شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

سوچون سارون ٿڪجي پيون هن،

سوچون سارون ٿڪجي پيون هن،
نيڻ نهارون ٿڪجي پيون هن.

گل جو چين چورائي ويو ڪو،
۽ مهڪارون ٿڪجي پيون هن.

عشق تنهنجي ۾ آليون اکڙيون،
لڙڪن لارون ٿڪجي پيون هن.

ڏاڍ سان اٽڪي اٽڪي ساٿي،
پيار پڪارون ٿڪي پيون هن.

“جاويد” آسون ڇڏ تون لاهي،
شايد بهارون ٿڪجي پيون هن.
*