شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

پيار تي پهرا ڪيسيتائين،

پيار تي پهرا ڪيسيتائين،
گهاوَ هي گهرا ڪيسيتائين.

ڏاڍ کان ڏاڍا ڏڍ مليا هن،
هيسل چهرا ڪيسيتائين.

رهزن ٿورو غور ڪر تون،
ماڻهو مهرا ڪيسيتائين.

او درٻاري شاعر تو لاءِ،
داد هي دهرا ڪيسيتائين.

سچ جو سج به اڀري پوندو،
گهگهه انڌيرا ڪيسيتائين.

نيٺ ڪڏهن “جاويد” بدلبا،
سور ۽ صحرا ڪيسيتائين.
*