شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

کرو ۽ سچو ماڻهو...!

سنڌ اُها خوشنصيب ڌرتي آهي، جنهن جي ڪُک مان ڪيترن ئي انمول ماڻهن جنم ورتو آهي. اُنهن ماڻهن جي سڃاڻپ سندن ڪردار، دليري، سچائي ۽ ايمانداري بڻي آهي. توڙي جو اُهي ماڻهو هاڻ اسان ۾ موجود ناهن رهيا، تڏهن به هميشه گڏ گڏ محسوس ٿيا آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ اُهي ماڻهو اڄ به زندهه آهن. اهڙن خوشنصيب ماڻهن مان جاويد جوکيو به هڪ آهي. هُو هميشه خوش اخلاق ۽ غريبن جو همدرد رهيو. هن سنڌ جي سورن تي قلم کنيو، هن ڪڏهن به بااثرن جي داٻ دٻدٻي اڳيان پاڻ نه جهڪايو، هن صحافت جي دنيا ۾ پڻ پاڻ مڃايو.
جاويد جوکيو جو جنم پهرين فيبروري 1971ع ۾ عطا محمد جوکيو جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد به هڪ ايماندار انسان هو، هو درزڪو ڪم ڪري پنهنجن ٻچن کي پيٽ پاليندو هو، هن جاويد کي به مئٽرڪ تائين تعليم ڏياري، ان بعد جاويد پنهنجي مدد پاڻ تحت وڌيڪ تعليم پرائي. 2007ع ۾ جاويد جو والد به جهان ڇڏي ويو ته سڄي گهر جي ذميواري جاويد سنڀالي، جاويد جي امڙ ته 1996ع ۾ ئي لاڏاڻو ڪري وئي هئي، والد جي وفات بعد سموري گهر جي ذميواري جاويد سنڀالي، 1990ع ڌاري جاويد کي واپڊا ۾ نوڪري ملي هئي، هن نوڪري سان گڏ صحافت کي به جاري رکيو، رات ڏينهن محنت ڪري هُن پنهنجن ٻارن جو پيٽ ته پاليو، پر اُن سان گڏوگڏ هن ڀيڻن ۽ ڀائرن کي خوشيون ڏيڻ لاءِ وسان ڪونه گهٽايو. هُو پنهنجن ڀينرن ۽ ڀائرن تي ساهه نڇاور ڪندڙ شخص هو، هن ڀينرن ۽ ڀائرن جون شاديون به ڪرايون. جاويد پنهنجي ڪامياب زندگي گذاري، هُن کي سٺي ۽ نيڪ گهرواري مان ٽن ٻارن جو اولاد به ٿيو، جن۾ هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ شامل آهن.
جاويد جوکيو صحافت جي ميدان ۾ 1996ع ۾ آيو، هُن ڪيترائي ڪالم لکيا، سندس ڪالم غلطي معاف جي عنوان سان شايع ٿيا ته انهن وڏي مڃتا ماڻي، صحافت ۾ قدم رکڻ بعد، هُن جڏهن سچ لکيو ته ڪيترائي سچ دشمن سندس ويري بڻجي. پر، هن هڪ قدم به پوئتي نه هٽايو، ڌمڪين ۽ خطرن باوجود هن سچ لکيو. سندس هميشه اهو چوڻ رهيو ته منهنجي زندگي جيتري مقرر هوندي، اوتري ئي ملندي، آئون بزدل ٿي نه جيئندس. هي ته اهو ئي شخص هو، جنهن مدئجي ۾ پريس ڪلب جو بنياد وڌو، هو سڄو ڏينهن نوڪري ڪندو هو ته شام جو پنهنجون صحافتي خدمتون سرانجام ڏيندو هو. هن جتي مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو، اتي هن ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر طور پنهنجون ذميواريون به نڀايون. 2010ع واري ٻوڏ دوران هن پڻ هن خطي جي ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچايو، هو حساس دل ماڻهو هو، ان سان گڏ پيار ڪندڙ شخص به هو، ۽ هه بهترين شاعر به هو، هن پنهنجن جذبن کي قلم وسيلي عوام تائين پهچايو، سندس هي شاعري جو ڪتاب” عشق اياڻو“ نه صرف هن جي دل جي دکن دردن جي ڪهاڻي آهي، پر هو هن شاعري ۾ اسان سڀني جي دل جي ترجماني ڪري ٿو.

مهناز بلوچ