مائوزي تنگ ۽ انقلاب
آمريڪي سامراج ايشيا ۾ پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ سڀ کان وڏي قلعي جي تعمير لاءِ چين تي هڪ ڪاٺ جي گڏي جهڙي حڪمران کي مڙهي ڇڏيو، پر آمريڪي سامراج اهو سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي ته چين ۾ به انقلاب جو بنياد پئجي سگهي ٿو ۽ ان سرزمين تي مائوزي تنگ جهڙا ليڊر پيدا ٿي سامراجيت جا ٽپڙ گول ڪري سگهن ٿا.
غريبن جي هڏ ڏوکي مائوزي تنگ، جنهن پنهنجي سڄي زندگي غريبن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. 1893ع ۾ صوبي هنان ۾ هڪ غريب هاري جي گهر پيدا ٿيو. هن جي والد گهڻي محنت ڪري زمين حاصل ڪري ورتي ۽ گهر جي حالت بهتري ٿي وئي. هن جو والد مائو کي سست ۽ ناڪاره چوندو هو. هڪ ڀيري ان ڪجهه مهمانن جي سامهون مائو کي مار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو آپي مان نڪري ويو ۽ ڌمڪي ڏني ته هو ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي انت آڻي ڇڏيندو پر بعد ۾ ماءُ پيءُ کيس سمجهايو ۽ معافي گهري.
کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، هو جڏهن پڙهڻ لکڻ جي قابل ٿيو ته ننڍي عمر جي مائو اولهه ملڪن جي تحريڪن، تنظيمن، معاشرتي ۽ اقتصادي سرگرمين کان سواءِ دنيا جي سياسي ۽ عسڪري تاريخ جو مطالعو به ڪيو. ان ٻاراڻي واري دؤر ۾ مائو ليانگ چي چائو جي سياسي ۽ ثقافتي سڌارن ۽ قومي انقلابي ليڊر سن يات سين جي نظرين ۽ حڪمت عملي جو به غور سان مطالعو ڪيو. اڃا هو انقلابي تصورن جو مطالعو ڪري ئي رهيو هو ته چين ۾ اچانڪ انقلاب برپا ٿي ويو. دو چانگ ۾ 10 آڪٽوبر 1911ع تي چين جي حڪمران مانچو خاندان خلاف جنگ شروع ٿي وئي. 12 ڏينهن جي اندر بغاوت جي اها باهه چانگشا تائين پکڙجي وئي.
مائوزي تنگ هنان ۾ انقلابي فوج جي هڪ دستي ۾ ڀرتي ٿي ويو. هو 6 مهينن تائين هڪ معمولي سپاهي رهيو، ننڍڙو مائو اڃا اهو تصور قائم نه ڪري سگهيو هو ته ”سياسي طاقت هميشه توب ۽ بندوق جي نالين مان پيدا ٿيندي آهي.“ فوج جي انهن 6 مهينن ۾ مائو کي فوجي ليڊرن ۽ انهن جي ڪارنامن سان جهڙو عشق ٿي ويو. اهو صرف قدرتي جذبو هو، ڇاڪاڻ ته پرائمري جي تعليم دوران به ننڍڙو مائوزي تنگ پراڻي چين جي جنگجو شهنشاهن جو ئي پرستار نه هو، پر هو نپولين ۽ آمريڪا جي جارج واشنگٽن کي به پوڄيندو هو.
1912ع جي بهار جي موسم ۾ نئين جمهوريه چين جنم ورتو ۽ ان سان گڏ ئي مائوزي تنگ جي فوجي ملازمت ڇڏائجي وئي. هو پورو هڪ سال ڀڄ ڊڪ ڪندو رهيو. ڪڏهن هن پوليس اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ ڪڏهن صابڻ ٺاهڻ جي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ پوءِ هو هڪ قانون جي اسڪول ۾ ويو ۽ بعد ۾ ڪاروباري اسڪول ۾ داخلا ورتي، پوءِ هڪ ثانوي اسڪول ۾ تاريخ جو مضمون پڙهڻ شروع ڪيو. ان دوران هو صوبائي لائبريري ۾ مختلف ملڪن جي انقلابي تحريڪن بابت لٽريچر پڙهندو رهيو، پر چين جنهن صورتحال ۾ مبتلا هو ان جي ڪري مائوزي تنگ پنهنجي آئنده ڪردار متعلق ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو ۽ پوءِ هڪ حقيقت اها به هئي ته سرڪاري ملازمتن جو سسٽم بند ڪرڻ ۽ نام نهاد جديد تعليمي ادارن ۾ مغربي تعليم رائج ڪرڻ کان پوءِ چيني نوجوانن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ به ناممڪن هو ته اهي چيني روايتن مطابق تربيت حاصل ڪن يا مغربي ملڪن جي تربيت اختيار ڪن ته جيئن اهي پنهنجي وطن لاءِ ڪارائتيون خدمتون انجام ڏئي سگهن.
مائوزي تنگ 1918ع ۾ چانگشا فرسٽ پراونشل نارمل اسڪول مان گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن ۾ چيني تاريخ، فلسفو ۽ مغربي تعليم تي ٻڌل مضمون پڙهايا ويندا هئا. تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ مائوزي تنگ شاگرد تنظيمون قائم ڪرڻ تائين سياسي سرگرميون جاري رکيون. انهن سڀني تنظيمن ۾ اهم ترين تنظيم ”نيو پيپلز اسٽڊي سوسائٽي“ هئي، جيڪا 1917ع ۾ قائم ٿئي هئي. ان سوسائٽي جا ميمبر بعد ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ويا هئا. انهن مائوزي تنگ جي قيادت تسليم ڪري ورتي، ايستائين جو ڪميونسٽ پارٽي کي 1949ع ۾ قطعي فتح ۽ ڪاميابي حاصل ٿي.
مائو چانگشا اسڪول مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پيڪنگ يونيورسٽي ۾ داخل ٿي ويو، جنهن کي چين جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ترين تعليمي اداري جي حيثيت حاصل هئي. مائو 6 مهينن تائين پيڪنگ يونيورسٽي ۾ لائبريرين رهيو. هن جي سڄي ڌيان جو مرڪز ٻه شخصيتون هيون، هڪ لي تا چائو ۽ ٻي چن توسيو. چيني ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد رکندڙ اهي ئي ٻه شخصيتون هيون. مائوزي تنگ اڃا پيڪنگ يونيورسٽي ۾ ئي هو ته چين ۾ 4 مئي 1919ع ۾ اها عظيم تحريڪ شروع ٿي، جنهن اڌ صدي ۾ چين جي حالت بدلائي ڇڏي.
اصل ۾ 4 مئي 1919ع جي تحريڪ شاگردن جي هڪ عالم گير مظاهرن جو نالو آهي، جيڪي پهرين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ پيرس جي امن ڪانفرنس ۾ چين جي صوبي شائتونگ ۾ جرمني جا سمورا اثاثا ۽ ملڪيتون چين کي واپس ڏيڻ بدران جاپان حوالي ڪرڻ خلاف سڄي چين ۾ ڀڙڪي اٿيا هئا. 1925ع ۾ چين ۾ ثقافتي انقلاب شروع ٿي چڪو هو، جيتوڻيڪ چين ۾ دنيا جي اعتدال پسند تصورن جي جاءِ مارڪسزم ۽ لينن ازم ورتي ۽ مائو شنگهائي ۾ پنهنجن 11 ڪميونسٽ ساٿين سان گڏ پهرين جولاءِ 1921ع ۾ چائنيز ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو، جيڪي انقلابي خيال ۽ تصور هن مهل تائين مشڪل تحريرن ۽ ڪتابن جي شڪل تائين محدود هئا، اهي تصور هينئر جذباتي تقريرن جي صورت ۾ بدلجي ويا. پوءِ سڀ کان وڏو انقلاب اهو آيو ته سياست جي اسٽيج تي نئين نسل جو قبضو ٿي ويو. اهو درست آهي ته 4 مئي 1919ع جي مظاهرن جو اهتمام چن توسيو ڪيو هو، پر چين جي شاگردن ۽ نوجوان طبقي کي جلد ئي اهو احساس ٿي ويو ته چين جي ان نئين تاريخي ڊرامي جو اصل ڪردار اهي ئي آهن، جيتوڻيڪ مائوزي تنگ پنهنجي 1919ع جي هڪ مضمون ۾ لکيو ته:
”هي دنيا اسان جي دنيا آهي، هي قوم اسان جي قوم آهي، هي معاشرو اسان جو معاشرو آهي. جيڪڏهن اسان نه ڳالهائينداسين ته ٻيو ڪير ڳالهائيندو؟ جيڪڏهن اسان عمل پيرا نه هونداسين ته ٻيو ڪير عمل جي ميدان ۾ ٽپو ڏئي سگهي ٿو؟“
اها اٽل حقيقت آهي ته ان وقت کان هن مهل تائين مائوزي تنگ جي موجوده نئين نسل جي لمحي لاءِ به اهو فراموش ناهي ڪيو ته قوم ۽ وطن جي تقدير جي مالڪ نئين نسل ئي آهي، ڀل پيڪنگ هجي يا تائي پيهه (چيانگ ڪاشٽگ جو چين) هجي اهي چيني قوم جا ورثا آهن ۽ اهي ئي ان جا حقيقي مالڪ آهن.
1919ع جي گرمين ۾ مائوزي تنگ جانگشا ۾ اهڙيون تنظيمون قائم ڪيون، جن ۾ شاگردن ۽ نوجوانن کي واپارين ۽ مزدورن جي تنظيمن ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته جيئن پوري ملڪ ۾ مظاهرا ڪري حڪومت کي جاپان جي مخالفت تي مجبور ڪري سگهجي، پر ان دوران مائوزي تنگ انهن تنظيمن کي هارين کان پري رکيو. ان زماني مائو جي تحريرن ۾ جڳهه جڳهه تي ”ڳاڙهي جهنڊي واري فوج“ جو ذڪر اچي ٿو ۽ هن بار بار روس جي انقلاب جا حوالا ڏنا آهن، پر 20-1919ع ۾ اهو ذڪر ان وقت شروع ٿيو، جڏهن مائوزي تنگ هوتان جي حڪمرانن خلاف بغاوت کان پوءِ اتان کان فرار ٿي پيڪنگ هليو ويو ۽ اتي مارڪسزم تي مختلف ڪتاب پڙهيا. هو چوي ٿو:
”منهنجي دل ۽ دماغ تي مارڪسزم ايئن سوار ٿي ويو آهي، جيئن منهنجو عقيدو بڻجي چڪو آهي ته مارڪسزم ئي حقيقي شي آهي ۽ منهنجو اهو عقيدو ڪڏهن به بدلجي نٿو سگهي.“
جون 1920ع ۾ چانگشا جي گورنر جي بدلجي وڃڻ تي مائو پنهنجي صوبي ۾ واپس هليو ويو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ هڪ پرائمري اسڪول جو پرنسپال بڻجي ويو. جتي هن ڪميونسٽن جو هڪ ننڍڙو گروهه ٺاهي ورتو ۽ ان ئي سال جي سياري ۾ شادي ڪري ورتي. هن جي اها پهرين گهرواري هن جي اخلاقيات جي استاد جي ڌيءُ هئي. جيتوڻيڪ اسڪول ڊيوٽي ۾ هن جو ڪافي وقت لڳندو هو، پر ان باوجود به هن ٿورو گهڻو وقت ڪڍي سياسي سرگرميون جاري رکيون. 1921ع ۾ جڏهن ٻين ڪميونسٽ گروپن جي ڪانفرنس منعقد ٿي ته مائوزي تنگ به ان ۾ شرڪت ڪئي. هو ماسڪو پرست ڪميونسٽ پارٽي جي ٻن نمائندن کي به پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ واپس اچي چيني ڪميونسٽ پارٽي (ccp) جو بنياد وڌو. 1923ع ۾ نوجوان گروپ سن يات سين جي ڪومنيٽانگ سان اتحاد ڪري ورتو ته جيئن پيڪنگ جي نااهل حڪومت خلاف زبردست محاذ قائم ڪري سگهجي. اهوئي اهو موقعو هو، جڏهن مائوزي تنگ اسڪول جي پرنسپال جي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ پيشيور سياسي ۽ انقلابي ليڊر جو ڪردار اختيار ڪيو.
24-1923ع ۾ مائو گهڻو ڪري پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان گڏ شنگهائي ۾ رهيو، جتي هن کي ڪومنيٽانگ جي مقامي سربراهه جي حيثيت حاصل هئي. ان سان گڏوگڏ هو چيني ڪميونسٽ پارٽي جو قائد به هو. 25-1924ع جي گرمين ۾ مائو آرام ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ هليو ويو، جتي هن کي هارين جا مظاهرا ڏسڻ جو موقعو مليو، جيڪي 1925ع جي مئي ۽ جون ۾ شنگهائي ۾ پرڏيهي پوليس هٿان گوليون لڳڻ ڪري درجنين چينين جي قتل خلاف احتجاج جي طور تي شروع ٿي ويا هئا. مائوزي تنگ کي انهن مظاهرن مان يڪدم اهو محسوس ٿيو ته چين جي هارين ۾ ڪافي جان ۽ جوش موجود آهي، جنهن کان پوءِ هن ڳوٺن جي نوجوانن کي بيدار ۽ فعال ڪري چين کي تازي زندگي بخشڻ جو عزم ڪري ورتو.
هن هنان صوبي جي هارين کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪري پوري ملڪ ۾ هارين جي مخصوص انجمنن جو ڄار وڇائي ڇڏيو. صوبي هنان جو فوجي گورنر مائو جي پويان پيل هو، جنهن ڪري مائو اتان فرار ٿي هڪ سال لاءِ شهري آبادي يعني ڪينٽين هليو آيو، جيڪو ڪومنيٽانگ جو سڀ کان اهم مرڪز ۽ ڳڙهه بڻجي چڪو هو. جنهن جي قيادت مارچ 1925ع ۾ سن يات سين جي وفات کان پوءِ چيانگ ڪائي شيڪ سنڀالي ورتي هئي. ڪينٽين ۾ رهڻ بعد به مائو ٻهراڙي تي پنهنجو پورو ڌيان رکيو.
مائو هنان واپس وڃي جنوري ۽ فيبروري 1927ع ۾ هاري تحريڪ جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو ته جيڪڏهن ڪوشش ڪئي وڃي ته تمام مختصر وقت ۾ چين جي ڪروڙين هارين جي لشڪر جي مدد سان چيانگ ڪائي شيڪ خلاف وڏو انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو. جيڪو مالدار شهري ۽ ٻهراڙي جي طبقن سان ملي ڀڳت ڪري مزدورن ۽ هارين خلاف مهم شروع ڪري چڪو هو. جيتوڻيڪ مائو جي ان مهم سان چين ۾ ڪومنيٽانگ سان اتحاد ڪري انقلاب جو، جيڪو خواب اسٽالن ڏسي رهيو هو، اهو پورو نه ٿي سگهي ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هر جاءِ تي چيني ڪميونسٽ پارٽي کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو.
آگسٽ 1928ع ۾ مائوزي تنگ رهيل سهيل هارين کي گڏ ڪري چن ڪانگ شان جي جبل تي مورچي تي مقرر ڪيو ۽ ڳوٺن ۾ هڪ اهڙي طرح جي نئين جنگ شروع ٿي وئي، جنهن جو مرڪزي ڪردار هٿين خالي عوام بدران سرخ فوج ادا ڪرڻ لڳي ۽ اهو مائوزي تنگ سان ڪروڙين هارين جي همدردين ۽ حمايت جو ئي نتيجو هو، جو ان گهرو ويڙهه ۾ مائوزي تنگ شهرن ۽ ڳوٺن جو گهيراءُ ڪري چيانگ ڪائي شيڪ کي شڪسٽ ڏني ۽ سمورن ڳوٺن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.
اقتدار جي راهه ۾ مائوزي تنگ سياسي جدوجهد جي صحرا ۾ 22 سالن تائين دربدر ٿيندو رهيو. ان عرصي کي 4 مرحلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پهريون مرحلو هن جي شروعاتي ٽن سالن جو آهي. جنهن ۾ مائوزي تنگ ۽ ڪمانڊر انچيف چوتهه ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گوريلا جنگ جاري رکي، پر ان جدوجهد کي مائوزي تنگ جا حامي ۽ ان کان وڌيڪ شنگهائي جي مرڪزي ڪميٽي جا ليڊر جن کي ماسڪو ۾ قائم ڪومنٽرن قيادت جي تخت تي ويهاريو هو، ان حقيقت کي پوري طرح سمجهي رهيا هئا ته اهو مرحلو صرف شروعات آهي ان وڏي انقلاب جي جيڪو شهرن ۾ برپا ٿي ويندو.
1930ع جي گرمين ۾ ماؤزي جي سينٽرل ڪاميٽيءَ ”سرخ فوج“ کي ڏاکڻيئن چين جي ڪيترن ئي شهرن تي قبضي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اميد اها هئي ته قبضي ٿيل شهرن جا مزدور به ان ۾ شامل ٿي ويندا پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته ان طريقي سان گهڻو نقصان ٿيندو ته ماؤزيءَ ماسڪو جي سينٽرل ڪاميٽيءَ جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي جنگ بندي ڪري ڇڏي. انهيءَ سال ڪومنتانگ ماؤزي تنگ جي پهرين زال کي گولي هڻي ڇڏي جنهن کان پوءِ ماؤزي هڪ اهڙي مائيءَ سان شادي ڪئي جنهن سان هن جو 1928ع کان تعلق هيو.
ٻيو مرحلو جنهن کي ڪيانگسي جو مرحلو چوڻ گهرجي، جيڪو چيني سوويت ري پبلڪ جي قيام جو مرحلو آهي، جيڪا مائوزي تنگ جي قيادت ۾ نومبر 1931ع ۾ ڪيانگسي صوبي جي هڪ حصي ۾ قائم ٿي. جيئن ته شهرن ۾ انقلاب جي حمايت جو فقدان هو، ان ڪري ڪاميابي جو سڄو زور انقلابين جي مرڪزي اڏن کي مضبوط ڪرڻ تي لڳايو ويو. روس جي حڪومت لکن جي آبادي واري چيني علائقي تي پنهنجو قبضو قائم رکيو. سرخ فوج جي نفري وڌائي ٻه لک ڪئي وئي، ان فوج 4 حملن ۽ گهيراءُ ۾ چيانگ ڪائي شيڪ جي فوج جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. جيتوڻيڪ چيانگ ڪائي شيڪ پنهنجي ڪمان ۾ جيڪا فوج رکي هئي مائو جي فوج ان جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ آڪٽوبر 1934ع ۾ مائو جي سرخ فوج کي ڪيانگسي جو محاذ ڇڏڻو پيو.
چيانگ ڪائي شيڪ جي ايئرفورس ان صوبي تي لڳاتار هوائي حملا ڪري رهي هئي ته 41 سالن جي مائوزي تنگ ۽ ان جي ويجهي ساٿي چو اين لائي لشڪر جوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ اهو سڄو لشڪر اتر اولهه چين ڏانهن هليو ويو. عين ان وقت ننگو جي شهر تي بم ڪري رهيا هئا، گهر ۽ عمارتون تباهه ٿي رهيون هيون، ڀڄندڙ رهواسي بمن ۾ اجل جو شڪار بڻجي رهيا هئا. هر طرف زخمين جون آهون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ پئي آيون، مائوزي تنگ پنهنجي دوست کي چيو ته:
”هاڻي شانگسي مان نڪرڻو پوندو، پر اسان چيانگ ڪائي شيڪ لاءِ صرف کنڊر ۽ رک جا ڍير ڇڏي وينداسين.“
جيتوڻيڪ هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهن جو قافلو ترتيب ڏنو ويو. ان لشڪر جو نالو سرخ فوج ڏئي مائوزي تنگ مارچ جو حڪم ڏنو، اهو لشڪر ڏينهن جو ڪنهن اوٽ ۾ لڪيل رهندو هو ۽ رات جو ٻيهر مارچ شروع ڪري ڏيندو هو ۽ گوريلا ڪارروايون به ڪندو هو. مائوزي تنگ جو آرڊر آف ڊي هي هو ته:
”دشمن اڳتي وڌي ته اوهان پوئتي هٽي وڃو، دشمن فرار واري راهه اختيار ڪري ته ان جو شڪار وانگر پيچو ڪيو، هو بيحال ٿيڻ لڳي ته اوهان قدم اڳتي وڌايو ۽ دشمن ٿڪجي وڃي ته ان تي فوري طور حملو ڪري ڏيو. مطلب ته اسان کي هڪ قدم پوئتي هٽي ٻه قدم اڳتي وڌڻو آهي.“
چيني ڪميونزم ۽ مائوزي تنگ جي تاريخ ۾ 34-1931ع جو دؤر اونداهون زمانو سمجهيو ويندو آهي ۽ ان دؤر متعلق گهڻو ڪري اختلاف آهن، ڇاڪاڻ جو سياسي ۽ فوجي ماهر ان ڳالهه جو تعين نه ڪري سگهيا آهن ته ان عرصي دوران حڪمت عملي مائو جي هلندي رهي يا ٻين ليڊرن جي، بهرحال 1935ع جي ٿڌ واري موسم ۾ 6 هزار ميل لانگ مارچ ۾ مائو جي هڪ لک ساٿين مان صرف 20 هزار باقي وڃي رهيا، پر اهي ساٿي تجربيڪار، مائو ۽ سي سي پي جا مخلص ڪارڪن هئا. مائو مارچ دوران پنهنجي پويان مخلص ڪارڪنن جا ننڍا ننڍا گروپ ڇڏيندو ويو، جن بعد ۾ گڏجي هڪ مضبوط سياسي ۽ فوجي بنياد فراهم ڪيو. لانگ مارچ جو رهيل سهيل لشڪر اتر اولهه چين ۾ پهتو ته مائوزي تنگ جي ڳوٺاڻي مهم جي ٽئين مرحلي جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا هئا. جيتوڻيڪ ان مرحلي ۾ جاپان خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ ڪومنيٽانگ سان اتحاد قائم ٿي ويو. مائوزي تنگ کي سڄي پارٽي جي ليڊرن تي برتري حاصل ٿي وئي.
آگسٽ 1935ع ۾ ماسڪو ڪونٽرن پنهنجي ستين ڪانگريس ۾ چيني ڪميونسٽن جي لانگ مارچ دوران هڪ مهم ۾ فاشزم خلاف متحده محاذ جي اصول جو اعلان ڪيو ۽ مئي 1936ع ۾ چيني ڪميونسٽن پهريون ڀيرو ان امڪان کي قبول ڪيو ته اهڙي متحده محاذ ۾ چيانگ ڪائي شيڪ ۽ نيشلسٽ ڪئمپ جا مخالف عنصر به شامل ٿي سگهن ٿا.
سيان جي واقعي کان، جنهن ۾ انهن فوجي ليڊرن ڊسمبر 1936ع ۾ چيانگ ڪائي شيڪ کي اتر اوڀر چين مان ان ڪري اغوا ڪري ورتو هو، جو هن ڪميونسٽن خلاف گهرو ويڙهه ۾ حصو وٺڻ بدران جاپان جا کسيل گهرگهاٽ واپس وٺڻ ٿي گهريا، ٻنهي ڌڙن ۾ اتحاد جو رجحان تيز ڪري ڇڏيو ۽ 3 جولاءِ 1937ع ۾ جڏهن جاپان سڄي چين کي غلام بڻائڻ جو آخري قدم کڻي ورتو هو، ڪميونسٽن ۽ ڪومنيٽانگ طرفان اختلاف وساري گڏيل اتحاد تي ٻڌل نئون محاذ قائم ڪيو ويو. ان گڏيل اتحاد جو باقاعده اعلان سيپٽمبر 1937ع ۾ ڪيو ويو.
چين جاپان جنگ دوران ڪميونسٽن فوج جو هڪ وڏو حصو ننڍن ننڍن دستن جي شڪل ۾ ترتيب ڏئي، انهن دستن کي دشمن جي مورچن جي پويان پهچائي ڇڏيو. جتي هو ڇاپا هڻندڙن جي رهنمائي ڪرڻ لڳا، جن دشمن جي مواصلاتي لائين ۽ شهرن جي وچ ۾ وڏي علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو. ان فوجي ڪارروائي جو ڪهڙو نتيجو نڪتو، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن جاپان هٿيار ڦٽا ڪيا ته نه رڳو انهن ڇاپا هڻندڙن ۽ جنگ وڙهندرن جي نفري 5 لک کان 10 لک جي وچ ۾ هئي، پر ان 9 ڪروڙ تائين جي آبادي واري وڏي علائقي تي سياسي ڪنٽرول به حاصل ڪيو ويو هو.
40-1936ع جي مرحلي ۾ مائوزي تنگ کي 1920ع کان پوءِ پهريون ڀيرو لکڻ پڙهڻ جو وقت مليو ۽ مائوزي تنگ بهترين ڪتاب پيش ڪيا. پنهنجي انقلابي تحريڪ ۽ انقلابي جدوجهد تي ٿلهو ڪتاب مرتب ڪيو. هن فوجي ۽ عسڪري موضوع تي ڊسمبر 1936ع ۾ چين جي انقلابي جنگ متعلق نهايت اهم حقيقتن جي نالي سان پنهنجو تاريخي ڪتاب لکيو. 1938ع ۾ شانگسي جي دؤر جي جدوجهد، ڊگهي جنگ ۽ جاپان خلاف جنگ تي نهايت اهم معلومات سان ڀريل ڪتاب لکيا. مائوزي تنگ کي يقينن ان ڏس ۾ داد ڏيڻو پوندو، جو هن ڪومنيٽانگ جي ڪردار کي خاص طور تي خراج تحسين پيش ڪيو، جيڪو ڪومنيٽانگ جاپان خلاف چين جي آزادي واري جنگ جي محاذ تي ادا ڪيو.
40-1939ع ۾ حالتون ايترو بدلجي ويون، جو مائوزي تنگ کي پنهنجي سرزمين تي ڪميونسٽ اقتدار جا قدم هميشه لاءِ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت محسوس ٿي. هن چين ۾ پنهنجي قيادت کي قائم رکڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا. ان سلسلي ۾ مائو پنهنجي ڪتاب ”چين جو انقلاب ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي“ ۾ پوري وضاحت ڪئي آهي. جنهن کي پارٽي جا ميمبر پنهنجي لاءِ هڪ مقدس ڪتاب سمجهن ٿا. مائوزي تنگ ٻين ماڻهن لاءِ به ”نئين جمهوريت“ جي نالي سان ڪتاب لکيو. انهن ٻنهي ڪتابن جو موضوع تقريبن هڪ ئي آهي ۽ هڪ جهڙا دليل پيش ڪيا ويا آهن. مائوزي تنگ جي نقطه نظر سان چيني انقلاب به موجوده دنيا جي انهن ملڪن ۽ قومن جي انقلاب جهڙو ئي هو، جيڪي برطانيا، جرمني يا جاپاني سامراجيت خلاف آيا. مائوزي تنگ داخلي حڪمت عملي جو اهو بنياد رکيو ته جاپان خلاف محاذ جوڙيندڙ سمورين پارٽين جي گڏيل آمريت قائم ٿي وڃي.
ڪميونسٽ پارٽي ۾ مائوزي تنگ جا ٻه وڏا سياسي رقيب هئا. هڪ وانگ بنگ جيڪو ڪجهه عرصو ماسڪو ۾ رهڻ کان پوءِ چين آيو هو، ٻيو چانگ ڪوتائو جنهن شروع شروع ۾ مائوزي تنگ جي سياسي ۽ فوجي قيادت کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. انهن ٻنهي اڳواڻن تي اهو الزام هو ته اهي ٻئي ڪومنيٽانگ جي اشاري تي نچندا آهن، پر مائوزي تنگ جو اصل ارادو اهو هو ته انهن کي ڪميونسٽ پارٽي جو سچو ليڊر تسليم ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ هن آڪٽوبر 1938ع ۾ مارڪسزم کي اهڙي مارڪسزم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو ته چيني مارڪسزم صرف چيني حالتن موجب هوندي ته جيئن اها انهن کي صحيح معنيٰ ۾ راس اچي سگهي.
مائوزي تنگ کي هڪ نقصان اهو به ٿيو، جو هن کي خبر نه هئي ته سوويت جي ڪميونزم ڪهڙي طرح جي آهي. جڏهن ته چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ٻين ڪيترن ئي مرڪزي اڳواڻن کي روسي ڪميونزم جي پوري ۽ صحيح ڄاڻ هئي، نه ئي مائو کي روسي زبان ايندي هئي، جو هو ڪارل مارڪس ۽ لينن جو مطالعو ڪري سگهي. جيتوڻيڪ هو اها دعويٰ ضرور ڪندو رهندو هو ته هو چين کي هر طرح سان ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. مائوزي تنگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي روس پرست اڳواڻن جا پاڻ ۾ اختلاف 1942ع جي مبينا اصلاحي مهم جي موقعي تي عروج تي پهچي ويا. ان اصلاحي مهم جو مقصد ڪارل مارڪس جي نظريي ۽ لينن جي اصولن کي چيني ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد بڻائڻو هو ته جيئن اهي 1937ع جي توسيعي پروگرام تحت ڀرتي ڪيل هزارين نون ڪارڪنن لاءِ به قابل عمل بڻجي سگهن. ان سلسلي ۾ پارٽي ڪارڪنن جي فائدي لاءِ لينن، اسٽالن ۽ بلغاريه جي ڪوٽرن ليڊر جارجي ڪيروف جي ڪتابن ۽ بيانن جو مطالعو ضروري سمجهيو ويندو هو، پر مائوزي تنگ جو ان سان گڏوگڏ اهو نظريو به هو ته چينين کي لڪير جو فقير به بڻائڻ گهرجي، يا چين کي انڌاڌنڌ روس جو نقل شروع ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي روسي هدايتن جو محتاج بڻجڻ گهرجي.
جڏهن مائوزي تنگ جي ڳوٺاڻي مهم جو چوٿون ۽ آخري مرحلو شروع ٿيو، جنهن ۾ مائوزي تنگ جي فوج ۽ ڪومنيٽانگ يعني چيانگ ڪائي شيڪ جي فوج ۾ جنگ شروع ٿي وئي ته روس جي سربراهه اسٽالن جي چيني ڪميونسٽن جي فتح لاءِ دلچسپي گهٽجي وئي. اسٽالن کي اهو يقين ئي نه هو ته ڪو چيني ڪميونسٽن کي واضح ۽ حقيقي فتح حاصل ٿي ويندي، پر هو محسوس ڪندو هو ته جيڪڏهن چيني ڪميونسٽ اقتدار ۾ اچي ويا ته اهي سوويت روس لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويندا، پر 20 آڪٽوبر 1949ع تي مائو جڏهن عوامي جمهوريه چين جو اعلان ڪيو ۽ ان جو چيئرمين بڻجڻ قبول ڪيو ته ان کان سواءِ ڪو چارو نه هو ته اسٽالن ڪنهن نه ڪنهن طرح صورتحال کي تسليم ۽ قبول ڪري.
مائوزي تنگ جيڪو هينئر عوامي جمهوريه چين جو چيئرمين بڻجي چڪو هو. ڊسمبر 1949ع ۾ ماسڪو جي دوري تي ويو ۽ ان ڊگهي ۽ صبر واري ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ مائو اسٽالن کي نه رڳو روس ۽ چين جي پاڻ ۾ دوستي ۽ هڪ ٻئي جي مدد واري معاهدي تي صحيح ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر روس کان محدود اقتصادي امداد به حاصل ڪري ورتو پر ان کان پهريان جو چين روسي امداد مان فائدو وٺي چين کي ڪوريا جي جنگ ۾ ڪوريا جي پيانگ يانگ حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پيو، جنهن جي پٺيان روس هو ۽ ڪوريا جي جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ کان پوءِ ئي اسٽالن کي يقين ٿيو ته مائوزي تنگ قابل اعتماد آهي. اسٽالن کان پوءِ جڏهن خروشيف جو دؤر آيو ته هو آمريڪي سامراجيت جو هٿيار بڻجي ويو. مائو سمجهيو ٿي ته آمريڪا ڪوريا کي چين تي حملي لاءِ اڏو بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن 1957ع ۾ آمريڪا ”سرخ چين“ جي ڀرپاسي پنهنجا اڏا قائم ڪري ورتا ته مائوزي تنگ پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو:
”ڇا اسان ان سان ڊڄي وينداسين؟ هو بيشڪ ايٽم بم استعمال ڪن، جيڪڏهن 70 ڪروڙ چينين مان 40 ڪروڙ مارجي ويا، تڏهن به 30 ڪروڙ چيني پنهنجن دشمنن کي منهن ڏئي ويندا.“ ۽ پوءِ 3 سالن جي اندر اندر دنيا اهو ٻڌي تعجب ۾ پئجي وئي ته چين ميزائل بردار ايٽم بم تيار ڪري ورتو آهي.“
اسٽالن جي موت کان پوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين چيني پنهنجي ملڪ ۾ ان ئي قسم جو سوشلزم هلائيندا رهيا، جيڪو روس جي سوشلزم جي نقل برابر هو. عوامي جمهوريه چين جي قيام کان پوءِ پهرين 10 سالن جي عرصي ۾ مائوزي تنگ شايد ئي ڪنهن عوامي ۽ وڏي تقريب ۾ نظر آيو. پرڏيهي سفيرن جي اچڻ تي رسمي تقريبن ۾ انهن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ يا چيئرمين جي حيثيت سان فرمانن تي صحيحون ڪرڻ کان سواءِ مائوزي تنگ جا صرف محدود بيان ۽ تقريرون هونديون.
31 جولاءِ 1955ع ۾ هو صرف رسمي سرڪاري لاڳاپن مان نڪري هڪ تمام وڏي ميڙ ۾ آيو ۽ هن هڪ ڏينهن اڳ 5 سالن جي ترقياتي پروگرام جي روشني ۾ هڪ زبردست تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن پوري ملڪ ۾ گڏيل مدد جي اصول تحت زرعي فارم قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. اهو 4 سالن جو هڪ اهڙو دؤر شروع ٿيو، جنهن ۾ مائوزي تنگ زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجن ڪجهه دوستن جي مرضي جي خلاف پنهنجي من ماني ڪندو رهيو.
56-1955ع ۾ مائوزي تنگ پنهنجو ٽن جلدن تي ٻڌل ڪتاب ”سوشلزم جي سمنڊ جي ويرن جي لاٿ ۽ چاڙهه“ شايع ڪيو. ان ڪتاب ۾ سڄو مواد ڳوٺن ۾ اجتماعي فارم قائم ڪرڻ متعلق هو. 1956ع جي بهار واري موسم ۾ روس جي نئين ڊڪٽيٽر خروشيف اها تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن 1934ع ۾ روسي ڪميونسٽ پارٽي ۾ اسٽالن طرفان ڪيل اٿل پٿل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ته ان جي ٽن مهينن کان پوءِ مائوزي تنگ ان پاليسي جو اعلان ڪيو، جنهن تحت مختلف ۽ ٽڪراءَ وارن نظرين تي ٻڌل تقريرن جي آزادي ڏني وئي ته جيئن چين ۾ به اسٽالن جهڙا سخت قدم نه کڻڻا پون.
جيتوڻيڪ 1956ع ۾ پولينڊ ۽ هنگري ۾ سوويت روس جي قيادت خلاف بغاوتون ڀڙڪي اٿيون، پر مائوزي تنگ خيال جي آزادي واري پاليسي نه ڇڏي ۽ هن پنهنجي 27 فيبروري 1957ع جي مشهور تقرير ۾ پوري جرئت سان اهو اعلان ڪيو ته هر حڪومت کي عوام جي ٽڪراءَ وارن نظرين ۽ خيالن کي سهڻي نموني منهن ڏيڻ گهرجي. مائوزي تنگ جو خيال هو ته جن دانشورن ۽ ماهرن کي هن جنوري 1956ع ۾ خراج تحسين پيش ڪيو هو ۽ جن کي چين جي اقتصادي ترقي لاءِ اهم قرار ڏنو ويو هو، اهي اهو محسوس ڪري حڪمران پارٽي جي حمايت ۽ تائيد ڪندا ته حڪمران پارٽي پنهنجي پاڻ کي غلطين کان پاڪ نه ٿي سمجهي ۽ ڪجهه ماڻهن ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت تي به تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
اهو ئي ڪارڻ هو جو 1957ع ۾ مائوزي تنگ کي پنهنجو ڌيان خاصن کان هٽائي ڪري عوام تي ڏيڻو پيو. مائوزي تنگ پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪري ورتو هو ته جيڪڏهن ماهر اڃا مڪمل طور رستي تي نه آيا ته هو انهن کي ڪارخانن، صنعتن يا زرعي فارمن ۾ سڀ کان بيڪار جاين تي مقرر ڪري سڌو ڪري وٺندو. ان دوران چين کي موجوده جديد چين بڻائڻ لاءِ هو هر هڪ جي تخليقي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندو. مائوزي تنگ کي چين جي دانشورن ئي انهيءَ انتهائي قدم تي مجبور ڪري ڇڏيو هو، پر اقتصادي ضرورت ان کان به گهڻو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ چين ۾ اهي نيون پاليسيون لاڳو ڪيون ويون، جن کي اڳتي جي طرف هڪ وڏي چال چئي سگهجي ٿو.
چين لاءِ روسي امداد گهٽجندي پئي وئي. مائوزي تنگ ان نتيجي تي پهتو ته چين جي اقتصادي ترقي جي واحد ضمانت ان شڪل ۾ حاصل ٿي سگهي ٿي ته مزدورن، ڪاريگرن ۽ ڪارڪنن جا ننڍا ننڍا ادارا وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ قائم ڪيا وڃن. جيڪي مقامي ذريعن ۽ وسيلن تي ڀاڙين ۽ اهڙا پروگرام شروع نه ڪيا وڃن، جن لاءِ ڳرو سرمايو گهربل هجي. جنهن تحت 1958ع ۾ اهڙا عوامي ادارا قائم ڪيا ويا ۽ ننڍن ننڍن اجتماعي ادارن جو هڪ وڏو ڄار وڇايو ويو.
جنوري 1967ع کان سيپٽمبر 1968ع تائين ڪيترن ئي صوبن ۾ انقلابي پارٽيون اقتدار کسڻ واري ڀڄ ڊڪ ۾ مصروف ٿي ويون. اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پارٽي جا اڳوڻا عهديدار، سرخ گارڊ، انقلابي باغي ۽ آزادي واري عوامي فوج جا ميمبر شامل هئا. ان کان پوءِ صفائي جو عمل شروع ٿيو ۽ عين ان وقت اپريل 1969ع تائين پارٽي ڪانگريس منعقد ڪئي وئي ۽ پارٽي جي ٻيهر تنظيم سازي شروع ڪئي وئي، جنهن تحت اڳوڻن ميمبرن مان ڪيترن ئي کي برقرار رکيو ويو، پر عوام سان گهرو رابطو قائم ڪرڻ جي حڪمت عملي شروع ڪئي وئي.
چين جي ثقافتي انقلاب متعلق اهو حتمي اندازو قائم نه ٿو ڪري سگهجي ته اهو سڄو سارو مائوزي تنگ جي اڳوڻن تصورن تي ٻڌل هو، پر اهو مڃڻو پوندو ته مائوزي تنگ واقعي چيني معاشري ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو. بهرحال ان حقيقت ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش ناهي ته مائوزي تنگ جي تازين پاليسين ئي نه پر ان جي عملي زندگيءَ ئي چين جي قومي انقلاب کي ڪامياب بڻايو ۽ جيتوڻيڪ جديد عظيم چين جي هر ڪاميابي جو سهرو مائوزي تنگ جي مٿي تي نه ٿو ٻڌي سگهجي. اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته چين جي تعمير ۽ ترقي ۾ گهڻو ڪري عملي ڪردار مائوزي تنگ جو ئي هو. هن دنيا جي سڀ کان وڏي آبادي جي مالڪ ملڪ کي بيدار ڪرڻ، باڪردار بڻائڻ ۽ چين جي آزادي ۽ خودمختياري جو تحفظ ڪري دنيا جي پنجين سڀ کان وڏي قوت جو درجو ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.