توسان گهاريل پل، توسان گهاريل پل، آهن ياد اڃا مومل. توکان پيار مليو، ڄڻ ڪا سنڌوءَ ٿل. پ ٻڏاسين ٻئي، ياد ٿئي ڪيڏي مهل. اوسيئڙي اڄ ڀي، پنهنجا ساهه سڪل. درد لڳن ٿا ايئن، جيئن ڪا ٻير پڪل. “جاويد” جيءَ بڻيو، ڄڻ ڪو شهر ڦٽل. *