شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

سڄو روپ دنيا جو ڌاري ڏٺوسي،

سڄو روپ دنيا جو ڌاري ڏٺوسي،
پنهنجو پاڻ ماري ۽ جياري ڏٺوسي.

هئو وعدو گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جو،
ٻڏڻ مهل سو ٻئي ڪناري ڏٺوسي.

ڏنو ساٿ ڪنهنجو ۽ ڪنهن ڪنهنجو ناهي،
مگر پو ڀي ڪنهن کي پڪاري ڏٺوسي.

هجر ڄڻ ته هجرت ڪري آ هلي ويو،
جڏهن نانءُ تنهنجو اچاري ڏٺوسي.

سمنڊ يار سارو ويو ڄڻ ته وسري،
اکين ۾ جو تنهنجي نهاري ڏٺوسي.

تنهنجي هڪ نظر سان ويا سور سارا،
کڻي نيڻ توکي پڪاري ڏٺوسي.

خدارا سڏي هاڻي ڀر ۾ ويهاريو،
گهڻو هيڪلائن ۾ گهاري ڏٺوسي.
*