شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

هاڻ دل ۾ حسرتون ناهن رهيون،

هاڻ دل ۾ حسرتون ناهن رهيون،
ڇو ته ساجن نفرتون ناهن رهيون.

پاڻ دنيا کان پري ٿياسون تڏهن،
دوست ساڳيون محبتون ناهن رهيون.

دل جو ڪنهن وٽ داد ناهي دوستو،
جو پراڻيون قربتون ناهن رهيون.

روز رت جون هوليون آهن هتي،
يا ته تنهنجون قدرتون ناهن رهيون.

دوست مون کي سچ چون “جاويد” ٿا،
هاڻي تو ۾ جُرَتون ناهن رهيون.
*