شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

جيڪڏهن

جيڪڏهن
تون مون کي نه ملينءَ
ته مان به ڪنهن کي نه ملندس
مون کي تون چاهيو آهي
منهنجو شرير تنهنجي امانت رهندو
هن شرير تي هميشه
تنهنجي چپن ۽ هٿن جي
روشني
چمڪندي رهندي
هنن نيڻن ۾
هميشه تنهنجي ياد
ڪنهن تن ۾ واچوڙي جيان
گهوماٽيون کائيندي رهندي
۽ جيڪڏهن تون مون کي نه ملينءَ ته
مان هن سماج جي
سمورين رسمن سان
ٽڪر کائي پنهنجي وجود کي
تنهنجي ياد جو المناڪ کنڊر بڻائي ڇڏيندس
*