شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

ڌرتيءَ تي ٿا ڪيڏا قهر ٿين

ڌرتيءَ تي ٿا ڪيڏا قهر ٿين
توکي خدا ڇا ٿيو آ
هو ڏس ڏس پوڙهو
غور سان ڏس
ماڻهن جي وچ ۾ بيٺل
اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهيو آهي
جنهن کي تو پنهنجي طرفان
چار پٽ ڏنا هئا
اي خدا غور سان ٻڌ
چوندا آهن اولاد تنهنجي طرفان ڏنل نعمت
هوندي آهي
ته پوءِ هن پوڙي کي
ڇا جي سزا ڏني اٿئي هن جي ننڍي پٽ کي
پاڻيءَ ۾ ٻوڙيئي
ڇو جو ڪک پن تنهنجي حڪم کانسواءِ نه چرندو آهي
هن جي ماءُ اڄ تائين اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهي
آهي
خدا توکي ڇا ٿيو آهي
ڪالهه وري ساڳئي پيءُ جي ننڍي پٽ کي
وڏي پٽ جي هٿان سيني ۾ گولي هڻايئي
ڇو جو ڪک پن به تنهنجي حڪم کان سواءِ نه چرندو آ
چوندا آهن ڪنهن کي مارڻ يا ٻيو ڪو فساد ڪرڻ
شيطاني ڪم آهي
خدا تون شيطان کي ختم ڇو نه ٿو ڪرين
يا وري اهو مڃ ته
هو تو کان گوءِ کڻي ويو آهي!
*