويندڙ چيني باشندا ان ظلم خلاف وڙهندا رهندا. اسان ايٽمي جنگ جي تباهين کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر سامراجي نظام سان مفاهمت نه ڪنداسين.
ماسڪو ۾ مائوزي تنگ پنڊت جواهر لعل نهرو سان ملاقات دوران اولهه ملڪن ڏانهن پيغام موڪليو هو ته ايٽمي جنگ کان ڊڄي اسان سامراجي نظام کي تسليم نه ڪنداسين. شروع ۾ مائوزي تنگ جو خيال هو ته ايٽم بم انساني مستقبل جو فيصلو نه ڪندا ۽ نه ئي ايٽم بم عالمي سياست ۾ فيصلائتو عنصر آهي. 13 آگسٽ 1945ع ۾ مائوزي تنگ اهو موقف اختيار ڪيو ته ايٽم بم جنگ جا فيصلا نه ٿو ڪري پر بعد ۾ چيني قيادت کي احساس ٿيو ته جيڪڏهن هنن حالتن جي نزاڪت کي محسوس نه ڪيو ۽ ايٽمي معاملن ۾ مهارت حاصل نه ڪئي ته پوءِ چين عالمي ڪشمڪش جي ڊوڙ ۾ گهڻو پوئتي رهجي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ڊسمبر 1959ع ۾ مائوزي تنگ جي قيادت ۾ ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. مائوزي تنگ چيني سائنسدانن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن کي چيو هو ته ايٽم بم چين جي سلامتي لاءِ ضروري آهي، ايٽمي معاملن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. ان وقت ايٽمي ٽيڪنالاجي تي اولهه جي هڪ هٽي هئي، روسي به ايٽمي معاملن کان آگاهه هئا. 27 مارچ 1950ع ۾ ڊگهين ڳالهين کان پوءِ چين ۽ روس ۾ ايٽمي معاملن بابت گڏيل معاهدو ٿيو، جنهن تحت روس چين جي ايٽمي معاملن ۾ مدد جو پابند هو. ان معاهدي جو مقصد چين کي ايٽمي قوت بڻائڻ هو. فيبروري 1953ع ۾ چين جي اهم ايٽمي ماهرن روس جو دورو ڪيو ۽ ان دوري ۾ چيني ايٽمي ماهرن کي روس جي ايٽمي مرڪزن جو دورو ڪرايو ويو ۽ انهن کي اهم ايٽمي معلومات فراهم ڪئي وئي. آمريڪا ۽ مغربي ملڪن کي جڏهن ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته چين روس جي مدد سان ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ماسڪو تي دٻاءُ وڌو ويو ته چينين سان ايٽمي اشتراڪي عمل نه ڪيو وڃي، پر ان وقت ماسڪو ۽ چين جي سربراهن ۾ نظرياتي هم آهنگي هئي. روس ۽ چين جو هڪ ئي نقطه نظر هو. مائوزي تنگ روسي ڪميونسٽ پارٽي جي بالادستي کي قبول ڪندو هو. ان ڪري روس آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جو دٻاءُ قبول نه ڪيو.
مارچ 1955ع ۾ روس ۽ چين وچ ۾ ٻيو ايٽمي معاهدو ٿيو، جنهن ۾ ايٽمي اشتراڪي عمل کي آخري شڪل ڏني وئي. روس چين کي ايٽمي ماهر ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي ڏيڻ جو پابند هو. 14 آڪٽوبر 1940ع ۾ ”پيڪنگ ريويو“ مطابق مائوزي تنگ چيو هو ته چين ايٽمي حملي کان پاسو ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪندو پر حملي جي صورت ۾ هر ممڪن فوجي صلاحيت استعمال ڪئي ويندي، پر آمريڪا ۽ مغربي ملڪن ماسڪو ته هر قسم جو دٻاءُ برقرار رکيو ۽ هڪ مرحلو اهڙو آيو، جو ماسڪو چين مان ايٽمي ماهرن کي واپس گهرائي ورتو ۽ ايٽمي معاملن ۾ مدد ۽ مشاورت ختم ڪري ڇڏي. چيو ٿو وڃي ته ماسڪو ۽ واشنگٽن ۾ هڪ ڳجهو معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت چين کي ايٽمي مدد ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو هو. جڏهن 1950ع جي ڏهاڪي ۾ مائوزي تنگ روسي اڳواڻن تي زور وڌو ته اهي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين تي حملو ڪري آمريڪي سامراجيت ختم ڪري ڇڏين ته ماسڪو چينين تي دٻاءُ وڌو ته اهي پنهنجو ايٽمي پروگرام ختم ڪري ڇڏين، ڇاڪاڻ ته روس وٽ ايٽمي صلاحيت آهي ۽ اهو پوري دنيا ۾ سوشلسٽ نظام جي حمايتي ملڪن جي دفاع جي قابل آهي. بعد ۾ هڪ ڏاهي هڪ مضمون ۾ لکيو ته روس جي سربراهه جوزف اسٽالن جي موت کان پوءِ مائوزي تنگ ڪميونسٽ دنيا جي واحد ليڊر بڻجڻ جي خواهش رکي ٿي، ان ڪري هن ايٽمي هٿيار فوري طور ٺاهڻ ٿي چاهيا، پر روسي ليڊرن مائو تي زور ڏنو ته چين طرفان ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ روڪڻ جي ڪوشش لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. ان ڪري چين پنهنجو ايٽمي پروگرام مڪمل طور ختم ڪري ڇڏي، روس وٽ ايٽمي صلاحيت موجود آهي. اهو سمورن سوشلسٽ ملڪن جو تحفظ ڪري سگهي ٿو، پر مائوزي تنگ چيني ايٽمي ماهرن تي اعتماد برقرار رکيو. چين ايٽمي ميزائيل جو پروگرام ڊاڪٽر چن شن شين جي سربراهي ۾ شروع ڪيو هو. جيڪو ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ آمريڪي راڪيٽ پروگرام سان لاڳاپيل رهي چڪو هو. اهو 1955ع ۾ واپس وطن آيو. 1958ع ۾ چين راڪيٽ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. آمريڪين چين جي ايٽمي پروگرام کي روڪڻ لاءِ روسين جي مدد به حاصل ڪئي، پر اهي ناڪام رهيا. جنهن کان پوءِ چين جي ايٽمي پروگرام کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو. 1981ع ۾ آمريڪا ۾ لارنس گاڊيلا جو هڪ ڪتاب به شايع ٿيو هو، جنهن ۾ آمريڪي سي آءِ اي طرفان چين جي ايٽمي ليبارٽرين کي تباهه ڪرڻ جو مڪمل منصوبو شايع ڪيو ويو هو. لارنس گارڊيلا پاڻ 9 جولاءِ ۽ 30 جولاءِ 1952ع ۾ چين جي ايٽمي ليبارٽري کي تباهه ڪرڻ جي آمريڪي منصوبي ۾ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪتاب ۾ لکيو هو ته آمريڪي سي آءِ اي ڪوريا جي جنگ کان پوءِ ئي چين جي ايٽمي ليبارٽري کي تباهه ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ڪري رهي آهي. بعد ۾ ڪي جي بي به ان راند ۾ شامل ٿي وئي. تائيوان جي سيڪريٽ سروس به چين خلاف افرادي قوت فراهم ڪئي هئي. لارنس گاڊيلا جو اهو ڪتاب هن جي موت کان پوءِ شايع ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن پبلشر کي چيو هو ته هي ڪتاب منهنجي زندگي ۾ شايع ٿيو ته مون کي ماري سگهجي ٿو.
مائوزي تنگ ۽ چواين لائي ٻئي ملي ڪري ايٽمي پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ مصروف عمل رهيا. 29 جون 1964ع ۾ ان وقت جي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊين رسڪ چين جي امڪاني ايٽمي ڌماڪي جي اڳڪٿي ڪئي هئي، پر فرانس جي صدر چارلس ڊيگال کي وقت کان اڳ چين جي ايٽمي ڌماڪي جي خبر پئجي وئي ته روس جي ايٽم بم جي خالق پائيو ٽرڪيپٽارا چيني ماهرن کي سموري ايٽمي ڄاڻ فراهم ڪري ڇڏي آهي ۽ چين ڪنهن به وقت ايٽمي ڌماڪو ڪري سگهي ٿو.
ايوب خان جي دؤر ۾ چينين سفارتي سطح تي پاڪستان آڏو به احتجاج ڪيو هو ته آمريڪي سي آءِ اي جي اهلڪارن پي آءِ اي جي ڪينٽن اڏامن ۾ فوائلز لڳائي سفر ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح چين جي ايٽمي معلومات واشنگٽن کي فراهم ڪئي آهي. ايوب خان ذوالفقار علي ڀٽو جي نگراني ۾ چين جي ان الزام جي سرڪاري جاچ به ڪرائي هئي. چينين کي اهو به شڪ هو ته ايٽمي توانائي ڪميشن جو ڍاڪا مرڪز آڪسٽوب ذريعي چين جي ايٽمي سرگرمين جي جاسوسي ڪري رهيو آهي. 25 فيبروري 1963ع ۾ ”نيويارڪ ٽائيمز“ مطابق ذوالفقار علي ڀٽو فيبروري 1963ع ۾ چين وڃي جيڪي ٺاهه ڪيا هئا، ان تي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊين رسڪ واشنگٽن ۾ آمريڪي سفير کي گهرائي ڌمڪي ڏني هئي ته اوهان باهه سان کيڏي رهيا آهيو. جڏهن چين ايٽمي ڌماڪو ڪيو ته چيني ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت 16 آڪٽوبر 1964ع ۾ پنهنجي پاليسي بيان ۾ چيو هو ته هاڻي دنيا ۾ ايٽمي جنگ نه ٿيندي چين جو ايٽمي ڌماڪو چين جي قومي دفاع جي پاليسي جو حصو آهي. آمريڪا جي سيڪريٽري آف ڊفينس رابرٽ ميڪمنارا چين جي ايٽمي ڌماڪي تي تبصرو ڪندي چيو ته آمريڪا سوويت يونين ۽ پوري ڪميونسٽ دنيا کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. چو اين لائي 29 آڪٽوبر 1964ع ۾ فلپائن جي اخبار ”منيلا ٽائيمز“ کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته اها حقيقت آهي ته آمريڪا جي ايٽمي هٿيارن جو اسان مقابلو نه ٿا ڪري سگهون، پر اها حقيقت آهي ته چين ايٽم بم ٺاهي ورتو آهي ۽ اهو ايشيائي ڪارنامو آهي. 18 سيپٽمبر 1968ع ۾ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ آئزن هاور چيو هو ته ڪوريا جي جنگ ۾ آمريڪا چين خلاف ايٽم بم استعمال ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪري ورتي هئي. ڪوريا جي جنگ بابت آمريڪي دستاويزن موجب چين کي ايٽم بمن سان تباهه ڪري ان جي فوجي قيادت کي ختم ڪرڻ آمريڪي پاليسي ساز ادارن جو مقصد هو. برطانيا جي هڪ اخبار ”گارجين“ جي 12 اپريل 1965ع جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته ماسڪو ۽ بيجنگ ان ڳالهه تي متفق آهن ته واشنگٽن ويٽنام جي جنگ کي چين خلاف وڏي حملي طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو چين جي فوجي قيادت کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان پهريان تباهه ڪرڻ چاهي ٿو. ان جو واضح مقصد اهو آهي ته ڪوريا جي جنگ کان پوءِ ويٽنام جي جنگ دوران به آمريڪي منصوبا ٺاهيندڙ چين جي ايٽمي ۽ فوجي صلاحيتن کي تباهه ڪرڻ جو ارادو رکندا هئا. چيني سربراهن جو خيال هو ته جاپان ذريعي به آمريڪا چين تي فوجي دٻاءُ برقرار رکڻ چاهي ٿو.
چين جي ايٽمي طاقت بڻجڻ تي ان وقت جي آمريڪي صدر لنڊن بي جانسن ان ايٽمي ڌماڪي کي انسانيت لاءِ اهم قرار ڏنو هو، پر چيني مبصرن ان راءِ جو اظهار ڪيو هو ته هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم اڇلائڻ وارن ۽ هزارين ايٽمي هٿيار رکندڙ آمريڪين کي اسان جي ايٽمي پروگرام تي تنقيد جو حق ناهي. ماسڪو ۽ بيجنگ جي نظرياتي اختلافن مان واشنگٽن گهڻائي فائده حاصل ڪيا آهن. 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ اصل ۾ ماسڪو ۽ بيجنگ جي وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ هئي، جنهن ۾ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪر بڻايو ويو. روسين دل کولي ڀارت جي مدد ڪئي، جڏهن ته چين سفارتي حد تائين پاڪستان جي حمايت ڪندو رهيو. ڍاڪا سانحي کان پوءِ پاڪستان جي فوجي طاقت بحال ڪرڻ ۾ چين جو اهم ڪردار رهيو آهي، پر ماسڪو نئين دهلي جي واڌاري وارن ارادن جي تڪميل ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو بعد ۾ به ماسڪو ڀارت کي چين خلاف اڀارڻ ۾ مصروف رهيو. ”ڪرسچئن سائنس مانيٽر“ جي 1982ع جي هڪ رپورٽ مطابق روسين اندرا گانڌي کي چيو هو ته چين جو اهم مقصد ايشيا تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي. 30 سيپٽمبر 1982ع جي ”هندستان ٽائيمز“ موجب ڀارت چين سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماسڪو پريشان هو، جڏهن ته اندرا گانڌي روسي سربراهن کي يقين ڏياريو هو ته ڀارت جي چين سان دوستي ماسڪو جي قيمت تي نه ٿيندي.
چين طرفان آمريڪا تي ايٽمي حملي جي ڌمڪي کي وسيع عالمي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. افغانستان ۽ عراق جنگ کان پوءِ طاقت جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي. چين به اقتصادي قوت طور اڀري رهيو آهي. ڀارت سان آمريڪا جي اسٽريٽجڪ تعاون نئين شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. آمريڪا هينئر به فوجي لحاظ سان طاقتور آهي. چين ۽ اسرائيل جي فوجي رابطن تي آمريڪا کي اعتراض رهيا آهن. چين جو هڪ اهم آمريڪي آئل ڪمپني ”يوني ڪول“ کي خريد ڪرڻ جو فيصلو به اهميت رکي ٿو، جنهن کي قانون سازي ڪري روڪڻ جي آمريڪي حڪمت عملي تي بحث شروع ٿي چڪو آهي. چين کي پنهنجي سلامتي بابت ڳڻتي ٿي پئي آهي. ان ڪري هو آمريڪا خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ تي مجبور ٿيو. جڏهن ته خليج جي پهرين جنگ کان پوءِ چين جي ملٽري اسٽريٽجڪ ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ميجر جنرل وانگ پوننگ خيال ظاهر ڪيو هو ته دنيا ۾ مستقبل ۾ طاقت جا نوان سياسي ۽ فوجي مرڪز وجود ۾ ايندا. آمريڪا واحد سپرپاور نه رهندو. آمريڪا، روس، چين ۽ جاپان مستقبل ۾ نوان عالمي مرڪز هوندا. خليج جي جنگ ۾ جاپان جو ڪردار ان جي مستقبل جي ارادن جو گواهه آهي. ان ”فوجي نظريي“ مان صاف ظاهر آهي ته جاپان جي فوجي قوت تي چين جي نظر آهي ۽ اهو آمريڪا جي بالادستي جي تصور تي به ڌيان ڏيندو رهيو آهي پر اصل حقيقت اها آهي ته چين کي اهو احساس ٿي ويو آهي ته سندس گهيراءُ ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي بين الاقوامي اقتصادي ۽ فوجي قوت کي محدود ڪرڻ لاءِ آمريڪي منصوبا بندي عملي شڪل اختيار ڪري رهي آهي. آمريڪا اصل ۾ چين ۽ ڀارت جي ايٽمي رابطن کان به ڊنل آهي. ڀارت جو روس سان به ايٽمي ٺاهه آهي، جڏهن تارا پور اسٽيشن لاءِ آمريڪا ڀارت کي پاڻي جي فراهمي روڪي ڇڏي هئي ته ڀارت جي ايٽمي توانائي ڪميشن جي سربراهه ڊسمبر 1994ع ۾ بيجنگ جو دورو ڪري تارا پور ايٽمي پلانٽ لاءِ يورينيم حاصل ڪرڻ جي معاهدي کي عملي شڪل ڏني هئي. 11/9 ۽ 7/7 کان پوءِ عالمي سياست ۾ هڪ نئين ڪشمڪش پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ۾ چين به فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. آمريڪا کي به پنهنجي عالمي بالادستي ۽ ان جي اثرن کان آگاهي ۽ ان جي ضرورتن جو احساس آهي. ان لاءِ جولاءِ 2006ع جي پهرين حصي ۾ آمريڪي سي آءِ اي اساما بن لادن ۽ القاعده قيادت کي زنده يا مرده گرفتاري لاءِ قائم خصوصي سيل اهو چئي بند ڪري ڇڏي آهي ته القاعده ۽ انتهاپسند گروپ هاڻي آمريڪا لاءِ خطرو ناهن رهيا. حالانڪ صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي رهي آهي. افغانستان فتح ڪرڻ کان پوءِ آمريڪي ۽ اتحادي فورسز پنهنجي سمورن ظلمن باوجود به افغان عوام کي پنهنجو غلام بڻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. آمريڪا افغانستان ۾ ڪٺ پتلي حڪومت ٺاهي دنيا تي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته افغان عوام آمريڪي برانڊ آزادي ۽ جمهوريت کي قبول ڪري چڪو آهي، پر افغاني ماڻهو هميشه وانگر غير ملڪي قبضي کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري ئي رهيا. جڏهن ته طالبان خلاف آپريشن به ناڪام ٿي رهيو آهي، آمريڪي ۽ اتحادي دعوائن جي ابتڙ اڄ به طالبان افغانستان ۾ مضبوط حيثيت برقرار رکندي قابض آمريڪي فوج خلاف وڙهي رهيا آهن. اهڙي ئي صورتحال آمريڪا کي عراق ۾ به درپيش آهي. جتي القاعده رهنما الزرقاوي جي شهادت باوجود آمريڪي فوجن کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هٿين خالي عراقي عوام تي آمريڪي فوج جا حملا نه صرف عالمي سطح، پر آمريڪا اندر به تنقيد جو حدف آهن. جڏهن ته آمريڪي ڪانگريس جي چونڊن ۾ آمريڪي حڪمران پارٽي ري پبلڪن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ناڪامي ۽ آمريڪي فورسز جي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ ظلمن تي پنهنجي عوام ۾ ڪرندڙ ساک بچائڻ لاءِ هاڻي القاعده کي آمريڪا لاءِ وڏو خطرو قرار نه ڏئي دهشتگردي خلاف جاري جنگ جي نالي تي دنيا جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي حڪمت عملي ۾ تبديلي آڻڻ جي روش اختيار ڪيو ويٺي آهي، ڇو ته آمريڪي فوج جي ڪمانڊرن به ايران تي حملي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. هاڻي آمريڪا کي القاعده کان وڌيڪ اتر ڪوريا ۽ چين پنهنجي لاءِ وڏو خطرو ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، پر چين به ان صورتحال ۾ طاقت کي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي اصل ۾ بيجنگ جي عالمي معاملن ۾ پنهنجي فوجي ۽ ايٽمي قوت ظاهر ڪرڻ جي شڪل آهي. اهڙي طرح شنگهائي تعاون تنظيم جو قيام به آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اها تنظيم في الحال توانائي، واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائي رهي آهي، پر جهڙي طرح آمريڪا سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ به نيٽو ۾ واڌارو ڪري چين کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو هو، اهڙي طرح ايندڙ ڏينهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم به عسڪري اتحاد طور ايشيا جي اثرائتي قوت ثابت ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم 2005ع ۾ پنهنجي سالياني اجلاس ۾ آمريڪا کان وچ ايشيائي ملڪن مان پنهنجون فوجون ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو هو. 15 جون 2006ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم پنهنجي پنجين سالگره تي جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ گذريل سال وانگر ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ”شنگهائي تعاون تنظيم عالمي سطح تي دهشگردي خلاف هڪ اهڙو تعميري ڍانچو قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، جيڪو گڏيل اعتماد، مفادن جي احترام ۽ برابري جهڙن قدرن تي ٻڌل هوندو.“ گڏيل پڌرائي ۾ اڳتي هلي چيو ويو ته ”خطرن جو اثرائتي نموني مقابلو ان صورت ۾ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن سمورن لاڳاپيل ملڪن ۽ تنظيمن وچ ۾ وڏي پيماني تي گڏيل تعاون جي فضا موجود هجي. هن خطي جي تحفظ لاءِ جيڪو به طريقو اختيار ڪيو ويندو، ان جي چونڊ جو حق ۽ ذميداري هن خطي جي ملڪن تي ئي هوندي.“ گڏيل پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ”وچ ايشيا جا ملڪ پاڻ پنهنجي اختيار ڪيل ترقياتي رستن تي هلندا. خطي جي تهذيب ۽ ترقياتي ماڊل جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين ملڪن جي اندرين معاملن ۾ مداخلت لاءِ بهانو نه بڻائڻ گهرجي.“ جيڪڏهن شنگهائي تعاون تنظيم عالمي دهشتگردي خلاف تحفظ فراهم ڪري ٿي ته پوءِ دهشتگردي جي وسيع تر مفهوم کي نظر ۾ رکندي عالمي سامراج ۽ ان جي سمورن سازشن خلاف تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿي، جن جو تعلق اقتصاديات، نظرين ۽ عالمي هڪ هٽي سان آهي، اهو گهڻي حد تائين شنگهائي تعاون تنظيم جو ئي ثمر آهي، جو آمريڪا اڃا تائين ايران تي حملو ڪرڻ جي سلسلي ۾ مونجهارن جو شڪار آهي. احمدي نزاد به سربراهي اجلاس ۾ خطاب ۾ واضح طور تي چيو آهي ته اسان کي شنگهائي تعاون تنظيم جي ضرورت آهي، جيڪا اسان کي غيرملڪي مداخلت کان محفوظ رکي سگهي. ٻئي طرف پينٽاگون چين جي فوجي طاقت جي باري ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي، ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته چين نه صرف هڪ فوجي طاقت بڻجڻ جي خواهش رکي ٿو، پر ايندڙ وقت ۾ ايشيائي قيادت سنڀالڻ جي صلاحيت به رکي ٿو.