شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

پبلشر نوٽ

مڌ ڀريل اکڙين ۾ انيڪ سپنا سجائي هلندڙ ڏات ڌڻي ءَ جي سوچن جي ولوڙ جو پتو تڏهن پوي ٿو، جڏهن تخليقي عمل جا پيرا حساس دل جو سينو چيري اهڙي ماڳ تي رسائين، جتي خاص طور ٻين ڪاڻ جيئڻ جو فلسفو زندگيءَ جي معنويت سان آشنا ڪري ۽ جاويد جوکئي واقع ايئن ڪري ڏيکاريو. جاويد جوکيو ڀل جان اسان وچ ۾ نه رهيو هجي، پر سندس تخيلقي رنگن جي مهڪ هزارين دلين ۾ واسيل آهي. هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
ڏٺو وڃي ته پنهنجي قول ۽ فعل تي ثابت قدم رهندڙ ڪالم نگار ۽ شاعر جاويد جوکيو جو قلمي پورهيو رائيگان نه ويو آهي، سندس سوچ ۽ اميد جو تسلسل ٻين تائين منتقليءَ جي مرحلن طرف روان دوان آهي ۽ اهڙي ئي سوچ تحت سمبارا پبليڪيشن پاران جاويد جوکئي جي وڇوڙي بعد شخصيت ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ “ هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم“، ڪالمن جي ڪتاب” غلطي معاف“ کانپوءِ سندس شاعريءَ جو هي پهريون ۽ آخري مجموعو ” عشق اياڻو “ کي منظر عام تي آندو ويو آهي. ته جيئن سندس شخصيت ۽ تخليقي عمل جا مڙئي پاسا روشناس ٿي محفوظ هٿن تي رسي سگهن.
ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد