پنهنجي پاران
اهو سلسلو ته ياد نه ايندڙ وقت عرصي کان هلندو پيو اچي، گذريل رات ته ڪجهه عجيب انداز سان گذري سالن جي سورن به اچي ڪڙو کڙڪايو، دردن ايئن اچي جمع ٿيڻ شروع ڪيو، جيئن ڪنهن ڳوٺ جي ويڙهي واري مسجد ۾ آذان ملڻ کانپوءِ ٻار توڙي جوان ۽ پوڙها وضو ڪري کجي جي پنن مان ٺهيل ٽوپيون پائي نماز لاءِ گڏ ٿيندا آهن.
تنهنجي پاران مليل گهاوَ ايئن اچي نڪتا جيئن اڪثر ڳوٺاڻا ٻار گهر ۾ رکيل ان جي گنديءَ مان لڪي لڪي اَن کڻي ايندا آهن.
پنهنجائپ جڏهن اوپرائپ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، تڏهن دنيا جون رنگينون گگهه اوندهه جي قبضي ۾ اچي وينديون آهن، ان وقت اڪيلائپ ۾ مار سياهه جهڙا ڀوائتا ويچار الهامي طرح نازل ٿيندا آهن. وقت جو وهڪرو ٽِياسن تي ٽنگيل محسوس ٿيندو آهي، اهي سموريون ڪيفيتون تنهنجي منهن مَٽڻ کانپوءِ منهنجي من ۾ احساسِ محرومي پيدا ڪري ويون هيون.
پر هاڻي آءٌ ڌرتيءَ تي ڪِريل سڪل پن وانگر ٿي پيو آهيان، جيڪو موسمن سان ٽڪر کائي پِيلو ٿي ڇڻي پيو هجي، بس! هوا جي رخ تي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تي هلندو رهندو آهي، بنا خواهش جي، نه بهار لاءِ بيقرار ۽ نه خزان کان خوفزده، ٺيڪ آهيان. ان حال ۾ راضي آهيان، پر اي منهنجا محبوب منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجو منهن ضرور ڏسجاءِ، ڇو جو منهنجي منهن تي لکيل تحرير تو کانسواءِ ڪو ٻيو پڙهي نه سگهندو.
تون ناهين ته بي معنيٰ
ڇالاءِ جيئان جانان!
جاويد جوکيو