شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

نه ڪيو پيارآهي مون ڏني آ حاضري تنهنجي،

نه ڪيو پيارآهي مون ڏني آ حاضري تنهنجي،
دعا ڏيان ٿو رهي قائم سدا برتري تنهنجي.

جي ٿي روشن شمع پروانه ايندا، سڙي پوندا،
سڀئي بي موت مرندا جن ڏٺي آ بي رخي تنهنجي.

اها ٿي پڪ وئي آ مون کي ملندي نيٺ منزل ڀي،
ملي وئي جو اٿم اڄ مرڪ ٿي رهبري تنهنجي.

اهو جيئي ته ڪيئن جيئي ڏس تون ئي ڀلا سائين،
جنهين کي ڪا نه آ حاصل سچي دلبري تنهنجي.

نه هان “جاويد” اڄ تائين به سالم هوش ۾ مان ٿيو،
چکي آهي جڏهن کان من چپن چاشني تنهنجي.
*