شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

سونهن تي ۽ سنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي،

سونهن تي ۽ سنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي،
۽ تنبوري تند تي ئي گهوربي هي جندڙي.

شاهه تنهنجيءَ شاعريءَ ئي مرتبو آهي ڏنو،
بيت وائيءَ بند تي ئي گهوربي هي جندڙي.

سنڌ جون ئي سُورميون هن ماروي سسئي جهڙيون ٻيون،
ديس جي مُنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي.

ڪيترن سالن پڄاڻان ٿر تي سرهايون پڳيون،
مينهن جي تنهن مند تي ئي گهوربي هي جندڙي.

سنڌڙي منهنجي امان آزاد توکي ئي ڏسان،
ڇونه ڪاتين ڪنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي.

چين، سک ۽ امن آزادي ضرورت سنڌ جي،
ڌرتيءَ لئه هر هنڌ تي ئي گهوربي هي جندڙي.
*