شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

چئوسٽا

چئوسٽا

ماکيءَ کان مٺي آهي،
هؤ ڏاڍي سٺي آهي،
محور عشق جو ‘جاويد’،
بس سنڌ جي مٽي آهي.
*
مندر ۾ رکيل هڪ مورت جهڙي،
سادي سونهن سلوڻي عورت جهڙي،
ارمان نه هڪڙو ڀي پورو ٿيو ٿيس،
دل جي حالت آهي پورهيت جهڙي.
*
پيار لئه اظهار ضروري ناهي،
سور سان سهڪار ضروري ناهي،
بس دوست اندر کي اجاري ڇڏيو،
نيڻن مان وسڪار ضروري ناهي.
*
راهه سڄي هموار ضروري ناهي،
چوڌاري هٻڪار ضروري ناهي،
سائين نٽهڻ ۾ به گذاري وڃبو،
هرپل ڪو ٿڌڪار ضروري ناهي.
*

پيار کان انڪار ڪيئن ڪيان،
يار سان اظهار ڪيئن ڪيان،
دل چريءَ جون ڳالهيون چريون،
زندگي بيڪار ڪيئن ڪيان.
*
توسان ڪهڙا ليکا ساجن،
ٽپي وياسي ليڪا ساجن،
دليون قيد ڪرڻ جا توکي،
آهن ڪيئي طريقا ساجن.
*
تحريرون تڙپن پيون،
تقديرون تڙپن پيون،
خواب سمورا خوڪ ٿيا،
تعبيرون تڙپن پيون.
*
دوستو گڏجو اچو هي ڪيون وچن،
آهه ڪرڻو سنڌ جو روشن صحن،
ناهه رهڻي ڪا هميشه ئي خزان،
بهار ڏس هاڻي اجهو ٿا گل ٽڙن.
*