شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

اچو اچو دوستو

اچو اچو دوستو
ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
ڪيڏي ڏسو ٿا ٻاٽ آ
جا امن منهن تي چماٽ آ
پيٽ بکيو ۽ ساهَه سڪلَ
ڇو اڃان ڀي پنهنجا چپ سبيل!!!؟
ڪهڙو هي نظام آ
ٿيو ديس ڌڻي غلام آ
هِتِ سڀ جو آهي جيءُ جُهريو
مڙس ٿيو ڪاٽل ڪيو
ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
هاڻي چپ ۾ ڪين گهاربو
ٻار نئون ڪو ٻاربو
پاڻ مٽيءَ ساڻ ملهائبو
جنهن جي ڪُکِ ۾ وڃڻو آهي
ساٿ نه تنهنجو ڇڏڻو آهي
اچو ڪو گڏجي ڪيون بلو
هي ڪيسين هلندو سِلسِلو

موت ڀي ايندو اوچتو
اچو اچو دوستو
ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
جي ڌرتيءَ ڪارڻ شهيد ٿياسي
سمجهو ويل کان بچي پياسي
نه جيون اجايو گهاريو
ڏسو وقت آ پڪاريو
سياڻا ٿيو ڌيان ڌريو
ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
جي آزاد ديس ڏسڻو آ
۽ آزاديءَ سان رهڻو آ
هِتِ ڌاريو هڪ نَه رهائيون
چونڊي چونڊي ماريون
هوشو ٿي للڪاريون
پنهنجا رنگ ولاريون
پنهنجو پاڻ ملهائبو
منهنجو عرض اگهائيو
اچو اچو دوستو
ساٿ ڌرتيءَ جو ڏيو
ساٿ............
*