مڌ ڪئي آ رهبري ء هوء اسان جي دلبري
ساهن ۾ سانڊڻ جهڙي ڇوڪري،
منهنجي ڇاتيء جي وشال ڌرتيء تي،
را ت جي سانت ۾،
مکڙين نما پنهنجن چپن سان چمندي رابيلن جا گلدستا ٺاهيندي رهي ،
ان ساعت مونکي ائين لڳو،
ڪائنات جا انڊلٺي رنگ،
هن جي ڳاڙهن ڳٽول ڳٽن ۾ سمائجي ڄڻ اڌارا ساھ کڻي رهيا هئا..........!
سچ پچ هوء ڇوڪري منهنجي سپنن جي پوپري،
بلڪل گلن جي ٽوڪري......
جام اسانجي جان بڻيو،
جنهن سان پنهنجو جيء جڙيو،.......
پئمانن جي ڳالھ نه ڪر،
مٽڪن کان گهٽ ناهي گذر،......!
مئخاني ۾ موهت ٿيا سين،
مئخارن سان روح رليو.
پنهنجو جيون جاڙو جيون، پورو جيون سارو جيون ،
ڳاڙهو،سائو،پيلو جيون،عاشقيء جي رنگ رتو.
مئڪشِي ء مھجبين جاڙ جيون جي مڳي....!
مڌ ڪئي آ رهبري ء هوء اسانجي دلبري،پوري حياتي ڦلجهڙي،
ڪينئن چوان اجائي آهي پوري عمر سجائي آهي،
مون رڙ ڪئي هن رهڙ ڏني،جو ضبط ڪيم واهر ملي ،
ڪڏهن وڻي، ڪاٿي ملي؟ پر جيون ڀر جو ساھ بڻي،
مدهوشيء جي ڳالھ نه ڪر موکي تنهنجو ناهي مثل،
هيء حياتي کوڙ حياتيون،پنهنجو سپنو ساڳو سپنو،