جيون درديلو ڪلام آ،
ڄڻ مڪلي جو مقام آ.
جوڀن ڇٽي جي ڇانءُ ۾،
ڇڙواڳ من جو نظام آ.
سونهن کي هي سير سدائين،
سدا جهڪي ڪندو سلام آ.
ڪنهن جي نظر لڳي ويس،
وائڙي ڪراچيءَ شام آ.
فڪر هو ڦٿڪائي ويو،
هاءِ! ديس ڌڻي غلام آ.
هاڻي وطن يا ڪفن گهرجي،
هي اندر جو الحام آ.
مرسون ته به سنڌ نه ڏيسون،
هوشوءَ اهو پيغام آ.
پَلَوَ پراڻا نه ٿيندا،
ڏس هر گهر هُل شام آ.
هيءَ نصيبن ماري جند،
ڀٽائي تنهنجي سامَ آ.
جآويد نام لکي ڇڏيو،
ڪئي بغاوت سرعام آ.
*