شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

مهاڳ

[b]صبح جي پهر جهڙي شاعري...!
[/b]
انهي کان ڪو به انڪار نٿو ڪري ته شاعري اندر جو آواز آهي، پر ان آواز کي ڪو ڪوي سٺي نموني سان ورنائي سگهي ٿو ته وري ڪو ڪوي ان آواز کي انهي الڳ آواز ۾ ورنائي ناهي سگهندو، جيئن هر گل جي پنهنجي منفرد خوشبو هوندي آهي بلڪل تيئن هر شاعر پنهنجي خوبصورت خيالن وسيلي سڃاتو ويندو آهي، موجوده ٽهي جيڪا اڃا شاعري جي ميدان ۾ نيون وکون کڻي پئي ان کان ڪجهه اڳ واري ٽهي کي غور سان پڙهون ته کوڙ سارا نالا اچي وڃن ٿا، انهن جي شاعري ۾ عجيب حسناڪي آهي، اها ئي ٽهي ته اتساهه جو نئون پيغام آهي، انهن ستارن جي طويل قطار ۾ هڪڙو ستارو جاويد جوکيو به آهي، جيڪو شاعري ۾ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.
شاعري اندر جو آواز ته رهي آهي پر ان ۾ انهن دکن دردن جون ڪهاڻيون به شامل رهيون آهن، جيڪي درد سماج جو پيڙهيل ماڻهو ڀوڳيندو رهيو آهي، شاعر حساس هوندا آهن، انهي جي ڪري ئي اهي ٻين جي ڀيٽ ۾ نه صرف وڌيڪ محسوس ڪندا آهن پر جڏهن به هنن جو روح رتوڇاڻ ٿيندو آهي تڏهن اهي لکندا آهن، شاعري جي اهيا ئي خوبصورتي هوندي آهي جو اها هر دل جو آواز محسوس ٿيندي آهي، هزارين مصروفيتن باوجود شاعر لکندا آهن، شاعرن جي ڪيفيت ته هميشه اهڙي ئي هوندي آهي جيئن محمد علي جروار لکيو ته؛
اڪيلو ڪوي حالتن جو ٻه واٽو
ڪويتا لکي يا ڪمن کي سنڀالي
هجي ڪو سهارو پناهون به آڻي
خوشين کي سنڀالي غمن کي سنڀالي
اهڙين حالتن ۾ هڪ حساس شاعر ڪيئن ٿو لکي اها پيڙا ته اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو،شاعري جو تسلسل صدين کان هلندو پيو اچي، جاويد به سالن کان ٿيندڙ ان شاعري جو تسلسل آهي، سائين عاجز اڄڻ لکيو هو ته؛
ستم ڪيستائين، ظلم ڪيستائين
اڃان سنڌ سهندي زخم ڪيستائين
اڃان ڪيسين مظلوم بي ڏوهه مرندا
۽ جابر جا ڍڪبا جرم ڪيستائين
اسان کي اهڙو خوبصورت اظهار جاويد جوکيو جي شاعري ۾ به ملي ٿو:
پيار تي پهرا ڪيسيتائين،
گهاوَ هي گهرا ڪيسيتائين.
ڏاڍ کان ڏاڍا ڏڍ مليا هن،
هيسل چهرا ڪيسيتائين.
جاويد جوکيو هيڻن جو آواز آهي، هن جي شاعري ۾ مرندڙ مورن جون پڪارون آهن، ٿر جي ٿوهرن جو درد آهي ته وري رڻ ۾ ٺرندڙ رات جي ڳالهه به آهي، سندس شاعري ۾ صبح جي پهرين پهر جهڙي خوبصورتي آهي، هي ان ٽهي جو شاعر آهي جيڪا ٽهي پنهنجي الڳ سڃاڻپ انهي ڪري به رکي ٿي جو هن ٽهي محنت وسيلي شاعري جي دنيا ۾ نوان گس ڳوليا آهن، هنن پنهنجي سڃاڻپ لاءِ سچائي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، جاويد توڙي جو وڇوڙي جو ورلاپ ڏئي ڪڏهوڪو مٽي اوڍي سمهي پيو آهي پر سندس لکيل ڪالم ۽ شعر جاڳن ٿا.
هن دنيا ۾ جيئندڙ ماڻهو جياپي ڪاڻ الائي ته ڪيترا رنگ ۽ روپ ڌاريندا آهن، ڪٿي ڪو گمنامين ۾ گم ٿي نين رونقن کي ڳوليندو آهي، ڪو مندر آباد ڪندو آهي، ڪو مسجدن ۾ سجدا ادا ڪندو آهي ته ڪو وري مئيخاني ۾ پاڻ وڃائيندو آهي، ڪو مقتل اکين ۾ سجائيندو آهي ته ڪو وري اسيري لئه هليو ايندو آهي بلڪل ايئن جيئن فياض چنڊ ڪليري لکيو هو؛
اسيري جا عادي به ايندا هلي
تون مقتل اکين ۾ سجائي ته ڏس
اکين ۾ مقتل سجائيندڙ ماڻهن جي دلين کي درد آشنائي وارو هنر ايندو هجي يا نه پر جيڪي اسيري جا عادي هوندا آهن انهن جي دل درد سان ڀريل هوندي آهي، اهي ته پاڻ ماريندا ۽ جياريندا به آهن، جيئن جاويد چوي ٿو
سڄو روپ دنيا جو ڌاري ڏٺوسي،
پنهنجو پاڻ ماري ۽ جياري ڏٺوسي
زندگي تلخ تجربن جو نالو هوندي آهي، زندگي ته ان وڻ وانگر به هوندي آهي جنهن کان خزائون پن به کسي وٺنديون آهن پر زندگي ته ان وڻ وانگر به هوندي آهي جيڪو گهاٽي ڇانءُ ارپيندو آهي، زندگي جي انهن ئي لمحن ۾ ماڻهو جيئڻ جا جتن ڪندي درد اظهاريندو آهي، جاويد جي شاعري به انهي پيڙاءُ جو اظهار آهي جنهن ۾ لڙڪن جا سمنڊ آهن، انهن ۾ سڏڪن جون خاموش صدائون به آهن، جاويد جي شاعري رڳو ڪنهن هڪ صنف تائين محدود ناهي پر هن انيڪ صنفن تي نه صرف لکيو پر ان سان ڪمال جو نڀاءُ به ڪيو آهي، هينئر جڏهن انيڪ شاعر ڪافيون نٿا لکن ، هونئن به ڏسجي ته ماضي ۾ انيڪ شاعرن ڪمال جون ڪافيون لکيون آهن، جاويد جوکيو به شاعري ۾ جتي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي اتي وري هن ڪافيون به لکيون آهن، سندس شاعري ۾ خوبصورتي ته آهي پر هن سٺي نموني سان نڀاءُ پڻ ڪيو آهي، سندس هن ڪافي کي ڏسو؛
سدائين دل جو درد بڻيو آ،
جڏهن ڀي ڪوئي ساز ڇڙيو آ.
هو ڌرتيءَ لاءِ دلداري هو،
پر هت،ڪو نه بڻيو درٻاري هو،
ڏوهه انهيءَ تي چکيا چڙهيو آ.
اها ٻي ڳالهه آهي جو ڪٿي ڪٿي ڪا سٽ بحر وزن ۾ ٽٽي ويندي هوندي پر ان هوندي به جاويد جي شاعري انيڪ خوبصورتين سان ڀريل آهي، سندس نظم به حسناڪي جو نمونو آهن، سندس شاعري اميد جو اتساهه آهي ۽ ان ۾ مزاحمت به آهي، سندس هي نظم به سراپا مزاحمت آهي
آءُ ڄاڻان ٿو توکي
تون
اقتدار
جي حَوَسَ لاءِ
قوم پرستيءَ جا پوز هڻي رهيو آهين
تو کي
خبر هئڻ گهرجي
هيءَ ڌرتي محبت جي ڌرتي آهي
ڇا توڳن اسان جي
محبتن جي موٽ ڏئي
سگهندين؟؟؟!
اسان کان ته
اڃا
تنهنجي نانگ
جي هتان سونهن ديويءَ خانه
گگوش جو ئي بي ڏوهه قتل
وارو واقعو
وسري نه سگهيو آ
جاويد جوکيو جو هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن پاران پياري ساجد سنڌي جي ئي ڪوشش سان جاويد جي سالگرهه تي ڇپجي پيو، مونکي پڪ آهي ته ان خوبصورت تحفي تي جاويد جو روح ضرور خوش ٿيندو هوندو، اميد اٿم ته هي ڪتاب ضرور مڃتا ماڻيندو۔


حبيب لغاري
حيدرآباد