ڪتاب جو نالو: شاهه جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)
مصنف: ڪلياڻ آڏواڻي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 18 فيبروري 2019 ع
پڙهيو ويو: 2586 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 832 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شاهه جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي) اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي رسالو معنيٰ ۽ تشريح سان گڏ ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ پهريون دفعو آنلائين ڪري رهيا آهيون.
سڀ کان اڳ هن رسالي جا مڪمل بيت ڀرڳڙي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري آنلائين ڪيا ويا هئا. پياري راشد شر پاران سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايل تشريح ۽ معنيٰ واري ايڊيشن کي نئين سر ڪمپوز ڪري آنلائين ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. سنڌ سلامت سٿ راشد جي محنتن تي کيس سلام پيش ڪري ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • سُرُ ڪلياڻ
  • سُرُ يمن ڪلياڻ
  • سُرُ کنڀات
  • سُرُ سريراڳ
  • سُرُ سامونڊي
  • سُرُ سهڻي
  • سُرُ سسئي آبري
  • سُرُ معذوري
  • سُرُ ديسي
  • سُرُ ڪوهياري
  • سُرُ حسيني
  • سُرُ ليلا چنيسر
  • سُرُ مومل راڻو
  • سُرُ مارئي
  • سُرُ ڪاموڏ
  • سُرُ گھاتو
  • سُرُ سورٺ
  • سُرُ ڪيڏارو
  • سُرُ سارنگ
  • سُرُ آسا
  • سُرُ رپ
  • سُرُ کاهوڙي
  • سُرُ بروو سنڌي
  • سُرُ رامڪلي
  • سُرُ ڪاپائتي
  • سُرُ پورب
  • سُرُ ڪارايل
  • سُرُ پرڀاتي
  • سُرُ ڏهر
  • سُرُ بلاول

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    شاھ جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)
    معنيٰ سان مڪمل اِي بڪ ايڊيشن

    ترتيب ۽ ڪمپوزنگ
    محمد راشد شر


    نئون ڇاپو: 2014ع
    ڪتاب جو نالو: شاهه جو رسالو
    شارح: ڪلياڻ آڏواڻي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 340 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن
    2019
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاهه جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي رسالو معنيٰ ۽ تشريح سان گڏ ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ پهريون دفعو آنلائين ڪري رهيا آهيون.
    سڀ کان اڳ هن رسالي جا مڪمل بيت ڀرڳڙي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري آنلائين ڪيا ويا هئا. پياري راشد شر پاران سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايل تشريح ۽ معنيٰ واري ايڊيشن کي نئين سر ڪمپوز ڪري آنلائين ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. سنڌ سلامت سٿ راشد جي محنتن تي کيس سلام پيش ڪري ٿو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    انتساب
    ڪجهه ئي وقت اڳ مون کان اها هستي جدا ٿي ويئي، جنهن کان سواءِ زندگيءَ جون سموريون خوشيون ٿر جي ڪنهن مارجي ويل هرڻ جي هراسيل ۽ اداس اکين جھڙيون پيون لڳن. جنهن کان سواءِ زندگي هڪ جستجو هُن کي ڏسڻ جي، هڪ آس هن سان ملڻ جي. سو هِن اِي بڪ تي ڪيل سمورو پورهيو ارپيم ان محبوب جي اڻمئي ياد کي.

    راشد شر


    پيش لفظ

    جي نه سُڃاڻَنِ سَچَ کي، وِههُ مَ تَنِين وَٽِ،
    اَمُلهَه کي اَڌُ ڪَري، پاڻا هَڻَندا پَٽِ،
    وَڃِي مُهرَ تَنِين وَٽِ مَٽِ، جي پارَکُو پارِسَ جا.

    شاھ لطيف جي شاعري هڪ معجزو آهي؛ جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي ڏسائون موجود آهن. ڀٽائيءَ جو سمورو ڪلام هن خطي جي تاريخ، ثقافت، تهذيب، ادب، اخلاقيات ۽ جاگرافي جو احاطو ڪري ٿو. شاھ سائينءَ جو ڪلام سنڌ جي بقا جو دستاويز آهي ڇاڪاڻ ته سندس ڪلام ۾ هتان جا سماجي ۽ اخلاقي قدر موجود آهن ۽ ڪو به سماج پنهنجي قدرن کانسواءِ نٿو بچي سگهي.
    شاھ سائينءَ سان سنڌ جي ماڻهن جو عشق آهي. ڪيترائي ڏاها شاھ جي ڪلام ۾ پنهنجو ‘فرار’ يعني اسڪيپ ڳوليندا آهن. واقعي به شاھ سائين جو ڪلام اها آٿٿ آهي جيڪا ٻڏندڙ لاءِ سهارو مهيا ڪري ٿي ۽ ائين به نٿو چئي ته،
    سُپرِيان جي تُرَهي، ٻُڏين، هَٿَ مَ لاءِ،
    صُباحَ تان چُونداءِ: “اَسان تو اُڪارِيو.”
    شاھ سائينءَ جي شاعري بيشڪ ته اهو ڏاهپ جو معراج آهي، جنهن ۾ سنڌ کان ويندي عالمگيريت جو تصور آهي، جنهن ۾ جهنگ، جهر، ڇپر، ڇمر، جهڪون، جهولا، پٿر، پاهڻ، ڪڪر، ٽڪر، ماڻهو، مرون، چرند، پرند، سج، چنڊ، تارا ۽ ٻيا فطرت جا لقاءَ موجود آهن. جنهن شاعر وٽ ايترا فطري منظر هوندا اهو يقينن صدين تائين سلامت رهڻ جا ڳڻ رکي سگهي ٿو.
    شاھ سائين جو رسالو سڀ کان پهرين ارنيسٽ ٽرمپ 1866ع ۾ ترتيب ڏنو ۽ آخري رسالو فقير تاج محمد نظاماڻيءَ ترتيب ڏنو جيڪو 2007ع ۾ شايع ٿيو. اڃا به ڪي محقق شاھ سائينءَ جو رسالو تريتب ڏئي رهيا آهن، جن ۾ محترمه ج ع منگهاڻي سر فهرست آهي، سندن ترتيب ڏنل شاھ سائينءَ جو رسالو جلد شايع ٿيڻ جا امڪان آهن. هن وقت تائين جنهن رسالي جا سڀ کان وڌيڪ ڇاپا آيا آهن، اهو ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاھ سائين جو رسالو آهي، جنهن جو سبب بيتن جو مناسب انگ ۽ بيتن جون سوليون پڙهڻيون آهن. سڀ کان پهريان انٽرنيٽ تي پڻ اهو ئي رسالو آيو. پر اهو لفظن جي معنائن ۽ سمجهاڻين کانسواءِ سائين ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ تي ڏنو ويو هو. زير نظر ‘شاھ جو رسالو’ اسان جي دوست راشد شر ڪمپوز ڪيو آهي ۽ هن رسالي جي خوبي اها آهي ته هن ۾ بيتن جون سمجهاڻيون پڻ ڏنيو ويون آهن. اميد آهي ته راشد جي هيءَ ڪوشش صاب پوندي ۽ شاھ سائينءَ جي عاشقن کي هيءُ پورهيو پسند ايندو. هيءُ رسالو نه صرف عام پڙهندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو بلڪه لطيفيات جا شاگرد پڻ هن رسالي مان فائدو پرائي سگهن ٿا.
    دعا آهي ته رب سائين راشد شر کي اڃا وڌيڪ صلاحيتون عطا فرمائي ته جيئن هيءُ نوجوان علم ۽ ادب جي اڃا وڌيڪ خدمت ڪري سگهي.

    مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڊا روڙِيا جَنِ،
    تَنِ جو صَرافُنِ، اَڻ تورِيو اَگهائِيو.
    (شاھ)

    ڊاڪٽر شير مهراڻي
    ڪراچي يونيورسٽي
    29 نومبر 2016ع

    هن رسالي بابت

    ”جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين.“
    آگسٽ 1958ع ۾، هندستان ڪتاب گهر وارن صاحبن جي سرپرستيءَ هيٺ، منهنجو تيار ڪيل شاهه جي رسالي جو نسخو، نهايت زيب ۽ زينت سان ڇپجي، ظاهر ٿيو. جن صاحبن منهنجي خسيس محنت جو قدر ڪري منهنجي همت ۽ عزت افزائي ڪئي. تن جو مان دل و جان سان شڪر گذار آهيان. حقيقت ۾ هي رسالو سندن بنده نوازي ۽ ذره پروريءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آيو آهي.
    خوش قسمتيءَ سان، زندگيءَ جي دوران ۾ ڪن اهڙن اعليٰ انسانن ۽ صاحب دل بزرگن جي ڪيميا جھڙي صحبت نصيب ٿي اٿم. جن منهنجي جان کي هر خزان ۾ بهار ۽ بي بها هدايتن جي برڪت سان ئي هن رسالو نازڪ طبيعت هوندي به تيار ڪري سگھيو آهيان. خاص طرح، دادا منگھارام کيمچند مهتاڻيءَ جي صوفياڻي مزاج ۽ فقيراڻي طبيعت جو منهنجي دل تي گهرو اثر ٿيو آهي. هو صاحب ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي سونهاري ساڻيهه ۾ خير ۽ خوبيءَ سان پنهنجن پکن ۾ رهيو پيو آهي ۽ سرود ۽ سماع جون مجلسون جاري رکندو پيو اچي. هن سڀين پارين سهڻي صاحب سان منهنجو نياز منديءَ جو رستو آهي ۽ جڏهن به هتي سندس ديدار حاصل ٿيندو اٿم تڏهن منهنجي سلام جي وراڻيءَ ۾ شاه صاحب جا هيٺيان سخن فرمائي، منهنجي دلنوازي ڪندو آهي:
    متان ٿئي ملور، ڪين آڳاهون آهيان.
    ان جي جواب ۾، سندس خدمت ۾ منهنجي طرفان شاه جو صرف هي قول پيش آهي:
    ڪي ويجھائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
    هن رسالي ۾ جا ترتيب اختيار ڪئي وئي آهي سا هيءَ آهي: ڪلام هاڻوڪي تلفظ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جيئن ان جي پڙهڻ ۾ ڪنهن به صاحب کي ڪا دقت نه ٿئي. مڙني سرن مان داستان به داستان صرف اهي وايون ۽ بيت آندا ويا آهن جن ۾ ٻوليءَ توڙي خيال جي لحاظ کان، شاه جي رسالي جو سمورو جوهر يا مغز سمايو پيو آهي ۽ ساڳئي وقت جن جي سمجھاڻيءَ جي شاه جي ڪيترن ئي مشتاقن کي عين درڪار آهي. هونئن ته شاه صاحب جو هر هڪ بيت، هڪ بي بهار در آهي، پر هتي سليس بيت انهيءَ ڪري نه ڏنا ويا جو انهن جو مفهوم يا مطلب گوهر شناس سنڌي، ساعت ۾ پروڙيو وٺن. منهنجي خيال موجب هنن صاحبن کي ههڙي هڪ ٻئي دفتر جي حاجت هرگز ناهي.
    هر هڪ سر اڳيان ان جو مهاڳ آهي. جنهن ۾ يا ان سان تعلق رکندڙ قصو، تمثيل سميت پيش ڪيل آهي يا ان جا مکيه خيال ظاهري توڙي باطني درج ٿيل آهن.
    هر هڪ داستان جي مهڙ ۾ ان جا سار ڏنو ويو آهي. جيئن پڙهندڙ کي پريندي ئي ان جي پرک پئجي وڃي.
    هر هڪ بيت جي سامهون ان جي سمجھاڻي سليس عبارت ۾ ڏني وئي آهي. ڏکين لفظن جي معنائن ۽ اعرابن ۾ ڪابه ڪفايت نه ڪئي وئي آهي. رسالي جي مهاڳ ۾ شاه صاحب جي زندگي ۽ شعر تي مختصر روشني وڌي وئي آهي. هر حالت ۾ اجائي اُپٽار کان ڪنارو ڪيو ويو آهي. ڇو ته سنڌي سڳورا اڪثر صوفيانه رازن ۽ رمزن جي بحر ۾ اڳيئي سراپا ٻڏا پيا آهن. جي رب چاهيو ته ٻين روحاني شاعرن جو ڪلام به ساڳي طرز تي درجي به درجي پيش ڪندو رهندس.
    مون کي اميد آهي ته شاه جا مڙيئي شائق هن رسالي جي بخوبي آجيان ڪندا ۽ پڻ اسان جا ادبي صراف وينجھار جوهري ۽ غواص ان مان نوان معنيٰ جا موتي لهي ناچيز کي نوازيندا.

    وڃن م وينجھار، پاڻيٺ جي پرکڻا.
    ڪنير پائي اکئين، لهن سڀڪنهن سار.
    موتيءَ جي مزاج جو، قدر منجهه ڪنار.
    صرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي.

    ڪلياڻ آڏواڻي


    سُرُ ڪلياڻ

    داستان پهريون

    1
    اَوَلِ اَلله عَلِيم، اعليٰ، عالَمَ جو ڌڻي،
    قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قَديِم،
    والِي، واحِدُ، وَحدَه، رازِقُ، رَبُ رَحيِم،
    سو ساراھ سچو ڌڻي، چئي حَمدُ حَڪِيمُ،
    ڪري پاڻ ڪَرِيم، جوڙُون جوڙَ جهان جي.

    پهرين نالو سائينءَ جو، جو سڀڪجھه ڄاڻيندڙ، سڀ کان وڏو ۽ ساري جهان جو مالڪ آهي. هو سگهارو، پنهنجي ئي سگھه سان اصل کان موجود آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو آهي. هو جڳ جو والي آهي. هو هڪ آهي ۽ سڀني جو پاليندڙ ۽ ٻاجهارو آهي. انهيءَ سچي سائينءَ جي ساراهه ڳاءِ ۽ انهيءَ ڏاهي صاحب جي واکاڻ ڪر. هو مهر ڀريو، پنهنجي ڪاريگريءَ سان ساري جهان جو جنسار ٿو جوڙي.

    2
    وَحده لاشَريڪَ لَه، جن اُتو سين ايمانَ،
    تن مڃيو مُحَم‍ّ‍د ڪارَڻي، قَلبَ ساڻ لِسان،
    اُوءِ فائق ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.

    جن ويساهه سان ائين چيو ته، ”هو هڪ آهي ۽ ڪو به سندس ثاني ناهي“ تن دل توڙي زبان سان، حضرت محمد ﷺ کي مڃيو، جو دنيا جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ آهي. اهي وڏي مرتبي وارا، جي هميشه ڌڻيءَ جي حڪم ۾ رهندڙ آهن، سي ڪڏهن به ابتي تڙ (گمراهيءَ) ڏانهن گهلجي نه ويا.

    3
    اوَتَڙ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
    هيڪائي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِم،
    بي بها بالِمَ، آڳي ڪيا اَڳهين.

    اُهي سالم ۽ صاف دل وارا ڪڏهن به ابتي تڙ ڏانهن گهلجي نه ويا، پر سلامتي سان وڃي سڻائي تڙ تي رسيا. سچي ڄاڻ وارا هڪ (ڌڻيءَ) سان هڪ ٿي ويا. ڌڻيءَ اصل ۾ ئي هنن کي املهه ۽ اعليٰ ڪري ڇڏيو هو.

    4
    آگي ڪيا اَڳهيِن، نسورو ئي نُور،
    لا خَوفُ عَليهِم وَلا هُم يَحزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور،
    موليٰ ڪيو معمورُ، اَنگُ اَزَل ۾ اُنِ جو.

    ڌڻيءَ هن کي سراپا نور ڪري ڇڏيو هو. ”انهن کي نه ڪو خوف آهي، نه ڪو ڏک رسندن.“ سچن انسانن کي ڪو به درد نه ٿو رسي. ڌڻيءَ اصل ۾ ئي سندن بخت بالا ڪري ڇڏيو هو.

    5
    وَحدَه جي وڍيا، اِلا الله سين اورِينِ،
    هنيون حقيت گڏيو، طريقت تورِينِ،
    معرفتَ جي ماٺ سين، ڏيساندرُ ڏورِينِ،
    سُک نه ستا ڪڏهين، ويهِي نه ووڙِين،ِ
    ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق، عبداللطيف چئي.

    جي سالڪ، هڪ (ڌڻيءَ) جي هيڪڙائيءَ جا ڪٺل آهن، سي اهو ئي دور پيا ڪن ته، ”سواءِ سائينءَ جي، ٻيو سائين نه آهي.“ هو، پنهنجو هنئون حقيقت سان هڪ ڪري، طريقت (روحاني راهه) جي واٽ تي تور تڪ (خبرداريءَ) سان پيا هلن. هو سچي ڄاڻ (معرفت) واري سن سان روحاني ولايت پيا ڳولين. هو ڪڏهن به سک نه ٿا سمهن ۽ ويسر ۾ ويهي نه ٿا گهارين. شاهه صاحب ٿو فرمائي ته نينهن وارا، پنهنجا سر ڪلهن تان ڪپيو ڇڏين. (هو پنهنجي هستيءَ کي وڍيو ڇڏين.)

    6
    وحده لاشَرِيڪَ لَه، ٻُڌءِ نه ٻوڙا،
    ڪِه تو ڪنين نه سُئا، جي گَهٽَ اَندر گهوڙا،
    ڳاڙيندين ڳوڙها، جِتِ شاهد ٿِيندءِ سامُهان.

    ”هو هڪ آهي ۽ سندس ڪو مٽ ناهي.“ اي ٻوڙا! تو اِها وائي نه ٻڌي آهي؟ هي جو تنهنجي اندر ۾ هڪلون (ضمير جون پڪارون) پيئون پون، سي ڇا تو ڪنن سان نه ٻڌيون آهن؟ جتي تنهنجي سامهون شاهد اچي بيهندا، تتي هنجون هارڻيون پونديءَ.

    7
    وَحدَه لاشَريڪ لَه، اِهو وِهائج وِيُ،
    کَٽين جي هارائين، هنڌ تُنهنجو هِيُ،
    پاڻان چوندءِ پِيُ، ڀري جام جَنَتَ جو.

    ”هو هڪ آهي ۽ سندس ڪو مٽ نه آهي“: تون اهو ئي سودو (دؤر) پيو ڪج. تنهنجي کٽڻ يا هارائڻ جو هنڌ هيءُ جهان ئي آهي. سپرين پاڻمرادو بهشت جو (روحاني) پيالو پر ڪري، توکي چوندو ته ”پيءُ“.

    8
    وَحدَه لاشَرِيڪَ لَه، ِايُ هيڪڙائيءَ حَق،
    ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.

    ”هو هڪ آهي ۽ سندس ڪو مٽ نه آهي“. اهو ئي ڌڻيءَ جي هيڪڙائيءَ کي پروڙڻ جو شرط آهي. جن ٻيائي کي ڀاڪر وڌو (جي ٻيائيءَ کي چنبڙيا)، سي گمراهه ۽ پشيمان ٿيا.

    9
    سِرُ ڍونُڍيا، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونُڍيا، سِرُ ناهِ،
    هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانہ،
    وحدت جي وِهانءِ، جي ويا، سي وڍيا.

    سر ٿو ڳوليان ته ڌڙ نه ٿو لهان، ڌڙ ٿو ڳوليان ته سر نه ٿو لڀي. هٿ، ڪرايون ۽ آڱريون وڍجي جدا ٿي ڪيڏانهن ويا! جي هيڪڙائيءَ واري وصال تي ويا، سي ڪپجي فنا ٿي ويا.

    10
    عاشق چَئو مَ اُنَ کي، مَڪي چَئو معشوق،
    خالق چَئو مَ خام تون، مَ ڪي چئو مخلوق،
    سِلَج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصِئا نِڱيو.

    نه تون هن کي (ڌڻيءَ کي) عاشق سڏ، نه معشوق. اي الڙا! نه کيس خلقيندڙ (رچيندڙ) ڪوٺ، نه خلقيل (رچيل). اهو روحاني راز تون انهيءَ سان سلج، جنهن پاڻ کي هر ڪنهن اوڻائيءَ کان آجو ڪيو آهي.

    11
    وحدتان ڪَثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلَ،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻوليءَ ٻِيءَ م ڀُلُ،
    هُو هُلاچو هُل، با الله سندو سڄڻين.

    هيڪڙائيءَ مان ئي گهڻائي ٿي، هيءَ گهڻائي، سموري هيڪڙائي (ڌڻيءَ جي هيڪڙائي) آهي. ڌڻي هڪ آهي، ٻي ڪنهن به ڳالهه تي ڀلجي نه وڃ. سائينءَ جو سنهن ته هي سمورو هل ۽ شغل هڪ پرينءَ جو ئي آهي.

    12
    پاڻَهِين جَلَ جَلالَه، پاڻهيِن جانِ جمالُ،
    پاڻهيِن صورت پِرينءَ جي، پاڻهيِن حُسن ڪَمالُ،
    پاڻَهيِن پِير مُريد ٿئي، پاڻهيِن پاڻَ خيالُ،
    سڀ سڀوئي حالُ، منجهان ئي معلوم ٿئي.

    هو پاڻ ئي وڏي شان وارو آهي ۽ پاڻ ئي سونهن جو جوهر (تت) آهي. هو پاڻ ئي پرينءَ جو روپ آهي ۽ پاڻ ئي سونهن آهي. هو پاڻ ئي مرشد (ستگرو) ٿو بنجي ۽ پاڻ ئي مريد (شش) ٿو ٿئي. هو پاڻ ئي ”خيال“ آهي(جنهن مان هيءُ سمورو مانڊاڻ يا پسار نروار ٿيو آهي). اهو سمورو حال اندر مان ئي ٿو پروڙي سگهجي.

    13
    پاڻَهيِن پسي پاڻ کي، پاڻهيِن محبوب،
    پاڻهيِن خلقي خوب، پاڻهيِن طالب تن جو.

    هو پاڻ ئي پرين آهي ۽ پاڻ ئي پنهنجي سونهن پيو پسي. هو پاڻ ئي سهڻيون شيون ٿو رچي ۽ وري پاڻ ئي انهن تي فدا (موهت) ٿو ٿئي.

    14
    پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائيءَ جو جي لَهيِن،
    هُئا اڳِهيِن گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

    جي ولي جي رمز يا پيچ پروڙين ته جو اصل ۾ سڏ آهي. سو ئي پڙاڏو آهي. اصل ۾ ٻئي هڪ آهن، پر رڳو ٻڌڻ ۾ ٻه ٿا اچن.

    15
    ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پَرکَ، تيڏانهن صاحبُ سامُهون.

    محل هڪ آهي، پر ان کي لکين ڪروڙين دريون آهن، جيڏانهن ٿو نظر ڪريان، تيڏانهن صاحب (ڌڻي) کي سامهون ٿو ڏسان.

    16
    ڪوڙين ڪايائون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ،
    جِيءُ سڀڪنهن جيءُ سين، دَرسن ڌارون ڌارَ،
    پِريم، تنهنجا پارَ، ڪهڙا چَئي ڪيئن چوان.

    تنهنجا لکين، هزارين، بلڪ ڪروڙين روپ آهن. سڀ ڪنهن اندر اهو هڪ (صاحب) ئي ٿو وسي. هر ڪنهن جيو مان سندس نيارو نيارو درشن ٿو ملي. اي منهنجا پرين! تنهنجي اهڃاڻن (نشانن) جو ڪهڙو ۽ ڪيئن وستار (داستان) ڪريان.

    وائي
    سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي،
    نينهن نيڻين، ڳُڻُ ڳالهه وو.
    جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجهي،
    لات جا لطيف جي، سَڏُ تَنهنجو سُڄي.

    سڀڪا تنهنجي پرينءَ جي پوڄا ٿي ڪري. نينهن جو گڻ اهو آهي، جو اُهو نيڻن مان ئي ٿو پيدا ٿئي. جيڪي مون پنهنجي چت ۾ سانڍيو آهي، سو سڀ ڄاڻي ٿو، شاهه لطيف جو مٺو آلاپ (لات) اوس ئي پيو ٻڌجي ۽ ٻڌبو.

    داستان ٻيو

    1
    اگهِي اَگهائي، انجُ پريان کي رسيو،
    چَکيم چڱائي، سورانگهي سُوريءَ تان.

    منهنجي اگهائي پرينءَ وٽ قبول پيئي ۽ سندس دل ۾ مون لاءِ ڪهڪاءُ پيدا ٿيو. مون سوريءَ تي چڙهي، سچي صحت جو مزو ورتو.

    2
    انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
    اسان ڏُکي، ڏيِل ۾، تون پيارِئين پيڄَ!
    سوري جنيِن سيڄَ، مرڻ تن مُشاهدو.

    اي انڌا ۽ اونڌي سمجهه وارا طبيب! تون ڇا لاءِ مون کي ڏنڀ ڏئي، منهنجي کل ٿو جلائين؟ اسين جسم ۾ جڏا ۽ جهريل ، تن کي تون وتين پيچيون پياريندو! جن لاءِ سوري ڇپر کٽ آهي، تن لاءِ مرڻ آهي پرينءَ کي پسڻ.

    3
    سُوري آهِ سينگار، اَڳهيِن عاشقن جو،
    مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروار،
    ڪُسَڻ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.

    عاشقن لاءِ اصل کان ئي سوريءَ تي چڙهڻ سچو زيب آهي. سوريءَ کان پاسو ڪرڻ يا سوريءَ تان واپس ورڻ هنن لاءِ عيب آهي. هو پڌري پٽ شهيد ٿيڻ جا ڪوڏيا آهن. هنن جو اصل ۾ ئي سر ڏيڻ جو انجام هو.

    4
    سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سَنَرا!
    جيلَه لڳا نيڻَ، تي سُوريائي سيڄَ ٿي.

    عاشق، سوريءَ تي ڪهڙي ڪارڻ سرها ٿا ڏسجن؟ جنهن صورت ۾ سندن نيڻ پرينءَ جي نيڻن سان اڙيا آهن، تنهن صورت ۾ سوري ئي هنن لاءِ سيج ٿي پيئي آهي.

    5
    سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِهاڙيو چنگ چڙهين،
    جِم وِرچِي ڇڏئين، سِڪَڻ جي پَچارَ،
    پِرتِ نه پسيِن پارِ، نينهن جِئان ئي نِڱيو.

    جي توکي ڏهاڙي سئو ڀيرا سوريءَ جي نيزن تي چڙهڻو پوي ته به تون متان بيزار ٿي، پريت جي پچر ڇڏين. جتان خود نينهن نسريو آهي. تتائين نه ٿو ان جو انت (راز) پروڙين!

    6
    پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو،
    ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وِڄاءِ،
    سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نينهن جو.

    پهرين سر تي ڪاتي وهاءِ، پوءِ پريت جو پرو پڇ، پنهنجي سرير ۾ (رڳن ۾) ساز جيان پرينءَ جي سوز کي وڄاءِ جي نينهن جو نالو ڳڌو اٿيئي ته پنهنجو ماس، سيخن ۾ پچاءِ.

    7
    ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳنُ وڍيندڙَ هٿ ۾،
    پَسيو پرِ عجيب جِي، لِچيو وڃي لوهُ،
    عاشقن آندوه، سدا معشوقن جو.

    ڪاتيءَ جو ڏوهه ڪونهي، ڇو ته ان جو ڳن ڪهندڙ جي هٿ ۾ آهي. سهڻي محبوب جي روش، پسي، لوهه خود ڪنبي ٿو وڃي. عاشقن کي هميشه معشوقن جي ئي جهوري لڳل آهي.

    8
    ڪاتيءَ تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائي هوءِ،
    مانَ وِرمن توءِ، مُون پريان جا هٿڙا.

    ڪاتي تيز نه هجي، طل ته مڏي (لمي) ئي هجي، انهيءَ ڪري من پرين جا هٿڙا مون کي ڪهڻ ۾ ڪا گهڙي لائين ۽ مون مٿان ٿورو ترسن.

    9
    اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سر سَنباهيان،
    ڪاٽ ته پوين قبولَ ۾، مُڇڻ ڀائي گهٽ،
    مَٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏسين پَٽِ؟
    ڪَلالڪي هَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وهي.

    جي اڳيان آهن، تن جا سر اڏين تي آهن، پويان سر ڏيڻ جي سانباهي ۾ آهن. پنهنجو سر وڍاءِ ته قبول پوين. متان انهي کان ڪي گهٽ سمجهين. ڪٺلن جا سر، پٽ تي پيل نٿو ڏسين؟ ڪلال (شراب چڪائيندڙ يعني مرشد يا گروءَ) جي دڪان تي ڪوس جو قهر جاري آهي.

    10
    جي اَٿيئي سَڌَ سُرڪ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي،
    لاهي رک، لطيف چئي، مٿو وَٽِ ماٽي،
    تِڪُ ڏيئي پِڪ پِيُ، تون منجهان گهوٽ! گهاٽي،
    جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِرَ وَٽ سَرو سهانگو.

    جي سرڪي پيئڻ جي پياس اٿيئي ته ڪلال جي بٺيءَ تي وڃ. تون پنهنجو سر مٽ اڳيان وڌي رک. اي گهوٽ! ڳيت ڏيئي، گهاٽي شراب مان سرڪي پيءُ. جو شراب جنگ جوانن جو هوش کي نهوڙي ڇڏي، سو سر جي عيوض به سستو آهي.

    11
    جي اَٿيئي سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪلالڪي ڪُوءِ،
    مَهيسَر جي مَنڌَ، هُتِ هَڏهينِ هُوءِ،
    جان رمز پروڙيم رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪي سِڳڻي.

    جي چڪي پيئڻ جو چاهه اٿيئي ته ڪلال جي گهٽيءَ ۾ وڃ. اُتي شوَ (مڌار جي ديوتا) جي شراب جو هميشہ هوڪو پيو پوي. جڏهن ڳجهارت جي طرز پروڙيم، تڏهن سهي ڪيم ته سر جي عيوض سرڪي ملي ته به نفعي واري آهي.

    12
    ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪي ملھه مهانگو مَنڌُ،
    سَنباهِجُ، سيد چئي، ڪاٽڻ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
    هِي تِنين جو هَنڌُ، مَٽنِ پاسِ مَرَنِ جي.

    هي شراب، ناڻي تي نه آهي. اهو منڌ مهانگي اگهه وارو آهي. تون پنهنجي سسيءَ کي وڍائڻ لاءِ سنباهي تيار رکج. هي آستان انهن جو آهي، جي مٽن جي ڀر ۾ مري ساهه ڇڏين.

    13
    عاشق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسي وِهُسَنِ گهڻو،
    ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ،
    لڳين لَنوءَ، لطيف چئي، فَنا ڪيا فِراقَ،
    توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.

    عاشق زهر پيئندڙ آهن ۽ وهه کي ڏسي ٽڙن ٿا. هو هميشہ ڪئوڙي ۽ جان نهوڙيندڙ شراب تي هريل آهن. هنن کي نينهن جو نيش لڳل آهي ۽ وڇوڙي کين وڍي فنا ڪري ڇڏيو آهي. توڙي سندن زخم ڪڙهن پيا ته به هو خلق اڳيان آهه به نه ٿا ڪڍن.

    14
    مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوه،
    پيتي جنهن پاسي ٿئي، منجهان رڳن روحُ،
    ڪاٽي چَکُ ڪَڪوهُ، لاهي سِرُ، لطيف چئي.

    جي تون ٽوهه جي ڪؤڙاڻ کان ڪؤ ٿو کائين ته پوءِ انهيءَ شراب جي سڌ نه ڪر، جنهن جي پيئڻ سان، رڳن مان به ساهه نڪريو وڃي. تون سِرُ لاهي ڪلال جي هٿ تي رک ۽ پوءِ سري جو سواد وٺ.

    15
    سَڌَرِيا شرابَ جون، ڪُہُ پَچارُون ڪَنّ؟
    جهُ ڪاتَ ڪُلالنِ ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃنِّ،
    پِڪُون سي پِينّ، سِرُ جن جا سَٽِ ۾.

    سکڻي خواهش ڪندڙ ڇو ٿا شراب جون گفتارون ڪن؟ جڏهن ڪلال پنهنجا ڪات ڪڍي ٿا نروار ڪن، تڏهن هو ڏهڪيو، پٺتي ٿا ورن، سرڪيون اهي پيئن، جن جا سر هن سودي ۾ هَڪيا حاضر هجن.

    16
    سِرَ جُدا، ڌڙَ ڌارَ، دوڳَ جنين جا ديڳِ ۾،
    سي مَرُ ڪَنِ پِچارَ، حاضر جن جي هٿ ۾.

    جن جا سر جدا ۽ ڌڙ الڳ ۽ سنڌَ ديڳ ۾ هجن، ۽ جن جا مٿا سندن هٿ ۾ هڪيا حاضر هجن، سي ڀل انهيءَ سرڪي جي سڌ ڪن.

    17
    اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪَمُ،
    سُؤ سِسِنئان اَڳرو، سندو دوسان دمُ،
    هِيُ هڏو ۽ چمُ، پِڪَ پِريان جِي نه پَڙي.

    سر سانڍڻ، عاشقن جو وڙ اصل نه آهي. دوستن جي صحبت جو هڪ دم به سؤ سرن کان مٿي آهي. پرينءَ جي سرڪيءَ سان، هي هڏن ۽ چم جو جسم مٽ نه ٿو پئجي سگهي.

    18
    جي مٿي وَٽِ مِڙَنِ، ته سڀ ڪنهن سَڏَ ٿئي،
    سِر ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِئن اچنِ،
    لڌا تي لَپَن، مُلھهِ مَهانگا سُپِرينِ.

    جي سر ڏيڻ جي عيوض سپرين ملن، ته به جيڪر سڀڪنهن کي عشق جو شوق ٿئي، جي سر ڏيڻ سان سودو ٺهي ته جيڪر ڪيئي عاشق اچي اتي ڪڙڪن. بي بها سپرين ڪنهن لکئي سان ٿا ملن.

    19
    مُلھه مَهانگو قَطو، سِڪَڻُ شَهادتَ،
    اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پريِن ِجو.

    عشق جي شراب جو ڦڙو به وڏي ملهه وارو آهي سڪڻ جي معنيٰ آهي شهيد ٿيڻ (سر ڏيڻ) اسان جو ڪم آهي عبادت ڪرڻ، پرينءَ جو ڪم آهي اسان کي ناز واري نظر سان نوازڻ.

    وائي
    مَنڌُ پئندي مون،
    ساڄَنُ سهي سُڄاتو،
    پي پِيالو عشقَ جو، سڀڪي سمجهيوسُون،
    پِريان سندي پارَ جي، اَندرِ اڳ اَٿُون،
    جِئڻ ناهي جَڳَ ۾، ڏينهن مَڙيئي ڏُون،
    اَلا! عبداللطيف چئي، آهين تُون ئي تُون.

    عشق جو شراب پيئندي، مون پوريءَ طرح سڄڻ سڃاتو. محبت جو جام پي، سڀڪي (سارو روحاني راز) پروڙي ورتوسين. اسان جي اندر ۾ پرينءَ جي پچار جي آگ آهي. جهان ۾ هميشہ جيئڻ نه آهي. زندگي رڳو ٻه ڏينهن آهي. شاهه صاحب ٿو چوي ته ”اي ڌڻي! تون ئي تون آهين“.

    داستان ٽيون
    1
    اٿِياري اُٿي وِيا، مَنجهان مون آزارَ،
    حبيب ئي هَڻي ويا، پِيڙا جي پَچارَ،
    طبيبن تَنوار، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.

    پرين منهنجي اندر ۾ محبت جو آزار اُٿاري، پاڻ نڪري ويا، محبوب مون کي عشق جي عليلائي (بيماري) ڏيئي هليا ويا. هاڻي مون کي ويڄن جي ڳالهه ٻولهه هرگز نٿي وڻي.

    2
    اَور ڏُکَندو اوُ ٿئي، هادِي جنهن حَبِيبُ،
    تَرُ تفاوتُ نه ڪري، تنهن کي ڪو طبيبُ،
    رَهنُما رَقيِبُ، ساٿَرِ صِحتَ سُپِريِن.

    جنهن کي پرين هدايت ڏيندڙ آهي. تنهن کي هڪ نرالي پيڙا اچيو وٺي، ان ۾ ويڄ رتيءَ جيترو به فرق آڻي نه ٿو سگهي. پرين واٽ ڏيکاريندڙ ۽ پرگهور لهندڙ آهي ۽ صحت لاءِ ”ساٿر“ (ٺار وجهندڙ مرهم) آهي.

    3
    ساٿَرِ صِحتَ سُپِرين، آهي نه آزارُ،
    مجلَس وير مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَهارُ،
    خَنجرُ تنهن خوبُ هڻي، جنهن سين ٿئي يارُ،
    صاحبُ رَب سَتارُ، سوجهي رڳون ساهَ جون.

    پرين صحت لاءِ ٺار وجهندڙ مرهم آهي، ۽ هو هرگز پيڙا ڏيندڙ نه آهي. هو ڪچهريءَ ۾ (رهاڻ ڪندي) مٺو ٿو لڳي، پر ڪوٺڻ ۾ قهري (ظالم) ٿو اچي. جنهن جو هو دوست ٿئي تنهن کي خوب ڪاتيون ٿو هڻي. پردو رکندڙ رب ساهه جون رڳون به ٿو نِچوئي.

    4
    رڳون ٿيون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنهِين،
    لُڇَڻَ ڪڇڻ نه ٿِيو، جانبُ ري جَبابُ،
    سوئي سنڌيندم سپرين، ڪيس ڪنهن ڪباب،
    سوئي عينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحَ جي.

    منهنجون رڳون رباب (ساز) مثل ٿي پيئون آهن، هر وقت ان جي تندن جيان پيئون وڄن. عاشق لاءِ رڳو لڇڻ آهي، نه ڪڇڻ، جاني پاڻ ري جواب (خاموش ) آهي. جنهن پرينءَ مون کي جلائي ڪباب ڪيو آهي، سوئي اچي مرهم پٽي ڪندم. هو ئي سخت پيڙا ڏيندڙ آهي ۽ هوئي روح جي راحت (دل کي فرحت ڏيندڙ) آهي.

    5
    سوئي راهَ رَدِّ ڪري، سوئي رَهَنُماءُ،
    وَتُعِزّ مَن تَشَاءُ، وَتَذِلّ مَن تَشَاءُ.

    اهو ئي واٽ بند ڪري، اهو ئي واٽ ڏيکاريندڙ ٿئي. جنهن کي وڻيئي تنهن کي عزت وارو ڪرين، جنهن کي وڻيئي تنهن کي ذلت وارو ڪرين.

    6
    سِڪيِن ڪہ سَلامَ کي، ڪَرين ڪَہ نه سَلامُ؟
    ٻيا دَرَ تن حرامُ، اِي دَرُ جنيِن ديکيو.

    پرينءِ جي سلام لاءِ ڇو ٿو سڪين؟ تون پاڻ ڇو نه ٿو وڃي وٽس سلام ڀرين؟ جن اهو در ڏٺو آهي، تن لاءِ ٻيا سڀ در ناروا آهن.

    7
    مِٺايان مِٺو گهڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ،
    سُڪُوتُ ئي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.

    پرينءَ جا سخن مٺائيءَ کان مٺا آهن ۽ هرگز ڪئوڙا نه آهن. پرينءَ جي طرفان ماٺ ئي سلام آهي.

    8
    پِريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي،
    ڪانهي ڪَڙائي، چَکيِن جي چيتُ ڪري.

    پرينءَ جي طرفان جيڪي پڙپئي، سو مڙيو ئي مٺائي آهي. ان ۾ ڪا به ڪئوڙاڻ نه آهي، جي تون هوش ڌاري، ان جو ساءُ وٺين.

    9
    تو جنيِن جي تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي،
    فَازُکُرونِي اَذکُرکُم، اِي پَرُوڙِج بات،
    هَٿِ ڪاتي ڳُڙ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرينِ جي.

    توکي جن جي سار آهي، تن کي تنهنجي پڻ سار آهي. ”سنڀاريو مون کي ته آءُ به اوهان کي سنڀاريان“ : انهيءَ سخن کي چڱيءَ پر سمجهج. هٿ ۾ ڪاتي ۽ زبان تي ميٺاج، اها آهي پرينءَ جي پڇڻ جي ريت.

    10
    پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين،
    اَلَستُ بِرَبِکُم، چَيائون جنهن وارَ،
    سَندي سورَ ڪنارَ، تَنَ تَڏاهڪُون نه لهي.

    پرينءَ هڪ وار مون کان مرڪي سوال پڇيو: ”ڇا، نه آهيان مان اوهان جو رب (سائين)؟“ تڏهين کان منهنجي جيءُ مان عشق جي آواز جو ڪنڍو نه ٿو نڪري.

    11
    پاٻوهِيو پُڇَن، ڪِٿي هَٿُ حبِيبَ جو؟
    نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻَ نه ڪَنَ،
    عاشق اَجَلَ سامُهان، اَوچي ڳاٽ اَچنِّ،
    ڪُسَڻُ قُربُ جَنّ، مَرَنُ تَن ۽ مُشاهِدو.

    عاشق مرڪي پيا پڇن ته، پرينءَ جو هٿ ڪٿي آهي؟ هو نينهن جي نيزي کان هٽي پاسو نه ٿا ڪن. هو موت جي سامهون به سر اوچو ڪري ٿا اچن. جن لاءِ ڪسڻ ئي سچو نينهن (يا پرينءَ کي ويجهو ٿيڻ آهي)، تن لاءِ مرڻ آهي محبوب جو ديدار ماڻڻ.

    12
    ڪوٺي ڪُهي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ،
    نيزي هيٺان نِينهن جي، پاسي ڪر مَ پاڻ،
    ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشقَ! اَجَلَ سامُهون.

    سپرين ڪوٺڻ سان ڪهي ٿو ۽ ڪهڻ سان ڪوٺي ٿو. (ڪهي، پاڻ سان ٿو ملائي) تون عشق جي نيزي هيٺان هٽي پاسو نه ڪر. اي عاشق! تون پنهنجي هستي وڃائي، اڳتي هل.

    13
    ڪوٺڻ قَريبَنِ جو، عينُ تَڙڻُ آهِ،
    اِيَ اُلٽي ڳالَهڙِي، سِڪَ وَرَندي ساهِ،
    آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.

    عاشق کي پاڻ وٽان بنهه تڙي ڪڍڻ، اهو سچ پچ ته محبوبن جو”ڪوٺڻ“ آهي. اها جا هڪ ابتي ڳالهه پيئي لڳي، سائي عشق جي وراڻي (ورندي) آهي. تون آسرو نه لاهج، ڇو ته هنن جو ڇنڻ ئي ڳنڍڻ آهي.

    14
    ڪُهَنّ تان ڪَرَ لَهَنِّ، ڪَرَ لَهَنِ تان ڪُهَنِّ،
    سيئي، ماءِ! مُهنِ، سيئي راحت روحَ جي.

    جي ڪهن ٿا ته ڄڻ سار ٿا لهن، جي سار ٿا لهڻ چاهين ته ڄڻ ڪهن ٿا، اي امڙ! اُهي ئي وڍين ٿا ۽ اهي ئي جان جي فرحت ۽ آرام آهن.

    15
    ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو قَريبُ،
    اِها عادتَ سِکيو، هَر زَمان حبيبُ،
    تِڇي سو طبيبُ، سوئي راحتَ روحَ جي.

    جو ڪهي ٿو، سو ڄڻ سماءُ ۽ سنڀال ٿو لهي. اهو جو ڪوٺي ڪهي ٿو، سيئي جاني آهي. پرين هر وقت اها ئي پر سکيو آهي. جو وڍي ٿو، سو ئي سچو ويڄ ۽ روح جي راحت آهي.

    وائي

    ٿيندو تَن طبيبُ،
    دارُون منهنجي دَرَدَ جو،
    ٻُڪي ڏيندم ٻاجَھه جي، اَچي شال عجيبُ،
    پرينِ اَچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ،
    ڏکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجهُون تَنُ طبيبَ،
    اَديُون! عبداللطيفُ چَئي، هاتِڪ آهِ حبيبُ.

    پرين ئي منهنجي جسم جو طبيب ۽ آزار جو علاج ٿيندو. سپرين شال اچي مون کي مهر جي ستي ڏيندو. پرينءَ پاڻ اچي هن مسڪين جي سار لڌي. منهنجي طبيب منهنجي جسم مان سمورو درد اچي دفع ڪيو. اي سرتيون! (شاهه عبداللطيف ٿو چوي) منهنجو سپرين ماهر ويڄ آهي.


    سُرُ يمن ڪلياڻ

    داستان پهريون

    1
    تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا،
    جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾، آزَار جا اَنوا،
    صاحبَ! ڏي شفا، ميان! مريضَنِ کي.

    تون ئي پرين، تون ئي ويڄ ۽ تون ئي مرض جو علاج آهين. اي جاني! منهنجي جيءَ ۾ انيڪ قسمن جا عذاب ۽ پيڙائون آهن. اي صاحب! تو ن ئي اگهن کي اگهائيءَ کان ڇوٽڪارو بخش.

    2
    تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَرِدَنِ،
    تون ڏئين، تون لاهِئين، ڏاتَر! کي ڏُکندَنِ،
    تڏهين ڦَڪِيون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمُر ڪريو اُنِ کي.

    تون ئي پرين، تون ئي ويڄ ۽ تون ئي مرض جي دوا آهين، اي ڏاتار! تون ئي پيڙائون ڏيندڙ آهين ۽ تون ئي اُهي لاهيندڙ آهين. دوائون ۽ ستيون به اگهائيءَ ۾ تڏهن ٿيون ڦيرو آڻين، جڏهن انهن کي تنهنجو حڪم ٿو ٿئي.

    3
    هڻَ حبيبَ! هَٿُ کڻِي، ٻَنگان لَهي ٻاڻُ،
    ماڳهيِن مون منهن ٿئي، جهوليءَ وِجهان پاڻُ،
    اِن پَرِ ساجَن ساڻُ، مان مُقابلو مون ٿِئي.

    اي پرين، هٿ کڻي، پورو پيچ وٺي، مون کي ڪان هڻ، جئن مون کي مورڳو بهانو ملي، جو پاڻ کي اچي تنهنجي جهوليءَ ۾ اڇلايان. (ماري شڪار ٿيل پکي کي پنهنجي جهول ۾ وجهندو آهي) من انهيءَ ريت سڄڻ سان منهنجو ميلاپ ٿئي.

    4
    جِت حبيبَ هَڻنِ، نائڪَ ڀي نِينهن جي،
    تِتي طبيبن، وِڄا وڃي وِسري.

    جتي پرين، پرت جو تير ڀري ٿو هڻي، تتي ويڄن کي پنهنجي وديا (طبابت) وسريو وڃي.

    5
    هَڻِين جي حبيبَ! محبتي مَيا ڪري،
    پُڇان ڪين طبيب، هون گهائنِ سين ٿي گهارِيان.

    اي پرين! جي مهر ڪري مون کي ٻاڻ (تير) هڻين ته جيڪر مان ويڄن کان پڇان به ڪين، پر هميشہ گهائن سان گڏ گذاريان (خوشيءَ سان زخم سهان).

    6
    ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لَڱنِ ۾،
    محبتُ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇنِ،
    پاڻهِين ٻَڌن پَٽِيُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ،
    وَٽان واڍوڙِينِ، رهي اَچجي راتڙي.

    ڪان جا ڪٺل، جن کي جسم ۾ رڪ جي نؤڪ لڳل آهي، سي ڪرڪن ۽ ڪنجهن پيا. عشق ۾ رڱيل، نينهن جي ميدان ۾ لڇن ۽ ڦتڪن پيا. هو پاڻ ئي پنهنجن ڦٽن جي ملم پٽي پياڪن ۽ پاڻ ئي پنهنجو علاج پيا ڪن. عشق جي وڍيلن وٽ جيڪر هڪ رات گهاري اچجي.

    7
    رَهي اَچجي راتڙي، تن واڍوڙِينِ وَٽاءَ،
    جن کي سورُ سريرَ ۾، گَهٽَ مَنجهاران گهاءَ،
    لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.

    انهن وڍيلن وٽ هڪ رات گهاري اچجي، جن جي (جسم) ۾ سور ۽ گهٽن ۾ (اندر ۾) گهاءُ آهي. هو ماڻهن کان پاڻ لڪائي، پاڻ ئي پاڻ کي پٽيون پيا ٻڌن.

    8
    اَڄُ پڻ ڪَنجهو ڪَنجھه، واڍوڙَڪيءَ مَنَهينءَ،
    جُه پڻ پِييَنِ سَنجھَه، هوُ پِنِيُون هُو پَٽِيُون.

    اڄ پڻ وڍيلن جي جهوپڙيءَ مان دانهن تي دانهن پيئي ٻڌجي. مٿان سنجها اچي پيئي اٿن ته به پاڻ کي اهي ئي لپريون پيا هڻن، ۽ اهي ئي پٽيون پيا ٻڌن.

    9
    سَگَهنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، گهايَلَ ڪيئن گهارِينِ،
    پِيَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نه وارِينِ،
    پرِ ۾ پَچَنِ پرينءَ لَئي، هَئي! هَنجُون هاريِنِ،
    سَڄَڻُ جي سارِنِ، تن رويو وِهامي راتڙي.

    چڱن ڀلن جي درد جي ڄاڻ نه آهي ۽ نه وري انهيءَ ڳالهه جي ته گهايل ڪهڙي حال پيا گذارين. پٽ تي پيل وڍيل عاشق پاسو به نٿا ورائين. هاءِ! هاءِ! هو ڳجهو ئي ڳجهو پرينءَ لاءِ پچي ڪباب پيا ٿين ۽ ڳوڙها پيا ڳاڙين. جن کي پرينءَ جي سار آهي، تن کي رات روئندي ٿي گذري.

    10
    سَگَهنِ سُڌِ نه سُورَ جي، ٿا رُنڪَن رَنجُوُري،
    پِيا آهن پَٽَ ۾، مَٿنِ مامُوري،
    لڳِيَنِ لَنوءَ، لطيف چَئي، سَدا جي سُوريِ،
    پِرتِ جِن پُوري، تن رويو وِهامي راتڙي.

    چڱن ڀلن کي درد جي ڄاڻ نه آهي، ۽ رنج ۾ ورتل ڪرڪن ۽ ڪنجهن پيا. هو پٽ تي پيا آهن ۽ مٿن ڳري بيماري چڙهيل آهي. هنن کي لنوءَ لڳل آهي ۽ هو هميشہ واريءَ (دائمي) سوريءَ تي سوار آهن. جن جي پريت يا محبت مڪمل آهي، تن جي رات روئندي ٿي گذري.

    11
    آيَلِ! اُنِ نه وِسَهان، هَنجون جي هارِينِ،
    آڻيو آبُ اَکين ۾، ڏيہَ کي ڏيکارِينِ،
    سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نَڪي روئن، نه چون ڪي.

    اي جيجل! مان انهن تي ويساهه نٿو ڪريان، جي پڌري پٽ ڳوڙها ٿا ڳاڙين، ۽ جي اکين ۾ پاڻي آڻي، دنيا کي ٿا ڏيکارين. جي پرينءَ کي ياد ٿا ڪن، سي نڪي روئن، نڪي زبان سان ڪي چون.

    وائي

    وَرسِيا ويڄَ ويچارا!
    دِل ۾ دَردُ پِرِيُنِ جو.
    اُٿِيو ويڄا! م وِهو، وڃو ڊَبَ کڻي.
    ٻُڪِي ڏيندا ٻاجھه جي، آيا سُورَ ڌڻي.
    آيا جيءَ جيارا، دل ۾ دَردُ پرين جو.

    ويچارا طبيب ورچي (عجب ۾ پئجي) هليا ٿا وڃن. اسان کي دل ۾ پرينءَ جي محبت جو درد آهي. اي ويڄو! اوهين ستيون کڻي هليا وڃو، هتي وهو نه. سور جا سائين (ڏيندڙ ۽ لاهيندڙ)، جيءُ جياريندڙ اچي ويا آهن. اسان کي پرينءَ جي محبت جو درد آهي.

    داستان ٻيو

    1
    تَنَ طبيبُ نه تُون، سُڌ نه لهين سُور جي،
    سانڍ پنهنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون،
    ڪانَ گُهرجي مُون، حياتي هُوتَنِ ري.

    جيڪي منهنجي تن سان لڳل آهي، تنهن جو تون علاج ڪندڙ نه آهين ۽ تون منهنجي درد جي پروڙ نه ٿو لهين. کڏ کڻي، تون پنهنجون دوائون ستيون زمين ۾ پوري ڇڏ، مون کي پرينءَ کان سواءِ هيءَ حياتي نه گهرجي.

    2
    ويڄنِ سين وائيءَ پِيا، ڪِري نه ڪيائون،
    جي پَندِ پاريائُون، ته سِگهائي سَگها ٿِيا.

    ويڄن سان وات پيا ۽ پرهيز نه ڪيائون. جي سندن صلاح مڃن ها ته ترت ئي نوبنا ٿين ها.

    3
    آهي گَهڻو آگَهنِ جو، تَرسُ طبيبنّ،
    ڪيو وَسُ ويڄنِّ، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي.

    ويڄن کي بيمارن لاءِ گهڻو ئي قياس آهي. ويڄن گهڻي ئي حيلا هلايا، پر پرهيز کانسواءِ ڪجهه به نٿو ٿئي. (ماڻهو روحاني رهبرن جي هدايت تي نه ٿا هلن.)

    4
    پاڙي ويڄَ هئام، تان مون مُور نه پُڇيا،
    تيلاهيِن پِيام، موريسَرَ اَکين ۾.

    منهنجي پاڙي ۾ ئي ويڄ موجود هئا، پر مون هرگز انهن جي پڇا نه ڪئي. انهيءَ ڪري ئي منهنجين اکين ۾ موتيو لهي پيو.

    5
    هارِيا! تو هِري، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪيو،
    ڪَرِئين جي ڪِري، ته تون توانو ٿئين.

    اي مورک! تون پاڻ ۾ بري هير وجهي، پنهنجي جسم سان پاڻيهي ويڌن ڪئي. جي تون پرهيز ڪرين ته تندرست ٿي پوين.

    6
    جي ڀائيِن پرينءَ مِڙان ته سِکُ چوران ڪي ڌات،
    جاڳَڻُ جَشَنُ جن کي، سُکُ نه ساري راتِ،
    اُجهي ٻُجهي آئيا، وائي ڪَنِ نه واتِ،
    سَلي سُوريءَ چاڙِهيا، بَيان ڪَنِ نه باتِ،
    توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، ته به ساڳي سَلنِ ڪين ڪِي.

    جي چاهين ته پرينءَ سان ملان ته چورن جي رَوَشِ سک. هنن لاءِ ساري رات جاڳڻ، جشن آهي ۽ ذرو به آرام نه اٿن. هو ڄاڻي ٻجهي ٻاهر نڪريو پون ۽ زبان سان حرف به نٿا ڪڇن. هو هڪٻئي سان سلهاڙجي، وڃيو سوريءَ تي چڙهن، پر وات مان ٻڙڪ به نٿا ٻولين. هو ڪات سان ڪسجيو وڃن، ته به سچي ڳالهه نٿا سلين. (عارف به ائين آهن ۽ منجهن ساڳيون وصفون آهن.)

    7
    تڙي طبيبنّ، گهايَلُ گَهران ڪَڍيو،
    چِڪِيا چاڪَ چيِهون ڪري، ڪَڙيون مور نه ڪَنّ،
    دوستَ جي درسن سين، پَئي ٺارُ ٺَپَنّ،
    وِرِچِيو ويڄَ وَڃنّ، آءُ ته پِريم اُبَهان.

    طبيبن، گهايل کي گهران تڙي ڪڍي ڇڏيو. هنن جي زخمن جون چيرون ڪڙهن پيئون ۽ مٿن ڪڙيون مور نه ٿيون چڙهن. پرينءَ جي درشن سان ئي سندن ڦٽن تي ٺار ٿو پوي. ويڄ ورچيو هليا ٿا وڃن. اي پرين! تون پيهي اچ ته نوبنو ٿي اٿان.

    8
    وَڍي جِنِ وِڌياسِ، وَري ويڄَ ئي سي ٿيا،
    تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزِ ڪيائُون راسِ،
    هينئڙا! تِنيِن پاسِ، گهارِ ته گهايَلُ نه ٿِئين.

    جن وڍي وڌو هو، سي ئي وري طبيب بڻيا. ترت ئي ملم پٽي ڪيائون ۽ هڪ ڏينهن ۾ ئي ڇٽائي چاڪ ڪيائون. اي دل! انهن وٽ گهار ته وري ڪو گهاءُ نه رسئي. (هتي روحاني طبيبن ڏانهن اشارو آهي).

    9
    ويڄَ م ٻڪي ڏي! اَلا چَڱي مَ ٿِيان!
    سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَلاهُو ٿي ڪَڏهيِن.

    اي طبيب! مون کي ڪا به دوا ستي نه ڏي. شل مان چڱي ڀلي نه ٿيان. من ائين ڪنهن ڏينهن پرين سار لهڻ لاءِ، مون وٽ پيهي اچي.

    10
    هُئين ته ويڄنِ وَٽِ، تون ڪئِن جِيءَ جَڏو ٿئِين؟
    سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪُہ نه ڪَيءِ ڊَبَڙا؟

    تون هئينءَ به طبيبن جي نظر هيٺ، پوءِ ڪئن جسم ۾ جڏي ٿئين؟ پنهنجو سر عيوض ۾ ڏيئي، ڇو نه ٿي دوا سُتي ڪيءِ؟

    11
    ڪُٺيِس ڪُويڄنِ، تَنَ طبيب نه گڏيا،
    ڏيئي ڏَنڀَ ڏَڏَنّ، پاڻا ڏيِل ڏکوئيو.

    نيم طبيبن منهنجي جسم ۾ وڍ وڌا ۽ منهنجي تن کي طبيب نه مليا. انهن اڻ ڄاڻن مون کي مورڳو ڏنڀ ڏيئي، منهنجو جسم جهوريو.

    12
    تَرسُ طبيبنِ جو، جَڏَنِ ڪيو نه جاتِ،
    جو ويڄنِ جي واتِ، دارونُئان تنهن دورُ ٿِيا.
    بيمارن خود ويڄن جو چيو نه ڪيو. جا دوا طبيبن وات سان ڏسي، تنهن کان هو پري هٽي ويا.
    13
    دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪي ڪيا ويڄَ مون!
    ٻُڪي ڏيندا ٻاجَھه جي، نِهاري نارُون،
    جن جون سيڻَ لَهنِ سارُون، تن تان ڏکندو ڏُور ٿئي.

    ويڄ مون تي ڪيئي ستيون آزمايون ۽ وس هلايا. هو (پرين) منهنجي نبض جاچي مونکي مهر جي دوا ڏيندا. جن جي پرين سنڀارون ٿا لهن، تن جي پيڙا لهيو وڃي.

    14
    اَگهن مِڙي اَڄُ، ڪيو سَڏُ صِحَتَ کي،
    ڏورُ ڏکندا ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو.

    اڄ ناچڱن گڏجي چڱڀلائيءَ کي سنڀاريو. اي اگهائي! هينئر تون پري ڀڄ، ڇو ته مهر ڀري پرينءَ منهن ڏيکاريو آهي.

    وائي

    اچي سارَ لَهيج، ساجَن!
    سُورَ تُماري آئون ماري!
    سُور تُماري جي مَران، تان مُون ڏوهُ مَ ويج،
    ڊَبَن ڀَري هَٿڙا، دارُون دوست! ڪَريج.

    اي سڄڻ! تون اچي سار لهج. مان تنهنجي درد جي ماريل آهيان. جي مان تنهنجي درد وگهي مران ته مون کي ڪو ڏوهه نه ڏج. اي پريتم! پنهنجا هٿ ڊڀن سان ڀري، منهنجو علاج ڪج.

    داستان ٽيون

    1
    هَيءِ! هَيءِ! وهي هاءِ، من ۾ محبوبنِ جي،
    جيرا جوشَ جلائيا، بُڪين ٻَري باهِ،
    پَسو مَچَ مَٿاءِ، جي ويساهَ نه وِسَهو!

    هيءِ هيءِ! اندر ۾ پرينءَ لاءِ ”هاءِ! هاءِ“ جي ڪوڪار پيئي پوي. محبت جي تاب، جيرا جلائي ڇڏيا آهن ۽ بڪين ۾ باهه پيئي ٻري. جي ويساهه نه اچيو ته منهنجي مٿان اچي مچ ٻرندي ڏسو.

    2
    ڪانڊين، ٽانڊن، ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئي!
    جيرا، جِگرَ، بُڪيُون، سيخُنِ ۾ ٽيئي!
    ويڄَنِئون ويئي، ٿي وهيڻي سَڄَڻين.

    ڀل ته ڪنڊيءَ ۽ ٻٻر جي ٽانڊين تي پيئي ڪباب ٿيان ۽ جيرا، جگر ۽ بڪيون ٽيئي سيخن ۾ هجنم. هاڻ ويڄن جي وس کان ڳالهه نڪري ويئي آهي ۽ وڃي سڄڻ جي هٿ وس ٿي آهي.

    3
    سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻيهَر ٻاڻُ ڀَري،
    ڇِمڪيو سو ڇوه مان، ڪَڙ ڪَڙ ڪانُ ڪَري،
    جيرا، جگرَ، بُڪيُون، لنگهي پِيو پَري،
    لڳو جيءَ جَڙي، تاڻِيان، تيرُ نه نڪري!

    سڄڻ جو ٻيهر ڪان ڪشي هنيو، سو ڪڙ ڪڙ ڪندو ۽ ڇوهه مان ڇم ڇم ڪندو ويو. اهو تير جيرا، جگر ۽ بڪيون ڪپي هليو ويو ۽ جان ۾ اهڙو کپي ويم، جو ڇڪيان ٿو ته به ٻاهر نه ٿو نڪري.

    4
    پُڇُ پَتنگنِ کي، سندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
    آڻِيو وجهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنهنجو جي،
    جيري جنيِن جي، لڳا نيزا نيِنهن جا!

    جلڻ جي سڌ پتنگن کان پڇ، جي پنهنجو جسم اچيو آگ ۾ وجهن ۽ جن جي جيري ۾ عشق جون نائڪون لڳل آهن.

    5
    پَتنگُ چائيِن پاڻَ کي، ته اچي آڳِ اُجهاءِ!
    پَچَڻَ گهڻا پَچائيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
    واقُف ٿي وِساءِ، آڳِ نه ڏجِي عامَ کي.

    جي پاڻ کي پتنگ ٿو ڪوٺائين، ته اچي آگ کي وساءِ. پچڻ (آتش) گهڻن کي جلايو آهي، پر تو ن خود پچڻ کي پچائي ڇڏ (آگ کي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏ). هوشيار ٿي، آگ کي جهپي وٺ، ان جو انت ماڻهن کي ڏيڻ نه گهرجي.

    6
    پَتنگُ چائينِ پاڻَ کي، پَسي مچُ مَ موٽُ،
    سَهائيءَ سُپيرين جي، گِهڙ ته ٿِئين گهوٽ!
    اڃان تون اَروٽُ! کُوري خبرَ نه لهيِن.

    جي پاڻ کي پتنگ ٿو چوائين ته مچ پسي پٺتي نه ور. محبوب جي شعاع ۾ ٽپي پئه ته لال ٿئين. تون اڃان اڻ پڪل آهين ۽ کوري جي سڌ سماءُ لهڻ جهڙو نه آهين.

    7
    پَتنگن پَہ ڪيو، مِڙيا مَٿي مَچ،
    پسي لَهس نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سچ،
    سندا ڳِچين ڳَچ، ويچارن وڃائيِا.

    پتنگن پاڻ ۾ پهه ڪيو ۽ اچي مچ جي مٿان مڙيا. هو تاب ڏسي ڪين لڏيا، پر آڳ روپي سچ مٿان جلي جان ڏنائون. ويچارن ڪيئي سسيون قربان ڪري ڇڏيون.

    8
    جي تَتو تَنُ تنُور جئن، ته ڇنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
    آڻي آڳِ اَدب جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،
    بُرقعان اَندر بازيون، پنهنجون سڀ پچاءِ،
    لُڇَڻُ لنوءَ، لطيف چئي، پَڌرِ هَڏِ م پاءِ،
    متان لوڪ لَکاءِ، وصالا وچ پئي!

    جي تنهنجو تن کوري جيان تپي ته ان تي صبر جي ڇنڊي سان ٺارُ وِجهه. ادب جي آڳ ٻاري، پنهنجي جان جلاءِ. پردي اندر (ڳجهه ڳوهه ۾) پنهنجيون روحاني منزلون پوريون ڪر. لڇڻ پڇڻ کي هرگز پڌرو نه ڪر، متان ماڻهن کي سڌ پوڻ سان، تنهنجي ميلاپ ۾ ويڇو پئجي وڃي. (هتي ”ادب“ لفظ ضابطي جي معنيٰ ۾ آيو آهي.)

    9
    اڃان تَنُوران، ڪالھه ڪڍياسون سڄڻين،
    پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وَڌان،
    محبتين مٿان، مُچ مُورائينِ نه لهي!

    اڃان مونکي ڪالهه سڄڻن تنور (کوري) مان ٻاهر ڪڍيو آهي. پوءِ مورڳو هيڪڙائيءَ جي منزل (وحدت) تي تڪڙو پهچائڻ لاءِ توکي تيز پيا ڪن. نينهن وارن جي مٿان مچ هرگز نه ٿو لهي.

    10
    پَچائي پَهاڻ، رَساڻيو رُڪَ کي،
    تنين سندو ڄاڻُ، آهي آڳَڙيُنِ کي.

    جن ڪچي لوهه کي پچائي، رڪ جي صورت ۾ آندو آهي، تن جي پروڙ لهارن کي آهي. (جن طالبن پاڻ پچايو آهي. تن جي ڄاڻ ڪاملن کي آهي).

    11
    ڌنءُ ڌنءُ ڌَمڻَ وارَ، اَڄ پڻ آڳڙين جي،
    ٻاري مچ مَجاز جو، اوتيائون اَڱار،
    ڌُو ڌا! ٿِي م ڌارَ، جِم ڪَچو رُڪُ ڪَڻيُون ٿئي.

    اڄ پڻ لهارن جي ڌمن جي ڌنءُ ڌنءُ پيئي پوي. محبت جو مچ ٻاري، ان ۾ اڱر وڌا اٿن. اي ڌمڻ وارا! تون تَوَ کان پري نه ٿيءُ متان ڪچو لوهه رتيون ٿي پوي.

    12
    ڌُڌا! تون نه ڌَئيِن! آڳِ اوڏو نه وڃين!
    اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سَهيِن!
    اُڀو اِئن چَئيِن، ته آئون آڳڙيو آهيان!

    اي ڌمڻ وارا! تون ڌمڻ کي ڌئين نه ٿو ۽ آڳ کي ويجهو نه ٿو وڃين، جي عشق جا الا آهن، سي تون سهين نه ٿو. ائين بيٺو چوين ته ”مان لهار آهيان“ (تون اڃان ڪچو آهين، پر پاڻ کي ڪامل ٿو ڪوٺين!)

    13
    سِرُ سانداڻ ڪري، پُڇج گَهرُ لُهارَ جو!
    ڌَڪن هيٺ ڌَري، مانَ گڏينئي رُڪَ سين!

    پهريائين پنهنجي سر کي سانداڻ ڪري، پوءِ لهار جو در پڇ. من توکي ڌڪن هيٺ ڌري، تکي رڪ سان هڪ ڪن.

    14
    سَهي جئن سانداڻ، ڌَڪن مٿي ڌَڪڙا!
    وَهِ وِڃائي پاڻ، ڏي ڏَٻائون ڏُڱرين.

    تون سانداڻ (سنداڻ) جيان ڌڪن مٿان ڌڪ سَههُ. عشق جي تک ۾ پاڻ فنا ڪري، تون اٽلو مترڪن کي مهميزون ڏي.

    15
    اڄ آڳَڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻي،
    پياري پاڻي، تيغُون ڪندا تِکيون.

    اڄ ماهر سراڻ هلائيندڙ آيا آهن. هو رڪ کي پاڻي کڻائي (تپائي پاڻي ڏيئي)، ترارين کي تيز ڪندا.

    16
    اڄ آڳِڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڃاڻَ،
    لاهيِندا مورياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پڌرو.

    اڄ ڀلا ۽ ڄاڻو لهار اچي ويا آهن. هو ڪٽ لاهي، رڪ کي ظاهر ڪندا. (ڪامل، دل جي ڪٽ لاهي، ان کي اوجل ڪندا.)

    17
    سَرها ڏٺم سي، جِن ساڃاءَ سِراڻِ سين،
    تيغَ تنيِن جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.

    اُهي خوش ڏٺم، جن جي ڏيٺ، سراڻ سان آهي. انهن جي ترار کي ڪڏهن به زنگ يا ڪٽ نه ٿي چڙهي. (سچن طالبن جي قلبن تي ڪا ڪس نه ٿي چڙهي.)

    وائي

    جيءُ جياريو، جيءُ جياريو، ڪين منهنجڙو هاريو،
    پِرينِ جي پَچار، سيڻن جيءَ سنڀارَ، جَڏڙو جيءُ جياريو،
    اُڃيو تن عَميقَ مان، پِرين، پُوڄَ پياريو،
    مرضُ مريضن تان، اِشاري ساڻ اُتاريو،
    ڪَرَمَ ڪريمن جي مون کي، اَهُکيءَ مان اُڪاريو،
    سنئون مُنهن ڪري، سپرين! اَئيِن نرمل نور نهاريو،
    سائلن جئن سڏ ڪري، اَئيِن طالحَن کي تاريو.

    منهنجي جيءَ ۾ جان وجهي، اُنکي جياريو. منهنجي من کي نراس نه ڪيو. مونکي پرينءَ جي تات ۽ سڄڻن جي سار آهي. اي سپرين! منهنجي اڃايل ۽ اساٽيل جسم کي (فيض جي) اونهي درياهه مان ججهو پاڻي پياريو. اشاري سان اگهن تان اگهائي لاهيو. مهر وارن جي مهر مون کي اچي اوکيءَ مان ڪڍيو. اي پرين! اوهين پنهنجي پاڪ نظر سان مون ڏانهن سنئون منهن ڪري نهاريو. جئن سوالين کي سڏبو آهي، تئن اوهين اڀاڳن کي سڏي، انهن کي تاريو.

    داستان چوٿون

    1
    ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا عشق نه ڪري اِيئن!
    ليکيا جي لِکڻ ۾، سي قرب رسندا ڪِيئن؟
    هُئڻَ ڪيا هِيئن، وانجيا، پَسُ! وِصال کان.

    پيالو هڪ ۽ ڄڻا ٻه هجن، محبت ائين ڪرڻ نٿي ڏئي. جي حساب ۾ (ٻه) ڳڻجن ٿا، سي ڪئن پرينءَ جي ويجهو رسندا؟ ڏس ته الڳ هستيءَ انهن کي ميلاپ کان وانجهي (محروم يا نراس ڪري) ڇڏيو آهي.

    2
    ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه اِئن ڪري!
    آٽِي سي ايڪ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳري،
    دوئي ڌار ڌري، جُه خُلَت خنجر آئيو.

    پيالو هڪ ۽ ڄڻا ٻه هجن، محبت ائين ڪرڻ نٿي ڏئي. (نينهن ۾ اهو روا نه آهي ته پرين ۽ محبتي ٻه الڳ هستيون هجن). جي محبت جي چنبي ۾ اڙيا، سي رجي هڪ ٿي ويا. جڏهن سچي محبت جو خنجر ٿو هلي، تڏهن اهو ٻيائيءَ کي ڪپيو ڇڏي.

    3
    ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نه ڪري اَڌَ!
    اِي تان، ساعر! سَڌَ، ڪَيَءَ جا قَوالَ سين.

    پيالو هڪ ۽ ڄڻا ٻه هجن، محبت ائين اڌو اڌ (شراب کي) نه ٿي ڪري. اي شاعر! اها سڌ يا آرزو تو قوال (راڳيندڙ) سان ڪري ڏٺي آهي. (شاعر ۽ راڳيندڙ پاڻ ۾ پيالو ونڊيندا هئا)

    4
    قاتلَ ڪمائي ڪري، وِهُ ماکي جي ڪنِ،
    وتانِ ويهي تن، پِيج ڪي پياليون.

    اُهي قاتل (نفس کي قتل ڪندڙ)، جي ڪمائي ڪري (ڪشالا ڪڍي)، زهر کي ماکي ڪيو ڇڏين، تن وٽ ويهي، وٽانئن ڪي (روحاني شراب جون) وٽيون پيئج.

    5
    هوندو هَڏِ مَ سَنڌ، لاءِ پياڪَن پانهنجو،
    پوڄَ پيارج پَنهيِڙا، ويندا وَٺيو ڪَنڌ،
    ته هَٽَ تنهنجي هَنڌِ، موکي! ڪو مانُ لهي.

    جيڪو شراب موجود اٿيئي، سو پيئندڙن کان لڪائي، سانڍي نه رک. واٽهڙو، جي ڪنارو وٺيو پيا وڃن، تن کي (سڏي) جام سرڪيون پيارج ته اي ڪلال! تنهنجي هٽ (آستان) تي (شراب جو) ڪو ملهه مان ٿئي.

    6
    هوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَن پانهنجو،
    وٽي واٽاڙئن کي، تان پياري پَرَکُ،
    سالِکَ لهي ٿِي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين.

    جيڪو شراب موجود اٿيئي، سو پياڪن کان لڪائي نه رک. تون پانڌيئڙن کي ان مان وٽي پياري ڏس، ۽ جا ذري شراب جي تنهنجي هٿان هنن کي رسندي، تنهن جو ملهه لکن ۾ ٿيندو.

    7
    ڳهَٽَنِ ۾ گُهٽِڪَنِ، وَٽَيوُن پِيَنِ وِهَ گاڏيون،
    بر خِيز بده ساقي! پيار کي پِريِن،
    پِڪين نه پَرچِنِ، مَٽَ تڪيائُون مَنجهيان.

    پياڪن کي گهٽن (تڙين) ۾ گهٽڪا پيا اچن. ڇو ته هو زهر گاڏڙ شراب جون پيالون پيا پين. اي ساقي! اُٿ! اُٿي دوستن کي پيار. هو سرڪين تي راضي نه ٿا ٿين، پر اندران ئي اندران مٽن کي پيا تڪين.

    8
    آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽِيا،
    مَتارا تنهن ساءَ، سِرَ سنباهِيو.

    اُتر جي هوا تي ڪلال مٽ کوليا آهن. پياڪ ان جي سواد وٺڻ لاءِ پنهنجا سر تيار ڪيو پيا اچن.

    9
    وجهج واٽاڙُئن تي، ميخاني جِي ماڪ،
    ٿيندي سڌ سڀڪنهن، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ،
    پرهَ جا پياڪَ، جُه سي اڱڻ آئيا.

    اي ڪلال! پانڌيئڙن تي شراب خاني جي شبنم جي ورکا ڪج. پوءِ هر ڪنهن کي ان جي سڌ پوندي ۽ جابجا تنهنجي هاڪ ڳائبي، جڏهن پرڀات جو پيئندڙ تنهنجي پڌر ۾ اچي پير پائيندا.

    10
    جه سي اَڱڻ آئيا، ته سَرو ڪندا سُڃ،
    سائي ٿينديَنِ اُڃ، هي پِيتو! هُو آڻ ڪي!

    جڏهن هو اڱڻ ۾ اچي ڪٺا ٿيندا، تڏهن سارو شراب پي صفائي ڪندا. هنن کي تڏهن به اهڙي اڃ رهندي، جو اڃا هڪ پي پوروئي نه ڪندا ته مٿان چوندا ته ”ٻيو ڪي آڻ“.

    11
    موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات،
    وَٽيون ڏيئي واتِ، مَتارا تنهن ماريا.

    موکي ڪڏهن به چڱي نه چئبي، هو اصل کان ذات جي ڪلال آهي. هو پياڪن کي وات ۾ پيالن پٺيان پيالون ڏيئي، فنا ڪيو ڇڏي.
    12
    مَتارا مري ويا، موکي! تون نه مريِن،
    ڪيهيءَ پَر پريِن، ڏُکي ڏاتارن ري؟
    اي ڪلال! پياڪ پي فنا ٿي ويا، پر تون شل حيات هجين! اي ڏکي! تون سخين (شراب ڏيندڙن) کانسواءِ ڪهڙيءَ ريت گذاريندينءَ؟

    13
    مَتارا مري ويا، موکي! تون ڀي مَرُ،
    تنهنجو ڏوس ڏَمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري!

    جي پياڪ مري ويا ته اي ڪلال! تون به مر. تنهنجو تاب ۽ عتابُ اُنهن کانسواءِ ڪير سهندو؟ (مرشد جو ڏمر طالب ري ڪير سهندو.)

    14
    سَري ڪيِنَ ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
    ڪوجو سخن ڪلالَ جو، پِتي تي پِيون!
    تِهان پوءِ ٿِيون، مَرَڻُ مَتارنِ کي!

    هنن (پياڪن) کي شراب فنا ڪين ڪيو، پر ڪلال جي مهڻي کين ماري وڌو. ساقيءَ جو ڪو سخن سندن قلب ۾ ڇپي ويو. (هتي روحاني رهبرن جي ڪرڙيءَ نظر ڏانهن اشارو آهي. کين ريجهائڻ ڪو آسان ڪم نه آهي.) انهيءَ کان پوءِ پياڪ مري فنا ٿيا.

    15
    ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنهن وَٽِي، عادت سَندِيَن اَيَ،
    تِنيِن تِڪُون ڏِٺِيون، جنبي منجهان جي،
    سَرو تنِ سبي، جنِ حاصل ڪيو حالَ کي.

    ڪنڌ تي ڪٽار ۽ وات ۾ پيالي: اهو سندس (پياڪن جو) دستور آهي. اُهي دل جي جولان سان (شراب مان) ڳيتون ٿا ڏين. جي بيخوديءِ جي حالت کي رسيا آهن، تن لاءِ شراب مئو آهي. (سچن طالبن لاءِ فيض هميشه موجود آهي.)

    16
    موکيءَ مَٺو نه گُهريا، وِهَ نه وِهاٽيا،
    سُرڪيءَ ڪاڻِ، سيد چئي، اُتي ٿي آٽيا،
    جي ڳالهين ڳنڱاٽِيا، تنِ بَٺَنِ پاسي بٺيون.

    ڪلال ڪو انهن کي (پياڪن کي) مٺو نه ٿي گهريو، نڪي زهر جهڙي شراب کين وهاٽي ڇڏيو. هو چڪي خاطر ئي اچي اتي ڳاهٽ ٿيا، جن کي ڳالهين (روحاني رحاڻين) ٺاري ڳڱ (فنا) ڪري ڇڏيو، تن جون قبرون بٺين جي ڀر ۾ آهن.

    17
    سِرُ ڏيئي سَٽِ جوڙ، ڪنهن پَرِ ڪلالن سين!
    ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپَار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙ!
    مَرڻان مُنهن م موڙ، وَٽي ٿي وَڌِ لَهي!

    پنهنجو سر ڏيئي، ڪنهن ريت ڪلالن سان سودو راس ڪر. پنهنجي سر ۾ ڪاتي، ڪارائي ۽ خنجر آڻي کپاءِ. مرڻ کان منهن نه موڙ، ڇو ته پياليءَ جو ملهه ان کان (سر کان) سرس آهي. (سر ڏني جي فيض يا اتم خزانو ملي ته سستو آهي.)

    18
    وَٽَ وَٽَ وٽيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنُڌ ٻيو،
    قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِيا ڪَن پِيو،
    اَچن دُرس دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو،
    سُرها سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سَيد چئي.

    پياليءَ پياليءَ ۾ نئين نئين جنس آهي ۽ مٽ مٽ ۾ ٻيو شراب آهي. پيئندڙن کي ئي ڪلال جي اٿاريل خمار جو قدر آهي. هو سر ڏيڻ قبول ڪري، برابر اچيو سندس دڪانن وٽ وارد ٿين. اهي خوشي مان سر ڏيئي، سرڪي ٿا پيئن.

    19
    ڪلالنَئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکيِن مون هِنئان!
    روئندي رات وهاءِ، چِڪائيندي بٺيون!

    اي منهنجي دل! تون ڪلالن کان ڪا نصيحت نه ٿي پرائين. بٺيون چڪائيندي ۽ روئيندي سندس رات ٿي وهامي. (تون نه هنن وانگر جاڳ ۽ نيڻن مان جر وهاءِ.)

    وائي

    دوسُ پيهي در آئيو،
    ٿيو ملڻ جو ساعيو.
    ڏِينهين پُڄاڻئون آڻي اسان کي، موليٰ مُحبُ ملايو.
    ويو وڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ ورايو،
    هو جَنهين جو ڏَس ڏوراڏو، اوڏو اَڄ سو آيو،
    عبداللطِيف چئي، اَچي عَجِيبن پاڻ فَضَلُ فرمايو.

    سپرين گهر ۾ پيهي آيو. گڏجاڻيءَ جو سانباهو ٿيو آهي. ڌڻيءَ اسان کي ڪيترن ڏينهن کانپوءِ آڻي محبوب ملايو آهي. جدائي ويئي، ميلاپ ٿيو. سائينءَ وصل جي هير ورائي آهي. جنهن جو پتو ڏورانهون هو، سو اڄ ويجهو آيو آهي. سهڻي دلبر پاڻ اچي پنهنجي مهر ڪئي آهي.

    داستان پنجون

    1
    صوفي سالِم سي ويا، جي اَڪثر سين اَڏيارَ،
    بازي بازِندنِ کي، آهي اَويسارَ،
    پِريان سين پَهڪارَ، رِنديءَ رَساڻي ڪيا.

    اُهي صوفي سلامتي سان لنگهي ويا، جن ڪثرت کان ڪنارو ڪيو. انهن راند ڪندڙن (روحاني رمز وارن) کي عشق جي راند اڻ وسرندڙ آهي. روحاني مستي کين نيئي پرينءَ سان صلاحي ڪيو. (صوفي سموري ڪثرت ۾ وحدت ٿو پسي ۽ هميشه بيخوديءَ ۾ ٿو گهاري.)

    2
    صوفيءَ سَيرُ سَڀن ۾، جئن رڳُن ۾ ساه،
    سانه ڪري ڳالهڙي، جئن پويون پروڙي پساه،
    آهِس اِيُ گناه، جي ڪا ڪَري پَڌري.

    صوفي سڀني وستن ۾ سير ڪندڙ (وياپڪ) آهي، جئن ساهه مڙني رڳن ۾. هو جو ذڪر (منتر) ٿو ڪمائي، تنهن جي ڪنهن سان به ڳالهه نه ٿو ڪري. جي ڪجهه ظاهر ڪري وڌائين ته اهو هن لاءِ گناهه آهي.

    3
    ڏِني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضي ٿيا،
    صوفي تي ٿيا، جئن ڪيِن کنيائوُن پاڻ سين.

    ڏيڻ سان رنج ٿا ٿين ۽ نه ڏيڻ سان خوش. هو صوفي انهيءَ ڪري ٿيا آهن، جو پاڻ سان ”ڪين“ کنئي اٿن.

    4
    صوفي لا ڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرَ،
    منجهيان ئي مَنجھهِ وڙهي، پَڌر ناهِس پِيرُ،
    جنيِن ساڻُس ويرُ، ٿئي تنيِن جو واهَرُو.

    صوفي لا مذهب (ڌرم يا مذهب جي ٻنڌڻن کان آجو) آهي. کيس ڪو به ڪونه ٿو پروڙي. هو اندران ئي اندران نفس (من) سان جنگ پيو ڪري ۽ ذرو به ظاهر نه ٿو ڪري. جن جو ساڻس وير آهي، تن جو هو حامي ۽ مددگار آهي.

    5
    صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وُجوُد جو،
    تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

    صوفيءِ پنهنجي اندر جو پنو اجاري صاف ڪيو ۽ تنهن کان پوءِ جيئري ئي پرينءَ جو ديدار ڪيائين.

    6
    صافي چائيِن، سَڌَ ڪرين! صُوفين اِي نه صلاحَ،
    ڪاٽي رک ڪُلاهَ، وِجھُه اُڇلي آڳ ۾.

    پاڻ کي صوفي سڏائي، تمنا ٿو رکين! صوفين جو اِهو مرڪ ناهي. اِها ڊگهي ٽوپي لاهي باهه ۾ اڇلي ڇڏ.

    7
    جي ڪُلاهَ رکيِن ڪَنڌَ تي، ته صوفي صالم ٿيءُ،
    وِهَ وٽي هَٿِ ڪري، پُرِ پيالو پيءُ،
    هَنڌُ تنيين جو هيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.

    جي سر تي صوفياڻي ٽوپي ٿو رکين ته صحيح معني ۾ صوفي ٿيءُ. هٿ ۾ زهر جي پيالي جهلي، سمورو جام چاڙهه. هيءَ جاءِ انهن جي آهي، جن روحاني مستي حاصل ڪئي آهي. (صوفي اُهو آهي، جو روحاني رنگ ۾ رتو ٿو رهي.)

    8
    جُسي ۾ جَبَار جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
    جَلي تون زبان سين، چارئي پهر چور،
    فِڪر سين فُرقان ۾، اِسم اعظم ڏور،
    ٻيا در وڃي مَوڙ، اِيُ اَمُلُ اِئائين سَپَجي.

    پنهنجي وجود ۾ ڌڻيءَ جو ڳجهو تنبو کوڙ. (ڌڻيءَ کي اندر ۾ ڳجهو ياد ڪر) (هتي ”خفي) يعنيٰ ڳجهي ذڪر يا اسم ڏانهن اشارو آهي) چارئي پهر زبان سان ظاهري ذڪر جاري رک. ڌيان سان قرآن شريف ۾ ”اسم اعظم“ (ڌڻيءَ جو اعليٰ نالو) ڳول (اُنهيءَ نالي جي عام پروڙ نه آهي.) ٻيا آستان نه وڃي ڳول. اهو بي بها موتي اتان ئي حاصل ٿو ٿئي.

    9
    عالَم آئون ساڻُ، ڀَريو ٿو ڀِيرَ ڪري،
    پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊيءَ مَنُڊ پکيڙيو.

    سارو جهان خوديءَ يا اهنڪار ۾ خماريو، گهوماٽيون پيو کائي. اسان کي اِها ڄاڻ نه آهي ته هي طلسم يا مايا اُنهيءَ جادوگر (ڌڻيءَ) رچي آهي.

    10
    طالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيَ روميءَ جي رُوءِ،
    جنيِن ڏٺي جُوءِ، تنيِن ڪُڇيو ڪين ڪِي.

    ساري ڪثرت (سموري ڪائنات) سندس ڳولائو آهي ۽ ان جو سر (اصل) سندس حسن آهي. اِهو روميءَ جو متو آهي. (هر ڪا چيز اُنهيءَ حقيقي سونهن جي ڳولا ۾ آهي) جن اها منزل ڏٺي آهي، تن زبان سان ڪجهه به نه ڪڇيو.

    11
    طالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِي روميءَ جي راءِ،
    ماڙهُو اِتِ ڪِياءِ، منڊُ نه پَسيِن مَنڊيو!

    ساري ڪائنات سندس ڳولائو آهي ۽ اُن جو سر سندس سونهن آهي اِهو روميءَ جو رايو آهي. ماڻهو هتي ڪٿان آيا! هي سمورو جادو پکيڙيل نه ٿو ڏسين! (هتي منڊ =مايا)

    12
    طالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، روميءَ چيو آهي،
    تاڙي جي لاهي، ته مَنجهيِن مُشاهدو ٿئي.

    ساري ڪائنات سندس ڳولائو آهي ۽ ان جو سر سندس سونهن آهي. اِئين روميءَ فرمايو آهي. جي دل تان پردو لاهجي ته اندر ۾ ئي ديدار حاصل ٿئي.

    13
    ظاهر ۾ زاني، فِڪَر منجھه فنا ٿيا،
    تنيِن کي تعليم جي، ڪُڙِه اَندر ڪاني،
    حرفُ حَقانِي، دَورُ ڪيائون دل ۾.

    هو ظاهر ۾ بدڪار ٿا ڏسجن، پر حقيقت ۾ روحاني خيال ۾ ئي محو آهن. اُنهن کي اندر ۾ سچي ڄاڻ جو گز لڳل آهي. هو دل ۾ ڌڻيءَ جي ئي سچي نالي جو دور پيا ڪن.

    14
    جن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سور پڙهنِّ،
    فِڪر فَرَهي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪنِّ،
    پَنو سو پڙهنِّ، جنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي.

    جيڪي اندر ۾ درد جي درس جو دور ٿا ڪن، سي سور جو ئي سبق پيا پڙهن. اُنهن جي هٿ ۾ خيال جي پٽي آهي ۽ هو ماٺ جو اڀياس پيا ڪن. هو اهو ئي ورق پيا پڙهن، جنهن ۾ پرينءَ کي ٿا ڏسن.

    15
    ساسِٽَ ساريائُون، اَلف جنهن جي اَڳَ ۾،
    ناحَقُ نِهارِينِ، پَنا ٻيا پِرينءَ لئي.

    هُو (ودوان يا عالم) اها سٽ نه ٿا ياد ڪن، جنهن جو پهريون اکر ”الف“ آهي. پرينءَ کي پسڻ لاءِ اجايو ٻين ورقن ۾ جهاتيون پيا پائين.

    16
    ساسٽَ ساريائوُن، اَلف جنهن جي اَڳ ۾،
    ”َلا مَقصودَ في الدَارَينِ“ اِن پَرِ اُتائُون،
    سَڳَرُ سوٺائُون، ٿيا رَسيِلا رحمان سين.

    اها سٽ ياد ڪيائون (عاشقن)، جنهن جي منڍ ۾ الف آهي. ”ٻنهي جهانن ۾ سواءِ ڌڻيءَ جي سندن ڪو مقصد ناهي“، انهيءَ طرح سخن چيائون. هنن سوڙهو پيچرو ڏوري لڌو ۽ وڃي مهربان مالڪ سان پرچي هڪ ٿيا.

    17
    اکرَ پڙهي اَڀاڳِيا! قاضي ٿِئين ڪِياءِ؟
    ڀيرِئين ۽ ڀانِئئين، ايڏا اِئن نه آءُ!
    اِن سَرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عَزازِيل کي.

    اي اڀاڳا!علم پڙهي قاضي ڪٿان ٿئين؟ تون دليل پيو ڊوڙائين ۽ خوديءَ ۾ گهوماٽيون پيو کائين: اهڙي نموني هيڏانهن (روحاني پنڌ ۾) نه اچ! اِنهيءَ سرڪي جي لذت جو سماءُ شيطان کان پڇج.

    18
    عاشق عَزازِيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙِيا،
    منجهان سِڪَ سَبِيلَ، لعنتي لال ٿيو.

    عاشق ته ابليس چئجي، ٻيا مڙيئي ڪوڙي سڌ ڪندڙ آهن. هن جهڙو لال (سچي عاشق ۾ رڱيل) اپار (حد کان وڌيل) محبت جي ڪري ئي لعنت يا ڦٽڪار جو لائق ٿيو.

    19
    جو مون پڙهيو پاڻ لَئي، سبقُ سابِقَ جو،
    پهريِن سُڃاتم پانهنجي، نَفسَ جو نِهو،
    جِتِ عَرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَن روز ڪَيو،
    وري وَرَقُ پيو، گَڏيُم وَڍُ وصال جو.

    جڏهن مون پنهنجي سر، اصلوڪو سبق (الست بربکم) پڙهيو، تڏهن روح جو اصلوڪو خزانو يا آستان (عرش) سڃاتم، جتي روحن اصل ۾ (سموري جوڙ کان اڳي) خدائي علم جي رهاڻ پئي ڪئي. پوءِ اهڙو ورق وريو، جو جدائي جو زخم يا ويڇو ميٽجي ويو.

    20
    پَرهيو ٿا پڙهنّ، ڪَڙهن ڪين قُلُوبَ ۾،
    پاڻان ڏوهَ چڙهنّ، جئن وَرَقَ وَرائيِن وِتَزا.

    عالم ورقن جا ورق پيا پڙهن، پر دل سان ذرو به نٿا هنڊائين. هو اٽلو پاڻ تي گناهه پيا چاڙهين، جئن جئن گهڻا پنا ٿا اُٿلائين.

    21
    اَکر پَڙهُ اَلف جو، وَرَقَ سڀ وِسارِ،
    اَندر تُون اُجارِ، پَنا پڙهندين ڪيترا،

    تون هڪ الف جو ئي اکر پڙهه، ٻيا سڀ پنا دل تان ميساري ڇڏ. تون پنهنجو اندر ڌوئي صاف ڪر. گهڻا ورق پڙهي گهڻا پڙهندين؟

    22
    جئن جئن وَرَقَ وَرائِين، تئن تئن ڏٺو ڏوهُ،
    تنهن ڪَهڻيءَ ڪبو ڪوهُ؟ جي رهڻيءَ رهيو نه سُپرين.

    جئن جئن تون پنا پيو ورائيندين، تيئن تيئن نئون نئون گناهه پيو اکين آڏو ايندءِ. جي ڪو سڄڻ سٺي رهڻي نه رهيو ته سندس ڪهڻيءَ (سخنن) کي ڇا ڪبو؟

    23
    ڪاتِبَ! لِکيِن جِئن، لايو لامَ اَلف سين،
    اَسان سڄڻُ تِئن، رهيو آهي روح ۾.

    اي لکندڙ! جئن تون الف سان لام لائي (لا) ٿو لکين (الف ۽ لام ٻئي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن ۽ هڪ جهڙا پيا لڳن) تئن اسان جي اندر ۾ به سپرين اسان سان ائين رليو پيو آهي.

    24
    تَهڙا چاليِها نه چالِيهَ، جهڙو پَسَڻُ پِرينءَ جو،
    ڪهڙي ڪاتِبَ! ڪَرِئين، مَٿَي پَنَنِ پِيہ،
    جي وَرَقَ واريِن ويِہ، ته اَکر اُهو ئي هيڪڙو.

    چاليهه چاليها (چاليهن ڏينهن جا روزا) اهڙا نه آهن (اُنهن کي اهڙو شرف يا ثواب ناهي). جهڙو پرينءَ جو ديدار. اي لکندڙ! تون پنن جي مٿان ڪهڙي جلهه ٿو لائين! جي ويهه پنا اٿلائين ته به اکر اُهو ئي هڪ اٿئي.

    25
    تَنُ کَڏِي، مَنُ حُجرو، ڪَيم چاليها رَکُ،
    ڪوهُ نه پُوڄيو پوُڄئين، اَٺئي پهر اَلَکُ؟
    تان تون پاڻُ پَرَکُ! سَڀر ڪَنهن ڏانهن سامهون.

    جسم ئي مسجد ۽ من ئي ايڪانت (خلوت) جو ڪمرو آهي. چاليهه نه رک. اٺ ئي پهر ڇونه ٿو رب کي پوڄين؟ تون پاڻ کي سڃاڻ ته صاحب کي هر ڪنهن جي سنمک پسين. (رب کي هر هڪ روپ ۾ ڏسين).

    26
    سَڀڪَنهن ڏانهن سامهون، ڪو هنڌ خالي ناهِ،
    اَحَدا جي اَرَکَ ٿيا، سي ڪانئرَ ڪبا ڪانه؟
    مُحبَ منجهيِن مَنَ مانہِ، مون اَڄاڻنديءَ اُجهيو.

    صاحب سڀڪنهن جي سامهون آهي، ڪو به مڪان سندس نور کان خالي ناهي. جي هڪ رب کان منهن موڙيندڙ ٿيا، سي ڪانئر ڪيڏانهن ڪبا؟ پرين اصل کان من ۾ اندر ئي آهي، مون اٻوجهه هاڻ اهو پروڙيو آهي.

    وائي

    وسارج مَ ويڻ،
    جوڀَن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    لوٺيُون سَهَنِ لوڪ جا، وِهاڻيءَ ٿيون ويڻَ،
    اَصلُ اُسارِينِ جا، سُتي وِيَڙا سيڻَ،
    جيڏيون! جي مان وِسَهو، ننڊ مَ هيريو نيڻَ،
    راتڙيوُن جاڳن جي، سي آئون ڪندڙي سيڻَ،
    آڌيءَ رات اُٿي ڪري، جهل تون نِنڊان نيڻ.

    اِهي سخن نه وسارج ته جواني ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ئي آهي. نرلڄيون اسر جي ماڻهن جون ملامتون ٿيون سهن. اصل ويسلين جا پريتم سندن ئي ستي هليا ويا. اي سرتيون! مون تي جي ويساهه ڪريو ته پنهنجا نيڻ ننڊ تي نه هيريو. مان انهن کي پنهنجا پرين ڪنديس، جي راتيون جاڳن. اڌ رات جو اٿي، تون پنهنجن نيڻن کي ننڊ کان روڪ. (جي راتيون جاڳي، رب کي ياد نه ٿا ڪن، سي عاشقن جي نظر ۾ بي حيا ۽ ويسرا اهن، اُنهن تي هميشه واري ملامت آهي.)

    داستان ڇهون

    1
    دائودي ديوُن ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي رنگ،
    گهوڙيءَ هيٺ اَيَنگُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.

    هوڏانهن هو دائود جهڙو شاهه (معشوق) جلوا پيو ڏيکاري، هيڏانهن هن مسڪين (عاشق) ۾ ڪو رنگ نه رهيو آهي. هو بي پروا بادشاهه پنهنجن پاکرين (زرهه کڻندڙن) کي سٽيو گهوڙيءَ هيٺان ٿو هڻي.

    2
    دائودي دَيُون ڪري، رَنڪَنِ ڪونهي چيتُ،
    گهوڙيءَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.

    هوڏانهن دائود جهڙو شاهه جلوا پيو ڏيکاري. هيڏانهن فقيرن ۾ ڪا سرت يا هوش نه لڀي. هو هوشيار پاکرين کي گهليو گهوڙيءَ هيٺان لتاڙي.

    3
    او قابِيلَ! اَکين ۾، توکي باري بانَ،
    اُڀو اَڳرايوُن ڪرين، ماڳِ هڻيو مَستانَ،
    جانبَ! تون زيانَ، اَکين سين ايڏا ڪرين!

    او قابيل! (قابيل جهڙا قاتل) توکي اکين ۾ ڳرا تير آهن. تون مستانن مٿان سندس ماڳ تي ئي وڃيو ڏاڍايون ڪرين. اي جاني! تون نيڻن سان هيڏا هاڃا ٿو ڪرين!

    4
    جي هو پائيِن ڪان ڪَمانَ ۾، ته سينو سِپر رک،
    منهن ۾ معشوقن جا، چاڪَ چَٽڪا چَکُ،
    سوري ڀانءِ مَ شڪُ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبهِين.

    جي هو (پرين) ڪمان تي تير رکن ته تون پنهنجو سينو ئي ڍال ڪري بيهج. منهن ۾ محبوبن جا وڍ ۽ عذاب سهج، سوريءَ (شهادت) ۾ ڪو گمان نه آڻ. سچو عاشق ٿيءُ ته سوڀارو ۽ سرخرو ٿئين.

    5
    جي هو پائيِن ڪانُ ڪَمانَ ۾، ته سِپرَ ڏيج،
    منهن ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿي جهليج،
    پاهان پڳَ مَ ڏيجِ، عاشقُ ٿيُ ته اُبهيِن.

    جي هو (معشوق) تير ڪمان تي رکن ته پنهنجو سينو ڍال ڪري، ان کي اڳيان ڏج. پختو ٿي، محبوبن جا نشان منهن ۾ جهلج. پٺتي پير ڪري نه ورج. عاشق ٿيءُ ته سرخرو ٿين.

    6
    پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، ميان مار مَ مون،
    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

    اي سائين! ڪمان ۾ ڪان وجهي، مون کي فنا نه ڪر. مون ۾تون ئي موجود آهين. متان تنهنجو تير توکي ئي لڳي. (هتي شاهه صاحب جي نازڪ خيالي بينظير آهي.)

    7
    ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏِ نه هڻائين ٿا،
    ٿيا جي نِشانُ، ته پهرئين سان پورا هئا.

    ڪوڙا عاشق تير گسايو ڇڏين ۽ هرگز پاڻ تي نه ٿا وسائين. جن پاڻ کي نشان بنايو، سي پهرئين ئي ٻاڻ سان فنا ٿي ويا.

    8
    لاري جِت لڳوم، اُتِ اُڀو ئي آهيان،
    سورهُ پرين سِندوم، مانَ ٻاجهائي ٻيو هَڻي!
    جتي تير لڳو اٿم، تتي ئي بيٺو آهيان. من منهنجو سورهه سپرين مهر ڪري مونکي ٻيو ٻاڻ هڻي.

    9
    محبَت جي ميدان ۾، ڪر پَڙاڏو پَٽُ،
    سِرُ سوريءَ، ڌَڙُ ڪُنگرين، متان ڪُڇيِن ڪَٽُ!
    عشق نانگ نِپَٽُ، خبر کاڌن کي پوي.

    عشق جي پڙ ۾ اهڙو نعرو هڻ، جو خود پٽ مان پڙاڏو نڪري. (ڪي صاحب چون ٿا ته اِنهيءَ جو مطلب آهي ته پڙاڏي کي ئي نابود ڪري ڇڏ. نه عاشق ٻڙڪ ڪڍي ۽ نه اُن جو پڙاڏو ٿئي.) تنهنجو سر سوريءَ تي هجي ۽ ڌڙ برجن تي، ته به متان ڪي پٽيءَ ڪڇيو اَٿيئي. عشق نسورو نانگ آهي. اها سڌ اُنهن کي ٿي پوي، جن کي ان کاڌو آهي.

    10
    محبَت جي ميدان ۾، سِرَ جو ڪر مَ سانگُ،
    سوريءَ سُپرين جي، چَڙهُ ته ٿئين چانگُ،
    عشق آهي نانگ، زبر کاڌنِ کي پوي.

    عشق جي پڙ ۾ سر جو سانگو نه ڪر. محبوب جي سوريءَ تي چڙهه ته سچي صحت مليئي. عشق ڪاريهر آهي. اُن جي سڌ انهن کي ٿي پوي، جن کي ان ڪکيو آهي.

    11
    عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنس ڳِڀرُو،
    جِيَ جُسي ۽ جانِ جي، ڀَڃي جو هيڪاندِ،
    سِسي نيزي پاندِ، اُڇل ته اَڌ ٿئي.

    عشق، جو جيءَ، جسم ۽ جان جو پاڻ ۾ ناتو ئي ٽوڙيو ڇڏي، سو ڪا معمولي راند نه آهي، جا ڪي نوجوان ڪندا وتن. پنهنجي سسي نيزي جي نوڪ تي اُڇل ته وڍجي ٻه اڌ ٿئي.

    وائي

    عشقِ تمام، پره تمام وو!
    مئن لُوٺي يارَ لوڪو!
    سيجَ سُتي نُون جَهپَ نه آوي، نيڻين ننڊ حَرامُ،
    راتيان جاڳڻُ، صاحبُ سنڀالڻُ، اي فقيراندا ڪامُ،
    مَتِ عقلَ دي مُنجھه گَئي، آيا عشق اِمامُ.

    اي لوڪو، منهنجو عشق عروج (چوٽ) تي رسيل آهي ۽ مان پرينءَ جي لُٽيل آهيان. سيج تي ستل کي ننڊ نه ٿي اچي، نيڻن ۾ ننڊ حرام آهي. راتيون جاڳڻ ۽ سائينءَ کي ياد ڪرڻ، اهو فقيرن جو ڪم آهي. عشق رهبر ٿي آيو ته عقل جون متيون ئي منجهي ويئون. (هيءَ وائي سرائڪيءَ ۾ آهي.)

    داستان ستون

    1
    عاشقن الله، ويروتار نه وسري،
    آهَ ڪَرِيندي ساهُ، ڪڏهن ويندو نڪري.

    عاشقن کان ڪڏهن به الله نه ٿو وسري. (اُنهن کي هميشه الله ياد آهي.) ڪڏهن عشق جي آهه ڪندي، سندن پساهه پورو ٿي ويندو.

    2
    عاشِقَ اِئن نه هُونِ، جئن تون سَڄي اَڱڙين،
    وڃي دَر دوستن جي، رَتُ ڏِهاڻي رُون،
    ٻي پَرِ ڪنهيِن نه پُونِ، ماڪُرِ محبوبنِ سين.

    جئن تون سڄن لڱن سان (تازو توانو) آهين، تئن عاشق ڪڏهن به نه ٿا ٿين. هو هر روز محبوب جي در تي وڃي رت ٿا روئن. ٻئي ڪنهن به دستور هو پرين وٽ قبول نه ٿا پون.

    3
    جان عاشقَ رَتُ، تان دعويٰ ڪري مَ نيِنهن جي،
    سائو مُنهن، سوُنهن گَئي، سِڪَڻَ اَي شرطُ،
    نَڪي گوڏِ گَرَتُ، مٿا سَرَ سئودا ڪري.

    جيسين عاشق جي جسم ۾ رت آهي، تيسين محبت جو دم نه هڻي. زرد چهرو ۽ سموري سونهن چٽ ٿيل، اهو آهي سڪڻ يا عشق جو شرط، چيلهه ۾ ناڻو ٻڌل ڪونهيس: هو سر جو سئودو ٿو ڪري.

    4
    اَڃا تو منجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪري!
    مُنهن ۾ محبوبن جا، ڪِئن جَهليندين گهاءَ؟
    سو تون ڪُڇاڙِيا، سِڪَڻَ جون سڌُون ڪرين؟

    اڃا تنهنجي بت مان ڪک جي ڇهاءَ سان رت پيو نڪري! تون منهن ۾ معشوقن جو ڪيل گهاءُ ڪئن سهي سگهندين؟ انهيءَ ڪري تون ڇاجي لاءِ ٿو نينهن جون پچارون ڪرين؟

    5
    سِڪڻُ ۽ سوري، ٻئي اَکرِ هيڪڙي،
    وِهڻُ واٽَڙُينِ تي، ڪارَڻُ ضروري،
    ٻِنهي جي پُوري، جِيءَ ڏني رِيَ نه جُڙي.

    ”سڪڻ“ ۽ ”سوري“ ٻئي هڪ ئي اکر يعني ”س“ سان شروع ٿا ٿين. پرينءَ خاطر واٽن تي وهڻ، عاشقن لاءِ لازم آهي. جان ڏيڻ کان سواءِ انهن جي پورائي ٿيڻي نه آهي. (شاهه جي نظر ۾ ”سڪڻ“ ۽ ”سوري“ ٻئي هڪ ئي معنيٰ وارا لفظ آهن، ڇو ته ٻنهي جي پورائي، شهادت کان سواءِ ٿيڻ جي نه آهي.)

    6
    جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، ناتَ پَسُ سِڪندئين،
    پاسي تِنيِن مَ لِڪُ، نِينهنُ نه سُڃاڻن جي.

    يا ته سڪڻ سک يا ته هلي سڪندڙن کي ڏس: اُنهن جي ڀر ۾ نه لڪ، جي پريم يا عشق مان واقف نه آهن.

    7
    عاشِقَ! معشوقن جي، وٺي ويھُه ڳَري،
    جِمَ ورچي ڇَڏِئن، سندي دوستَ دَري!
    ڏِيندا ٻُڪي ٻاجھه جي، ويندءِ ٺَپ ٺَري،
    اَسان تان نه سَري، تو ڪئن سَري سپرين؟

    اي عاشق! تون وڃي معشوقن جي گهٽي وٺي ويهه. متان بيزار ٿي، محبوب جي ڳر کي ڇڏين. هو مهر جي ستي ڏيندءِ، پوءِ مڙيئي ڦٽ ميٽجي ويندءِ. اي پرين! اسان کي ته تو بنا نه سري، پر توکي الائي اسان بنا ڪئن سري!

    8
    عاشق! معشوقن جو، وٺي ويھُه دُڪاڻُ،
    پَئج پيش پِريُنِ جي، پَٽيءَ وجهي پاڻُ،
    ته تون تِنين ساڻُ، سدا رهيين سُرخُرو.

    اي عاشق! تون محبوبن جو هٿ وٺيو، ويٺو هج. پرينءَ اڳيان ڳچيءَ ۾ پلاند پائي، سر جهڪائج ته وٽن هميشه مانائتو رهين. (عاشقن کي هميشه نياز جڳائي.)

    9
    عاشِقَ! معشوقن جو، وٺي ويهج گَهٽُ،
    جِم وِرِچي ڇَڏئين، موکيءَ سندو مَٽُ،
    ڪري سِر جي سَٽُ، پيِچ ڪي پياليون.

    اي عاشق! معشوقن جي گهٽيءَ جو منهن جهلي وڃي بيهج. متان بر ٿي، ڪلال جي مٽ جي پچر ڇڏين. سر جو سودو ڪري، (سر نذراني ۾ رکي) شراب جون ڪي پيالون پيئج.

    وائي

    سُپيريان جي سونهن جي، ڳالهه ڪيِنَ وڃي،
    وڃي در دوستن جي، سُوريءَ سِرُ هَڄي،
    عاشقَ اَنگُن چڙهيا، ٻيو سَڀڪو ڀَڄي،
    پڇِجِ پوءِ پِريتڻون، پهريِن سِرُ سَڄي،
    واقِلَ ئي اوڇون ٿيا، ڀورو ڪيِنَ ڀڄي.

    سپرينءَ جي حسن جو ذڪر هر گز نه ٿو وسري. پرينءَ جي در تي وڃي، سوريءَ تي سر فنا ڪجي (چئجي). عاشق ئي نيزن تي ٿا چڙهن، ٻيو هر ڪو ڏهڪجي ڀڄي ٿو وڃي. پهرين سر سنباهي (سر قرباني لاءِ تيار ڪري)، پوءِ نينهن جي پچار ڪج. سياڻا، منجهي ڇيهون ڇيهون (حيران) ٿيا، پر هيءَ ڳجھارت ڪنهن کان نه ٿي ڀڄي.
    (روحاني راهه نهايت ڏکي ۽ منجهائيندڙ آهي.)

    داستان اٺون

    1
    هَرَ هَرَ هَرائي، وڃڻ دَرِ دوستن جي،
    پاڙا ڏانهن پِريُنِ جي، اُڄُ مَ اَوائي!
    اَلَڙُ ٿي آڇِ مَ تون، واٽاڙُن وائي،
    لائيِندءِ لطيف چئي، سوُران سَرهائي،
    ڳُجهو ڳالهائي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾.

    دوستن جي در تي گهڙيءَ گهڙيءَ وڃڻ هلڪڙائي آهي. اي وسوڙا! محبوبن جي گهٽيءَ ۾ تڪڙو تڪڙو نه وڃ. اڻ آزمودگار ٿي، واٽهڙن سان اِهو ڳجهه نه سل. پرين سورن يا عذابن ذريعي ئي توکي راحت بخشيندا. ڳجهي رهاڻ ڪري، پاڻ ۾ محبت ونڊڻ گهرجي.

    2
    سُورُ جنِين کي سَريو، سَري تن صحت،
    مِٺي مصيبت، آهي عاشقنِ کي.

    جن کي درد پڙپيو (سنجريو)، تن کي چڱڀلائي حاصل ٿي. عاشقن کي مصيبت پياري آهي. (سچي صحت سور ۾ ۽ سچي راحت مصيبت ۾ آهي.)

    3
    جي پياري پاڻَ، ته ڪَرهو ٿي پاڻي پِئين،
    اَڳي اِنَ نِياڻ، اَڻَ ڪوٺيو ڪون گِهڙي.

    جي پرين توکي پاڻ پاڻي پياري ته هوند اُٺ تي پاڻي پين (ڍاپڻ جي نه ڪري). ڪوبه اڻ ڪوٺايل اڳيئي اِنهيءَ حوض ۾ ڪونه ٿو گهڙي. (فيض اُنهن کي ٿو ملي، جن تي مرشد پاڻ مهر ڪري.)

    4
    اَڻَ ڪي عَيان نه ٿئي، ڪي پروڙي ڪونَ،
    سچي جيهي سونَ، منهن نه پيئي ماڙهوُئين.

    اَڻ ڪيل ڳالهه پڌري نه ٿي ٿئي ۽ ڪيل ڳالهه وري ڪو سمجهي نه ٿو. هيءَ سون جهڙي سچي ڳالهه ماڻهن کي آئڙي ئي نٿي.

    5
    اَڻَ ڪي عَيان نه ٿئي، ڪي پروڙي ڪون،
    سا سُونهِين ٿئي سونَ، اَمُرُ عطا جنهن جو.

    اڻ ڪيل ڳالهه ظاهر نه ٿي ٿئي ۽ ڪيل ڳالهه وري ڪو ٻجهي نه ٿو. اها سون جهڙي ڳالهه اُنهيءَ جي سونهون ٿيندي، جنهن جي انگ ۾ روحاني فيض لکيل هوندو.

    6
    ڇِنَنِ توءِ م ڇِن، پاءِ اُميري اُنِ سين،
    جي جو اوڳڻ ڪَنِئي، اَسُونهيِن! ته تون ڳُڻان ئي ڳِن،
    پاندُ جهليو تون پِن، هِن سُونهاري سَڱ ۾.

    جي توسان ناتو ڇني ڇڏين ته به تون اُن کي پنل تند وانگر ڳنڍيندي اچ. جي هو تو ۾ اوگڻ ڏسن ته اي نڌر! تون اُن کي گڻ ڪري وٺ. تون پلاند پوئي، هن سڳوري ناتي لاءِ وڃي وٽن پن ڪر.

    7
    نَمي کَمي نهار تون، ڏَمَرُ ڏولائو،
    ٿيِئيءَ ساڃائو، جي اُڀئين اِنهي پيرَ تي.

    نوڙت ۽ نماڻائيءَ سان نهاري هل، ڇو ته ڪاوڙ مان دک ۽ مونجهارو ٿو پلئه پوي. جي تون انهيءَ پير تي پختو رهين ته سچي ساڃهه حاصل ٿيئي.

    8
    کَمُ! کَمَندنِ کَٽِيو، هارايو هوڙَنِ،
    چَکيو نه چوندنِ، هو جو ساءُ صَبر جو.

    صبر اختيار ڪر! صبر وارن کٽيو ۽ هوڏ ڪندڙن بازي هارائي. سخن چوندڙن، صبر جو سواد نه ورتو آهي.

    9
    کَمَندَڙَن گَهر کِين، چَوندڙ چڱا نه ٿيا،
    ويڻَنِئون ويڌُ پَئي، هَٿِ نه اَچي ڪيِن.

    صبر وارن جي گهر ۾ خير آهي ۽ سخن پٽيندڙن کي ڪابه چڱائي حاصل نه ٿي ٿئي. اجاين سخنن مان ڇيهو ٿو رسي ۽ اُنهن مان ڪي ڪين ٿو هٿ اچي.

    10
    هُو چَوَنِئي. تون مَ چَؤ، واتان ورائي،
    اَڳُ اَڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
    پاندَ ۾ پائي، ويو ڪيِني وارو ڪِين ڪي.

    جي اڳلا توکي ڪي به چون ته تون موٽ ۾ کين واتان ڪي ڪين چئو. جيڪو به پهرين اڳرائي ٿو ڪري. سو ئي ڇيهي ۾ ٿو اچي. ساڙي وارو انسان ڪي ڪين ٿو حاصل ڪري. (پلاند ۾ ڪي به وجهي نه ٿو وڃي.)

    11
    ڪنِيِن ڪِينَ پِرايو، ڪِيني منجهان ڪِين،
    جي هوءَ سَٽاڻي سِيڱ، ته زه ڇِني جوکو ٿئي.

    ڪن به بغض مان ڪي ڪين حاصل ڪيو. جي ڪمان سخت ڇڪيل هوندي ته ان جي زِه (ڏوهر) ڇڄڻ سان ضرب رسندي.

    12
    اَڻَ چوندَنِ مَ چئو، چَوندَنِ چيو وسار،
    اٺئي پهرَ اَدب سين، پَرِ اهائي پارِ،
    پايو مُڻهن مُونن ۾، غُربَت ساڻ گذارِ،
    مُفتي منجهه وهارِ، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿئين.

    نه چوندڙن کي ڪجهه نه چئو ۽ چوندڙن جو چيو وساري ڇڏ. اٺ ئي پهر نياز سان اِها روش وٺندي اچ. گوڏن ۾ ڪنڌ وجهي مسڪينيءَ سان گهار. اندر ۾ فتويٰ ڏيندڙن (ضمير يا وويڪ) کي بيدار رک ته پوءِ قاضيءَ جو محتاج نه ٿين.

    13
    جِنيِن سَنديءَ ٻوڏ ۾، ڀَتون ڀَتين جِيُ،
    تَنَ! تِنين سين پِي، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

    اي منهنجا جسم! جن جي ٻوڏ چوڻ ۾ طرحين طرحين جي جيءُ سمايل آهي، تن جي ويجهو پکا اڏي، وڃي انهن سان گهار. (لفظي: انهن سان گڏ پاڻي پيءُ.)

    14
    ويٺي جِنيِن وَٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي،
    سا مَجِلس ئي مَٽِ، جي حاصل هوءِ هَزارَ جو.

    جن جي ويجهو ويهڻ سان مورڳو پيڙا وڌي وڃي، تن جي ڪچهريءَ کان ئي پاسو ڪر، پوءِ ڀل ان مان هزار جو فائدو حاصل ٿئي.

    15
    ويٺي جِنيِن وَٽِ، ڏُکندو ڏورُ ٿِئي،
    تن! تِنين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پکڙا.

    اي منهنجا جسم! جن جي ويجهو ويهڻ سان، پيڙا لهي وڃي تن جي ويجهو پنهنجا پکا اڏي، وڃي انهن سان (وقت) ڪاٽ.

    وائي

    تار سڄڻ جي فراقَ، ڙي جيڏيُون! آئون ماري!
    دَر دوسنِ جي ڪَئيِن جو هوندا، مُون جيها مُشتاق،
    جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آهِ حُسن جي هاڪ،
    سُرمو سَهي ڪر اَکين جو، خاص پِريان جي خاڪ،
    عبداللطيف چئي، پرين اَسان جو هميشه آحُسناڪُ.

    اي سرتيون! مان پرينءَ جي وڇوڙي جي ماريل آهيان. محبوبن جي در تي مون جهڙا ڪيئي عاشق هوندا. جتي ڪٿي پرينءَ جي سونهن جي هاڪ آهي. سپيرين جي پيرن جي پڻيءَ جو ملهه سڃاڻي، ان کي اکين جو خاص سرمو ڄاڻ. شاهه صاحب ٿو فرمائي ته اسان جو جانب هميشه حسن وارو آهي.


    سُرُ کنڀات

    داستان پهريون
    1
    ڀَلائي آهيِن، پِريِن ڀَلائيِءَ پانهنجي،
    سَٻاجها سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نه ڏِين،
    مان ڏي مَديُون ٿِينِ، سڄڻَ سَڄاينِ ۾.

    پرين پنهنجي ڀلائي جي ڪري سراپا (سمورا) ڀلائي آهن. هو ٻاجهارا ڪڏهن به منهن قابل ٿي ڏوراپو نه ٿا ڏين. منهنجي طرف برايون ئي آهن، پر سڄڻ پاڻ ڀلاين سان ڀريل آهن.
    2
    تون چَنڊَ! اُهوئي، جو هُتِ پسيِن ٿو پِرينءَ کي،
    آڏِتُ چئج اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئي،
    هيڪانديءَ هوئي، سانگُ مَ پوي سَڄڻين!

    اي چنڊ! تون اُهو ئي آهين، جو هُتي پرينءَ کي پيو ڏسين. جو سنيهو توکي روئي ڏيان، سو پرينءَ کي سڻائج. هن اڪيلائيءَ (يا وصل) ۾ ويٺل وٽان، شل پرين پري ٿي، سفر تي نه هليا وڃن.
    3
    مَرُ هيڪاندا هُونِ پِرين، سانگُ م وڃن سيڻ!
    رهيا آهيِنِ روح ۾، نِتُ جنيِن جا نيڻ،
    وِماسِيا جن ويڻ، ٿو تاريءَ تَڳي تِنِن هِنئون.

    شل اهي پرين نت گڏ هجن ۽ ڪنهن سانگي سفر تي نه وڃن. جن جون اکڙيون منهنجي روح ۾ هميشه پيئون وسن، جن سڄڻن جا سخن سنجيدا ۽ فهميدا آهن، تن جي آسري ئي منهنجي دل تڳي پيئي.

    4
    رات سهائي ڀُون سَنئيِن، ڀائي! گُهرجي ڀلُ،
    آهر ۾ الاچِيُون، چَندن چري چلُ،
    مون توئي سين ڳالهڙي، ٻِئي ڪَنهيِن م سلُ،
    هاهُرَ ڪندو هَلُ، ته کِجايُون کرن کي.

    رات سهائي ۽ پٽ سڌو ئي سڌو آهي. اي ڀائو! هتي مهر (يا همت) گهرجي. اي اُٺ! وٿاڻ ۾ ئي ايلاچيون (ڦوٽا) ۽ چندن چري هل. منهنجيون توسان ئي ڳالهڙيون آهن، جن جو ٻئي ڪنهن کي انت نه ڏج. هونگار ڪندو هل ته رقيبن (حاسدن) کي جکايون.

    5
    چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀرين، سَهسين ڪَرِئين سينگار،
    پَلَڪ پريان جي نه پَڙِين، جي حيلنِ ڪَرِئين هزار،
    جهڙو تون سَڀ ڄمارَ، تهڙو دَمُ دوست جو.

    اي چوڏهينءَ جا چنڊ! تون سهسين سينگار ڪري، نروار ٿو ٿين. پر تون پرينءَ جي صحبت جي هڪ دم برابر ٿي نه سگهندين، توڙي کڻي هزارين حيلا هلائين. جو جلوو تو ۾ ساري عمر (اول کان آخر تائين) آهي، سو محبوب جي هڪ پل جي سوجهري ۾ آهي.

    6
    سهسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسي چنڊنِ،
    بالله ري پِرينِ، سَڀَ اونداهي ڀانِئيان.

    سهسين سورج ۽ چوراسي چنڊ اڀرن ته به سائينءَ جو سنهن! ته پرينءَ بنا جي ڪر ساري خدائيءَ کي اونداهي سمجهان.

    7
    چَنڊَ تنهنجي ذاتِ، پاڙيان نه پِريُنِ سين،
    تون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجهرو.

    اي چنڊ! تنهنجي حسن ۽ خوبي کي سپرينءَ جي سونهن ۽ سوڀيا جو مٽ نه ٿو سمجهان. تون رڳو رات جو ٿو ٻهڪين، اسان جو پرين ٻارهوئي پيو ٻهڪي.

    8
    چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مٺي نه ڀانئئين،
    ڪڏهن اُڀرينِ سَنهڙو، ڪڏهن اُڀرِين ڳچ،
    مُنهنَ ۾ ٻريئي مَچُ، تو ۾ ناهِ پيشانِي پِرينءَ جي.

    اي چنڊ! سچ چوانءِ، جي بري ڳالهه نه سمجهين، ڪڏهين معمولي ته ڪڏهين سرس ٿو اڀرين. تنهنجي چهري ۾ چمڪ آهي، پر پرينءَ جو سهڻو مستڪ (نراڙ) توکي ناهي.

    9
    کَڻِي نيڻَ خُمار مان، جان ڪيائون نازُ نَظَرُ،
    سورج شاخُون جهَڪيُون، ڪُوماڻو قَمرُ،
    تارا ڪَتِيُون تائب ٿيا، ديکِيندي دِلبرُ،
    جهڪو ٿيو جَوَهَرُ، جانِبِ جي جَمالَ سين.

    جڏهن نشيلا نيڻ کڻي، ناز واري نظر اُڇليائون، تڏهن سورج جا ڪرڻا جهڪا ٿي ويا ۽ چنڊ ڪومائجي ويو. پرينءَ کي پسندي ئي تارا ۽ ڪتيون ادب سان پيش پيا. سپرينءَ جي اڳيان جوهر جي جوت به جهڪي ٿي ويئي.

    10
    تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لاَلنَ! اُڀرِين،
    جَهڙي تو صُبوح، تَهڙي صافِي سَڄَڻين.

    اي سهڻا لُڌا تارا! تون به تهڙيائيءَ ريت (معشوقي ناز سان) ٿو اڀرين. جهڙي چمڪ تو ۾ پرهه وقت آهي، تهڙي ئي اڇائي هميشه اسان جي سپرينءَ ۾ آهي.

    11
    تو ڏانهن گهڻو نهاريان، تارا! تيلاهِين،
    سَڄَڻُ جيڏاهِين، تون تيڏاهِين اُڀرين.

    اي تارا! مان توڏانهن انهيءَ ڪري گهڻو ٿو نهاريان، جو جنهن پار منهنجو پرين آهي، تنهن پار ئي تون ٿو اڀرين.

    12
    هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپرِين،
    سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَئوڙا نه ٿين ڪڏَهِين.

    منهنجا سپرين هن ڏورانهين تاري هيٺ آهن. منهنجن محبوبن ۾ ماکيءَ جو ميٺاج آهي ۽ هو ڪڏهن به ڪئوڙا ٿيڻ جا نه آهن.

    13
    تارا، تِرَ، تِروڪِڻِيُون، هَٿِن ڦلَڙيُون،
    کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مون پِرينءَ پُڄاڻا پيِئيون.

    پرينءَ جي منهن تي سنها تر، خال ۽ ڦليون آهن. ٻن پون اُهي راتيون، جي پرينءَ ريءَ گهارڻيون پون.

    وائي
    وَهلي وَنءُ مَ وِهامي! رَهُ رات!
    رائينديس پرينءَ کي،
    شمع ٿِينديَس شَب ۾، اِن خوشيءَ کان کامي،
    بابوئن سندي باه جِئن، ٻَران شال اُجهامي!
    پِرت جا پِريتمَ جي، سا ڪينَ پروڙي عامي،
    مونکي مون پرين ِجو، اهي دَردُ دَوامي،
    آهيان يارُ سَيّدَ جو، ڪانَ رهي ڪا خامي،
    هُوءَ جالَنئو، لطيف چئي، مونکي آهي مُدامي،
    روشَنُ ٿيا رُڃُنِ ۾، جي هُئان لَنئُون اِنهيءَ لامي،
    ڪاري سا قِيامَ سَنئيِن، هوتُ جنهن جو حامي،
    آيم تنهيِن لوڪَ سان، جيسين مان چَوَن سامي.

    اي رات! تون ترس، ستت ئي وهامي نه وڃ. مان پنهنجي پرينءَ کي ريجهائيندس. مان انهيءَ خوشيءَ وچان رات جو جلي، خود شمع ٿي پوندس. مان شل جوڳين جي دونهيءَ جيان اُجهامي وري پيئي ٻران. پرينءَ لاءِ جا پريت اَٿم، سا عام ماڻهو نه ٿا پروڙين. مونکي دلبر جو دائمي درد لڳل آهي. مان سيد سڳوري (نبي سڳوري) جو دوست آهيان، هاڻ مون ۾ ڪا به ڪچائي نه رهي آهي. هوءَ جا سچي لنئو آهي، سا مون کي هميشه لڳل آهي. جي انهي محبت ڏانهن نت مائل هجان، ته رڃن ۾ به جيڪر پيو ٻهڪان. جنهن جو ساڻي سڄڻ آهي، تنهن لاءِ ڪاري قيامت به سهنجي آهي. خلق سان تيسين گهارڻو اٿم، جيسين مون کي سوامي (پورو تارڪ يا تياڳي) ڪري سڏين. (جيسين روحاني سردار مون کي پورو تارڪ ڪري تسليم ڪن.)

    داستان ٻيو
    1
    ناسِيندي نِگاهَ، پهرين ڪج پِرينِ ڏي،
    اَحوال عاجزن جا، آکج لَڳِ اللهَ،
    روزُ نِهارينِ راهَ، اَکيُون اَوهان جي آسِري.

    اي چنڊ! تون اڀرندي ئي پهرين نظر پرينءَ ڏي ڪج. ڌڻيءَ ڪارڻ هنن نماڻن جا احوال کيس سڻائج: ”هو هر روز اوهان جي واٽ پيا تڪين ۽ اوهان جي آسري تي ئي هو اکيون کڻي پيا نهارين.“ (يا ”هنن جون اکيون اوهانجي انتظار ۾ راهه پيئون تڪين.“)

    2
    چَڱا چَنڊَ! چَئيجِ، سِنِيها کي سَڄِڻين،
    مَٿان اَڱڻ اُڀري، پِرينِ جي پئيج،
    جهِيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هَٿڙا.

    اي ڀلارا چنڊ! پرينءَ کي اسان جا پيغام پهچائج. سندن اڱڻ مٿان اڀري ۽ سندس پيرن تي هٿ رکي، نهايت نرمائيءَ سان ڳالهائج.

    3
    اُڀِرُ چَنڊَ! پَسُ پِريِن، تو اوڏا، مُون ڏُور،
    سَڄَڻَ سَتا وِلھه ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُور،
    پيرين آئون نه پُڄڻي، ٻاٻُل ڏِئي نه ٻُور،
    جنهن تي چڙهي اَسُورِ، سَنجهي سَڄَڻَ سِيٽيان.

    اي چنڊ! تون اڀر ۽ اُٿي پرينءَ جو درشن ڪر، توکي ويجها پر مونکان پري آهن. محبوب، وارن کي چندن سان واسي، کُليءَ هير ۾ سمهيا پيا آهن. مان پيرن سان پنڌ ڪري، وٽن پڄڻ جهڙي نه آهيان ۽ بابل ڪو اُٺ به نه ٿو ڏئيم، جنهن تي سوار ٿي، اسر جو سوير ئي پرينءَ جي پار ڏي ڪاهيان.

    4
    ڌَڻي! ڪَرِيندين ڪَڏهيِن، حياتيءَ هيڪاند؟
    مَنَ ۾ مُشتاقنِ جي، ڪي رنجائي راندِ،
    پِريِن ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجھُه ڳَرَهِيان ڪن سين؟

    اي ڌڻي! تون ڪڏهن هن حياتي ۾ منهنجو ساڻن ميلاپ ڪرائيندين؟ عاشقن جي اندر ۾ عشق جي آزار راند رچائي آهي. محبوب ڏيساور ۾ آهي، مان ڪن سان ويهي اندر جو ڳجهو حال اوريان؟

    5
    هِنئڙي سَڄَڻَ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هير؟
    اَچي لالَنِ! نه ڏِئين، مٿي پَلَنگَن پير؟
    ٿي وِرونهِڻ ويرَ، ڳُجھُه ڳَرهِيان ڪِنِ سين؟

    منهنجيءَ دل پرينءَ کي سنڀاريو آهي. هينئر هو ڪٿي هوندا؟ اي پرين! تون منهنجي پلنگن تي نه ٿو اچي پير ڌرين؟ هينئر رهاڻ جي مهل ٿي آهي. مان ڪنهن سان اندر جو حال اوريان؟

    6
    ڪَرَهو نه ڪيڪانُ، پيرين آئوُن نه پُڄڻي،
    جي مون رات رَساڻي، نيئي ساجَنَ ساڻ،
    مُون نه وَهِيڻو پاڻُ، ويٺي نِيڻَ نچوئيان.

    نه اُٺ نه گهوڙو، جو مون کي هلي رات جو پرينءَ وٽ پهچائي. پيرن سان پنڌ ڪري، مان پهچڻ جهڙي نه آهيان. مان پنهنجي وس ۾ نه آهيان. مان ويٺي اوسيئڙي ۾ نهاريان. (يا نيڻن مان نير هاريان.)

    7
    ڪَرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وڌندي پاءِ،
    منهنجو هلڻ اُتَهيِن، جتي جانِبُ جاءِ،
    توکي چَندنُ چارِيان، ٻيو وڳُ لاڻِي کاءِ،
    اِئين اُٺ! اٺاءِ، جيِئن هونديءَ راتِ هُتِ مِڙُون.

    اي اُٺ! ڍرائي ڇڏ، تڪڙي وک وڌاءِ. منهنجو هلڻ اتي آهي، جتي جانيءَ جي جوءِ آهي. مان توکي اتي چندن کارايان، جتي ٻيو سارو ولر لاڻي پيو کائي. اي اٺ! مونکي ائين کڻي هل، جئن هلندڙ رات جو ئي هلي، هتي پرينءَ سان ملون.

    8
    ڪَسَر ڇَڏِ ڪَنواٽَ! وِکُون وِجھُه وَڌَنديُون،
    سنئيِن سُپيرينِ جي، ونگي ڀانءِ م واٽ،
    ڇَڏ جهوري ڏي جهاٽَ، ته هونديءَ رات هُتِ مِڙُون.

    اي ڳڀرو اُٺ! تڪڙيون وکون کڻندو هل. محبوب جي سنئين ۽ سهنجي راهه کي ڏنگي ۽ ڏکي نه سمجهه. گيسر کي ڇڏ، سٽ ڏيئي هل، جئن هلندڙ رات جو ئي محبوب سان هلي ملون.

    9
    آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مان مُکڙيُون چري،
    ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪيو لاڻي کاءِ،
    اِنَ مئي سندي ماءِ!، مُون کي ڳالهڙين ڳوڙها ڪيو.

    ڪرهي کي وڻ سان اچي ٻڌومانس ته من مکڙيون کائي، پر ڪلڇڻو اُٺ لڪيو ڇپيو وڃيو لاڻي کائي. اي جيجل! انهيءَ اُٺ جي ڪرتوتن منهنجون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. (هتي اشارو انسان جي من ڏانهن آهي.)

    10
    مَيا! مَڃُ مِنٿَ، اَڄ منهنجي ڪَرها!
    جهاڳِيندي جَر پَٽيُون، متان ڪَرِئين ڪٿ،
    سُپيريان جي سَٿَ، مُون کي نيئي ميڙِئين.

    اي اٺ! اڄ تون منهنجي منٿ مڃ. واهڙ ۽ ميدان جهاڳيندي، متان ڪا ڳڻ ڳوت ڪرين. مون کي هلي پرينءَ جي ڪچهريءَ (ساٿ) سان ملاءِ. (هتي من کي منٿون ڪيون ٿيون وڃن ۽ پوءِ لب آڇيا ٿا وڃن.)

    11
    ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيُنِ ڳُتيسَ مالَ،
    ڪَديفي جي ڪَرَها! هيدي پاينءِ حال،
    چندن چارِينءِ جالَ، جي مُون رات رساڻِئين.

    اي ڪرها! ڳچيءَ ۾ ٺهه پهه ياقوتن جو هار ۽ موتين ڳتي مالها ۽ ريشمي مهار پايانءِ ۽ ججهو چندن چاريانءِ، جي تون مون کي هلي رات جو پرينءَ وٽ پهچائين.

    12
    مَيا! تو مُهارَ، سڄي پايان سون جي،
    چارِينءِ چَندَنَ چوٽِيُون، نايو مينديءَ ڏارَ،
    سَندي پِي چَچارَ، جي مُون رات رساڻِئين.

    اي چانگا! توکي سڄي سون جي گهڙيل مهار پايان، چندن جون مکڙيون کاراياءِ ۽ مينديءَ مٿان جهڪائي، ان جون ٽاريون چاريانءِ، جو تون رات جو هلي، مون کي پرينءَ جي پيچري لائين.

    13
    اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو،
    لَڳيس نائُڪ نينِهن جي، نيهوڙيو نانگو،
    ڇَڏي سِر سانگو، رِڙهي رند پِرينِ جي.

    اُٺ، نه ولر سان گڏ ٿو وڃي، نه ئي چري ٿو. کيس محبت جي ميخ لڳي آهي، جنهن هن نانگي کي فنا ڪري ڇڏيو آهي. هو هاڻ سر جو سانگو لاهي، پرينءَ جي راهه ڏانهن هلڻ جي ٿو ڪري.

    14
    وِهي مَنجههيِن وَڳَ، کَٿُوريءَ ڏارَ چَري،
    ماءِ! منهنجي ڪَرَهي، پَڌَرِ پَڳَ نه لَڳ،
    جڳَ سين جهڙو جَڳَ، هِنئين سي هُتِ چري.

    هاڻي اُٺ وڳر منجهه ئي ٿو وهي ۽ کٿوريءَ جون ٽاريون ٿو چري. اي امڙ! منهنجي اُٺ جو ڪوبه ظاهر ظهور نشان نه ٿو پسجي، جهان سان جهان جهڙو آهي ۽ اندر ۾ هتي (پرينءَ وٽ) ٿو چري. (سڌريل من ڏانهن اشارو)

    15
    اَڄ نه اَڳئينءَ ڍارَ، ڪَرَهو جيئن ڪالھه هو،
    اَڱڻِ آيو نه ڪري، پاهوڙي پچارَ،
    جيڪُس مَنجھه قَطار، ڪا وَل چِنائين وِهُ جي.

    اُٺ اڄ اڳين ڍار (روش) تي نه آهي، جيئن ڪالهه هو. اڱڻ ۾ اچي، تو بري جي به تمنا نه ٿو ڪري. شايد وڳر سان وڃي، ڪنهن زهريلي ول جي چش ورتي اٿس. (من اڄ وري ٿڙيل ٿو لڳي، سندس شيطاني سڀاءُ وڃڻ جو نه آهي.)

    16
    مَيي ماڪائي، وِڌو واتُ وَلين کي،
    خبر ٿِي کيٽَ ڌَڻينِ کي، وِڏاوُڙا واهي،
    ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇڏي، وَريس نه وائي،
    چانگي چَرِيائي، ويئي ويچاري وِسري.

    ڪرهي ڪڏي، وڃي ولين ۾ وات وڌو. اها سڌ ٻنين جي مالڪن کي پيئي ۽ انهيءَ تي سندس رکپال به ڏمريا. ميي جو سارو ست نڪري ويو آهي ۽ وات مان ڪا هونگار نه ٿي نڪريس. ويچاري اُٺ کي سموري مستي وسري ويئي آهي.

    17
    وَٽي سيٽَ سُوٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرَهي،
    وَليُون واسَ وَرِنيُون، پَهريُون مَٿي پَٽَ،
    چانگي چَکي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهَندو پَئدَ ري.

    مضبوط نوڙيون وٽي پنهنجي اُٺ کي پاءِ. سرهيون وليون پٽن تي پکڙيون پيئون آهن. چانگي جي چشڪو ورتو ته پوءِ بنا ڏانوڻ جي رهڻ جي نه ڪندو. (من جي هڪواريءَ ظابطي اندر رهي، روحاني ساءُ ورتو ته پوءِ هميشه قبضي هيٺ رهڻ پسند ڪندو.)

    18
    ڪَرهي کي ڪئين، وِڌَمِ پَئدَ پَلَڻَ جا،
    ليڙو لاڻيءَ کي چَري، نِيرَ ساڻ نَئيِن،
    چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحب! وِجھُه سَنئيِن،
    اوباهيوس ائيِن! لُطفَ ساڻُ لطَيفُ چئي.

    اُٺ کي روڪڻ لاءِ ڪئين ڏاوڻ وڌم. چانگو زنجيرن سوڌو نئڙي، وڃيو لاڻي چري. اي ڌڻي! تون ئي پنهنجي مهر سان کيس سنئين راهه تي هلاءِ. (من روڪڻ سان به باز نه ٿو اچي ۽ براين ڏانهن پيو ڀڄي.)

    19
    چانگي چَئي چُڪياسِ، مَٿان اڪ نه اُلهي!
    جنهن ولِ گهڻا وِهاٽيا، اُنَ سين آر لَڳياسِ،
    چوڌاري چَندَنَ وَڻَ، پَچي پوڄ پياس،
    رُئاري رَتُ ڪَياسِ، هِنَ ڪُڌاتورُي ڪرهي.

    اُٺ کي سمجهايم ته اڪ جي مٿان نه وڃي پئه، جنهن ول گهڻن جو هوش نهوڙيو آهي، تنهن سان ئي وڃي نينهن اڙيو اٿس. چؤطرف چندن جا جام وڻ پچي راس ٿيا اَٿس. هن ڪلڇڻي اُٺ مون کي رت رئاريو آهي. (مٿين ٻن بيتن ۾ نجس من ۽ ان جي برين خصلتن ڏانهن اشارو آهي.)

    20
    اُٿي اَڙائيِنس، ڇڏيو ته ڇيڪ ٿيو،
    کارايان، کِڙِيو وڃي، پلاڻي پائيِنس،
    ڏانوڻِ تنهن ڏانئيِنسِ، جِئن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻو.

    اُٿي اُٺ کي پئد وجهه، جي تو ڇڏيس ته ڇيڪ پيو گهمندو. جي کارايانس ٿو ته ٽهيو وڃي (هلڻ جي نه ٿو ڪري)، اُٿي ڪو پلاڻ يا بوجو وجهينس (ته ٽاهه لهيس). اهڙو ڪو ڏانوڻ وجهينس، جو چري به پيو ۽ هونگاريندو به وتي.

    21
    دُودستي، دوپيرَ، سيِني سَنگهَرَ رُڪَ جي،
    ماءِ! مُنهنجي ڪَرَهي، تازي ڦلَنِ هيرَ،
    تنهن ڪامڻ ڪَندي ڪير؟ جو مُونهِين وَٽِ مَسَ رَهي!

    اڳين ٽنگن توڙي پوين ٽنگن ۾ نير ۽ سيني ۾ رڪ جي زنجير پيل اٿس. اي جيجل! منهنجي اٺ کي تازن گلن چرڻ جو عادت آهي. تنهن کي ڪير ڇل ول هڻندو، جو مون وٽ مس رهڻ جي ٿو ڪري.

    22
    ڪنين ڪامَڻَ ڪَياءِ؟ ڪيِئن ڀَنڀولِئين ڪَرَها!
    اَکيُن مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پير گَٺاءِ!
    وڳَ ڪِ وِسرِياءِ؟ ٻَڌو جِئن گهاڻي وَهيِن.

    اي ڪرها! توکي ڪن جادو ڪيا آهن ۽ تون ڪئن ڀنڀلجي ويو آهين؟ اکين تي کوپا پيا اٿيئي ۽ گهاڻي جي پڙ ۾ پير گٺا اٿيئي. ڪئن وڳر وسري ويا اٿيئي، جو قابو ٿيو گهاڻي ۾ پيو وهين؟

    23
    کائي نه کَٽَڻَهارَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪري،
    اَگَرَ اوڏو نه وَڃي، سِرِ کَنڊَ لَهي نه سارَ،
    لاڻيءَ جي لَغارَ، ميو مَتارو ڪيو.

    ميو کٽڻهار نه ٿو کائي ۽ چندن جا چوپا ڪري اُن کي ٿوڪاريو ڇڏي. اگر جي ويجهو نه ٿو وڃي ۽ سرکنڊ کي به نه ٿو پڇي. لاڻيءَ جي چش اُٺ کي مچائي متارو ڪيو آهي.

    24
    چانگا! چَندَنُ نه چَرين، مَيا! پِئين نه موڪَ،
    اَگَرَ اوڏو نه وَڃيِن، ٿُڪيو ڇَڏِئين ٿوڪَ،
    لاڻي وِچان لوڪَ، تو ڪَهڙي اَکَرِ آئڙي؟.

    اي اُٺ! تون نه چندن ٿو چرين نه ٿو جالاري پاڻيءَ مان ڪجهه پين. اگر جي ويجهو نٿو وڃين ۽ اُچا کاڄ ٿوڪاريو ڇڏين! هن ساري خلقت ۾ توکي ڪهڙي ڪارڻ لاڻي وڻي آهي؟ (اي من! تون ڇو ٿو براين ڏانهن گهلجي وڃين؟)

    25
    جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺيُون، پَنجين لَکين پاءُ،
    مَيو تنهن ماڳاءِ، ڏيهاڻي ڏارَ چَري.

    جتان هڪ ڪروڙ ۾ ٻه ڪاٺيون ۽ پنجين لکين هڪ پاءُ ٿو ملي، اُنهيءَ هنڌان اُٺ هر روز ٽاريون ٿو چري.

    26
    لَک لاکيِڻو ڪَرَهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهِ،
    ايلاچِيون آهُرَ ۾، پُوڄَ مَيي کي پاءِ،
    ڪَٿَ نه ڪَندو ڪاءِ، جُه پَلاڻيو ته پِرِينءَ مِڙي.

    لک لهندڙ اُٺ ڪروڙ ڏيئي به ڪاهي وڃ. چاري ۾ اُٺ کي جام ايلاچيون (ڦوٽا) ڏي. پوءِ هو هلڻ ۾ ڪابه ڳڻ ڳوت نه ڪندو. جان ئي پلاڻيو تان ئي پرينءَ وٽ پهتو.

    وائي 1
    سَڌين سيڻَ نه هُون،
    نِينهن نِياپي نه ٿِئي،
    ڪاريءَ رات رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُونِ،
    موٽَڻُ جنيِن ميهِڻو، پِڙ تي سيئي پونِ،
    جِنِ مُسافرَ سُپِرين، سي مَرُ رويو رُونِ.

    رڳو سڌن ڪرڻ سان پرين نٿا ملن ۽ رڳو نياپن سان پريم جي پورائي نه ٿيندي آهي. جيسين اونداهيءَ رات ۾ اکيون رت نه ٿيون روئن، (تيسين پرين نه ملندا آهن ۽ نه سچي محبت ٿيندي آهي.) محبت جي ميدان تي اُهي ڪڏي اچن، جن لاءِ موٽڻ عيب آهي. جن جا پرين مسافر (ٿورو وقت رهندڙ) آهن، سي ڀل رويو روئن.

    وائي 2
    توڻي تڙِئين نُون، يا اَلا!
    تو دَرو توءِ نه ڇڏيان!
    مونکي سو مُشاهدو، جي مُنهن نه ڏئين مُون،
    مُون ٻيا درَ گهڻا نِهاريا، آهِئين تُون ئي تُون.

    اي ڌڻي! توڙي تون مونکي پاڻ وٽان تڙي ڪڍين، ته به تنهنجو در نه ڇڏيان. مون لاءِ اهو ئي ديدار آهي، جي تون مونکي منهن نه ڏين. ٻيا در گهڻيئي ڀيٽيا اَٿم، پر سچ ته تون ئي منهنجو آڌار آهين.


    سُرُ سريراڳ

    داستان پهريون

    1
    مانَ پُڇَنِئي سُپرِين، چِتان لاهِ مَ چَرُ،
    اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ ته خالي نه ٿئين.

    تون پرينءَ جي پچار دل تان نه لاهه ته من پرين به تنهنجي سار لهن. سندن مڙيئي حڪم مڃ ته ڪڏهن به سندن فيض کان پالهو نه رهين.

    2
    مانَ پُڇنئي سُپرِين، چِتَ ۾ رکِج چيتُ،
    سِڙهُ ڌُئاري صافُ ڪَرِ، صابُڻَ ساڻ سُپيتُ،
    سامُونڊي! سُچيتُ، ٿِيُ ته پهچين پارَ کي.

    من ۾ سپرينءَ جي سنڀار رک ته من هو تنهنجي سنڀار لهي. سڙهه، صابڻ سان ڌئاري اڇا ۽ اوجل ڪر. اي وڻجارا! اهي سرت رک ته پرينءَ ڀر سلامتي سان هلي پهچين. (آخرت ۾ رهجي اچيئي.)

    3
    مانَ پُڇنِئي سُپرين، چِتان لاه مَ چورُ،
    ڪَڍي ڇَڏِ قَلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
    هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مٿان تو معافُ ٿئي.

    من مان پرينءَ جي پچار نه ڪڍ ته من هُو تنهنجي سار لهن. پنهنجي دل مان سمورو فريب ڪوري ڪڍ ته هن پار (آخرت) جي خوف کان ڇٽين. (هتي جي سزا کان معافي مليئي.)

    4
    مانَ پُڇنِئي سُپِرين، چيتاريجِ چِتُ،
    دائما دُوربيءَ ۾، پَسين وِلاتُنِ وِتُ،
    نيه نيکاري نِتُ، مَلاحَ! گڏ مُعلِمَ سين.

    چت ۾ پرينءَ جي سرت رک ته اندر جي دوربينيءَ (وسيع نظر) ۾ هميشه ولايتن جون دولتون (روحاني خزانا) پسين. اي ناکئا! تون ڀي ٻيڙيءَ کي نت اجاري، ان کي معلم (سامونڊي سونهي) جي حوالي ڪر.

    5
    ڪايو ڪَمايومِ، موتي مون نه وَڻِجِيا!
    سِيهي جو سيَدُ چئي، وَکَرُ وِهايومِ!
    هَهڙو حالُ سندومِ، توهَ تُنهنجي اُبَهان!

    مون شيشي جو (ڪوڙ جو) وڻج ڪيو ۽ موتين جو واپار نه ڪيو. شيهي (ڪوڙين ۽ خسيس شين) جي وکر جو سودو ڪيم. منهنجو حال اهڙو ئي آهي، پر مان تنهنجي ئي مهر تي پيو تڳان.

    6
    ڪَچُ ڪَمايومِ ڪوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ اللهَ جا!،
    پَڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽيءَ تائين چُورُ،
    مَعلومُ اَٿيئي مُورُ، ڳُوڙها! اِنهيءَ ڳالهه جو.

    ڪچ ۽ ڪوڙ جو واپار ڪيم ۽ صاحب سان ڪيل اقرار ڀڳم. هيءَ ديهي، جا پاپن جو پڃرو آهي، سا خطائن سان پُر ٿي پيئي آهي. اي بي انت مالڪ! توکي انهيءَ حقيقت جي سموري ڄاڻ آهي. (يا موڙهل! اها ڪل ڄاڻ اٿيئي؟)

    7
    ڪُوڙُ ڪَمايُءِ ڪَچُ، اُٿي اورِ اللهَ! سين،
    ڪَڍُ تون دَغا دل مان، صاحِبُ وڻي سَچُ،
    محَبت سندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ! ٻارجِ مَچُ،
    اِنَ پَرِ اُٿي اَچُ، ته سودو ٿِئيئي سَفَرو.

    ڪوڙ جو واپار ڪيو اٿيئي، اُٿي ڌڻيءَ سان پنهنجو حال اور. تون دل مان ڪوڙ ڪپت ڪڍي ڇڏ، ڇو ته صاحب وٽ رڳو سچ ٿو اگهي. اي املهه موتي! (انسان) پنهنجي من ۾ سچيءَ محبت جو مچ ٻارج. اِنهيءَ ريت پيش اچج، ته تنهنجو وڻج سجايو ٿئي.

    8
    لُڙَ، لهريون، لَسَ، ليٽَ، جتِي اَنتُ نه آبَ جو،
    الله! اُتِ مَ اولِئين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
    جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ،
    لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غاريبي غُرابَ کي!

    جتي ڪنن جا ڪڙڪا پيا پون، لهرن جي لپيٽ، پاڻيءَ جي اڇ ۽ اٿل لڳي پيئي آهي، آب جو انت ئي نه ٿو پوي، تتي اي ڌڻي! هنن جي ٻيڙن کي ڌڪي، ڪنهن خوفائتي ٻيٽ سان نه وڃي هڻج. شل جهاز کي ڪو ڇيهو نه رسي ۽ ٻيڙيءَ کي ڪا ڇپيٽ نه اچي. شل هن غراب کي ڪا ضرب نه پهچي!

    9
    سِڙهَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سندن ميرَ،
    ساٿي سَفَرِ هَليا، ٿِيا سَڻاوا سيِرَ،
    جي اَچَنِ ساڻُ اُڪيِرَ، سي ٻيڙا رَکيِن ٻاجھَه سين.

    سندن سڙهه سڌا، رسا نوان ۽ ملاح ملوڪ آهن. سوداگر، سڻائيءَ واءَ تي سمنڊ جي سفر تي اُسهيا آهن. اُهي جهاز، جي وڏي سڪ سان واپس ٿا ورن، تن کي شل پنهنجي مهر سان سلامت رکين!

    10
    منجهان پيئي مَڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻيءَ بُوند،
    سيئي ڏِٺم رُوند، وَکَرُ جِن وِڃائيو.

    ٻيڙيءَ ۾ اندران ئي اندران پاڻي ائين ڪو ڦڙو ڦڙو ڪري آيو، جو جن جو وکر خراب ٿيو، تن کي اکين مان آب هاريندي ڏٺم.

    وائي
    سَهسين شُڪرانا،
    ڪوڙِيين ڀال ڪريم جا،
    حَمد چئج حڪيمَ کي، جورِ هڻي جانا،
    تو ڏيکاري تو ڌڻي، باطِنَ جا بانا،
    مَتان، مردَ! وسارئين، صاحَبَ جي ثَنا،
    دوستُ رکي دل ۾، پَڙَه لالُن لِسانا،
    جَفا ڏيئي جِيَ کي، ٿِيُ فِڪرَ منجھه فَنا،
    تُسي توسين توهُ ڪري، مَنَ آگو اَحسانا،
    ڪَڍُ تون دغا دل مان، ٻانَهپَ سين، ٻانا!
    صاحبَ وڻي سَچَ سين، ٿِيُ دانھ، ديوانا!
    جي تسليمَ سين تَحقيقُ هئا، سي ڪِيئن اَمانا؟
    جاڳيا جي جَبارَ لَءِ، سيئي سَمانا،
    فَاذکُرُونِي اَذکُرکُم، ڪَهِيو قُرآنا،
    وَاشکُرُ والِي وَلاتَکفُرُونِ، ڪَڍُ تون ڪُفرانا،
    سَڀِ سَنواريا سُپِريِنءَ، ڪُوَلَ تو ڪَنا،
    چڱي چئج چاهَ سين، مَدحَ اِي منا،
    تائب ٿيو تَڪڙا، جوشا، جُوانا!
    ته لَهِين تون لَطيفُ کان، امَنُ اِيمانا.

    سهسين شڪرانا ۽ ڪروڙين ڀلايون ٻاجهاري سائينءَ جون، انهيءَ سياڻي صاحب جي ساراهه، زور سان جانا ڀري، (توبهه ۽ زاري ڪري)، ڪج، ته هُو توکي اندر جا رنگ ۽ لقاء ڏيکاري. اي مرد! متان تون رب جي واکاڻ کي وسارين. سپرينءَ کي چت ۾ رکي، زبان سان انهيءَ سهڻي جي ساراهه ڪر. تن کي تسيا ڏيئي. سندس خيال ۾ محو رهه. مَنَ ڌڻيءَ ريجهي، پنهنجي لطف سان، توتي ڪو فيض ڪري. اي ٻانها! ٻانهپ جي تاثير سان، دل مان دولاب ڪڍي ڇڏ. اي ديوانا! سياڻو ٿيءُ. صاحب کي رڳو ٿو سچ وڻي. جي رب جي رضا تي سچيءَ طرح راضي ٿيا، سي ڪئن بي مانا ٿيندا؟ جن سگهاري صاحب لاءِ راتين جو اوجاڳا ڪيا، سي ئي مان وارا ٿيا. ”ياد ڪريو مون کي، ته ياد ڪريان اوهان کي“: ائين قرآن شريف ۾ فرمايو آهي. ”شڪر ڪريو منهنجو ۽ ڪفر نه ڪريو“. (اهو ياد رکي) دل مان بي شڪرائيءَ کي ڪڍي ڇڏ. جيڪي برايون تنهنجي پاران هيون. سي سپرين سڌاري ڇڏيون. اها ساراهه، چاهه مان دل سان ڪج. اي جوانو! جوش سان (دل جي سچائي سان) ترت توبهه ڪريو ته ٻاجهاري رب کان امن ۽ ايمان (سلامتي ۽ سچو ويساهه) حاصل ڪريو. (هن وائيءَ ۾ شاهه صاحب، توبهه ڪرڻ، ڌڻيءَ کي واکائڻ. سندس شڪرانا مڃڻ ۽ سندس ياد ۾ راتيون جاڳڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڌڻيءَ جو شڪر نه مڃڻ وڏو ڪفر آهي ۽ سندس رضا راضي رهڻ سچو فقر آهي.)

    داستان ٻيو

    1
    جيڪي منجِھه جَهانَ، سو تاريءَ تڳي تنهنجي،
    لُطف جي لَطيفُ چئي، تو وٽ ڪَمي ڪان،
    عَدُلَ ڇُٽان آئون نَه، ڪو ڦيرو ڪَج فَضُلَ جو.

    جيڪي به جهان ۾ آهي، سو تنهنجي ئي آڌارا تي پيو هلي، تو وٽ ٻاجهه جي ڪمي ڪانهي. نياءُ (انصاف) سان منهنجو سزا کان ڇٽڻ ڪونهي، تون پنهنجي مهر سان ڪو وڙ ڪر.

    2
    ساري راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو،
    اُنَ جي عبداللطيفُ چئي، مِٽيءَ لڌو مانُ،
    ڪوڙين ڪَنِ سلامُ، آڳھِ اَچيو اُنِ جي.

    جن ساري رات اوجاڳو ڪري سائينءَ کي سنڀاريو، تن جي مئي کان پوءِ سندن خاڪ کي به مان مليو. اُنهن جي آستانن تي ڪروڙين اچي سجدا ڪن ٿا. (ڌڻيءَ جي عاشقن جي خاڪ ڪيميا آهي ۽ سندن آستان زيارتگاهه آهن.)

    3
    سيوا ڪَرِ سمنڊَ جي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ،
    سَئين وهَن سِيرَ ۾، ماڻڪ، موتي، لالَ،
    جي ماسو جُڙيئي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿئين.

    تون سمنڊ جي سيوا ڪر، جنهن ۾ اٿاهه جل پيو وهي. اُن جي سير ۾ اڪيچار ماڻڪ، موتي ۽ لال وهندا ٿا وڃن. جي انهيءَ خزاني مان رتي ئي ملي وڃيئي ته به اي پوڄارا! جيڪر مالا مال ٿي پوين.

    4
    سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ،
    آندائُون عَمِيق مان، جُوتي جَواهرنِ،
    لَڌائُون لطيفُ چئي، لالون مان لَهرنِ،
    ڪانهي قيمتَ تِنِ، مُلھه مَهانگو اُنِ جو.

    جن پوڄارن سمنڊ پوڄيو، سي مالامال ٿي پيا. انهن اونهي مان جواهرن جا ڍڳ لهي، ٻاهر آنديون. هنن لهرن مان اهڙا لال ڳولي لڌا، جن جي بها ڳري، بلڪه ڪٿ کان ٻاهر آهي. (هتي حقيقي بحر ۽ اُن جي بي بها موتين ڏانهن اشارو آهي.)

    5
    سيويو جن سُبحانَ، وِيرِ نه وِڙهي تن سين،
    توبَهَ جي تاثيرَ سين، تَرِي ويا طوفان،
    ڏيئي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرُ لَنگهِيا آسانُ،
    ڪامِلُ ڪِشتيِبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُن واهَرُو.

    جن سائينءَ کي پوڄيو، تن سان وير (دنيا جي خوفن ۽ خطرن جي خرابي) نه ٿي وڙهي. هُو توبهه ۽ زاريءَ (پڇتاءُ) جي اثر ڪري طوفانن مان به سلامتيءَ سان پار اُڪري ويا. هو توڪل (ڌڻيءَ جي ڀروسي) جو آڌار وٺي، سهنجائيءَ سان هن جهان مان اُڪري ويا. اُنهن کي وچ سير ۾ ڪنهن ماهر ٻيڙياتيءَ جي واهر جا هٿ اچي رسيا.

    6
    ساري رات سُبحانَ، سودو ڪَن صاحبَ سين،
    ٻانهپَ ڀَري ٻيڙِيون، هليا جوپَ جوانَ،
    پاڻي پَهلوانَ، لَحظي مَنجِھه لَنگهي ويا.

    سڄاڻ ٻيڙياتا ساري رات صاحب سان سچ جو سودو ٿا ڪن (صاحب کي ٿا سنڀارين). اُهي جنگ جوان، پنهنجيون ٻيڙيون، ٻانهپ جي وکر (عجز ۽ نياز) سان ڀري ٿا نڪرن. اُهي سورهيه ساعت ۾ ساگر اُڪريو وڃن.

    7
    اِيَ گَتِ غواصَنِ، جئن سَمنڊُ سوجِهيائُون،
    پيهي مَنجھه پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون،
    آڻي ڏِنائُون، هيرو لال هَٿنِ سين.

    اِها ڄاڻ ٽوٻن کي ئي آهي ته ڪهڙيءَ پر سمنڊ ۾ پيهي تلاشون ڪجن. هو اونهي ٽٻي هڻي ماڻڪ ميڙي آيا ۽ پنهنجن هٿن سان هيرا ۽ لال (بي بها موتي) آڻي حاضر ڪيائون. (اها ڄاڻ عارفن کي آهي ته ڪيئن حقيقي عميق ۾ ٽٻيون هڻجن ۽ سچا موتي لهجن.)

    8
    آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏيا غَواصَنِ،
    جهمريُون جهاڳي آئيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
    سمنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا.

    ٽوٻن کي اونهي ساگر جون لهرون سامهون آيون. هو ڪارن ڪنن جا خوفائتا گهيڙ به پار اُڪري ويا. هنن سمنڊ ڦولهي، اَملهه ماڻڪ ڪڍي ٻاهر آندا.

    9
    ويا جي عَميقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي،
    تِنِ سِپُون سوجهي ڪَڍيُون، پاتاران پيهي،
    پَسندا سيئي، اَمُلَ اَکَڙِيِنُ سين.

    جي منهن تي شيشي جو نقاب پهري، اونهي ۾ گهڙيا، تن اوڙاهه ۾ پيهي، تري مان سپون ڳولي ڪڍيون. اهڙا ئي اکين سان املهه موتي پسندا. (جن دنيا جي ساگر ۾ اکيون، ڪن ۽ چپ ٻوٽيا، تن کي روحاني ماڻڪ مليا.)

    10
    آڏو چِڪَڻُ چاڙ، مُنهنجي موجَ نه سهي مَڪُڙِي،
    مِيڙي مَٺايُن جو، بيحَد چاڙهيم بارُ،
    چَوَڻَ چارو ناهِ ڪو، بَديُون بيشمارُ،
    ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين.

    اڳيان چڪڻ ۽ سمنڊ جو چاڙهه آهي ۽ منهنجي ٻيڙيءَ ۾ لهرن جي سٽ سهڻ جو ست ناهي. مون براين جو بي انداز بار ميڙي ان ۾ سٿيو آهي. منهنجون مدايون چوڻ کان ٻاهر ۽ اڻ ڳڻيون آهن. اي سائين! تون ئي پنهنجي ٻاجهه سان شل مونکي هن اونداهيءَ ۽ ڀوائتي ڪپر کان اُڪارين!

    11
    وِيرَ مَ لاهي ويههُ، مٿي آرَ اوڙاهَ جي،
    پَسي پاڙي واريُون، ڪج اَنديشو اَيھ،
    ويندو نه پَسِين ڏيھ، پَتَڻِ هُن پارِ مَڻي؟

    هن اوڙاهه پاڻيءَ (جهان) ۾ غفلت ڇڏي، هوشيار ٿي ويهه. پاڙي وارين کي ڏسي، اهو ئي ويچار اندر ۾ رکندو اچج. هر ڪنهن کي پتڻ تان هن پار ويندو (ٻئي جهان ڏانهن لڏيندو) نه ٿو ڏسين؟

    12
    هِڪي ٻانهي چِتَ ۾، ٻي سِٽي صاحِبُ،
    ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اي آگي جو عَجَبُ،
    اِيُ سائينءَ جو سَبَبُ، جِئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.

    ٻانهي (انسان) جي من ۾ هڪڙي ته رب وري ٻي ڪا ٻي رٿ پيو رٿي. اهو ڌڻيءَ جو ئي عجيب ڪرشمو آهي، جو اونهي ڪن مان به ڪڍيو ٻاهر ڪري. اهو ڌڻيءَ جو ئي امر آهي، جو ٻڏندڙن کي به اونهي پاڻيءَ مان اُڪاريو ڇڏي.

    13
    هِڪي ٻانهو چِتِ ۾، ٻي جا ڪري اَللهُ،
    پاڻَهين وجهي ڪُنَ ۾، پاڻهِين اُڪاري اوڙاهُ،
    تنهن واحد کي واهُ، جو سُتَڙِ سڀيئي ڪري.

    بندي جي من ۾ هڪڙي ۽ ٻي جا الله پاڻ جوڙي. هو پاڻ ئي ڪنهن کي ڪن ۾ هڻي ۽ پاڻ ئي وري ان کي اوڙاهه مان ڪڍي. اها رٿ هڪ رب جي ئي آهي، جو مڙني کي سڻائي تڙ تي لڳائي.

    وائي
    ڪَنڌي ساريان ڪانَ، يا َاَمُن! اَمانَ!
    يا اِلهي! ٻاجَھه ٻِلاٽي ڀانئيان،
    ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناه ڪو، اَپَرِ ٿيا عِصيانَ،
    خَبَر ناه قَبَر جي، نِسورا نِسيان،
    والي! رَسج وَهِلو، اَرَکَ ٿيا اِنسانَ،
    سُڻُ سَٻاجها سُپرِين، نَعرو نِگَهبانَ!
    مَدِيُون پَسي مُنهنجون، شَرِمايا شَيطانَ!
    هِنَ مُنهنجي حالَ تي، هئي هئي ڪن حَيوانَ!
    سائين! سُکاڻي آهِئين، سامُونڊي، سُبحانَ!
    تُرَهو ڇِنُم تار ِ۾، رَسِج تون رَحمان!
    ٻيلي جو ٻُڏنِ جو، مون تي موٽي مانَ،
    ويٺو پِني پِنَڻو، ڪَرِ ڀيرو مٿي ڀانَ،
    خالِقَ تو خُوب ڪيا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
    آئُون پڻ اَنڌو اُن ۾، ويٺو پِنان پانَ،
    سڀِ سُوالي سَمَگيا، داتا ڏيئي دانَ،
    وِلها سڀِ وَنهِيا ڪيا، تنهنجي جُودَ، جُوانَ!
    مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلي سندا ٻانَ!
    وِيرَ! وسِيلو آهِئين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
    لاءِ ڏُهارِين ڏِينهن کي، خيمو اَڏِيو خان،
    اُتي عَبداللطيفُ چئي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ!

    اي ڌڻي! ڪنڌي نه ٿي سجهيم، تون امن ۽ امان (سک ۽ سلامتي) ڏينم! اي سائين!تنهنجي ٻاجهه ئي ٻيٽاري (حفاظت جو هنڌ) ٿو سمجهان. منهنجا گناهه انيڪ آهن، انهن جو شمار ئي ڪونهي. قبر جي ڪنهن کي سرت نه آهي. رڳو ويسرون ئي ويسرون آهن. اي صاحب! تون اچي ڀيڙو ٿج، باقي انسان ته بي وفا آهن. اي ٻاجهارا سپرين ۽ مالڪ نگهبان! تون ئي منهنجي پڪار سڻج. منهنجون برايون ڏسي، شيطان به شرمائجي ويا آهن. منهنجي هن حال تي مرون به ”هئي! هئي“ (ماتم) پيا ڪن. اي رب! تون ئي منهنجو سکاڻي آهين. اي سبحان! تون ئي منهنجو سامونڊي (ملاح) آهين. اي ٻاجهارا! ترهو وچ سير ۾ ڇڄي پيو آهي، تون ئي اچي همراهه ٿج. جو ٻڏندڙن جو مددگار آهي، سو شل اچي مون کي رسي. هي مڱڻهار توکان ٿو پني. تو هن پينو وٽ ڪو ڀيرو ڪج. پروردگار، اسان ٻانهن جي گذارڻ لاءِ سهڻا وسيلا جوڙيا آهن. آئون پڻ انهن منجهه ويٺو دان مڱان. ڏاتار دان ڏيئي مڙني سوالين کي نوازيو، اي سخي! تنهنجي سخاوت سڃن کي سائو ڪري ڇڏيو. اي ٻانهن جا واهرو! تون متان مون کي ڇڏي ڏين! اي سورهيه! تون عدالت ۾ (حساب يا قيامت جي ڏينهن) منهنجي پناهه آهين. گنهگارن جي ڏينهن (قيامت) لاءِ نبي سردار، تنبو هنيو آهي (شفاعت جو ذمو کنيو آهي.). اي شاهه! تون اُتي ڪا منهنجي پڪار سڻج! (هن وائيءَ ۾ شاهه صاحب دنيا کي غفلت جو گهر ڪري ڄاڻايو آهي. اسان جي سموري حياتي ويسر ۾ ٿي گذري. ڪنهن کي به موت يا قبر جي ياد نه آهي. سڀ هڪ ٻئي سان بي وفا آهن. سچو هڪ ڌڻي آهي.)

    داستان ٽيون

    1
    کُوها ڪالھه کڻي، اُنِ وِڌا اُتر آسري،
    اَلا جُهري مَ اُنِ جي، اولي جي اڻي،
    وَڻجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِيين.

    ڪالهه هنن (وڻجارن) اتر جي سڻائي هير جي آسري سڙهه سنباهيا. اي ڌڻي! شل هنن جي ٻيڙيءَ جي ڳن جي نوڪ کي به ڪو جوکو نه رسي. وڻجارن، سودي ڪاڻ وڻج جو مال ٻيڙين ۾ چاڙهيو آهي.

    2
    وَکَرُ سو وهاءِ، جو پَئي پراڻو نه ٿئي،
    ويچِيندي وِلات ۾، ذَرو ٿِئي نه ضاءِ،
    ساڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَھِ جَنهن جي اُبَهِين.

    اُنهيءَ وکر جو سودو ڪر، جو رکئي خراب نه ٿئي ۽ جو ولايت ۾ وڪڻندي، رتيءَ جيترو به زيان نه ٿئي. اهڙو ڪو ناڻو واپراءِ، جنهن جي آڌار تي ڇوٽڪارو پائين. (روحاني ڌن ميڙ ته نجات يا ڇوٽڪارو مليئي.)

    3
    اورِيائين آڻِين، ميڙيو مُعلم خبرون،
    سا تان سُڌِ نه ڏِين، جتي وَهُ ويڌ ڪري.

    سامونڊي سونهان ويجهي پاڻيءَ جو سمورو سماءُ هٿ ڪيو اچيو رسائين، پر جيڪو قهر وچ سير ۾ پيو وهي، تنهنجي سڌ هو نه ٿا ڏين. (مهراڻ جي مپ جي سڌ ملاحن کي به ناهي.)

    4
    ٻيڙي پُراڻِي، وَکُرَ پاءِ مَ وِتَرو،
    تَري ۾ تن پيا، پاسَنِئُون پاڻي،
    هيءَ هَڏِ وِهاڻي، ڪَڙهُه ڪالهوڻي ڏينهن کي.

    ٻيڙي جهوني ٿي چڪي اٿيئي، اُن ۾ گهڻو اسباب نه وجهه. اُن جي تري ۾ سوراخ ٿي پيا آهن ۽ پاسن کان اندر پاڻي پيهي پيو اچيس. هيءَ ويل هميشه لاءِ ويئي، تون سڀان (حساب جي ڏينهن) جو اونو رک.

    5
    تري تَن پياسِ، پاسنئُون پاڻي وهي،
    کُوهو جهر جهنو ٿيو، لاڄُو سڀ لَڙياس،
    جيلان سَڌَرُ سکاڻياس، وَهي تي وَهَ سامهون.

    تري ۾ سوراخ ٿي پيا اٿس ۽ پاسن کان پاڻي پيو وهيس. کوهو جهور ۽ جهونو ٿي ويو اَٿس ۽ نوڙيون سڀ ڍريون ٿي پيئيون اٿس. جنهن صورت ۾ سکاني جبرو اٿس، تنهن صورت ۾ تکي وهڪ جي سامهون به ترندي ٿي هلي.

    6
    ويٺو تُنِ تُنيِنسِ، مَکِ ڏيهاڻي مَڪُڙي،
    سَنباهي سَيدُ چئي، مٿي نينڊوءَ نيِنسِ،
    وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو، لَڳائيِنس،
    آخرِ اُهرائيِنس، ته جوکو ٿِئي نه جهازَ کي.

    سوراخ پيو بند ڪرينس ۽ روز تيل جو مک پيو ڏينس. پوري سانباهي سان سمنڊ تي ڪاهي وڃينس. وڏا رسا وٽائي، لڳائينس. نيٺ هاڪارينس ته جهاز کي ڪو جوکو نه رسيئي. (جيئن ملاح هروقت پنهنجي ٻيڙيءَ کي درست رکندا آهن، تيئن انسان کي به هن مها ساگر ۾ پاڻ کي درست رکڻو آهي.)

    7
    اَچي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
    سُتي لوڪ لَطيفُ چئي، ياد نه ذرو ڪيوءِ،
    غافِلُ ٿي غُراب کي، اوڙاهَ تي آندوءِ،
    سو ڇَترُ ڇُوهي کان رَکيين! جو پِيو پُراڻو پوءِ،
    جهاز ُضَعيفَنِ جو، پاڻيءَ ۾ پَرِتوءِ!
    سَيدَ! ساٿُ سندوءِ، پُرِ بَندَرِ پَهچائيين!

    اکين سان اچي اُهو ڀوائتو ڪنارو ڏٺو اٿيئي، جنهن جو احوال ڪنن سان ٻڌو هوءِ. وسرو رهي جهاز کي اوڙاهه ۾ آندو اٿيئي. اي ڌڻي! تون شل هن ڀتي ۽ ڀڳل جهاز کي تيز وهڪري کان پناهه ۾ رکين. جو وقت پئي، بنهه جڏو ٿيو پوي. هي هيڻن جو جهاز اونهي ۾ تنهنجي حوالي اٿيئي. اي سردار! تون شل پنهنجي سموري ساٿ کي پور بندر (آخرين منزل) تي پهچائين.

    8
    جُتو وانءُ جَهازَ! گَڏيو غُرابَنِ سين،
    پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَر کڻج ساز،
    اَچنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سمنڊ جا.

    اي جهاز! تون غرابن (وڏن جهازن) سان گڏيو وڃ. هن پار ڏي هاڪاريندي، پاڻ سان سٻر (پختا) ساز کڻج. سست مهراڻ جا ڏاڍا شور پيا سڻجن. (جئن رواجي جهاز، غرابن جي سايي ۾، تئن رواجي انسان، ڪاملن جي ڇانو هيٺ سلامت آهن.)

    9
    دنگي وِچ درياهَ، ڪي ٻُڏي ڪي اُپِڙي،
    هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهَن سڀ سڙيا،
    مُعلم ماڳِ نه اڳِئين، فِرَنگي منجھ ڦِريا،
    مَلاحَ! تنهنجي مَڪُڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
    جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تاري تُنهنجي!

    سمنڊ جي وچ ۾ ٻيڙي الائي ٻڏندي ڪي اڀري ٻاهر ايندي. هو جي چپڙيون ۽ ڪيل واڍي هنيا هئا، سي سڀ سڙي ويا آهن. ملاح پنهنجي اڳين جاءِ تي نه آهن. درياهي چور اُن ۾ ڪاهي پيا اهن. اي ناکئا! تنهنجي ٻيڙيءَ تي اچي چور چڙهيا آهن. اي ڌڻي! جتي جنگ جهاز ڊهي پيا، تتي تنهنجو ئي تڪيو آهي. (هتي اشارو ديهيءَ، نفس ۽ سنسار ڏانهن آهي.)

    10
    ٻيڙِياتا! ٻيئي، تو نه ڦَٻَنديُون ڳالَهڙيُون،
    سَڄيُون راتِيُون سُمهيِن، ڀَرُ سُکاڻ ڏيئي،
    صُباح سَڀيئي، پارِ پُڇَندءِ خبرُون.

    اي ملاح! توکي ٻئي ڳالهيون (سمهڻ ۽ ٻيڙي هلائڻ) هٿ نه اينديون. تون سکان کي پاسو ڏيئي، ساري رات سمهيو ٿو رهي. سڀان هن پار تو کان سموريون خبرون (حساب) وٺندا. (ٻئي جهان ۾ پڇاڻو ٿيندءِ.)

    11
    وَه تِکَ وَهَڪَرا، جت لنگَر نه ٺَهرَنِ،
    وڏاندَريُون وَهَ سامُهيُون، جهجهي زورِ جُنبنِ،
    نيڍوءَ ۾ ناتارِيُون, وڻِجارا وِجهنِ،
    مُلان مُعلمَنِ، مُون ڳري سُئي ڳالهڙي.

    وهڪرن جي تکي ڇوهه ۾ باري جهاز به بيهڪ نه ٿا کائين (لنگر نه ٿا ڪن). جبريون ٻيڙيون به ڏاڍي جفاڪشيءَ سان وهڪري جي سامهون ٿيون چرن. وڻجارا، سمنڊ ۾ لوهه جا ڳرا وزن ٿا وجهن. (ٻيڙيءَ کي ميزان ۾ رکڻ لاءِ) مون سامونڊي سونهن کان ڏاڍي خوفائتي خبر ٻڌي آهي.

    12
    وَڻِجارا! ويٺي، تو نه سَرندي شاهَ ري،
    مَکِ پَنهنجي مَڪُڙي، چَڱِي ڪَر چيٺي،
    پاسا پاکَڙِينِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،
    جو لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وڙهنِدي تِنِ سين.

    اي وڻجارا! توکي شاهه سمنڊ کان سواءِ ويٺي نه سرندي. ٻيڙيءَ کي تيل مک ۽ اُن کي سنواري سٺي ڪر. سمنڊ ٻيڙين جا پاسا لهرن سان سٽيو رکي. جي حساب ۾ پوئتي آهن، تن سان وير جٺيون ڪندي. (جن جا اعمال خراب آهن، تن کي جوڳي سزا ملندي.)

    13
    ناکُئو نِگَهبَانُ، مُعلِمَ مُنجي خَبرُون،
    جِن ساري کَنيو سَمنڊُ تي، سَفَرَ جو سامانُ،
    لُطَفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي، تِنِ لَنگهيو طُوفانُ،
    سَنڀاري سُبحانُ، وڃي عادَنِئوُن اُکَتَا.

    نظر رکندڙ ناکئو، ٻيڙيءَ جي معلم (ڪپتان) کي خبر سڻائيندو ٿو اچي. جن سفر لاءِ سنڀالي پورو سامان کنيو، سي ڌڻيءَ جي ٻاجهه سان، طوفان به اُڪري ويا. هو سائينءَ کي سنڀالي وڃي عدن کان نڪتا. (جن ڪامل رهبر جي هدايت موجب عمل ڪيو ۽ ڌڻيءَ کي ياد ڪيو، سي منزل تي پهتا.)

    14
    بَندَرِ جان ڀَئي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو،
    ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽيَ منجھه مَهي،
    ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُئا!

    جيسين بندر تي خطرو آهي، تيسين سک سان ننڊ نه ڪريو. ڪناري وٽ پاڻي ايئين پيو ڦري، جئن مٽ ۾ ولوڙيل ڌنئورو. اي ملاح! ايڏو عذاب سهجي، تنهن کان ننڊ نه ڪجي.

    15
    سُتا سَڀ پئي، سَندي مُعلِمَ آسري،
    اِئيِن پڻ سُمهو، ناکُئا! بَندَرِ ناه ڀَئي،
    جن جِي سَيدَ لَڄَ کَنئي، سي سڀ لَنگهيندا لڪيُون.

    معلم (ڪامل رهبر) جي آڌار تي سڀيئي سمهي پيا. اي ناکئا! اوهين پڻ سمهي پئو. ڇو ته بندر تي هينئر ڪو به ڀئو ڪونهي. جن جي لڄ سردار پاڻ کنئي، سسي سڀيئي مشڪل راهون پار ڪندا.

    وائي
    ساٿِينِ نَنڌا بارَ، وو! تن پانڌِينِ ننڌا بارَ،
    توکي آرِسُ اَکَڙِيُنِ ۾!
    پاتا پاڙيواريين، پَڳھَ منجھ پاتارَ،
    پَتڻ ٿو پُورَ ڪري، آئي تُنهنجڙي وارَ،
    سَڄِيُون راتيُون سُمهِين، کِيو منجھه خُمارَ،
    ڪِ تو ڪَنين نه سُئي، هَلَڻ جي هاڪارَ؟
    تائبَ ٿِيو تڪِڙا، سَچي اِيَ سَنڀارَ،
    نَنڊَ نه ڪجي ايتري، سُڻجِ اَدا يارَ!
    سائينءَ مُڪين سَچَ کي، تون ڪُوڙو منجھه قَطارَ،
    ڪِ تو ڪَنين نه سُئي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ؟
    گهِڙان ٿِي، ريءَ گهَري، اِلاهي تُهارَ!
    هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تيئان رَکُ سَتارَ!
    ڪُل نفسِ ذائقَتُه المَوتِ پڙهو اِي پَچارَ،
    شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجھه شِڪارَ!
    يَومَ يَفِرُاَلمَرَءُ مِن اَخِيُه، جِت ڀَڄَندَا ڀارَ،
    تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچج، تُون اوسارَ،
    لَک مِڙيئي لُٽِيا، هُنئهِين ويا هَزارَ،
    ڏِٺئه جي اَللهَ کي، هُوند ٿِئين پَرِيين پارَ،
    جوٽَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُنِي تُنهنجي دارَ،
    جِيفو آهِ حَديث ۾، اَنديءَ اِي آچارَ،
    وَٽِيءِ ڪين ولَهنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ،
    سا ڪِئن هَلي توسين، جا ڀَڳي، کان ڀَتارَ؟
    جِيَڻُ جالُ نه نِبَهي، سُڻج اِي سَنڀارَ،
    جِمَ وِسارِئين ويسِرا! ڀتيِن جي ڀُلڪارَ.

    ساٿين سامان سهيڙيا آهن، (سفر لاءِ) او! انهن پانڌين (سفر تي اُسهندڙ) سامان سهيڙيا آهن. توکي اکين ۾ ننڊ جو خمار آهي. پاڙي وارين اونهي سمنڊ ۾ پڳهه ڇوڙيا آهن. پتڻ پيو گهمرا ڪري، تنهنجي مهل آئي، ڪي آئي. (موت وارا پيو ڪري، ڄاڻ تنهنجو وارو آيو). تون کايو، ساريون راتيون نشي ۾ پيو ننڊون ڪرين، ڇا تو هتان هلڻ جي هڪل ڪنن سان نه ٻڌي آهي؟ ترت توبهه تائب ٿيو. اهائي سچي سرت آهي. اي ادا يار! اِهو سڻ ته ايتري ننڊ نه ڪجي.
    سائينءَ توکي سچي ڪار لاءِ موڪليو، تون صف ۾ ڪورو ٿيو بيٺو آهين. ڇا تو ڪنن سان ڪپر جي دانهن نه ٻڌي آهي؟ الله جي آسري، دلي کان کان سواءِ ئي ٿي پاڻيءَ ۾ گهڙان. اي پردو رکندڙ! هو جو شرڪ ڪندڙن (ڌڻيءَ کي نه مڃيندڙن) جو شڪ آهي، تنهن کان مون کي رکي وٺج. ”هر ڪو موت جو ذائقو چکندو:“ اها هدايت پڙهيو پيا پڙهجو. تون شهباز (موت) جو شڪار ٿيڻو آهين ۽ تون پاڻ وتين شڪار پٺيان پوندو! ”قيامت ڏينهن ڀاءُ ڀاءُ کان ڀڄندو“ (قرآن شريف) اُتي (قيامت جي ڏينهن) ڀائر هڪ ٻئي کان ڀڄندا. منهنجو ترهو تار پاڻي ۾ آهي. اي منهنجا اجها ۽ آسرا! تون اچي مونکي رسج. لک مڙيئي لٽجي ويا ۽ هزار اجايا برباد ٿي ويا. (حياتيءَ جا قيمتي پل ضايع ٿي ويا.) جي اُهي الله کي سپرد ڪرين ها ته هوند پرئين پار وڃين پهچين ها. تنهنجي گهر ۾ دولت تنهنجي گوڏن تائين گڏ ٿي آهي. حديث ۾ دنيا کي مردار سڏيو ويو آهي. هن انڌي دنيا لاءِ ئي اهو مثال ڏنل آهي. رب جي ڏاڍي سرڪار کان نه ڊڄي، تو اُها مسڪينن سان نه ونڊي. جا پنهنجي ڀتار کان ڀڳي آهي، سا تو سان ڪيئن نباهيندي؟ (بي وفا دنيا ڏانهن اشارو). جيئڻ گهڻو وقت نه ٿو جٽي. اها هدايت سڻج. اي ويسرا! متان قبر جي ڀتين جو ڏهڪار وسارين.

    داستان چوٿون

    1
    سَڀيئي سُبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪَمَ،
    ٿِيُ تَحقِيق تَسلِيم ۾، لاهي غم وَهَمَ،
    قَادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصل ڪري حاجَ تو.

    پنهنجا سڀ ڪارج ڌڻيءَ کي سپرد ڪر. پنهنجو غم ۽ گمان مٽائي، سندس ڀاڻي ۾ سچو رهه ته سائين سگهارو پنهنجي مهر سان تنهنجو ڪم راس ڪري. (شاهه صاحب هتي پوري توڪل جي هدايت ڪئي آهي.

    2
    چڱا ڪَنِ چَڱايُون، مَٺايُون مَٺَنِ،
    جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئي ڪَنِ.
    چڱا انسان چڱايون ٿا ڪن ۽ برا انسان برايون. جن کي جهڙو سلوڪ (ورتاءُ) سونهي، سي تهڙوئي ٿا ڪن.

    3
    مَيَنِ مٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ،
    ساٿُ نِباهيو نِينِ، اِي پَرِ سَندي سَڄَڻين.

    هو (ڪامل انسان) اُٺن تي بار نيئي، ٿڪلن کي سڏين ٿا. هو ساري ساٿ کي منزل تي پهچايون ڏين: اهو ئي محبوبن جو مرڪ آهي.

    4
    وِتُ وِيمي جو جي لَهِين، ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرئين ڪا،
    سا پَروڙِج ڳالهڙي، وَڻِجارنِ وٽان،
    موتي جِن هٿان، آندَءِ گهڻي اَدَبَ سين.

    جي تون سچي وڻج جو ملهه سڃاڻين ته جيڪر ٻيو ڪو به ڪم نه ڪرين. اها ڳالهه تون وڃي سچ جي سوداگرن کان سمجهج، جن جي معرفت تون نياز سان موتي لهي ٿو سگهين. (سچ جا سوداگر ڪامل شخص آهن.)

    5
    اَمُلَ آڇ مَ اُنِ کي، جي نه پَروڙِين مَٽِ،
    جت گڏِجيئي جوهَري، ماڻِڪُ تِتَهِين مَٽِ،
    جنيين سونَ سين سَٽِ، تِن هَڻِي رِيُ ردِ ڪيو.

    اُملهه موتي انهن کي نه آڇ، جي اهو وهنوار نه سڃاڻن. جتي ڪو جوهري مليئي، تتي ماڻڪن جو سودو ڪر. جن جو وهنوار سون سان آهي، تن ڪوڙ ڪچ کي رد ڪري ڇڏيو. (روحاني شخص دنيا جي شين کي ترڪ ٿا ڪن.)

    6
    سونا! وانءُ صَرافَ سِيئن، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ،
    سودو سوئي ڇَڏِ، جَنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي.

    اي سون! (سچا انسان) تون ڪنهن صراف (ڪامل) وٽ ڪهي وڃ، ويهي نه رهه. اُهو سودو ئي ترڪ ڪر، جنهن ۾ جواهرن (روحاني ڳالهين) جو وهنوار ناهي.

    7
    جُه صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پڻ لَڏجِ سونَ!
    قَدُرُ لَهَندُءِ ڪونَه، نيئي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين.

    اي سون! جڏهن صراف لڏين، تڏهن تون پڻ لڏي وڃج. تنهنجو ملهه ٻيو ڪوبه نه سڃاڻيندو. توکي وڃي ڪچ سان گڏيندا.

    8
    اَگِهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿي!
    پَلَءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران!

    هينئر ڪوڙ ۽ ڪچ اگهي ٿو ۽ ماڻڪن کي موٽايو ٿو وڃي. مان پنهنجي پلاند ۾ سچ جهليو بيٺو آهيان، پر ڪنهن کي اُن جي اڇ ڪرڻ کان لڄ پيئي اچيم.

    9
    وَيا سي وِينجهارَ، هِيرو لال وِنِڌينِ جي،
    تِنين سَندا پويان، سِيهي لَهَنِ نه سارَ،
    ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين.

    اُهي وينجهار ئي لڏي ويا، جي هيرو ۽ لال ونڌيندا هئا. اُنهن جا پويان شيهي جي پرک به نه ٿا ڪري سگهن. اُنهن جي جاين تي هينئر لهار خسيس ڌاتو پيا ڪٽين.

    10
    وڃن مَ وِينجهارَ، پاڻِيٺَ جي پَرَکَڻا،
    ڪَينَرُ پايو اَکئين، لَهَنِ سَڀَڪَنهِن سارَ،
    موتيءَ جي مِزاجَ جو، قَدرُ مَنجھِه ڪِنارَ،
    صَرافِنِئون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!

    اُهي وينجهار شل نه لڏين، جي موتي پرکيندڙ آهن. اُهي اکين تي خوردبيني چاڙهي هر ڪنهن پاڻيٺ جي پرک ٿا لهن. موتيءَ جي نفاست جو ملهه ان جي نفيس ڪنارن تي آهي. صرافن کانسواءِ ماڻڪ کي جوکو (بي قدرائيءَ جو) آهي. (سچي انسان جو ملهه روحاني شخص سڃاڻن.)

    11
    ماڻِڪُ مُنڌُ هَٿان، پيتيءَ ۾ پُرزا ٿيو،
    سَڄو تان سَيدُ چئي، لَهي لَکُ سوا،
    ڀَڳي پُڄاڻان، پَدَمان پَري ٿيو.

    ماڻڪ (روحاني جوهر)، عورت (انسان) هٿان پيتيءَ (ديهيءَ) ۾ ڀڄي رتيون رتيون ٿيو. ثابت هو ته اُن جو ملهه سوا لک هو، پر ڀڄڻ کان پوءِ ساڳيو ماڻڪ پنهنجي قدر (ملهه) کان ڪري پيو. (ڪي صاحب چون ٿا ته اُن جو ملهه پدم کان مٿي ٿيو، ڇو ته هتي اشارو ؟وحدت مان ڪثرت“ ڏانهن آهي. ”منڌ“ آهي برهم شڪتي، ”پيتي“ آهي سرشٽي ۽ ماڻڪ جو پرزا ٿيڻ آهي هيڪڙائيءَ مان گهڻائي.)

    12
    جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو،
    سَنئُون تِن سُڀاڳُ، اَمُلُ جن اوباهِيو.

    جنهن هنڌ ماڻڪ آهي، تنهن هنڌ چورن جو به ديرو آهي. اُنهن جو ڀاڳ سڻائو آهي، جن پنهنجو املهه ماڻڪ اُنهن کان بچايو.

    13
    چورُ اُڀو اِئن چوءِ، ته آئُون اُهوئي آهيان،
    جي اَسي اَکِيُنِ هوءِ، ته لِڪي کي ڪونه لَهي.

    چور ايئن بيٺو چوي ته ”مان ساڳيو ئي آهيان، جي اسي اکيون تلاشون ڪندڙ هجن ته به مون لڪي ويٺل کي نه ڳولي سگهن.“

    وائي
    جاڳو يارا! جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي،
    جاڳو جوسان، جيڏيون! پاڻُ پَرَنِجي،
    هَلَندي حَبيبن ڏي، ويلو وِچِ نه ڪجي،
    مَٿان اُهِس اُسِري، پَتنگَ جِئن پَئجي،
    عرضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
    ڪري نِيازُ نِڪَڻو، واحِدَ ڏي وَرجي،
    آهي مَوتُ مِڙنِ تي، گوڙِيُون ڪيو گَجي،
    اَجَلُ ايندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سُڄي،
    اَڳيان اُنداهيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪجي،
    کَڻُ تون قُوتُ قَبَرَ جو، گهڻو ٿو گهُرجي،
    آگو عيبَ اوهان جا، ڍَڪيا ڳُجھَه ٻُجهي،
    جيڪي وَهي وُجوُدَ ۾، صاحبُ سو سَمجهي،
    ڊڄي ڊاءِ ڌڻِيءَ جي، جيڪو ڀَيءِ ڀَڄي،
    اَمَنُ آهي اُن کي، جو مَنجھه اَلله اَجهي.

    اي يار جيڏيون! پاڻ ارپڻ ڪجي. اي سرتيون! شوق مان جاڳو! پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪندي، وچ ۾ ويرم (گهڙي) نه وجهجي. مچ مٿان اُڏامي اُتس (مٿس) پتنگ جئن ڪرجي. هنن (محبوبن) اڳيان چڱيءَ ريت عرض احوال پيش ڪجي. نسوري نئڙت ڌاري سائينءَ ڏانهن رجوع ٿجي. موت مڙني مٿان آهي ۽ گجگوڙون ڪيو پيو گجي. موت اوچتو اچي نازل ٿيندءِ، جنهن جو هل هميشه پيو ٻڌجي. اڳيان قبر جي اونداهي لاءِ سمر ڪٺو ڪرڻ گهرجي. پاڻ سان قبر جو توشو کڻ، جو اتي ڳچ ٿو گهرجي. ڌڻي اوهان جا عيب ۽ لڪل راز ٿو ڄاڻي، جيڪي جيءَ ۾ وهي واپري ٿو، سو سڀ صاحب ٿو ڄاڻي. جو ڌڻيءَ جي ڏر کان ڏري، ڀو کان ڀڄي ٿو ۽ الله جو اجهو ٿو وٺي، تنهن لاءِ سلامتي آهي. (راتيون جاڳي رب سنڀارڻ، موت کي هر وقت ياد رکڻ ۽ ڌڻيءَ کان ڊڄڻ اِهي واٽون آهن سچي ترقي جون.)

    داستان پنجون

    1
    لَهِريُن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،
    آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،
    اُٿي اَسارا! وِيرِ وِڙَهنديءِ ويسِرا!

    جتي لهرن جو حساب ئي ڪونهي ۽ اُتاهان ڪنارا ۽ اونداها ڪن آهن ۽ اونهي سمنڊ جون اڇون لهرون اڀاريون پيئون اچن، تتي اي غافل! سجاڳ رهه نه ته وير جٺيون ڪندءِ. (هتي اشارو دنيا جي ڀو ساگر ڏانهن آهي.)

    2
    ڪالھه وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ،
    تُنهنجي اَڄُ تَرارَ، آهي آرَ اَکِيُنِ ۾.

    اونهي ساگر، ڪالهه پربت جيڏا جهاز ڪن ۾ ليٽائي وڌا. اڄ پاڻيءَ جي اکين ۾ تنهنجي ٻيڙي آهي. (اڄ سمنڊ تنهنجي ٻيڙيءَ کي تاڻيو ويٺو آهي يعني موت توکي تاڻيو ويٺو آهي.)

    3
    ملاحِظو مَهراڻَ جو، مُورِ مَ لاه مَناءُ،
    سامُونڊي! سنڀالَ ڪِي، سُمهَڻَ آيءِ ساءُ،
    جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.

    سمنڊ جو انديشو هرگز دل تان نه لاهج. اي سامونڊي! تون ڪي پاڻ سنڀال! توکي ننڊ مان سواد اچي ويو آهي. پاڻيءَ مٿان جاڳي، پنهنجي ٻيڙيءَ کي تاري وڃ. (رب جي ياد ۾ راتيون جاڳڻ، ڇوٽڪاري جي واٽ آهي.)

    4
    تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ!
    دانهُون ڪَنِ درياهَ جون، اُونهي جا آگاهَ،
    سُونهنِ جي صَلاحَ، وَٺُ ته وِيرِ لَنگهي وَڃيِن.

    اي ناکئا! لهرن منجهان ٻيڙيءَ کي تاري وڃ. اونهي سمنڊ جا ڄاڻو ان جي خطرن جون دانهون پيا ڪن. رهبرن جي صلاح وٺ ته وير مان پار وڃين.

    5
    سُونهان سَڌِيُون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جون،
    ڪُوڙَ اوڏائي ڪِين ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ،
    عِجِزَ جو اَڌَ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِينِ،
    ساٿُ نِباهِيونِينِ، ثابِتُ اِنهيءَ سِيرَ مان.

    سامونڊي سونهان هن مست مهراڻ جون ڏاڍيون ڳريون خبرون ٿا سڻائين. هو ڪڏهن به ڪوڙ کي ويجها نه آهن ۽ رڳو سچ ٿا سودين. هو سموري ساٿ کي صحيح ۽ سلامت سير مان اُڪاريو وڃن. (هتي اشارو ڪامل شخصن ڏانهن آهي.)

    6
    قَر ڦلَ، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺ پاتائُون،
    ڪوٺيُون قيِمَتَ سنديُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون،
    لاڄُنِ مَنجھه لطيفُ چئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون،
    نَذرُ نَبيءَ ڄامَ جو، چَڙهندي چيائُون،
    جي ڇُوهي ڇوڙيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجھَه سين!

    ٻيڙن ۾ لئونگ، ڦوٽا، قيمتي ڪپڙا ۽ موتي وڌائون. اُن جي تري ۾ ملهائتيون شيون ڪوٺين ۾ قابو ڪيائون. رسن ۾ گل ڦل ٻڌائون ۽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهندي نبي سردار جو نذرانو باسيائون. جي ٻيڙيون تکي وهه ۾ ڇوڙي ڇڏيائون، تن کي شل پنهنجي مهر سان رکي وٺين. (ملاح ٻيڙيون سينگاري، قيمتي مال هيٺ ڪوٺين ۾ حفاظت سان رکي، نبي ڄام جو نذرانو باسي اسهندا هئا.)

    7
    وِچينءَ جان ويهي، جَرَ پَلئو پائيان،
    ”تَڙِ ٻيڙا گَهرِ سُپِرين“ اُوسَھ اِي پيئي،
    جِئن وَڻِجارو سين وَکَرين، سَرَهَا سَڀيئي،
    حُرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُونگِيا نه سيئي،
    پاڻِهِين اُوءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائو آئيا.

    سنجها جو جل کي پلئو پائي اها ئي دعا پيئي ڪريان ته ”شل ٻيڙا سلامتيءَ سان تڙ تي رسن ۽ سپرين گهر پهچن.“ اها ئي مونکي اون لڳي پيئي آهي. جئن وڻجارو پنهنجي وکر سان سرهو آهي، تيئن شل سڀ سرها هجن. نبي سردار جي محابي، هو محصول سبب ڪٿي روڪجي نه پيا. اُهي ولايتون گهمندڙ نيٺ پاڻيهي گهر ۾ پيهي آيا.

    داستان ڇهون

    1
    تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پنهنجو تُرَهو،
    اونهي ۾ آڻي، ڪونَه ڏيندُءِ ڪو ٻيو!

    تون تانگهي پاڻيءَ ۾ ئي پنهنجو ترهو ڇڪي ٻڌ. ٻيو ڪوبه توکي اونهي پاڻيءَ ۾ ترهو آڻي ڪونه ڏيندو.

    2
    ڏوري لَھُه ڏاتارُ، جِمَ وِهِين ويسِرو،
    هَڪِيو هوئج هوشيارُ، کِنوڻِ کِنونديءَ اوچتي.

    ڌڻيءَ کي ڳولي لهه متان غافل ٿي ويهين. تون هر ساعت سجاڳ رهج، ڇو ته توتي اوچتو وڄ (اجل جي آفت) اچي ڪڙڪندي.

    3
    کِنوڻِ کِنوايو، آيَءِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
    جِنِين نه ڀَئو ڀانيو، ڪَري تَوائي تِنِ کي.
    وڄ پيئي کِنوي، توکي ڪنهن نڀاڳ جي ڪري ننڊ کڄيو وڃي. جن پنهنجي لاءِ ڪو به خطرو نه ڄاتو، تن جون اچيو متيون منجهائي.

    4
    سامونڊي! ٿو سَنبَهيِن، ساڄو جَهل سُکاڻُ،
    لَڳي واءُ وَڏاندرو، مُنجهائي مَهراڻُ،
    جِنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري توائي تِنِ کي.
    اي سامونڊي! اڃا پيو سنبرين، ڪي سکان کي پختو جهل. وڏو طوفان ٿو لڳي ته مهراڻ ۾ مونجهارو مچيو وڃي. جن خودي ڏيکاري، تن کي تالان ڪيو ڇڏي.

    5
    نَڪو سُک نَکَٽين، نه ويساند نَئين،
    جيڪا اَچيئي سامُهِين، ڀانئِين سَنئين!
    مُوڙي ڪوه مَئين؟ جِئن سَڄيُون راتِيُون سمهين!

    نه تارن کي سک آهي نه لهرن کي ڪو آرام آهي. جيڪي منهن سامهون بنا ڪشالي ملئي، تنهن کي سنهنجي (نعمت) ڪيو سمجهين. تون ناڻو (روحاني ڌان) ڪئن ٿو ڳڻين جڏهن ساريون راتيون سمهيو ٿو رهين.

    6
    اَهُکِي راهَ اَللهَ جي، اَهُکِي اَهُکِيءَ ڀَتِ،
    هُوءِ جي ڏيهائي ڏيھَ جا، تِنِ پڻ مُوڙهي مَتِ،
    آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽي نينهن سين.

    الله جي واٽ (روحاني راهه) ڏکي به ڏکيءَ طرح آهي. هو جي اُنهيءَ ديس (روحاني ولايت) جا رهاڪو آهن، تن جو پڻ اُتي عقل منجهيل آهي. تون لهرن جي سامهون ڳوڙهي عشق سان گهڙي پئو.

    7
    تَنَ ۾ ترازَ توهَ جِي، گَهڻو لَھُ گهوري،
    اَدَبَ ۽ اِخِلاص جا، سِڙهَ ٻَڌجِ سوري،
    وَکَرَ وينَتيُن جو، تنهن ۾ پاءِ توري،
    ته عادنِئُون اوري تُنهنجو تَوائي نه ٿِئي.

    پنهنجي ڪايا ۾ ئي ڌڻيءَ جي ٻاجهه جي ٻيڙي گهڻيءَ جفا سان ڏوري لهه. اُن ۾ نياز ۽ سچائيءَ جا سڙهه ڇڪي ٻڌج. منجهس نيزارين جو وکر توري تڪي وجهج ته عدن بندر (روحاني منزل) کان اڳ تنهنجو ٻيڙو بتال نه ٿئي. (هتي شاهه صاحب عبادت، ادب، سچائي ۽ توبهه زاريءَ تي زور ڏنو آهي.)

    8
    سمنڊُ جي سيويِن، تِنيِن ماڻِڪَ ميڙِيا،
    ڇِلرَ جي چوئِين، تِنِ سانکوٽا ۽ سُتيون.

    جن سمنڊ پوڄيو تن ئي موتي ميڙي هٿ ڪيا، جي رڳو ڄاريون ۽ هلڪڙيون ٻيڙيون پيا ڦولين، تن لاءِ ستيون ۽ سنک آهن.


    سُرُ سامونڊي

    داستان پهريون

    1
    پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي
    وجهِي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃِنئي اوهِري.

    اي منڌ! تون سامونڊين جي پڳهه (لنگر ٻڌڻ جي رسيءَ) جي ڀر ۾ وڃي گذار. متان تنهنجو جيءُ جنجال ۾ وجهي، هو پنهنجي ٻيڙي هاڪاري هليا وڃن.

    2
    پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي،
    مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنئي اوهِري.

    اي منڌ! سامونڊين جي پڳهه جي ڀر ۾ وڃي درد ۽ سوز ۾ پچ، متان هو تنهنجي من ۾ محبت جي آگ اُٿاري، پنهنجي ٻيڙي هاڪاري هليا وڃن.

    3
    پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي،
    تون وِيسري وِکَ کَڻِين، هو پُوريندا پَرَڏيھ،
    سَمُنڊُ جِنِ ساڻيھُ، ڪوهُ نه ويئِينءَ تِنِ سين؟

    اي منڌ! سامونڊين جي پڳهه جي ڀر ۾ وڃي ويهه. تون غفلت ۾ پيئي هلين، هو پرديس ڏانهن اُسهي هليا ويندا. جن جو وطن ئي سمنڊ آهي، تن سان گڏ تون ڇو نه ٿي ويئينءَ؟

    4
    نَنگَرَئوُن نيڻين، مَنُ اوليءَ نه اوهِري،
    سَٻاجهين سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳِهِيو هِنئون.

    منهنجو من، لنگر جي ڀر کان، ٻيڙيءَ جي ڳن سان به، پري ڌڪجي نه ٿو سگهي. سٻاجهي سپرينءَ منهنجو هنئون پنهنجن گڻن سان موهي سوگهو ڪيو آهي. (يا رسن سان قابو ڪيو آهي.)

    5
    سيئي جوڀَنَ ڏِينهن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هليا!
    رُئان رَهَنِ نه ُسپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪيئن؟
    مونکي چاڙهي چِيئن، ويو وڻِجارو اوهِري!

    اُهي منهنجا جوانيءَ جا ڏينهن ئي هئا، جڏهن سڄڻ سفر اُسهيا. اي جيجل! مان ڪيئن ڪريان، جو روئان ٿي ته به پرين وڃڻ کان نه ٿا رهن. مون کي جيئري ئي چکيا تي چاڙهي (آگ ۾ ساڙي)، وڻجارو ٻيڙي هاڪاري هليو ويو.

    6
    نه سي تِڙ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جون!
    سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پڻ چِڪِيمَ چاڪَ،
    مارِينِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون پِريِن جا.

    بندر تي نه اهي ٻيڙيون آهن، نڪي وڻجارن جون اهي رهاڻيون ئي آهن. اي سرتيون! اڄ منهنجي اَندر ۾ سامونڊين جي ڦوڙائي جا ڦٽ پيا ڪڙهن. اي پاڙي واريون! مون کي پرينءَ جي وڇوڙي جا سور ٿا مارين.

    7
    وِيا اوهِري اوءِ، مونکي ڇڏي ماڳهَيِن،
    جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽيو ڪوءِ!
    گُوندَرُ ماريندءِ، ويچاري! وِينِ جو.

    هو مون کي هميشه لاءِ ڇڏي، اُنهيءَ پار ٻيڙي هاڪاري ويا آهن، جتان جڳن نبرئي به ڪو واپس ڪونه وريو آهي. اي معذوري! توکي پرديس ۾ ويلن جو سور نهوڙي نيندو.

    8
    اونهي ۾ اوهِري، جڏهن ويا جي،
    موٽي ماڳِ نه آئيا، ماءِ! سامُونڊي سي،
    کارو تنيِن کي، جيڪُسِ وَهُ وري ويو!

    جي سامونڊي اونهي ساگر ۾ ٻيڙي هاڪاري ويا، سي اي جيجل! وري ماڳ تي واپس نه وريا. شايد انهن جي مٿان سمنڊ جي تکي وير (کاري پاڻيءَ واري) چڙهي ويئي آهي. (اهي عميق ۾ غرق ٿي ويا يا کاري پاڻيءَ سندن وجود وڃائي يا ڳاري ڇڏيو.)

    9
    اُهِرِيا جئائين، ڍُڪَنِ تِن تَڙئييِن!
    سامُونڊينِ سائِين!، واءُ سَڻائو وارِئين!

    جن تڙن تان اسهيا، تن تي شال وري سلامتيءَ سان اچي رسن. اي سائين! شل سامونڊين لاءِ سڻائو واءُ لڳائين.

    10
    سامُونڊِيڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون،
    انگنِ چاڙهي اَڱُ، ويو وَڻِجارو اوهِري!

    سامونڊيءَ جو سڱ سورن ڀريو آهي. وڻجارو، منهنجو جسم سوري تي چاڙهي، ٻيڙي هاڪاري هليو ويو.

    11
    وڃيئي وِسري شال، جو تو سودو سِکِيو،
    اَڃا آئين ڪالَ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبهِين!

    اي ڍول! شل توکي اهو وڻج وسري وڃي، جو تون سکيو آهين. اڃا ڪالهه مس آئين ته ايتري ۾ وري سفر لاءِ ٿو سنڀرين.

    12
    ڳِريو جهَليو روءِ، مَٿي مُهُري هَٿڙا،
    کوءِ سودو سَندوءِ، جو تون، ڍوليا! سِکِيو.

    ٻيڙيءَ جي مهر وٽ ڳريي کي جهليو، وڻجاري هنجون پيئي هاري ۽ ائين پيئي چوي ته ”اي لالن اِهو تنهنجو سودو ئي ٻنِ پيو، جو تون سودڻ سکئين.“

    13
    اُلوڙَڻَ نه ڏِئي، وَرُ وِڌائين وَنجھَه کي،
    رَهُ اَڄوڪِي راتِڙي، لالَنَ! مُون لائي،
    وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپرِين!

    وڻجاري ٻيڙيءَ کي چرڻ ئي نه پيئي ڏئي، ونجهه کي کڻي ڀاڪر ۾ ڀيڙيائين. اِئين پيئي چوي ته ”اي ڍولڻ! مون ڪارڻ اڄوڪي رات رهي پئو. اي سپرين! مون کي وڇوڙو ڏيئي، تون ايڏي سفر تي نه وڃ.“

    14
    جيڪُسِ نِٻَرُ نِينهن سَندومِ، جئن مون بِيٺي هُن ٿيلِيو،
    سعيو سامُونڊيُن سين، اَڳهِين تان نه ڪَيومِ،
    وِجَهڻُ مَنجِھه هُئومِ، پاڻُ وراڪي رَسِ سين.

    شايد منهنجو نينهن نٻل (ڪمزور) هو، جو هو منهنجي بيٺي ئي ٻيڙيءَ کي ڌڪي، اُن کي هاڪاري ويندو رهيو. سامونڊين سان گڏ وڃڻ لاءِ اڳي ئي سعيو ڪونه ڪيم. مون کي گهربو هو ته رسيءَ سان وڪوڙي، وڃي ٻيڙيءَ ۾ پئجي رهان ها.

    15
    ٻيڙيءَ جي ڀُڻَنِ، نِيهُن نه ڪَجي تِن سين،
    اُڀيُون ڏَنَڀ ڏِسَنِ، جُه سِڙُه ڏيئي سِير ٿيا.

    جي ٻيڙيءَ تي گهارين ۽ گهمن، تن سان نينهن نه اڙائجي. جڏهن هو (وڻجارا) سڙهه سنوان ڪري، ٻيڙيون سمنڊ ۾ ٿا ڇوڙين، تڏهن ڪناري تي بيٺل سندن وهون ڏنڀ ٿيون سهن.

    16
    هِنئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏُتِڙِ پئي ڏينهن ٿيا!
    پُڇيو تان نه پِريان، ڪَرَلاهُو ٿي ڪڏهين.

    ڏکئي تڙ تي پيل ٻيڙيءَ جيان منهنجي دل کي ڏتِڙئي (بيحال ٿئي) گهڻا ڏينهن ٿيا ته به سڄڻن، سار لهندڙ ٿي، مون کي ڪڏهن به نه پڇيو.

    17
    سَرَ نِسِرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا آءُ پِرين!
    مون تو ڪارَڻِ ڪانَڌَ! سَهِسين سُکائون ڪيون.

    سَرَ جي سلن ڳڀ جهليو آهي ۽ اتر جو واءُ لڳو آهي. اي ڍوليا! تون موٽي اچ، تو ڪارڻ مون انيڪ سکائون باسيون آهن.

    18
    جيڪر اَچي هاڻِ، ته ڪريان رُوح رُچَندِيُون،
    آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، هوندَ ڳَر لڳي ڳالهيُون ڪَريان.

    هو جيڪر موٽي اچي ته ساڻس روح ريجهائيندڙ رهاڻيون ڪريان. اي جيجل! مان هوند پرينءَ سان گلي لڳي ڳالهيون ڪريان.

    19
    آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، اَچي ته جهيڙِيان،
    لايَءِ ڏِينهَن گهڻا، مون سين ڪَيَءِ ٿورڙا.

    اي امڙ! پرين اچي ته ساڻس جهيڙو ڪريان ۽ چوانس ته، ”مون سان ٿورن ڏينهن جي ڪري، وڃي گهڻا ڏينهن لاتئي.“

    20
    لاهِيندا ئي ڪَنِ، ڳالهيُون هَلَڻَ سَنديُون،
    ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَهَ وِجهندا جِندڙو!.

    جهاز تان پير هيٺ رکندي ئي وري وڃڻ جون ڳالهيون پيا ڪن. مون کي ڏکن حوالي ڪري، منهنجي هنئين کي وري جهوريءَ (ڏولائيءَ) ۾ وجهي ويندا.

    21
    مونکي جِياريو، پِرِيُنِ جي ڳالھه ڪري،
    ڊَٺو اَڄُ اَڏِيو، هِنئڙو ڪوٽَ بُرِجَ جئن.

    سپرين جي ڳالهه ڪري، مون ۾ نئون روح ڦوڪيو. جئن قلعي جو ڊٺل ٺل اڏجي، تئن منهنجي جهريل دل کي نئين سر جوڙي راس ڪريو.

    22
    چِمڪِيو چَوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچنِ جُون،
    ماءِ! سامُونڊي آئيا، سَهسين ڪَري سِينگارَ،
    اُنِينَ جي پَچارَ، ڪالهونڪَرَ ڪانگُ ڪَري،

    شاهوڪارن جي جهازن جون جهنڊيون، چوطرف پيئون جهولن. اي جيجل! اڄ سامونڊي، انيڪ سينگار ڪري ڏيسارون تان موٽيا آهن. ڪانگل کي، ڪالهه کان وٺي اُنهن جي ئي وائي وات آهي.

    وائي
    آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟
    ويو وَڻِجارو اوهِري، مونکي چاڙهي چِيئن،
    سامُونڊين جي سڱ کي، رُئان راتو ڏِينهن،
    اُڏوهيءَ جئن ڏُکَڙا، چَڙهيا چوٽيءَ سِيئن،
    گُوندَرَ مٿان جِندڙي، وَريا وَليُنِ جِيئن،
    مادَرِ! پائي مُنڊِيُون، وڃان هاديءَ سِيئن.

    اي جيجل! ڪيئن ڪريان، جو مون کي جيئري چکيا تي چاڙهي، وڻجارو نڪري هليو ويو. سامونڊين سان سڱ اڙائڻ ڪري، رات ۽ ڏينهن روئندي وتان. ڏک، اُڏوهيءَ وانگر، مون کي چوٽيءَ تائين چڙهي ويا آهن. مان ٻئي هٿ هڪ ٻئي سان وڪوڙي، (هٿ ادب جا ٻڌي) پنهنجي رهبر (مرشد) ڏانهن وينديس.

    داستان ٻيو

    1
    اڄُ پڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جون،
    هَلڻَ هارا سُپِرِين، رئان تان نه رَهَنِ،
    آئُون جَهليندي ڪيترو، آيَلِ! سامُونڊينِ،
    پَڳھَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.

    اڄ پڻ وڻجارا سفر تي وڃڻ جو ڳالهيون پيا ڪن. وڃڻ وارا جانب منهنجي روئڻ سان به نه ٿا رهن. اي جيجل! مان تن سامونڊين کي ڪيترو روڪينديس، جن رسا ڇوڙي ٻيڙا سير ۾ هاڪاريا آهن.

    2
    لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنَ مَ وِسران!
    مَڙِهيو منجهاران، جِيُ مُنهنجو جن سين.

    اي سائين! جن کي مان من ۾ مور نه ٿي وساريان، تن کي شل مان نه وسران. منهنجو جيءُ هن سان اندران ئي اُڻيو پيو آهي.

    3
    تَڙينِ تَنوارين، ماءِ! سامُونڊي آئيا،
    مونکي جيارينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جون.

    اي امڙٰ! سامونڊي اچي سهڙيا آهن ۽ تڙن تي تنوارون (مٺيون لاتيون) پيا ڪن. مونکي وڻجارن جون ڳالهون نئين سر ٿيون جيارين.

    4
    لَڳي اُتَرَ اوهِريا، واهُوندي وَرَنِ،
    آئُون گهڻو ئي گهورِيان، سئودو سامُونڊِيَنِ،
    اَڱڻِ جي اَچَنِ، عِيدَ ورَتي اُنِ کي.

    هو اُتر لڳي اُسهيا ۽ وري بهار ۾ واپس ايندا. مان سامونڊين جي وڻج کي گهڻو ٻن وجهان. (سامونڊي جو سودي واپار لاءِ سفر ٿا ڪن تنهن تي گهري نظر اٿم يعني ڪڏهن ايندا ۽ ڪڏهن ويندا). جن جي اڱڻ ۾ هُو پيهي ٿا اَچن، تن لاءِ عيد لڳيو وڃي. (جن جا ڪانڌ ڏيسارون تان موٽن، تن لاءِ جشن لڳيو وڃن.)

    5
    اَڱڻِ آئيا جان ته سَرَتيُون، مون سُکَ ٿيا،
    اَمُلَ پِريِنءَ مٿان، ٻُرِڪيو ٻين ڏيان.

    اي سرتيون! جان ئي هو منهنجي اڱڻ تي آيا، تان ئي مون لاءِ سک پيهي آيا. مان پنهنجي پرينءَ مٿان جيڪر اَملهه ماڻڪن جون گهورون گهوري ٻين کي ڏيئي ڇڏيان.

    6
    سِڙَهَ ٿي سِبيائُون، بَندرَ جَن تَڙن تي،
    سِڙَهَ سِبي ساڄا ڪري، کُوها کنيائُون،
    بيرَقُون بحرِن ۾، ڇوڙي ڇَڏِيائُون،
    لَهريُون لَنگهيائُون، لُطف ساڻ لَطيفُ چئي.

    بندر جي تڙن تي سڙهه پئي سبيائون. سڙهه سبي، پڪا ۽ پختا ڪيائون ۽ کوها کڻي، سمنڊ ۾ وانئٽيون اُپٽي ڇڏيائون. ڌڻيءَ جي ٻاجهه سان لهرون سلامتيءَ سان اڪري آيا. (شاهه هميشه ڌڻيءَ جي لطف لاءِ ٿو ٻاڏائي، ڇو ته اُن کان سواءِ ڪنهن جي سڻائي ٿيڻ جي نه آهي.)

    7
    سِڙَهَ ٿي سِبيائُون، بَندرَ جِن تَڙنِ تي،
    مُلان مُعِلَم خبرون، پُڇِي پُوِريائُون،
    سُتڙُ سوٺِيائُون، اَوَتَڙِ ڪنهن نه اولِيا.

    بندر جي تڙن تي سڙهه سبي راس ڪيائون. معلم (بحري ڄاڻوءَ) کان ساءُ وٺي، جهاز هاڪاريائون. نيٺ سڻائو تڙ ڏوري لڌائون ۽ ڪنهن به اُبتي تڙ تي توائي نه ٿيا.

    8
    بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلھه نه ملي وارِئين،
    فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلَ ڏِيَنِ اَتوريا.

    ديس ديس ۾ بندر آهن، پر واريءَ تي (سامونڊي ڪناري جي واريءَ تي) اُهو ملهائتو خزانو (روحاني خزانو) نه ٿو ملي. فقيري ويس ۾ ئي اَڻ توريا املهه ماڻڪ ٿا ملن.

    9
    اُڀيُون تَڙَ پوڄِينِ، وَهُون وَڻِجارنِ جون،
    آڻيو اکا ڏِيِنِ، کَٿوري سمُونڊ کي.

    وڻجارن جون زالون ادب سان ڪناري تي بيهي، جل (پاڻيءَ) کي ٿيون پوڄين. هو سمنڊ کي مشڪ ۽ عنبر جا اکا آڻي ٿيون ڏين.

    10
    جَرَ ٿَرَ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون،
    اَلا! ڪانڌُ اَچي، آسائتي آهيان!

    وڻجاري، جل ۽ ٿل تي (پاڻيءَ ۽ ڌرتيءَ تي) ڏيئا پيئي ٻاري ۽ وڻن ٽڻن کي جهنڊيون پيئي ٻڌي. ائين پيئي چوي ”اي الله! شال منهنجو ڪانڌ موٽي اچي! اِهائي آس اندر ۾ اٿم.“

    11
    جا جَرَ جاٽُون نه ڏِئي، ڏِيا نه موهي،
    سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پنهنجي ڪانڌَ جون؟

    جا عورت، جل ۽ ٿل جون ياترائون (زيارتون) نه ٿي ڪري ۽ ڏيئا ٻاري، سمنڊ کي نه ٿي اَرپي، سا پنهنجي مڙس کي ملڻ جون سڌون ڇو ٿي ڪري؟

    داستان ٽيون

    1
    پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مون ڏُورِ ٿيا،
    نه مُون هَڙَ نه هَنجَ ڪِي، جو آئُون چَئي چَڙهان،
    اِيهين ڪَجِ پاتِڻي!، جنهن پِرِ پرينءَ مِڙان،
    ڪارُون تي ڪَريان، تو دَرِ اُڀي ناکُئا!

    مان گهڻو ئي اڳتي ٿي چران ته وڃي رسان، پر بندر مون کان پري آهن. نڪي وري مون کي ڪي هڙ يا جهول ۾ آهي، جو باسي ٻيڙيءَ تي چڙهان. اي پاتڻي! اهڙي ڪا رٿ ڪج! جيئن مان پرينءَ کي هلي ملان. اي ناکئا! انهيءَ ڪري ئي تنهنجي در تي بيهي، پيئي نيزاريون ڪريان.

    2
    هَڙَ ۾ ڪيِنَ هُئوُنِ، هُنئين هُنِ نه چاڙهيا،
    سارو ڏينهن سمنڊَ تي، لهي سِجُ وِيونِ،
    جڏهن سائينءَ سبب ڪيونِ، تڏهن سُتَڙِ ٿيا سَيدُ چئي.

    هنن (مسافرن) کي هڙ ۾ ڪي ڪين هو ۽ نه وري هنن (ملاحن) کين مفت ۾ چاڙهيو. سمنڊ جي ڪناري تي سارو ڏينهن واجهائيندي، سج به لهي وين. جڏهن سائينءَ واهه پٽين، تڏهن وڃي سڻائي تڙ ڀيڙا ٿيا.

    3
    اسان اُڌارا، اڻي آوَنگَ چاڙِهيا،
    مُنهُن ڏيئي مُون آئيا، سَمُهان سيارا،
    اُڀرَنِ سِيڪارا، پَسئو وَرَ ٻين جا.

    اسان اڌارا ٿانو وٺي اچي چلهه تي چاڙهيا. سياري جون سرد ولهون به شروع ٿيون آهن. ٻين جا ڪانڌ پسي منهنجي اندر مان ٿڌا شوڪارا نڪريو وڃن. (وڻجاريءَ جي گهر ۾ نسوري سڃ آهي.)

    4
    مون اُڀي تَڙَ هيٺِ، پِرِيُنِ پَڳَھَ چوڙِيا،
    ڪا مُونهِين ۾ ڌيٺِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهڻو.

    تڙ وٽ منهنجي بيٺي ئي، پرين ٻيڙي جا پڳہه ڇوڙي هليا ويا. مون وٽ ڪا ڏٺي وائٺي وِڏ هئي نه ته جانب ڏاڍا ٻاجهارا آهن.

    5
    مون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيُنِ پَڳَھَ ڇوڙِيا،
    هو اَلله هارَ اُهِرِيا، آئُون دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ،
    آهَ نه لاهِيندياسِ، موٽي ايندا مان ڳَري!

    بندر جي ڀر ۾ منهنجي بيٺي ئي پرين پڳهه ڇوڙي نڪري ويا. هو سائينءَ جي آسري اُسهيا آهن ۽ مان پل پل کين دعا پئي ڪنديس. مان اِها آس مور نه لاهينديس ته مون وٽ شل وري موٽي ايندا.

    6
    کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا،
    سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو،
    موتي جي مَهراڻَ جا، تِنِ جا طاماعُو،
    سامُونڊي سائُو، لَنڪا لوپي آئيا.

    کاري سامونڊي پاڻيءَ ۾ جهاڳيندڙ وري مٺي پاڻيءَ (سنڌو نديءَ) رستي موٽي آيا. وڏا سوداگر سون جو سودو نه ٿا ڪن، پر ساگر منجهه جي موتي آهن، تن جي طمع رکندڙ آهن. ڀاڳن وارا سامونڊي، لنڪا (سلون) لٽي آيا آهن.

    7
    لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَئي لَنڪا جي اوهِرِيا،
    سُڻي سُون لَنڪا جو، سُکُ نه سامُونڊيُنِ،
    پِرِهَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائنِ،
    وَڏي ڀاڳ ڀِڙنِ، جي ڪَهيا ڪارُونڀار ڏي.

    سارو وقت ”لنڪا! لنڪا!“ پيا ڪن ۽ لنڪا ڏانهن ئي هاڪاريو اٿن. لنڪا جي سون جي ڳالهه سڻي، سامونڊين کي هت سک ئي نه ٿو اچي. سمنڊ جو کارو پاڻي جهاڳيندڙ، اَسر جو ئي پڳهه ڇوڙي، ٻيڙا هاڪاريا آهن، جي اجهاڳ ساگر تي اُسهيا، سي وري ڪنهن وڏي نصيب سان موٽن.

    8
    وَڻِجارنِ وري، پِرِهَ پَڳَھَ ڇوڙيا،
    اولِيُون پَسي اُنِ جون، پِيَڙَمِ ڳچ ڳَري،
    وِيندِيَسِ ماءِ! مَري، ساري سامُونڊيُنِ کي.

    وڻجارن وري اَسر جو پڳهه ڇوڙيا آهن. هنن جون اوليون پسي، منهنجو جيءُ جهري پيو. اي امڙ! سامونڊين کي سنڀاري، ان جهوريءَ ۾ پاڻ ڳاري پوري ٿي وينديس.

    9
    وَڻجاري جِي ماءِ، وَڻجارو نه پَلِئين؟
    آيو ٻارهين ماهِ، پُڻِ ٿو سَفَرِ سَنبهَي!

    اي وڻجاري جي ماءُ! وڻجاري کي نه ٿي جهلين! هو ٻارهين مهيني واپس وريو ۽ وري ٿو سفر تي سنڀري. (وڻجاري، سس کي ٿي چوي.)

    10
    وڻجاري ڪانڌاءُ، مُون وَرُ ويٺي گهارِيو!
    لڳي اُتر واءُ، ڍولِيو هَلڻَ جون ڪري.

    وڻجاري گهوٽ سان لائون لهڻ کان، مان هوند ريءَ پرڻي حياتي گذاريان ها. اڃا اُتر لڳو آهي ته جانب وڃڻ جون وايون پيو ڪري.

    11
    جي تون وَڻجارو ڪانڌُ، ته مون هَڏِ مَ لائون لَڌيُون!
    پَرَڏيھَ مٿي سانگُ، اَٺئي پَهرَ جنهن ڪيو.

    اي ڀتار! جئن ته تون سوداگر هئين، تئن مان جيڪر توسان هرگز نه پرڻجان ها. هنن (وڻجارن) کي اٺ ئي پهر پرديس وڃڻ جو سنباهو لڳو پيو آهي.

    12
    ڏِٺي ڏِياري، سامُونديُنِ سِڙهَ سنباهِيا،
    وِجهيو وَرُ ونجھه کي، روئي وَڻجارِي،
    مارِيندءِ مارِي!، پِرِهَه سُورَ پِرِينِ جا.

    ڏياري ڏٺي آهي ته سامونڊين سڙهه (ٻيڙا) سنڀاريا آهن. وڻجاري، ونجهه کي ڀاڪر ۾ وڪوڙي، ڳوڙها پئي ڳاري. اي مئي! توکي اسر جو جانيءَ جي جهوري جهوري ماريندي. 


    سُرُ سهڻي

    داستان پهريون

    1
    وَهَ تِکَ واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن تِکَ نرالي،
    جِن کي عِشقُ عَمِيقَ جو، خِلوَتَ خِيالي،
    وارِئين سي والي!، هِنئڙو جِن هَٿِ ڪيو.

    درياهه جي وهڪ ۾ تک آهي ۽ نهرن ۾ به تک آهي، پر جت عشق آهي تت تک ئي نرالي آهي. جن کي اونهي (وحدت) جو عشق آهي، سي هيڪلائيءَ ۽ حقيقي خيال ۾ محو آهن. اي سائين! شل تون انهن کي واپس آڻين، جن منهنجو هنئون پاڻ وٽ قابو ڪيو آهي.

    2
    واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اڳي ٿيو،
    گهَرِ ويٺيون گهڻا ڪريو، سَرَتيُون! سڱ سنوان،
    صُورت جا ساهَڙَ جي، سا جي ڏٺي آن،
    هُوندَ نه پَليو مان، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.

    پاڻيءَ جا نوان نوان وهڪرا پيا وهن، پر تکي وهڪ اڃا به اڳاهون آهي. اي سرتيون! اوهين گهرن ۾ ويٺيون ڪانڌن جي سنهن جي ناتي جا دم هڻو. (اي سرتيون! اوهان سڀ گهر ويٺي مائٽي رويجهائپ ڏيکاري جي صلاحون ٿيون ڏيو) جي اوهان ساهڙ جي صورت ڏٺي هجي ها، ته جيڪر مون کي هرگز نه روڪيو ها، پر پاڻ ئي گهڙا کڻي درياهه ۾ گهڙي پئو ها.

    3
    ڪَنڌيءَ اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙ“ ڪَنِ،
    ڪنين سانگو ساه جو، ڪي ”گهورِيَس“ ڪيو گهڙنِ،
    ساهڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گِهڙنِ جي.

    ڪنڌيءَ تي بيهي ڪيتريون ئي ”ساهڙ! ساهڙ!“ پيئون پڪارين. اُنهن مان ڪن کي پنهنجي جان جو اونو آهي ته ڪي ”مان ميس ته صدقو ٿيس“ چئي درياه ۾ گهڙيو پون. ساهڙ انهن جو آهي، جي مشڪندي اُونهي ۾ گهڙيو پون.

    4
    وڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچين ٿي ويلا ڪري،
    گِهڙي گَهڙو هٿِ ڪري، سُڻي سانجهيءَ ٻانگ،
    سيئي ڍونڍي سانگَ، جتي ساهَڙُ سپِريِن.

    وڻن تي ڪانو وڃي آرامي ٿيا آهن ۽ سنجهان اچي سهڙي آهي. سهڻي سانجهيءَ جي نماز جي ٻانگ سڻي، گهڙو هٿ ڪري، درياه ۾ گهڙي پيئي آهي. هوءَ اُهي ماڳ ٿي ڏوري، جتي سندس محبوب ساهڙ آهي.

    5
    گهڙي گهَڙو هٿ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ،
    ”سُر در قلمِ يار فدا شد چه بجا شد،“ وَصلَ اِهو ئي وَنگُ،
    راتِ جنيِن جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪارِئين.

    سهڻي درياه جو پيچ چڱيءَ طرح جاچي گهڙو کڻي اندر گهڙي پيئي. ”دوست جي قدمن ۾ سر قربان ٿيو ته ڇا ٿيو.“ اهائي وصل (ميلاپ) ماڻڻ جي رمز آهي. اي ڌڻي! جن جي موج جي مهل رات آهي، سي شل پار اُڪارين.

    6
    گهِڙي گهَڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ،
    ”وَاِمَامَن خَافَ مَقَاَمَ رَبِھ“، اِيُ لَنگهيائِين لَنگهُه،
    سُڪَندِينِ کي سَيدُ چَئي، ڪِينَ جَهليندو جَهنگُ،
    راتِ جِنيِن جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪارئين.

    سهڻي درياه جو پيچ چڱيءَ طرح جاچي گهڙو کڻي اندر گهڙي. ”جو پنهنجي رب جي اڳيان بيهڻ کان ڊڄي ٿو:“ اِنهيءَ اڙانگي لڪ کان لنگهي ويئي. سڪ وارين کي ڪوبه خطري وارو (يا منجهائيندڙ) هنڌ (جهنگ) نه روڪي سگهندو. جن جي موج جي مهل رات آهي، سي شل پار اُڪارين.

    7
    گِهڙي گهڙو هَٿِ ڪري، اِلاهي تُهارَ!
    ڄَنگَهه ڄَرڪي واتَ ۾، سِسيءَ کي سيسارَ،
    چُوڙا ٻيڙا چِڪَ ۾، لُڙ ۾ لڙِهيس وارَ،
    لکين چُهٽيس لوهِڻيُون، ٿيلهيُون، ٿيلهيُون ٿَرَنئُون ڌارَ،
    مِڙِيا مَڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي!

    سهڻي گهڙو کڻي ڌڻيءَ جي آسري درياه اندر گهڙي. سندس ڄنگهه ڄرڪي جي وات ۾ هئي ۽ سسي، سيسر جي حوالي. چوڙا چڪڻ ۾ چٻا ٿي ويس ۽ وار لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ پئي لڙهيس. لکين لوهڻيون ۽ ٿيلهيون پنهنجن ماڳن کان مڙي کيس چهٽيون ۽ هزارين مڇ اچي چوڌاري مڙيس. هاڻي سهڻي چيرجي ٻيرا ٻيرا ٿيندي.

    8
    گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، مَرُ چُور ٿِئي چُوڙو،
    ”طالِب المَوليٰ مُذکَرُ“، اِيُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
    ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهارُ مَنَ ۾.

    دلو ڀڳو ته صدقي ٿيو، ڀل منهنجو چوڙو ڀڄي رتيون رتيون ٿي پوي. ”خدا جو طالب سچو مرد آهي“: اهو ئي ٻڏندڙن لاءِ ترهو آهي. ڏم ڪوڙهيو ۽ ڪوڙو آهي، منهنجي من ۾ ميهار ئي پيو وسي. (هتي ڏم مان مراد نفس آهي.)

    9
    گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، پاڻان هو حِجابُ،
    واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ،
    ساهَڙَ رِءَ صَرابُ، آئُون گهڻوئي گهورِيان.

    دلو ڀڳو ته صدقي ٿيو، مون لاءِ پاڻ اُهو هڪ (اٽڪاءُ) هو. منهنجي جيءَ ۾ واڄٽ پيو وڄي ۽ منهنجو روح خود رباب ٿي پيو آهي. ساهڙ کان سواءِ مان ظاهري پاڪائيءَ کي جيڪر گهوري ڦٽو ڪريان (جسم دلو آهي، واڄٽ نصيحت ڀريو لفظ آهي ۽ صواب آهي ديني فرض.)

    10
    گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، تان ڪِي تَرُ هِنيان!
    اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِيهاڻي ڏِيان،
    ميهارَن مِيان، سَئون سُونهايَم پيچِرو.

    دلو ڀڳو ته صدقي ٿيو. اي دل! تون ڪي اُٿي تَرُ، مان پنهنجين اکين کي روز پليو پيئي پليان. ميهارن جي سردار مون کي درست واٽ ڏيکاري. (هتي ادب معنيٰ پرهيز ۽ سنئين واٽ ڏيکاريندڙ آهي روحاني رهبر.)

    11
    گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، آسَرَ مَ لاهيج،
    ”لاتَقنطوا مِن رحمتَہ الله“، تُرَهي اِن تَريج،
    حَبيباڻي هيج، پَسِين مُنهُن ميهارَ جو.

    دلو ڀڳو ته قربان ٿيو، آسرو نه لاهج. ”ڌڻيءَ جي ٻاجهه کان نااميد نه ٿيو“ اُنهيءَ ترهي تي ترج. عاشقاڻي شوق ۽ سڪ جي وسيلي ئي تون ميهار جو مشاهدو (درشن) ماڻيندينءَ.

    12
    گهڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئي، وَسِيلا وِيا،
    تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻيءَ سَڏُ ميهارَ جا.
    دلو ڀڄي پرزا ٿيو، سهڻي فنا ٿي ويئي ۽ سندس سمورا وسيلا ۽ واسطا ميسارجي ويا. تنهن کان پوءِ ئي سهڻيءَ ميهار جا سڏ ٻڌا.

    13
    پاڻُ مَ کَڻج پاڻَ سين، وَسيلا وِسارِ،
    لڙُ لَنگهائي سُهڻي!، پِرتِ وِجهنديءَ پاري،
    سي تُرتُ لَنگهيِنديُون تارَ، اُڪنڍَ اَڳہُ جن سين.

    اي سهڻي! پاڻ سان خودي نه کڻ ۽ سڀ ظاهري اُپاءَ ترڪ ڪر. توکي سچي سڪ اونهي مان اُڪاري پار ڪندي، اُهي سگهو ئي سير لنگهي وينديون، جن جو سونهون گهاٽو نينهن آهي.

    14
    پاڻُ مَ کَڻج پاڻَ سين، رِءَ وَسيلي وانءُ،
    مَٿان سائر، پِرتِ وٺجي پانءُ،
    نِينهن ڳِهندي نانءُ، وَنءُ پِريان جي پارَ ڏي.

    پاڻ سان خودي نه کڻ ۽ بنا ڪنهن وسيلي جي اڳتي وڌ. اي سهڻي! مهراڻ جي مٿان پريت جو پير کڻي هلجي. نينهن جو ئي نالو وٺي، پرين جي پار ڏي وڃ.

    15
    ڪونهي آڳہ اَهڙو، جهڙي مُحبت من،
    اڀيون اورئين پارَ ڏي، ڪُوڙيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
    نَدي تِنِ نيِڙُ ٿئي، جي رِيءَ تُرَهي تَرَنِ،
    سِڪَ رَساڻي سُهڻي!، اَصلِ عاشقَنِ،
    سي جهليُون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارَ کي.

    اهڙو ٻيو ڪو آڌار ڪونهي، جهڙو دل ۾ عشق. ڪوڙيون عاشقياڻيون ئي اورينءَ ڀر بيهي، ترهي جي پڇا ٿيون ڪن. تن لاءِ ندي هڪ ننڍي نهر ٿيو پوي، جي ترهي بنا ٿيون ترن. اي سهڻي! عاشقن کي اصل کان سڪ ئي هليو سپرينءَ وٽ رسائي، جن کي ميهار جي لنوءَ لڳل آهي، تن کي ڪنن ڪين روڪيو.

    16
    پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهارُ،
    تُرَهو تِنيِن بارُ، عشق جنيِن کي آڪِرو.

    جن کي ميهار جي تار لڳل آهي، تن جي تار ميهار کي به لڳل آهي، جن جي محبت گهاٽي آهي، تن لاءِ ترهو به بار آهي.

    17
    ساهَڙُ، سا سُهڻي، سائر پِڻِ سوئي،
    آهي نِجوئي، ڳجھه: ڳجهاندَرَ ڳالهڙي.

    جو ساهڙ آهي، سوئي سهڻي ۽ سمنڊ آهي. اها ڳالهه هڪ نجو (خالص) ۽ ڳوڙهو اصرار آهي. (ڌڻي، انسان ۽ ڪائنات ٽيئي هڪ آهن.)

    وائي
    ڪهڙي مَنجھه حساب؟
    هُئڻُ منهنجو هوتَ ري، لا!
    گولي! ڀَڄُ گُناهَ کان، ڪونهي سُولُ ثَوابَ،
    نڪي تفاوَتَ ۾، نڪي مَنجِھه رَبابَ،
    خُدِيائي خُوبُ ٿِئين، لائِين جي لُعابَ،
    پليتُ ئي پاڪُ ٿئي، جُنبِيو منجِھه جناب،
    سو نه ڪنهن شيءِ ۾، جيڪي منجھه تراب،
    هوءِ جي جَرڪيا جَرَ تي، سي تان سَڀ حُبابَ،
    هاديءَ سين هُنَ پار ڏي، رِڙهين ساڻُ رِڪابَ،
    چنبو وجهي چورَ کي، آءُ ڇَڙَ، عُقاب!
    دِيدُ وِڃاءِ مَ دوسَتَ جو، هلي مَنجِھه حِجابَ،
    ڪَسرَتَ آهي قُرب ۾، اِدغامَ ۾ اِعرابَ،
    فَنا وجهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيُ ڪَباب،
    ڏي طَهُورا تن کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ،
    مُٺيءَ ڪيا مرض ۾، جاوا سَڀ جَوابَ.

    ڪهڙي ليکي منهنجو جيئڻ پرينءَ بنا ٿيندو. اي ٻانهي! گناهه کان پري ڀڄ، نيڪ ڪمن ۾ به ڪو ساءُ نه آهي (گناهه ۽ ثواب کان نيارو رهه)، نه ٻاهرين پاڪائي ۾ ڪي رکيو آهي، نه ساز سرود ۾، جي چپن کي کوئنر لڳائين (سُن اختيار ڪرين)، ته اندر ۾ سهڻو ٿي پوين. ائين ناپاڪ انسان به جيڪو پاڪ ٿي پوي، پوءِ هو کڻي ميرائيءَ ۾ مبتلا هجي. جيڪو مٽي ۾ آهي، سو ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي. هو جي پاڻي جي مٿان پيا چمڪن سي مڙئي ڦوڪڻا آهن. (ظاهري شين کي ڪا هستي نه آهي.) مرشد جي خذمت جي برڪت سان پرئين پار وڃي رسندين. اي تيز عقاب! تون اچي هن چور (نفس) کي چنبو وجهي، جهٽ. پردي (اڄاڻپ) اندر هلي، محبوب جو ديدار هٿان نه وڃاءِ. وصل ۾ ٻن هستين جو نهوڙجي پاڻ ۾ ملڻ ائين آهي، جئن ادغام ۾ ماترائن جو پاڻ ۾ ملڻ. وات ۾ فنا (ماٺ) وجهي، پرينءَ ڪاڻ پچي ڪباب ٿيءُ. طهورا (بهشت جو پاڪ شراب) انهن کي ڏي، جيڪي شراب لاءِ سڪندا هجن. بيماري ۾ هن مُٺيءَ اهي سڀ باتيون اجايون ڪيون آهن. (هي سخن ائين آهن جئن بيماريءَ جي غشيءَ ۾ گفتار. چون ٿا ته هيءَ وائي شاهه صاحب وفات کان اڳ اڪثر پيو چوندو هو.)

    داستان ٻيو

    1
    ڪَر ڳلَ ڪوچَ ڪُنَ گهڻا، جِتي جَرَ واڳُو جِئائِين،
    پاڻُ اُڇلي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائِين،
    لَهريُون لَنگهِيائين، لطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.

    درياه ۾ جتي بيشمار ڪڙڪا، ڪولاهل، ڪُن ۽ واگهو هئا، تتي سهڻيءَ پاڻ کي پاڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. هوءَ ڌڻيءَ جي مهر سان لهرون لنگهي ويئي.

    2
    دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
    بيحَدِ باڳُو بَحرَ ۾، هيبَتَناڪِ هَزارَ،
    سارِيان ڪانَ سرِيرَ ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ،
    ساهَڙ ڄامَ سَتارَ!، سِگهو رَسجِ سِيرَ ۾.

    جتي درياه جي اٿل جي دهشت ۽ زبردست سيسر آهن ۽ هزارين بلڪ، بيشمار واگهو پيا ورن، تتي اوهان کان سواءِ پنهنجي سرير ۾ ڪو ست نه ٿي سمجهان. اي ساهڙ ستار! (پردو رکندڙ) ترت اچي مون کي سير ۾ رسج.

    3
    دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ ڪَڙڪو ڪُنُ ڪري،
    توڏي تاڪُن وِچَ ۾، مٿان ويَر وَري،
    آءُ، ساهَڙَ! منهنجا سُپرِين، پِرِتان پيرَ ڀَري،
    هادي هَٿَ ڌري، اونهي مان اُڪارئين.

    جتي درياه جي اُٿل جي دهشت آهي ۽ ڪُن ڪڙڪا پيا ڪن، تتي سهڻي درندن جي وچ ۾ آهي ۽ مٿائنس وير پيئي وري. اي منهنجا پريتم ساهڙ! تون پريت وچان پير ڀري اچ. اي رهبر! مون تي پنهنجا هٿ ڌري، مونکي اچي عميق مان پار اُڪار.

    4
    دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙِڪو،
    آهيمِ اُنَهيِن پارَ جو، دِلِ اندر دَڙڪو،
    ڀڃي سِڪَ سَيدَ چَئي، سِير سَندو سَڙڪو،
    والي! ڪَج وَڙُڪو، ته ٻارِ لَنگهيان ٻاجھه سين.

    جتي درياه جي اٿل جي دهشت آهي ۽ ڪُنن جو ڪولاهل پوي پوي، تتي مون کي انهيءَ پار جودل ۾ خوف آهي. درياه جي جوش ۽ جولان کي محبت مات ڪيو ڇڏي. اي ڌڻي! ڪو احسان ڪج، جو تنهنجي مهر سان درياه مان پار اُڪري وڃان. (سچي سڪ اڳيان بحر به بيوس آهي.)

    5
    دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ،
    نَڪو سَندو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ،
    دَرَندا دَرياهَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ،
    سَڄا ٻيڙا ٻارَ ۾، هَليا هيٺ وڃن،
    پُرزو پئدا نه ٿئي، تَختو منجهان تِنِ،
    ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ ۾، ويا ڪينَ وَرَنِ،
    اُتي اَڻَتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگهاءِ تُون.

    جتي درياه جي اٿل جي دهشت آهي ۽ جانورن جا آستان آهن. جتي آب جو انت ئي ڪونهي ۽ ملاحن کي گهرائيءَ جي سڌ نه آهي. جتي خونخوار جانور درياه ۾ واڪا ڪيو ويا ڦرن، جتي سارا ٻيڙا هيٺ ائين غرق ٿيو وڃن، جو اُنهن جو ڪو تختو يا پرزو ئي وري نه ٿو لڀي. جتي ڪنن ۾ اهڙو ڪو قهر پيو پوي، جو اندر ويلن جو موٽڻ ئي ڪونهي. تتي اي ساهڙ! تون اڻتارن کي اچي سير مان پار اُڪارج. (هتي سمنڊ جي هيبتناڪ صورت وسيلي، انسان کي دنيا جي ڀو ساگر کان آگاه ڪيو ويو آهي.)

    6
    دَرَهَڙَ ڌَنس دَرياهَ ۾، جِتِ لَهريُون ڪَنِ لوڙا،
    سَئين اَچي سمُونڊَ ۾، ٿيا سِيڻايا سوڙا،
    جي تارُو هُئا توڙا، تن هَرٻو ڀانيو هيڪڙو.

    جتي درياه جي اُٿل جي دهشت آهي ۽ لهرون وڏا هُل پيئون مچائين. جتي سوين سيڻاه وارا اچي حيران ۽ عاجز ٿيو پون، تتي ان کي (درياه کي) جيڪي اصل کان تارو هئا، تن هڪ ئي ٽپو سمجهيو. (ڪامل شخص دنيا توڙي طريقت جي خوفن ۽ خطرن مان ساعت ۾ پار لنگهيو وڃن.)

    داستان ٽيون

    1
    تَڙَ تَڪَڙِ تارِ گهِڙڻَ، اِيُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
    ڏَهَ ڏَهَ ڀِيرا ڏِينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ،
    عقُل مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينهَن نِهوڙِيا.

    تڙ تان تڪڙ ۾ تار پاڻيءَ ۾ ڪاهي پوڻ، اهو غرض وارين (عاشقياڻين) جو ڪم آهي. ڏم ڏينهن ۾ مون کي ڏهه ڏهه ڀيرا مهڻا ٿو ڏئي. نينهن منهنجي عقل، هوش توڙي حياءَ کي نابود ڪري ڇڏيو آهي.

    2
    گهيڙان ڪَري نه گهُورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نه لَهي،
    جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي، پُورَنِ مٿي پُورَ،
    ڪاريءَ رات ڪُنَنِ ۾، وَهَمَن ِڪي وَهلُورَ،
    جنهن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تنهن کي نَدِي ناهِ نِگاهَ ۾.

    سهڻي گهيڙ تي پوري نظر نه ٿي ڪري ۽ تڪڙ کان تڙ (سلامتيءَ واري هنڌ) جي به جاچ نه لهي. جنهن کي ساهڙ لاءِ اُڪير آهي، تن کي پورن مٿان پور پيا پون. هن کي انڌاري رات جو ڪنن ۾ پورن حيران ڪري وڌو آهي. جنهن کي سپرين جو سور ساڻ آهي، تنهن جي نظر ۾ نديءَ کي ڪا هستي نه آهي.

    3
    جِئان گِهڙي تِئان گهيڙُ، ڪَپَر پُڇَنِ ڪُوڙيون،
    ڏَمَ سين جُسو ظاهِراَ، مَنَ ميهارَ سين ميڙُ،
    سا نَدي ڀانئي نيڙُ، جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي.

    جتان هوءَ (سچي عاشقياڻي) گهڙي ٿي، تتان ئي هن لاءِ گهيڙ ٺهيو پوي. ڪوڙيون ئي ڪنڌيءَ جي تانگهه ٿيون ڪن. ظاهري طرح سندس جسم ڏم سان آهي، پر سندس من ميهار سان مليل آهي. جنهن کي ساهڙ جي اُڪنڊ آهي، سا نديءَ کي ننڍي نهر ٿي سمجهي.

    4
    جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَر پُڇَنِ ڪُوڙيون،
    جن کي سِڪَ ساهَڙَ جي، گهيڙَ نه پُڇَنِ گهاٽَ،
    جن کي عِشقَ جي اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀانئِينِ وِکَڙي.

    جتان به درياه جي وهڪ آهي، تتان سهڻيءَ لاءِ واٽ آهي. ڪنڌيءَ جي تانگهه ڪوڙين کي ئي آهي. جن کي ساهڙ لاءِ اُڪير آهي، سي نه گهيڙ ڳولين، نه گهاٽ. جن کي عشق جي اڃ آهي، سي درياه کي هڪ وک ٿيون سمجهن.

    5
    ڪنهن جنهن گِهيڙَ گِهڙي، جئن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ،
    سالُم ويئي سُهڻي، ڪُنَنِ ڪِينِ ڪَيوسِ،
    اُهِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
    حَقان حَقُ ٿِيوسِ، هُئي طالِبِ حَقَ جي.

    سهڻي اهڙي ڪنهن گهيڙ مان گهڙي، جو هن لاءِ اڙانگو تڙ به سڻائو ٿي پيو. سهڻي سلامت لنگهي ويئي ۽ ڪنن کيس ڪي ڪين ڪيو. سندس اکين ۾ پرينءَ جي تجليءَ (نور) اچي واسو ڪيو. حق (خدا) طرفان ساڻس حق (انصاف) ٿيو، ڇوته هوءَ پاڻ به حق (ڀتار) لاءِ سڪندڙ هئي.

    6
    هُئي طالِبِ حَقَ جي، توڏي لاڪُون توڙَ،
    نه مَلاحُ نه مَڪُڙي، نَڪي ٻَڌي نوڙَ،
    پاڻي پِنيءَ ٻوڙَ، سُهڻيءَ ليکي سِيرَ ۾.

    سهڻي اصل کان ڀتار لاءِ سڪندڙ هئي. هوءَ نه ملاح ٿي پڇي نه ٻيڙي نه پتڻ لاءِ نوڙي. سهڻيءَ جي نظر ۾ سير ۾ گوڏي کان به گهٽ پاڻي آهي. (جن کي سچي محبت لڳل آهي، تن لاءِ ڪابه ڏکيائي نه آهي.)

    7
    توڏي توڙائين، نِينهن نوازي سُهڻي،
    ڳِچيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائقُ لَڌائِين،
    سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسِرو.

    سهڻي اصل کان نينهن جي نوازيل هئي. هن نيٺ پريتم جو ٺاهوڪو هار (وصل جو سينگار) هٿ ڪيو. اُهو تڙ ڳولي لڌائين، جتي ساري جڳ جو آڌار يعني سندس محبوب هو.

    8
    توڏي! تُهائِين جي، سي هتي ڇَڏِ حِرصَ،
    ساهَڙَ ڌاران سُهڻي! کوٽِيُون ڪَنِ کِرسَ،
    وَڏي اِيَ وِرسَ، جيئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهن گُذارِئين.

    اي سهڻي! جيڪي حرص (ترشنائون) هرکائيندڙ آهن، تن کي هتي ئي ترڪ ڪر. ساهڙ (پرينءَ) کان سواءِ ڪوڙيون ئي ناز ۽ نخرا ٿيون ڪن. اها وڏي ڀل اهي، جو ڏم جي صحبت ۾ پنهنجا ڏينهن ٿي ڪاٽين. (هتي ڏم: نفس)

    9
    ساري سِکُ سَبَقُ، شرِيعَتَ سَندو سُهڻي!
    طَرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
    مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلُ عاشِقنِ کي.

    اي سهڻي! تون شريعت (مذهبي فرضن) جو سبق پهرين سک. طريقن (روحاني پنڌ جي واٽ) کان وڌيڪ جبرو حقيقت (حق پروڻ) جو سبق آهي. معرفت (خدائي علم) پرائڻ اصل کان عاشقن جو فرض آهي. (صوفين جون چار منزلون.)

    10
    صَبُرُ شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾،
    جي واصلُ ٿيا وِصالَ ۾، سي ذرو ظاهرُ نه ڪَنِ،
    وِييَتَ واهَرَ تَرَنِ، هِنئڙا جنَ هَڄِي ويا.

    شڪر وارن جي آستانن تي صبر ئي صبر آهي. (هو سچا صابر آهن) جي پرينءَ سان ملي، منجهس محو ٿي ويا آهن، سي تر جيترو به ظاهر نه ٿا ڪن. جن جا هنئان محبت ۾ هڄي فنا ٿي ويا آهن، سي بنا ڪنهن مدد جي ساگر تريو وڃن.

    11
    سِياري سِھَ راتِ ۾، جا گهِڙي وَسندي مِينهَن،
    هَلو ته پُڇُون سُهڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهَن،
    جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئي مَنَ ۾.

    تهه سياري جي رات ۾ ۽ مينهن وسندي، جا سهڻي درياه ۾ ٿي گهڙي، تنهن کان هلو ته محبت جي خبر پڇون. ڇو ته هن کي ئي سچي نينهن جي سڌ آهي. هن کي رات ۽ ڏينهن ميهار ئي من ۾ پيو وسي.

    12
    سانوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، هيءَ سَرَهي سِياري،
    تَنُ وڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
    مُحبَتي ماري، ڪونهي دادُ دَرياه ۾.

    سانوڻ جي رات ۾ هرڪا درياه ۾ ٿي گهڙي، پر هيءَ (سهڻي) سياري ۾ پاڻيءَ ۾ گهڙندي بهار پيئي ٿئي. هن گهاٽي مينهن سبب ئي پنهنجو جسم تکي وهڪ ۾ کڻي اُڇليو. درياه وٽ ڪو نياءُ ڪونهي، سچن عاشقن کي ٻوڙيو فنا ڪيو ڇڏي.

    13
    واهُڙَ! ڀَريُون مَ پاءِ، تو پڻ لکيو ڏيڻو،
    سدا سانوَڻَ ڏينهڙَا، هِئن نه هُونداءِ،
    وهاڻيءَ وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لهي.

    اي درياه! ڪنڌيون نه ڪيرياءِ، توکي پڻ حساب ڏيڻو آهي. تو لاءِ هميشه سانوڻ جا ڏينهن نه هوندا. صبح جو (ترت ئي) تنهنجون اهي اُٿلون غائب ٿي وينديون. (اِهو شاعر جو درياه کي سهڻو سراپ آهي. سياري ۾ درياه جو ڦوه جوڀن به ناس ٿيو وڃي.)

    14
    مُحبَتي ميهارَ جون، دِل اَندرِ دُونهيُون،
    آڻيو وجهي آرَ ۾، لُهاڻو لُوهيُون،
    جي ساهڙ جون سُونهيون، سِير سِراڙو تن کي.

    منهنجي دل ۾ پريتم ميهار جي نينهن جا مچ پيا ٻرن. هي جلائو (جلائيندڙ يعني عشق)، جليلين (عشق جي آگ ۾ جليل عاشقياڻين) کي اچيو ڇوه ڀرئي تار پاڻيءَ ۾ اُڇلي. جيڪي ساهڙ جي سونهپ هيٺ آهن، (يا جن جي ساهڙ سان سڃاڻپ آهي)، تن لاءِ وچ سير به روهيءَ (لسي پٽ) مثل آهي.

    وائي
    مَدَتَ ٿِيُ، ميهارَ! يارَ!
    ساهَڙَ! سائرَ سَيرَ ۾.
    اُونها ڪُنَ، اُتانگَ تَڙَ، اولي هَڻُ، آذارَ!
    ڏِينهَن ڏُهِلا ڏَمَ سين، آهيان اَوهان ڌار!
    ٻِڇَل ٻانڊي ٻارَ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ،
    تِتي گهِڙي سُهڻي، آڳَھَ رِءَ آڌارَ،
    ”ڪاري راتِ ڪَچو گهَڙو“، تو ڏيءَ ڪِي تَنوارَ،
    سَنڀُوڙو سِيڻاه سين، سِگهو رَسُ، سَنگهار!
    اوراران آهون ڪَرِيان، پَهچان شل پرارَ،
    سُڻِيو جهان جِهڄي هِنئون، سانڀارا سنڀار،
    آيَم ريلي ريءَ سين، اَللهَ! تو آهار،
    تارِ تَرندِيَسِ، لُڙَ لَنگهِينديَسِ، ويندِيَسِ وَٽ وڇار،
    بُورِيندِيَسِ، پارِ مڻي، سَهَسين، جي سيسارَ،
    گولي گهگهائي گهِڙي، جَکَنِ ٿا جانار.

    اي جانب ميهار! اي ساهڙ! تون اچي گر (پاڻيءَ) سسير ۾ واهڙ ٿيءُ! اي منهنجا ڀروسا! ڪُن اونها آهن ۽ تڙ اوڙاهه جهڙا، تون اچي مون کي مدد ڪر. مان اوهان کان سواءِ ڏم سان ڏکيا ڏينهن پيئي گذاريان. تار درياه ۾ ڇوهه مان بنڊ لڙهندا وڃن ۽ اُت نهايت اُبتا وهڪرا آهن. اُتي سهڻي ڪنهن سونهي جي واهر بنا گهڙي پيئي. توڏيءَ (سهڻي) اُتي هيءَ مٺي پڪار ڪئي: ”رات ڪاري آهي ۽ گهڙو (دلو) ڪچو آهي.“ اي سنگهار! (ميهار!) تون ترت سيڻاهه سوڌو اچي مونکي رسج.
    اورينءَ ڀر اهي ئي پڪارون پيئي ڪريان ته شال پرينءَ ڀر پهچان. اي ڌڻي! تنهنجي ئي آسري هن تکي وهڪ ۾ پاڻ وڌو اٿم. مان پار درياه تري ۽ ڪارونڀار لنگهي، ميهار وٽ پهچنديس. مان پرينءَ ڀر هلنديس، توڙي وچ ۾ سهسين سيسار (واگهه) هجن. هيءَ ٻانهي سانگو لاهي، مهراڻ ۾ گهڙي ۽ جانور کيس ڏسي جکن پيا.

    داستان چوٿون

    1
    اَدِيُون! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ منهنجا چورِيا،
    لارُنِ جا لَنوءَ لائي، سا ڪيئن آڇِيان عام،
    لَڳِيَسِ جنهن جي لامَ، سو دلاسا دوست مُنجي.

    اي سرتيون! ميهار جي گهنڊڻين منهنجا مڙيئي انگ لرزش ۾ آندا آهن. محبت، جا لار جي لغار (چڙي اندر وڄندڙ لار جي آواز) مون ۾ جاڳائي آهي، سا ڪئن مان عام ماڻهن سان سليان. جنهن جي آسري مان لڳي آهيان، سو سپرين مون کي دلاسا پيو موڪلي.

    2
    ڪارا ڪُنَ ڪاري تُڳي، جت ڪارِيهَرَ ڪَڙڪا،
    مَئي مَتي مَهراڻَ ۾، اَچنِ دُپارا دَڙڪا،
    ويندي ساهَڙَ سامهان، جهولَ ڏَنسِ جهَڙڪا،
    کَرِڪِنِ جا کَڙڪا، سُونهان ٿِيَڙَسِ سِير ۾.

    ڪارا ڪن ۽ ڪاري رات، جتي واسينگن جهڙا ڌڪائيندڙ (واسينگن وانگر الري ايندڙ) ڪڙڪاٽ پيا پون. مست مهراڻ ۾ ٻپارا (ٻنهي طرفن کان) خطرا پيا پسجن. ساهڙ ڏانهن ويندي، پاڻيءَ جي جهول، سهڻيءَ کي سٽڪا ڏنا آهن. کرڪن (چڙن) جا آواز ئي سير ۾ سندس رهبر ٿيا.

    3
    جِياريَسِ سَنڀارَ، ڪُھُ ڪَرِيندَمِ گڏجي؟
    ويرو تارَ وُجودَ ۾، پِرِيُنِ جي پَچارَ،
    سي سڄڻَ هُونِ نه ڌارَ، جي هِنئين ۾ حَلُ ٿيا.

    مونکي پرينءَ جي سار ئي جياريو آهي، پوءِ مونکي گڏجي هو ڇا ڪندا؟ اندر ۾ هميشه سپرين جي تات اٿم. اُهي دلبر جدا نه ٿيندا، جي دل ۾ سمايا پيا آهن. (عاشق جو ڌڻيءَ سان هڪ ٿيڻ ڏانهن اشارو.)

    4
    ٻيلي پارِ ٻُري، مان کي چَڙَنِ چورِيو،
    مُحبتِي ميهارَ جي، سُتي شاخَ چُري،
    مَٿي جهوڪَ جُهري، پوَندِيَس پاريچَنِ جي.

    ٻيلي جي طرف وڄي، گهنڊن (چڙن) مونکي جنبش ۾ آندو. پريتم ميهار جو سانڍيل نينهن اچي جاڳيو. پرينءَ ڀر ويٺل محبوبن جي منزل تي وڃي ڊهي پونديس.

    5
    هُنَ ڀَرِ سُيمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارَن جي،
    چِتُ چَڙَنِ چورِيو، جَئونڪَ ٿِيَڙَمِ جوءِ،
    مُحبتِي ميهارَ جي، باللهِ پِيِيمِ بوءِ،
    وڃي رُوءِ بَرُوءِ، ديکيان دوستَ ميهارَ کي.

    هن ڀر پرينءَ جي ستي، هُل ٻڌم. گهنڊن (چڙن) منهنجو چت اُٿاريو ۽ سندس ذوق (عشق) مون ۾ ديرو ڪيو. ڌڻيءَ جو قسم ته پريتم ميهار جي مون کي هڳساڻ آئي. مان شل وڃي محبوب ميهار جو روبرو ديدار ڪريان.

    6
    ڪِٿي ٿِيو ميهارُ؟ ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي؟
    ڪِٿي دُونهي دوستَ جي؟ ڪِٿي پَرِيون پارُ؟
    جنهن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيون.

    ڪٿي آهي ميهار ۽ ڪٿي پيو گهنڊ (چڙو) وڄي؟. ڪٿي اهي محبوب جي دونهي ۽ ڪٿي آهي پرين ڪنڌي (ٻي ڀر)، جنهن لاءِ مون ساري ڄمار پاڻيءَ ۾ ڍومائون کاڌيون آهن؟

    7
    ميهاران مِرِڪَ، پِيتائين پِريمَ جي،
    تنهن مُنڌَ مَتوالي ڪي، سَنديءَ ساءِ سُرِڪَ،
    لَڳِيَسِ ڪام ڪِرِڪَ، لوهان تِکي لَطِيفُ چئي.

    سهڻيءَ ميهار کان پريم جي اُها پڪ پيتي، جنهن جي ذائقي منڌ کي مست ڪري ڇڏيو. کيس لوهه (رڪ) کان ئي تيز عشق جو ڪان لڳو (جتي طالب کي مرشد کان مليل سرڪي ڏانهن اشارو آهي.)

    8
    مَري تان مَ ميهارُ، وَٿاڻُ وِلَهو مَ ٿئي،
    وَڇِنِ جي وَڇارُ جو، وِنگو ٿِئي مَ وار،
    ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي مِهڻو.

    شل ميهار نه مري ۽ وٿاڻ سڃو نه ٿئي. شل منهنجي ميهار جو وار به ونگو نه ٿئي. ساهڙ منهنجي لاءِ سچو زيب (سينگار) آهي، جيتوڻيڪ ماڻهن جي نظر ۾ منهنجو ساڻس ناتو هڪ مهڻو يا عيب آهي.

    9
    چاهَڪَ چَري تارِ تَري، آيُون مَٿي ٻيٽَ،
    لُڙَ لَنگهِينديُون ليٽَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.

    مينهون ڇيڪ (گاهه) پاڻي (گهڻي پاڻيءَ) ۽ اونهي مان اُڪري، اچي سڪيءَ (ٻيٽ) تي پهتيون. هو ڌڻيءَ جي مهر سان لڙ ۽ ليٽ لنگهي پار پونديون.

    10
    چاهَڪَ چَري تارِ تَري، آيُون مَٿي ڪُنَ،
    ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻَنديُون، ساهَڙَ جي سَمَنَ،
    مينهُون ساڻُ اَمنَ، پَرچي پارِ لَنگهنديُون.

    مينهون ڇيڪ چري ۽ ڦوهه پاڻيءَ مان اُڪري، کوه تي (ڪن ڀرسان) آيون. ساهڙ جي سڏ تي سهسين اچي اوچي ڳاٽ سهڙنديون. مينهون راضي ٿي، خير سان پار اُڪرنديون. (ڪن صاحبن جو رايو آهي ته مٿين ٻن بيتن ۾ اشارو پيغمبر جي شفاعت ڏانهن آهي.)

    داستان پنجون

    1
    ساندَه سَڀ دَرياهُ، پَري ڪَنڌي پار جي،
    ڇَڪي ڇوليءَ ۾ گِهڙي، جِتي جِي وِڙاهُ،
    پَسيو ڏوهُ ڏَڪي هِنئون، آرَ مَٿي اَرِواحُ،
    جي توهُ ٿئي تو ڏانهن، وِيرَ وَهِيڻو ناه ڪي.

    ساندهه ئي ساندهه درياه پيو پسجي ۽ ٻي ڪنڌي نهايت پري آهي. هيءَ ديواني اُنهن لهرن ۾ گهڙي پيئي آهي، جتي جان جو خطرو آهي. وهه ۾ ساهه جي سوڙهه مهل، پنهنجا ڏوهه ساري، هنئون ڪنبيو وڃي. اي ڌڻي! جي تنهنجي طرفان مهر ٿئي ته ڪو به وير حوالي نه ٿئي.

    2
    سِڪَڻَ وارَنِ سُٿِرو، جي دَهشَتَ سان دَرياهُ،
    اوڙَڪَ اُنيِنِ جو نه رهي، آرَ بِنا اَرِواحُ،
    ويندي ساهَڙَ سامهون، صَدقو ڪنديون ساهُ،
    جن کي حُبَ اُنهِين جي آهِ، ساهَڙُ ساڻي تن جو.

    توڙي درياه ڪنبائيندڙ هجي ته به عشق وارن لاءِ اُهو تري وڃڻ آسان آهي. اُنهن جو روح اَنت تائين پاڻيءَ بنا نه ٿو رهي. عشق واريون ساهڙ (پريتم) ڏانهن ويندي، پنهنجي جان قربان ڪنديون. جن کي ساهڙ سان نينهن آهي، تن جو ساهڙ واهرو آهي.

    3
    گِهڙيا سي چَڙهيا، اِئين اَٿيئي،
    مَئي مَتي مَهراڻَ ۾، پَئو ٽپو ڏيئي،
    ته ميهارُ مليئي، سَنڀُوڙو سِيڻاهَ سين.

    اِئين اٿيئي ته جيڪي درياه ۾ گهڙيا، سي پار پهتا. تون تار درياه ۾ ٽپو ڏيئي، گهڙي پئو ته ميهار سيڻاهه سوڌو هڪيو حاضر مليئي. (جي سر جو سانگو نه ڪري، مشڪل راهه ۾ پون ٿا، تن کي اچيو ڌڻيءَ جو هٿ پهچي.)

    4
    اَکِيون مُنهن ميهارَ ڏي، رُکِيُون جن جوڙي،
    رِءَ سَنڊَ سَيدُ چئي، تارِ گِهڙَن توڙي،
    تنين کي ٻوڙي، سائُر سَگهي ڪِين ڪي.

    جن پنهنجون اکيون ميهار ۾ کوڙيون، سي کڻي سيڻاهه بنا ڦوهه درياه ۾ گهڙن ته به ساگر تن کي ٻوڙي نه ٿو سگهي. (جن ڌڻيءَ تي ڀروسو رکيو، تن کي دنيا روپي مها ساگر ڪوبه نقصان نه ٿو رسائي.)

    5
    جيڏانهن چِتَ چاهُ گهڻو، آرُ به اوڏانهِين،
    وڃي وَهُ واڪا ڪيو، تکو تيڏانهِين،
    ميهارُ ملائِين لَهُرنِ، مَنجھه لَطِيفُ چئي.

    جنهن طرف منهنجي هنئين کي ڪشش آهي، تنهن طرف ئي پاڻيءَ جي تک آهي. اُنهيءَ طرف ئي درياه زور مان گڙگاٽ ڪندو پيو وڃي. اي ڌڻي! تون شل مون کي لهرن ۾ ميهار سان مکاميلو ڪرائين.

    6
    پَلِيان پَلِيو نه رهي، نِرتُون نِينهُن نِبارُ،
    گهِڙان گهورِيو ڄِندُڙو!، اُٿَلَ مُون اَپارُ،
    جِنين مَنِ ميهارُ، هَلَڻُ تنِين حَقُ ٿيو.

    منهنجو نج عشق منهنجي نظر کان پلڻ سان به نه ٿو پلجي. اندر ۾ نينهن جي جنبش اٿم. درياه ۾ گهڙان ٿي، جي جان قربان ٿي ته گهوري! جن جي من ۾ ميهار پوي وسي، تن لاءَ پرينءَ ڪنڌيءَ ڏانهن وڃڻ واجب آهي.

    7
    سَندو ڏَمَ ڏَهاڪارُ، هَڏهِين ڪونهي هِنَ کي،
    هيءَ پاڻيءَ سين پانهنجو، پُسائي نه سِينگارُ،
    ڪارَڻِ منڌ ميهارُ، ڪاريءَ راتِ ڪُنَ تَري.

    سهڻيءَ کي ڏم جو ڏهڪاءُ هرگز نه آهي. هوءَ هن پاڻيءَ (دنيوي هوس) سان پنهنجي لباس جو زيب (پاڪائي) نه ٿي وڃائي. هيءَ عورت، ميهار ڪاڻ اونداهيءَ رات جو ڪن ترندي ٿي وڃي.

    8
    جيهَرَ لوڪُ جهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نه هوءِ،
    اوهيرَ اَچيو اَديُون!، پَھُ پِريان جو پوءِ،
    جي ڪَچو چَوَنِمِ ڪوءِ، ته مَرڪُ ڀانيان مِهڻو.

    جنهن وقت ماڻهو ننڊ ۾ آهن ۽ ذري به سجاڳي نه اٿن، تنهن وقت اي سرتيون! مونکي اچيو طعنا هڻن ته ان کي فخر ڪري ٿي سمجهان. (عاشقن لاءِ ملامت مرڪ آهي.)

    9
    ته ڪَرَ ڪِينءَ سُئي؟ جي سِير نه گهِڙي سُهڻي،
    هِتِ حياتيءَ ڏِينهَڙا، هَڏَهِن تان نه هُئي،
    چُڪيءَ تنهن چَري ڪَئي، جو ڏِنُس اُن ڏُهي،
    سُهڻيءَ کي سَيَدُ چئي، وڌو قُربَ ڪُهي،
    هُنئهِن هُوندَ مُئي، پَرَ ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

    جي سهڻي سير ۾ نه گهڙي ها ته سندس نالو ڪئن ڳائجي ها؟ هِت (هن دنيا ۾) ته هميشه حيات نه هجي ها. کيس جا ميهار محبت جي سرڪي پياري، تنهن کيس مست ڪري ڇڏيو. مرڻي ته هونئن به هئي. پر ٻڏي فنا ٿيڻ ڪري، ٻئي جهان موچارا ٿيس. (شهيد جو مان هتي توڙي هتي آهي. سچي عشق ۾ شهادت ملڻ وڏو شرف آهي.)

    10
    ڪا جا ڪُن ڪَرِين، ڀنيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻ ۾،
    اَکيُون تنهن آبَ کي، آڌيءَ اُڪيرِين،
    توڻي تِڪُون ڏيِنِ، ته به اُڃَ اُنيِن نه لَهي.

    اسر ويل درياه جا ڪن اهڙي ڪا پاڻ ۾ سرپر (سرٻاٽ) ٿا ڪن، جو آڌيءَ رات جو منهنجون (سهڻيءَ جون) اکيون اُنهيءَ پاڻيءَ لاءِ سڪن پيئون. توڙي کڻي آُهي (سچا عاشق) ڳيتون ڏيئي پيئن، ته به سندس اساٽ ٻجهڻ جي نه آهي.

    11
    دائمِ جا دَرياهَ ۾، سا مَڇي ڪِني ڪوهُ؟
    آهِس اِيُ اَندوهُ، پاڻي ڪِٿي ته پيان.

    مڇي، جا هميشه درياه ۾ آهي، سا ڇو بدبوءِ واري آهي؟ ان کي فڪر آهي پاڻي ڪٿان پيئان! (انسان به اُنهيءَ ڪري ذليل آهي، جو هر هنڌ وسندڙ نور کي نه ٿو سڃاڻي ۽ وتي ڀٽڪندو.)

    12
    لَهرَ مِڙوئي لالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيان وتَرو،
    اوٻهارا عَبيرَ جا، جَرَ مان اَچن جالَ،
    ڪُنَ گهِڙي ڪالَ، سِڪَ پِريان جي سُهڻي.

    سهڻيءَ ڪاڻ درياه جي هر هڪ لهر لعلن سان پر آهي ۽ سمورو درياه مشڪ کان وڌيڪ خوشبودار آهي. کيس پاڻيءَ مان عطر جون بيحد هٻڪارون پيئون اچن. انهيءَ ڪري ئي هوءَ (سهڻي) سپرينءَ جي سڪ ۾ ڪالهه ڪنن ۾ گهڙي.

    13
    جيڪي ڏٺُءِ تار ۾، ڪَنڌيءَ سو ڪَهيج.
    جَرُ وڏو، جهاجھه گهڻي، پاندُ مَ پُسائيج،
    ساهَڙُ ساڱاهيج، ته ثابِتُ لَنگهِين سِيرَ مان.

    اي سهڻي! (اي سالڪ!) جيڪي تو ساگر ۾ ڏٺو، تنهن جو تون ڪنڌيءَ تي احوال ڪج. پاڻي اٿاهه آهي، پر تون پنهنجون پلاند نه پسائج. ساهڙ جي ساڃهه رکج ته وچ سير مان سلامت لنگهي وڃين.

    14
    جا هَڙَ اَندَرِ جِيَ، ساهَڙَ ڏِني ساهَ کي،
    ساهَڙَ ڇُڙي نه ساهَ جي، سا هَڙَ ساهَڙَ رَيَ،
    ساهَڙَ مِيڙِ سَمِيعَ!، ته سا هَڙَ ڇُڙي ساهَ جي.

    جا محبت جي ڳنڍ، ساهڙ منهنجي جيءَ کي ڏني آهي، سا جان جي ڳنڍ ساهڙ بنا نه کلندي. اي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ! (اي ڌڻي) مونکي ساهڙ ملاءِ ته اُها ساهه جي مونجهه (جان جي مشڪلات) لهي.

    وائي
    اَکيُون پيرَ ڪَري، وڃجي، وو! وڃجي،
    سُپيرِيان جي ڳالهڙي، ڪنهن سان ڪِينَ ڪَجي،
    لِڪائي لوڪَ کان، ڳُجَهڙي ڳوٺِ نِجي،
    مُحَبَتيءَ ميهارَ جو، سُورُ نه ڪنهن سَلِجي.

    پرينءَ ڏانهن وڃجي ته اکين کي پير ڪري وڃجي. (اکين سان پنڌ ڪجي). محبوب جي پچار ڪنهن سان ڪين ڪجي. اُن کي ماڻهن کان لڪائي، پنهنجي ڳوٺ (نجهري يا گهر ۾) نجي. ساهڙ سپرينءَ جي سڪ جو سور ڪنهن سان به نه سلجي. (شاه هميشه عشق کي اندر ۾ سانڍڻ جي هدايت ٿو ڪري.)

    داستان ڇهون

    1
    ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻَ لِکِيا اَڳي هُئا،
    نڪا ڪُن فَيَڪُونَ هئي، نَڪا ٻي پَچارَ،
    مَلڪَنِئان مَهَند هئي، توڏيءَ جي تَنوارَ،
    مُحبَتَ ساڻُ ميهارَ، لايائِين لَطِيفُ چئي.

    ساهڙ (حقيقي محبوب) جو حسن ۽ جمال (سندرتا) تقدير، جي انگ لکجڻ کان ئي اڳي موجود هو. اڃا ”ڪن فيڪون“ (ٿيءُ ۽ ائين ٿي پيو) جي وائي ڪانه هئي ۽ نڪا ٻي وارتا هئي، بلڪ فرشتن جي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي، سهڻيءَ جي مٺي لات پئي ٻڌڻ ۾ آئي. هن اُنهيءَ دم ميهار سان پرت جو پيچ اَڙايو هو.

    2
    گهيڙَ لَنگهيو گهاري، مَيثاقان ميهارَ ڏي،
    اَلَست بِرَبِڪُم، قَالُوابَليٰ، پَر اِها پاري،
    ڏِسيو ڏيکاري، پِرت پِريان جو پيچِرو.

    سهڻي ازل کان ئي درياه جا ور ۽ پيچ سڃاڻي ڇڏيا هئا. اُنهيءَ ڏينهن ڌڻيءَ روحن کان پڇيو هو ته ”نه آهيان مان اوهان جو رب؟“ ۽ روحن جواب ڏنو هو ته ”ها“. سهڻي به اهو ئي قول پيئي پاڙي. هوءَ پاڻ پرينءَ جو پيچرو ڏسي، ٻين کي پيئي ڏيکاري.

    3
    اَلَستُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن چيائُون،
    ميثاقا ميهارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
    سو موٽي ڪيئن پانهُون؟ جو محفُوظان معافُ ٿِيو.

    ازل جي ڏينهن، جڏهن ڌڻيءَ روحن کان پڇيو هو ته (”نه آهيان مان اوهان جو رب؟“) تڏهن کان ئي مون (سهڻيءَ) ميهار سان سڱ ڪيو هو. جيڪي ڀاڳ ۾ لکيل هو، سو ڪئن پٺتي هٽندو؟.

    4
    اَلَستُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن اَمُرُ ڪيو اَحَدَ،
    هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سهڻيءَ سِڪَڻَ سَڌَ،
    دِلو دَئورَ دَرِياهَ جي، ڪيو اِرادي اَڌَ،
    جيڪي آيَسِ ڏانهن عَهدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.

    الست جي ڏينهن، جڏهن ڌڻيءَ روحن کان سوال پڇيو هو، تڏهن کان سهڻيءَ جو لاڙو ساهڙ ڏانهن هو ۽ کيس ساڻس نينهن اڙائڻ جي آرزو هئي. لکئي سندس دل کي درياه جي وهه ۾ ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. جيڪي ازل کان سندس باري ۾ رٿيل هو، تنهن جي پوئواري هن عورت اونهي پاڻيءَ ۾ ڪئي..

    5
    اَلَستُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن جاڳايو جَلِيلَ،
    سَنئِين راهَ، سَيَدُ چئي، سوٺائُون سَبِيل،
    وحدتَ جي واديءَ ۾، ڪوڙين ڪِي قَلِيلَ،
    درِياهَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهَوارا ڪيا.

    الست جي ڏينهن، جڏهن شان واري ڌڻيءَ روحن کي سجاڳ ڪيو، تڏهن هنن سنئين راهه يعني خدائي واٽ ڳولي لڌي. پوءِ هيڪڙائيءَ جي ماٿر ۾ ڪروڙن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا. دنيا جي وهمي ساگر لکن کي لوڙهي ڇڏيو. (دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ اِنسان اُها سرت ڀلجي ويو ۽ حرصن جي درياه ۾ لڙهي ويو.)

    6
    کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان،
    تَنَ ۾ تَؤنس پِرِيُنِ جي، پِيان نه ڍاپان،
    جي سَمُنڊَ مُنهن ڪريان، توءِ سُرِڪيائي نه ٿئي.

    کامان، سڙان، پڄران ۽ ڦٿڪان پيئي ۽ پرينءَ کي ڏوريان به پيئي. اندر ۾ پرينءَ جي سڪ جي ايتري اُساٽ اَٿم، جو پيئڻ سان به پياس نه ٿي ٻجهيم. جي سارو سمنڊ کڻي وات ۾ اوتيان ته به مون لاءِ جيڪر هڪ ڍڪ به ڪين ٿئي.

    7
    ڪاري راتِ، ڪَچو گَهڙو، اُڻٽِيھَ اُونداهي،
    چَنڊ نالي ناهِ ڪو، دَرِياهَ دَڙَ لائي،
    ساهَڙَ ڪارَڻ سُهڻي، آڌيءَ ٿي آئي،
    اِيُ ڪَمُ اِلاهي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرُ گِهڙي؟

    اُڻٽيهين تاريخ جي اونداهي رات آهي ۽ سهڻيءَ کي ڪچو دلو ساڻ آهي. چنڊ جونشان به ڪونهي ۽ درياه ۾ ڪڙڪا پيا پون. سهڻي، ساهڙ ڪاڻ آڌيءَ رات درياه تي آئي آهي. اِهو سڀ ڌڻيءَ جي امر موجب هو، نه ته جيڪر ڪير هيئن ڪنن ۾ ڪاهي پوي؟.

    8
    ڪَاري راتِ ڪَچو گَهڙو، نڪا سِيڻھَ ساڻُ،
    وجهي ويرَمَ نه ڪري، پِريان ڪارَڻ پاڻُ،
    محبت کي مَهراڻُ، سُڪي سَڀُ پَٽُ ٿيو.

    رات اونداهي ۽ ڪچو دلو، نڪا ڪا سيڻاه ساڻ اٿس. هوءَ ذرو نه ٿي ترسي ۽ پاڻ کي محب خاطر کڻي آب ۾ ٿي اُڇلي. نينهن اڳيان ساگر سڪي پٽ (ميدان) ٿي پيو (سچو عاشق مهراڻ توڙي جبل توڙي رڻ کي مات ڪيو ڇڏي.).

    9
    اورار نه پَرارِ، ويچاري وه وِچَ ۾،
    سُڪيءَ ڏنيءَ سُپِرِين، ٻيو مِڙوئي تارِ،
    تون گِهڙُ ڪيِمِ نِهارِ، ٻُڏندَنِ سين ٻاجهُون ڪري.

    ويچاري سهڻي نه اورينءَ ڀر آهي، نه پرينءَ ڀر آهي، پر وچ سير ۾ آهي. بس سندس سپرين ئي، سڪيءَ ڪنڌيءَ تي آهي ۽ سڀ رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي. اي سهڻي! (اي سالڪ!) تون هيڏانهن هوڏانهن نه نهار، پر اندر گهڙي پئو. ڌڻي ٻڏندڙن تي مهرون ٿو ڪري.

    10
    هِن پارِ نه هُنَ، ويچاري وَهَ وِچ ۾،
    نِيڇُ نِهاري نه گِهڙي، تنهن ۾ پيسن تُنَ،
    اَلله! ساڻُ اَمُنَ، آران ڪنهن اُڪارِئين.

    سهڻي دريا جي نه هِن پار نه هُن پار آهي، پر ويچاري وه جي وچ ۾ آهي. هوءَ نيڇ نهاري ٿي، جنهن ۾ تن پيل اٿس. اي ڌڻي! سهڻي کي هن آر مان امن سان اڪارجانءِ.

    11
    سَهسين سائرَ گَجَنِ، توءِ سَهَجَ نه مَٽي سُهڻي،
    ته ڪي نِينهَن ڇِڄَنِ، پَرِ تَهِين پِرِيُنِ جي؟.

    انيڪ ساگر گجگوڙون ڪن ته به سهڻي پنهنجو سڀاءُ مٽائڻ واري نه آهي. اِنهيءَ ريت ڪي محبتون ڇڄڻ جون آهن؟ (سچو عشق ڪهڙين به مصيبتن هيٺ نه ٿو ڇڄي.)

    12
    سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏي! هٿُ مَ لاءِ،
    صُباح تو چونداءِ: ”اسان تو اُڪارِيو.“

    اي ٻڏندڙ منڌ! محبوب جي آڇيل ترهي کي نه ڇهه. سڀاڻي (آخرت ۾ يا پڇاڻي ڏينهن) توکي چوندا ته ”اسان توکي پار اُڪاريو.“

    13
    سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏِين توءِ مَ لڳُ،
    جي ڀانئِين پِرينءَ مِڙان، ته پُورَ اُبُتي وَڳُ،
    پاءِ تيڏاهِين پَڳُ، ناهِ جيڏاهِين نِجهُرو.

    جي تون ٻڏين ته پرينءَ جي ترهي کي پنهنجو آڌار نه ڪر. جي چاهين ته محبوب سان ملان ته اوڀارو وڃ (وهڪري جي سامهون تر). پير اوڏانهن کڻ، جيڏانهن ڪو سلامتيءَ جو ماڳ نه سجهي.

    14
    سُڪيءَ ٻُڏنِ جي، ساهَڙُ ساڻي تن جو،
    لَهرنِ سِرِ لَطِيفُ چئي، ڪُلهنِ چاڙهيو ني،
    جي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تن اُماڻي اورَهُون.

    جيڪي سڪيءَ ۾ ٿا ٻڏن (جي درياه ۾ گهڙڻ کان اڳيئي پنهنجي جان تان هٿ نه ٿا کڻن)، تن جو مددگار ساهڙ (ڌڻي) آهي. هو اُنهن کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙهي، لهرن مٿان اُڪاري ٿو وڃي. جي پرين منزل جو ٿا پڇن، تن کي اُتي اِئين وڃيو رسائي، ڄڻ اها اوريان هئي.

    15
    سُڪيءَ جي سانباهَ ۾، ٻُڏيِن توءِ ٻُڏُ،
    ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪاٺيون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ،
    نڪو ساهَڙَ سَڏُ، نڪا سُڄي سُهڻي.

    سُڪيءَ ڪنڌيءَ تي پهچڻ (ساهڙ وٽ رسڻ) جي سانڀاهي ۾ جي ٻڏين ته ڀل ٻڏ. ڪک ۽ ڪانڊيري جون ڪاٺيون ميڙي، ترهو نه ٻڌ. پوءِ نه ساهڙ جو ڪو سڏ (آواز) ٻڌبو، نه سهڻيءَ جي ڪا وائي.

    16
    جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ،
    نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي.

    جي تو بيت سمجهيا، سي آيتون (روحاني هدايتون) آهن. اُهي من کي وڃيو محبوب (ڌڻيءَ) جي طرف لڳائين.

    داستان ستون

    1
    ٻوڙِئين، چاڙِهئين، تون ڌڻي! ٻئي جو دعويٰ رَسي نه دَمُ،
    هِن منهنجي حالَ جو، ميهَرَ تي معلَمُ،
    رکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جو اَچي پيو اَجهور ۾.

    اي ڌڻي! اِنسان کي ٻوڙين به تون، تارين به تون، ٻئي جي هت نه حجت ٿي هلي نه هام. منهنجي هن حال جي ميهار کي سموري ڄاڻ آهي. اي ڌڻي! تون هن دلي جي لڄ رکج، جو اَچي اُجهاڳ پاڻيءَ ۾ پيو آهي.

    2
    ڪانڌي ڪنگَ ٿياس، وَهَڻُ جَنازو سُهڻي،
    ٻگها جي ٻيٽَنِ جا، ڪُلها تن ڏناسِ،
    اَکئين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي.

    سهڻيءَ جا ڪانڌي ڪنگ پکي ٿيا ۽ درياه سندس جنازو (ڏولي يا کٽولو) ٿيو. ٻيٽ تي رهندڙ ٻگهن کيس ڪلها ڏنا. اکين سان حساب پڇندڙ فرشتا (منڪر ۽ نڪير) ڏٺائين، ته به سندس من جو لاڙو ميهار ڏانهن هو.

    3
    اُڀو تَڙِ ميهارُ، مَلاحنِ سَڏَ ڪري،
    اَئون پڻ وِجهان هَٿَڙا، اَئِين پڻ وِجهو ڄارُ،
    گهوريُون ڪارُونڀارُ، مان مِلَنِئُون سُپِرِين.

    ميهار، تڙپي بيهي، ميربحرن کي سڏ ڪري پيو چوي ته ”آءُ به هٿ ٿو وجهان ۽ اوهين به پنهنجا ڄار وجهو. اچو ته هن اونهي پاڻيءَ ۾ ڳوليون. من اسان کي محبوب (سهڻي) هٿ اچي.“

    4
    ڪنڌيءَ جَهليو ڪانَهن، عاشِقُ اُڀو آهُون ڪري،
    تو ڪِيئن ٻوڙي سُهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانَهن،
    دَرِياهَ! توتي دانهَن، ڏِيندسِ ڏِينهَن قِيامَ جي.

    ڪنڌي تي سرن (گاهه) کي جهلي، عاشق (ميهار) بيٺو ورلاپ ڪري چوي ته ”ٻيلي درياه! تو ڪئن منهنجي سڱ واريءَ سهڻيءَ کي ٻوڙيو؟ توتي مان قيامت جي ڏينهن فرياد ڪندس.“

    5
    جتي پيرَ ڀَرنِ، ڀَريُون پَون ڀَواريُون،
    تانگھه نه لَڌي تارُئين، مَپُ نه ماٽِيَڙَنِ،
    ڪَنڌيءَ اُڀا ڪيترا، سِيڻاهِيا سَنڪَنِ،
    تون ڪيئن تَن تَڙَنِ، اَچيو اَساري! گهڙِين؟

    جتي گرداب (ڪُنَ) پيا ڦِرن ۽ ڀوائتيون ڀڪون پيئون ڪرن، جتي تارن، تري جي سُڌ نه لڌي ۽ ماٽي تي ترندڙن (ملاحن) کي اونهاڻ جي ڄاڻ نه پئي. جتي ڪنڌيءَ تي سيڻاهه وارا به بيٺي ڪنبيو وڃن، اهڙن هنڌن تي اي وسوڙي! (سهڻي) تون ڪئن اچي ٿي گهڙين؟

    6
    سانڀارا سَڏَ ڪيو، اُڀا چَوَنِمِ: ”آءُ“،
    هڪ تِکوئي تارِ وهي، ٻيو لُڙُ لَهريُون ۽ واءُ،
    ساڻي جن اَللهُ، ٻُجهان سي نه ٻُڏندِيُون.

    سامهين پار کان بيهي سپرين سڏ ڪري پيو چوي ته ”اچ“ هڪ ته درياه تکو ۽ تار پيو وهي ۽ ٻيو ته پاڻيءَ ۾ لڙ ۽ تيز لهرون آهن ۽ طوفان لڳو پيو آهي. جن جو سائين همراهه آهي، سي هرگز (يقين سان ڄاڻان ٿو) نه ٻڏنديون.

    7
    هاري! حقُ رَکيجِ، سانڀارا ساهَڙَ جو،
    خوابَ، خيالَ، خَطرا، تَنَ کي تَرَڪُ ڏِئيجِ،
    اَندَرُ آئِينو ڪري، پَرِ ۾ سو پَسيج،
    اِنهيءَ راهَ رَميج، ته مُشاهِدو ماڻئِين.

    اي نادان ناري! سامهين ڀر تي بيٺل ساهڙ جي شناس رکج. مڙيئي وهم، وسوسا ۽ خوف جيڪي دل ۾ اٿيئي، تن کي ترڪ ڪج!. پنهنجي قلب کي آرسيءَ جيان اوجل ڪري اندر ۾ اُهو پرين پسج. انهيءَ واٽ تي هلج ته سندس ديدار ماڻين.

    8
    سانڀارا سيئي، تُنِ جنيِن جو طالِبُو،
    مَنُ ڀريان نيئي، پڳهِيو پاڻ ڳري.

    اُهي سپرين سامهون آهن، جن جي لاءِ تن سڪندڙ آهي. پرينءَ منهنجو من ڇڪي پاڻ سان جڪڙيو آهي.

    داستان اٺون

    1
    ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجهَنِ،
    پسُو لَڄَ لَطِيفُ چئي، ڪيڏي کي ڪَکَنِ،
    توڻي ڪَنڌيءَ ڪَنِ، ناتِ ساڻنِ وڃن سِيرَ ۾.
    ٻڏڻ ويل، ڪي عقل ۽ حرفت وارا گاه جي ٻوڙن کي هٿن ۾ ٿا پڪڙين. ڏسو ته ڪکن کي ڪيڏو نه حياءُ ۽ مرم آهي، جو اُهي ٻڏندڙن کي وڃيو يا ڪنڌيءَ تائين رسائين، نه ته اُنهن سان گڏوگڏ سير ۾ سندس ساٿي ٿا وڃن.

    2
    ڪَچي ڪاني ڪانَهن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارَ مان،
    يا لَنگهائي لَطِيفُ چئي، يا ڌُريان ڪري دانهَن،
    ڪَما حَققہُ ڪَکَنِ جي، آهي ڳالھ اَڳانھَ،
    جيڪي ڏي ٻُڏَنِ کي ٻانهَن، ناتِ ساڻنِ وڃن سِير ۾.

    سَرَ جو ڪچو ۽ ڪمزور ڪانو ٻڏندڙن کي اونهي پاڻيءَ مان ٻاهر ٿو ڪڍي. يا ته سير مان پار ٿو اُڪاري يا ته منڍ ۾ ئي درد جي دانهن ٿو ڪري. ڪکن جي ڳالهه مشهور آهي، جئن واجب آهي. يا ٻڏندڙن جي ٿا ڪن، يا ته ساڻن گڏ سير ۾ ٿا وڃن.

    3
    آهِئين هُتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو،
    لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئي، جَهليا جُنگَ جُواڻَ،
    اُونهي تَڙِ آگَهٽِيا، آڏي پائي آڻَ،
    جي پيا مُنهن مَهراڻَ، تن ٻانڊِيُنِ ٻيٽُ نه اُڄَهي.

    توکي آخر هتي (ٻي دنيا ۾) وڃڻو آهي، تون اونهي پاڻيءَ ۾ ترهو ٻڌ. هنن لهرن ۽ لڙن، جبرن جوانن کي روڪي ڇڏيو. اُهي اڳيان آڻ مڃي، اونهي گهيڙ ۾ روڪجي بيهي رهيا. جي ساگر ۾ گهڙيا، تن پانڌڙين کي ٻيٽ (سلامتيءَ جو هنڌ) نه ٿو وڻي.

    4
    ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇِي نه سُهڻي،
    لَنگهيو، لُڙُ، لَطِيفُ چئي، وڇارَنِ وَهي،
    سا ڪئن نِينهن نَهي؟ جنهن کي نِينهَن نَڌُو کڻي.

    سهڻي ڪچي دلي سان ئي ٿي درياه ڏي وڃي ۽ پڪي دلي ڪاڻ نه ٿي ڪڍي. هوءَ لُڙ مان لنگهي ميهار (پنهنجي سپرينءَ) ڏانهن پيئي وڃي. سا ڪئن نيهن کي قابو ڪري، جنهن کي نيهن قابو ڪيو آهي.

    5
    ڪڍيا جي ڪُلالَ، سي پَسي خالَ خوش ٿِئي،
    پاڻيءَ چِٽَ پُسائيا، ڌاءَ نه جَهلي ڌَمالَ،
    سُپَڪَ ڀانيا سُهڻيءَ، جوڀَنَ جي جَمال،
    آڪي جا اَحوالَ، مَعلُمُ ٿيا مَهراڻَ ۾.

    جي چٽ ڪنڀر دلي تي چٽيا هئا، تن کي ڏسي سهڻي خوش ٿي. پاڻيءَ اُهي نقش ميٽي ڇڏيا ۽ رنگ به سٽ نه جهلي. جوانيءَ جي حسن جي نشي ۾، سهڻي اُن کي پڪل دلو سمجهيو. کيس ڪچي دلي جي ڪيفيت (حالت) جي ڄاڻ درياه ۾ پيئي.

    6
    ڪَچو تان ڪوهُ؟ پَڪو نَظَرُ پِرِيُنِ جو،
    ساهَڙُ منهنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئي ڏوهُ،
    جي ڇَٽو جي ڇوهُ، ته پُورِينديَس پارِ مَڻي.

    جي دلو ڪچو آهي ته ڇا ٿيو؟ محبوب جي نظر پڪي ۽ پختي آهي (جي ڌڻيءَ جي لطف آهي ته پوءِ وسيلو ڪهڙو به ڪمزور هجي ته فڪر نه آهي.). ساهڙ منهنجو پريتم آهي، ڏم کي ڏسڻ ئي گناهه آهي. جي تيز طوفان هوندو يا ڇوهه درياه ته به پرينءَ ڪنڌيءَ ڏانهن وينديس.

    7
    ڪَچي ڪَٽُ نه جَهليو، ڀيلو پيو ڀُري،
    سارَ ڇڏِيائِين سِيرَ ۾، ٻانهُنِ کان ٻُري،
    لَٽي لهريُون ويئِيُون، چوڌاري چُري،
    هِنئڙي مَنجھه هُري، ماهِيَتَ مَلَڪَ اَلمَوتَ جي.

    ڪچي دلي پٽيءَ ڌڪ ته جهليو، اَڻ پڪل گهڙو ڀُري رتيون ٿي پيو. سهڻيءَ ٻانهن کان ساڻي ٿي، سمورو ست سير ۾ ڇڏي ڏنو. لهرن چئني طرفن کان کيس لٽي وڪوڙي. سندس دل ۾ هاڻ موت جي فرشتي (عزرائيل) جي ڏيکاري سُجهي آئي.

    8
    ڀيلي ڀُلائي، پَسي چِٽَ چَري ٿئي،
    ”ٻَرِ! ٻَرِ! ٻُڏي سُهڻي!“ وِيرُن ۾ وائي،
    ڪَچي ڪيرائي، لال لَهرنِ وِچ ۾.

    سهڻيءَ کي ڪچي دلي ڀُلايو، هوءَ اُن جي گلڪاري ڏسي چري ٿي پيئي. ويرن مان اُهائي تنوار آئي ته ”هيءِ! هيءِ! سهڻي ٻڏي ويئي!“. ڪچي دلي هن لال جهڙي سندريءَ کي لهرن وچ ۾ ڪيرايو.

    9
    پڪو کَڻجِ پاڻَ سين، چڱو چِٽائي،
    ڪَچو ڏيجِ ڪُلالِ کي، مُنهن تي موٽائي،
    سوسُڻُ هِنئين سين سُهڻي!، جيڪي فائق فرمائي،
    موجُون مُنجهائي، مارِينئي مهراڻ جون.

    اي سهڻي! (اي سالڪ!) تون پاڻ سان پڪو دلو، چڱيءَ پر رڱائي کڻج. ڪچو دلو بروقت ڪنڀار کي منهن تي موٽائي ڏج. اي سهڻي! جيڪي ڌڻيءَ فرمايو آهي، سو دل سان هنڊاءِ، نه ته توکي ساگر جو لهرون منجهائي مارينديون. (ڌڻي به ٿو چوي ته پڪو وسيلو هٿ ڪري، پوءِ مون تي رکو، نه ته پريشان ٿيندا.)

    10
    ڀُر ڀَلِيرا سُپِرِين!، ڀَلا ۾ بيراهَ،
    تو رِءَ تاري ناهِ ڪا، والي! تو رِيءَ واهَ،
    ساهَڙَ جي صلاحَ، تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان.

    اي ٻاجهارا سپرين! تون ور ۽ اچي اوجهڙ ۾ رس. اي مالڪ! توکان سواءِ مونکي نه وسيلو آهي نه واٽ. ساهڙ جو راضپو ئي تارِ پاڻيءَ مان ٿو تاري. (ساهڙ مان مراد آهي ”هادي“ يا ”ڌڻي“.)

    11
    تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلحُ ساهَڙَ جو،
    اُت آڏو اَچي ڪِينَ ڪي، ٻيلِيپَو ٻِئي جو،
    ميهَرَ! ڪَج منهنجو، ڪو اوڪرُ ڪَنهِين آر تان.

    ساهڙ جو راضپوئي سرير کي سير مان ٿو اُڪاري. اُتي ٻئي ڪنهن جو ساٿ ڪم نه ٿو اچي. اي ميهار! تون ئي هن درياه مان منهنجي ڪم جو ڇوٽڪارو ڪج. (هن جهان ۾ ڌڻيءَ جو لطف ئي گهرجي.)

    داستان نائون

    1
    جَرِ ٿَرِ تک تنوارَ، وَڻ ٽِڻ وائي هيڪڙي،
    سَڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزا وار،
    هَمَہَ مَنصُور هَزارَ، ڪَهڙا چاڙهيو چاڙهئين؟

    پاڻيءَ توڙي ڌرتيءَ تي (هر هنڌ) اِهائي پرجوش تنوار پيئي ٻڌجي ۽ وڻ ٽڻ ۾ اِهائي وائي پيئي سڻجي. (”انالحق“ يعني مان حق آهيان.) سڀيئي وستو، اِنهيءَ حساب سان موت جي سزا جون لائق آهن. (جيئن منصور حلاج سان ٿيو.) هزارين بلڪ مڙيئي شيون منصور آهن، ڪنهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڪنهن کي چاڙهيندين؟.

    2
    سَڀَتِ پَچارَ پِرِينِ جي، سَڀَتِ هوتُ حُضورُ،
    مُلِڪُ مِڙيو مَنصُورُ، ڪُهي ڪُهِندين ڪيترا؟.
    سڀني هنڌن تي محبوب جو ذڪر جاري آهي ۽ هر جاءِ محبوب موجود آهي. سارو جهان منصور آهي، تون ڪيترا ڪُهي ڪيترا ڪُهندين؟

    3
    لَهرنِ لَکَ لِباسَ، پاڻي پَسَڻُ هيڪڙو،
    اُونهي تنهن عَمِيقَ جي، واري ڇڏ وِماسَ،
    جِت ناهي نِهايَتَ نِينهَن جي، کوءِ اُتِ پنهنجي کاسَ،
    تَڙَنِ جي تلاسَ، لاهِ ته لالَن لڳ ٿئين.

    لهرن کي لکين روپ ۽ ويس آهن، پر پاڻي ڏسڻ ۾ هڪ آهي. اِنهيءَ اونهي سمنڊ (درياه) جي سوچ ئي دل تان لاهي ڇڏ. جتي محبت جي ڪا حد ئي ڪانهي، تتي تون پنهنجي سموري خواهش نابود ڪري ڇڏ. تڙن (سلامتيءَ وارن هنڌن) جي تلاش ڇڏي ڏي ته محبوب جي ويجهو ٿئين.

    4
    وڃان ڪِينَ وَري، هُوندَ رِءَ چَئي رهي رَهان،
    دُونهِينءَ پاسي دوسَ جي، ماڳَهِين پَئان مَري،
    صورَتَ نه سُنهن ڪا، ڪَيسِ چِتَ چَري،
    وِصالان فِراق جي، سُڄي ڳالھه ڳري،
    تيلاهِين تَري، مُنهن ڳِنِيو موٽيو وڃان.

    سهڻي ٿي چوي ته ”مان جيڪر وري موٽي گهر ڪين وڃان ۽ ميهار جي چوڻ کان سواءِ ئي وٽس رهي پوان، بلڪ محبوب جي دونهيءَ جي ڀر ۾ ئي هوند دم ڏيان. مون کي ڪو هروڀرو محبوب جي صورت يا حسن حيران نه ڪيو آهي، پر مون کي پنهنجي من جي ذوق ئي مستان ڪيو آهي. مون کي گڏجاڻي جي ڪا گهڻي سڪ ڪانهي پر مون کان وڇوڙو سٺو نٿو ٿئي. (جيڪي جدائيءَ ۾ آهي، سو گڏجاڻيءَ ۾ نه آهي.) اِنهيءَ ڪري ئي ڪنڌ ورائي، تري موٽيو ٿي وڃان.

    5
    جي قِيامَ مِڙَنِ، ته ڪَرَ اوڏا سُپَرِين،
    تِهان پَري سُڄَن، واڌايُون وِصالَ جون.

    جي پرين مون کي قيامت جي ڏينهن ملن ته به ڄڻ ويجها چئبا. ميلاپ جون مبارڪون اُن کان به پري پيئون ٻڌجن. (حقيقي محبوب سان هڪ ٿيڻ مشڪل ۾ مشڪل ڳالهه آهي.)

    6
    آئون ڪِ نه ڄاڻان اِيئن؟ ته جَرَ گِهڙي جوکو ٿئي،
    قَضا جا ڪَرِيمَ جي، تَنهن کان ڪَنڌُ ڪڍيو ڪِيئن؟
    هِڪُ لِکِئي ٻئي نِينهَن، آڻي اَوِلَيسَ اول ۾.

    مون کي ڪهڙي ڄاڻ ته پاڻيءَ ۾ گهڙڻ ڪري جان کي جوکو رسندو. جو ڌڻيءَ جو امر آهي، تنهن کان ڪئن نٽائبو. هڪ قسمت (نصيب) جي انگ ۽ ٻيو عشق، مون کي ڌڪي اچي آر ۾ هنيو.

    7
    نه ڪانيءَ ڪانهِن، نڪو ڏوهُ قَلَمَ جو،
    اَنگُ اُتيئي لِکِيُو، جِتِ نه رَسي ٻانهَن،
    ڪَنهن کي ڏيان دانهَن؟ قَضا قَلَمُ وهائيو.
    نه ڪانيءَ (جنهن ۾ قلم ٺهيو) جو ڏوهه آهي، نه قلم جو ۽ نه وري ڪپ جو، جنهن اُن کي گهڙيو. تقدير اُتي لکي ويئي، جتي ڪنهن جو به هٿ نه ٿو پهچي. (ڪوبه اُن کي ڊاهي نه ٿو سگهي.) جنهن صورت ۾ تقدير (ورڌاتا) خود قلم هلايو، تنهن صورت ۾ ڪنهن کي شڪايت ڏيان؟.

    8
    نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،
    عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻي پاڻَ لَهي.

    نه درد کي حد آهي، نه سڪ کي، عشق جي ڪٿ ئي نه آهي. عشق ئي پنهنجو انت پاڻ ڄاڻي. (نينهن ڪهڙو به گهاٽو هجي ته به اڻپورو آهي. اُن جي پڄاڻي لهڻ مشڪل آهي. عشق بي اَنت آهي.)

    9
    عَدَدُ ناهِ عِشقُ جو، سُڻي ٿِيُ ساڻي،
    ڪانهي پُڄَاڻي، مَهَندان مُنڌَ! ميهارَ جي.

    عشق جو انت کي ڪونهي، اهو ٻڌي نينهن ڀيڙي ٿيءُ اي منڌ! اڳيان وري ميهار جو به انت نه آهي.

    10
    سِڪَ تنهنجي، سُپِرِين! اَندر ٿي اَجَهلَ،
    ٻَر ڪيو ٻاهر نڪري، کُوري کانئي کَلَ،
    رءَ سِيراهيءَ سَلَ، مون کي ڏنا سَڄَڻين.

    اي محبوب! تنهنجي سڪ منهنجي اندر ۾ اٿاهه آهي. منهنجي کُوري ۾ جليل چمڙيءَ مان اُها اٻڙڪا کايو ٻاهر پيئي نڪري. پرينءَ مون ۾ سيراهيءَ بنا ئي سوراخ ڪيا آهن.

    11
    ڪي تران ڪي تار مون، ڪي سِگهان ڪي سگھه،
    آڏو ڏيج مَ لَڳُ، مون هيڪليءَ وَلَها!.

    ڪي مان پنهنجي سر ٿي تران، ڪي تون مونکي تار، ڪي پنهنجي سر ٿي پتوڙيان، ڪي تون مون کي پتوڙ ۾ واهر ڪر. اي ڪانڌ! تون منهنجي آڏو ڪا رنڊڪ اچڻ نه ڏجانءِ.

    12
    ڏِٺي ڏِينهَن ٿِيام، ڪوهُ ڄاڻا ڪهڙا پَرِين؟
    سَهسين سِجَ اُلَهي، واجهائيندي ويامِ،
    تنين سالَ ٿِيامَ، جنِين ساعَتَ نه سَهان.

    محبوبن کي ڏٺي مون کي ڪئين ڏينهن ٿي ويا آهن. ڪئن ڄاڻان ته اُهي ڪهڙا آهن؟ اُنهن لاءِ واجهائيندي بيشمار سج لهي ويا آهن. تن کان سواءِ سال (ورهيه) گذري ويا اٿم، جن کان سواءِ هڪ پل به جيڪر نه گهاري سگهان.

    ابيات متفرقہ

    1
    ساهَڙَ ڌاران سُهڻي، نِسوري ناپاڪَ،
    نَجاسَتَ ناهِ ڪري، اُنيِن جي اوطاقَ،
    هوءِ جي کيرَ پِياڪَ، پاسي تنيِن پاڪَ ٿئي.

    ساهڙ کان سواءِ سهڻي ناپاڪ آهي. هوءَ هن (ميهار) جي آستان تي ئي پنهنجي ناپاڪائي وڃائيندي. هو جي کير پئندڙ (معصوم ۽ پاڪ) آهن، تن جي ڀر ۾ ئي هوءَ پاڪ ٿيندي.

    2
    ساهَڙَ ڌاران سُهڻي، هيءَ تان جُنبي جوءِ،
    هِنَ پاڻيءَ سين پانهنجو، مُور نه مٿو ڌوءِ،
    جي پِرين پاسي هوءِ، ته ڪَر توڏيءَ تَڙُ ڪيو.

    ساهڙ کان سواءِ هيءَ عورت (سهڻي) مٿي ميري (ناپاڪ) آهي. هوءَ هن پاڻيءَ (ڏم يا دنيا جي پاڻيءَ) سان هرگز مٿو نه ٿي ڌوئي. جي پرينءَ جي ڀر ۾ هجي ته ڄڻ سهڻيءَ تڙ ڪيو.

    3
    ساهَڙَ ڌاران سُهڻيءَ، هِيءَ هِي تان جُهڪي زال،
    توڏيءَ تَپُ شروع ٿيو، هَيءَ! هِيڻيءَ جي حالَ،
    جَڏي رِءَ جَمالَ، اَگهي ٿي آهُون ڪري.

    ساهڙ کان سواءِ سهڻي، هڪ ڊٺل عاجز (ضعيف) آهي. افسوس آهي هن هيڻيءَ جي حال تي، جنهن کي تپ اچي شروع ٿيو آهي. هيءَ جسم ۾ جڏي، سونهن ۽ صحت وڃايل، درد جون دانهون پيئي ڪري.

    4
    ساهَڙَ ڌاران سُهڻيءَ، آهي ۾ آزارُ،
    ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
    توڏيءَ سَندي تَنَ جي، دوام ۾ ديدارَ،
    جي پَسي مُنهن ميهارَ، ته سِگهيائي سَگهي ٿئي.

    ساهڙ کان سواءِ سهڻي اگهائي ۾ ورتل آهي. ڏم جي ڀر ۾ هن لاءِ عليلائي (اگهائي) آهي، ميهار وٽ هن لاءِ سگهائي آهي. سهڻيءَ جي سرير جي سُتي ساهڙ جي مشاهدي ۾ آهي، جي ميهار جو منهن ڏسي ته ترت ئي نوبني ٿئي.

    5
    ڏِيهاڻي ڏَمَرُ ڪري، مٿي مُحبَت مُون،
    تنهَن کي اَچي تون، پِرِيمَ! ڪوهُ نه پَلئِين؟

    سڪ ڏهاڙي مون تي شوخي پيئي رکي. اي پرين! تون ڇو نه ٿو اچي اُن کي روڪين ۽ جهلين؟ (هيءَ نازڪ خيالي آهي. محبت جي مچ تي ٺار تڏهن ٿو پوي، جڏهن محبت درشن ڏئي.)

    6
    جان جان هُئي جِئَري، وِرِچي نه ويٺي،
    وَڃي ڀون پيٺي، سِڪَندي کي سَڄَڻين.

    سهڻي جيسين جيئري هئي، تيسين ڪڏهن به ڪڪ ٿي ويهي نه رهي، سپرينءَ لاءِ سڪندي، نيٺ وڃي پاتار ۾ پيئي.

    7
    جان جان هُئي جِئَري، ويٺي نه ويساندِ،
    لُڙهي لَهرِن پاندِ، ميائي ميهارَ ڏي.

    سهڻي جيسين حيات هئي، تيسين آرام ۾ نه ويٺي. مئي کان پوءِ به هوءَ لهرن جي پلاند ۾ ميهار ڏانهن لڙهندي ويئي.

    8
    ورُ اُونداهي راتڙِي، کوءِ چانڊُوئيءَ چنڊان،
    اوري ميهاران، مُنهن مَ پَسان ڪو ٻيو!

    ڀل ته اونداهي رات هجي، چنڊ جي چانڊاڻ ٻن پوي. ميهار کان اوري شل ٻئي ڪنهن به شخص جي شڪل نه ڏسان.

    9
    سائرَ ٻوڙي سهڻي، نه ڍوري نه ڍَنڍَ،
    اَکين مَنجھه اڪَنڍَ، ميائي ميهارَ ڏي.

    سهڻيءَ کي درياه ٻوڙيو، نه ڪنهن نهر يا ڍنڍ. مئي کان پوءِ به هوءَ اکين ۾ اُڪير رکي، ميهار ڏانهن لُڙهندي ويئي.

    10
    سانوَڻَ لَهرِيُون، ٿَرَ واري تِروار،
    اِنهان ئي اَپارَ، مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪيا.

    سانوڻ جي رت ۾ جيتريون درياه جون لهرون آهن. ٿر جي واريءَ ۾ جيترا ڪڻا آهن، تن مڙني کان وڌيڪ يعني اَڪيچار ڀلايون مون سان ڀلي (ڀلاري) ڪيون آهن.

    وائي
    منهنجُون سڀيئي، آيَلِ! مَنَ مرادُون پُنيُون،
    جهڙي پِرَيان ڳالهڙي، تهڙي ٻي نه ڪاءِ،
    ڪجي تان ڪوڏُ ٿئي، سُڄي تان سيباءِ،
    ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُر جنهن جُڳاءِ،
    ڪانهي حَدَ حَمَدَ جي، ته ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
    ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتريُون، وَڏيُون وَڏاياءِ؟
    سو مُون هَٿان نه ٿئي، جيڪي تو جُڳاءِ،
    تو سَڄِيُون تو سَنديُون، سِڪَن توهِين ساءِ،
    اُڃَ تُنهنجي اُڃِيُون، لوچِنِ توهِين لاءِ،
    دِلِ دانهُنِ ريءَ نه رهي، مون ماٺِ جُڳاءِ.

    اي جيجل! منهنجي دل جا سڀ مطلب پورا ٿيا. جهڙي سهڻي، پرينءَ جي پچار آهي، تهڙي ٻي ڪابه نه آهي. اها ڪجي ٿي ته خوشي ٿي ٿئي، جي ٻڌجي ٿي ته وڻي ٿي. تون اُنهيءَ ڏاتار جي در تي سئن هَڻُ، جنهن جو شڪر ڪرڻ جڳائي. اُنهيءَ ساراهه جي حد ئي ڪانهي، جا محبوب (ڌڻيءَ) جي باري ۾ ڪجي. تنهنجون وڏيون وڏايون ڪيتريون ڳڻي ڪيتريون ڳڻيان؟، جيڪي تنهنجي باري ۾ ڪرڻ جڳائي، سو منهنجي هٿان ٿي نه سگهندو. تنهنجون سڪايلون تنهنجي ويجهو تنهنجي صحبت جي لطف لاءِ پيئون سڪن. اُنهن کي تنهنجي ئي اُڃ اُڃايو آهي ۽ توکي ئي پيئون ڳولين، منهنجي دل دانهن کان سواءِ نه ٿي رهي، پر مون کي صبر ڪرڻ جڳائي.


    سُرُ سسئي آبري

    داستان پهريون

    1
    جي سِجهائي سِڪَ، ته پڻ سِڪي سَسُئي،
    پِيتائين پُنهونءَ کي، هَڏِ نه ڀَڳِيَسِ هِڪَ،
    اِنَ تَڙَ منجهان تِڪَ، ڏِني پاڻَ اُڃَ ٿئي.

    جي سسئي سڪ ۾ سيڪجي ڪباب ٿئي ته به هوءَ جيڪر سِڪڻ کي نه ڇڏي. هن پنهونءَ جي صحبت ۾ محبت جو جام پيتو آهي، جنهن ڪري هرگز پياس نه ٿي ٻجهيس. اِنهيءَ چشمي منجهان جنهن ڳيت ڏني، تنهن جي اندر ۾ پاڻ اُڃ اچيو اُسري.

    2
    پسي جهاجھَه جَمالَ جي، جنيِن پِيتي پِڪَ،
    اَپَرِ اُڳانجهو ٿيو، سُورُ اُنيِن کي سِڪَ،
    هَڏِ نه ڀَڳِيَنِ هِڪَ، سَدا سائرَ سِيرَ ۾.

    جن پرينءَ جي حسن جو اٿاهه ساگر ڏسي، اُن مان سِرڪي پيتي، تن کي بيحد سوز ۽ سڪ اَچي ورتو. اُهي هميشه ساگر جي سير ۾ آهن، ته به هرگز اُساٽ نه ٿي لهين.

    3
    مُحَبَتَ جن جي مَنَ ۾، تن تِشَنگي تارِ،
    پِي پِيالو اُڃَ جو، اُڃَ سي اُڃَ اُٿِيارِ،
    پنهون! پاڻَ پِيارِ، ته اُڃَ سين اُڃَ اُجهائيان.

    عشق جن جي اندر ۾ آهي، تن کي اٿاهه اُڃَ آهي. تون اُڃ (سڪ) جو پيالو پي، اُن سان اُڃ (سڪ) کي جاڳاءِ (وڌاءِ). اي پنهون! تون پاڻ مون کي اُڃ (سڪ) جو جام پيار ته اُڃ سان اُڃ کي ٻجهايان.

    4
    مُحَبَتَ سَندو مَنَ ۾ پَر پيالو جن،
    پِيَڻَ پَرَچاءُ ناهِ ڪو، ڪنهن جنهن ڏاهِ ڏَڀَن،
    تنهن نِهايَتَ ناهِ ڪا، جنهن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
    تيلان اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائرَ سِيرَ ۾.

    جن جي اندر ۾ محبت جو تار پيالو آهي (جن جي سڪ تار آهي), سي اهڙي ڪنهن مچ ۾ پيا جلن، جو سندن جيءَ کي فرحت ئي ڪانهي. جنهن سڃ (ويرانيءَ) مان هي سچا (عاشق) پنڌ پيا ڪن، تنهن جي ڪا پڄاڻي ئي نه آهي. هو سدائين ساگر جي سير ۾ آهن، تنهن هوندي به اُڃ پيا مرن.

    5
    سَدَا سائرَ سِيرَ ۾، اَندرِ لَهي نه اُڃَ،
    پَسڻَ جو پِرِينءَ جو، سا سَڀائي سُڃَ،
    تيلان مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائر سِيرَ ۾.

    هو سدائين ساگر جي سير ۾ آهن، ته به سندن اُڃ نه ٿي لهي. پرينءَ کي پسڻ آهي سمورو سڃ جو سفر ڪرڻ. هو (عاشق) سدائين ساگر جي سير ۾ آهن، تنهن هوندي به اُڃ پيا سجهن.

    6
    ساجَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئي،
    اَندرِ جنيِن اُڃَ، پاڻي اُڃيو اُنِ کي.

    پرينءَ لاءِ سڪ جو سفر ڀل ته سسئيءَ جهڙي عاشقياڻي قبولي. جن جي اندر ۾ اڃ آهي، تن لاءِ خود پاڻيءَ کي به اڃ آهي. (سڪ وارن لاءِ خود ساجن به سڪي ٿو.)

    7
    پاڻيءَ مَٿي جهُوپڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ،
    ساهان اوڏو سُپِرِين، لوچي تان نه لَهَنِ،
    دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهُون ڪَنِ مُٺَنِ جئن.

    پاڻيءَ جي ويجهو جهوپڙا اڏي به مورک اُڃ پيا مرن. محبوب ساهه کان به ويجهو آهي، پر هو هن کي ڳولي نه ٿا لهن. هنن کي پنهنجي پساهه يا جان جي پروڙ نه آهي، رڳو وتن مٺلن جيان دانهون ڪندا.

    8
    سَسُئيءَ ڪينَ سَمجهيو، اوري آريءَ ساڻُ،
    ڪري پيکُ پُنهونءَ سين، پاڌارِيائين پاڻُ،
    ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀڻِ ٻَروچَن سين.

    سسئي پنهونءَ کي ويجهو ٿي، عشق جو راز نه پروڙيو. پنهونءَ سان ڏيٺ رکي، پاڻ پڌرو ڪيائين. (پنهنجي هستي پرينءَ ۾ گم نه ڪيائين.) هن اڻ ڄاڻ ٻانڀڻ نيٺ ٻروچن ۾ پنهنجي خودي گم ڪئي. (وصال ۾ هئي ته خودي هيس، فراق ۾ اها گم ڪيائين.)

    9
    لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئي لَهسِيو،
    اُڀَنِ مَنجهان آيو، ”هَيءِ! هَيءِ!“ جو هُڳاءُ،
    طُيُورَنِ تَنوارِيو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
    رَسيو سُور شَبان کي، وَحُوشنِ وَٽاءُ،
    مرُوئنِ موتُ قَبُوليو، اپر اَفسوساءِ،
    بَرَ پڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊيا آريءَ لئي گهڻو.

    (پنهونءَ جي فراق ۾سسئيءَ ماتم ڪيو، تنهن جو اثر ساري جهان تي ٿيو.) اهڙي ڪوسي لوهه لڳي، جو ساري جهان کي لهس رسي. آسمان مان ”هاءِ! هاءِ!“ جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ آيو. پنهونءَ جي وڃڻ کان پوءِ پکين به ورلاپ ڪيا. ريڍار کي به پنهنجي چوپائي مال کي لهسيل ڏسي درد رسيو. مِرُن بيحد افسوس وچان مرڻ قبول ڪيو. برپٽ به پنهونءَ لاءِ گهڻو سڪندي روڄ راڙو پيا ڪن. (هتي ”مجاز عقلي“ يعني pathetic fallacy ڪم آيل آهي.)

    10
    مَهندِ مُحتاجي ڪَرِي، پُٺيءَ پِيرُ کَڻيجِ،
    ڪُٻيلياڻي! ڪيچِ ڏي، حُج مَ هَلائِيج،
    پاڻان ڌارَ پِرِيتَڻو، سَسُئي! ساڻو کَڻيج،
    اوڏي عزازِيل کي، ويجهي تان مَ وَڃيجِ،
    نااُميدي نيجِ، ته اوڏي ٿِئين اُميد کي.

    عاجزي يا نيزاريءَ کي اڳيان ڪري، اُن جي پٺيان هلج. اي ڪُسنگڻ! ڪيچ ڏانهن ويندي ڪا حجت نه لهائج. اي سسئي! پاڻ سان خوديءَ بنا محبت کڻج. شيطان کي اوڏو نه وڃج. پاڻ سان نااُميدي کڻج ته اُميد کي ويجهو ٿئين. (هتي شيطان کان ڪنارو ڪرڻ ۽ لا طمع ٿيڻ جي هدايت آهي.)

    11
    ويھُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙهي هَڏِ م هَلُ،
    ڪوُڙي ڪَجِ مَ ڪَڏهِين، سَچي ڳالھه مَ سَلُ،
    جانِبَ لَءِ مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئي!

    اي عورت! تون ڀنڀور ۾ ويهي نه رهه، نڪي هاڙهي جبل ڏانهن هل. ڪڏهن به ڪوڙي ڳالهه نه ڪج، نڪي سچي ڳالهه سلج. اي سسئي! نڪي پرينءَ لاءِ پچ، نڪي درد کي وسار.

    12
    سُکين ٿِيُ مَ سَنَري، پَسي ڏُکَ مَ ڏَرُ،
    پَٽي ڪَر مَ پانهنجو، گهورِي! اَڏِ مَ گهَرُ،
    مارِي! هَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيُ جِيارِئين.

    سکن ۾ سرهي نه ٿيءُ ، نڪي ڏک ڏسي ڊج. اي فدا ٿيل! نڪي پنهنجو گهر ناس ڪر، نڪي اُن کي اَڏِ. اي مٺي! هرگز نه مرج، متان وري ڪي پنهنجي جيءَ کي جيئرو رکين.

    داستان ٻيو

    1
    پَسي ڏُونگَرَ ڏاهَ!، جِمَ هَلَڻَ ۾ هِيڻي وَهين،
    لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئي، پُٺيءَ ڪيچِين ڪاه،
    پُڇي پُورج سَسئي!، بَلوچاڻي باه،
    اِن وَڙائتي وَرَ جي، آسَرِ هَڏِ مَ لاه،
    جو اَکِنَئُون اوڏو آه، سو پِرين پَرانهُون مَ چئو.

    اي ٻانهي! تون جبل ڏسي، متان پنڌ ۾ پوئتي پوين. لڪ ڏوري ڪيچين پٺيان ڪاهيندي وڃ. اي سسئي! پنهونءَ جي عشق جي آگ مان واقف ٿي، اڳتي هلج. انهيءَ گڻائتي ڀتار جو آسرو هرگز نه لاهج. جو پرين اکين کان به اوري آهي، تنهن کي پري نه چئو.

    2
    هِتان کَڻي هُتِ، جن رکيو سي رَسِيُون،
    ساجَنُ سُونهَن سُرتِ، وِکان ئي ويجهو گهڻو.

    جن پنهنجو چِتُ هتان (هن دنيا تان) کڻي، هُت (حقيقي پرينءَ يا آخرت ڏانهن) ڪيو، سي وڃي ترت منزل تي رسيون. ساجن (ڌڻي)، جو سراسر سونهن (حسن ڪمال) ۽ سڄو سرت (عقل ڪل) آهي، سو وک کان به ويجهو آهي.

    3
    جيڪُسِ يادِ ڪَياسِ، وَرَ وڃي وَڻڪارَ ۾،
    جَلِدُ جَرِيدي پَنڌَ ۾، اَديُون! اَڄُ ٿِياسِ،
    وَڃي ڪيچِ پُنيِاس، ٻاروچاڻي ٻاجَھه سين.

    شايد مون کي ڀتار وڃي وڻڪار ۾ ياد ڪيو آهي. اي سرتيون! اِنهيءَ ڪري اَڄ اڪيلي پنڌ ۾ تڪڙي ٿي آهيان. ٻروچ (پنهونءَ) جي مهر سان وڃي ڪيچ پهتيس.

    4
    واقفُ نه وَڻِڪارَ جي، پاڻي کَنيمِ نه پاءُ،
    جَبَلُ جَلِدايُون ڪري، تِکَ ڏيکارري تاءُ،
    لَڳي لُڪَ لطيفُ چئي، معذُورِنِ مٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ هيڪِلي آهيان.

    مان وڻڪار جي ڄاڻو نه آهيان ۽ پاڻ سان پاڻيءَ جي پاءُ به نه کنيو اٿم. جبل تپڻ ۾ تکايون پيو ڪري ۽ تيز تاب ٿو ڏيکاري. ويچارن اَٻلائن (عاجزن) مٿان لڪ پيئي وسي. اي پرين! جتي اڪيلي آهيان، تتي تون مون کي ويجهو اچي رس.

    5
    وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نيلا،
    اُتي عَبدُالَلطِيفُ چئي، ڪَيا هيڪِلِينِ حيلا،
    جِتِ ڪُڙِم نه قبِيلا، اُتِ رَسجِ رَهِبَرَ! راهَ ۾.

    وڻڪار جا وڻ اوچا آهن ۽ اُت نيلا نانگ پيا سجهن. اُتي ويچارن اڪيلن ڏاڍا وس هلايا. جتي نه ڪٽنب آهن، نه قبيلا، تتي اي سونهان! اچي رستي ۾ رسج.

    6
    ويچاريءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نه ڏٺو ڪڏهِين،
    مَهِرَ نه هُئي ماڙُهين، هو سَڀُ هِندُوڪارُ،
    جَتُ ڪيائِين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون!.

    ويچاريءَ سسئيءَ اڳ ۾ وڻڪار اکين سان نه ڏٺو هو. ماڻهن جي دلين ۾ ڪا ٻاجهه نه هئي. اُتي مِڙيوئي انڌڪار لڳو پيو هو. اي سرتيون! جت (پنهونءَ) کي پنهنجو پريتم، سورن پرائڻ لاءِ ڪيائين.

    وائي
    هوءِ جي هَليا هوتَ سُونهارا،
    مُون نه وَهِيڻا، پنهونءَ سَڱِيڻا.
    سَسُئي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
    آن ڪي ويندا گڏيا؟، آرِياڻي اِهَ پارا،
    ٽَلِيُون ٽوئنر هَلَوِيُون، مَيَنِ سِرِ موچارا،
    مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِل ڪُرَ اُجارا،
    اَديُون! عَبدُاللطِيفُ چئي، دوسَ آيا دِلدارا.

    هُو سهڻا سپرين هليا ويا. پنهونءَ جا مٽ منهنجي وس ۾ نه هئا. سسئي پنهونءَ جي ساٿين جا گهر ۽ مڪان پيئي پڇي. اوهان کي ڪي آرياڻي اِنهيءَ پار ويندا گڏيا؟. سندن توڏن کي سهڻا گهنگهڻا، ڦندڻ ۽ زيور ٻڌل هئا. مون کي اُهي اوچي نسل وارا (اصيل) ڪامل پاڻ سان وٺي ويندا. اي سرتيون! منهنجا دل گهريا دوست اچي سهڙيا آهن.

    داستان ٽيون

    1
    پُنهونءَ ڇڏيو پوءِ، جانِبُ جبل ڳولئين،
    تيلانهِين تَنگُون ڪَرِئين، جيلانهِين تون جوءِ،
    ساڄَنُ سُڃَ نهارِئين، ڏُکي! ڏوهُ ڪيوءِ،
    هاڙهي هوتُ نه هوءِ، وري پُڇُ ويٺيُنِ کي.

    پُنهونءِ کي پٺتي ڇڏي، تون جانيءَ کي وڃيو جبل ۾ ڳولين. جنهن صورت ۾ تو پنهونءَ سان لائون لڌيون آهن، تنهن صورت ۾ ئي تون سڃ ۾ سٽون ٿي ڏين. اي ڏکي! تون جو ساجن کي رُڃن ۾ ٿي ڳولين، سو وڏو قصور ٿي ڪرين. محبوب هاڙهي جبل ۾ نه آهي، تون موٽي وڃي سندس سماءُ اُنهن کان وٺ، جي هڪ هنڌ ويٺا آهن.

    2
    وَري پُڇُ ويٺيُنِ کي، سَندا پُنهونءَ پارَ،
    ساڄَنُ سَڀُ ڄَمارَ، ڏکي! ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.

    تون پنهونءَ جا پار انهن کان پڇ جي هڪ هنڌ ويٺا آهن. اي ڏکي! تون ساري عمر دلبر کي پنهنجي وجود ۾ ڳولج.

    3
    ڪونهي اُت ڪوهِيارُ، جِتِ تو ڀوري! ڀانئيو،
    پَنڌُ مَ ڪَرِ پَهاڙَ ڏي، وُجُودُ ئي وَڻِڪارُ،
    ڌارِيا ڀانئجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ تون.

    اي ڀورڙي! اُنهيءَ هنڌ پنهون نه آهي، جتي تو سمجهيو. جبل ڏانهن پنڌ نه ڪر، ڇو ته وڻڪار تنهنجي وجود ۾ ئي آهي. ڌارين کي تون الڳ سمجهه، پرينءَ جو سماءُ تون پاڻ کان پڇ.

    4
    سَڀيئي ساري سَسُئي!، گَهرَ ڪُنڊُون تون گهورِ،
    وَڃي ڏُورِ مَ ڏورِ، دَرا مَنجِھه دوسِتُ ٿيو.

    اي سسئي! تون پنهنجي گهر جون سڀ ڪنڊون پاسا جاچي ڏس. پرينءَ کي پري نه وڃي ڳول، ڇو ته محبوب تنهنجي من ۾ ئي موجود آهي.

    5
    سوئي کَڻيو ساڻو، سوئي ڏورِئين سَسُئي!،
    ڪَڏهنِ ڪَنهِين نه ڪيو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،
    پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ، ته تون تِئائِينِ لَهِين.

    اي سسئي! اُهو ئي پاڻ سان کنيون ٿي گهمين ۽ وري اُهو ئي پيئي ڳولين. ڪڏهن به ڪنهن کي رلڻ مان پروڙ نه پيئي آهي. تون پرينءَ جو سماءُ پاڻ کان ئي پڇ ته تون هن کي اُتان ئي هٿ ڪرين.

    6
    جو تون ڏورِئين ڏُورِ، سو سَدا آهي ساڻُ تو،
    لالَن لَءِ لَطِيفُ چئي، مَنجهي ٿِي مَعذُورِ!،
    منجهان پَنئن پَرُوڙِ، تو مَنجهِه آهِسِ تَڪِيو.

    جنهن کي تون ڳولين ٿي، سو هميشہ تو سان گڏ آهي. اي هيڻي! تون پرينءَ لاءِ پنهنجي اندر ۾ ئي جهاتي پاءِ. پاڻ منجهان ئي سندس سماءُ لهه. هن جو ديرو تو ۾ ئي آهي.

    7
    وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ، هِتِ نه ڳولئين هوتَ کي،
    لِڪو ڪينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچن ٻئي پارِ،
    ٿِيُ سَتي ٻَڌُ سَندِرو، پِرِتِ پُنهونءَ سين پارِ،
    نائي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.

    تون وڻڪار ڏانهن ڇو ٿي وڃين؟ هت ئي نه ٿي پنهنجي دلبر کي ڳولين. ٻاروچل (پنهون) ڪنهن ٻئي طرف لڪل نه آهي. تون ست تي قائم رهي، سندرو ٻڌ ۽ پنهونءَ سان پريت نباهه. تون نظر نوائي اندر ۾ جهاتي پاءِ، تنهنجي پريتم جو آستان تو منجهه ئي آهي.

    8
    هَلُ هِنئين سِين هوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَنڌُ،
    رائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙِههُ رُوحاني سَسُئي!.

    تون دلبر ڏانهن پنهنجي دل سان هل، پيرن سان پنڌ نه ڪر. اي سسئي! جبل جي واريءَ مان پرينءَ جو پيچرو نه ڳول، ، پر روحاني طرح سان هن ڏانهن هل.

    9
    ڪجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيُنِ ڪارَڻَ ڪيئن؟
    بيخود هَلِجِ بَرَ ۾، آئون ٿو چوان اِيئن،
    سِڪَڻُ سَاڄَنَ سِيئن، مَتان مُٺي! ڇَڏِئين.

    آئون توکان پڇان ٿو ته ڪيچين لاءِ پنڌ ڪيئن ڪجي؟ آئون توکي ائين چوان ته برپٽ مان پاڻ وساري هلندي هل. اي مٺي! محبوب کي ملڻ تائين متان سڪ کي هٿان ڇڏين.

    10
    مَتان مُٺي! ڇَڏِئين، پِريتَڻو پاڻان،
    ڄاپَنِ جئن ڄاڻا، تو پڻ هوئجِ تن جئن.

    اي مٺي! متان محبت کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏين. جئن جاڙا ٻار گڏ ڄمن، تئن تون به پريت سان گڏ هجج.

    11
    مَتان مُٺي! ڇَڏِئين، پاڻان پِريتَڻو،
    کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَڙهجِ مُنهن ۾.

    اي مٺي! متان محبت کي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏين. اِهو مشڪ جو ذرو، پنهنجي منهن تي مهٽي لڳائج. (عشق ۽ مشڪ کي هڪ ٻئي سان ڀيٽيو وينديو آهي.)

    داستان چوٿون

    1
    هيجُ نه هوندو جَنِ، سي ڪيئن وِندِر وينديُون؟
    وِهو وِچ رَهَنِ، سَهسين سَڌَنِ واريُون.

    جن جي اندر ۾ اُڪير نه آهي، اهي ڪيئن وندر ڏانهن پنڌ ڪنديون؟. انيڪ ڪوڙي سڌ ڪندڙ وچ ۾ ئي ورچيو وهيو رهن.

    2
    سَڌائتي سَڀَڪا، بُکَ نه باسي ڪا،
    جيهيءَ تيهيءَ ذاتِ جي، جُنبَشِ ڪانهي جا،
    مون سين هَلي سا، جا جِيُ مِٺُو نه ڪَري.

    سڌ ڪندڙ هر ڪا آهي، پر بک (طلب) ڪابه نه ٿي قبولي. جهڙي تهڙي طالب کي هن پنڌ ۾ هلڻ جي مجال نه آهي. مون (سسئيءَ) سان گڏ اُها هلي، جا پنهنجي جان پياري نه سمجهي.

    3
    وَريتِيُون! وَرو، آئُون نه وَرَندي وَرَ ري،
    جاڏي هِنَ جَبَلَ جو، تانگهينديَسِ تَرو،
    جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينهن نِبيرڻُ نه ٿئي.

    اي سهاڳڻيون! (ورن واريون) اوهين پٺ تي موٽو. مان پنهنجي ور بنا پٺ تي نه ورنديس. هن اڙانگهي جبل جو مان ترو به ڳولينديس. جتن سان تر جيترو به نينهن ڇنڻ مون کان نه ٿو ٿئي.

    4
    وڃو سڀ وَري، اَئِين جي وَرَنِ وارِيُون،
    ڦوڙائي فِراقَ جي، سُڄي ڳالههِ ڳَري،
    ٻُنڀان جن ٻَري، ڏُونگَر سي ڏُورِينديُون.

    اوهين جي ورن واريون آهيو، سي پٺتي موٽو. جدائي ۽ فراق جي ڳالهه نهايت ملهائتي يا اَڙانگهي پيئي ٻڌجي. جن جي گهر ٻنڀي (گهر جي لنگهه) آگ ٿي ٻري، سي ئي جبل جهاڳينديون. (جن جي بچڻ جي واهه ئي بند آهي سي ئي جبل جهاڳينديون.)

    5
    اَڄ ملينديَسِ ماءِ!، ڌاڄا ڪَنديَسِ ڪَپڙا،
    جِيجان! جوڳِياڻي ٿِيان، مون جهَلَ مَ پاءِ،
    هوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پائيان.

    اي امڙ! اڄ مان پنهنجا ڪپڙا صاف ڪري گيڙوءَ رتا ڪنديس. اي جيجل! مان جوڳياڻي ٿينديس، تون مون تي روڪ نه وجهه. مان دلبر بلوچ لاءِ ڪنن ۾ سنياسن وارا ڪنڍل پائينديس.

    6
    مُون کي ڀانئي ڀاڄَ، ڏَير ڏُوراڻا هَليا،
    اڳيان اُٿي اُنَ جي، خُوبُ نه پَڪَمِ کاڄَ،
    ميڙي آپ سَرَتِيون، نَڪي ڳايَمِ ڳاچَ،
    سا مُون هَٿان نه ٿي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
    آيَلَ! آئوُن اَڪاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.

    مون کي ڪا سريت سمجهي، منهنجا ڏير ڏُور هليا ويا. مون اُنهن جي اڳيان اُٿي سٺا طعام تيار نه ڪيا، نڪي پنهنجيون ساهيڙيون ميڙي، ڪي گيت ڳايم. افسوس جو منهنجي هٿان اها رسم ادا نه ٿي، جا اسان جي راڄ جي آهي. اي جيجل! مان ناڪاري چئبيس، ٻاروچي (پنهونءَ) جو ڪيل قول وڏي ملهه وارو آهي.

    7
    پهرِينِ تُون پاريجِ، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي،
    ٻولُ مَ وِساريجِ، هُو جو ڪَيءِ هوتَ سين.

    پهرين ته تون پنهنجو قول پاڙج، پوءِ پنهونءَ تي آهي ته هوءَ پنهنجو قول پاري. جيڪو اقرار پرينءَ سان ڪيو هوءِ، سو تون نه وسارج.

    8
    تو سين ٻولَ ٻَهُون، سَهسِين ساجَنُ جي ڪري،
    ڪَنديِنءَ ڪهُون، جي نالو ڳِيَڙُءِ نِينهَن جو.

    تو سان سپرين کڻي سهسين قول ڪري، ته به جي تو نينهن جو نالو ڳڌو آهي ته سفر ۾ڪاهون ڪرڻيون پونديءِ.

    9
    سُڻي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمهين سَسُئي!،
    ڪَندِينءَ ڪوهُ ڪيڻانِ، جُه سي اُنِ اورانگهِيا.

    سسئي! هنن جا قول ٻڌي، تون ويسري ٿي سمهي نه پئج. تون هنن کي ڇا ڪندينءَ، جي هنن پنهنجا اقرار اورانگهي ڇڏيا (نه پاڙيا).

    10
    سِڄُ اُلَٿي سَسُئي، رَتَ وَرَنو روءِ،
    پَهي نه پانڌي ڪو، جنهن ڪَرَ پُڇِي لاءِ،
    مُوڙهي وڃي توءِ، موٽَڻَ جي ڪانَ ڪري.

    سج لٿي مهل، سسئي رت جا ڳوڙها پيئي ڳاڙي. نه ڪو قاصد آهي نه ڪو واٽهڙو، جنهن کان پنهونءَ جي ديس جو ڏس پُڇي. هوءَ منجهيل آهي، تنهن هوندي به پٺتي موٽڻ جي نه ٿي ڪري.

    11
    ڇُلان مَنجههمِ نه ڇاڪَ، پُران پَونَم پُرِ ڪَڻا،
    مَتان ڪا مُنڌَ ڪري، موٽَڻَ جي مَزاڪَ،
    چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هَڏِ هڻي ڪيو.

    ڇوهه مان مون ۾ سگهه ڪانهي، جي هلان ٿي ته پير ڦلڪڻا ٿي ٿا پونم. متان ڪا عورت مون سان موٽي هلڻ جي مذاق ڪري. هاڙهي جبل هڻي، منهنجي دل کي چاڪ ڪري ڇڏيو آهي.

    12
    موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِئين،
    پرِيٽِ پهرئين پُورَ، نيئي پَهُچائي پنهونءَ کي.

    سرتين گهڻيون ئي موٽڻ جون صلاحون ڏنيس، پر ڌوٻياڻيءَ (سسئيءَ) کي پهرين سٽ ئي وڃي پنهونءَ وٽ پهچايو.

    13
    موٽي مَران مَ ماءِ!، موٽَڻَ کان اَڳي مَران،
    لُڇي لالَنَ لاءِ، شالَ پَوندِيَسِ پير تي.

    اي امڙ! مان شل پٺتي موٽي پوءِ نه مران، پر موٽڻ کان اڳي ئي شل فنا ٿيان. پرينءَ لاءِ لڇندي لڇندي شل سندس پيرن جي نشانن تي ڪري جان ڏيان.

    وائي
    مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ!
    مُون کي دَرِدُ قَدِيمي، وو! دَرِدُ جَدِيدي حُبَ حَبِيبي.
    آلُودي آزارَ کان، تولَءِ ٿيس طَبِيبَ!
    شادي ڏِئين صِحَتَ جي، غَمي لاهِ غَرِيبَ!
    اهِئان ٿي آهُون ڪَريان، نَعرو مَنجهه نَصِيبَ!
    ڪاهِلِ آهيان ڪُوڙي، رَسي لاهِ رَقِيبَ!
    حاذِقُ آهِئين هِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ!
    دَوا آهِئين دِلِ جي، پڇُ پُڇ رَهِيَس طَبِيبَ،
    اَلا! عَبدُالَلطيفُ کي، ڪوڙي لاءِ، قريبَ!

    اي جانب! توکي منهنجي اِنهيءَ حال جي ڄاڻ آهي ته مونکي هڪ جهونو درد لڳل آهي. پرينءَ لاءِ سڪ هميشه هڪ نئون سور به آهي. اي منهنجا ويڄ! (اي پرين!) تنهنجي ڪري ئي هن مرض ۾ مبتلا آهيان. اي عجيب! مون کي چڱڀلائيءَ جي خوشي ڏي ۽ مون تان ڏک لاهه. اوهان جي لاءِ ئي آهون ٿي ڪريان ۽ اوهان جي ڪري ئي ڀاڳ ۾ دانهن ئي دانهن لکيل اٿم. مان سست ۽ ڪلڇڻي آهيان. اي پريتم! تون اچي مون تان ٻنڌن لاهه. اي پرين! شال اچين، تون هن جو هوشيار طبيب آهين. مان ويڄ پڇي پڇي ٿڪي آهيان. تون ئي منهنجي دل جي دوا آهين. اي سپرين! تون اچي عبدالطيف کي پنهنجي سيني سان لڳاءِ.

    داستان پنجون

    1
    ڀَڄي جان ڀَنڀورَ کان، ڏُونگَرُ ڏُورِيو مُون،
    ڪاهي رَسِيَس ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون،
    سَڀَتِ آهِئين تُون، قَضا ڪَندين ڪِنِ سين.

    جان مون ڀنڀور کان ڀڄي جبل ڦوليو، تان سٽون ڏيئي ڪيچ پهتيس، جتي پنهون آهي. اي ڌڻي! سڀني شين ۾ تون موجود آهين، پوءِ ڪهڙن جي خلاف (منصور جيان) موت جي فتويٰ ڏيندين؟.

    2
    پيهي جان پاڻَ ۾، ڪَيَمِ رُوحَ رِهاڻِ،
    ته نَڪو ڏُونگَرُ ڏيھَ ۾، نَڪا ڪيچِيُنِ ڪاڻِ،
    پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، سَسُئي تان سُورَ هُئا.

    جان ئي مون پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، پنهنجي روح سان رهاڻ ڪئي، تان ئي ڏسڻ ۾ آيم ته نه جهان ۾ ڪو جبل آهي نه ئي وري مون کي ڪا ڪيچين جي غرض آهي. جيسين سسئي هيس (جيسين پاڻ کي الڳ هستي ڀانيم) تيسين وڇوڙي جو درد هو، پر جڏهن پنهنجو وجود وڃايم، تڏهن پاڻ ئي پنهون، ٿي پيس.

    3
    پُنهون ٿِيَسِ پاڻهِين، ويو سَسُئيءَ جو شَرَمُ،
    هيڪِليُون هَلَنِ جي، ڀَڄي تن ڀَرَمُ،
    جو وِندُر ۾ وَرَمُ، سو سودو سَرِيُسِ هِتَهِين.

    مان پاڻ ئي پنهون ٿيس ۽ سسئيءَ وارو حجاب (پردو) پري ٿي ويو. جي اڪيليون ئي پرينءَ لاءَ پنڌ ٿيون ڪن، تن جو پردو هٽيو وڃيو. جو وندر ۾ سودو ڪرڻو هيس، سو هت ئي حاصل ٿيس.

    4
    پُنهون ٿِيَس پاڻهِين، ويئي سَسُئيءَ جي سُونهن،
    خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِھُ، اِئن وَڻَنِ مَنجهِه وِرُونھَ،
    چَريءَ منجهان چُونھَ، کَڻي هوتُ هَنجِ ڪيو.

    مان پاڻ ئي پنهون ٿيس ۽ سسئيءَ وارو حسن گم ٿي ويم. (اِنسان جيڪو حقيقي سونهن جي ساگر جو جزو آهي، سو پاڻ سڃاڻڻ کان پوءِ، ان سان هڪ ٿيو وڃي.) ”ڌڻيءَ آدم (انسان) کي پنهنجي صورت موجب خلقيو آهي“، اِها ئي وڻن مان تنوار پيئي ٻڌجي. هن ديوانيءَ پنهنجي چوڻ (اندر) يا چاهه مان ئي پرينءَ کي هٿ ڪري، هن کي پنهنجي هنج ۾ وهاريو.

    5
    ويئي سُونهَن سَسُئيءَ جي، پُنهون ٿِيَس پاڻَ،
    سڀنِ جي سَيَدُ چئي، آهي اُتِ اماڻَ،
    ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.

    سسئيءَ جو جمال فنا ٿي ويو ۽ مان پاڻ ئي پنهون ٿيس. سيد شاهه عبدالطيف ٿو فرمائي ته سڀني جو آخرين ماڳ اهوئي آهي (سڀ شيون پنهنجي اصل ڏانهن موٽنديون.) ڀنڀور يعني دنيا جا لاڳاپا اسان لاءِ محبوب جي اوريان رنڊڪون آهن.

    6
    وَهمَ وِرساياسِ، ناتَ پُنهون آئوُن پاڻَ هُئي،
    پاڻُ وِڃايُم پانهنجو، پَئي پِرِيان جي پاسِ،
    رَتي عِلَمِ نه راسِ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي.

    وهم (بي خبري) ئي ڀُلايم، نه ته پنهون مان پاڻ هيس. پرينءَ جي ڀرم ۾ پئي، پنهنجي خودي وڃايم. پرينءَ کي پسڻ بنا علم جو ذرو به بحال نه آهي.

    7
    هيڪَرَ هُئڻُ ڇَڏِ، ته اوڏي ٿِئين عَجِيبَ کي،
    مارَاَيتُ شَيئاَ اِلا وَرَاُيتُ اَللهَ، نيئي اَجها اوڏانهِين اَڏِ.
    ته هوتُ تَوهِين کان هَڏِ، پِرِين پاسي نه ٿئي.

    هڪ واريءَ خودي ترڪ ڪر ته معشوق کي ويجهي ٿئين. ”اهڙي ڪا شيءَ نه ڏٺيم، جنهن ۾ سائينءَ جي سونهن ڏسڻ ۾ نه آيم“. تون وڃي پرينءَ جي ويجهو پکڙا اڏ ته پرين توکان هرگز جدا يا پري نه ٿئي،

    8
    هوتُ تُنهنجي هَنجَ ۾، پُڇِين ڪوهُ پَهي؟،
    وَفي اَنفُسَڪُم، اَفَلاتُبصِرُونَ، سُوجهي ڪَرِ سَهي،
    ڪڏهِن ڪانه وَهي، هوتُ ڳولَڻَ هَٽَ تي.

    پريتم تنهنجي هنج (اندر) ۾ ئي آهي، تون ڇاجي لاءِ پيئي قاصد پڇين؟. ”هُن جون نشانيون اوهان جي اندر ۾ ئي آهين، پوءِ ڇو نه ٿا جاچي نظر ڪريو“. اِها حقيقت پروڙي هن کي سڃاڻ. ڪو به طالب محبوب کي ڪنهن دوڪان تي ڳولڻ ڪونه ويو.

    9
    هوتُ تُنهنجي هَنجَ ۾، پُڇين ڪوهُ پَرِياڻُ؟،
    وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيھِ مَن حَبلِ الوَرِيدِ، تُنهنجو توهِين ساڻُ،
    پنهنجو آهي پاڻُ، آڏو عَجيبَنِ کي.

    پريتم تنهنجي هنج (اندر) ۾ ئي آهي، تون ڇو ٿو پرينءَ لاءِ سڪين؟. تنهنجو سپرين تو ساڻ ئي آهي، جئن فرمايل آهي: ”اسين هن کي (انسان کي) سندس ڳچيءَ جي رڳن کان ئي ويجهو آهيون“. اسان جي خودي ئي اسان ۽ محبوب جي وچ ۾ پردو يا اٽڪ آهي.

    10
    ووِڙَيمِ سَڀ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،
    اَللهُ بِڪُلّ شَيءِ مُحِيطُ، اي آرِياڻيءَ اُهڃاڻَ،
    سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينهي ٻيو ٻَروچَ ري.

    محبوب جت (پنهونءَ يعني ڌڻي) لاءِ سڀ مڪان جاچيم. ”الله سڀني شين جي چوگرد آهي.“ اِهو محبوب جو نشان آهي. پنهون پاڻ ئي (حقيقي محبوب) سڀ ۾ سمايل آهي. کانئس سواءِ ٻيو ڪي به ڪينهي.

    وائي
    اَهکيءَ آڳُھ آهي، وو!،
    مون کي تان نه ڇڏيندو تِکَ ۾.
    پڇي پوءِ پِيَنِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاهي،
    آري اُگهاڙَنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراهي.

    هو اوکيءَ ۾ منهنجو وسيلو آهي، اِنهيءَ ڪري هو مون کي هن دنيا جي ساگر جي تيز وهڪ ۾ ڇڏ نه ڏيندو. هو پٺتي پيلن جا لڪن ۾ بار لاهي، سندس واهر ٿو ڪري. پنهون پاڻ ننگن کي اوڇڻ ٿو پهرائي. (ڌڻي بي وسيلن ۽ محتاجن جو اچيو پردو رکي.)

    داستان ڇهون

    1
    جُدائي جو جامُ، ڏِنائوُن ڏکيءَ کي،
    مَنگَلُ مُنهنجي مَنَ ۾، ٻارِيو هوتَ حَمامُ،
    آرکِ ٿيو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسي ڪانڌَ جو.

    محبوب هن درد جي ماري کي پيڙا جو پيالو پياريو آهي. پرينءَ منهنجي من ۾ آتش جو کُورو ٻاريو آهي. ڪانڌ جي وارن ڏٺي، مونکان آرام ئي ڇڏائجي ويو آهي.

    2
    دَرِدُ نه لَهي دارُوئين، زُلِفَ زورُ ڏِنومِ،
    ڪاڪُلُ ڪالَ ڏِٺومِ، رُخساري تي رُوپَ سين.

    زلفن مون تي آزار جو زور رکيو آهي. هاڻ منهنجو عذاب ڪنهن به علاج سان نه لهندو. مون ڪالهه پرينءَ جي ڳلن تي زيبائتي نموني ۾ لڙيل زلف (وار) ڏٺا آهن.

    3
    ڪاڪُلَ ڪُٺي جا، ڪَفَنُ تنهن ڪِين ٿئي،
    مَنجهه شَهادتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪري.

    جا وارن (زلفن) جي ڪٺل آهي، تنهن کي ڪفن نه ٿو ملي. هوءَ شهادت جي سهڻي جامي سان اڳيئي سينگاريل آهي.

    4
    ڏَکا ڏُونگَر ڄامَ!، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
    توتي لَڄَ لَطِيفُ چئي، آهي سَندي عامَ،
    مارِ مَ چَئي مَعذُورِ کي، وِنهِيا ڪانڌَ! ڪَلامَ،
    پَرِچِج پِيادِنِ سين، اَللهَ لڳِ عَلامَ!
    جا نَوازي آهِنجي نامَ، سا هوتَ! مَ ڇَڏجِ هيڪِلي.

    اي ڏونگر جا سردار! تون جڏين کي پنهنجيون دهشتون نه ڏيکار. تون مڙني جي لڄ آهين. اي خوشبخت ڀتار! ڪي به سخن چئي، هن جڏيءَ کي فنا نه ڪج. اي حال محرم! تون ڌڻيءَ جي واسطي اچي پيادين (عشق جي راهه ۾ سفر ڪندڙن) سان پرچي ملج، جا اوهان جي نالي سان نوازيل آهي، تنهن کي پرين! اڪيلو نه ڇڏج.

    5
    پيرَ پَٽانئي ڪُنئرا، ڏُونگرَ مَٿي ڏي،
    ڦَٽِيا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سيرُون ٿِيڙا سي،
    جهڙي تهڙي حالَ سين، پُري پُنهونءَ ڏي،
    وَڃي مانَ وَري، ٻانهيءَ ٻنڌَڻُ جنهن سين.

    سسئي، ريشم کان ئي وڌيڪ نفيس ۽ نازڪ پيرن سان جبلن جا سفر پيئي ڪري. سندس پيرن جون تريون ڦٽجي رتورت ٿي پيئون آهن. هوءِ اِنهيءَ عاجزي جي حال ۾ به پنهونءَ ڏانهن پنڌ ڪندي پيئي هلي ۽ ائين پيئي چوي ته ”شال هو واپس وري، جنهن سان هن ٻانهيءَ جو ناتو (پيوند) آهي“.

    داستان ستون

    1
    وِندرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَڌَنِ سَندِرا،
    ٻيُون ڪوهُ ٻَڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِينديُون.
    جي وندر ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ تيار هجن، سي ڀل سندرا ٻڌن. ٻيون سندرا ڇوٿيون ٻڌن، جي پوءِ اُهي ڇوڙي لاهي ڇڏينديون.

    2
    ڏيہُ ڏيهان ئي ڏُورِ، پَر ڏيهان پَري ٿِيا،
    سيڻنِ ڪارَڻِ سَسُئي، پيئي پَرانهين پُورِ،
    تُون وَڃِين هوت! حُضورِ، مُنهنجو جَئڻُ جيلانهِين ٿِئي.

    پنهونءَ جو ديس منهنجي ديس کان ته ڏور آهي. پر پنهون خود پرديس کان به پري آهي (محبوب حقيقي اُتي آهي، جتي ڪا نهايت نه آهي.). سسئي پرينءَ ڪاڻ ڪنهن پرئين سفر لاءِ سنڀري آهي. اي پرين! تون، جنهن ڪاڻ آئون جيان ٿي سو هليو ٿو وڃين آريءَ جي درٻار ۾.

    3
    هيڪانديءَ هوئي، اُٿي راتِ رَوان ٿيا،
    ساهُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِيو پوئي،
    رَهُ قَضا! دَمُ ڪوئي، ته هيڪَرَ هيڪاندي ٿِيان.

    مون سان وصال ۾ رهي، پوءِ راتو واهه روانا ٿيا. پنهون منهنجو ساهه درد جي ڌاڳي ۾ پوئي ويو. اي تقدير! ڪجهه وقت ترس (مون کي جيئڻ جي مهلت ڏي) ته هڪواريءَ پنهنجي جانب سان گڏجان.

    4
    هَڏِ نه ساه سُڌِيرَ، دِلِ درماندي دوسَ ري،
    پائي وِيَڙا پِرتِ جو، زوراوَرَ زَنجِيرُ،
    جِيُ جُسو جاڳِيرُ، هاڻي مِلڪَ هوت جي.

    منهنجي جان هرگز صبر ۾ نه آهي، منهنجي دل دوست بنا بيقرار آهي. پرين زور آور مون کي محبت جي زنجير سان جڪڙي ويا آهن. هاڻ منهنجو جسم، جان ۽ سمورو مال اسباب جانيءَ جي ملڪيت آهي.

    5
    عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهون جي پُڇَنِ،
    رِيس ريذاليُون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ؟
    مارڳِ جي مَرَنِ، وڏو طالعُ تن جو.

    جي ساري ڄمار عشق ۾ وتن پنهونءَ جا پار پڇنديون، تن سان هلڪڙيون عورتون ڇا جي لاءِ ٿيون ريس ڪن؟. جي روحاني واٽ ۾ ٿيون مرن، تن جو بخت وڏو چئبو.

    6
    ويٺي وَرِ نه پوَنِ، سُتي مِلَنِ نه سُپِرين،
    جي مَٿي رَندَنِ رُئنِ، ساڄَنُ مِلي تن کي.

    سپرين ويٺي حاصل نه ٿا ٿين، نڪي ستي ٿا ملن. جانب اُنهن کي ٿو ملي، جي واٽن تي رئندا ٿا رهن.

    7
    رائي ڪي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِيو چَڙهي،
    لانچي لَڪ لَطِيفُ چئي، هَلي ڏانهن حُضورَ،
    رَهِيا سَڀَ رُڃُنِ ۾، سَسُئيءَ جا سالُورَ،
    ساڄَنُ ميڙُيسِ سُورَ، سُکَ نه ميڙُيسِ سُپِرين.

    سسئيءَ کي پهاڙن جي پنڌ ڦٽي ڇڏيو آهي، تنهن هوندي به هوءَ ٽڪر ٽاڪيندي، لڪ چڙهندي پيئي وڃي. هوءَ لڪ لتاڙي، پنهونءَ جي حضور ۾ پهچڻ لاءِ ڪشيندي پيئي وڇي. رُڃن ۾ سسئيءَ جي هار سينگار هليو ويو آهي. ڏک ئي کيس سپرين ملايو، نه سُک.

    8
    مَنجهان پَنءُ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ سَسُئي!،
    ويهي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌَڻي وِجِهجِ ڌُوڙِ،
    ته تون ماڻِئين مُوڙِ، جي پَند اِهائي پارِئين.

    اي سسئي! تون پاڻ منجهان ئي پروڙج ۽ هر ڪنهن شيءِ ۾ پنهونءَ کي ڳولج. هن سموري خاڪ جي انبار کي ڇاڻي (هر هنڌ جستجو ڪري) منهن کي ڌوڙ سان ملج (پرينءَ جي پاڪ خاڪ هٿ ڪج.) جي اِها صلاح مڃيندينءَ ته خزانو ماڻيندينءَ.

    9
    ٻَريائي ته ٻارِ، ڦُوڪِ ته لَڳي اَنَبَرين،
    هِتي جي هُئڻَ جُون، وَٿُون سَڀَ وِسارِ،
    سُموُري سَرِڪارِ، نيئي رکِج ناهِ ۾.

    جي آتش لڳي اٿيئي ته اُن کي ٻاريندي ره. مچ کي ڀڙڪاءِ ته عرش سان وڃي لڳي. هتي جي (دنيا جي) هستيءَ جون سموريون شيون وساري ڇڏ. هيءُ ساري ڪاروهنوار کڻي نيستيءَ جي طاق تي رک.

    10
    قَدُ ٻَڌي تُون ڪِين، پَهُچندِينءَ پُنهونءَ سين،
    جئن سِينو ساهِئين سَسئي! ٿِئين تَهِوارُون تِين،
    مُٺي! ٿِئي مِسِڪِين، هِمَتَ هوتُ وِڃائِيو.

    تون سينو ساهي، ڪين پنهونءَ کي رسندينءَ. جئن سينو ساهينديءَ، تئن پرزا پرزا ٿيندنيءَ. مُٺي! نماڻي ٿيءُ. خودي، جانب هٿان وڃايو ڇڏي.

    11
    ٻِلَرِ لَڳو ٻاڻُ، پَسو! جوءِ جَرا ٿِئي،
    سا مُنڌَ مَري نه جِئي، پيئي پَڇاڙي پاڻُ،
    سَسُئي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙي سَيَدُ چئي.

    هن عاجزا کي ڪانُ لڳو آهي، ڏسو ته هوءَ ڪيئن نه رتيون ٿي پيئي آهي. هيءَ ويچاري نار (عورت) نه مري ٿي، نه جيئي ٿي، رڳو پاڻ پيئي پڇاڙي. سسئي هميشه سُورن لاءِ تيار ٿي بيٺي آهي.

    داستان اٺون

    1
    اَڌرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، اَسُونهِين آهِيان،
    لُڙِڪَ لَعلَ لَطِيفُ چئي، وَرَ لَءِ وَهايان،
    هيجان هَنجُون حَبَ ۾، هوتَن لَءِ هاريان،
    جانِبَ ضعِيفيءَ سين، پُنهون پَهايان،
    پيهان، پَچايان، جي مان نِيو پاڻَ سين.

    مان ري آڌار، بي وسيلي، هيڻي ۽ بي رهبر آهيان. پنهنجي ڪانڌ لاءِ رت جا ڳوڙها پيئي ڳاڙيان. جانب لاءِ حب ندي ۾ نينهن وچان پيئي ڳوڙها ڳاڙيان. مان جاني پنهونءَ کي نماڻائيءَ سان ريجهائڻ جي ٿي ڪريان. اي محبوب! جي اوهين مون کي پاڻ سان وٺي هلو نه مان اوهان لاءِ جيڪر جنڊ پيهان ۽ کاڄ پچايان.

    2
    اَڌرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، آهِيان اَسُونهِين،
    پَرڏيهي پِرِين ڪيا، مَرَڻَ لَءِ مُونهِين،
    سَسُئي کي سَيَدُ چئي، تنگنِ ۾ تُونهِين،
    هاري ڪِئن هُونهِين، رِءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَرِين.

    مان ري آڌار، بي وسيلي ۽ بي رهبر آهيان. مون موت پرائڻ لاءِ ئي پرديسي پرين ڪيا. سسئي لاءِ مشڪلاتن ۾ تون ئي ڀروسو آهين. اهي موڙهل! تون بنا سمر جي ڪئن ٿي مفت محبوبن سان ملڻ جون سڌون ڪرين؟.

    3
    اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، ۽ سَڌَرِ ٿِيُ سَچي،
    سُپَڪِ ٿِيُ سَيَدُ چئي، پَهِڻَن مَنجهِه پَچي،
    معذُورِ تي مارو ڪيو، اولا ڪَنِ اَچي،
    منجهان راهَ رَچي، ٿِيڙي لالُ لَطِيفُ چئي.

    اي ري آڌار، هيڻي ۽ بي رهبر! تون سڪ ۾ رچي، سچي سگهاري ٿيءُ. جبلن ۾ جلي، تون پوريءَ ريت پچي راس ٿيءُ. هن ضعيف تي ڳڻتين ۽ فڪرن اچي وار ڪيو آهي. هوءِ سفر جي ڏاکڙن ۾ رچي لال ٿي.

    4
    اَچي عِزرائِيلَ، سُتي جاڳائي سَسُئي،
    ٿي دَوڙائي دَلِيلَ، ته پُنهونءَ ماڙهُو موڪليو.
    عزرائيل اچي ستل سسئيءَ کي سجاڳ ڪيو ته به هوءَ اِهي ئي خيال پيئي ڊوڙائي ته مون کي پنهونءَ ڪو پانڌي موڪليو آهي.

    5
    مُنڪِرَ ۽ نَڪِيرَ کي جڏهن ڏِٺائِين،
    اڳيان اُٿي اُنِ کي، پُنهون پُڇيائِين،
    اَدا اِتائين، ڪو ويو ساٿُ سَڄَڻ جو.

    سسئيءَ جڏهن قبر ۾ حساب پڇندڙ فرشتن منڪر ۽ نڪير کي ڏٺو، تڏهن اُٿي انهن کان پنهونءَ جو احوال پڇيائين. چي: ادا! هتان ڪو پرينءَ جو قافلو لنگهيو؟.

    6
    ڀاياڻي ٿي ڀورِ، پُٺيءَ ڪيچِيُنِ ڪَڪِرا،
    رائو مِڙيوئي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
    لانچي لَڪَ لطيفُ چئي، اُٿي ڏُونگر ڏورِ،
    جتُ وَڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏي ٿئين.

    اي سسئي! ڪيچين (پنهونءَ) جي پٺيان سندس پوري ساٿڻ ٿي، پٿرن کي رتيون رتيون ڪر ۽ پنهنجي ڪانڌ ڪاڻ مڙيوئي پهاڙ رت سان رڱي لال ڪر. تون اُٿي لڪن ۾ سندس ڳولا ڪر ۽ جبلن ۾ ڦولهه وجهه. جت (پنهون) ڇوه مان هلندو پيو وڃيئي، تون تکي وِکَ وڌاءِ ته وڃي کيس ويجهي پوين.

    7
    جُهٽَ پِٽَي پِہُ جَهنگ، هاڙهي پُڇ مَ هوت کي،
    سُور سُٻيلي سَسُئي!، لَڪَ تَنهِين سين لَنگهِه،
    ته سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ! ميڙائو تو ٿِئي.

    تون ڪشالا ڪڍي جهنگ ۾ ڪاهي پئه ۽ پرينءَ کي هاڙهي جبل ۾ نه ڳول. اي سسئي! درد، سهڻو ساٿي اٿيئي، تون ان جي واهر سان اُٿي لڪ لتاڙ ته اي منڌ! پرينءَ جي ساٿ سان تنهنجو ملڻ ٿئي.

    8
    ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، وِهُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،
    چَڙهي ڏاڍين ڏُونگرين، پيرُ پُنهونءَ جو پَسُ،
    ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پَوَندُءِ هوتَ پُنهونءَ جو.

    اي منڌ! اُٿي ڪو واڪو ڪر ۽ وس هلاءِ، ائين ڀنڀور ۾ ويهي نه ره. ڏکين جبلن تي چڙهي، پنهونءَ جي پيرن جو نشان لهه. توکي ڳولڻ مان ئي محبوب پنهونءَ جو سماءُ پوندو.

    داستان نائون

    1
    ويہُ مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جي،
    نِرِمَلَ نِهاري، هَلَندِنِ تان هَٿِ.

    پرينءَ کي وساري نه ويهه، نڪي سندس پنڌ جي ڪنهن کان پڇا ڪر. هلندڙن، پوتر (پاڪ) نظر ڌاري، پنهنجو محبوب هٿ ڪيو.

    2
    اَوَجَهڙِ اَسُونَهنِ، ڏيہُ گهڻو ئي ڏوريو،
    سَڳرَ رءَ سُونهَنِ، پهتي ڪانه پَنڌُ ڪَري.

    ري رهبر، طالبن گهڻو ئي سڃ واري ولايت ۾ ڳولا ڪئي، پر بنا سونهي جي ڪو به درست منزل تي پنڌ ڪري نه پهتو.

    3
    واءَ! وڃاءِ مَ سو، پُٺيءَ جنهن پَنڌُ ڪريان،
    ڇَٽا! ڇَپَرِ پِرينءَ جو، پيرُ پَرِنيان تو،
    بَرِ بورائو جو، سو لَڳي مَتان لَٽِئِين!.

    اي واءَ! جن پيرن جي نشانن تي لڳي سفر پيئي ڪريان، سي ڊاهي گم نه ڪج. اي طوفان! ڏونگرن ۾ پرينءَ جي پيرن جو نشان توکي پرتو ٿي ڪريان. جو رڻ ۾ منهنجو سونهون آهي، سو لڳي، لٽي نه ڇڏج.

    4
    ڏُورِ مَ تون ڏوريجِ، صَبُر ڪَرِ مَ سَسُئي!،
    پُرَڻُ ڇَڏِ پَيرنِ سين، وِهَڻُ وِساريجِ،
    سُکَنِ جا، سَيَدُ چئي، لاڳاپا لاهيجِ،
    هِنئين ساڻُ هَليجِ، ته پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبرِي.

    اي سسئي! (اي طالب) پرينءَ کي پري نه ڳولج، نڪي صبر ۾ ويهج. پيرن سان هلڻ ڇڏي ڏي ۽ ساڳئي وقت وهڪ کي به وساري ڇڏج. سکن سان به پنهنجو ناتو ٽوڙي ڇڏج. پنهنجي دل سان پنڌ ڪج ته سفر ترت پورو ٿي وڃي.

    5
    کُهي جا کَنيائين، وِکَ تَنهِين ويجِهي ڪئي،
    ڇِڪيءَ ڇِنائين، پَنڌُ مِڙوئي پَٻُ جو.

    ٿڪجي جا وک کنيائين، تنهن کيس پرينءَ جي ويجهو ڪيو. پٻ جبل جو مڙيوئي سفر هڪ ئي سٽ سان نبيريائين.

    6
    سَئو ڪوهَ ڪري سَڀَڪا، تُون کُهي! کَڻجِ وِکَ،
    تاڻِجِ مَنجهان تِکَ، ته پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبرِي.

    اي ٿڪل! سئو ڪوهن جو پنڌ ته هرڪو ڪيو وڃي، پر تون هڪ ئي وک کڻج. ڇوهه منجهان ڪاهه ته سفر ساعت ۾ پورو ٿي وڃي.

    7
    هيڪِليائي هيلَ، پورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،
    آڏا ڏُونگر لَڪِيون، سُورِيُون سُڃَنِ سيلَ،
    ته ڪَر ٻِيلي آهِنِ ٻيلَ، جي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.

    هينئر اڪيلي پنهونءَ ڏانهن سفر ڪنديس. جبل ۽ لنگهه اڙانگا آهن ۽ اوچن پهاڙن جون چوٽيون به هاڪاريون آهن، پر جي پرينءَ جا سور مون سان گڏ آهن ته ڄڻ اُهي منهنجا همراهه آهن.

    8
    دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرچي تان نه وِهي،
    لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئي، پَهِڻَنِ مَنجهه پِهي،
    سَندي نِيهن نِهي، ڪِي سَرفرازُ سَسُئي.

    سسئيءَ پنهنجو سپرين، دل جي اکين سان ڏٺو ۽ ڪڏهن به ورچي ڪنهن به پنڌ کان ويهي نه رهي. لڪ ڦولهي، پهاڙن ۾ پيهي ويئي. نينهن جي دولت، سسئيءَ کي بلند درجي تي رسايو.

    داستان ڏهون

    1
    آءُ اوراهُون سُپِرِين!، پَري وَڃُ ۾ پِي!،
    موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين، تُون جِيارو جِي،
    هوت! مَ ڇَڏج هِي، پُنهون! پِيادي پَنڌَ ۾.

    اي سپرين! تون ويجهو اچ. محبوب! تون مون کان پري نڪري نه وڃ. تون موٽ، نه ته جبلن ۾ ئي فنا ٿي وينديس، ڇو ته منهنجي جيءَ کي جياريندڙ آهين. اي هوت پنهون! هن پيادي کي سفر ۾ ڇڏي نه ڏج.

    2
    آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکيءَ ڏيج مَ ڏاگههُ،
    وَٽِ ڇَڏي مُون واگُهه، آري! وِئين عِشقَ جو.

    اي پرين! تون ويجهو اچ. هن ڏکيءَ کي جدائيءَ جو داغ نه ڏي. اي آري ڄام! تون مون وٽ عشق جي واگهه (چيتو) ڇڏي هليو ويو آهين.

    3
    هَٿان هَڏِ نه ڇَڏِيان، صَبرُ شُڪرانو،
    ذوقَ زَمانو مُون، وَرَ! وِيو وِسِري.

    مان صبر ۽ شڪراني کي هرگز هٿان نه ڇڏينديس. اي ڪانڌ! مون کان شوق وارو زمانو بنهه وسري ويو آهي.

    4
    ناهِ جَمِعيتَ جان کي، هوتَ پُڄاڻا هاڻِ،
    اَللهَ! سيئي آڻِ، جن ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.

    پرينءَ پڄاڻا، منهنجي جان کي ڪو آرام نه آهي. اي رب! تون اُنهن کي واپس آڻ، جن مون کي سڪ جو سواد چکايو آهي.

    5
    ناه جَمِعيتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻا هِتِ،
    پُنهونءَ جي پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.

    پرينءَ پڄاڻان، منهنجي جان کي هت ڪو به آرام نه آهي. پنهونءَ جي نينهن مون کي سڪ جو سواد چکايو آهي.

    داستان يارهون

    1
    ڪَنُ ٿُي، ڪيچِيُنِ ڪُڇِيو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ،
    اِشار تُون اُنِ جون، سُڪوُ تان سُڄَنِ،
    وَٽان ويهي تَنِ، سُڻُ ته سوزُ پِرائيين.

    تون پنهنجي ساري جسم کي ڪن ڪر، ڇو ته ڪيچي ڳالهائين ٿا. تون ڪجهه به نه ڪڇ، ڇو ته ڪيچي ٿا ڪڇن. اُنهن جا اشارا سندس ماٺ ئي پروڙجن. اُنهن وٽان ڪجهه ويهي ٻڌ ته سوز حاصل ڪرين.

    2
    سُڻُ ته سوزُ پِرائيين، ”آءُ“ چِيائُون اَڄُ،
    ٻولِي ٻي نه سِکيا، ”پاڻا“ چوندءِ ڀَڄُ،
    واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ ته ٻِيائي لهي.

    اُنهن (ڪيچين) اڄ ”آءُ“ چيو آهي. تون کين ٻڌ ته سوز حاصل ڪرين. هو ٻي ڪابه وائي نه سکيا آهن، رڳو ايترو ٿا چون ته ”خوديءَ کان پري ڀڄ“، واڄي مثل نه وڄ (دانهون صدائون نه ڪر) رڳو چتائي سندن ٻولي ٻڌ ته تنهنجي ٻيائي ڪافور ٿي وڃي.

    3
    ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱڻِ آريءَ ڄامَ جي،
    دِيَتَ آهي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُينِ جي.

    آريءَ ڄام (پنهونءَ) جي اڱڻ ۾ رڳو ڪٽارو (ڪات) ۽ ڪوس پيو هلي. دوست پاڻ ئي محبت جي مارڳ ۾ فنا ٿيلن لاءِ خون بها آهي.

    4
    اَکيُون آرِيءَ ڄامَ جون، اَنڌيءَ سين آهِينِ،
    هُو جي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونهائِينِ،
    ڏسيو ڏيکارِينِ، پيشاني پُنهونءَ جي.

    هن انڌيءَ (سسئيءَ) سان آريءَ ڄام (پنهونءَ) جون اکيون ساڻُ آهن. اُهي ئي وندر جي وڻن ڏانهن منهنجي رهبري پيئون ڪن. اُهي ئي پنهونءَ جي پيشاني پسي، وري مونکي ٿيون ڏيکارين.

    5
    سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏنِ ري، هَلَڻَ رِءَ مَ هَلُ،
    جَلَڻُ رِءَ مَ جَلُ، رُئڻَ رءَ مَتان رُئينِ.

    سچن سڏن کان سواءِ (محبوب کي سڏڻ کان سواءِ) ٻيا ڪي به سڏ نه ڪر. پرينءَ ڏانهن هلڻ کان سواءِ، ٻيو ڪيڏانهن به نه هل. محبت جي مچ ۾ جلڻ کان سواءِ نه جل ۽ پرينءَ جي فراق ۾ روئڻ کان سواءِ نه روءُ.

    ابيات متفرقه

    1
    اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو،
    وِيو جاڳائي جيڏيون، بِرهُ هِيُ بيباڪُ،
    چُر قُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمهاري ڪِينَ ڪي.

    ڪالهه وارو اُٿيل ۽ اٿاريندڙ عشق ڪاڏي ويو؟. اي سرتيون! هي بي پرواهه نينهن مون کي جاڳائي ويو آهي. ان جو ڦٽ لوڇ ٿي مچائي ۽ اُنجو سُور سمهڻ نه ٿو ڏئي.

    2
    جان ساماڻِئين سَسُئي!، تان ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
    لاهي لَڄَ لَطِيفُ چئي، ٿِيُ بيگارياڻي بَرِ،
    ته ويندي پَوَئي ورِ، اَڳيان هوتَ حُضور ۾.

    اي سسئي! تون جڏهين سامائي آهين ته لا حجابيءَ (لڄ بنا) جو لباس ڪر. تون حيا لاهي، رڻ ۾ دربدر ٿيءُ ته اڳيان محبوب حضور ۾ اچي حاصل ٿيئي (دنيوي حجاب ترڪ ڪر ته محبوب مليئي).

    3
    مُنڌَ نه مَنجهان تَنِ، پَسي لَڪ لُڏَنِ جي،
    جا پَرِ کاهوڙيَنِ، سا پَرِ سِکي سَسُئي.

    هيءَ منڌ (سسئي) اُنهن منجهان نه آهي، جي لڪ ڏسي ڏهڪجي وڃن. جا ريت، کاهوڙين (ڏونگرن ۾ ڏٿ ڏوريندڙن) جي آهي، سائي سسئيءَ پرائي آهي.

    4
    مُنڌَ مَ مَنَهِن ويہُ، اُڀي اوسِرُ اُس ۾،
    تو سيئي سيڻَ ڪيا، ڏُورِ جنيِن جو ڏيہُ،
    پاڙي پاڙي پيہُ، وَتُ پُڇندي پِرِينءَ کي.

    اي منڌ! تون ڇانوَ ۾ نه ويهه، پر اُٿي اُس ۾ اڳتي هل. تون اُنهن کي پرين ڪيو آهي، جن جو ديس پري آهي. تون جابجا رُل ۽ پرينءَ جي ڳولا ڪندي وت.

    5
    اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ تي مارو ڪيو،
    مَتان ورَ وِسارِئين، مَنجهان ڪُر ڪَچي!
    لاهي لاڳاپا لَنگهِه تون، سيڻَنِ ڏانهن سَچي!
    مَنجهان راهَ رَچي، ٿِينديِنءَ لَعلُ، لَطِيفُ چئي.

    غمن اچي هن هيڻيءَ تي حملو ڪيو آهي. اي ڪانڌ! تون متان هن خسيس کي اندر ۾ وساري ڇڏين. اي سچي! تون سڀ لاڳاپا لاهي، پرينءَ ڏانهن وڃ. تون پنڌ ۾ رچي لال ٿيندينءَ.


    سُرُ معذوري

    داستان پهريون

    1
    هَلندي هوتَ پُنهونءَ ڏي، کُهِجَنِ ڪي کُوٽِيُون،
    پَهڻُ تنِين پَٽُ ٿِئي، جي لَءِ لالَنَ لُوٺِيُون،
    سڀِ سهيليُون سِڪَ کي، چُنجهُون ۽ چُوٺِيُون،
    ٻانڀڻِ! ٿِيُ ٻُوٽِيُون، ته ڪُتا کِينِئي ڪيچَ جا.

    پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪندي، ڪي ڪوڙيون ٿيون ٿڪجن. جي جانب لاءِ رلن ٿيون، تن لاءِ جبل به ميدان ٿيو پوي. سچي عشق جي راهه ۾ مڙيئي سهيليون (ڪوڙن طالبن ڏانهن اشارو) ڪم نظر ۽ سست دل ٿيون ڏسجن. اي ٻانڀياڻي! (سسئي!) تون هن پنڌ ۾ پرزا ٿيءُ ته ڀل تنهنجو ماس ڪيچ جا ڪتا کائي جشن ڪن.

    2
    تن پيئي جانارَنِ يادِ، جي پاريَلَ پُنهونءَ ڄامَ جا،
    سَندي لالَن لاڌِ، مُئان پوءِ مَنڌُ ٿِئي.
    جي پنهونءَ ڄام جا پاليل جانور آهن، تن کي سسئي ياد آئي. اي منڌ! پرينءَ جو ملڻ، مئي پڄاڻا ٿو ٿئي.

    3
    جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبنِ جي،
    بهي ڀؤنڪي اُٿيو، گِهڏي مَنجهان گهُورَ،
    سَڀ لاهيندو سُورَ، گِري هنَ غَريب تان.

    محبوب جي زنبور (ڏنيڀوءَ) جهڙي شوخ ڪتي اچي کيس سجاڳ ڪيو. هو جسم کي ڇنڊي ۽ گهور ڪري ڀؤنڪي اٿيو. هو ڏاڙهي، هن مسڪين تان سڀ درد دفع ڪندو.

    4
    ڪُتو طالبُ ڍُونڍَ جو، اسين ڪُتي ڪِيڙَ،
    چُهٽي آهي چِيڙ، ڪارايي جي ڪن ۾.

    ڪتو مئل ماس جو شائق آهي، پر اسين ڪتي لاءِ چچڙ مثل آهيون. ڪتي جي ڪن ۾ هاڻي چچڙ چهٽيو آهي.

    5
    سگِبان سِينڍارِيا، بَڇيا، تي بهنِ،
    ڦِرِيا نه فَرمانَ کان، مُلههُ نه موتِيڙنِ،
    ڪونهي ڏوهُ ڪتَنِ، ڏاڪارِيا ڏاڙهيِنِ ٿا.

    ڪتن جي مالڪ کين سيٽيون وڃائي بڇيو آهي. انهيءَ ڪري ئي هو ڏاڙهين ٿا. هو پنهنجي مالڪ جو حڪم نه ٿا اورانگهين. سچ پچ ته انهيءَ ڪري هو املهه آهن. ڪتن جو قصور ڪونهي. هنن کان بڇ ڪرائي ٿي وڃي، جنهن ڪري ئي ڏاڙهين ٿا.

    6
    ڏکا، ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
    پُڙندا ڪِينَ پرِيٽِ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
    سَڳائيءَ جي سَيَدُ چئي، آهي سُڌِ سڀَنِ،
    هُوندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پر قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.

    ڀل ته جبل جا مرون مون تي هلائون ڪن. هو ڌوٻڻ تي هرگز غالب پئي نه سگهندا، ڇو ته کين سندس سگهارا سڄڻ سجهن ٿا. سڀني کي انهيءَ سڱ، جي سڌ آهي. هونئن جيڪر نه ٽرن، پر انهيءَ عزازت اِهو اثر ڪيو. (ڏک، طالب تي هرگز نه ٿا پئجي سگهن، ڇو ته سندس واهر ڪندڙ روحاني رهبر آهن.)

    7
    سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊين پِيياسِ،
    ڪير بِرهمڻِ؟ ڪِنِ جي؟ ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟
    هُوند نه سِنڌُ سُياسِ، هِن پُرِيين ڪَيَسِ پَڌِري.

    سگهاري سڄڻ سان سڱ ڪري، ديسان ديس مشهور ٿيس. هونئن جيڪر هن کي (سسئيءَ کي) ڪير سڃاڻي ها ته هيءَ برهمڻ ڪير هئي ۽ ڪن سندي هئي؟ هونئن سندس نالو جيڪر سنڌ به نه سڻي ها، پر هينئر انهيءَ ناتي کيس ملڪان ملڪ پڌرو ڪيو آهي.

    وائي
    خُوبي مَنجهِه خِفَتَ، اي! دوستَ! دِقَتَ،
    آهي عَبدُالَلطِيفُ کي.
    مَدحَ مون کان نه ٿِئي، سَندي سُور صِفَت،
    هِجي ڪَرِيان هيجَ سين، مُطالع مُحبتَ،
    حُزنُ هوتَ پُنهونءَ جو، رڳيائي راحتَ،
    پِرِيان جي پِستان جو، فاقوئي فَرحَتَ.

    اي دوست! عبداللطيف لاءِ درد ۽ جفا ۾ ئي خوبي آهي. درد جي خاصيت جي ساراه مان ڪري نه ٿو سگهان. ”محبت“ لفظ جي هجي ئي مان جيڪر شوق سان ڪريان ۽ اُن کي چاهه مان پڙهان. هوت پنهونءَ جو درد مون لاءِ نسوري راحت آهي. جانب جي سيني لاءِ سڪي پاه ٿيڻ ئي مون لاءِ فرحت آهي.(هيءَ وائي، عشق ۽ فراق جي ساراه ۾ چيل آهي.)

    داستان ٻيو

    1
    اَدِيُون! وَرُ اُگهاڙَ، وِهانءُ جنهن وِساريو،
    جيڏِيُون! ڇڏي جاڙَ، سڀِ نِنگيُون ٿي نڪرو.

    اي سرتيون! جنهن سينگار ۽ خوشي وساري، تنهن جو تياڳ مبارڪ آهي. اي جيڏيون! اوهين غفلت ترڪ ڪري. سڀ بي حجاب ٿي نڪرو.

    2
    سَڀِ ننگيُون ٿي نِڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
    سُپيران سين سوڀ، ننڊُون ڪندي نه ٿِئي.
    اوهين سڀ ويس وڳا ڇڏي، بي حجاب ٿي نڪرو. پرينءَ کي هٿ ڪرڻ جي ڪاميابي ننڊن ڪرڻ سان نه ٿي پڙ پوي.

    3
    سَڀِ نَنگيُون ٿي نِڪرو، پَرَهَڻ ڇَڏي پوءِ،
    مَهَندِ مِڙَنِئان هوءِ، ڪَهي جا ڪِين کڻي.

    اوهين سڀ ويس وڳا ڇڏي، بي حجاب ٿي نڪرو. جا پاڻ سان ”ڪين“ ٿي کڻي، سا سڀ کان اڳري (مرتبي ۾ وڌيڪ) آهي.

    4
    ڪهي جا ڪِين کڻي، پِرينءَ پَهُتي سا،
    وِهي ويڙِهجي جا، وَصلُ تنهن وِڃائيو.

    جا ”ڪين“ ساڻ کڻي ٿي هلي، سا پرينءَ سان ٿي ملي. جا ويس وڳا پهري ويٺي، تنهن وصال هٿان وڃايو.

    5
    وَصلُ تنهن وِڃائِيو، سِينڌ سُرمي سيئن،
    سا لوُٺي لِيلان جِيئن، مَڻِيو جنهن مِٽُ ڪيو.

    جا سينڌ ۽ سرمو ٿي ڪري، سا وصل وڃائي ٿي. جا (منڌ) مڻيي (منڊيءَ) سان نينهن ٿي رکي، سا ليلا وانگر پنهنجو سهاڳ ٿي لٽائي.

    6
    هُوندِيان هوتُ پَري، اوڏو آه اَڻَ هوندِ کي،
    ساڄَنُ تن سَري، ”لا“ سين لَڏيِنِ جي.

    پرين ”هوند“ کان پري آهي ۽ ”اڻ هوند“ کي ويجهو آهي (هو هوند وارن يعني تارڪن کي ويجهو آهي.) محبوب انهن کي حاصل ٿو ٿئي، جي پاڻ سان ڪي ڪين ٿا کڻن.

    7
    لائي خَنجَرُ ”لا“ جو، هيَءَ! خَچر کي هَڻُ،
    سَڌُن جُون سَيَدُ چئي، وَٿُون سڀِ وِڪَڻُ،
    پيرُ پرُوڙي کَڻُ، ته هَلَڻَ ۾ هوري وَهِين.

    نفس تي ”لا“ (”ڪين“ يا الله کان سواءِ ٻيو نه“) جو خنجر وهاءِ. خواهشن جي سمورو ساز ۽ سامان ترڪ ڪر. روحاني راه ۾ سمجهي وک وڌاءِ ته پنڌ ۾ هلڪائيءَ سان اڳتي وڌين.

    8
    هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ٿي جَريدي جوءِ!،
    هُوندِ جنِين سين هوءِ، هوتُ نه هُوندو تن سين.

    اي منڌ! تون اڪيلي (بنا ڪنهن ثمر ۽ ساٿيءَ جي) اڳتي هل. هاڙهو جبل اُهي ٿيون پار ڪن، جن کي ثمر ساڻ نه آهي. (طريقت جي واٽ اُهي ٿا لتاڙين، جن دنيا کي ترڪ ڪيو آهي.) جن سان هوند (دنيوي ثمر ۽ هوس) ساڻ آهي، تن سان پرين هرگز ساڻ نه هوندو.

    9
    هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، مُٺي مُوسَٽُ ڇڏِ،
    ”لا“ سين اُٿي لَڏِ، ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچ کي.

    اي مٺي! تون هار سينگار ترڪ ڪر. ”ڪين“ واريون ئي هاڙهو جبل اُڪري ٿيون وڃن. تو نيستي کڻي پنڌ ڪر. نيستي ئي هلي ڪيچ (روحاني منزل تي) ٿي رسائي.

    10
    نڪا هِتِ نه هُتِ، ڪا ڳوريءَ سندي ڳال،
    ڪِينَ پَهُتي مالِ، حالِ پَهُتي هوتَ کي.

    دنيوي اسباب واريءَ (ڳوريءَ) جو جس نڪي هِت (هن جهان ۾) آهي، نڪي هُت (روحاني دنيا ۾). ڪا به دنيوي اسباب ساڻ کڻي منزل تي نه ٿي پهچي، پر روحاني مستي ۽ ذوق سان ئي ٿي اُتي رسي.

    داستان ٽيون

    1
    هَلندي هاڙهو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوهَ پِيامِ،
    اَرڏَا آريءَ ري، گُوندَرَ گُذرِيامِ،
    لِڪيُون لَڪَ لَطِيفُ چئي، اورانگهڻُ آيامَ،
    پُرَڻُ پنهونءَ پُٺ ۾، اِيَ سَعادَت سَندِيامِ،
    مَٿسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِهان تان نه وسِ پِيو.

    هاڙهي جبل ڏانهن هلندي، مون کي ڪوهن جا پنڌ ڪرڻا پيا آهن. آريءَ ڄام (پنهونءَ) کي سواءِ مون کي غمن ۾ گهارڻو پيو آهي. مون کي لڪيون ۽ لڪ لنگهڻا پيا آهن. پنهونءَ جي پٺيان وڃڻ، منهنجو سڀاڳ آهي. مون پنهنجا سڀ ڪم واري مٿس وڌا آهن. وهڻ منهنجي وس ۾ نه آهي.

    2
    وَڌو ڪِيمَ وَڻاهَ! اونچا ڏُونگرَ! مَ ٿِيو،
    ٽِمو مَ نيڻاهَ! ته پيرُ نِهارِيان پِرِينءَ جو.

    اي وڻو! اوهين منهنجي راه ۾ نه اڀرو. اي پهاڙو! اوهين اوچا نه ٿيو. اي منهنجو اکيون! اوهين نير نه وهايو. جيئن مان پنهونءَ جي پير جو نشان صاف پسي سگهان.

    3
    وارو مُون وَڻراهِ!، ڪا سُڌِ سُونهَپَ جي نه ڏيو؟
    وِجهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ،
    مَنجهان پاڻَ پِيادِيُون، هادي ٿي هَلاءِ،
    پَريان کي پَهچاءِ، ته لَڳي لوُٺو نه ٿِئين.

    اي وڻڪار! منهنجي ڪا رهبري نه ٿي ڪرين؟. هن بيحال کي پيچرن ۾ اڙائي نه منجهاءِ. تون پيادين جي سونهپ ڪري اُنهن کي اڳتي هلاءِ. مون کي پرينءَ وٽ پهچاءِ متان اِتي ئي سڙي سڪي وڃين.

    4
    ڪَنڊا مُون پَيرنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ،
    آڱرِ آڱوُٺي نه مِڙي، ڇِپُون پير ڇِنَنِ،
    ويندي ڏانهن پِرِيَنِ، جُتي جاتِ نه پائيان.

    توڙي منهنجي پيرن ۾ لکين ڪنڊا لڳن ۽ پهاڙ منهنجا پير ائين پٿون ڪري ڇڏين، جو آڱر آڱوٺي نه مڙي. ته به پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪندي، مان پيرن ۾ جتي پٽيءَ نه پائينديس.

    5
    جُتيون سي پائِيندِيُون، جنِين پيرَ پِرِين،
    لاٿيُون سَڀِ پرِين، سَسُئي سُپيرِيُنِ کي.

    جتي اُهي پائينديون، جن کي پنهنجا پير پيارا آهن. پرينءَ ڪاڻ سسئيءَ سموريون ريتون ۽ رواج ترڪ ڪري ڇڏيا.

    داستان چوٿون

    1
    مري، جِي، ته ماڻِئين، جانِبَ جو جَمالُ،
    ٿِئين هُوندَ حَلالُ، جي پَنڌِ اِهائي پارئين.

    پاڻ کي فنا ڪري، بقا ۾ ره ته محبوب جي حسن جو مشاهدو ماڻين. جي انهيءَ هدايت جي پيروي ڪرين ته جيڪر جانب وٽ قبول پوين (جيئري مر ته معشوق سان ملين.).

    2
    مَرُ ته موچاري ٿِئين، اَجَلان اَڳي اَڄُ،
    جان ڪي هُئين جئري، ته مُنڌَ! ڀنڀوران ڀَڄُ،
    پُنهونءَ ساڻُ پهَڄُ، ته ملَڪَ اَلموتُ ماڻِئين.

    مرڻ کان اڳي اڄ ئي مر ته سرخرو ٿئين. اي منڌ! جيسين حيات هجين، تيسين ڀنڀور (هن دنيا) کان ڀڄي ڪنارو ڪر. پنهونءَ (حقيقي محبوب) سان سچي رهه ته موت جي فرشتي جو سهڻو ديدار نصيب ٿيئي.

    3
    اَجَلان اَڳي سَسُئي!، مُنڌَ جِئريائي مَرُ،
    ٽولِيان تنهن مَ ٽَرُ، جنهن رُوحُ وِڃايو راهَ ۾.

    اي سسئي! اي منڌ! تون موت کان جيئري ئي مر. انهيءَ ساٿ کان پاسو نه ڪر، جنهن پنهنجي جان جبلن ۾ ڳاري آهي.

    4
    مَرَڻان اڳي جي مئا، سي مَري ٿِين نه ماتُ،
    هوندا سي حَياتُ، جِئڻان اَڳي جي جِئا.

    جي مرڻ کان اڳي ٿا مرن، سي هرگز نه ٿا مرن. اُهي هميشه جيئرا (امر) رهندا، جن هميشه جي جيئڻ (روحاني جهان واري حياتيءَ) کان اڳي ئي هتي اُها حياتي هٿ ڪئي آهي.

    5
    اُونچو اُتاهون گَهڻو، جِئڻ کي جَبَلُ،
    مَرَڻَ! مُون سين هَلُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪَرِيان.

    جيئڻ (جي سڌ رکندڙن) لاءِ ئي جبل اوچو ۽ اُتاهون آهي. اي موت! تون مون سان همراهه ٿيءُ ته تنهنجي رهبريءَ هيٺ هلان.

    6
    تو سڱُ ساهَ! گَهڻن سين، جِئڻَ! گوشي جاءُ،
    مَرَڻَ! مُون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.

    اي ساهه! ( زندگي) تنهنجو سنٻنڌ گهڻن سان آهي. (اي ساهه! تون گهڻن کي پيارو آهين يا اي زندگي! تو کي سهسين ناتا آهن.) اي جيئڻ! تون پاسيرو ٿي وڃ. اي مرڻ! تون مون وٽ اچ ته تنهنجي پٺيان سفر ڪريان.

    7
    پَرِ ۾ پَچي پِرِينءَ کي، مَري نه ڄاتوءِ،
    ”مُوتُوا“ مُنڌَ! نه سوءِ، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِيان ڪاٽئين؟.

    تو ڳجهه ڳوهه ۾ محبوب لاءِ نه ڄاتو. اي منڌ! ”مرڻ کان اڳ مر“ نه ٻڌو اٿيئي؟. تون ڇا جي لاءِ ٿي پنهنجو ڪنڌ ڪپين؟.

    داستان پنجون

    1
    هَٿين پيرين مُوتِڙئين، هلِج ساڻُ هِنئين،
    عِشقُ آريءَ ڄامَ جو، نباهي نَئين،
    جان جان ٿي جِئين، تان پاڙجِ ڪو مَ پُنهونءَ سين.

    تون هٿن، پيرن ۽ گوڏن ڀر هلج، بلڪه دل سان پنڌ ڪج. آريءَ ڄام (پنهونءَ) سان محبت سان نباهج. جيسين جيئري آهين، تيسين ٻئي ڪنهن کي به پنهونءَ جو مٽ نه ڀائنج.

    2
    هَٿين، پيرين، مُونڙِئين، ڪَهجِ ڀَر ڪَپارَ،
    مَتان ڇوري! ڇَڏِئين، پِرِيتَڻي پَچارَ،
    توکي سنَدَ سَسُئي!، سَندي لَنئو لَغارَ،
    جي هُوِنئي هوتَ هَزار، ته به پاڙج ڪو مَ پُنهونءَ سين.

    تون هٿن، پيرن، گوڏن ۽ مٿي ڀر ڪاهيندي هلج. اي ڇوري! تون متن پريت جي پچر ڇڏين! اي سسئي! توکي عشق جي اوٽ آهي ۽ لنو جي لغار لڳل آهي. جي توکي هزارين پرين هجن، ته به اُنهن مان ڪنهن کي پنهونءَ جو مٽ نه ڄاڻج.

    3
    ٿڌيءَ ٿَڪي نه وِهي، تَتيءَ ڪَري تاڻَ،
    وڌائين وَڻِڪارِ ۾، سَسُئيءَ پاڻُ سُڪاڻُ،
    پڇي پَہَ پَکِيُنِ کي، پيئي منڌ پَرِياڻَ،
    ڏِنس پَرچي پاڻَ، اَچي آرياڻي وَري.

    هيءَ ٿڪل (سسئي) ٿڌيءَ (ڇانءَ) ۾ آرام نه ٿي وٺي، بلڪ تتيءَ جو پنڌ کي تاڻيندي ٿي وڃي. سسئيءَ وڻڪار ۾ پاڻ سڪائي ڇڏيو آهي. هوءَ پنڌ ۾ پکين کان به پنهونءَ جا ڏس پتا پيئي پڇندي وڃي. اُنهن ڏيهه جي وڻن جا به کيس الله ڪارڻ پار پتا ڏنا. شل آرياڻي (پنهون) پاڻ پرچي، پوئتي وري.

    4
    توڻي وِلاڙُون ڪَرين، توڻي هلِين وِکَ،
    لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذرو ضايع نه ٿِئي.

    توڙي سٽون ڏين يا وکون کڻي هلين، ته به جيڪي تقدير ۾ لکيل آهي، تنهن مان ذرو به نه ٿو ميسارجي.

    5
    لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙيءَ نه ٿِئي،
    پَاڙِيو ويٺي پاڙِ، جيڪي لالَنَ لِکِيو لوح ۾.

    جيڪي پيشانيءَ تي لکيل آهي، سو مٽجي ڪياڙيءَ ڏانهن نه ٿو ٿئي (تقدير بنهه نه ٿي مڙي يا مٽجي.) جيڪي محبوب تنهنجي پٽيءَ تي لکيو آهي، سو برسر ڪندي رهج.

    6
    ڪيائين ڪيچِيُنِ لَءِ، جُسو جلاوَتَ،
    ڇڏي پيٺي ڇَپرين، هاري سڀِ حُجَتَ،
    هُئي نماڻي نِسَتَ، پَنڌ وِڌائين پاڻَ تي.

    سسئيءَ ڪيچين ڪاڻ پنهنجو سرير ڪباب ڪيو. هوءَ نڌر سڀ خيال ۽ دليل ترڪ ڪري، جبلن ۾ ڪاهي پيئي. هوءَ هئي نماڻي ۽ نٻل، ته به پاڻ تي ڏکيو سفر برسر ڪيائين.

    7
    ماڙهُو ڏيئي مِهڻا، مُون کي ڪندا ڪوهُ؟،
    جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهُ، سا پِٿُون ٿِيندي پيرَ تي..

    ماڻهو مهڻا ڏيئي ڇا ڪندا؟، جنهن ڇوريءَ کي نينهن جو جنون ۽ جولان لڳل آهي، سا ( پنهونءَ جي) پيرن جي نشان تي پرزا پرزا ٿيندي.

    داستان ڇهون

    1
    فَردا مَنڌُ ڦِٽي ڪئي. نَقَدُ کنيو نارِ،
    هِيَ جا واڳَ وِلَهيءَ جي، ويرمَ ڏي مَ وارِ،
    جانڪي مُٺيءَ مارِ، جانڪي ميڙِ مُٺيءَ کي.

    هن منڌ ”سڀاڻ“ کي ترڪ ڪيو ۽ روڪڙ (حال يا حاضر وقت) کي ساڻ کنيو. هيءَ جا واڳ، هن مسڪين جي تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن کي دير ڏانهن نه وراءِ. يا هن مٺيءَ کي مار يا پاڻ سان ملاءِ.

    2
    مُٺي ٿي مُدَعا گُهري، موتُ ٿيو موجودُ،
    اَچين ته اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
    جانڪي ني وُجُودُ، جانڪي ميڙُ مُٺيءَ کي.

    هيڏانهن هيءَ مٺي، پنهنجي آس پوري ٿيڻ لاءِ پيئي واجهائي، هوڏانهن موت اچي حاضر ٿيو آهي. اي پرين! جي اڄ مون وٽ لنگهي اچين ته تنهنجي اڳيان سڀاڻي (آخرت) جو سجدو به ڪري ڇڏيان يا ته منهنجي جان وٺ يا مٺيءَ کي پاڻ سان ملاءِ.

    3
    ڏُکي ٿي ڏَڌورَ، لَهسي لَنئون پُنهونءَ جي،
    ڏيئي آڳِ اَتورَ، سڀَ نه ساڙي سَسُئي.

    هيءَ ڏکي ڏکن جي ڏڌل ۽ پنهونءَ جي سڪ ۾ سڙيل آهي. اَمٽ پرينءَ آگ هڻي، سسئيءَ کي سمورو ساڙي نه ڇڏيو. (هوءَ اڌ کامي آهي.)

    4
    ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳَرو، سَسُئي آڻِ مَ شَڪُ،
    ٿي ٻانِهي ڀَر اوئيُون، لُڏُ م پَسي لَڪُ،
    وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، کوءِ ٻارهن ورهَ ٻِينِ سين.

    اي سسئي! انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آڻج ته پرينءَ جو پسڻ هار سينگار کان اڳرو اٿيئي. پنهونءَ جي ٻانهي ٿي سندس سانداريون ڀر ۽ جبلن جا لڪ پسي، نه لڏ. پنهونءَ سان هڪ پل به مبارڪ، ٻين سان ٻارهن مهينا به گهوريا!

    5
    ڏُکيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَسو! پِٽُون پَوَنِ،
    مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهه رُڃنِ ۾ رئنِ،
    ڀُوڻا ايهين چَوَن، ته ”مُئيءَ اسانکي مارِيو!“.

    ڏسو ته ڏونگرن ۾ به هن ڏکيءَ تي ماتم پيو پوي. رڻن ۾ روجهه به سندس مرڻ پڄاڻا هنجون پيا هارين ۽ ائين چوندا وتن ته ”هن مئيءَ اسان کي درد ۾ ماري ڇڏيو.“

    6
    ڏُکيءَ سَندِيُون ڏونگَرين، اوڇِنگارُون اَچنِ،
    هَڻي سانگِ سَسُئيءَ کي، ڪِلو ڪَيو ڪيچِينِ،
    جي هَٿان هوتَ مَرَنِ، هوتُ تِنين جي هَنجَ ۾.

    هن ڏکيءَ جي مرڻ تي ڏونگرن مان به اوڇنگارون پيئون اچن. ڪيچين سسئيءَ سان ڳجهو جهيڙو منڊي، کيس ڪٽاري هنئي آهي. جي پرينءَ هٿان فنا ٿا ٿين، تن جي هنج ۾ ئي پرين اچيو پوي (جن کي هو ڪهي ٿو، تن سان ئي ملي ٿو.).

    7
    ڏکيءَ سنديُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،
    وَٽان ويهي جَنِ، وڍيءَ سي واڍوڙِيا.

    ڏونگرن ۾ وڻ ٽڻ به هن ڏکيءَ جون پچارون پيا ڪن. هن وڍيل (سسئيءَ) وڻن وٽ ويهي، کين پنهنجي سوز سان وڍي وڌو.

    8
    وَڍيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نه ڏٺو جن،
    موتُ قَبوليو تنِ، ڏِٺو جنِ ڏُکيءَ کي.

    هن وڍيل (سسئيءَ) اُنهن کي وڍيو، جن ۾ رت ئي نه آهي. (هن بيجان شين کي به وڍي ڇڏيو.). جن به هن ڏکيءَ کي ڏٺو، تن مرڻ قبوليو (سي ڏک ۾ فنا ٿيا.).

    9
    وَڍِيَلَ ٿي وايُون ڪَري، ڪُٺَل ڪُوڪاري،
    هُنَ پَنَ پنهنجا سارِيا، هي هَنجُون هَڏنِ لَءِ هاري.

    وڻ مان وڍيل ڪاٺي (بين) ورلاپ پيئي ڪري ۽ درد جي ڪٺل سسئي ڪوڪارون ڪندي وتي. بين پنهنجا ساوا ماڳ پيئي ساري ۽ سسئي پنهنجي پرينءَ لاءِ نيڻن مان نير پيئي وهائي.

    وائي
    اَچي. لالَنَ! لَٽِ، مِيان!،
    مُئيءَ جو لوڙهُ لَڪَنِ ۾.
    هو کانُ کَٿُوريءَ هيرئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽِ،
    آرِياڻي اَچي ڪري، ڪا گَهڙي مُون وَٽِ جَٽِ،
    کَٿُوري کَشبُوءِ سين، هارِيائُون هَٽِ هَٽِ،
    دَرِدُ مُنهنجي دِلِ جو، تون ڪامِل! اَچي ڪَٽِ،
    اَدِيُون! عَبدُاللَطيفُ چئي، سِرتائين آهي سَٽِ.

    اي پرين! تون هنن لڪن ۾ اچي، مئيءَ جي قبر ڏٽ ( مٽيءَ سان گري ڀر). هو خان پنهون کٿوريءَ (مشڪ) تي هريل آهي، پر مون ۾ رڳو صابڻ جو بوءِ آهي (مان ڌوٻڻ آهيان ۽ منهنجو واهپو صابڻ سان آهي). اي آري ڄام! تون هت ڪا گهڙي اچي، مون وٽ گهار. ڪيچين هٽ هٽ تي مشڪ جي اوت ڪئي آهي. اي ڪامل تون اچي منهنجي دل جو درد ميٽ (درد دفع ڪر). اي اديون! منهنجو سودو سر ڏيڻ تائين آهي.

    داستان ستون

    1
    آئوُن نه گَڏي پِرِينءَ کي، سَهَسين سِڄَ ويا،
    هَلَڻَ ويرَ هِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان!.

    سهسين ڏينهن گذري ويا آهن ته پرينءَ سان منهنجي گڏجاڻي نه ٿي آهي. شل هتان (هن جهان مان) هلڻ وقت، کيس ڏسي ساهه ڇڏيان.

    2
    آئوُن نه گَڏي پِرِينءَ کي، پويون ٿِيو پَساهُ،
    سِڪان ٿي سَڪِرات ۾، رويو پُڇان راهُ،
    شالَ مَ وَڃييمِ ساهُ، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي.

    منهنجو هينئر پويون دم آهي، پر پرينءَ سان مکاميلو نه ٿيم. پوين پساهن ۾ به پنهونءَ لاءِ سڪان پيئي ۽ هنجون هاري، سندس واٽ پيئي پڇان. شل پرينءَ جي درشن (ديدار) ڌاران منهنجي جان به نڪري.

    3
    آئوُن نه گَڏي پِرِينءَ کي، آيو عزِرائيلُ،
    جوراڻي سين جيڏيُون!، نَڪو قالُ نه قيل،
    آيو مَوتُ دَليلُ، مارِيندو مُرادَ کان!.

    مان پرينءَ کي نه گڏيس ۽ مٿان مون وٽ اچي عزرائيل (موت جو فرشتو) پهتو آهي. هن زورآور سان اي سرتيون! ڪو به دليل يا دعويٰ نه ٿي هلي. هتان ڪاهي ويندڙ موت اچي سهڙيو آهي، سو مون کي پنهنجي من جي مراد کان هميشه لاءِ سڪائيندو.

    4
    وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، رَئي پَسِيو روءِ،
    وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنهن پَرِ ڪَهي لاهِيان.

    سسئي سٽون ڏيندي، وڻن تي چڙهيو وڃي ۽ اڳيان لٽ ۽ ڌنڌ ڏسيو ڳوڙها پيئي ڳاڙي. هوءَ ايئن پيئي چوي ته ”هي جو وڇوڙو منهنجي ۽ پنهونءَ جي وچ ۾ آهي، سو ڪهڙيءَ طرح پنڌ ڪري دور ڪريان!“.

    5
    وِلاڙِيو وَڻين چڙهي، اُونچنِ مٿي اَڄُ،
    لالَنَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِيائِين بَردارَ جو.

    (پرينءَ جو پيچرو لهڻ لاءِ) سسئي والاڙون ڏيندي اڄ اُتاهن وڻن تي چڙهي پيئي. سپرينءَ ڪارڻ هِن وڻن جي به محتاجي ڪڍي.

    6
    وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڏِيو پَٽولي لانگَ،
    ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگَ، سَسُئيءَ مورَ ٻَچَنِ جِئن.

    سسئي، ريشمي پيشگير ۾ ويڙهيل ٽنگن سان ولاڙون ڏيندي، وڻن تي چڙهيو وڃي. ٽاريءَ ٽاريءَ مٿان مورن جي ٻچن جيئن سندس اڇانگون پيئون پون.

    7
    وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، پَسو سَگهَه سَندِياسِ،
    آڌيءَ وَڃيو آکُڙيءَ، نَڪو پِيُ نه ماسِ،
    سوئي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.

    هوءَ ولاڙون ڏيندي، وڻن تي چڙهيو وڃي. ڏسو سندس سگهه!. کيس نه ماءُ ساڻ آهي نه پيءُ. هوءَ اڌ رات جو اڪيلي سفر ڪندي پيئي وڃي. سندس ساٿي اهو ئي سندس آواز آهي، جو پرانهن پنڌن تي پڙاڏا پيو ڪري.

    8
    رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرِ ڪوَوَلَ جِي ڪوڪَ،
    وَلَوَلو ۽ وُوڪ، اِيَ تان آهَ عِشقَ جي.

    رڻ پٽ ۾ سسئيءَ جو آلاپ ائين آهي، جئن ڪوئل پکيءَ جي ڪوڪ. هي ورلاپ ۽ جيءَ دانهن نسوري عشق جي آهه آهي.

    9
    رُڃنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرِڪِي ڪُونجَ،
    نَعرو مَنجِهه نِڪُونجَ، اِيَ تان آهَ عِشقَ جي.

    رُڃن ۾ سسئيءَ جي دانهن ائين تي لڳي، ڄڻ ڪا ڪونج پيئي لنوي. سندس آواز ڪنهن ڪونج جو ڪنهن چشمي مان ايندڙ آلاپ پيو لڳي، پر حقيقت ۾ اُهو عشق جوئي آواز آهي.

    10
    رُڃنِ ۾ رَڙِ ٿي، ڪَرَ سانگي سازُ،
    اِيُ عِشقَ جو آوازُ، ماڙهو رَکَنِ مُنڌَ تي.

    رُڃن ۾ سسئيءَ جي پڪار ائين پيئي لڳي، ڄڻ سانگيءَ جو مٺو آواز. اهو نينهن جو آلاپ آهي، پر ماڻهو اُن کي هڪ عاجز (عورت) جو ورلاپ ڪري ٿا سمجهن.


    سُرُ ديسي

    داستان پهريون

    1
    ڏاگهَنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرن، ٽِنهي ڏِنَمِ ڏُکَ،
    سي سَڀِ ڀانيمِ سُکَ، هيڪاندِ ڪارَڻِ هوتَ جي.

    اُٺن، ڏيرن ۽ پهاڙن، ٽنهي مون کي عذاب ڏنا آهن. اهي مڙيئي سور، پرينءَ جي ميڙائي ماڻڻ ڪاڻ سُک ڪري سمجهيم.

    2
    ڏاگَهنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئوُن ڏَڌي،
    پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌي،
    لِکِئي آئوُن لَڌي، ناتَ پَٽَنِ ڪيرَ پَنُ ڪَري؟

    مان اُٺن، ڏيرن ۽ پهاڙن جي ڏنل ڏکن جي ماريل آهيان. (مون تي حق آهي ته) مان سٽون پائيندي، پنهونءَ جي پيرن جا نشان پائيندي وڃان. منهنجي انگ ۾ ائين لکيل هو. نه ته بر پٽن جا پنڌ جيڪر ڪير ڪري؟.

    3
    اَڱڻَ مَٿي اوپِرا، جڏهن ڏاگها ڏِٺَءِ ڏِينهَن،
    وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئي!، ويههُ وِهاڻيءَ سِيئن،
    چوٽيءَ سين چانگنِ کي، جَڙِ زَنجيرُنِ جيئن،
    ته هوتُ تُنهنجو هِيئن، هوندِ پُنهون نيائوُن نه پاڻَ سين.

    اي سسئي! جنهن ڏينهن پنهنجي پڌر ۾ ڌاريا اُٺ ڏٺئي، تڏهن جيڪر واٽ وٺي، اسر تائين سندن دڳ جهلي بيهين ها. پنهنجي چوٽيءَ سان اُٺن کي زنجيرن جيان جڪڙي ڇڏين ها ته تنهنجو پرين هيئن پاڻ سان کڻي نه وڃن ها.

    4
    اَڱڻَ مَٿي اوپِرا، جڏهن ڏاگها ڏِينهَن ڏِٺاءِ،
    ڪُنجُون جي قُفِلَنِ جون، تان ڪَنهن لَلِ لِڪاءِ،
    ته سُڀاڻي سَندِياءِ، ٿِئي سارُوڻي سَسُئي!.

    جڏهن ڏينهن ڏٺي، پنهنجي پڌر ۾ ڌاريا اُٺ ڏٺئي، تڏنهن ڪنهن پر ڪلفن جون ڪنجون ڇپائي ڇڏين ها ته، اي سسئي! ٻئي ڏينهن تي تنهنجي ڪا سنڀار لڌي وڃي ها.

    5
    اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِئي،
    پَلاڻِيندَي پاڻَ ۾، ڪُڇِيو ڪِينَ ڪُٺَنِ،
    ڪا جا مامَ مُٺَنِ، هن پڻ هُئي هُنِ سين.

    اڳي (هونئن) اُٺن روڙيو پئي، پر مون ڀيري بنهه سن ۾ رهيا. ڪُٺلن، هتان اُسهندي، پاڻ ۾ ڪنهن به ڪونه ٻوليو. هنن مٺن (اُٺن) جي هنن (جتن يعني سسئيءَ جي ڏيرن) سان ڪا ڳجهي سٽ (سازش) هئي.

    6
    ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، مُنهنجو ڏِينهَن ڏِنگو مَ ٿِئي،
    اُٺَنِ ۽ اوٺِيئڙَنِ جي، ڇا وَهِيڻو ويرَ،
    هِيَ ڪَمِيڻي ڪيرَ، جا اَمُرَ کي آڏو ڦِري.

    جي ڏير ڏنگا ٿيا ته ڇا ٿيو؟. شل منهنجو ڀاڳ ڏنگو نه ٿئي. وقت ۽ ويل، اُٺن ۽ جتن جي وس ڇا ٿيندا. هيءَ خسيس (سسئي) ڪير آهي، جا تقدير جي حڪم (لکئي) کي آڏو پوي.

    7
    ديسي سيڻَ ڪَجَنِ، پَرَديسي ڪَهڙا پِرِين؟
    لَڏِيو لاڏُوڻا ڪَيو، پَنهنجي ديسِ وَڃَنِ،
    پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪَجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.

    نينهن، ڏيهي دلبرن سان ڳنڍجي، پرديسي ڪهڙا سپرين ٿيندا؟. هو ثمر ٻڌيو، پنهنجي ساڻيهه ڏانهن لڏيو وڃن. پرينءَ جي وڃڻ کان پوءِ، ڀنڀور کي هميشه لاءِ الوداع ڪجي. (ڀنڀور کان هميشه لاءِ موڪلائجي.)

    8
    اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگَهنِ ڏَڌي آهِيان،
    هَڻي هَٿُ هَيَنِ کي، پَري نيئي پَلاڻِ،
    هوتُ مُنهنجو هاڻِ، پُنهون نِيائوُن پاڻَ سين.

    اُٺن کي منهنجي ويجهو نه آڻ، ڇو ته مان انهن چانگن جي ستايل (ماريل) آهيان. انهن مصيبت پين کي چهو هڻي، پري پلاڻي وڃ. اهي ئي اڃا هاڻ منهنجو پنهون پاڻ تي کڻي ويا آهن.

    9
    جَتَ هَڏهِين هُتِ، مُون هِتِ هِينئڙي ۾ حَلُ ٿِيا،
    چَنگلَ جنِين چوڦڙا، راحَتَ تن جي رُتِ،
    گنگَنِ جي گُپُتِ، ڇيڙي وِڌِييس ڇَپَرين.

    جت ماڳهين هُت يعني پنهنجي ماڳ تي وڃي پهتا، پر هت منهنجي هينئن ۾ سمايا پيا آهن. جن اُٺن جا پير چئن ڦرن (نوڪن) وارا آهن، تن جي لاڏ مون لاءِ راحت آهي. انهن گنگن جي ماٺ مون کي ڇپري، جبلن ۾ ڇلايو آهي.

    10
    گَہَ سِرِ ٿِئي مَ گَسُ، پَڻي پوءِ مَ پِرِينءَ تي،
    جنهن سِرِ ساڄَنُ سُپِرين، تنهن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،
    پُنهون پاڪَ پُرِسَ!، هوتُ نه ڪَجَن هيڏِيون.

    شل پيچري تان دز نه اُٿي ۽ منهنجي پرينءَ کي لٽ نه لڳي. جنهن اُٺ تي منهنجو سپرين سوار آهي، تنهن کي شل اُس نه لڳي. اي پنهون پاڪ مرد! منهنجا جانب! توکي هيڏيون جاڙون ڪرڻ نه جڳائن،

    11
    لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏوئي ڪَيو،
    اَچي آريءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
    مَرُون کِيَنِمِ ماسُ، هَڏَ هَلندا هوتَ ڏي.

    ڀنڀور مان لڏيندي، جتن وڏو ئي دولاب ڪيو. مون کي وڻ وڻ منجهان پنهون ڄام جي سرهاڻ پيئي اچي. منهنجو ماس جانور کائي کپائي ڇڏين ته به منهنجا ڪرنگهر (هڏا) پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪندا هلندا.

    12
    اُٺَ وِيري، اوٺارَ ويري، ويري ٿِيَڙَمِ ڏيرَ،
    چوٿون وِيري واءُ ٿِيو، جنهن لَٽِيا پُنهونءَ پيرَ،
    پَنجون وِيري سِڄُ ٿِيو، جنهن اُلَهي ڪي اَويرَ،
    ڇَهون وِيري ڇَپرُ ٿِيو، جنهن سَنوان ڪَيا نه سيرَ،
    سَتون وِيري چَنڊُ ٿِيو، کڙِيو نه وڏيءَ ويرَ،
    واهيري جي ويرَ، ڇُلوُن ڪَرِيان ڇَپَرين.

    منهنجا ويري هڪڙا اُٺ، ٻيا جت ۽ ٽيان ڏير ٿيا. چوٿون ويري واچوڙو ٿيو، جنهن پنهون جا پير دز سان لٽيا. پنجون ويري سج ٿيو، جنهن لهڻ ۾ دير ڪئي. ڇهون ويري پهاڙ ٿيو، جنهن پنهنجا لنگهه ۽ پيچرا سنوان (سڌا) نه بيهاريا. ستون ويري چنڊ ٿيو، جو ساجهر ئي نه اڀريو. سنجها جو (پکين جي آکيري ڏانهن ورڻ ويل) جبل مان ڇُوه مان سٽون ڏيندي ٿي وڃان.

    داستان ٻيو

    1
    مِڙي مُنڌَ ڏي آئيُون، ساهيڙِيُون سَهجان،
    اَلسُفَرُ قِطعہُ مَن اَلنارِ، هاري! موٽُ هِتان،
    سَڱهَ صِراطَ اَلمُستَقِيمَ جو، اَٿيئي تان اَڳيان،
    سي ڪيچي نيندءِ ڪِيان؟ تُنهنجو نِينهُن نِفاقَ سين.

    سهيليون هجت (لاڌ) وچان هن عورت (سسئيءَ) وٽ ميڙ ڪري آيون. چي: اي وسوڙل! سفر، دوزخ جي باه جو ٽڪر آهي، تون هتان واپس ور. اڃا اڳيان ته صراط جي پل جو وهنوار اٿيئي. اُهي ڪيچي توکي ساڻ ڪيئن نيندا، جو تنهنجي محبت، دوئيءَ (ٻيائيءَ) سان ڀريل آهي.

    2
    جَڏان ڪُن فَيَڪُون چَئي، نِيو آرِياڻيءَ اَرِواحُ،
    اَنگُ اڳِهِين لِکِيو، مُنهنجو مِيثاقاءَ،
    مَن طَلَبَ شَيئاَ وَجَدَ وَجَدَ، اُتو عَليءَ شاهَ،
    اَڃا اِن حَدِيثَ جو، مُون آسِرو آهِ،
    پُنهونءَ جي پيغامَ تان، مُنهنجو موتُ مُباحُ،
    سَرَتِيُون! دُعا ڪَجاهُ، ته ميڙائو مُون ٿِئي.

    جڏهن چيائين ”ٿيءُ ۽ ائين ٿي پيو“، (تڏهن) پنهونءَ (ڌڻيءَ) منهنجو ارواح پاڻ ڏانهن ڇڪيو، تڏهن ازل کان ئي منهنجو ڀاڳ اُتي لکيو ويو. شاه عليءَ فرمايو آهي ته، ”جو ڪنهن شيءِ جي طلب ٿو ڪري ۽ اُن لاءِ جفا ٿو ڪڍي، سو ضرور ان کي حاصل ٿو ڪري.“ اها حديث اڃا منهنجي لاءِ آڌار آهي. پنهونءَ جي پيغام مٿان منهنجو مرڻ روا آهي. اي سرتيون! دعا ڪجو ته پنهونءَ سان منهنجو مکا ميلو ٿئي.

    3
    سَبَہَ سِياهي، آهي آريءَ ڄامَ ري،
    ڪڏهن پَسي ڪانه ڪا، رِءَ لالَنَ لا لائي،
    دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ڪَرِ ساجَنَ! صَفائي
    مَن لاَ شَيخُ لَہ فَشَيخُہُ الشَيطانُ، اِنَ رِءَ اونداهي،
    هوءَ جا هَلي هيڪلي، سا گِيرَبَ گَمائي،
    بلا شَيخ من يمشِي في اَلطرِيقِ، اِهڙي اَوائي،
    تنهن رِءَ تَوائي، ڪوڙين ٿِيَنِ ڪيتريُون.

    پنهون ڄام کان سواءِ مون لاءِ سموري اونداهي آهي. پنهنجي پرينءَ ڌاران ڪٿي به ڪنهن کي لا لاڻ (روشنيءَ جي چمڪ) ڏسڻ ۾ نه آئي. (مرشد بنا طالب لاءِ اونداهه آهي.) اي سپرين! منهنجي دل تان ڪارنهن لاهي، اُنکي اڇو اجرو ڪر. ”جنهن کي ڪو شيخ (مرشد) ناهي، تنهن جو مرشد شيطان آهي.“ اُنهيءَ بنا (مرشد کان سواءِ) اونداهي آهي. اُها، جنهن اڪيلي سر پنڌ ڪيو، تنهن کي خوديءَ گمراه ڪيو. جو مرشد بنا طريقت تي هلي ٿو. (سو بنا ٻيڙيءَ سمنڊ تي هلي ٿو). اها اهڙي بري وائي اٿيئي. تنهن (مرشد) کان سواءِ، ڪروڙين گهمراه ٿيو وڃن.

    4
    ڀنيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيُنَ سَنڊَ هَٿَنِ ۾،
    ليڙنِ جو، لَطِيفُ چئي، مون کي مَنجههُ نه ڏيِنِ،
    هوتُ پُنهون ٿا نِيِن، اَسُونهينءَ جو آجِڪو!

    ساٿي، اسر جو پاڻي ٿا ڀرين! هٿن ۾ ساندار اٿن. مون کي اُٺن جو ڪو انت به نه ٿا ڏين. هن موڙهل جو آسرو هوت پنهون، پاڻ سان وٺيو ٿا وڃن.

    5
    پڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻاکَرا،
    پَہَ، پارِيسِيون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِهاڻي ڏيِنِ،
    هوتُ پُنهون ٿا نِينِ، ٻاروچي ٻولي ڪَيو!

    جت اڄ وڃڻ جي ٿا ڪن اُڀيپيرا بيٺا (اُڀا کڙا) آهن. ڏير هو روز پاڻ ۾ پارسيءَ (ڳجهيءَ ٻوليءَ) ۾ مصلحتون پيا ڪن. پاڻ ۾ ٻروچڪي (بلوچي) ٻولي ڳالهائي، هوت پنهون پاڻ سان وٺيو وڃن.

    6
    دوڪَ دَهِليا جِتِ، گئورا هَلَنِ نه گَسَ ۾،
    چَئو سالَ ئي نه چَلِڻا، ٿي تَنگ نِهاري تِتِ،
    سُوڌي اُنِينِ، سَيَدُ چَئي، پوءِ پانچارِيَنِ پِرِتِ،
    اِنَ اَڙانگي پنڌَ جي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتِ،
    سَسُئي وَڏي سَتِ، جا اَهڙيءَ پَرِ پَنڌُ ڪري.

    جنهن گس تي دوڪ (پنجن ڇهن سالن جا اُٺ) به دهلجيو وڃن ۽ هلي نه سگهن، جتي چئو سال به نه چلي سگهن، تتي هوءَ (سسئي) لڪ پيئي تڪي. اُن جي پوري ٻوجهه پنج سالن اُٺن کي به مس پوي، اِنهيءَ ڏکئي پنڌ جي پروڙ ڪا نيشن (پوريءَ طرح جوان اُٺن) کي پوي ته پوي، سسئيءَ کي وڏي سيتا چئبي، جو اهڙيءَ پاسي پنڌ ٿي ڪري.

    7
    ”هَيءَ! هَيءَ!“ ڪَيو ”هاءِ!“، ٿي پاڻ هڻي سِرُپا هِڻين،
    لَڌائِين، لَطِيفُ چئي، جُوءِ جَتَنِ جي جاءِ،
    شُڪرَ، بارِ! سَنداءِ، سُٿاني ساٿِ مڙي،

    ”هاءِ! هاءِ!“ ڪيو، سسئي پهڻن سان سر (مٿو) پيئي هڻي. نيٺ، جتن جي منزل وڃي ڏوري لڌائين. اي ڌڻي تعاليٰ! شڪرانا تنهنجا، جو هوءَ سٺي ٽاڻي ياموچاري ماڳ تي وڃي ساٿ سان ملي.

    داستان ٽيون

    1
    اَلله ڪارَڻِ، اوٺِيا! ليڙا نِيو مَ لُرَ،
    نِيو نِماڻي پاڻَ سين، ٻانِهيءَ جَهلي ٻُرَ،
    مُون کي ماري مَنجَهه ٿي، سَندي هوتَنِ هُرَ،
    ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وَران.

    اي جتو! الله جي واسطي، اٺن کي تڪڙ ۾ ڪاهي نه وڃو. هن نماڻي ٻانهيءَ کي چڳن کان گهلي پاڻ سان وٺي هلو. مون کي اندر جو اندر ۾ سپرينءَ جي سار ٿي ماري. ڪيچ جي اوريان جي واپس وران ته پنهنجي ڪل تي ٽڪو لائينديس.

    2
    ڪيچان اوري ڪِيترِيُون، مَعذُورِيُون مُيُون،
    واٽُون وِيہَ ٿِيُون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيهي ويا؟

    ڪيچ جي اوريان ڪيتريون ئي ويچاريون مري فنا ٿي ويئون. ڪيچ ڏانهن ويهه واٽون آهن، مون کي ڪهڙي ڪل ته ڪهڙي واٽ وٺي ويا.

    3
    ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونهاريءَ جوڙَ،
    تَليارا توڏَنِ کي، ڳِچيءَ سُونهَنِ موڙَ،
    دؤلَتَ چايان دوڙَ، جِي مُون نِيو پاڻَ سين.

    ڪيچ کان سهڻي رونق سان هڪ شاهي قافلو آيو. اٺن جي ڳچيءَ ۾ موڙ ۽ جهاٻا سونهن لايو بيٺا هئا. مان پاڻ کي ”دولت“ نالي سان خسيس ٻانهي چوايان، جي مون کي پاڻ سان وٺي هلو. (اڳي ٻانهن تي سهڻا نالا مثلاَ چنبيلي، گلبوءِ ۽ دولت وغيره رکندا هئا.)

    4
    جهوڙا جن جُهلُن ۾، هِيري لَکَ هَزارَ،
    لَڳا واٽَ وَڻنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ،
    آن ڪي ويندا گَڏِيا، اَهڙيءَ سِٽَ سُوارَ؟
    لَنگِهي ڪالَهه قَطارَ، تُون، آئي! اَڄُ نِهارئين!

    جن جي بالا پوشن (غاشن) ۾ ٽؤنر لکن هزارن جا هيرا لڳل هئا. پنهونءَ جي بت کي واٽ جي وڻن جي پنن ۽ ٽارين پئي چهيو. اهڙي ڊول جا سوار اوهان کي ڪي ويندي گڏيا؟“ ”اي منڌ! اُها اٺن جي قطار ته هتان ڪالهه لنگهي ويئي، تون اَڃان اڄ ٿي اُنهن لاءِ واٽون نهارين!“

    5
    مِزِ مانَنِ مَهِري، آڻي جهوڪِيا جَهوڪ ۾،
    چاٽي چَنبنِ ۾ ويا، جئن بازُ سَٽي بَحري،
    ڪوهِيارو قَهِري، وِيو نِهوڙي نِنڊَ ۾!

    مزمانن (جتن)، مهري اُٺ آڻي وٿاڻ ۾ جهڪايا. هو بحري باز (شاهينن) وانگر پنهونءَ کي جهپو هڻي کڻي ويا. بيدرد ڪوهيارو (پنهون) مون کي ننڊ ۾ ماري فنا ڪري ويو.

    6
    مُون ڀانيو مُون وٽِ، هميشھ هوندا پِرِين،
    ويڙهو ڏيئي ويڪِرو، پَهري ويا پَٽِ،
    ساهُ جنِين جي سَٽِ، وِڪيُمِ ٿي وَڻِڪارِ ۾.

    مون ڀانيو ته منهنجا سپرين سدائين مون سان گڏ هوندا. هُو ته وڏي گوهي ڏيئي، برپٽ ۾، غائب ٿي ويا، جن جي سودي ۾ وڻڪار منجهه پنهنجي جان به ٿي سهسايم.

    7
    مُون ڀانيو مِزِمان، هميشہ هُوندا پِرِين،
    ڪُهي ڪَمِيڻي هَليا، ڪَهِلَ ڪَيائوُن ڪانَ،
    ڏيئي ويا ڏاهِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
    جورو راتِ جُوانَ، جيڏِيُون! جَتَ ڪَري وِيا!

    مون ڀانيو ته منهنجا پرين مون وٽ هميشہ مزمان هوندا. هُو ڪميڻيءَ کي ڪهي هليا ويا ۽ ڪابه ڪهل نه ڪيائون. هن ٻانهيءَ کي هو دردن جا انبار ڏيئي ويا. اي سرتيون! رات جو، جوان جت مون سان نسورو قهر ڪري ويا.

    8
    بِرِهَ مَڻايُسِ بَرُ، ناتَ سُکي ڪيرَ سَڌُون ڪري؟
    گهڻو ڏورِيائين ڏُکَ سين، ڏيرنِ لَءِ ڏُونگَرُ،
    وَري آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئيءِ جا سابَ پِيا.

    عشق رڻ (وڻ جو پنڌ) ڏيکاريس، نه ته سکي ڪير اهڙيون خواهشون ڪري؟ ڏاڍي جفا سان ڏيرن لاءِ جبلن ۾ تلاشون وڌائين. وري ڀتار موٽي آيس ۽ مئيءَ جا سفر سجايا ٿيا. (مئي کانپوءِ پنهون مليس.)

    9
    وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪَيو،
    نهاريندِيَسِ نِڪري، بوتَنِ ڪارَڻِ بر،
    آڏو ٽَڪرَ ٽَرُ، مَتان روهَ رَتيُون ٿِئين!

    ڀتار ۾ ڪو ڏنگ (ڦيرو) ڪونهي، پر ڏيرن وڏي ڏنگائي ڪئي. مان برپٽ ۾ نڪري، اٺن کي ڏورينديس. اي ٽڪر! منهنجي اڳيان هٽي پاسو ڪر، متان اي پهاڙ! تون ڀڄي، ڪڻا ڪڻا ٿي پوين!

    10
    وَر وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ،
    هُو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوهُ ڪَنديُنِ کي؟

    وچ ۾ (منهنجي ۽ ڪيچ جي وچ ۾) لکين آڏا اُبتا ۽ ورن وڪڙن وارا لڪ آهن. اُهي لڪ (جفائون) جي ڌڻي يا ڀتار آڏو آهن، سي جفا ڪارن (ڪشالا ڪڍندڙن) کي ڇا ڪندا؟

    داستان چوٿون

    1
    وارو! وَرُ وَٺي وِيا، آرِيچا اَظلامَ،
    آندائوُن آريءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
    پَہُ ڪَيائوُن پاڻَ ۾، مُنجهان مَخفي مامَ،
    سَنڀُورا ساٿ کَڻي، ويساهي وَرِيامَ،
    ڪاڪِيُون! رات قِيامَ، جيڏِيُون! جَتَ ڪَري وِيا!

    هاءِ! ظالم آريچا منهنجو ڀتار پاڻ سان وٺي ويا. آري سردار (پنهونءَ جي پيءُ) جا سنيها پنهونءَ لاءِ آندا هئائون. مونکان لڪائي پاڻ ۾ ڳجهي مصلحت ۽ ٺاهه ڪيائون. جنگ جت مون کي ويساهه ۾ رکي، ساٿ سنڀرائي هليا ويا. اي جيڏيون ۽ سرتيون! جت مون سان رات نسوري قيامت ڪري ويا.

    2
    وارو! وَرُ وَٺي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ،
    هاڻي ٿِيو حَشَرُ، پُنا قولَ قِيامَ جا!

    افسوس! منهنجا ڏير جوش ۾ اچي منهنجو ڀتار ساڻ وٺي ويا. هاڻي قيامت ٿي ويئي ۽ اُن جا سڀ نشان هينئر پوريءَ طرح پڌرا ٿي چڪا آهن.

    3
    وارو! وَرُ وَٺي وِيا، ڏاڙِهيءَ ڀَنڀا ڏيرَ،
    ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَءِ اُليرَ،
    ڪيچ پهچي ڪيرَ؟ وڃَڻ سين وَسُ ڪَرِيان.

    هيءِ هيءَ! سهڻين سونهارين (وڏن وڏيل ڏاڙهين) وارا ڏير منهنجو ڀتار ساڻ وٺي ويا. اُنهن لاءِ ڏکين پهاڙن ۾ ولاڙون وجهنديس. ڪيچ ۾ پنڌ ڪير پهچي سگهندي؟ مان پنڌ ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهڻائينديس.

    4
    جَڏيءَ وَٽِ جالي، مانَ اَلله ڪارَڻِ لِکَ سِيئن،
    آهي آريءَ ڄام جي، هِتِ هُتِ حوالي،
    عَيبَ مُون اَڳَرا، مانَ نِرِمَلُ نِڪالي!
    پَرِٽياڻي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!

    من الله لڳ مون عيل سان ڪا ٿوري ساعت گذاري، هيءَ جڏي هتي توڙي هُتي آريءَ ڄام (پنهون) وهيڻي آهي، من هو پاڪ منهنجون پڌريون اوڻايون مون مان تڙي ڪڍي. شل هُو ڪامل هن ڌوٻڻ کي پنهنجي پناهه ۾ آڻي، ڪيچ وٺي ويندو. (مرشد ڪامل پاڻ سپرد ڪرڻ جي هدايت.)

    5
    پَرِٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ، جيڏِيُون!
    جنِين مُون کي مارِيو، سُورَنِ سين ساڙي،
    اِرادي آڻي، سانگِيُنِ سين سَڱُ ڪَيو.

    اي سرتيون! مون ڌوٻين جي ويڙهي ۾ ناحق گذاريو، جن مون کي سور ڏيئي جلائي ماريو. ڀاڳ اچي منهنجو پيچ ساسنگي سان آيلن يا سفر ڪندڙن (جتن) سان اڙايو.

    6
    اَسين پاڻ پَرِٽَ، پورهِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا،
    هوتُ کَٿُوريءَ هيرَئوُن، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،
    آتڻُ مَنجهه اُگَهٽَ، ڪانڌُ ڪنهين جي مَ ڪري!

    اسين پاڻ ڌوٻي ۽ پنهونءَ ڄام جا پورهيت آهيون. پنهون پاڻ مشڪ ۽ عطر تي هريل آهي، پر مون ۾ صابڻ جي ڇٽ آهي. (مون ڌوٻڻ جو واهپو صابڻ سان آهي.) شل ڀتار آتڻ ۾ ڪنهن عورت جي پڌر نه ڪري.

    7
    آئون تان اهڙياءِ، جا ٻانهيءَ کي ٻائي چوان،
    مون ڪميڻيءَ لاءِ، پنهون ٿي پرٽ ٿيو.

    آءُ ته اهڙي آهيان، جو ٻانهيءَ کي سائڻ سڏيان. مون ڪميڻيءَ جي ڪري، پنهون ڌوٻي ٿي ٿيو.

    8
    گَڏِيو ڌوٻِيُنِ ڌوءِ، پُنهونءَ پار چو هَٿَ ۾،
    اُتي آريءَ ڄام جو، قاصِدُ آيُسِ ڪوءِ،
    اِيُ ڪامِلُ! ڪَمُ نه سندوءِ، جئن پَهس پَڇاڙئين پوتئين.

    پنهونءَ ٻين ڌوٻين سان گڏ ڪپڙو هٿن ۾ جهلي پئي ڌوتو ته اُتي وٽس آريءَ سردار وٽان ڪو پانڌي هي نياپو کڻي آيو، ”اي ڪامل! (سردار!) اهو ڪم تنهنجو ناهي، جو ٻانهون هڻي ڇوهه مان ڪپڙا وتين سٽيندو.“

    9
    نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائٽُ مُنڌَ جو،
    هُور مڙوئي هِنَ کي، هوتَنِ ڪونهي هورُ،
    زاريءَ ڌاران زورُ، هَلي ڪونَ حَبيبَ سين.

    هن ناريءَ (سسئيءَ) لاءِ ته نه ڀنڀور ٿيو نه ڪيچ ٿيو ۽ نڪو سندس ڪو سڱدار (عزيز) رهيو. سموري جهوري هن (سسئيءَ) کي آهي. محبن (پنهونءَ) کي فڪرات ناهي. جانب سان، سواءِ نيزاريءَ جي، ٻيو ڪو وس نه ٿو هلي.

    داستان پنجون

    1
    جئن سو هَرَڻُ هُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،
    هِيُ پَڳُ نه کوڙي پَٽِئين، هُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نه ساهُ،
    جيڪَسِ تن مُلاءُ، سَسُئيءَ سُورَ پِرائيا.

    جئن ختن ملڪ جو هرڻ پنهنجي ناف (دُن) مان ايندڙ سرهاڻ تي حيران ٿي، چوطرف پيو رلندو آهي ۽ هُما پکي هميشہ پرواز ۾ هوندو آهي، ۽ جئن هي (هُما) پٽ تي پير ئي نه کوڙيندو آهي ۽ هو (هرڻ) کي پنهنجي وجود جي سمڪ نه رهندي آهي، تئن سسئي به شايد اُنهن کان سور سِکي، رڻ ۾ سٽون ڏيندي پيئي وڃي.

    2
    راتِ ڏِٺائين روجَهه، ڀانءِ ڪِ اوٺي آئيا،
    پِرِيتَڻي پِرِيُنِ جي، سِڪَڻَ ڪي سَٻوجَهه،
    هُئي گَهڻو اَٻوجَهه، سُورَنِ سُنهائي سَسُئي.

    رات رڻ ۾ روجهه (اڇن پيرن وارو هرڻ) ڏٺائين ۽ سمجهائين ته جت آيا آهن. پرينءَ جي محبت ۽ سڪ ٺپي سياڻو ڪري ڇڏيو. هونئن گهڻو ئي اياڻي هئي، پر سورن کيس سياڻو ڪري ڇڏيو.

    3
    سَمُر جنين نه ساڻُ، هوتُ حِماتي تن جو،
    ڪري ڇيڄ ڇپرَ ۾، پُنهون ايندو پاڻَ،
    ٿِيندي رِيجَهه رِهاڻِ، لَحظي مَنجَهه، لَطِيفُ چئي.

    جن کي ڪو اسباب ساڻ ناهي، تن جو سڄڻ واهرو آهي. پنهون (رب) پاڻ جهنڊ هڻي، اچي جبلن ۾ وارد ٿيندو. پوءِ هڪ ساعت ۾ ورونهن ٿي ويندي.

    4
    سَسُئي لَنگِهيو سو، مَردَ جنهن ماتُ ڪَيا،
    جَبَلُ وَڏو جو، نوُڻِ مِڙوئي نِينهَن کي.

    سسئيءَ اُهو پهاڙ پار ڪيو، جو جنگ مڙسن کي به نهوڙيو ڇڏي. اُتاهون جبل به نينهن وارن لاءِ هڪ لسو پٽ آهي.

    5
    ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
    پَٻُ وِجَهندِيَسِ پَٺِ تي، صُبُحَ سَوارو،
    وَڃَڻَ مُون وارو، ڪِينَ وِهَندِيَسِ وِچَ ۾.

    ”ڪانڀو“ ۽ ”ڪارو“ پهاڙن کي ڪارو ڪڪر ڪري ٿي سمجهان. (اُنهن مان آسانيءَ سان هلي ٿي وڃان.) صبوح جو سويل ”پٻ“ جبل کي پوئتي ڇڏينديس. مون کي اڳتي هلڻ جي اون آهي، وچ ۾ ساهي نه پٽينديس.

    6
    ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَہَ لَڳَنِ پاڻ ۾،
    ڏاڍا ڏُونگَرَ ڪَر ڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون وَرَ،
    آئوُن پِيادي پَٽئين، نِماڻي نِڌَرَ،
    سُورِيُون جِتِ، سَڳَرَ، اُتِ ٻاتاڙيءَ ٻيلي ٿِئين!

    پهاڙ ۽ ڪارا ڪڪر هڪ ٻئي سان پيا لڳن (جبل ايڏا اُتاهان آهن، جو اُنهن جي چوٽين سان ڪڪر پيا لڳن). جبل نهايت سخت آهن ۽ منجهن ڏاڍيون جٺيون، ڏنگايون ۽ وڪڙ آهن. آءُ نماڻي ۽ بي وسيلي پٽن مان پنڌ پيئي وڃان. جت سورين جهڙا پيچرا آهن (جتي چوٽيون پيچرا آهن)، تتي شل تون هن موڙهل جو اچي مددگار ٿين.

    داستان ڇهون

    1
    آڏِتِر ڇا، اهُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
    ڪَيَمِ آهَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
    پيئي هٿِيڪي هوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃي ڪَنِ ڪا،
    مُنهنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.

    جبل تي چڙهڻ جو واٽون ڏنگيون ۽ ڏکيون آهن. مان پنهنجي پرينءَ لاءِ سڪ وچان آهون پيئي ڪريان. منهنجي پڪار محب جي ڪن تي پڪيءَ ريت پيئ. منهنجو ڪم آهي فرياد ڪرڻ، سڻڻ ڪم پنهونءَ جي آهي.

    2
    آڏَتر اڇا، آهُڙ، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
    وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِيا، بَرِ چَڙهي باڪا،
    ڦٽِيا پيرَ فَقِيرِ جا، چَڙَهندي چَڙهاڪا،
    هُيَنِ جيءَ اندَر جا ڪا، وِيا پُڄائي پانهِنجي.

    جبل تي چڙهڻ جون واٽون ڏنگيون ۽ ڏکيون آهن. هو بانڪا (پهلوان) منهنجو ڀتار ساڻ ڪري رڻ اُڪاري هليا. هن فقير جا پير، چاڙهيڪا چڙهندي، ڦٽجي پيا آهن. هنن اندر ۾ سٽ سٽي هئي، سا هو پنهنجي پوري ڪري ويا.

    3
    ڪَرڙا ڏونگَرَ ڪَہَ گَهڻي، جِتِ بَرَپَٽَ، سُڄنَ بَيرانُ،
    ڏاهَنِ ڏاهَپَ وِسِري، ٿِيا حَرِيفَ ئي حَيرانُ،
    سَسُئيءَ لَنگهِيو، سَيَدُ چئي، مُحَبّتَ سين مَيدانُ،
    جنهنجو آرِياڻي اَڳواڻُ، تَنهن کي ڪانهي باڪَ بَهِيرَ ۾.

    جبل ڏکيا ۽ سفر وڏو، جت رڃون ۽ سڃون ٿيون سجهن، اُتي سياڻن کي پنهنجي سياڻپ وسريو وڃي ۽ ماهر به منجهيو پون. سسئي، سڪ وچان سارو ميدان جهاڳي ويئي. جنهنجو رهبر پنهون پاڻ آهي، تنهن کي ساٿ ۾ ڪو به سنڪو (ڊپ) ناهي.

    4
    ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَہَ گَهڻي، جِتِ جَبَلَ گوُنا گُونِ،
    ليڙَنِ جُون، لَطِيفُ چئي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ،
    جن ڏِٺو پيرُ پُنهونءَ جو، سي ڪي رُون، نه چُونِ،
    هُوندَنِ مَٿي هُون، لاڳاپا هِنَ لوڪَ جا.

    جبل ڏکيا ۽ سفر اَٿاهه، جت طرحين طرحين (اڻ کٽ) جا پهاڙ آهن اُٺن جون سوڙهن لڪن ۾ ٻاڪاورن پيئون پون. جن پرينءَ جي پيرن جو نشان لڌو آهي، سي نه ڳوڙهو ٿيون ڳاڙين، نه چپ ٿيون چورين. جيئرن (هستي يا خوديءَ وارن) لاءِ ئي هن جهان جا لڳ لاڳاپا آهن.

    5
    ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَہَ گَهڻي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿي وِندُرِ واجهائي،
    رَهيَسِ، رَسُ، لَطِيفُ چئي، تنهن ڪَميڻيءَ ڪاهي،
    آرِياڻي آهي، مَنَهِن مَعذُورِنِ جي.

    جبل ڏکيا ۽ سفر اجهاڳ، جت اُٺ (جابلو) به رڙندا ويا. سسئي، پرينءَ جي سڱ سانگي، وتي وندر جبل ۾ واجهه وجهندي. مان پوئتي رهجي ويئي آهيان، تون ڪاهي اچي هن ڪميڻيءَ وٽ پهچج. آري ڄام ئي هيڻين جي پناهه يا پردو آهي.

    6
    ڪَرِڙا ڏُونگرَ، ڪَہَ گَهڻي، جِتِ مِينهَن وَسَنِ ماڪُون،
    سُڄَنِ ٿِيُون، سَيَدُ چئي، هاڙهي جُون هاڪُون،
    جِتِ اَنڌيُون اوطاقُون، تِتِ ڪاهي رَسِج، ڪارَڻي!

    جبل اڙانگا، پنڌ وڏو، جتي مينهن وسڪارا ڪيو پيا وسن. جتي هاڙهي جبل جي جبراين جا ڏاڍا هل پيا ٻڌجن. اي واهرو! جت اونداها ماڳ آهن، تتي تون ڪاهي، اچي مون وٽ پهچج.

    7
    ماڻِڪَ مِٽُ سَندومِ، اُونداهيءَ ۾ سوجهِرو،
    حَشَرَ ويل حِسابَ ۾، ڇَڏي نه ويندومِ،
    سارِيو سَڏُ ڪَندومِ، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌَڻي.

    ماڻڪ جهڙي پنهونءَ سان منهنجو سڱ آهي: جو اوندهه ۾ روشني ڪيو ڇڏي. قيامت ڏينهن حساب جي وقت، هو مون کي ڇڏي نه ڏيندو. ڪيچ جو سائين مون کي اُتي سنڀاري سڏيندو. (هتي پيغمبر صاحب ڏانهن اشارو آهي، جو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو.)

    داستان ستون

    1
    پُنهونءَ سين پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيومِ،
    ڀَنڀي هِن ڀَنڀورَ ۾، وهڻ وِهُ ٿِيومِ،
    مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيون، ڪاڪِيون! ڪيم ڏِيومِ،
    سَرَتِيُون! ساهُ سَندومِ، ٿِيو حَوالي هوتَ جي.

    پنهونءَ سان محب جو اهڙو ڪو پيوند اٿم، جو هن بد زيبي ڀنڀور ۾ وهڻ ئي زهر ٿي پيو اٿم. اي اديون! مون کي واپس ورڻ جون نصيحتون نه ڏيو. اي سرتيون! منهنجي جان هينئر پرينءَ کي پرتل آهي.

    2
    ڏانجهَنِ تي ڏانجها، ڏِنائُون ڏُکيءَ کي،
    لَڳِيَسِ نائڪَ نِينهَن جي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪاجا،
    ٿَرَنِ ۾ ٿاجا، ڪَري مُنڌُ مِرُنِ سين.

    هن ڏکيءَ کي عذابن تي عذاب ڏنائون. هن کي سيني ۾ برهه جو اهڙو ڪو ڪان لڳو آهي، جو هوءَ وتي برن ۾ مرن سان رهاڻيون ۽ محفلون ڪندي.

    3
    ڪو مُنهِن ڪُٺَلِ آئيو، وَسِ نه ويچاري،
    هوتَ! تُنهنجي هَٿَ ري، پَهُچي نه پاري،
    اَچِين جي، آري! ته پاند پُڄي، لَڪُ لَنگهِيان.

    هن وڍيل جي منهن ۾ اُهو ڪي آيو (کيس اهڙي ڪنهن مصيبت کي منهن ڏيڻو پيو). جو هوءَ ويچاري پنهنجي وس ناهي. اي جانب! هيءَ ٻانهي، تنهنجي واهر ڌاران ڪيچ نه پهچي سگهندي. اي آري ڄام! جي تون هت اچي سهڙين ته مان تنهنجو پاند پڪڙي، لڪ لنگهي وڃان.

    4
    ڪَڏِهن تان ٻاجَهه پَئي، ساڄَنَ! مُنجُ سَلامُ،
    سِڪَ تُنهنجيءَ، سُپِرِين! ڪَيوتَنُ تَمامُ،
    هَٿين هاجَ وَهُ ٿي، نيڻين نَنڊَ حَرامُ،
    دوسَ! نه سَهان دامُ، تُون وِندُرِ ٿو ويلا ڪَرينِ!

    اي پرين! من ڪا مهر پويئي جو مون کي پنهنجي طرفان ڪو سلام منجين. اي سپرين! تنهنجي سڪ منهنجي سرير کي سڪائي سوڙهو ڪيو آهي. هٿن سان ڪرت ڪرڻ زهر پئي لڳي ۽ منهنجي نيڻن ۾ ننڊ مور ناهي. اي دوست! مان هڪ ساعت به تنهنجو وڇوڙو سهي نه ٿي سگهان ۽ تون وتين وندر ۽ ديرون لائيندو!

    5
    بَرُ مِڙوئي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون،
    ٻَہِ ٻَہِ ٿي ڀَنڀورَ ۾، هَنڌَ مِڙيئي هُوءِ،
    راڻِيُنِ وَري رُوءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِئين.

    رڻ مڙوئي خوشبوءِ سان واسجي ويو ۽ پهاڙن مان سڳنديون آيون. ڀنڀور ۾ رونق لڳي ويئي ۽ مڙيئي ماڳ سرها ٿي ويا. راڻين جا منهن سرها ٿيا ۽ ٻانهين جا غم ميسارجي ويا.

    6
    جَتَنِ سان جانڪُون، سَرَتيُون! مُون سَڱُ ٿِيو،
    ڪَري ڪوهِيارو وِيو، تَنُ ڇِني تانڪُون،
    آئُون پڻ تَڏانڪُون، اَڌَ ڏُکوئي آهيان.

    اي سرتيون! جڏهن کان مون جتن سان سڱ ڳنڍيو، تڏهن کان پنهون منهنجو تن تهبارون ڪري ويو آهي. اُنهيءَ وقت کان وٺي مان اڌ ڪٺل آهيان. (وڇوڙي جي وڍ کان سير ڏنل پکيءَ جيان پيئي ڦتڪان۔)

    7
    مَتان ڪا ٻَڙي! ٻُولَ ٻاروچي وِسَهي،
    هُوندَ نه سُتيِسِ، سَرَتِيُون! ويهي رَهِيَس وَڙي،
    جَتَ پَنهنجي جُوءِ ۾، گهارِين مان گهڙي!
    ڪيچِيُنِ آئُون نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکيءَ ڏاوَڻُ ڏائيو.

    ٻڙي! متان ڪا منڌ ٻاروچي جي سخن تي ويسهه ڪري. اي سرتيون! مان جيڪر اگهور ننڊ سمهي نه پوان ها، پر پاڻ کي پنهونءَ سان واڳي يا مڙهي ڇڏيان ها. شل جت پنهنجي ماڳ تي ڪا ساعت گذارين. ڪيچن کي مان ڪوڙي نه آهيان، پر منهنجي وهانو ۾ ڪنهن اڀاڳيءَ ڏاوڻ ڏانيو هو.

    8
    اَدِيُون! آئُون نه تِيئن، جِيئن پِرِيتَڻو پِرِيُنِ سين،
    ٻَڌي سُتِيَسِ نه سِگهو، ڇَلوَرُ ڇاتيءَ سيئن،
    ڪيچي ڪاهي ڪَرَها، مُونهان وَڃَنِ ڪِيئن؟
    ڏوهُ مُنهنجي ڏِينهَن، پُنهونءَ کي ڪامَ چَئي.

    اديون! مون ائين نه ڪيو، جيئن پرينءَ جي پرت ۾ ڪرڻ جڳائي. مان پيچدار وارن واري پنهونءَ جا وار پنهنجي سيني سان جڙي نه ستيس، نه ته ڪيچي مون وٽان اُٺ ڪاهي ڪئن فرار ٿي وڃن ها؟ سمورو ڏوهه منهنجي تقدير جو آهي، پنهونءَ جي باري ۾ اوهان مان ڪا ڪجهه نه چوي.

    9
    وَرَ! م وساريج، آهيان تُنهنجي آسِري،
    ڏاڍو ڏُونگَرَ جو سُڄي، سو لَطِفَؤن لَنگهائيج،
    اُسِري اُتهِين، وِيرَ! تُون، آري ڄام اَچيج،
    نِماڻيءَ کي نُورَ سين، لالَنَ! لَڏائيج،
    ظُلَمِتَ جا زمين جي، سا نِرِمَلَ! نُورُ ڪَريج،
    ڪَامِلَ! ڪَنِ ڪَريج، فَريادُون فقِيرِ جُون.

    اي ڀتار! مون کي نه وسارج، مان تنهنجي آڌار تي پيئي تڳان. جو جبل اڙانگو پيو ٻڌجي، سو پنهنجي مهر سان مون کي پار اُڪارج. اي جنگ آري سردار! تون اُتي، اچي سهڙج، اي پرين! هن نماڻيءَ جو پنهنجي سوجهري سان پنڌ پڄائج. هيءَ جو هن زمين (بيپٽ) جو انڌارو آهي، تنهن کي اي پاڪ انسان! مٽائي روشن ڪج. اي ڪامل! هن فقيرياڻيءَ جون ڪارون ڪنين سڻج.
    .
    وائي
    ڇوري ڇَڏِ م ڇَپرين، ٻاروچل! ٻانهي،
    جَانِبَ جَهڙو جَڳَ ۾، ناهي ڪو ثاني،
    پُنهَلَ! نِيو پاڻَ سان، پورهيت پَرِٽِياڻي،
    پورِهيو ڪَندسِ پِرين جو، ڀَرِيندِيَس پاڻي،
    هوتَ! م ڇَڏيو هيڪِلي، هيءَ جا وِندُر وڪاڻي.
    اَديُون! عَبدُالطيفُ چئي، اِيندُمِ، آرِياڻي.

    اي ٻاروچل! هن بي وس ٻانهيءَ کي ڏونگرن ۾ ڇڏي نه ڏج. جهان ۾ منهنجي جانيءَ جو ڪو مٽ ناهي. اي پنهون! هن پورهيت ڌوٻياڻيءَ کي پاڻ سان وٺي وڃ. مان پنهنجي پرينءَ وٽ پورهيو ڪنديس ۽ سندس پاڻي ڀرينديس. اي جانب! هيءَ، جنهن وندر تان پاڻ گهوريو آهي، تنهن کي اڪيلي نه ڇڏجو. اي اديون! مون وٽ شل آري ڄام اچي سهڙندو.


    سُرُ ڪوهياري

    داستان پهريون

    1
    لَيلَ نه جاڳئينءَ لِک سِيئن، ڪلي نَومُ ڪَياءِ!
    قُم ٿي، پَهُچُ قَرِيب کي، اِجلِس تو نه جُڳاءِ،
    مُٺي! مهماننِ سين، ويهي راتِ وِهاءِ،
    جيلان نِنڊَ ڪَياءِ، تي روز رَهين ٿي راهَ ۾.

    تون رات جو ذرو به سجاڳ نه رهينءَ ۽ پوري ننڊ ڪيئي. اٿي پرينءَ کي رس، توکي وهڻ واجب ناهي، مٺي! تون ساري رات جاڳي، مهمانن سان گڏ گذار. جنهن صورت ۾ ننڊ ڪيئي، تنهن صورت ۾ هميشہ لاءِ واٽ تي ئي رهجي ٿي وڃين (منزل تي هرگز نه پهچندينءَ.)

    2
    اِجلِسِ ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ،
    نَومَ نَوازينءَ، اُن جي، مَرحَبا موڏَنِ،
    رِڙهي رَسُ روڏَنِ، اَليوم سيرُوا، سَسُئي!

    هو ويهي، هليا ويا ۽ سندن اُٺن به آلاپيو، توکي ننڊ نوازيو، آفرين سندن اُٺن کي هجي! (جو سجاڳ رهيا). اي سسئي! تون اڄ ئي سفر ڪري، وڃي اُٺن کي رس.

    3
    غافِل! غَفِلَت ڇوڙِ تُون ڪِيئن، اَڻاسي! اوجهرِين؟
    چُپاتا چَڙهي ويا، وڃي پُهتا توڙِ،
    نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِم وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرين.

    اي غافل! غفلت ڇڏ. اي اڻاسي! تون ڪيئن ٿي خمار ۾ آجهرين؟ هو ماٺ ميٺ ۾ ڇپر تي چڙهي ويا ۽ وڃي منزل تي رسيا. اکين مان ننڊ ڪڍي ڇڏ، متان ڏونگرن جي ڏکين لڪن ۾ رڙيون ڪرڻيون پونئي.

    4
    اَلوڙ اَکيِنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي!
    هاڻي هِن ڀنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪنِ؟
    اَدِيون! اوٺِيئڙَنِ، هِنئين سان هاڃو ڪيو!
    بد بختيءَ کان گهوٽ اچي ويم ۽ اکين کي ننڊ کڄي ويم. هاڻي هن ڀنڀور جي شهر ۾ ڪن جي لاءِ رهان؟ اديون! جتن منهنجي جان سان نسورو وئل وهائي ڇڏيو.

    5
    سُتينءَ پيرَ ڊِگها ڪَري، وَڏِي جاڙَ ڪَياءِ،
    دَرَ ڀَرِ اُڀئين دوسِت جي، ته سَرِ پُر هُوندَ سياءِ،
    اَصل آريءَ ڄام جي، سَڳي تون نه سياءِ،
    پُنهونءَ سين پِياءِ، ٿي نِڀاڳي! نِينڊُون ڪَرِين!

    تون پير ڊگهيري سمهي پيئين، اِها وڏي غفلت ڪيئي، جي پرينءَ جي در وٽ بيهين ها ته جيڪر سندن سرپر سڻين ها. تون اصل ۾ پنهونءَ جي سڳي مائٽياڻي ته نه هئينءَ! (تون سندس ثاني شريڪ نه هئينءَ). اڀاڳي! پيوند پنهونءَ سان اڙيو اٿيئي ۽ تون وتين ننڊون ڪندي!

    6
    اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جئن سُمهنِ پير ڊِگها ڪري،
    لوچين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هاري! لءِ هوتَنِ؟
    نِنڊان نِياڳِيُنِ کي، اوڀالا اَچنِ،
    سي پُنهون ڪوهُ پُڇنِ؟ جي سَنجهي رَهَنِ سُمهي.

    پير ڊگها ڪري سمهي پوڻ، اهو ڪميڻين (نالائق طالبن) جو وڙ آهي. اي وسوڙي! تون ڇو نه ٿي پرين جي ڳولا ڪرين؟ ننڊ ن جي ڪري اڀاڳين تي عتاب ٿا اچن. جي سوير سج لٿي ئي وڃيو ننڊون ڪن. سي ڇو ٿيون پنهونءَ (حقيقي محبوب) جي طلب ڪن؟

    7
    سُتِينءَ سَنجهيئي، مُنهُن ويڙهي مُئنِ جئن،
    اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتوءِ نه ڏيئي،
    هَٿان تو پيئي، ٿي ڪَچو ڪيچَيُنِ ڪرين!

    تون سج لٿي سوير ئي مئلن مثل منهن ڍڪي سمهي رهينءَ. اکين کي اوجاڳو ڏيڻ ته تو ڄاتوئي ڪين. خطا تو کان ٿي، ڏوهه ڪيچين تي ٿي مڙهين!

    داستان ٻيو

    1
    ڏُونگَرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرين،
    مون تَنَ اَندَرِ تيئن وَهين، جئن وَڻ وَڍي واڍو،
    اي ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَر ڪير پَنڌَ ڪَري؟

    اي جبل! تون نهايت ڪٺور آهين. اي سنگدل! تون ڏاڍا ستم ٿو ڪرين. تون منهنجي جسم ۾ ائين ٿو وڍ وجهين، جئن واڍو وڻ کي چيري. هيءَ تقدير جي ڇڪ آهي، نه ته هوند جبلن ۾ ڪير پنڌ ڪري؟

    2
    ڏُونگَرَ! ڏُک سَنداءِ، پِرِينءَ گڏِجان ته چوان،
    ڀنيءَ ٿِئين ڀَوارَئون، ٻيا وِنگا وَرَ سَنداءِ،
    چَڱي ڪانَ ڪَياءِ، پير وِڃايُءِ پِرينءَ جو.

    اي جبل! سپرينءَ کي گڏجان ته ساڻس تنهنجي ڏکن جو حال اوريان پرهه ڦٽيءَ جو ڀوائتو ٿيو پوين ۽ ٻيو ته تنهنجا پيچ نهايت اڙانگا آهن. اها چڱي نه ڪيئي، جو پنهونءَ جي پيرن جا نشان به گم ڪري ڇڏيئي.

    3
    ڏُونگَرَ! ڏوراپو، پَهِريون چَوندِيَسِ پِرِينءَ کي،
    ”پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تَرِيُون ڇِنيُون تو،
    رَحمُ نه پيءِ روحَ ۾، قَدُرُ مُنهنجو ڪو،
    واڪو ڪَندِيَس: وو! مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري“

    اي جبل! تنهنجي باري ۾ پرينءَ کي پهرين هيءَ شڪايت ڏينديس: ”پهڻن منهنجا پير ڦٽي رتورت ڪيا ۽ تريون ڇني پوريون ڪري ڇڏيون. تو پنهنجي دل ۾ مون تي ذرو به ترس نه آندو ۽ نه منهنجو ڪو قدر ڪيئي. مان ورلاپ ڪري چونديس ته الا! مون سان جبل ڏاڍيون جٺيون ٿو ڪري!“

    4
    ڏُونگَر! ڏکوينِ کي، دلاسا ڏِجَن،
    گَهڻو پُڇي تِن کي، جِنِ وٽان هوت وڃن،
    تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پير ڏکوئيين؟

    اي جبل! ڏک جي ستايلن کي دلداريون ڏيڻ گهرجن. جن وٽان پرين هليا وڃن، تن سان گهڻيون پرچاڻيون ڪجن. اي پهاڙ! تون اُٽلو ڪئن ٿو اُنهن جي پيرن کي آزارين؟

    5
    ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي، ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙها،
    هُو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، سي ڀڄي ٿيا ڀورا،
    گُوندرَ جا گهوڙا، وڃن جانِ جُدا ڪَيو!

    اي جبل! ڏکويلين جي ڳلن تان ڳوڙهائي نه ٿا سڪن. هو جي پٻ جبل جا پٿر هئا، سي هنن جي اڳيان ڀڄي رتيون رتيون ٿي پيا. غمن جا لشڪر مون کي ماريو، مون کان جان ڇڏايو وڃن.

    6
    ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،
    سڻي سا تَنوارَ، مِرُون پيا مامِري.

    ڏکن جي ماريل سسئي ۽ ڏونگر، پاڻ ۾ گڏجي، اهڙا ڪي پار ڪڍيا، جو اُنهن جي تنوار سڻي، مرون به ماتم ۾ پئجي ويا.

    7
    ڏُونگَرَ ڀُونيِن ڪير، سَڄَڻ ميخُون ڏُونگَرين،
    ههڙا سيڻ سُڌيرَ، ڪين لَهَندينءَ ڪي ٻِيا.

    جبل زمين لاءِ ڪلا آهن (جئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي). پرين (ڌڻي) خود پهاڙن لاءِ ميخون (اُنهن کي بيهاريندڙ) آهي. ههڙا بردبار سڄڻ، ٻيا هٿ ڪري نه سگهندينءَ.

    8
    ٻئي ويٺا رُوَنِ، ڏُکي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،
    ڪنهن کي ڪِينَ چَوَنِ، منجهن جو پِريتڻو.

    ڏکن جي ستايل سسئي ۽ جبل ٻئي گڏجي ويٺا پاڻ ۾ رودن ڪن. پر منجهن جو نينهن سمايل آهي، تنهن جو ذڪر ڪنهن سان نه ٿا ڪن.

    9
    تَپِي ڪَندين ڪوهُ؟ ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي،
    تُون جي پَهَڻَ پَٻَ جا، ته لِڱَ مُنهنجا لوهُ،
    ڪَنهنجو ڪونهي ڏوهُ، اَمُرَ مُون سين اِئن ڪَيو.

    اي جبل! تون تپي، ڏک جي ماريلين کي ڇا ڪندين؟ جي تون پٻ جو پهاڙ آهين ته منهنجا لڱ به لوهه جهڙا سخت اٿيئي. انهيءَ ۾ ڪنهن جو قصور ڪونهي، اها ڪار مون سان تقدير ڪئي آهي.

    10
    ٻَڙي! ٻيلي گَهڻا، ساٿي پُڇي سُکُ،
    رفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگر ڪاري ڏُکُ،
    آريءَ جو اَهُک، مُون رَهَنُما راهَ ٿِيو.

    ٻَڙي! ساٿي ته گهڻيئي، پر ساٿي به سک ۾ ٿا پڇن (يا ساٿي به سکن جا طاماعو آهن.) ڏک، منهنجي واقفيت، رڃن ۾ جبل سان ٿو ڪرائي. آري ڄام پنهونءَ جي عشق جوج آزار، هن سفر ۾ منهنجو سونهون ٿيو آهي.

    داستان ٽيون

    1
    مون کي ڇَڏِ م ڇَپرين، هِتِ، هوتاڻي! هاڻِ،
    اوڏي مَنڌ اُٺن کي، اَللهَ ڪارڻِ آڻِ،
    پورهيو ڪنديس پاڻِ، اڳِيان آريچن جي.

    اي پنهون! مون کي هت، پهاڙن ۾ نه ڇڏي ڏي. هن عاجزا (اٻلا) کي الله جي واسطي پنهنجي اٺن جي ويجهو آڻ. مان پاڻ آريچن اڳيان ٻانهي ٿي چاڪري ڪنديس.

    2
    مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپرين، پوءِ رَهايَسِ پَاڻِ،
    جي ڀَلايون ڀاڻِ، تن کي رَسُ، رَسيلا، راهَ ۾.

    مون کي پهاڙن ۾ ڇڏي نه ڏي، مون کي منهنجي خوديءَ ئي پٺتي رهائي ڇڏيو. جن کي خوديءَ گهراهه ڪيو، تن کي اي رس ڀريا! اچي راهه ۾ ڀيڙو ٿيءُ.

    3
    سُتي پَونِ ڇِرڪ، آيلِ! ٻاروچَنِ جا،
    وَمَ وِهاٽي، وو! ڙي! ڪوهياري ڪِرِڪَ،
    ڌَڙُ ڌوڻيو تنهن ڌَڪُ، جَڏيءَ جِئڻُ نه ٿِئي!

    اي امڙ! ستي، ٻاروچن جي ياد ۾ ڇرڪ اچيو پونم. الا! ڪوهياري منهنجي قلب، جگر يا جيري تي زور سان تير وهايو. انهيءَ ڌڪ منهنجي ساري جسم کي ڌوڏي ڇڏيو. هاڻ هن جڏيءَ جو وڌيڪ جيئڻ نه ٿيندو.

    4
    سُتي پَونِ ڇِرڪَ، آيلِ! ٻاروچَنِ جا،
    پُنهونءَ جي پيڪان جُون، راسِيُون منجهان رُڪَ،
    هنيمِ هوتَ ڪِرِڪَ، لوچان، لوهُ نه نِڪري.

    اي امڙ! ٻاروچن جي ياد ۾، ستي اچيو ڇرڪ پونم. پنهونءَ جي ٻاڻ جون نوڪون، رڪ مان ٺهيل آهن. هوت مون کي اهڙو ته ڪان هنيو آهي، جو پاڻ پڇاڙيان پيئي ته به اهو رڪ جو تير ٻاهر نه ٿو نڪري.

    5
    جيهي جي تيهي، ته به ٻاتي ٻاروچَنِ جي،
    حُجَتَ هوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻيءَ ڪيهي؟
    اَصل آريءَ ڄام جي، پلي آئُون پيئي،
    هُوءَ جا پائين پيرَ ۾، تنهن جُتيءَ نه جيهي،
    وِساري ويهي، تن ڪيچِيُنِ کي ڪيئن رَهان؟

    جهڙي جي تهڙي، ته به ٻاروچن جي ٻانهي آهيان. مون ڪميڻيءَ جو هوت پنهونءَ سان ڪهڙو اختيار هلندو؟ اصل آءُ آري ڄام (پنهونءَ) جي دامن ۾ پيل آهيان (آريءَ جي سام ورتي اٿم.) اُهي، جا پيرن ۾ جتي ٿا پائين، مان تنهن جهڙي به نه آهيان. مان ڪيچي سردارن کي وساري ڪيئن ويهي رها؟ (طالب جو، مرشد اڳيان عجز ۽ نياز.)

    6
    هُئي، جي نه هُئي، ته به ٻانِهي ٻاروچَنِ جي،
    اِنَ سَڱ مُقابِل سَسُئي، سَندِين ٿي سُئي،
    هُنَ تان لَڄَ لُئي، هِن جو هَلَڻَ هوتَ ڏي.

    هجان توڙي نه هجان ته به ٻانهي ٻاروچن جي آهيان. سسئي، سندن سڱ جي ڪري ئي سڻڻ ۾ آئي (هاڪاري ٿي). هنن (پنهون سردار)، پنهنجي لڄ (زال) سان ناتو ڇني ڇڏيو، پر هِن (سسئيءَ) جو پنڌ، هوت پنهونءَ ڏانهن آهي.

    داستان چوٿون

    1
    ڳائي، نه وائي، اَدِيُون! آريچَنِ جي،
    ڪنهن پَرِ ڪَهي لَنگِهيان، جَبَلَ جهاجهائي؟
    جيڪُسِ واجهائي، هاڻي مَرَندِيَسِ هوتَ لءِ!

    اديون! هت آريچن جي ڪا ڳالهه يا وائي به نه ٿي سڻجي. مان ڪهڙيءَ ريت پهاڙن جي هيڏي اوچي قطار لنگهي پار وڃان؟ شايد پنهونءَ لاءِ پريشان ٿي، هاڻ جان ڇڏينديس.

    2
    هَلَڻُ سَهان نه هوت جو، وَڃَڻُ مُون نه وَسِ،
    اَللهَ! آريچَنِ جي، گولي ميڙئين گَسِ،
    پِريِن، پَنهوارَ! تو پُڇان، ڏُونگرِيا! مُون ڏَسِ،
    اَکِينِ جي آرَس، مُنڌَ جيهائي جوڙَ ڪي.

    مان پنهونءَ جو اسهڻ سهي نه ٿي سگهان ۽ وٽس وڃڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. اي رب! شل هن ٻانهيءَ کي آريچن جي گس (راهه) تي رسائين! اي پهنوار! مان توکان پنهنجي پرينءَ جي پڇا ٿي ڪريان. اي پهاڙ! تون ئي مون کي سندس ڏس ڏي. اکين جي سستيءَ هن عورت سان هيڏي جٺ ڪئي.

    3
    مُون کي جنينِ مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي؟
    تَنَ ۾ طاقَتَ ناهِ ڪا، اَدا! اُنين ري،
    سُور سَلِيُمِ تي، جيلان ڳالهه ڳَري ٿِئي.

    مون کي جن فنا ڪيو آهي، سي ڪي اوهان کي مليا؟ اي ادا! اُنهن کان سواءِ منهنجي سرير ۾ ڪا سگهه (طاقت) ناهي. مون پنهنجا سور انهيءَ ڪارڻ سليا، جو ڳالهه ڳري (نه سهڻ جهڙي) ٿي ويئي.

    4
    مُون جنين مارِيو، سُڃاتَمِ سيئي،
    پُنهونءَ پَيڪان پُڇنڊيا، ٻِلَنِ تان ٻِئيي،
    ويڄَنِئيون ويئي، ٿي وَهِيڻي سَڄَڻين.

    مون جن فنا ڪيو، مون تن جي ئي پڇاڻ (سڃاڻپ) ڪئي، پنهون پنهنجن ٻنهي نيڻن مان مون تي ٻاڻ (تير) وسايا. هاڻ هوءَ طبيبن جي وس کان ٻاهر ويئي ۽ وڃي جانب جي وس ٿي.

    5
    پَرتوو پُنهونءَ جو، سَهائي، سياهُ،
    مُنهُن ڏيئي مُون آئيو، رَنگارَنگي راهُ،
    پَهرِين ڏِيندا پاهُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.

    پنهونءَ (مرشد ڪامل) جي عڪس ۾ ڪڏهن چانڊاڻ آهي ته ڪڏهن اوندهه. هيءَ گوناگون گس (طريقت جي واٽ) مون کي منهن ۾ آيو آهي. پهرين ته مون کي تيزاب ۾ وجهندا (عذاب ڏيئي صاف ڪند). پوءِ الاهي رنگ ۾ رنڱي لال ڪندا. (مرشد، طالب کي ڪاڙهي صاف ٿو ڪري ۽ پوءِ کيس رڱي لال ٿو ڪري.)

    6
    پَرتَوو پُنهونءِ جو، رُڳيائي راحَتَ،
    ڀانِئيان ڏينهن ڀَوارَئون، ساڄَنَ لاءِ صِحَتَ،
    مِٺي مُصيبَتَ، آهي آريءَ ڄامَ جي.

    پنهونءَ جو عڪس مون لاءِ رڳي فرحت آهي. پرينءَ خاطر، ڀوائتي (ڏکئي) ڏينهن کي سگهائي (صحت) ڪري ٿي سمجهان. آري ڄام جو آواز مون لاءِ عيش آهي.

    داستان پنجون

    1
    رِءَ قَريبَنِ قُوتُ ڪَيو، ويٺِي وِرِهُ چَران،
    ان عَذابان اَڳَهِين، مادَرِ! ڇونه مَران؟
    اَدِيُون! جو نه اَوهان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون!

    پرينءَ کان سواءِ، مان برهه يا درد کي پنهنجو کاڄ ڪري پيئي کاوان. اي امڙ! انهيءَ سور سهڻ کان اڳي ئي مان ڇونه ٿي مري ويس! اي سرتيون! جو درد اوهان کي ناهي، سو ئي مون کي وڪوڙي ويو آهي.

    2
    اَدِيُون! اَگِهي آهِيان، پِرِيُنِ پُڄاڻا،
    سي ڪوهِيارا ڪِيڻِ وِيا، ساڄَنَ سِياڻا؟
    جي سَسُئيءَ سيباڻا، سي وڃي ڪيچِ قَراريا.

    اي جيڏيون! مان سڄڻ جي وڃڻ کان پوءِ بيمار آهيان. اي ،منهنجا سياڻا سپرين ڪوهيارا ڪيڏانهن ويا؟ جي سسئيءَ کي پسند پيا. سي وڃي ڪيچ ۾ آرامي ٿيا.

    3
    حَقيقَتَ هِنَ حالَ جي، جي ۾ ظاهِرُ ڪَريان ذَري،
    لَڳي ماٺِ مِرُوئن کي، ڏُونگرَ پَوَنِ ڏري،
    وَڃَنِ وَڻَ ٻَري، اوڀَر اُڀري ڪِينَ ڪي.

    جي مان هن عشق يا ورهه جي حال جي رتيءَ جيتري به (ذري) پڌر ڪريان ته مرن کي سُن وٺي وڃي ۽ پهاڙن جو جگر نه ڦاٽي پوي. وڻ سمورا جيڪر جلي خاڪ ٿي وڃن ۽ ساوڪ بنهه ڪين اُسري.

    4
    حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان زبانَ،
    لَڳي ماٺِ مِرُوئن کي، رَسي سُورُ شبانَ،
    ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلُ سَڀِ جَلي وڃي.

    مان جي زبان سان پنهنجي برهه جو بيان ڪريان ته مرون به سُن ۾ پئجي وڃن ۽ ڌنار کي جهوري وٺي وڃي. ٽڪر جيڪر قائم ڪين رهن ۽ جبل سمورا سڙي ڀسم ٿي وڃن.

    5
    سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي؛
    مَتان مُون کي ڇَڏِئين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ!
    وَرُ وِلَهِنِ جا وَسِيلَ! رَسُ، رَهَبَرَ! راهَ ۾.

    مان پاڻ ڏانهن گهڻيئي اوڻايون ٿي ڳڻيان. اي اعليٰ آري ڄام! تون مون کي متان ڇڏي ڏين! اي نماڻين جا وسيلا! اي سونهان! تون ئي اچي مون کي هن گس ۾ رس.

    6
    سرَتِيون سُوراتِنِ جي، ڪوهُ ٿِيون پَٿَرِ پَوَنِ؟
    گھاءُ نه لَڳُنِ گَھٽَ جو، رِيا مان ٿِـيُون رُوَنِ؛
    چيتارِيو نه چَوَنِ، پارَ مُنهِجي پِرِينءَ تان.

    سرتيون ڇوٿيون سورائتين جي تئونريءَ تي وهن؟ (سرتيون، جن کي ڪو به سور يا ڏک ناهي، سي ڇو ٿيون روڄ راڙو يا ماتم ڪن؟) هنن کي اندر ۾ ڪو گهاءُ نه رسيو آهي. اُهي دولاب وچان ٿيون هنجون هارين. اُهي پنهنجي پرينءَ لاءِ دل وجان سان پار ڪڍي ٿيون روئن.

    داستان ڇهون

    1
    ڪَنهِن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ اَندَرِ ناهِ اُساٽ؛
    لوهُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ؛
    ڇَپَر ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.

    پرينءَ لاءِ ڪهڙي ريت هنجون هاريان؟ اندر ۾ اُها اپر اُڪير نه اٿم. لڪن ۾ لڱ چيريندڙ وڻ آهن ۽ گس مٿي دشمن بيٺا آهن. جبلن ۾ درد جي ماريلين جا مون سوساٽ سُئا.

    2
    ڪَنهِن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ پَچَڻَ ناهِ پَچارَ؛
    اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجِھ خُمارَ؛
    گِريي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.

    پرينءَ لاءِ ڪهڙي ريت ڳوڙها ڳاڙيان؟ پنهنجي سوز کي پڌرو ڪرڻ جو ڍنگ نه اٿم. اندر ۾ عشق جي خمار ۾ ڪڙهي، آهون پيئي ڪريان. ٻاروچن ۾ رودن جي ٻولي ٻيءَ طرح آهي.

    3
    سُڃَ وَسَندِي تن کي، جوشَ جَلايا جي؛
    طالِبَ جي تحَقَيقَ جا، نِينهُن تنِين وَٽِ ني؛
    ٽيڏِي پَسي ٽي، هُو تان آهي هيڪِڙو.

    جن کي عشق جي آتش جلايو آهي، تن لاءِ رڳي سڃ پيئي وسي (تن لاءِ نسوري نيستي آهي). جي حق يا سچ جا ڳولائو آهن، تن وٽ عشق کڻي وڃ يا اُنهن وٽان محبت پراءِ. ٽيڏيءَ کي ٽي ٿا نظر اچن، پر هو ته هڪ آهي. (جهاني ماڻهن ۾ نفاق آهي، پر حقيقت ۾ حق هڪ آهي.)

    4
    ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ؛
    وَرُ نه سَهي ويڪَ، تُون، ٽيڏِي! ٽِئايُون ڪَرِين.

    ٻين مڙني کي ترڪ ڪري، تون هڪ جي ئي طرف هلج. ڪانڌ (ڌڻي) ويڇو نه ٿو سهي ۽ تون ٽيڏي! ٽيڻ جون ڳالهيون پيئي ڪرين! (ڀليل انسان پاڻ کي، ڌڻيءَ کي، ۽ ڪائنات کي ٽي الڳ هستيون ٿو سمجهي، پر اهي ٽيئي هڪ آهن. سواءِ هڪ جي ٻيو ڪي ڪينهي.)

    5
    اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسِرِي؛
    سُونهِين ٿِي سُواٽَ، ته مَنجھان دِلِ دَڳُ لَهِين.
    اڃا تون گهراهه ۽ حقيقت جي راهه کان غافل آهين. تون سنئين واٽ تي ٿيءُ ته پنهنجي دل مان ئي محبوب جو مارڳ ڳولي لهين.

    6
    پانهِين، پسِي پَٻُ؛ مَتان ڪا، مُنڌَ! ڏِئين؛
    اَڳيان ڪَؤ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.

    اي منڌ! پٻ جبل پسي، متان پٺتي ورين! تون اڳيان هلي نڪي ڪو کاءُ نڪي ڊڄ. هي پهاڙ، ڪيچ اڳيان هڪ قالين (سهڻو غاليچو) وڇايل اٿيئي.


    سُرُ حسيني

    داستان پهريون

    1
    لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَٿَ؛
    سِڄُ سامُهون مُنهَن ۾، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ؛
    سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙِين.

    تون پاڻ نه پٺتي لڙ، سج ٿو لهي. تون همٿ رکي اڳتي وڌ. سج منهن مقابل بيٺو اٿيئي. متان هلڻ ۾ ڪا ڳڻ ڳوت ڪرين. تون نما شام (شفق) مهل ئي هلي محبوب جي جماعت سا منلدينءَ.

    2
    اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏونگَـرُ؛
    سَسُئِيءَ کي سَيَّدُ چئي، سُورَن جو سَمَرُ؛
    ڪُٺَلِ رَکِيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي.

    سج لهڻ ۾ ويرم وڌي ۽ سسئيءَ پهاڙ ڏٺو. شاهه صاحب ٿو فرمائي ته سسئيءَ کي سورن جو سامان ساڻ آهي. هوءَ ويچاري درد جي ڪٺل وڻڪار ڏانهن ڳاٽ اوچو رکي ٿي هلي.

    3
    ويٺي مُون وِيو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان؛
    آئُون ڏُورِيندي ڪيترو، پَهَڻن پيرُ پِيو؟
    سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچي ٿِـيُمِ، جيڏِيُون!

    منهنجي ويٺي ئي سج لڪن تان اُلهي ويو. منهنجو پنڌ پهڻن ۾ اچي پيو آهي. پوءِ مان پرينءَ جي پيرن جو نشان ڪئن لهي سگهنديس؟ اي سرتيون! منهنجو پيوند اچي سورن سان اڙيو آهي.

    4
    سَرَتِيُون! سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين هَلي؛
    پاڻي ناهِ، پَنڌُ گھڻو، اَڳِيان رائو رُڳِي رُڃَ؛
    مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پِرِينءَ کي.

    اي سرتيون! اڳيان سڃ پيئي سُجهي. اوهان مان مون سان متان ڪا گڏ هلي. اڳيان رڳي رڃ ۽ سڃ پيئي وسي. اوهان مان متان ڪا اُڃ ۾ بيحال ٿي، منهنجي پرينءَ کي ڪا بددعا (سراپ) ڏئي.

    5
    پَٽِيءَ نه پيرونِ، اوڏِيءَ ڇَڪَ نه ڇَمِيا؛
    پويون هِيُ ڀـيرونِ، نِينهن نِباهي هَليا.

    ميدان ۾ سندن پيرن جو جو نشان نه ٿو ڏسجي. هو (پرين) ڪنهن ويجهي پسگردائيءَ ۾ نه ترسي پيا. هي پويون دفعو، هو مون سان نينهن جو ناتو نباهي هليا ويا.

    6
    سُيءِ ڪا تنوارَ، ڪِي هُنئِين ٿِي هَٿَ کَـڻِين؛
    سَوين رُليُون سَسُئِيون، هوتاڻَنِ هزارَ؛
    ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نه سِکيا.

    تو پرينءَ جي ڪا تنوار (مٺي گفتار) ٻڌي يا اجايو پيئي هٿ مٿي کڻين! هوتن محبوبن لاءِ سوين هزارين سسئيون رلي حيران ٿيون. ٻاروچن جو اولاد (فقير ڪامل) اصل کان ڪو قياس نه سکيا.

    داستان ٻيو

    1
    ڪِي ڌَرَتَتِي، ماءِ! ڪِي ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين؛
    هَلي ۽ واجھاءِ، ٻِنِين ڄيرَنِ وِچَ ۾.

    اي امڙ! ڪي زمين گرم آهي، ڪي سپرينءَ جي پچ اندر ۾ اٿم. سسئي ويچاري ٻنهي باهين جي وچ ۾، ڪي پنڌ ۾ تاڻيندي پيئي وڃي، ۽ ڪي پرينءَ لاءِ واجهه وجهندي پيئي وڃي.

    2
    مَٿيان مَٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو؛
    مُون کي طَعنا تي ڏِئين، جئن نه پَرُوڙِئين سَچُ؛
    اَمڙِ! اوري اَچُ، ته سِٽَ سُڻايَنءِ سُورَ جِي.

    سر جي مٿان ٻروچن جو مچ پيو ٻريم. مون کي انهيءَ ڪري ٿي مهڻا ڏين، جو تون حقيقت کي نٿي پروڙين. اي جيجل! هيڏانهن ويجهو اچ ته درد جو حال ٻڌايانءِ.

    3
    مَٿي مَنجھانِ مِينهُن، پَسو! پاڻيءَ جئن وَهي؛
    مُون ڀانيو نِينهُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.

    منهنجي مٿي مان ڏسو ته آب جيان جالارو پاڻي پيو وسي، جنهن کي مون محبت سمجهيو، سا سچ ته آگ جون ڄڀيون هئي.

    4
    منجھان مُنهنجي رُوحَ، جي وَڃي ساڄَنُ وِسِرِي؛
    ته مَرُ لَڳي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿِي مَران!

    جي منهنجي اندر مان سپرينءَ جي ياد ميسارجي وڃي ته ڀل اهڙي گرم لک (وڻ جي هوا) لڳي، جو مان ٿر جو ٻاٻيهل بڻجي، مري ساهه ڇڏيان.

    5
    پَهِي ڪامَ پِڃاءِ؛ اَمَڙِ! مُنهنجي آسِري؛
    ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻيءَ پاءِ؛
    ڪَتِـيُمِ جنهِين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيـچِ وِيو.

    اي جيجل! منهنجي آسري ڪا ڪپهه جي پوڻي نه پڃاءِ. چرخي کي لت هڻي، مڙيئي مڙيئي پوڻيون پاڻي ۾ وجهي ڇڏ. جنهن ڪوهياري دلبر لاءِ ڪتيم ٿي، سي ڪيچ روانو ٿي ويو.

    6
    کوءِ هاڙهو! ٻَنِ هوتُ! کوءِ پُنهون، ٻَنِ پِرِيَتَڻو!
    مادَر! مُون مَوتُ، پَسَڻان پرائيو.

    ٻن پوي هاڙهو جبل! ٻن پوي پريتم! ٻن پوي پنهون، ٻن پوي نينهن! اي امڙ! مون محبوب جي ديدار مان ئي موت حاصل ڪيو.

    7
    کوءِ ٻولِي! ٻَنِ ٻَروچُ! گھورِي ذاتِ جَتَنِ جِي!
    مُون کي چَئِي ”لوچُ“، پيهِي وِيا ڇَپرين.

    ٻن پوي سندن (ٻروچن جي) ٻولي! ٻن پوي ٻروچ (پنهون)! جتن جي ساري ذات ئي ٻن پوي! مون کي ”ڳول“ (تلاش ڪر) چئي، پاڻ پهاڙن ۾ ڇپي غائب ٿي ويا.

    8
    جِئن جِئن تَپي ڏِينهُن، تِئن تِئن تاڻي پَنڌَ ۾؛
    ڪو آڳانجھو نِينهُن، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.

    جئن جئن ڏينهن پيو تپي. تئن تئن سسئي پنڌ ۾ ڪاهيندي پيئي وڃي. هن برهمڻ (سسئيءَ) جو ٻاروچن سان عشق ازلي هو.

    9
    جان جِئَين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري ؛
    تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي.

    جيسين جيئري آهين تيسين جلندي رهه. هتي (عشق ۾) سواءِ جلڻ جي ٻي ڪا واهه ئي ڪانهي. تپش توڙي ٿڌ (دک توڙي سک) ۾ ڪاهيندي هل، وهڻ جو وقت ناهي.

    10
    تَتِيءَ ٿڌِيءَ ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي؛
    مَتان ٿِئي اُونداه، پيرُ نه لَهِين پِرينءَ جو.

    تپش توڙي ٿڌ ۾ ڪاهيندي هل، وهڻ جو وقت ڪونهي. متان ڪاري ٻاٽ ٿي وڃيئي ۽ پوءِ محبوب جي پيرن جو نشان ئي نه ڳولي سگهين.

    وائي
    شاديءَ جو سِينگارُ، آيَلِ! مَرَڪُ مُنهِجو مُون پِرِين.
    آهي ڳَههُ ڳِچِيءَ جو، ڏِئي هالورا هارُ؛
    آهي اُگھاڙيِن کي؛ جانِبَ جو جنسارُ؛
    آهِئين کاڄُ بُکِيَنِ جو، تُون تان طَعامُ تيارُ؛
    اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسِتاڻو دِيدارُ؛
    حُسۡنَ هوتَ پُنهونءَ جي، ڪَڪورِيو ڪوهِيارُ؛
    سُڃَ ڪَيائِين سُرَهِي، واسِيائِين وَڻِڪارُ؛
    ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪيُون، عَطُرُ ٿِيو آوارُ؛
    ڪوڙيـين ٿِيا ڪيترا، نالي تان نِثارُ؛
    سَدا صلابَتَ جِي، گولِي گِرِفِتارُ؛
    گھورِيان گَھرُ گِھٽِيءَ تان، اَچي جِئان آڌارُ؛
    اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِليو مُون مَنَٺارُ.

    اي جيجل! منهنجو پرين منهنجي خوشيءَ جو ڳهڻو ۽ فخر آهي. هو منهنجي ڳچيءَ جو زيور آيه، اهو هار چمڪاٽ پيو ڇڏي. اُگهاڙين يعني جن کي ڪجهه ناهي، تن لاءِ جانب جو وجود ئي جنسار آهي. اي پرين! تون ئي فاقن جي ستايلن لاءِ اُچو کاڄ آهين، عيد ۾ محبوب جو ديدار هڪ اعليٰ ۽ پاڪ مشاهدو آهي. پنهونءَ جو حسن سارو ڪيچ رنڱي لال ڪري ڇڏيو آهي ۽ اُن رڃن ۾ راحت آڻي ڇڏي ۽ وڻڪار کي خوشبوءَ سان پر ڪري ڇڏيو اٿس. جبل هٻڪارون مڪيون ۽ چوطرف ڦلجي ويئي آهي. سندس نالي تان ڪروڙين قربان ٿيا آهن. هيءَ ٻانهي دائم سندس شوڪت جي اسير (قيدڻ) آهي. جنهن گهٽيءَ مان منهنجو آڌار (پرين) اچي، تنهن تان مان سارو گهر تڙ قربان ڪري ڇڏيان. اي سرتيون! (شاهه لطيف ٿو چوي) مون کي دل جو ٺار مليو آهي.

    داستان ٽيون

    1
    ڪو گُھمندي گھورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ جو؛
    ڇَڏِيندِيَسِ ڀَنڀورُ، هِنئون هِتِ نه وِندُري.

    رلندي ٻاروچن جو اهڙو ڪو پور ويڙهي ويم، جو مان ڀنڀور (جهان) ڇڏينديس (ترڪ ڪرڻو پوندو). هتي منهنجي دل کي ڪو قرار نه ٿو ملي.

    2
    ڀَنڀورَجَنِ سُکَنِ، مُون کي ساٿان کارِيو؛
    هاڻي ساڻُ ڏُکَنِ، تان ڪِي ڏُونگَـرَ ڏورِيان.

    مون کي ڀنڀور جي سکن، محبوب جي ساٿ کان پٺتي رهائي ڇڏيو. هاڻي ڏکن جي وسيلي ئي مان هنن لاءِ ڏونگر ڏورينديس.

    3
    ڀينَرُ! ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَهو؛
    اَڳي اِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرائِيا.

    اي ڀينر! ڀنڀور (دنيا) کان ڀڄو ته ڇوٽڪارو پايو. هن کان اڳ هن هنڌان، جيڏين (طالبن) سور حاصل ڪيا.

    4
    ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونهون؛
    سَوارو سُونهون، پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي!

    اي ڀينر! هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون آهي. (چوطرف دکن جي ٻاٽ آهي.) اي سسئي! (طالب!) تون سويل ئي ڪو رهبر ساڻ کڻي. اڳتي هلج (طريقت جي واٽ ۾ اڳتي ڪاهيندو هلج)

    5
    ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون! سَکَـرُ ڀانـئِيان؛
    مُون سين تنهن پَهاڙُ، ڏُکان هَڏِ نه ڏوريو.

    اي سرتيون! ڀنڀور کان ته مان سڃ کي بهتر ٿي ڄاڻان. مون ڏکن جي لحاظ کان، هن لاءِ هرگز ڏونگر نه ڏوريو.

    6
    اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون! سَکَـرُ ڀانـئِيان؛
    آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اکينِ سان.

    اي سرتيون! مان سڃ کان ڀنڀور کي بهتر ٿي ڄاڻان. جتي مون لاثاني آري ڄام اکين سان ڏٺو.

    7
    ڀُـلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ هوتَ نه هَليو؛
    شَهرَ سُڃاتو ڪِينَ ڪِي، آرِياڻِي اَتورُ؛
    ماڻِيو تنِين مورُ، ديکِيو جنِين دِلِ سين.

    جو ڀنڀور (جهان) محبوب جي پٺيان نه هليو، سو گهمراهه ٿيو. (جن مرشد ڪامل جي پٺ نه ورتي. سي وڃي اوجهڙ ۾ پيا.) دنيا، لاثاني محبوب کي ڪين سڃاتو. اُنهن ئي پرينءَ جو مشاهدو ماڻيو، جن کيس قلب سان ڏٺو.

    8
    بُرو هو ڀَنڀورُ، جو آرِياڻِيءَ اُجارِيو؛
    لاٿو سَڀَ لوڪَ تان، هاڙهي ڌَڻِيءَ هورُ؛
    ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکـيُون، پُنهون ڪَيائُون پورُ؛
    آيو سو اَتورُ، جنهن ڏُکيُون ڏِکَ وِهارِيُون.

    ڀنڀور اڳ برائيءَ جو ماڳ هو. جنهن کي آري سردار اچي اَڇو اُجرو ڪيو. هاڙهي جي سردار (پنهونءَ يعني مرشد ڪامل) اچي ساري جهان تان خطرو (روحاني تباهيءَ جو) دور ڪيو. ڇوڪريون، پنهونءَ جي صورت جو ٺپو ٺهرائي، ڪپڙي تي ڇر ڪرڻ لڳيون، اُهو لاثاني سردار آيو. جنهن اچي دکين کي هار سينگار ڪرايو.

    داستان چوٿون

    1
    لَڄايا مُونهان، ساجُھرِ تي سيڻَ وِيا؛
    پِيَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنهنجي ذاتِ جي.

    مون کان لڄي ٿي، سوير ئي منهنجا سپرين مون وٽان هليا ويا. ڀنڀور ۾ کين منهنجي بڻ جي ڄاڻ پئجي ويئي.

    2
    آئُون جي هُيَسِ هَڏُ، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو؛
    ساٿَ لَڏِيندي سَڏُ، هُوندَ ڪوهِيارا ڪَرِينِ مُون.

    اي اديون! مان جي آريچن جي ذات يا رت مان هجان ها ته ساٿ لڏڻ مهل ڪوهيارا مون کي سڏين ها.

    3
    هُيَسِ جي سِياءِ، ته ڪَيُمِ ڏُکُ ڏيرَنِ تي؛
    اَدَبَ وچان اُنِ سين، ڳالھِ نه ڪَيَمِ ڪاءِ؛
    ذات مُنهنجِي، ماءِ! ڪَچو ٿِي ڪيچيُن کي.

    جي مان سندن سڳي مائٽياڻي هجان ها ته ڏيرن جي شڪايت ڪريان ها. مون ادب وچان کين پنهنجي ذات، ڪيچين کي هڪ عجيب ٿي لڳي.

    4
    ساٿِي توءِ هَلَنِ، پَٿَرِ جي وارَ ڪَرِيان؛
    جيڪُسِ ٻاروچَنِ، ڪو ڏِٺو عَيبُ اَکينِ سين.

    مان کڻي پنهنجا وار وڇائي بسترو ڪريان، تنهن هوندي به ساٿي جيڪر هليا وڃن. شايد ٻاروچن مون ۾ اکين سان ڪو عيب ڏٺو.

    5
    ساٿِيُن سَئِين نه جاڳِين، پوءِ ڪُڄاڙِيان روءِ؟
    اِيَ پَرِ ڪُپَرِ هوءِ، جئن هُو سانگِي، تُون سُمَهِين.

    تون ساٿين سئين نه جاڳينءَ، پوءِ ڇو ٿي روئين؟ اها ريت ڪُريت آهي. جو هو سفر ۾ ٿا وڃن ۽ تون سمهين ٿي رهين.

    6
    مُون سَڏِيندي سَڏڙا، ساٿِي سَڏُ نه ڏِينِ؛
    وِلَهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نه تنوارِينِ؛
    هيڏا هاڃا ٿِينِ، بُري هِنَ ڀَنڀورَ ۾!

    منهنجي سڏن ڪندي به مون کي ساٿي ڪو جواب نه ٿا ڏين. هن مسڪين جي مڪان تي هينئر اُٺ نه ٿا تنوارين، هن بڇڙي ڀنڀور ۾ ئي ههڙا وئل وهن.

    7
    ڪَهان، تان ڪيچانَ پري! وِهان، تان وَٽِ مُون!
    ڀُـلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي.

    پنڌ ڪريان ته ڪيچ کان پري آهي. (ڳولڻ سان ڌڻي دور آهي.) جي هڪ هنڌ وهان ته مون سان گڏ آهي. مون ناحق گهراهه ٿي، پنهونءَ (ڌڻيءَ) کي هن پٽ ۾ ڳوليو.

    8
    ڪَهان ته ڪيچان پَري! سُمهان تان سِرَ هيٺ!
    ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون! جيهِيءَ پَرِ ٿِي.

    پنڌ ڪريان ته ڪيچ کان ئي دور آهي. جي سمهي پوان ته منهنجي ڪنڌ هيٺ (ڳچيءَ جي رڳن کان ئي ويجهو) آهي. اي سرتيون! منهنجي ٻاروچن سان سڃاڻپ ڪهڙيءَ ريت (الٽي ريت) ٿي.

    وائي
    هوتَ! هوتَ! اي هوتا! ڏِيَندِيس ماهُ مِرُنِ کي؛
    آئُون جَرا جِيُّ ڪَري.
    ڏيئِي باهِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيَسِ تو ڳَري؛
    آرياڻِي پُنهونءَ ري، مُون کي، سَرِتِيُون! تان نه سَري؛
    جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري؛
    آءُ اوراهُون، سَپِرِين! وَڃُ مَ، پِيَّ! پري؛
    مُون ڏِٺِي، مُون وِسَهو، وِرچِي تان نه وري؛
    ڏُکِيءَ جي ڏيکارِئين، ڌاران مُنهَن مَري؛
    پيالي پِرِيُنِ جي، موهِيَسِ ميٺَ ڪَري؛
    آرِيءَ جي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري؛
    توکي توءِ نه ڇَڏِيان، جي وَڃان ڀُونءِ تَري؛
    ڌَڙُ وِجَھنديَس ڌُوڙ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري؛
    هَلَڻُ سُڻِي هوتَ جو، ڏُکِي، پَسُ ڏَري؛
    پِرِين! کَـڻِـجِ پانهِنجِيُون، اَکِـيُون ٻاجَھ ڀَري؛
    اَدِيُون! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مَنَ ڪا مَهرَ ڪَري.

    اي هوت! مان پنهنجو ماس مرن کي سپرد ڪنديس، پنهنجو جسم رتيون رتيون ڪري، مان ڀنڀور کي جلائي (ڇڏي) تو وٽ آيس. اي سرتيون! پنهونءَ کان سواءِ مون کي هرگز نه ٿي سري. هيءَ ڏکي، پنهنجي جان تي جنڊ رکي، ڏکن کي پيئي ڏري، اي پرين! تون ويجهو اچ، مون کان پري نه وڃ. مون تي ويسہ ڪريو ته مون کيس اکين سان ڏٺو آهي. هوءَ بيزار ٿي هرگز واپس نه ٿي وري. هيءَ ڏکي ديدار کان سواءِ مري ٿي. تون جيڪر کيس پنهنجو مشاهدو ڏين. پرينءَ جي پيالي، ميٺاج جي ڪري، مون کي موهت ڪيو. آريءَ جي عشق جي منهنجي اندر ۾ آتش پيئي ٻري مان جي پاتال ۾ وڃان ته به توکي نه ڇڏيان. مان پنهنجو سر جدا ڪري (وڍي)، ڌڙ خاڪ ۾ وجهنديس. پرينءَ جي وڃڻ جو ٻڌي، هيءَ ڏکي ڏس ته ڏري پيئي. اي محبوب! مهر ڪر تون پنهنجا نيڻ مون ڏانهن کڻج. اي سرتيون! من پرين ڪا مون تي ٻاجهه ڪري. (هن وائيءَ ۾، شاهه، عشق ۽ عاشقيءَ جو نقش چٽيو آهي. سچو عاشق، پنهنجي جسم کي وڍي ذرا ذرا ٿو ڪري ۽ پاتار ۾ ٿو وڃي ته به معشوق جي پچر نه ٿو ڇڏي. هن کي جسم ۽ جان جي ڪا پرواهه ڪانهي.)

    داستان پنجون

    1
    ليڙَنِ لَنگِھ لَسَ، مانباڻِيان مَٿي وِيا؛
    وَ ٺِي وَرُ واٽَ ٿيا، پُنهون ڄامُ پَهَسَ؛
    هُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.

    اُٺ، لس ٻيلو پار ڪري (اڪري) مانباڻ کان پري ويا. ٻاروچا منهنجو ڀتار پنهون زوريءَ ساڻ وٺي سفر تي ويا. ٻاروچا ڀنڀور ۾ مون لاءِ وڏي وسندي هئا.

    2
    ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَي، پَهَڻَ پَٿَراڻِـيُون ڀانئِيان؛
    جتي رَهان راتِڙِي، مِرُون مُنهنجا مِٽَ؛
    سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽَ، ڏُونگَـرُ ڏولِي مُون ٿِيو.

    ڇپون مون لاءِ ڇپر کٽون آهن ۽ پٿرن (پهاڙن) کي مان پٿراڻيون ڪري ٿي سمجهان. جتي به رات گذاريان، تتي جهنگ جا مرون منهنجا مائٽ آهن، پرينءَ جي اڪير وچان ڏونگر کي به ڏولي ڪري ٿي سمجهان.

    3
    مُسافِرِنَـئُون، ماءِ! وِرِه وِهايُمِ وِتَرو؛
    اَچِي ٿِـيَمِ اوچتِي، تن سانگِـيُنِ سين ساڃاءِ؛
    جِيجان! جَھلَ مَ پاءِ، هِنئون هوتَ هَڻِي وِيا!

    اي امڙ! مسافرن (پرديسن) کان مون گهڻو درد پرايو. اُنهن سانگين (سفر ڪندڙن) سان اچي منهنجي اوچتي واقفيت ٿي. اي جيجل! مون کي نه روڪ! منهنجي دل کي پرين چوٽ هڻي ويا.

    4
    ڪِيئن اَڙايُءِ پاندُ، پلؤ پَرَڏيهِيُنِ سين؟
    مَتِيُون مُوڙهِيُءِ، سَسُئِي! ڪَيُءِ ڪوهِيارو ڪانڌُ؛
    رُلِي! ڀانئِيُءِ راندِ، ٻانڀَڻِ! عِشقُ ٻَروچَ جو!

    تو ڪئن، پرڏيهين سان پنهنجو پلاند اڙايو ۽ لائون لڌيون؟ اي سسئي! تنهنجو عقل خطا ٿيو هو ڇا، جو ڪوهيارو (پنهون) پنهنجو گهوٽ ڪيءِ! اي رليل برهمڻ تو ٻروچ جي عشق کي خسيس بازي ڪري ڄاتو هو!

    5
    مُنهنجو پاڙِيچَنِ، ڪَچو ڪونه ڍَڪِيو؛
    پاسي چَڙهِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلِتِي جَنِ؛
    تيلان ٻاروچَنِ، نِڌَرِ ڇڏِي نِنڊ ۾.

    پاڙي وارن منهنجي عيب کي نه لڪايو. پنهونءَ جو پاسو وٺي، هنن ساڻس منهنجي خسيس ذات جو ذڪر ڪيو. تنهن ڪري ٻاروچن، هن نڌڻڪيءَ کي ننڊ ۾ ئي ڇڏي ڏنو.

    6
    حُسيـنِيءَ جِي هاڪَ، مادَرِ! مارِي آهِيان؛
    ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ؛
    ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، مَتان پوئِمِ پِرِينءَ سين.

    اي امڙ! حسيني سر جي آلاپ مون کي فنا ڪري ڇڏيو آهي. ڏينهن جو ڏکن ۾ پرينءَ کي لوچان پيئي ۽ راتين جو فراق جا زخم ڪڙهنم پيا. مان جدائيءَ کان ئي پيئي ڏران ته متان اها منهنجي ۽ پرينءَ جي وچ ۾ اچي پوي.

    7
    جيڪِي فِراقان، سو وِصالان نه ٿِئي؛
    اَچِي اوطاقان، مُون کي پِرِيُنِ پَري ڪَيو.

    جيڪي جدائي مان ٿو ملي، سو ميلاپ مان حاصل نه ٿو ٿئي. پر محبوب منهنجي اوطاق (گهر) ۾ اچي پاڻ مون کي پاڻ کان ڏور ڪيو (ڇو ته گڏجڻ سان سڪ غائب ٿي ويئي.)

    8
    ڦِرِي آءُ، فِراقَ! مُونکي وِصالان وِچُ پِيو؛
    جي ٿي چِڪِيَمِ، سي پِرِينءَ گڏجِي پُورِيا.

    اي جدائي! تون موٽي اچ. وصال پاڻ منهنجي ۽ پرينءَ جي وچ ۾ اچي ڦوڙائو وڌو. جي زخمي جدائيءَ ۾ ڪڙهيم پئي، سي پرينءَ مون سان گڏجي اچي ميڙي ڇڏيا. (سڪ جو ساءُ غائب ٿي ويو.)

    وائي
    پُنهون پَريشانُ، ٻَرِ! ٻَرِ! نڪو خانُ نه مانُ؛
    هيءِ! هيءِ! حالُ مُنهِنجو.
    مُونکي بُکَ بوتَنِ جي، ناقي ڀانئِيان نانُ؛
    شَهرُ صَحرا ڀانـئِيان، مُون ليکي مَيدانُ؛
    رُئان ٿي رُڃُنِ ۾، آرِيءَ لَءِ عُرِيانُ؛
    پِٽِيان مُنهُن پَسَڻَ لَءِ، هِتي ٿِي حَيرانُ؛
    آهي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ؛
    ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَن جو سامانُ؛
    وِجِھجِ پِڪَ پينارِ تي، پِرِيَمِ! کائِي پانُ؛
    ڪَڏهِن ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ؟
    آهِئين، عَبۡدُاللَطِيفُ کي، اَڳيان تُون اَڳوانُ.

    افسوس! افسوس! پنهون مونکي پريشان ڪري هليو ويو. هينئر نه گهر نه سامان رهيو آهي. هيءِ! هيءِ! هن منهنجي حال تان. مون کي اُٺن جي بک آهي، مان ڏاچيءَ کي نان ڪري ٿي سمجهان (مون کي پنهونءَ جي اُٺن ڏسڻ جي اڪير آهي ۽ سندس ڏاچين کي پسڻ ئي مون لاءِ خوراڪ آهي). هن مصرع ۾ نازڪ خيالي سمايل آهي. شهر کي مان رڻ ڪري ٿي سمجهان. منهنجي ليکي مڙيوئي برپٽ آهي. آري ڄام لاءِ رڃن ۾ (برپٽن ۾) پڌري پٽ پئي رئان. سندس ديدار لاءِ حيران ٿي منهن مٿو پيٽي پٽيان. آري ڄام جو قهري ٻاڻ مون کي لڳو آهي. هن ديوانيءَ کي دل ۾ دردن جو سمر آهي. اي منهنجا پريتم! هن پينو فقيرياڻيءَ تي، پان کائي، پڪ وجهج، هيءَ مُٺي ڪڏهين وڃي ڪيچ ۾ پنهنجو آستان ڪندي؟ شاهه صاحب ٿو فرمائي ته تون ئي اڳيان منهنجو رهبر آهين.

    داستان ڇهون

    1
    آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛
    پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جِي، نَنهَن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛
    گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.
    ٻاروچا ڀنڀور ۾ وارد ٿيا ۽ مون کي اُنهنجو وڏو آسرو ٿيو. پنهونءَ جا مائٽ ڏسي، ننهن سوڌو (بنہ) نيڻ ٺريم. غم سڀ وسري ويم. سکن مون کي واڌايون موڪليون.

    2
    ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛
    سُونهائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين.
    ڏکن ئي سسئيءَ کي پرينءَ جو پيچرو ڏيکاريو. سورن سندس رهبري ڪري، کيس پنهنجي محبوب سان ملايو.

    3
    سَؤ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پڻ ڏِيان سَٽِ؛
    جي مُون مِڙي مَٽِ، ته وِرِهُ وِهايان هيڪِڙو.

    سؤ سکن کي سودي ۾ ڏيئي ڇڏيان، بلڪ پنهنجو سر پڻ عيوض ۾ ارپي ڇڏيان. جي من کي بدلي ۾ سچو عشق ملي تو هوند انهيءَ جو ئي وڻج ڪريان.

    4
    سُورَنِ سانگھارو، ڪَڏهِن تان ڪونَ ڪَيو؛
    آيَلِ! اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَهي.

    سورن ڪڏهن به منهنجي حق ۾ گهٽتائي نه ڪئي. اي جيجل! نار ۾ پاڻيءَ جيان سورن جو چاڙهه تارون تار پيو هلي.

    5
    لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَها ٿِيا قَضاڪَ!
    اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ!
    اَکَڙِينِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيـهِيُنِ جو.

    مون کي ٻروچ (پنهونءَ) جي عشق جو تير لڳو آهي ۽ سندس اُٺ رهزن ثابت ٿيا. اُٺن کي جا ماڪ اوکي لڳي، سا به شل اُٺن نه پوي. پرديسين جو (پنهون ۽ سندس ساٿين جو) ديدار منهنجي نيڻن لاءِ عمدو کاڄ آهي.

    6
    ڏُکويُون ڏيهان، جيڪُسِ لَڏي ويئِيُون؛
    هاڻي ڪِنِ مُلان، پُڇان پِرِيُنِ خَبَرُون؟

    عشق جون گهايل شايد لوڪ وچان لڏي ويئون آهن. (جهان مان سچا عاشق لڏي ويا آهن.) هاڻي محبوبن جا ڏس پتا ڪن وٽان پڇان؟ (سچا رهبر اڄ نه رهيا آهن، حقيقي معشوق جا پار ڪنهن کان پڇان؟)

    7
    مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سڀڪنهِين، مُون وٽِ وَٿاڻانِ؛
    ڀَرِيُون ڪَيو ڀُڻانِ، وَيا وِهائُو نِڪري.

    هر ڪنهن وٽ ڏکن جي مٺ مٺ آهي، پر مون وٽ اُنهن جا وٿاڻ (انبار) آهن. سورن جون ڀريون کنيو پيئي گهمان، پر انهن جا خريدار لڏي ويا آهن.

    8
    ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَنڌُ، سُورائِتِي! سَندِرو؛
    ڪيچَ اَڳاهُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرِين!

    اي درد جي نهوڙيل! تون سورن جو سندرو ڪشي ٻڌ ڪيچ جو پنڌ پري اٿيئي، متان لڪن ۾ ئي اڙجي فنا ٿي وڃين.

    9
    ڏُکَ سُکَنِ جي سُونهَن، گھورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري!
    جنِين جِيءَ وِرُونهَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.

    ڏل (مصيبتون) سکن جو زيب ۽ سينگار آهن. انهن جي ريجهه رهاڻ تي ئي محبوب مون وٽ پيهي آيو.

    داستان ستون

    1
    پُڇَنِ سي پَسَنِ، جڏهن پِرِينءَ کي؛
    ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.

    جي پرينءَ جي طلب ٿيون رکن، سي هميشہ سندس مشاهدو ٿيون ماڻين. جي محبوب جي ڳولا ٿيون ڪن، سي سندس آستان جو ديدار ٿيون ڪن.

    2
    پُڇيو ئِي، تان پُورِ؛ ناتَ پُڇَڻُ هوءِ مَ پِرِينءَ کي؛
    ڏورَڻَ وارِيُون ڏُورِ، هَڏِ نه آهِينِ هوتَ کي.

    جي دوست جي طالب اٿيئي ته اڳتي هل، نه ته دلبر جي طلب ئي ڇڏي ڏي. جي هوت کي ڳوليندڙ آهن، سي هرگز کانئس پري ناهن.

    3
    ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان! شالَ مَ مِلان هوتَ!
    مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي.

    شال پرينءَ کي هميشہ ڳوليندي رهان ۽ کيس هرگز نه ملان، متان اندر ۾ جا تشنگي (اُساٽ) اٿم، سا سندس وصال سان غائب ٿي وڃي.

    4
    آئون ڏورِيَنءَ، شالَ م لَهَنءَ! پِرِين! هُئين پَري!
    هَڏِ نه ساهَ سَري، تَنَ تَسَلِّي نه ٿِـئي!

    اي جانب! مان شل توکي ڳوليندي وتان ۽ توکي لهي نه سگهان! شل تون ڏور ئي هجين! شل منهنجي جان کي توکان سواءِ هرگز نه سري ۽ منهنجي جيءَ کي پٽيءَ قرار نه ملي.

    5
    ڇَڏِيَمِ حُجَّ هَلَڻَ جِي، چَکِيَمِ چاڙهِيڪا؛
    اَدِيُون! آڙِيڪا، هِنئڙي پِيَمِ هوتَ سين.

    مون اڳتي وڌڻ جي دعويٰ ئي ترڪ ڪئي. ڇو ته جبل جون چاڙهيون آزمائي ڏٺيون اٿم. اي اديون! منهنجي هنئين کي پرينءَ جي پريت جا پيچ پيا آهن.

    6
    جيڪا ڪَندي سَنگُ، مُون جئن ٻاروچَنِ سين؛
    اَنگُنِ چاڙهي اَنگُ، رُئندِي سا رَتَ ڦُڙا.

    جيڪا مون وانگر ٻاروچن سان صحبت ڪندي، سا پنهنجو جسم، سوريءِ تي چاڙهي، نيڻن مان رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي.

    داستان اٺون

    1
    آتَڻُ اورانگھي وِيا، آئون ٿي مَران، ماءِ!
    پِٿُون ٿِيندِيَس پيرَ تي، ’هَيءِ! هَيءِ!‘ ڪَري هاءِ!
    جِئڻُ مُون نه جڳاءِ، پِرِيُنِ تان پاسو ڪَيو.

    هو آتڻ اورانگهي هليا ويا (منهنجي گهران نڪري ويا) اي امڙ! مان سندس جدائيءَ ۾ مران ٿي. مان ”هيءِ! هيءِ!“ ۽ ”هاءِ! هاءِ!“ ڪري، پرينءَ جي پيرن مٿان پاڻ پرزا پرزا ڪنديس. هينئر مون لاءِ جيئڻ واجب ناهي. ڇو ته محبوبن مون کان منهن موڙيو آهي.

    2
    ڄاڻِي جي ڄاتومِ، ته پوندو فلۡق فِراقَ جو؛
    اَکَـرُ اِرادَتَ جو، ڌُريائين ڌوتومِ؛
    پوءِ تان ڪونَ ڪَيومِ، هُوندَ ڪَشالو ڪيچَ ڏي.

    جي مون کي ڄاڻ هجي ها ته مون کي جدائيءَ جو نڀاڳ ڏسڻو پوندو ته جيڪر ازل ۾ ئي تقدير (لکئي) جو انگ ڌوئي، ميساري ڇڏيان ها ۽ پوءِ جيڪر ڪيچ ڏانهن ڪاهڻ جو ڪشالو ئي ڪڍڻو نه پويم ها.

    3
    دُکائِيندِي دُونهَڙا، مُنڌَ! سيڻانِي وَڃُ؛
    پِرِياڻونِ مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙهَندو لَڪِيين.

    اي عورت! تون درد جا دونهان دکائيندي، ساڻن ئي وڃ. سندن پريت جو پيچ نه ٽوڙ، نه ته ٻروچن جي جماعت لڪن تي چڙهي، هلي ويندءِ.

    4
    ڇِڄ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙهَندو لَڪِيين؛
    مَڇُڻِ ٿِئين پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نه لَهِين.

    تون اُنهن جي قافلي کان ڇڄي ڌار نه ٿيءُ. سندن قافلو لڪن تي چڙهي غائب ٿي ويندو. متان تون پوئتي رهجي وڃين ۽ ساٿ جو پيچرو ئي نه ڳولي سگهين.

    5
    پُڇِيوئِي جان دوستُ، تان پاسي ڪر پَرِهيزَ کي؛
    جنِين ڏِٺو هوتُ، تن دِينَ سَڀيئي دُورِ ڪيا.

    جي جانب جي پڇا ٿو ڪرين (حق کي ڳولڻ جي ٿو ڪرين) ته مذهبي پابندين کان پاڻ کي آجو ڪر. جن پرينءَ جو ديدار ڪيو، تن مڙني مذهبن کان ڪنارو ڪيو.

    وائي
    مُون کي ڇَپَرِ مَ ڇَڏيجا، ٻاروچا! پَلَئ لَڳِي آهِيان.
    ڇورِي ڇِنِي آهِيان، نِينهُن نِباهي نيجا؛
    ڇورِي ڇَڏي ڇَپَرين، ڪيچِي! ڪِيمَ وَڃيجا؛
    پُنهون مُنهنجو آن سين، ساٿُ سلامَتَ نيجا.
    مون تان وَڙُ وِڃائِيو، اَئِين پنهنجو وَڙُ ڪَريجا؛
    جوڳِيڪو ويسُ ڪَري، سِگَھڙِي سارَ لَهيجا؛
    آرِياڻِي! عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مُون تي وَهِلو وَرُ ڪَريجا.

    اي ٻاروچا! مون کي جبلن ۾ نه ڇڏجو، مان اوهان جي دامن (سام) لڳي آهيان. مان ڇني ڇوري آهيان. اوهين پنهنجو پيا نباهي، مون کي ساڻ نجو. اي ڪيچيو! هن ڇوريءَ کي جبلن ۾ ڇڏي نه وڃجو! منهنجو پنهون اوهان سان آهي، ساٿ کي سلامتيءَ سان وٺي وڃجو. مون پنهنجو لائقي وڃائي آهي، اوهين پنهنجي لائقي ڪجو. جوڳياڻو لباس ڪري، جلد منهنجي سار لهجو. اي آرياڻي! (ڄام پنهون!) مون ڏانهن جلد ڀيرو (موٽ) ڪجو.

    داستان نائون

    1
    ڪاتِيءَ تان نه ڪَنهِين، مَنُ وِجُھلَڻَ وَڍِيو؛
    ماريَسِ سُورَ تَنهين، جو نه جِئاري، جيڏِيُون!

    اي سرتيون! منهنجي هنئين کي ڪنهن ڪاتيءَ نه، پر جهوريءَ ۽ جهڄڻ وڍيو آهي. مون کي اُنهيءَ درد ماري فنا ڪيو آهي، جو وري ڪنهن کي جيئڻ نه ٿو ڏئي.

    2
    جِئ مُنهنجو جَنِ، اَنگڙِيارو وَڍِيو؛
    پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان، سَڄو نه ٿِئي!

    جن جانبن منهنجو جسم آڏو اڀتو وڍيو آهي، تن جي وڃڻ پڄاڻا، اُن کي کڻي ٽوپا ڏيئي سبان، ته به اُهو وري سڄو ٿيڻو ناهي.

    3
    رو، وِسانئي راندِ، پَہَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا؛
    هوتَنِ سين هيڪاندِ، هُيَمِ ٻاٽي ڏِينهَڙا.

    سموري وندر ۽ رؤنشو وساري، تون هنجون هار ۽ پرينءَ جي ساٿ جي ارادن جو منجهه لهه. محبوبن سان منهنجي گڏجاڻي ٻه ٽي ڏينهن هئي.

    4
    رُئَڻُ ۽ راڙو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُھري؛
    ڪُٺَلِ کي قَلبَ ۾، قُرب جو ڪاڙهو؛
    هوتَنِ لَءِ هاڙهو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.

    مون نماڻيءَ جي گهر رودن ۽ روڄ آهي. هن وڍيل جي دل ۾ نينهن جو جوش آهي. مان محبوبن لاءِ هاڙهي جبل کي پنهنجي رت سان رجائي ڇڏينديس.

    5
    روئِي ڪَندِينءَ ڪوهُ؟ هاڻي ڪو هوتُ وَري؟
    جيڏيُون! جيڏوئِي ڪَيو، ساڻُسِ سيڻَ سِتوهُ؛
    ڊوهِي اَٿيان! ڊوهُ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري!

    روئي ڇا ڪندينءَ؟ هاڻي ڪو محبوب واپس ورڻو آهي ڇا؟ اي سرتيون! سڄڻ ساڻس (سسئي سان) وڏو ئي ظلم ڪيو آهي. قسم اٿو! متان ڪا مون سان ويساهه گهاتي ڪري!

    6
    کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَنگُر مَ ڏِيو؛
    هيڪَرَ اُجھايو، ڏيئي ٻُرَ لُهارَ جِئن.

    هن جليل کي نه جلايو. هن مصيبت ماريءَ کي آگ نه ڏيو. هيڪر لهار وانگر ڇنڊو هڻي، منهنجي اندر جي باهه کي اُجهايو.

    7
    تُون جي ڪالَھ مئِي، ته ڪالَھ ئِي گَڏِينءَ پِرِينءَ کي؛
    ڪَڏَهن ڪانَ سُئِي، ته ڪا سَگِھي گَڏِي سَڄَڻين.

    تون جي ڪالهه ئي مرين ها ته ڪالهه ئي پنهنجي جانب سان ملين ها. ڪابه ڪڏهن نه ٻڌي ته محبوب سان سنئين لڱين وڃين ملي.

    8
    اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳَ ۾!
    مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ مُنهنجو جيڏِيُون.

    اخر اڳي يا پوءِ ته مرڻو اٿم. ڀل ته محبت جي راهه ۾ فنا ٿيان. اي سرتيون! منهنجي خون بها وڃي جانيءَ تي پوندي.

    9
    مَرُ، مَٿا ڏيئِي، پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾؛
    ته سَرَتِيون سڀيئِي، واکاڻِينِئِي ويٺِيُون.

    ڪشالا ۽ جفائون ڪڍي، تون پنهونءَ لاءِ پٻ جبل ۾ فنا ٿيءُ ته مڙيئي جيڏيون ويٺيون تنهنجي ساراهه ڳائين.

    داستان ڏهون

    1
    واڪِيو واڪِيو وِک، پاٻوهِيو پيرُ کَڻي؛
    سي نه چَڙَهندِيون ڏِکَ، موڙي پيرُ، مَرَن جي.

    سسئي، هاڪارون ڪندي وک پيئي کڻي ۽ مشڪيو پير اڳتي پيئي وڌائي. اُهي سچي سينگار کي نه رسنديون (اهي سرخرو نه ٿينديون) جي پير پٺتي ورائي، ٿيون مرن.

    2
    وِجُھ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻِ لِکَ لَکائِيين؛
    ڏُکُ تِنين کي ڏِکَ، حُبُّ جنِين کي هوتَ جو.

    اڳتي وک وڌائيندي هل، متان ڪا ذري به ظاهر ڪرين. جن کي پرينءَ لاءِ نينهن آهي، تن لاءِ ڏک ئي سينگار آهي.

    3
    واڪو هَڏِ مَ لاهِ، سَڏَنِ مَٿي سَڏَڙا؛
    مانَ تُنهنجِي ڪاءِ، سَڳَر ۾ سارَ ٿِئي!

    تون واڪو ڪرڻ هرگز نه ڇڏ، سڏن مٿان سڏڙا ڪندي اچ. هن واٽ تي تنهنجي ڪا يادگيري پوين.

    4
    سُورَنِ سانڍيـياسِ، پُورَنِ پالِي آهِيان؛
    سُکَنِ جي، سَيَّدُ چئي، پُکي نه پِيياس؛
    جيڪسِ آئُون هُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جي.

    مان سورن جي سانڍيل ۽ پورن (فڪرن) جي پاليل آهيان. سک منهنجي تقدير ۾ ئي لکيا نه ويا، ڄڻ ته مان ڏکن جي ول جي ڳري هيس.

    5
    ڪِينهي طالِبَ تاتِ جا، نه ته آهي تاتِ تِيارُ؛
    ڏورِيان پيو ڏُڪارُ، گھورِندَڙَ کَڻي وِيا.

    حقيقي طالب (سچي عشق) جا سيڪڙو آهن ئي ڪين، نه ته طلب هڪي حاضر آهي. مان انهن جي ڳولا پيو ڪريان. پر انهن جو قحط (ڏڪار) لڳي ويو آهي. عشق جا وڻجارا پاڻ سان اُها امانت ئي کڻي هليا ويا.

    6
    ڪنهن جنهن نِينهَن نَنڌاهُ، جي مُون واجھائِيندي نه وَرو؛
    جيڪِي مُئي ڪنداهُ، سو جانبَ! ڪَرِيو جِئري.

    اوهين ڪهڙي محبت ۾ اڙيا آهيو، جو منهنجي واجهائيندي به نه ٿا ورو. اي محب! جيڪي منهنجي مئي کان پوءِ ڪندا، سو جيڪر منهنجي جيئري اچي ڪريو.

    7
    مَتان ٿِئين مَلُورُ، ڪِينَ اَڳاهون آهِيان؛
    ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏُورُ، حَدَ ٻِنِين جِي هيڪِڙِي.

    تون متان ملول ٿين، مان توکان پري ناهيان ڏسڻ ۾ ڄڻ پري آهيون. پر ٻئي گڏ آهيون، (هي بيت شاهه صاحب والد کي جواب ۾ چيو. اڳيون بيت سندس والد جو آهي.)

    داستان يارهون

    1
    جِئن اُتُنِ آرِيءَ ڄامَ، اُئَن تان اوٺِيُنِ نه ڪَيو؛
    ٻڙڪِي ٻاهَرِ نِڪِتِي، گاذَرِ مَنجھان گامَ؛
    ساهُ ڏِنائِين سامَ، سُتِي سَڳَـرَ پَٽِيين.

    جئن آريءَ ڄام (پنهونءَ) چين، تئن جتن ڪين ڪيو. ڌوٻياڻي (سسئي) ڀڙڪو ڏيئي، ڳوٺ کان (پنهونءَ جي ڳولا ۾) ٻاهر نڪتي. هن پنهنجي جان پنهنجي جانب تان صدقو ڪئي ۽ وڃي سفر وارن پٽن ۾ هميشہ لاءِ ستي.

    2
    لَڪِيُون! آن لَڳا، ڪي پلَءَ پانڌِيَڙَنِ جا؟
    توهان گَھڻيرو، ماءِ! رُوندا اُوءِ رَتُ وِيا.

    سسئي ٿي لڪين کي چوي ته ”اي لڪيون! اوهان کي پانڌين (پنهون جا) ڪي پلاند لڳا؟“ لڪيون جواب ٿيون ڏين ته ”اي جيجل! توکان وڌيڪ هو (تنهنجا جانب) رت روئندا ويا.“

    3
    ڏوٿِيُنِ چَيُسِ ”ڏُورِ، ڪيچُ اَڳاهُون پَنڌُ ٿِيو“؛
    پاڻا چَڙهِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.

    ڏٿ ڏوريندڙ چيس ته ”ڪيچ پري آهي ۽ اُن جو سفر نهايت دراز آهي.“ هن (سسئيءَ) پاڻ عشق جو اُمنگ ۾ تڪڙي وک وڌائي.

    4
    سَسُئِيءَ جِي سِرِيءَ سان، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي؛
    پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ هُئِي ماندِي؛
    لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئي، آرياڻِيءَ آندِي؛
    پُنهونءَ پيراندِي، نِماڻِيءَ نَصِيب ٿِي.

    سسئيءَ جي لاش جو ڪانڌي، پنهون پاڻ اچي ٿيو. هيءَ عورت پنهنجي پرينءَ جي ديدار لاءِ حيران هئي. آري ڄام لڪن تان نيئي کيس پاڻ ڀيرو ڪيو. هن نماڻيءَ کي، مئي کان پوءِ پنهونءَ جي پيرانديءَ کان دفن ٿيڻ جو شرف نصيب ٿيو.

    5
    هَيءِ ٿو وڃي هوتُ، آئُون ڪِ اَڳَـڀَرِي ٿِيان؛
    مَتان چوءِ بَلوچُ، ”ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو“.

    هاءِ! پنهون ڪاهيندو ٿو وڃي، مان به اڳڀري ٿيان. متان ٻروچ (پنهون) چوي ته ”ڪميڻيءَ مان ڪي ڪين وريو.“

    6
    ڪَمِيڻِيُنِ هَٿان، ٿينِ مُورائِين مَدِيُون؛
    تُون ڪَر پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجھا سُپرِين!

    ڪميڻين کان رڳو برايون ئي ٿيون ٿين. اي ٻاجهارا جابي! تون پنهنجون لائقيون ڪري، واپس ور.

    7
    نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي سڱِيڻِي؛
    آهِيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ ٻَروچِيءَ نه جُڙان.

    مان نڪي پنهون جي مائٽياڻي آهيان، نڪي سندس سڱ مون سان سونهي. مان ڪميڻي آهيان ۽ ٻروچ جي ذات جي لائق ناهيان.

    8
    ڪيـچِ مَ خَبَرَ هوءِ، هِنَ مُنهنجِي ذاتِ جِي!
    مَتان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ مُنهنجِي لوءَ ۾!

    شل ڪيچ ۾ منهنجي ڪل جي ڪنهن کي خبر نه پوي. متان منهنجي ڪري، پنهونءَ کي لوڪ ۾ لڄي ٿيڻو پوي.

    داستان ٻارهون

    1
    ڏِٺان جي ٻَروچُ، مُون جئن هوتُ اَکينِ سين؛
    مُون کي چَيان ”لوچ“، پاڻا پيٺِيُون ڇَپَرين.

    (اي سرتيون!) جي اوهين مون وانگر اکين سان جانب پنهون ڏسو ها ته مون کي چئو ها ته ”ڳولا ڪر“ ۽ پاڻ پهاڙن (سندس تلاش ۾) ۾پيهي وڃو ها.

    2
    ’ووءِ! ووءِ!‘ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻِ ’ووءِ!‘ وِسارِئين!
    پاڻِي هار مَ پَڌِرو، روءُ مَنجھان ئي رَتُ؛
    صَبُرُ وڏو سَتُ، سِگھا ميڙي سُپِرِين.

    ”هاءِ! هاءِ!“ (روڄ راڙو) ڪندي وت، متان روڄ راڙو وسارين، تون اکين مان پڌري پٽ ڳوڙها نه ڳار، پر اندر ۾ رت جا ڦڙا وهاءِ. صبر ۾ وڏي طاقت آهي. اُهو ستت ئي سپرين ٿو ملائي.

    3
    ماٺِ ماريندِيَءِ پِرِينءَ جِي، مَڇُڻِ، رُئِين رَت!
    ڇورِي! ڇَڏِ مَ سَتُ، هِمَتَ هوتُ وِڃائِيو.

    تو کي محبوب جو صبر ئي فنا ڪندو، متان رت جا ڳوڙها ڳاڙين. ڇوري! تون ستيا نه ڇڏج. خودي، پرين، هٿان وڃارايو ڇڏي.

    4
    جَڙَ جِئري جن سين، مُئي پڻ سين تَنِ؛
    جي هِتِ نه هوتُ پَسَنِ، سي ڪَنهن پَرِ ڪيـچِ پَسَندِيُون؟

    جن سان جيئري محبت جي ميخ اڙيل آهي، تن سان مئي کان پوءِ به اُها جڙيل آهي. جي هتي پرينءَ جو ديدار نه ٿيون ڪن، سي ڪيچ ۾ ڪيئن سندس مشاهدو ماڻينديون.

    5
    اَوجَھڙِ وَتان آنءُ، ٻِيُون سَڀِ سَڳَرِ ساٿَ جي؛
    جا نِينهَن ڳِنهَندِي نانءُ، سا مُون جِئن پَوندِي مامِري.

    مان ئي گهمراهه ٿي، وتان اوجهڙ رلندي، ٻيون سڀيئي پنهونءَ جي ساٿ سان آهن (مان ئي بي رهبر آهيان، ٻين کي رهبر آهن.) جا عشق جو نالو وٺندي، سا مون وانگر مصيبت ۾ اڙبي.

    6
    ٻَڌو ڪَنهن ٻَنڌاڻِ، هِنئڙو هوتاڻِيءَ سين؛
    ڪا جا پِييَسِ ڪاڻِ، نِبيرِيانسِ، نه نِبِري!

    منهنجو من، پنهونءَ سان اهڙي ڪنهن ٻنڌڻ ۾ اڙيو آهي ۽ اُن کي اهڙو ڪو پيچ پئجي ويو آهي، جو ڇنڻ جي ڪريانس ته به نه ٿو ڇڄي.

    7
    ڏُونگَـرُ ڏَنا نُوڻِ، مُون پارِکُو پُڇِيا؛
    هيڪِليُون هَلَنِ جي، سي تاڪُنِ سَندِي تُوڻِ؛
    اِي اَهُکِي ڀُوڻِ، سُونهَن رِءَ نه سُٿِرِي.

    مون ماهر ڄاڻن کان جبلن ۽ مٿانهن توڙي هيٺانهن پٽن جي پڇا ڪئي. جي هن واٽ ۾ اڪيليون ٿيون پنڌ ڪن، سي رهزنن جو شڪار ٿيون ٿين. هيءَ زمين (سچ جي واٽ) نهايت ڏکي آهي ۽ رهبرن کان سواءِ سُکي ناهي.

    8
    لَکين لوڙائُو، سَهَسين آهِنِ سُڃَ ۾؛
    بَرَ ۾ بورائُو، کَڻُ، پِيادِي! پاڻَ سين.

    هن سڃ ۾، لکين سهسين ڦورو ۽ لوٽو آهن. اي پنڌ ڪندڙ! رڻ ۾ پاڻ سان ڪو سونهون کڻ.

    9
    نِينهَن مَ نالو ڳِنُّ، پِرِيَتَڻي پيرَ ٻِيا؛
    سُورَن ساڻُ مَ ڇِنُّ، وِرهُ وِهائجِ وِتَرو.

    محبت جو نالو نه ڳنهه، عشق جون واٽون ئي ٻيون آهن. سورن سان ناتو نه ڇنج، برهه جو گهڻو وڻج ڪج.

    10
    سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِّ، تن ڳِچِيءَ سِرِ ڳَہُ ڪَيو؛
    ٻِيُون ڪوهُ ٻُجَھنِّ، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو؟

    جن پرينءَ کي ڏٺو آهي، تن کيس پنهنجي ڳچيءَ جو ڳهڻو ڪيو آهي. ٻيون ڪيئن اُن جو ڪيميا جهڙو ملهه پرکي سگهنديون؟

    11
    هارِي! هِنئون مَ لوڏِ، سُکَنِ پَوَندِينءَ، سَسُئِي!
    ڪوهِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَهَ قَطارِيو.

    اي موڙهل سسئي! تون دل نه لوڙه! توکي نيٺ سک پلئه پوندا. پنهون ڄام، تو وٽ ڪوڏ (شوق) وچان، اُٺن کي قطار ۾ وٺيو پيو اچي.

    12
    حُسيـنِي حُسينَ لَءِ، بِيبِيءَ پاڻَ چئِي؛
    تهان پوءِ ٿـئِي، خَبَرَ ٻِي خلقَ کي.

    حسيني سر، امام حسين لاءِ، پهرين سندس امڙ سڳوريءَ چيو. (يعني امام حسين جي شهادت جي ڏک ۾ هنجون هاريائين.) اُنهيءَ کان پوءِ ئي اُن جي پروڙ ٻين ماڻهن کي پيئي.


    سُرُ ليلا چنيسر

    داستان پهريون

    1
    داغُ تُنهِنجو دائِما، ماري مَعذُورين؛
    سائينءَ ڪارَڻِ سُپرين! وَڃِجِ مَ ڏُورين؛
    آءٌ تو حُضُورين، مَڻِيو وِجھان مَچَ ۾.

    تنهنجي ڏهاڳ جو داغ، هميشہ لاءِ ويچارين کي فنا ڪيو ڇڏي. اي جانب! ڌڻيءَ جي واسطي اسان کان پري نه ٿج. مان تنهنجي حاضريءَ ۾ مڻيو آگ ۾ اُڇلي ڇڏيان. (ليلا، نو لکي هار ڏانهن اشارو ٿي ڪري.)

    2
    مَڻِيو وِجھان مَچَ ۾، هائِيءَ هڻِي هارُ؛
    سوڀِي! سُکُ سيَّدُ چئي، ڪَرِئين ڪوهُ قَرارُ؟
    راجا رِيساڻو گھڻو، سَٽاڻو سردارُ؛
    چؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيہِ ڏَهڪارُ؛
    ٺاڪُرُ اکِيين ٺارُ، مَڻِـئي تي ٿِي مَٽِئين!

    مڻيو مچ ۾ وجهان ۽ باهه جي حوالي ڪريان. اي سندري! تون سک ۽ آرام ۾ ڪيئن ٿي گهارين؟ راجا غيرت وارو آهي ۽ جبرو حاڪم آهي، راجا چنيسر جو چئني طرف ملڪان ملڪ رعب آهي. اکين جي ٺار راجا کي تون مڻئي جي سودي ۾ ڏيئي ڇڏين! (اي طالب! دنيوي عيشن ۾ غرق ٿي، ڌڻيءَ جو وصل ٿو وڃائين!)

    3
    چَنيسَرُ چَؤرَنگُ، ٻِرَنگو لوڪُ ٻِيو؛
    تنهن سين ڇِنِيو سَنگُ، وَڃِيو هارَ هَٿُ ڇُهِين!

    جي جهان ٻرنگو (ٻن رنگن وارو يعني مڪار) ٿي ٿو هلي ته اڳيان چنيسر (ڌڻي) به چئن رنگن وارو (نهايت هوشيار ۽ حرفتي) اٿيئي. انهيءَ سان ناتو ڇني، وڃي هار کي ٿي هٿ سان ڇهين!.

    4
    مَڻِـئي تي موهِجِي، مُوڙِهِي ڪَيُءِ مَرَڪُ؛
    چئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ؛
    وَرِي ويو وَرَقُ، آيُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.

    اي موڙهل! مڻيي تي موهت ٿي، تو ناز ڪيو، زبان سان ڪڇي، تو چنيسر راجا ۽ پنهنجي وچ ۾ وڇوڙو آندو. هاڻ تقدير جو پنو اُٿلي، مٽجي ويو ۽ توکي ڏهاڳ (ڀتار کان جدائيءَ) جو ڏنڀ سهڻو پيو.

    5
    مَڻِـئي مَٿي جي هُئا، تِن چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ؛
    هارُ کَٽَندِيَسِ هوڏَ ۾، نيبَہُ ٿيندُمِ نِتُ؛
    ڪؤنرُوءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿاهُون ٿِيو.

    جي مڻيي جي مٿان جهلڪون هيون، تن منهنجو من ڏتاريو. مون ڀانيو ته شرط ۾ هار کٽينديس ۽ اهو مون کي هميشہ نيبهه ٿيندو. ڪؤنروءَ جي حرفت بازي مون کان اڳري ثابت ٿي. (اهي لفظ ليلا ٿي چوي.)

    6
    مَڻِيو ناهِ مَڻِـيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرکِـئين؛
    اَصۡلِ آهي اَڳَهين، سَندِيُون ڪُوڙَ ڪَڻِيـُون؛
    اِنَ گھوڙَنِ هَنئي گَھڻِـيُون، دوسَنِئان دُورِ ڪَيون.

    اِهو مڻيو، حقيقت ۾ مڻين (جهلڪن) وارو ناهي. جو هار تون ڏسي، موهجي ويئينءَ، سو اصل کان ئي ڪچ جي ڪڻين جو جڙيل آهي. انهيءَ مصيبت پئي هار، گهڻين ئي ڪامڻِين کي، پنهنجن محبن (ڪانڌن) کان وڇوڙيو. (دنيا جي ٻاهرئين ڏيک گهڻن کي ڌتاري، ڌڻيءَ کان ڌار ڪيو.)

    7
    تو جو ڀانيو هارُ، سو سُورَنِ جو سَڱرو؛
    چنيسَرُ چِتُ کـڻي، ٿِيو پورِهِيَتِ جو پارُ؛
    اَوَڻت جو آچارُ، ڪانڌ ڪَنهِين سين مَ ڪَري.

    جنهن کي تو هار سمجهيو، سو سورن جو ڳٽ هو. چنيسر توتان (ليلا تان) پيا کڻي، وڃي پورهيت (ڪؤنروءَ) جو پاسو ورتو. شل ڀتار، ڪنهن سان ڌڪار وارو ورتاءُ نه ڪري!

    8
    نه ڪِي هو ٻانهَڙِيُنِ ۾، نه ڪِي ڳَرِ هُئومِ؛
    نه مُون، سِينڌِ نه سُرمو، نه سِينگارُ ڪَيومِ؛
    تيلانہ ڪانڌُ سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ ڳِڙي.

    نه ڪي ٻانهن ۾، نه ڪي ڳچيءَ ۾ ڪو ڳهڻو هوم. نه مون سينڌ سرمو ڪيو، نه سينگار، تنهن ڪري ئي ڀتار مون اڻ سينگاريل کي ئي گهڻو ٿو گهري. (ڌڻيءَ وٽ اُهي ٿا قبول پون، جي سادگي ۽ اٻوجهائيءَ وارا آهن.)

    9
    سونا ڪُرَّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ؛
    ٻانهُوٽا ٻانهُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ؛
    تيلانہَ پِيَّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنهِنجي ڇَڏِئِي.

    ڪنن ۾ سونا پنڙا هئم ۽ ڳچيءَ ۾ ٻهڪندڙ هار. ٻانهن ۾ زيور هئم ۽ سينڌ ۾ سڻڀار وار. انهيءَ ڪري ئي منهنجي پريتم ڀتار، منهنجي پچر ڇڏي ڏني. (مون کان پاسو ڪيو.) (رب اُنهن سان ٿو رسي، جي سهڻا لباس اوڍيو، خلق کي موهڻ جي ٿا ڪن.)

    10
    اُو ڏَمِرِيو ڏِسُ! حِيلو هُنهَنيِن هارَ جو؛
    سُڻو سَڀ سَرَتِيُون! وَرُ نه ڪَنهِين وَسِ؛
    دَعَوىٰ پَهرِئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.

    هو ڏس ته مون تي اڳيئي ڏمريل هو، هار ته سکڻو بهانو هو. سُڻو اي سهيليون! ڪانڌ (ڌڻي) ڪنهن جي به وس ناهي. هو پهرئين ئي گهمري، اهڙي حجت کي ڀڃيو پرزا ڪيو ڇڏي.

    11
    پُوچا ڏِٺَمِ پـيرَ، ڍَڪَڻَ مٿي ڍولَ جا؛
    مون ڀانيو تَنهِن ويرَ، ڪوجِھي ڪَندو پَرِيئَڙِي.

    شاديءَ رات پنهنجي جانب (گهوٽ) جا پير ڍڪڻ مٿان ڏنگا ڏٺم. (جو بدسوڻ آهي.) مون انهيءَ ويل ئي سمجهيو ته هو مون پريءَ جهڙي ٻانهن کي ڪنهن ڏينهن اڀاڳي سمجهي ڇڏي ڏيندو.

    12
    سَوَڙِيـين سُتَڙِياءِ، پَکو سَهُو وِلارِيو؛
    چَنيسَرَ ڪانڌاءِ! تان مُون هِئَن نه ڀانئيو!

    هوءَ (ڪؤنرو) سهڻو محل والاري، توسان (چنيسر سان) اچي سوڙين ۾ ستي. اي ڀتار چنيسر! مون ائين هرگز نه سمجهيو. (اهي سخن ليلا ٿي چوي.)

    داستان ٻيو

    1
    ٿِڙِڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرِڪِي تَڪَبُّرَ ۾ پئي؛
    اَچِيو اَچِيو، ”اَڳَـلِي!“، چَئي لِيلا کي لوڪُ؛
    اندَرُ اوڀالَن سين، ساڙي ڪَيائُونس سوڪُ؛
    ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسرِي.

    ليلا، قيمتي شيءِ (هار) ڏسي، ڀلجي ويئي ۽ ٿڙڪي، وڃي خوديءَ ۾ پيئي. ماڻهو هر هر اچيو ليلا کي ”عيبدار“ سڏين. هُنن (ماڻهن)، طعنن سان هڻي، سندس اندر ئي جلائي ڪباب ڪري ڇڏيو. هن ويچاريءَ کان ٻالپڻ واري چلولائي ئي وسري ويئي.

    2
    هُئِينءَ ته گَھڻو هُوشِيارُ، ڪَلَ به هُيَئِ ڪانڌَ جِي؟
    تو ڀانيو موچارِي ٿيان، ڳِچئَ پائي هارُ!
    ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نه وَڻي، سَئين ڀَتين سِينگارُ؛
    وَهَمَ لَهي وِينجھارُ، دِليُون پَرکي داسَڙو.

    اي ليلا! تون هئينءَ ته نهايت سياڻي ۽ ڀتار جي به سڌ هيئي. تو سمجهيو ته ڳچيءَ ۾ هار پائي، سهڻي ٿي ٿيان؟ گهوٽ کي بيوفا ڪنوار جو سوين نمونن جو سينگار به نه ٿو وڻي. هو پارکو اندر جا ويچار ٿو پروڙي ۽ دلين جي پرک ٿو لهي. (ڌڻي، دل کي ٿو ڏسي، نه ٻاهرئين لباس کي.)

    3
    وڏيرِي هُياسِ، ميڙو مُون گَھرِ سَرَتِيين؛
    هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِياسِ؛
    ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.

    ليلا ٿي چوي، ”مان پٽ راڻي هيس ته منهنجي محل ۾ سهيلين جو ميڙاڪو متو پيو هوندو هو. هار کي هٿ لائڻ ڪري، ڀتار اڳيان ڪوڙي (اڻ وڻندڙ) ٿيس. جانب مون کي ڌڪي ڪڍيو ۽ ڏهاڳ جو ڏنڀ سهڻو پيم.“

    4
    وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
    دُهِلين دَمامين، نَقرين، ٿي پَلِپَلِ پُڇِياسِ؛
    ڍولي ڍيلِياسِ، ٿِـيَسِ ڏُهاڳِڻِ ڏيہَ ۾.

    “مان چنيسر جي راڄ ۾ پٽ راڻي هيس. منهنجي آجيان دهلن دمانن ۽ شرناين سان پئي ٿي. محب مون کي ڌڪي ڪڍيو ۽ جهان ۾ ڏهاڳڻ ڳڻڻ ۾ آيس.

    5
    وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
    دائِيين، ٻائِيين، دَرِبانَنِ، پَرِ ۾ ٿي پُڇِياسِ؛
    دُهلين دَمامين، نَقرين، ٿي وِچَ ۾ وِهارِياسِ؛
    هُيَسِ دادُلِي دوسَنِ جي، کَـڻي هَلڪِي هارَ ڪَياسِ؛
    تِنهان پوءِ ٿِياسِ، ڪانيارِي ڪانڌَ جِي.

    چنيسر جي راڄ ۾ پٽ راڻي هيس. محل اندر داين، ٻانهين ۽ دربانن منهنجي سلامي ٿي ڪئي. دهلن دمانن مڙني جي وچ ۾ ٿي وهاريائون. محبوب جي لاڏلي هيس، پر هار مون کي بي مانو ڪري ڇڏيو. اُنهيءَ کان پوءِ ڀتار اڳيان عيبدار ٿيس.

    6
    هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پِييَمِ ڪانَه پَرُوڙَ؛
    مَڻِئي سنَدي مامِري، ڪوجھي وِڌَيَسِ ڪُوڙَ؛
    سامُهان ٿِـيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽي وَلَهو!

    جڏهن پينگهن ۾ پئي لڏيس، تڏهن ڪل ئي ڪانه پيم. مڻيي جي بري وهنوار مون کي ڪوڙ ۾ وڌو. ڏُکن سامهون اچي منهن ڏيکاريم ۽ ڀتار مون کان رسي ويو.

    7
    لِيلا! جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
    وَرَ سين وِڙِهيو اُٿِـئين، مُوڙهِي! مُٺُءِ پاڻُ؛
    ڀوري! ڪَيُءِ ڀاڻُ، تي آيُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.

    اي ليلا! متان چنيسر سان ڪو وات هلائي، پاڻ کي ڏٺو ڪرين. اي موڙهل! شل تنهنجي خودي چٽ ٿئي (يا پاڻ کي جٺ ۾ وڌءِ)، جو ڀتار سان ويڇو وجهي اُٿينءَ. اي نادان! تو وڏائي ڪئي، تنهن ڪري ئي ڏهاڳ جو ڏنڀ سهڻو پيئي.

    8
    لِيلا! پُورِي نه پَـئِين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ؛
    تو جو ڀانيو پانهِنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ؛
    پاڻان ڌارَ پِرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنهنجو نه وَڻي.

    اي ليلا! چنيسر سان وات هلائي، تون پڄي نه سگهندينءَ. جنهن راجا کي تو پنهنجو سمجهيو، سو غيرت وارو اٿيئي. ڀتار کي پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به نينهن نه ٿو وڻي.

    9
    چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
    دوسُ تُنهِنجو داسڙو، کاندِ وَڏيائِي کاءِ؛
    ته ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي.

    اي ليلا! تون چنيسر سان وات هلائي. پاڻ ڏٺو نه ڪر. تنهنجو دلبر داسڙو (چنيسر) وڏي صبر ۽ ٿانءَ وارو آهي. (تون به صبر ڪندين ته) محبوب، جو تنهنجو پردو ۽ پناهه آهي، سو تنهنجا عيب ڍڪيندو.

    10
    چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! تُون مَ لکاءِ؛
    اِيُ ڪانڌُ ڪَنهِجو نه ٿِئي، نه ڪا مُون نه تُون؛
    رُئندِيُون ڏِٺيون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادليُون.

    اي ليلا! چنيسر سان وات هلائي، تون پاڻ ڏٺو نه ڪر. هي ڀتار ڪنهنجو ٿيڻو ناهي، نه منهنجو نه تنهنجو. مون هن در تي (بي پرواه ڌڻيءَ جي در تي) لاڏليون به رئنديون ڏٺيون. (سندس لاڏلا به هنجون هاريندا ڏٺم.)

    11
    لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي! سِکِـئين؛
    پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَرِيـبيءَ گَڏِ؛
    هَڏِ نه چَوَندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِـئَين ڪانڌَ کي.

    اي سهڻي ليلا! جي تون سچي واٽ سکين ته وسيلا ۽ حجتون ڇڏي ڏي. ڳچيءَ ۾ پلاند وجهي، پاڻ کي نهٺائيءَ سان شامل ڪر (نهٺي ٿيءُ). جي تون ڀتار کي نيزاريون ڪندينءَ ته توکي هرگز نه چوندو ته ”هتان هلي وڃ.“ (توکي هوگز نه پاڻ کان ڌار نه ڪندو.)

    داستان ٽيون

    1
    چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
    جان مُون پوءِ پَرُوڙِيو، ته هِيُ نه ماڻي ماڳُ
    ڏَمِرِيو ڏُهاڳُ، سِگھو ڏِئي سُهاڳِـڻِيين.

    متان ڪا عورت، چنيسر سان ناز نخرو ڪري. جڏهن مون پوءِ پروڙيو، تڏهن ڄاتم ته هي ماڻي ڪرڻ جو هنڌ ناهي. هو ڏمرجي، ترت ئي سهاڳڻين کي ڏهاڳ ڏيو ڇڏي. (ڌڻي اُنهن کان منهن موڙيو ڇڏي، جي خودي ٿا ڪن.)

    2
    چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري؛
    ڪانڌَ ڪَنهِين جو نه وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ؛
    جي ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.

    متان ڪا عورت، چنيسر سان ماڻو ڪري. ڀتار کي ڪنهن جي به وڏائي نه ٿي وڻي. جي داسڙو ٿوريءَ ڳالهه تان رسي ته پنهنجن دوستن کي ماري مات ڏيو ڇڏي.

    3
    سَڀيئِي سُهاڳِـڻيُون، سَڀـنِي مُنهَن جَڙاءُ؛
    سَڀَ ڪَنهِين ڀانيو پاڻَ کي، ته اِيندو مُون ڳَرِ راءُ؛
    پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسي پاڻُ لَڄائِيُون.

    سڀيئي سهاڳڻيون هيون ۽ سڀني جي منهن تي مڻين جي جڙت هئي. سڀ ڪنهن پنهنجي ليکي سمجهيو ته راجا منهنجي گهر ۾ پيهي ايندو. هو اُنهن جي در پيهي آيو، جي پاڻ کي ڏسي، (پنهنجا عيب پسي) شرمسار ٿي ٿيون.

    4
    اَوَڳُڻ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا!
    جِئَن تو رُسَڻَ سنديون رُوحَ ۾، تِئَن مون ڀيڻِي ناهِ ڀَتار!
    سائِينءَ لڳِ، سَتارَ! ميٽِ مَدايُون مُنهِنجيُون.

    اي داسڙا! تنهنجي در تي انيڪ عيبن سان آيس، جي تنهنجي دل ۾ رسڻ جون ڳالهيون آهن، ته اي ڪانڌ! پوءِ منهنجي پڄڻ جي جاءِ ناهي. اي پردو رکندڙ! ڌڻيءَ جي واسطي، منهنجون اوڻايون دل تان ميساري ڇڏ. (يا منهنجون اوڻايون درو ڪر).

    5
    جي مُون مُوڙهِي مَتِّ، ته تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!
    اصۡلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِئين تُون اَتِّ؛
    اِيَ، پِرَ! تُنهنجي پَتِّ، جِئَن وِلِهيُون ڍَڪِئين وَلَھا!

    اي محب! جي منهنجو هوش خطا ٿيو، ته تون پنهنجي شان کي سڃاڻج. تون گمراه ٿيلين جا توڙ کان ئي اپر عيب ٿو ڍڪين. اي پريتم! تنهنجو شان اهو آهي، جو تون ڀتار! عيبن وارين کي پردو ڏيئي ٿو ڍڪين.

    6
    ڪوڙين تُنهنجُون ڪامِڻِيُون، تون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌُ؛
    مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا! ته وَڃان نه وِڻِواندُ؛
    مون ڳِچيءَ ۾ پاندُ؛ تو، چنيسَرَ! هَٿَ ۾.

    سهسين من موهڻيون تنهنجون آهن ۽ تون ڪروڙين سندرين جو ڀتار آهين. اي داسڙا! مون کي ڏهاڳ نه ڏي، متان مان مهڻي وهيڻي ٿيان. اي چنيسر! منهنجي ڳچيءَ جو پاند تنهنجي هٿ ۾ آهي.


    سُرُ مومل راڻو

    داستان پهريون

    1
    ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙي، بابُو بيکاري؛
    سامِئَ سيلو سِرَ تي، مالا موچارِي؛
    ڏيئِي ڏيکارِي، ڦَٽي دِلِ فَقِيرُ وِيو.

    ڪالهه اسان کي (راڻي ۽ سندس يارن کي) هڪ رمتو ۽ بيک پنندڙ جوڳي يا سنياسي گڏيو. انهيءَ سواميءَ جي مٿي تي دشالو هو ۽ ڳچيءَ ۾ هڪ سهڻي مالها هيس. اهو ساڌو اسان کي درشن ڪرائي، سانجي دل گهائي ويو.

    2
    ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جَهِڙو ماهُ مُنِيرُ؛
    فَيضُ، فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِيو.

    ڪالهه اسان کي هڪ سنياسي گڏيو، جو چمڪندڙ چنڊ مثل پئي ٻهڪيو. اُهو ويراڳي جوڳي، اسان جي جيءَ ۾ (مومل لاءِ) نينهن جي اُٿل ۽ جدائيءَ جو آزار اُٿاري ويو.

    3
    ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِجَ کان پوءِ؛
    پَسو سُونهَن ساميءَ جي، رَتَ وَرنو روءِ؛
    جو مُنهِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنهِن مَسَ ٿِئي.

    ڪالهه اسان کي هڪ آديسي، سج اُڀرڻ کان هڪ پهر پوءِ گڏيو. جوڳيءَ جو جلوو ڏسو! هو اکين مان رت گاڏئون آب هاري پيو چوي ته ”جو مومل جي سامهون ٿو چڙهي، تنهن جو اتان واپس ورڻ محال آهي.“

    4
    ڪالَھه گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ بَرِي؛
    سائِي سالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِي سونَ سَرِي؛
    خَبَرَ ڏي کرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جي.

    ڪالهه اسان کي هڪ جوڳي گڏيو، جنهن جو بت ڌرتيءَ جي رنگ جهڙو هو (جسم تي ڀڀوت لڳل هوس). ساميءَ جي ڪلهن تي سائي رنگ جي شال هئي ۽ ڳچيءَ ۾ سوني مالها پيل هيس. ”اسان کي مومل جي ناز ۽ شوخيءَ جي سچي سڌ سڻاءِ.“ (جوڳي کي يارن چيو.)

    5
    بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي؛
    ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي؛
    ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.

    جوڳيءَ تي رڻ ۾ خمار چڙهي ويو. ڪاڪ محل جون ڳالهيون ڪندي. اکين مان لڙڪ لڙي آيس. سندس جان ۾ اهڙي ڪا ميخ لڳل هئي، جو مڙيل ڦٽ به کلي پيس.

    6
    سِجُّ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ؛
    اَچي ٿِي عَطُرَ جي، مَنجھان مُگَٽ‎َ بُوءِ؛
    سا ڏيکارِيَهُون جُوءِ، جِئان لاهُوتِي لَعلُ ٿيو.

    جو سوجهرو سورج سڀاڻي (اڀرڻ مهل) ڏيکاريندو، تهڙي جوت ساميءَ جي منهن ۾ هئي. سندس ڇٽ (مستڪ) مان عطر جي سرهاڻ پيئي اچي. من لاهوتيءَ اسان کي اُها منزل ڏيکاري، جتان پاڻ رنڱجي لال ٿيو.

    7
    جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسوروئِي نِينهَن جو؛
    پَتَنگَ جِئَن پيدا ٿِيو، سامِي سِجَّ وَڙاءُ؛
    آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِيو.

    جوڳيءَ تي نينهن جي نسوري جڙت چڙهيل هئي. سج ورنو (سج جهڙو ٻهڪندڙ) سوامي، پرواني جيان اچي اُتي پڌرو ٿيو. هو ڪاڪ جي تڙ کان آيل هو ۽ ڪنوارين (مومل ۽ ٻين سوڍين) جي نينهن، کيس رڱي لال ڪيو هو.

    داستان ٻيو

    1
    آءُ لانگوٽِيا لالَ! ڪَنهِن پَرِ ڏِٺِيُءِ گُجَرِيُون؛
    آبُ اَرتو اکِيين، لُڙڪَ وَهائِيين لال؛
    ڏِٺَءِ جي جَمالَ، سامِي! ڪُہُ نه سَلائِيين؟

    ”اچ، لنگوٽ پهريندڙ لال! تو گجر ذات جون سوڍيون ڪهڙيءَ طرح ڏٺيون؟ اي لال! تون اکين مان رت گاڏئان ڳوڙها پيو ڳاڙين. اي سامي! تو جيڪي حسن جا جلوا ڏٺا، تن جو احوال ڇو نه ٿو ڪرين؟“

    2
    گُجَرِ کي گَجميلَ جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون؛
    هڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَريُون زَبَرُون؛
    ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پسو پَرَڏيهِيُنِ جُون.

    (جوڳي ٿو چوي:) ”سوڍيءَ جي تارن ۾ رڪ جن ڪهاڙيون آهن. هوءَ اُنهن مان راجائن کي زور دار ڌڪ ٿي هڻي. ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي، پرڏيهي عاشقن جون تربتون ڏسو.“ (جن کي مومل جي عشق نهوڙيو هو.)

    3
    گُجَرِ گاروڙِيُنِ، اَچيو اَڏِي اُڀِيي؛
    مَٿان پيئِي تِنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هَڻَنِ جي.

    ”سوڍي (مومل) نانگ منڊيندڙ جوڳين جي سامهون اچيو سينو ساهي بيهي. (هوءَ خود اُنهن کي منڊيو ڇڏي) هوءَ اُنهن جي مٿان اَچيو ڪڙڪي، جي تزتيزر هڻي ڄاڻن.“

    4
    مُومَلَ ماري مِيرَ، آهيڙِيُنِ کي آڪَري؛
    سوڍِيءَ گھڻا سَڪائِيا، پَڙهِيا پَڻِتَ پِيرَ؛
    هَڻي تِنِ کي تِيرَ، مَڻِيو جن مَٿَنِ ۾.

    ”شوخ چشم مومل، امير شڪارين کي به ماريو فنا ڪيو ڇڏي. سوڍيءَ گهڻيئي ڏاها، پنڊت ۽ پير ڪنبائي ڇڏيا. هوءَ اُنهن کي ٻاڻ ٿي هڻي،
    جن کي سرن تي ڇٽ پهريل آهن.“

    5
    جوڳِيءَ جاڳائي، ماري وِڌو مامِري؛
    لَنؤ لُڊُوڻي ڪَنڌِيـين، اَمَيو آهي؛
    وَڃو جي ڪاهي، ته نِڪُون پَسو نِينهَن جُون.

    جوڳيءَ عشق جاڳائي، (چئن ئي يارن) کي وڏي ماجرا ۾ وجهي ڇڏيو. لڊوڻي نديءَ جي ڪپ تي (ڪاڪ محل ۾) اڻ ميو نينهن آهي. جي اُتي سٽون ڏيئي وڃو ته محبت جون نهرون وهندڙ ڏسو.

    6
    هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي نِينهَن اُڇَلَ؛
    نه ڪا جَھلَ نه پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي.

    هلو، هلو ڪاڪ جي تڙن تي، جتي عشق جي پلٽ آهي. اتي ڪا روڪ ئي ڪانهي، هر ڪو جانب جو ديدار ٿو ڪري. (هتي روحاني ولايت ڏانهن اشارو آهي.)

    7
    هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي گَھڙِجي نِينهُن؛
    نه ڪا راتِ نه ڏِينهُن، سڀڪو پَسي پِرِينءَ کي.

    هلو، هلو ڪاڪ جي تڙن تي جتي عشق ٿو گهڙجي (ڪاڪ محل عشق جو ضرب خانو آهي). اُتي نه رات آهي نه ڏينهن، هر ڪو جانب جو ديدار ٿو ڪري.

    8
    هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، چَرُو جِتِ چَڙَهنِ؛
    ڪوڙين رَنگَ رَچَنِ، پانوڙِيءَ پِڪَ سين.
    هلو، هلو ڪاڪ جي تڙن تي، جتي برهه جون ديڳيون ٿيون چڙهن. اُتي ڪروڙين نينهن جي رنگ ۾ رنڱجي، لال ٿا ٿين.

    9
    آکُون، ڊاکُون، سِرَکَنڊَ شاخُون، جِتِ چَوکا چَندَنَ ڪَؤنرَ؛
    مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نه ڀِرَنِ ڀَؤنرَ؛
    ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنرَ، ڪاهِ ته پَسُون ڪاڪِ جا.

    ڪاڪ محل ۾ اکڙوٽ، ڊاکون، چندن جا عمدا وڻ ۽ ڪنول گل رونق لايو بيٺا آهن. اُٺ (راڻي جي ڪرهي) اُنهن جو ساءُ ماڻيو، جتي ڀونر به نه ٿا گهمي گنجارون ڪن. سٽ ڏيئي هل ته ڪاڪ محل جون سندر ڪماريون (مومل ۽ سندس ڀينرون) ۽ ڪنول گلن جو لقاءُ ڏسون.

    10
    چَڙهِيا چارَئِي يارَ، سُوڌا شِڪارِي؛
    فِڪِرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي؛
    وِيا ڪاهِيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مُومَلِ موچارِي؛
    موٽِيا نه مارِي، ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.

    چارئي يار (راڻو ۽سندس ساٿي) جي ماهر شڪاري هئا، سي ڪرهن (اُٺن) تي سوار ٿيا. راڻي اُتي خيال هلائي ”ڪاڪ محل جي چشمي ۾“ سوپاري اُڇلي (جئن قصي ۾ آيل آهي). هو ڪاڪ محل ڏانهن ڪشيندا ويا، جتي سهڻي مومل هئي. اهي شڪاري وري ڪاڪ محل جا ڪنول گل اورانگهي واپس نه وريا. (راڻو ڪامياب ويو ۽ مومل ماڻيائين).

    داستان ٽيون

    1
    جَهِڙا گُلَ گُلابَ جا، تَهِڙا مَٿِنِ ويسَ؛
    چوٽا تيلَ چَنبيلِيا، هاها! هُو! هَميشَ؛
    پَسيو سُونهَن سَيَّدُ چئي، نِينهَن اچَنِ نيشَ؛
    لالَنَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نه اُڄَهي.

    جهڙا ويس گلاب جي گلن کي آهن، تهڙا لباس مومل ۽ سندس سرتين کي پهريل آهن. واهه! واهه! سندن چوٽا هر دم چنبيليءَ جي تيل سان واسيل آهن. سندن حسن ڏسي، عشق کي ڏنگ ٿا لڳن. آتڻ ۾، هن نازنين جا ويس وڳا ۽ هار سينگار ڏسي، حيراني ۽ ماٺ وٺيو وڃي.

    2
    جَهِڙا پانَنِ پَنَّ، تَهِڙِيون سالُون مَٿِنِ سائِيون؛
    عَطُرَ ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪَيائُون تَنَّ؛
    مَڙهيا گَھڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَّ؛
    سُنهَنِ رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَّ؛
    ڪَيائِين لال لَطِيفُ چئي، وڏا ويسَ وَرَنَّ؛
    مَنجِھ مَرڪِيَسِ مَنَّ: ”سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.“

    جهڙا پانن جا پن چهچ ساوا ٿين، تهڙي رنگ جون ئي شالون سندن مٿان پيل آهن. عطر ۽ عنبير سان پنهنجا جسم تر ۽ تازا ڪيا اٿن. سندن چوٽا ڳچ کٿوريءَ سان جهٻيل ۽ چندن سان واسيل آهن. هن حسين عورت (مومل) جا ڪن، سون ۽ چانديءَ جي مڻين سان سونهن پيا. شاهه لطيف ٿو چوي ته هن گهڻا هار سينگار ڪيا. هن اندر ۾ نهايت سرهي ٿي پئي چيو ته ”چڱو جو منهنجو سڱ راڻي سان ٿيو.“

    3
    سونَ وَرنِيُون سوڍِيُون، رُپي رانديُون ڪَنِّ؛
    اَگَـرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُوريون کَٽُنِّ؛
    اوتِيائُون عَبِيرَ جا، مٿي طاقَ تَڙَنِّ؛
    ٻاٽَنِ ٻيلون ٻَڌِيون، پَسِيو سُونهَن سَڙَنِّ؛
    ٿِيا لاهُوتي لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لَءِ پِريَنِّ؛
    اِجهي ٿا اچَنِّ، ڪاڪِ ڪَڪوريِا ڪاپَڙِي.

    سونهري رنگ جون سوڍيون، چانديءَ سان راند پيئون ڪن. سندن اوطاقن ۾ اگربتيون (چندن جي ٻوري جون بتيون) پيئون ٻرن ۽ سندن کٽن ۾ مشڪ جون سرهاڻيون آهن. هنن غسل خانن ۾ عطر سان ڀريل طس اوتي وڌا آهن. عاشقن اُتي قطارون اچي لڳايون آهن ۽ سندن حسن ڏسي، عشق ۾ جلي، ڪباب ٿيو ٿا وڃن. هو جانب جي ديدار لاءِ جوڳي ٿيا آهن. اجهي ٿا ڪاڪ جا رڱيل سنياسي (مومل جي عشق ۾ رڱيل لاهوتي) اچي سهڙن.

    4
    گُجَرِ گَھڻا گھائِيا، پاڻا لَڳُسِ گھاءُ؛
    مينڌَري مُلاءُ، لڳَسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.

    سوڍيءَ (مومل) گهڻن کي پنهنجي حسن سان گهايو. پر هينئر ماڳهين کيس وڍ لڳو آهي. راڻي مينڌري کان سندس ڪاپار ۾ تير لڳو آهي. (راڻي جو نينهن کيس ڦٽيو آهي.)

    5
    رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو، سوڍو سَڀِنِ سُونهَن؛
    لاٿَائِين لَطِيفُ چئي، مٿان دِلِيُنِ دُونهَن؛
    ڪانهي ٻِي وِرُونهَن، ٿِيو مِڙوئِي مينڌِرو.

    راڻي جي صورت جهڙو ٻيو ڪوبه مڙس ڪونهي. راڻو سڀني مردن جو زيب آهي. هن ڪيترين دلين جي مٿان ڪارنهن لاهي ڇڏي. (هتي ڪامل مرشد ڏانهن اشارو آهي، جو مطلب جي قلب تان ڪارنهن ٿو لاهي.) ٻي ڪابه پچار ناهي، هر هنڌ راڻو ئي پيو وسي.

    6
    ڪاڪِ نه جَهـلِيا ڪاپَڙِي، موهِيا نه مَحلَنِّ؛
    ٻايُنِ ۽ ٻانِهِيُنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجَھنِّ؛
    لکين لاهُوتِينِ، اَهِڙِيُون اورِيان ڇَڏِيُون.

    جوڳين جي ڪاڪ محل جي طلسم ڪين روڪيو ۽ نه وري هنن کي محلاتن ئي هرکايو، هو سانئڻين توڙي ڪنيزن (داسين) جي سونهن جي ڄار ۾ هرگز نه ٿا اڙجن. سامين اهڙيون لکين صورتون انهيءَ کان اڳ خاطر ۾ به نه آنديون.

    7
    ڪاڪِ نه جَھـلِيا ڪاپَڙِي، موهِيا ڪَنهِن نه مالَ؛
    سوڍِيُون سِجھائي وِيا، هَهِڙا جَنِين حالَ؛
    جي ڇورِيُنِ ڏِنا ڇالَ، تَپِ لاهُوتِي لَنگھي وِيا.

    جوڳين کي نه ته ڪاڪ محل جي طلسم روڪيو ۽ نڪي کين ڪنهن لالچ لچائي وڌو. جن جا اهڙا حال آهن (جي سڀ ڪجهه ترڪ ٿا ڪن)، سي گهڻين سوڍين (سهڻين زالن) کي پچائي ۽ لڇائي، اڳتي نڪري ويا. جي ڇورين ڇال ماريا، ته به لاهوتي سندن دام ۾ نه اڙيا، اڳتي نڪري ويا.

    داستان چوٿون

    1
    شَمَعَ ٻاريندي شَبَّ، پِرِهَ باکُون ڪَڍِيُون؛
    موٽُ، مَران ٿِي مينڌِرا! راڻا! ڪارڻِ رَبَّ؛
    تُنهِنجِيءَ تاتِ طَلَبَّ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.

    ساري رات بتي جلائيندي، اسر جي سوجهري اچي شاخون ڪڍيون آهن. اي راڻا! مينڌرا! تون ڌڻيءَ جي واسطي واپس ور. مان تو بنا مريو ٿي وڃان. تنهنجي سڪ ۽ ڳولا ۾، مون ڪاڪ جا ڪانگ اُڏايا آهن.

    2
    اُڀي اُڀارِيامِ، نَکَٽَ سَڀِ نَـئِي وِيا؛
    هِڪُ مَيو، ٻِيو مينڌِرو، سَڄِي راتِ سارِيامِ؛
    ڳوڙها ڳَلِ ڳاڙِيامِ، سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.

    بيٺي بيٺي تارا اُڀرايم (اُڀ ۾ ظاهر ٿيندا ڏٺم)، جي هينئر سڀ غائب ٿي ويا آهن. هڪ اُٺ (جنهن تي راڻو چڙهي ايندو هو)، ٻيو راڻو، ساري رات ياد ڪيم. ڳلن تان ڳوڙها ڳاڙيم، تان جو سج اچي پنهنجا ڪرڻا ڪڍيا.

    3
    ڪَتنِ ڪَرَ موڙِيا، ٽيڙُو اُڀا ٽيئِي؛
    راڻو راتِ نه آئِيو، ويلَ ٽَري ويئِي؛
    کوءِ سا کاڻِي راتِڙِي! پِريُن ري پيئِي؛
    مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، وڃِي ڍولو ڍَٽِ قَرارِيو.

    ڪتيون (تارن جا ميڙ) وچ آڪاس تان لڙي ويئون، راڻو رات مون وٽ نه آيو. سندس اچڻ جي مهل ٽري ويئي. اُها کوري کانئي رات ٻن پوي، جا جانب کان سواءِ گذارڻي پوي. منهنجو پرين (راڻو) مون کي ڏهاڳ جو ڏنڀ ڏيئي، پاڻ وڃي ڍٽ ۾ آرامي ٿيو.

    4
    راڻو ڪا راتِ ويو، ڳُجِھي ڳالھه ڪَري؛
    سوڍي رِءَ، سَرتيُون! هَڏ نه ساهَ سَري؛
    وَڃِي، مانَ وَري! آسائِتِي آهِيان.

    راڻو مونکي رات هڪ ڳجهو اشارو ڏيئي ويو (مومل جي ڀر ۾ پنهنجو لڪڻ نشانيءَ طور ڇڏي ويو). اي جيڏيون! راڻي بنا منهنجي جسم ۾ ساهه نٿو ماپي. شل وڃي واپس وري! مان آسوند آهيان.

    5
    سوڍي سُتي لوءِ، ڪا جا مون سين ڳالھ ڪَئِي؛
    سا جي پَڌَرِ پوءِ، ته سَرتِيوُن ڪانه سُمِهي.

    لوڪ سُتي، راڻي جا مون سان رهاڻ ڪئي، سا جي پڌري ٿئي ته، اي جيڏيون! اوهان مان ڪابه جيڪر ننڊ نه ڪري.

    6
    راڻا! تُنهِنجي راهَ تي، ڏيهاڻِي ڏيکان؛
    راڻي جِيءَ رِهاڻِ جُون، رُوحَ اندَرِ ريکان؛
    مُحَبَتَ جُون ميکان، تو سين، لالَ! لَپيٽِـيُون.

    اي راڻا! مان ڏهاڙي تنهنجي واٽ تي پيئي نهاريان. منهنجي روح ۾ راڻي جي صحبت جون تارون پيل آهن. اي سپرين! توسان منهنجون محبت جون ميخون جڙيل آهن.

    7
    آءُ، راڻا راحَتَ! ڌاڃَ ڌَرتِيءَ جا ڌَڻِي!
    سِڪَنِ ٿِيُون سُهاڳِڻـيُون، سوڍا تُنهِنجي سَٿَ؛
    مون تان لاهِ مَ هَٿَ، ڪامِلَ ڌڻِي ڪاڪِ جا!
    اي راڻا! منهنجي روح جي راحت! اي اَنَ ۽ ڌرتي جا سائين! اي سوڍا! سهاڳڻيون تنهنجي صحبت لاءِ تڙڦن ٿيون. اي ڪاڪ جا ڪامل خاوند! مون تان پنهنجي سايي جا هٿ کڻي نه ڇڏج!

    داستان پنجون

    1
    سَڱُ ڪري سين سِينهَنِ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَهِين؛
    رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتُون مَنجھان نِينهَن؛
    اِنءَ مَ وَسجِ عامَ تي، جِئَن مُومَلَ! وَسَنِ مِينهَن؛
    سندي حَشَرَ ڏينهَن، سوڍو سارِيندِينءَ گَھڻو.

    اي مومل! (اي طالب!) شير مڙس (راڻي يعني ڪامل مرشد) سان ناتو ڳنڍي، وري ڪڏهن به کائنس منهن نه موڙج. تون راڻي جي پٺيان (ڪامل مرشد جي رهبريءَ هيٺ،) شوق ۽ محبت سان هلج، اي مومل! تون عام ماڻهن تي پنهنجي سونهن جي ائين وسڪار نه ڪج، جئن مينهن وسڪار لائيندا آهن. (اي طالب! تو عام کان ڪنارو ڪج). تون قيامت جي ڏينهن سوڍي کي گهڻو ياد ڪندينءَ.

    2
    جا ڀُون پـيرين مُون، سا ڀُون مٿي سَڄڻين؛
    ڌِڱَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺا سُون؛
    ڏِينهَن مَڙيئِي ڏُون، اُٿي لوچِ لَطِيفُ چئي.

    جا زمين منهنجي پيرن هيٺان آهي، سا ساڳي زمين محبوبن مٿان آهي. (زمين هيٺان ڪيئي نازنين دفن ٿيل آهن.) اسان جنگ مڙس بيٺي بيٺي خاڪ ۾ لٽبا ڏٺا (مئي کان پوءِ دفن ٿيندا ڏٺا). جهان ۾ مڙيئي ٻن ڏينهن جو جياپو آهي، تون اُٿي پرينءَ کي ڳول.

    3
    راڻو ڀانيو راندِ، ڪِئَن وِڙُ رائِيـين؟
    وَرُ وِڏُوڻو اِيَهِين، جِئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ؛
    هَيءِ! ڀَڳِيَءِ هيڪاندِ، سوڍو سارِيندِينءَ گَھڻو.

    راڻي (ڪامل مرشد) کي راند يا مسخري سمجهي، تون ڪئن وڃيو ٻئي ڪنهن خسيس شخص کي ريجهائين؟ (مومل، پاڻ ريجهائڻ لاءِ، سومل کي راڻي جو ويس پهرائي، ساڻس ستي هئي.) اي مومل! توتي ڪانڌ اُنهيءَ ڪري ڏمريو، جو تنهنجي پلاند کي هڪ ڌاريو شخص اچي پهتو، (تو ڌاريي يعني سومل سان محبت اڙائي). هاءِ! تو وفا جو عهد ڀڳو، هاڻي راڻي کي ياد ڪندينءَ.

    4
    ڪاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِيا، جلِي مُنهِنجِي جانِ؛
    رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِيو، مارِيَس تَنهِن گُمانَ؛
    هَڏِ نه جِيان هاڻ! سِگھو موٽِجِ سُپِرِين!

    ڪاڪ محل جلي ويو، وڻ سڙي خاڪ ٿيا ۽ منهنجي جان ٻري ويئي (راڻي جي جدائيءَ ۾). هو پنهنجو لڪڻ رکي کسڪي ويو، انهيءَ ئي خيال مون کي ماريو آهي. اي سپرين! مان هينئر تو بنا هرگز نه جيئنديس. تون ترت واپس ورج.

    5
    ڪاڪِ ڪَڙِهي وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ؛
    تو پُڄاڻا سُپِرِين! هِنئَڙي اَچَنِ هولَ؛
    جي مون سين ڪَيَءِ قولَ، سي سِگھا پارِجِ، سُپِرِين!

    ڪاڪ محل جلي ويو، وڻ ٻري رک ٿيا ۽ رنگ محل سڙي پورا ٿيا. اي پرين! تو کان پوءِ، منهنجي دل کي خطرا ورائي ويا آهن. اي جانب! جيڪي واعدا تو مون سان ڪيا هئا، سي جلد پورا ڪج.

    6
    حال قُربانُ، مالُ قُربانُ، گھورِيان لُڊاڻو؛
    فِدا ٿِئَ فَقيرِ جو، شَلَ رُسي مَ راڻو!
    مُيَنِ سين ماڻُو، مُناسِبُ نه، مينڌِرا!

    راڻي مٿان منهنجو تن ۽ ڌن قربان! مان سندس مٿان لڊاڻو گهوري ڇڏيان. شل راڻو هن قربان ٿيل مسڪين سان رسي نه وڃي. اي راڻا! مينڌرا! فدا ٿيلين سان ماڻو (روسامو) ڪرڻ واجب نه آهي.

    داستان ڇهون

    1
    نه وارِثُ نه وَلَھو، نه سَڱُ، نه سِياڪو؛
    تو پُڄاڻا، سُپِرِين! آيُمِ اولاڪو؛
    پانڌِيا! پاراپو، ڏِجانءِ ڍاٽِيءَ ڍولَ کي.

    نه مون کي اولاد آهي، نه ڀتار، نه ساهرو عزيز، نه سڳو مائٽ. اي پرين! توکان پوءِ منهنجو جيءُ جلڻ لڳو آهي، اي قاصد! تون وڃي ڍٽ جي جانيءَ (راڻي) کي نياپو ڏجانءِ.

    2
    ڪَرَهو ڪَمِيڻيءَ تي، سوڍا! وارِ، سُڄاڻَ!
    ڪُہُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي؟ تَنَ توهِين ڏي تاڻَ؛
    لاهي غيرَ گُماڻَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيـين.

    اي سياڻا سوڍا! (راڻا!) تون پنهنجو چانگو هن ڪميڻيءَ ڏانهن ورائي اچج. مان ڪاڪ کي ڇا ڪريان؟ منهنجي تن جي ڪشش توڏانهن آهي. تون پنهنجا غبار ۽ شڪ دور ڪري، سڪندي جي اڱڻ اچ.

    3
    اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيـين، پرچِي پِيارا!
    پَلَڪَ پَراهُون نه سَهَنءِ، جِيءَ جا جِيارا!
    نِينهان نيزارا، سَڃِ، ته مانَ سُورُ لَهي.

    اي پرين! تون پرچي، سڪندي جي اڱڻ اچ. اي منهنجي جيءَ جا جيارا! مان هڪ ساعت به تنهنجو پاڻ کان پري رهڻ سهي نه ٿي سگهان. تون نينهن جا نيزا (دل چيريندڙ نگاهون) هڻ ته من منهنجو درد دور ٿئي.

    4
    پَسُ توشَڪُون، تَڪِيا، سيئِي وِهاڻا؛
    پَسِيو هَنڌَ، پَچي هِنئون، جي حَبِيبَنِ هاڻا؛
    هِڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻا، ٻِيو موٽِيو تان نه مينڌِرو.

    تون اچي منهنجون اهي ئي پٿرڻيون، طول ۽ وهاڻا ڏس. پرينءَ جا ورتايل (استعمال ڪيل) بسترا ڏسيو، منهنجي جان جلي پيئي. هڪ مائٽاڻا تاب سهڻا ٿا پونم، ٻيو راڻي، واپس ورڻ جي نه ڪئي.

    5
    سوڍا! سُورَ سُڪائِـيُون، اَکِـيُون آبُ نه ڪَنِّ؛
    راڻي جِيءَ رِهاڻِ کي، وِرُوڻِـيُون وَڃَنِّ؛
    سي ڪِئَن، مينڌِرا! مَچَنِّ؟ جي تو سُورِيءَ چاڙِهيُون.

    اي سوڍا! تنهنجي جدائيءَ جي درد، منهنجون اکيون خشڪ ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن مان سمورو پاڻي سڪي ويو آهي. راڻي جي صحبت لاءِ سڪندي، منهنجا نيڻ سڪيو وڃن. اي مينڌرا! جن کي تو سوريءَ تي چاڙهيو آهي (فراق ۾ ماريو آهي)، سي ڪئن آب ۽ تاب واريون ٿينديون.

    6
    مُون گَھرِ اچِي جي ٿِئي، مينڌِرو مِهماڻُ؛
    آڻي جھوڪِيان آڳِ ۾، ڄيري وِجھان ڄاڻُ؛
    تاڻي تَـنُورَنِ ۾، ڀيري هَڻان ڀاڻُ؛
    پيڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گَھرُ تَڙُ گھورِيان پِرَ تان.

    جيڪڏهن راڻو مينڌرو منهنجي نجهري ۾ مهمان ٿي اچي رهي، ته هوند پنهنجي خوديءَ کي باهه جي مچ ۾ آڻي وجهان. پنهنجي پاڻ پڻي کي گهلي، کورن ۾ هڻان. مان جيڪر پاڻ کي پيڪن سميت ۽ پنهنجو گهر تڙ پرينءَ تان گهوري ڇڏيان.

    7
    کوڙَ قناتوُن ڪاڪِ ۾، راڻا ويہُ رَهِي؛
    ماڙهُو جي مَحلاتِ جا، سوڍا ڪَجِ سَهِي؛
    وِيندِيَءِ ڳالِھ وَهِي، وِڪَرِ پَوَندين وَلھا.

    اي راڻا! تون ڪاڪ ۾ تنبو کوڙي اچي ويهي رهه. تون محلات ۾ رهندڙ اچي سڃاڻ (اچي اها ڳالهه پروڙ ته مون سان گڏ ڪير ستل هو). نه ته ڳالهه هٿن مان نڪري وينديءِ ۽ پوءِ اي ڀتار! پريشانيءَ ۾ پوندين.

    داستان ستون

    1
    ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ! ڪاڻِياري ڪاڪِ ڪَري؛
    آءٌ اَڳَهين آهيان، ٻَڌِي تُنهِنجي ٻولَ؛
    توکي ساري، سُپِرِين! رُنُمِ مَنجِھ رَتولَ؛
    ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَہُ مُون وِهُ ٿِيا.

    اي جانب! (اي راڻا!) تون هن مهڻي هاب (مومل) کي ڪاڪ ۾ ڇڏي، ڍٽ ملڪ نه وڃج. مان اصل کان تو سان ڪيل وچن سان ٻڌل آهيان. اي پرين! توکي سنڀاريندي، مون محل منجهه هنجون هاريون آهن. ويساهه ڪر ته مون کي محل ۽ مال اسباب زهر ٿي لڳا آهن.

    2
    سوڍي سِرُ نِيو، هِتِ ڪَرَنگَھرُ سَکڻو؛
    راڻي جي رِهاڻِ کي، سِڪي ساهُ پِيو؛
    پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رِءِ اَکَڙِيُنِ سين.

    سوڍو منهنجو ساهه پاڻ سان گڏ کڻي ويو، هت باقي منهنجو سکڻو هڏن جو بت وڃي رهيو آهي. منهنجو روح، صحبت لاءِ پيو سڪي. اي راڻا! تو کانسواءِ، مان پنهنجن سان، ٻيو ڪي ڪين ٿي ڏسان.

    3
    راڻي رِڻُ ڪَيو، جيڏِيُون! مُنهِجي جِيءَ سين؛
    مَنُ مينڌِري وَڍِيو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِيو؛
    ٻُجھان، ٻَهَرِ وِيو، هِنئون هَنڌِ نه هيڪِڙي.

    اي سرتيون! راڻي منهنجي جان سان نسورو ظلم ڪيو آهي. منهنجي دل کي مينڌري ڪپي ڇڏيو ۽ منهنجو جسم ڏڪي، ڪري پيو. مان سمجهان ٿي ته منهنجو من ٻاهر پيو رلي (راڻي جي تلاش ۾) ۽ هڪ جاءِ تي (اصلوڪي ماڳ تي) ناهي.

    4
    رُئان ٿي، راڻا! هَنڌَ نِهاريو حُجِرا؛
    پيئِي کِہَ کَٽُنِ تي، ٿِيا پَلَنگَ پُراڻا؛
    ڌَرِيائِي ڌُوڙا ٿِيا، وَرَ رِءَ وِهاڻا؛
    جايُون، گُلَ، جَباتَ، وَڻَ، تو رِءَ ڪُوماڻا؛
    مينڌِرا! ماڻا، تو رِءَ ڪَندِيَسِ ڪِنِ سين.

    اي راڻا! مان بسترن ۽ ڪمرن کي ڏسيو، ڳوڙها پيئي ڳاڙيان. کٽن تي دز چڙهي ويئي آهي ۽ پلنگ جهونا (بي رونق) ٿي ويا آهن. وهاڻا رکيي ئي ڌوڙ سان لٽجي ويا آهن. عمارتون، گل ۽ عطر عنبير ۽ وڻ ٽڻ ڀتار کان سواءِ، رنگ ۽ رونق ڇڏي ويا آهن. اي راڻا! تو کان سواءِ مان ڪنهن سان انگل آرا ڪنديس.

    5
    جِئَن ايندي ئِي موٽِئين، مينڌِرا! وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ؛
    وَرُ نه هُئين؟ وَلَھا! هُوندَ جٽِي مون جاڳاءِ؛
    ته سُتي جي ساڃاءِ، سوڍا! سِگِھيائي ٿِيَءِ.

    اي راڻا! تون جو ايندي شرط ئي واپس ورئين، سو وڏو ظلم ڪيئي. اي ڪانڌ! تون منهنجو ڀتار نه هئين ڇا، تون ٿورو ترسي، مون کي جاڳائين ها ته جيڪر ترت ئي مون سان گڏ ستل (سومل) جي ڄاڻ پئجي وڃيئي ها.

    6
    جڳ جِئَن تِي چوءِ، سوڍو تِئَن نه سِکِيو؛
    راڻو تِئَن نه رُوءِ، ڳوڙهو جِئَن ڳَلِ ڳَڙي.

    جئن ٻيو سارو جهان ڪڇندو آهي، تئن راڻو ڪڇڻ نه سکيو آهي. (مومل صبر جو سائين آهي.) راڻو ائين نه رئندو آهي. جئن لڙڪ ڳلن تان لڙن.

    7
    تِنِ باغَنِئُون بَسِّ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا؛
    سوڍي رِءَ سَرِتيُون! ڪاڪِ نه اچي ڪَسِّ؛
    راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙِيءَ جِئَن تاڻِيو.

    اُنهن بستانن کان مون بس ڪئي، جي ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي ڦلاريا بيٺا آهن. اي سهيليون! راڻي بنا، ڪاڪ محل مونکي نه ٿو وڻي. راڻي نوڙي (نينهن جي زنجير) ٻڌي، منهنجي جيءَ کي ٻيڙيءَ وانگر ڪشي ٻڌو آهي.

    داستان اٺون

    1
    ڪِينَ ساڱاهِيُمِ، سُپِرِين! جاڙُون ڪَيُمِ جالَ؛
    سوڍا! مون کي ڪالَ، موٽِي مُنهَن ۾ آئِيُون.

    اي جانب! مون ڪين ڌريو ۽ ڪيئي غفلتون ڪيم. اي سوڍا! ڪالهه اهي خطائون موٽي مون کي سامهون آيون. (انهن ڪري عذاب سهڻا پيم.)

    2
    خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلِ ٿِي مَتِّ؛
    صَبرُ ٿِيو سُپَتِّ، مُنهِنجي حَقِّ، مينڌِرا!

    اي راڻا! خبر هوندي به تو جيڪا ماٺ اختيار ڪئي، سا مومل لاءِ نصيحت هئي. تنهنجو اهو صبر، منهنجي حق ۾ سٺو مارڳ (رستو) ثابت ٿيو.

    3
    ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگھاڙِي؛
    ڏيئِي لِکَ لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪَيائِينمِ ڪاڪِ جو.

    مان اصل ۾ عيبدار ۽ ڪميڻي هيس، پر منهنجي پرينءَ مون کي پردو ڏيئي ڍڪيو. هن مون کي پناهه جو پاند ڏيئي، خود مون کي ڪاڪ جي ماڻهن لاءِ رحنت جو ڪڪر ڪري ڇڏيو.

    4
    سوڍا! صَبرُ تُنهنجو، مَرَڪُ لَڄايُنِّ؛
    چُپ سين جي چَوَنِّ، اَدَبُ ڪجي اُنِ جو.

    اي سوڍا! تنهنجو صبر، حياءَ ۾ ٻڏلين لاءِ فخر جو ڪارڻ آهي. (جي پنهنجن اعمالن ڪري شرمسار آهن. تن لاءِ فخر جو باعث آهي.) جي ماٺ وسيلي ڳالهائين (خاموشيءَ ۾ تنبيهه ڪن) تن جو ادب ڪرڻ جڳائي. (ڪاملن جي ماٺ ڪلام آهي ۽ سندن ادب ڪرڻ روا آهي.)

    5
    سوڍا! صَبرُ تُنهنجو، سيکاري سَهَسَ؛
    پُڄِي تِئان پَهَسَ، مون کي نَصِيبَ نيئِي جَھليو.

    اي سوڍا! تنهنجو صبر هزارين ماڻهن کي سبق سيکاريندڙ آهي. منهنجي تقدير مون وٽ پهچي، مون کي اتان زور سان روڪيو.

    6
    سوڍا! صَبرُ تُنهنجو، بي عَقُلَ آڻي بازِ؛
    سندي صَبُرَ سازِ، توبَہَ ڪارِيَمِ تَڪڙِي.

    اي سوڍا! تنهنجو صبر بي سمجهه انسانن (پوري پير تي نه هلندڙن) اکي سئين راهه تي آڻيندڙ آهي. صبر جي هٿيار مون کي تڪڙي توبهه ڪرائي.

    7
    جنين سندي مُنهَن ۾، نِهائِيُون نَڪَنِّ؛
    تِئان وَڍِيو هيڪِڙو، ته ڪَهڙو ٿورو تَنِّ؟
    سي مَرُ سُڃا ئِي سُونهَنِّ، جن ڀـلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي.

    جن جي منهن ۾ هڪ نڪ نه، پر نڪن جون نهائيون آهن. (جئن نهائين ۾ ڪيئي ٿانو هوندا آهن. تئن نر لڄِن جي منهن ۾ ڪيئي نڪ آهن.) جي اُتان هڪڙو نڪ وڍيو ته اُنهن کي ڪهڙي ڪمي؟ (هو شرمائڻ سان به نه ٿا شرمائجن.) اُهي، جنجي عزت ۽ آبرو مسڪينيءَ ۾ به قائم آهي. سي اڻ هوند ۾ به پيا سونهن.

    داستان نائون

    1
    راڻي جي رِهاڻِ مان، ڪو آديسِي آيو؛
    چوڏِهِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، ڪَيو سامِيءَ سَهائو؛
    لَٿو اُونداهو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سان.

    راڻي (ڪامل مرشد) جي سنگ مان هڪ جوڳي (روحاني قاصد) آيو آهي (طالب وٽ مرشد وٽان هڪ روحاني قاصد آيو آهي) انهيءَ جوڳيءَ چوڏس جي چنڊ وانگر سوجهرو (تجلو) ڦهلايو. جوڳيءَ جي شعاع سان اندر جو انڌڪار ختم ٿي ويو.

    2
    راڻي جي رِهاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي؛
    کَٿُورِيءَ خوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀِ واسي؛
    سُوڌو سَناسِي، اُتانهِين ٿي آيو.

    راڻي جي سنگ مان ڪو جوڳي آيو. جنهن سارو ڏيہ مشڪ جي سرهاڻ سان واسي ڇڏيو. هي مڪمل سامي اتان ئي (حقيقت جي درگاهه مان ئي) ٿي آيو آهي.

    3
    نَئون نِياپو آيو، راڻي مُلان راتِ؛
    لَڌِيسُون لَطِيفُ چئي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ؛
    ڪَهڙِي پُڇين ذاتِ؟ جي آيا، سي اَگِھيا.

    راڻي (ڌڻيءَ) وٽان رات هڪ نئون پيغام آيو آهي. شاهه لطيف ٿو فرمائي ته ”اسان کي سخا جي صاحب، ڌڻيءَ وٽان هيءَ ڏات ملي آهي: ”تون ذات پات جو ڪهڙو حسب ٿو پڇين؟ هن در تي جيڪي به ڪمائي ڪري آيا، سي قبول پيا.“

    4
    ڪيڏانهُن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چَؤڏِسِ چِٽاڻو؛
    مَنجِھين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِھين لُڊاڻو؛
    راڻو ۽ راڻو، رِءَ راڻي ٻيو ناهِ ڪو.

    مان چانگي (اُٺ) کي ڪهڙي طرف ڪاهيان؟ چؤطرف سهائو لڳو پيو آهي (چؤطرف ڌڻيءَ جو نور آهي، پوءِ هن خاڪي جسم کي ڪهڙي طرف ورايان؟) اندر ۾ ئي ڪاڪ جو رنگ محل آهي. اندر ۾ ئي لڊاڻو آهي، هر جاءِ (اندر توڙي ٻاهر) راڻو ئي راڻو پيو وسي، سواءِ راڻي جي ٻيو ڪي ڪين آهي.

    5
    ڪيڏانهن ڪاهِيان ڪَرَهو؟ چِٽاڻو چؤڌارَ؛
    مَنجِھين ڪاڪِ ڪڪوري، مَنجِھين باغَ بَهارَ؛
    ڪانهي ٻي تَنوارَ، ٿِيو مِڙوئي مينڌِرو.

    مان اُٺ کي ڪيڏانهن ڪاهيان؟ چئني طرف تجلو آهي. اندر ۾ ئي ڪاڪ جو رنگ رتول آهن ۽ اندر ۾ ئي چهچ چمن آهن، ڪٿي به ٻي ڪا وائي نه ٿي سڻجي، مڙني هنڌ راڻو ئي راڻو پيو وسي.


    سُرُ مارئي

    داستان پهريون

    1
    ’اَلَستُ بِرَبِّڪُم‘، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ؛
    ’قَالُوا بَليٰ‘ قَلبَ سِيـن، تَڏَهِن تِتِّ چَيومِ؛
    تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين.

    ”ڇا، نه آهيان، مان اوهان جو رب؟“ جڏهن اِهي سخن منهنجي ڪنن تي پيا، تڏهن مون دل و جان سان اُتي چيو: ”هائو“ اِنهيءَ مهل مون جهانگين (پنهنجن مائٽن) سان سچائيءَ جو واعدو ڪيو هو.

    2
    جَڏهِن ’ڪُن فَـيَڪُونُ‘، مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين؛
    تُون ڪِئَن وِجِهين تن کي، سُومِرا! شَڪُون؟
    هَمِيـرَنِ هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِــيُون!

    جڏهن ڌڻيءَ امر ڪيو ته ”ٿيءُ“ ۽ ڪائنات پيدا ٿي، تڏهن کان منهنجو هنئون مارن سان اڙيل آهي. اي عمر سومرا! تون ڪئن ٿو منهنجي جسم کي زنجيرون وجهين؟. اميرن (عمر ڏانهن اشارو) منهنجي جسم کي اجايو زنجيرون وڌيون آهن.

    3
    نَڪا ’ڪُنۡ فَــيَڪُون‘ هُئي، نَڪا مُورَتَ ماهَ؛
    نَڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرضُ گُناهَ؛
    هيڪائي هيڪ هُئي، وَحۡدانِّيتَ واهَ؛
    لَـکِيائِين لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجھاندَرَ ڳاهَ؛
    اکِــيُـن ۽ اَرۡواحَ، اِها ساڃاءِ، سُپِرِين!

    اڃا ڌڻيءَ ڪائنات کي رچڻ جو امر ئي نه ڪيو هو ۽ چنڊ جي تصوير ئي نه هئي. (اڃا چنڊ ئي پيدا نه ٿيو هو) نڪا ڪنهن کي نيڪيءَ جي خبر هئي نه وري ڪنهن جو گناهه سان واسطو هو. جڏهن رڳو ڌڻيءَ جي نسوري هيڪڙائي هئي، تڏهن مارئيءَ اتي ڳجهي پرولي پروڙي. اي جانب! منهنجي نيڻ ۽ قلب کي اُها تنهنجي شناس هئي.

    4
    ’قَيدُالۡـماءِ‘ ٿِيومِ، هِتِ اَڙانگي گھارِيان؛
    ’هِناڪَ جِسۡمِيۡ وَالۡـفُؤَادُ لَدَيۡڪُمۡ‘، هِنئون هُتِّ سَندومِ؛
    قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙاڪو سِين مارُئين!

    قسمت پاڻيءَ (ان جل) جو قيد آهي. مان ”هت (بند ۾) نهايت ڏکيائيءَ ۾ ٿي گهاريان. منهنجو بت هت ۽ هنئون اوهان وٽ آهي.“ شل ڌڻي سگهارو مارن سان منهنجو ميلاپ ڪرائيندو!.

    5
    جَهِڙو ’ قَيدُالۡـماءِ‘، تَهِڙو بَندُ نه ڪو ٻِيو؛
    ’جَفَّ الۡـقَلَمُ بِـمَا هُوَ ڪائِنٌ‘، لَـهي نه تِـرُ تِئاءِ؛
    عُمَرَ! تو هَٿاءِ، اَجائي ٿِئي آجِڙين!

    جهڙو ان جل جو قيد آهي، تهڙو ٻيو ڪو به قيد ناهي. ”جيڪي ٿيڻو هو، سو قلم لکي سُڪي ويو.“ اُن ۾ هڪ رتيءَ جو به فرق نه ٿو پوي. اي عمر! شل تنهنجي هٿان ٻڪرارن جو (مارئيءَ جو پاڻ ڏانهن ۽ مارن ڏانهن اِشارو) ڇوٽڪارو ٿئي.

    6
    رِءَ اِعرابِيُـنِ هِتِّ، گَھنگَھرُ گھارَڻُ مون ٿِيو؛
    ’بَڪَتِ الۡـعَيۡنَانِ فِـيۡ هَوَاڪَ دَماً‘، پُڄان ساڻُ پِرِتِّ،
    مَنُ، اَکِــيُون، تَنُ تِتِّ، جِتي جَنَبُ جيڏِيـين.

    جهانگيئڙن کان سواءِ مون کي هتي مونجهاري ۾ گهارڻو پيو. ”تنهنجي سڪ ۾ ٻنهي اکين رت رنو.“ شل اهڙو نينهن نباهيان. منهنجو هنئون، نيڻ ۽ جام اُتي آهن، جتي منهنجي سرتين جو جنم (منهنجو من ملير ۾ پيو وسي.) ٿيو.

    7
    هي هَنڌَ، ڀيڻِيـُون هاڻِ، ساڙِيان سڀِ ڏيهِيُـن ري؛
    ’ڪُلُّ شَيءٍ يَرجِعُ اِلىٰ اَصلِہٖ‘، ٿي جِھڄان جھانگِــيُـنِ ڪاڻِ؛
    ڀِرِي پَنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلِڪُ مَلِيـرَ جو!

    مان هي مڙيئي هنڌ ۽ مڪان، پنهنجي وطنين بنا، جيڪر جلائي خاڪ ڪري ڇڏيان.”سڀڪا شيءَ پنهنجي اصل ڏانهن ٿي موٽي.“ مان جهانگين لاءِ وجهلان پيئي. مان شل پنهنجي ماڳ تي موٽي، وڃي پنهنجو وطن ملير ڏسان!.

    داستان ٻيو

    1
    نَڪو ايرُ نه ڀيـرُ، نَڪو اوٺِي آيو؛
    مون وَٽِ آيو ڪونَ ڪو، ڀائِران ڀَري پيـرَ؛
    ڪِتابَتُون ڪيـرُ، آڻي ڏِيندُمِ اُنِ جُون؟

    نڪو ڪو سماءُ آڻيندڙ، نه ڪو پانڌي ۽ نه وري ڪو اوٺي (اُٺ تي نياپو آڻيندڙ) ئي آيو آهي. مون وٽ ڀائرن (ذات ڀاين) وٽان ڪو پير ڀري نه آيو آهي. مون کي هنن جا خط پٽ (خبرون چارون) ڪير آڻي ڏيندو؟.

    2
    اوٺِي! ڳوٺِي آڻِئين، ڪو هُتي جو هِتِ هيـرَ؛
    ته ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِــيَنِ سَرها سيرَ؛
    آءُ ته اکِيين اُگھان، جي پائُرِ ڏِنَءِ پيرَ؛
    اللهَ لَـڳِ لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ؛
    ڪوٺِيين گهاري ڪير؟ مَحَلين مُنجھي مُون هِنئون!

    اي اوٺي! تون ڪو هينئر هتي، هتي جو (ملير جو) ڳوٺائي آڻين ته ڪوٽن جا گس، جي بدبو هاڻا آهن، سي جيڪر خوشبودار ٿي پون. اچ ته تنهنجا پير، جي تو پائر (ٿر) ۾ گهمايا آهن، سي نيڻن سان اُگهي صاف ڪريان. خدا جي واسطي، تون ڪا دير نه لڳاءِ. هت ڪوٺين ۾ ڪير رهندي. محلن ۾ منهنجو هنيانءُ منجهي پيو.

    3
    جي اَمُرُ هَنيو اَڌَ ڪري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪِيئَن؟
    واڳِـــيُون جي وِصالَ سين، تنِين چاڙهي چِيهَن؛
    رُئان راتون ڏِينهَن، جِئَن اُن جي وائِيءَ ۾ وَرَ گھڻا.

    اُهي ورق ڪئن لکان، جي تقدير ڦاڙيو اَڌ ڪيو ڇڏي (لکئي کي ڪئن مٽايان.) تقدير، وصال (ميلاپ) ماڻيندڙ کي چکيا تي چاڙهيو، برهه جي باهه ۾ ٿي جلائي، راتيون ڏينهن انهيءَ ڪري ٿي رئان، جو مارن (ڪاملن) جي ڳالهائڻ ۾ گهڻا وٽ (ڳجهارتون) آهن.

    4
    ٿَـرَ ٿـرَ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ! ماروئَڙَنِ جا؛
    لاٿائون لَطِيفُ چئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ؛
    عُمَرَ! ڪَرِيو آکَ، پَهرِيو ٿي پَنَ چَران.

    اي عمر! ٿر جي هر هڪ وسيءَ ۾ ماروئڙن جا ٿاڻا آهن. هنن ڏک وچان لوئيءَ مٿان لاک جو رنگ لاهي ڇڏيو آهي. اي عمر! تون حڪم ڪر ته مال کي پهرائي، وڃي چارو ڪرايان.

    5
    سَهَسين سيبا ڪَنجرِي، لوئِي ليِڙَ ٿِيامِ؛
    اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَ ڪيامِ؛
    جا ڍَٽَ ڍَڪِيامِ، تَنهنجو پَرِوَرَ! پَنَ رَهائِيـين.

    منهنجي چوليءَ ۾ سهسين ٽوپا آيل آهن ۽ منهنجي لوئي ليڙون ليڙون ٿي پيئي آهي. مون اَباڻن وٽ وڃڻ جي آسري تي، اُن جي ڪتيل لوئي نه پهري. جا لوئي ٿر ۾ اوڍيم، تنهنجو اي ستار! شل پردو ڍڪين!.

    6
    سَهَسين سيبا ڪَنجُرِي، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ؛
    واسي وارَ نه ويڙِهيان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ؛
    مارُوءَ جي مُهاڙِ رِءَ، اَندَرِ ناهِ اُڪِيرَ؛
    هَهِڙو حالُ هَميرَ، وٺي شالَ ويڙهِ وَڃان!

    منهنجي چوليءَ ۾ سهسين ٽوپا آهن ۽ لوئي ليڙون ٿي پيئي اَٿم. وارن کي سرهاڻ مکي، چوٽي نه ٿي ڪريان. ڀل ته چڳون منجهيل رهن. ماروءَ جي منهن ڏسڻ ڌاران. ٻي ڪا به سڪ نه اٿم. اي همير سومرا! شل ههڙو حال ڌاري، جهنگ (وطن) موٽي وڃان.

    7
    سِبِي، سيبا ڏي، ڀورِي نِينهُن نه ڪَچوئي؛
    کَٿِيءَ وَٽِــيُون کُٿِيـُون، سَتِي سِيڻي سي؛
    مَڇُڻِ چَوَنمِ ڪي، ته لڄائِيُءِ ٿَرَ ڄائِــيُون!

    هيءَ معصومڙي (مارئي) چوليءَ کي ٽوپا ڏيئي پيئي سبي ۽ پنهنجو نينهن نه ٿي گهٽائي. هيءَ ستياڻي، لوئيءَ جي کٿل ڪنارين کي ٽوپا پيئي ڏئي. چي: ”متان ڪي مون کي ائين چون ته تو ٿاريلين کي لڄايو.“

    داستان ٽيون

    1
    پَٽولا پَنوَهارِيُون، مُورِ نه مَٿي ڪَنِّ؛
    جهُ لاکَ رَتائُون لوئِــيُون، ته سالُنِئان سُونهَنِّ؛
    اُنَّ ايلاچَنِئُون اَڳرِي، بَخِمَلَ بافتَنِّ؛
    سَکَـرَ ڀانئِيان سُومِرا! کَٿِي کان کُنهِبَنِّ؛
    جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِّ، سا لاهِيندي لَڄَ مَران.

    پنوهاريون ريشمي ويس وڳا هرگز نه ٿيون پهرين. جڏهن لويون لاک ۾ ٿيون رڱين ته اهي شالن کان ئي وڌيڪ سهڻيون ٿيون لڳن. اُن مان ڪتيل لوئي، ريشمي ڪپڙن بخمل ۽ بافتن کان وڌيڪ بها واري ۽ زيبائتي آهي. اي عمر سومرا! مان پنهنجي کٿي، ڳاڙهن (راجائي) وڳن کان وڌيڪ ملهائتي ۽ سهڻي ٿي سمجهان. جا لوئي اباڻن ڏني اٿم، تنهن کي لاهيندي لڄ ۾ ٿي مران.

    2
    آرَمَ هَڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽَ چِيرَ؛
    ٻانڌُوڻا ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ؛
    مارُوءَ سين شَلَ ماڻِيان، کَٿِــيُون جَهِڙيُون کِيرَ!
    اَندَرِ اُڃَ اُڪِيرَ، مُون کي پِرينءَ پنوَهارَ جِي.

    مان ارمڪ (ريشمي ڪپڙا) ۽ پٽ پٽيهر هرگز نه پهرينديس. قيمتي پوتيون، بافتا ۽ آسماني رنگ جا نفيس لباس مان ٻن وجهان. شل مان ماروءَ سان (پنهنجي ورکيت سين) کير جهڙيون اڇيون ۽ اوجل کٿيون وڃي ماڻيان. مون کي پنهنجي اندر ۾ محبوب پنوهار جي پياس آهي.

    3
    سونَ بَرابَرِ سَڳِڙا، مارُوءَ سَندا مُون؛
    پَٽولا پَنوَهارِ کي عُمَرَ! آڇِ مَ تُون؛
    وَرُ لوئي جي لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنيامِ جا.

    ماروءَ جي مڱڻي جا ڌاڳا مون لاءِ سون سما آهن. اي عمر! تون پنوهارڻ (مارئيءَ جو پاڻ ڏانهن اشارو) کي ريشمي لباس نه آڇ. جا لوئي اباڻن ڏني اَٿم، تنهن جي هر هڪ تند مون لاءِ نعمت آهي.

    4
    سونَ برابرِ سڳِڙا، لُون لُون بَرابَرِ لَکُّ؛
    رُپو جنهن رَدِّ ڪَيو، ڪوڙ تَنهِين کي ڪَکُّ؛
    مُون مارُوءَ جو مَکُّ، تيلُ نه لائِيان تُنهنجو.

    مون لاءِ اُهي ڌاڳا سون سمان آهن ۽ لوئيءَ جي تند تند لک جي ملهه جي آهي. جنهن چانديءَ کي ترڪ ڪيو (جو لا طمع آهي)، تنهن لاءِ ڪروڙ رپيا به ڪک مثل آهن. مون کي ماروءَ جي مڱڻيءَ جي تيل جو مک ڏنل آهي، مان تنهنجو تيل، وارن کي هرگز نه لائينديس.

    5
    تيلُ نه لائِيان تُنهنجو، مُون مارُوءَ جو مَنِّ؛
    ڪَرِيان ٻِي نه ڪَنِّ، آهَرَ اُنَهِين آهِيان.

    مان تنهنجو تيل هرگز نه لائينديس. منهنجي هنئين کي ماروءَ جي محبت جو مک (رنگ) لڳل آهي. ٻي ڪا به وائي نه سڻنديس. مان هن جي ئي آسري تي ٿي تڳان.

    6
    ڪَرايُنِ ڪَڙورِ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِّ؛
    سو مَرَڪُ مارُوئَڙنِّ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.

    جن ماروئڙن کي ڪراين (ٻانهن) ۾ ڪوڙا (شيشي جا) چوڙا پيل آهن، تن کي اُنهن شين تي فخر ۽ ناز آهي، جن کان ماڻهن کي جيڪر لڄ اچي.

    7
    ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اسان کي سُوءَ؛
    وَرُ جيڏِيُنِ سِين جُوعَ، فاقو فَرحَتَ ڀانــئِيان.

    اسان کي ڪراين ۾ ڪارا ڌاڳا ٻڌل آهن ۽ سون اسان لاءِ ماتم جي نشاني آهي. سرتين سان بک به مون لاءِ نعمت آهي ۽ انهن جي صحبت ۾ لنگهڻ ڪڍڻ مون لاءِ فرحت آهي.

    8
    اِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
    اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
    پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان.

    مارن جو اِهو دستور ناهي، جو سون جي لالچ تي پنهنجا سيڻ بدلائي ڇڏين. مان امر ڪوٽ ۾ اچي، اهڙي ڪڌي روش اختيار نه ڪنديس. اَباڻن پکن لاءِ جا محبت اٿم، سا محل جي ماڙيءَ سان هرگز نه مٽينديس.

    9
    وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيون، صحرا سَتُرُ جِنِّ؛
    گولاڙا ۽ گُگِريُون، اَوڇَڻَ اَباڻَنِّ؛
    ويڙهيا گُھمَنِ وَلِيين، جھانگِي مَنجِھ جَھنگَنِّ؛
    مُون کي مارُوئَڙَنِّ، سُڃَّ ڳَڻائِي سيڄَ ۾!

    منهنجي وطن جون اُهي ناريون مبارڪ آهن، جن جو پردو ۽ پناهه برپٽ آهي. منهنجن اباڻن جو ڍڪ ۽ لباس گولاڙا (جهنگ جو ميوو) ۽ گگريون (کونر جا وڻ) آهن. جهنگ جا رهاڪو ”مارو“ ولين ۾ ويڙهيا پيا گهمن (سندن چؤگرد وليون ئي وليون آهن.) مون کي ماروئڙن ڏاج ۾، وڳن جي بدران، سڃ ڳڻي ڏني.

    10
    پَلُرُ پِيَڻُ اَوڇَڻُ اُنَّ، جن جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ؛
    وِهَڻُ وَراڪَنِ ۾، اُنِ جِي اجوکِي اوطاقَ؛
    پاڻُ نه پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ؛
    عُمَرَ! اُوءِ نه عاقَ، ڏُکِيا جِمَ ڏُکوئِيين.

    جن جا پير صاف پٽن تي آهن (جي سڃن پوٺن تي پيا گهمن)، تن کي پيئڻ لاءِ مينهن جو پاڻي ۽ ڍڪڻ لاءِ رڍن جي اُن آهي. سندن رهڻ جي جڳهه، وڻن جي جهڳٽن هيٺ آهي ۽ سندن اجهي کي ڊهڻ جو ڪو به جوکو ناهي. هُو ويچارا بي فڪرا پنهنجي هستيءَ کي وساريو ويٺا آهن. اي عمر! اهي بي چيا (نافرمان) ناهن، اُنهن کي متان آزارين.

    11
    جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا!
    ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَرِيدَ؛
    سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا.

    اي عمر سومرا! جا تو وٽ عيد آهي، تنهن کي اسان ماتم ڪري سمجهيو آهي. ويچارا ماروئڙا، عيد جي خوشي ۽ خريداري بنهه ڀلجي ويا آهن. ملير جي مارن کي منهنجي اُڪير ئي ڪُهي ڇڏيو آهي.

    داستان چوٿون

    1
    مينڍا ڌوءِ مَ مارُئِي، پييَسِ پَنوَهاريون چِتِ؛
    راڄَ رُئاري، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتيجي هِتِ؛
    آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَــپَتِ؛
    وينگسِ ويڙِيچَن رِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ؛
    سُومِرا! سُپَتِ، ڪَرِ ته ڪوٽيان نِڪَري.

    مارئي وار نه ٿي ڌوئي، کيس دل ۾ پنوهاريون ياد آيون آهن. هيءَ هُتي جي (ملير جي مارئي) سڪ ۾ مارن جا راڄ پيئي روئاري. کيس ٿر جي پاسي جو وجهلڻ ۽ ڳاراڻو لڳل آهي. هيءَ سندري مارن کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه نه ٿي ٻڌي. اي عمر سومرا! تون سچائي ڏيکار ته مارئي ڪوٽ کان ٻاهر نڪري.

    2
    محلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِــيَمِ مُنهَن مَلُورَ؛
    اَڻِڀا سَڻِڀا نه ڪري، سُونهَن وِڃايَسِ سُورَ؛
    پِيَسِ لوهَ لَطِيفُ چئي، لَٿَسِ ڪوڏَ، ڪَپُورَ؛
    چِتَ جَنين جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نه ڪنديون.

    مارئي محلن ۾ ويڳاڻي ۽ منهن ۾ اُداس ڏٺيم. هوءَ پنهنجن اَڻڀن وارن کي تيل لڳائي سڻڀو نه ٿي ڪري، مارن جي جدائيءَ جي درد سندس سوڀيا زوال ڪري ڇڏي آهي. کيس زنجيرون پيئون آهن ۽ سندس سموريون سرهايون ۽ سرهاڻيون ڪافور ٿي ويئون آهن. جن جون دليون درد کان زبون ٿيون پيئون آهن، سي تيل لائي ڪوڏ نه ڪنديون.

    3
    ڪريو مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ:
    ”سُهِجُ سُورِي ڀانئِيان، سُومِرا! سَندوءِ؛
    مِلڪَ مارُوءَ جِي آهِيان، جورِ نه ٿيان جوءِ؛
    سو قَلَبُ ڪوٽ نه هوءِ، جو هُتيجَنِ هَٿِ ڪيو.“

    مارئي، ملير ڏانهن منهن ڪري، رويو بيٺي چوي ته ”اي سومرا! تنهنجو سک (عيش) مان سوري ٿي سمجهان. مان ماروءَ جي ملڪيت آهيان، زوريءَ تنهنجي زال نه ٿينديس. اُها دل، ڪوٽ ۾ قابو نه رهندي، جنهن کي هتي وارن (ملير وارن يعني مارن) قابو ڪيو آهي.“

    4
    بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوهَ ۾؛
    مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي.

    ٻيا قيدي آرام ۾ آهن، پر اسين زنجيرن ۾ ماندا آهيون. اسان جي جسم مٿان هميشہ سنڀاليندڙ (مارن) جي سڪ جي ترار لٽڪيل آهي.

    5
    لِنگڙِياري لوءَ ۾، جنِين لَءِ ٿِياسِ؛
    تنِين تِـرَ جيترو، پَلَڪُ نه پُڇِياسِ؛
    جَھروڪَنِ جھورِيو هِنئون، ڪوٺِــيُنِ آءٌ ڪُٺِياسِ؛
    مارُنِ مُنجَّھ مُياسِ، ناتَ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪينَ ڪِي.

    جن لاءِ جهان ۾ ليڙون لوڏيندڙ ٿي آهيان، تن هڪ ساعت رتيءَ ماتر به مون کي نه پڇيو. ماڙين منهنجي قلب کي ضربيو آهي ۽ ڪمرن مون کي ڪٺو آهي. مان مارن جي مونجهارن ۾ مئي آهيان، نه ته عمر جي ماڙين مون کي ڪين ماريو آهي.

    6
    جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي، ته سڀاڳومِ سَنئون،
    نِتُ نِتُ آهِ نَئون، مون کي پَسَڻُ پنوَهارَنِ جو.

    جي مان پنهنجي ڪانڌ ڀيڙي ٿيان ته منهنجو سڳورو بخت چئبو. پنوهارن کي وري ڏسڻ، مون لاءِ نئون ديدار آهي.

    7
    آئُون ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَهارَنِ پَچارَ؟
    جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُهارَ؛
    ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، هِنئڙي مَنجِھ هَزارَ؛
    پَکا ۽ پَنوَهارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهَن ٿِيا.

    اي سومرا! مان اُنهن پنوهارن جي سار کي ڪئن ترڪ ڪريان. جن جي محبت جي ميخ، منهنجي جان ۾ بنا ڪنهن لهار جي لڳي آهي. منهنجي دل ۾ سندن نينهن جا هزارين نيزا لڳل آهن. مون کي پکن ۽ پنوهارن کي ڏٺي، ڪيئي ڏينهن گذري ويا آهن.

    داستان پنجون

    1
    سُونهَن وِڃايَمِ سُومِرا! مارُو مَسَ مَڃِينِ؛
    ڏُنگا ڏاڏي پوٽِيين، ڪِنِ ڏنا، ڪي ڏِينِ؛
    جي مان لوهَ لاهِينِ، ته ڪوٽَنِ ۾ ڪِينَ هُئان.

    اي سومرا! مون هتي اچي پنهنجي سوڀيا (اخلاقي سونهن) وڃائي آهي. هاڻي مارو مون کي مشڪل قبول ڪندا. (مارن جي نظر ۾ هوءَ ڪريل هئي.) منهنجين سؤٽين مان ڪن مون کي طعنا هنيا آهن ۽ ڪي هڻن پيون. جي منهنجون زنجيرون لاهي ڇڏين ته ڪوٽن ۾ نه هجان. (زنجيرون= دنيا جا دام. ڪوٽ= دنيا)

    2
    سُونهَن وِڃايَمِ سومرا! ميرو مُنهُن ٿِيومِ؛
    وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسنَ ري.

    اي سومرا! مون پنهنجي سونهن وڃائي آهي ۽ منهنجو منهن ميرو ٿي پيو آهي. مون کي وڃڻو اُتي (اُنهيءَ ولايت ۾) آهي، جتي سونهن (اخلاقي جمال) بنا هلي نه ٿو سگهجي.

    3
    سُونهَن وِڃايَمِ سُومِرا، ٿيندِيَسِ ڪِئن قَـبُول؟
    ڪونهي سُهڳُ نه سُولُ، پُوچي مُنهُن پنوَهارَ سين!

    اي سومرا! مون هتي اچي پنهنجي سونهن وڃائي آهي. مان ڪئن مارن وٽ قبول پونديس؟ (هو مون کي اخلاقي طرح ڪريل سمجهي قبول نه ڪندا.) هن ڪوجهي منهن سان پنوهار (کيت سين) جو سهاڳ ۽ سندس صحبت جي راحت حاصل ٿيڻي ناهي. (کيت=مرشد ڪامل)

    4
    تِنِ مُنهَن موچارا مارُئين، مَلِيرُ جنِين ماڳ؛
    ناقِصَ نوازي گَھڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ؛
    اَڱَڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ تي هِيئَن ٿِيو.

    تن مارن جا چهرا نوراني آهن، جن جي رهڻ جو هنڌ ملير آهي. اُنهن جي نيڪ بختي گهڻن عيبدارن کي نوازيو ڇڏي. (هتي ڪاملن ڏانهن اشارو آهي، جن جي نيڪ صحبت، پٿر جهڙي انسان کي به گوهر ڪيو ڇڏي.) منهنجي انگ ۾ نڀاڳ لکيل آهي، تنهن ڪري ئي منهنجي سونهن هئن زبون ٿي آهي.

    5
    ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنِين جو اَڀاڳُ؛
    ’قُلۡ لَّنۡ يُّصِيۡبَنَآ اِلَّا مَا ڪَتَبَ اللهُ لَنَا‘، اِيُ مَعذِرَتَ ماڳُ؛
    سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِيو.

    سواءِ ڌڻيءَ جي ٻيو ڪوبه سگهارو ناهي. بدقسمتي سندس ئي طرفان آهي. ”چؤ ته ڪابه مصيبت اسان کي نه رسندي، سواءِ اُنهيءَ جي، جا الله اسان جي حق ۾ لکي آهي“ اها ئي عذر جي واٽ آهي. مارئيءَ لاءِ مڙيائي تقدير (سنئين توڙي ڏنگي) هڪجهڙي آهي.

    داستان ڇهون

    1
    جَھڙِي آيَسِ جِيئن، جي تهڙِي وَڃان تِن ڏي؛
    ته لالائِيءَ جا، لَطِيفُ چئي، ڪَرَ مُندُنِ اُٺا مِينهَن؛
    ماڙِيءَ لَـڳُمِ مِهڻو، سڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن؛
    ٿِــيَسِ ڪاڻِياري ڪانڌَ جِي، هِتي اَچي هِيئَن؛
    ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئن، مَنهَن مارُوئَڙَنِ جي؟

    جهڙي ئي پاڪدامن هتي آيس، تهڙي ئي جي تن (مارن) ڏي موٽي وڃان ته اُتي هوند لالاڻ (منهن ۾ خوشيءَ جي چمڪ) جا مندائتا مينهن وسي وڃن. مون کي ساري عمر لاءِ محل جي ماڙيءَ جو مهڻو لڳو آهي. هتي اچي ڀتار جي نظر ۾ هئن قصور وار ٿي آهيان. ماروئڙن جي پکن ۾ مان ڪئن منهن مٿي کڻنديس؟.

    2
    هيڪُ جِئن نه ڄاياسِ، ٻِيو ڄاپَندي جي مران؛
    گَھنگُھرُ گَھڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.

    هڪ ته جيڪر نه ڄمان ها ۽ ٻيو ته هوند ڄمڻ سان ئي مران ها. مان ڄمي ماروئڙن لاءِ پريشاني جو ڪارڻ ٿي آهيان.

    3
    سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومِرا! مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ، مِيرَ!
    ٿورين گَھڻين ڏِينهَنڙين، وِيندِيَسِ هُتِ هَمِيرَ!
    مَڇُڻِ مَنجِھ مَلِيرَ، ڪَنڌُ مَٿانهون نه کَڻان.

    اي سومرا حاڪم! مون کي ست (عصمت) ڀڃڻ جي صلاح نه ڏج. اي اَمير! مان ٿورين گهڻين ڏينهن موٽي هت (ملير ۾) وڃڻي آهيان. متان ملير ۾ منهن ئي مٿي کڻي نه سگهان.

    4
    مَ سَپَـنِي مارُئِي! مُئِي! مَ ڄائِي؛
    جنهن اَچِي عُمَرَڪوٽ ۾ لوئي لڄائي؛
    جا سانگِــيُنِ سِيڏائِي، سا ڪِينَ مَرڪي ماڙِيـين!

    شل مارئي پيدا ئي نه ٿي ها، شل مري وڃي ها، شل ڄمي ئي نه ها! جنهن امر ڪوٽ ۾ اچي پنهنجي لوئيءَ کي لڄايو (پنهنجي سيرت تي ٽڪو لاتو). جا سانگين (مارن) تي فدا آهي، سا ماڙين ۾ ويهي، هرگز مرڪ (فخر) نه ڪندي.

    5
    اَلا! اِئَن مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بَندَ ۾!
    جُسو زنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينهان روءِ؛
    پَهرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينهَنڙا!

    اي الله! ائين نه ٿئي، جو مان قيد ۾ ئي مري وڃان! منهنجو جسم زنجيرن ۾ قابو هجي ۽ مان راتو ڏينهان روئندي رهان. مان پهرين پنهنجي وطن وڃان، پوءِ ڀل منهنجا ڏينهن پورا ٿين.

    6
    آءٌ بَندِياڻي بندَ ۾، ڪِ ڪي پِيَسِ بَند؟
    مُنهِين لڳو مَهڻو، ڪِ مُنهِين ڪَڙو ڪَنڌِ؟
    مَران جي هِنَ هَنڌِ، ته نِجانءِ مَئِٿُ مَلِير ڏي.

    مان ڪنهن ڏوهه جي ڪري هن بند ۾ قابو ٿي آهيان يا بي قصور بند ۾ پيئي آهيان.؟ اها مان ئي آهيان ڇا، جنهن کي طعنو (بد اخلاقيءَ جو داغ) لڳو آهي ۽ مان ئي آهيان ڇا، جنهن کي ڳچيءَ ۾ لوهه جو ڳانو پيو آهي.؟ اي عمر! مان جي هن هنڌ (بند ۾) مري پوان ته منهنجو لاش ملير ڏي کڻي هلجانءِ.

    7
    واجھائي وَطَنَ کي، ساري، ڏِيان ساهُ؛
    بُتُ منهنجو بَندَ ۾، قيدِ مَ ڪريجاهُ؛
    پَرَڏيهِياڻي پِرينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاهُ؛
    ٿَڌِي وَسائِجانءِ ٿَرَنِ جي، مِٽي مُئِيءَ مَٿاهُ؛
    جي پويون ٿِئي پَساهُ، ته نِجانءِ مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.

    ساڻيهه (وطن) لاءِ سڪندي ۽ اُن کي ساريندي جي مان دم ڏيان ته منهنجو جسم قيد ۾ قابو نه ڪجانءِ. هن پرديسياڻيءَ (مارئيءَ جو پاڻ ڏانهن اشارو) کي سندس جانب (کيت سين) کان پري نه رکجانءِ. هن مُئيءَ جي مٿان (منهنجي لاش مٿان) ٿر جي ٿڌي واري وسائجانءِ. جي منهنجا پساهه پورا ٿين ته منهنجو لاش ملير ڏانهن کڻي هلجانءِ.

    8
    واجھائي وَطَنَ کي، ساري، ساهُ ڏِيان؛
    هِيُ سِرُ ساڙيہَ سامُهون، مُنهِنجو نِج، ميان!
    مُقامِياڻي مارُئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان!
    مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.

    جي ساڻيهه لاءِ سڪندي ۽ اُن کي ساريندي دم ڏيان ته اي امير! هي منهنجو سر، وطن طرف کڻي هلج. (منهنجو لاش ملير ڏي نج.) مان شل ٿر ۾ وڃي مارن جي وچ ۾ دفن ٿيان. جي منهنجو لاش ملير ۾ وڃي ته (مان) مئل به جيئري چئبيس.

    9
    واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
    گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
    ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
    مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.

    ساڻيهه لاءِ سڪندي جي هت مران ته، اي سومرا! منهنجي قبر پنوهارن (مارن) وٽ ٺاهج. اباڻي وطن جي ولين مان مون کي واس ڏج. جي منهنجو لاش ملير وڃي ته ڄڻ مري جيئري ٿيس.

    10
    ڳِچِيءَ ڳانا لوهَ جا، زيريُون ۽ زنجيِرَ؛
    پَيڪَڙا پَيرنِ ۾، ڪوٺِــيُن اندَرِ ڪِيرَ؛
    چارِي چؤگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ؛
    ڇَنِ نه ڇَڄي آهيان، اهڙيءَ سِٽَ سَرِيرَ؛
    مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَنوَهارِ کي.

    ڳچيءَ ۾ لوهه جا ڪڙا پيا اٿم ۽ هيٺان ڪڙيون ۽ زنجيرون پيرن ۾ ٻيڙيون پيئون اٿم ۽ ڪوٺين اندر ڪلا لڳا پيا آهن. ايوانن ۾ جاسوس پيا ڦرن ۽ وزير چوڪسي پيا رکن. اهڙي نموني ڪوٺيءَ ۾، هن زنجير ۾ جڪڙيل بت سان خوش نه آهيان. اي ملير جا مارو ڄام! تون اچي هن پنوهارڻ جي ڪا سار لهج.

    11
    زيرِيـين ٻيڙِيـين لوهَ ۾، ڳَٽَنِ ڪَيَسِ ڳاهُ؛
    سَنڪي سَندي سُومِري، هَڏِ نه چاڙهِيُمِ ماهُ؛
    سَرَتِيُون! دُعا ڪَجاهُ، ته ڀَـرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي.

    لوهه جي ٻيڙين، زنجيرن ۽ بند جي ڪڙن کيس (مارئيءَ کي) چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي. مارئي چوي ٿي ته، ”عمر سومري جي فڪر ۾ پنهنجي جسم تي هرگز ماس نه چاڙهيو اٿم. (ڳري ڪنڊا ٿي ويئي آهيان.) اي جيڏيون! دعا ڪجو ته شل لوئيءَ جي پت رهجي اچي.“

    12
    ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي، جَنهِن ۾ اڇِي اُنَّ؛
    ته پڻُ ويٺي وِنڌِيان، توڙي پَوَنـِسِ تُنَّ؛
    غافِلُ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ! مَنجِھ اَمُنَّ؛
    سَرتِــيُنِ ساڻُ سَمُنَّ، آهِمِ اُٺي مِينهَنڙي.

    شل اُنهيءَ لوئيءَ جي پت رهجي اچي، جا اڇي اُن مان ڪتيل آهي. توڙي منجهس ٽنگ ٿي پون، ته به اُن کي ويٺي رفو ڪنديس. اي عمر! هن مسڪين معصومڙيءَ کي سلامتيءَ ۾ رکج (سندس ست سالم رکج) سرتين سان، مينهن وسندي (سانوڻ جي مند ۾) ملڻ جو واعدو اَٿمِ.

    داستان ستون

    1
    پنوَهارَنِ پاٻوهِيو، وَرِيا واهُندا؛
    سارِيَمِ سيڻَ سَيَّدُ چئي، گاڏيلِيُون گُندا؛
    ڀِٽُن ڀَرِ هُندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.

    بهار جون هيرون موٽي آيون آهن ۽ پنوهارن خوشيءَ ۾ مرڪيو آهي. مون هينئر پنهنجا سڄڻ، مال جا گس ۽ سندس ڦرن جون جايون ياد ڪيون آهن. منهنجي موچاري ڪانڌ جا پکا هينئر ڀٽن جي ويجهو هوندا.

    2
    پَنوَهارَنِ پاٻوهِيو، ڪي وَسَ واهُندَنِّ؛
    لَٿو سِيُّ لَطِيفُ چئي، ٻَڌو ڦَڻُ ڦرَنِّ؛
    اُوءِ ٿا ڪورِنِ ڪُنئَرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِّ؛
    عُمَرَ! اُنَّ اَگُندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِّ؛
    پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَنِ نوراپَنِّ؛
    کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِّ؛
    ڪَڍِيو پيڻُ ڪَهَنِّ: ”مَلِيرِ گُهرجي مارُئِي!“

    بهار جي مينهن وسڪار ڪئي آهي ۽ پنهارن خوشيءَ ۾ مرڪيو آهي. هينئر هنن مٿان فڪر لٿو آهي ۽ چوپائي مال جي ڦرن (ٻچن) جا پير پختا ٿيا آهن. اي جيڏيون! هُو (مارو) گهيٽن جي پٺن تان نرم اُن ويٺا ڪورين. اي عمر! هو (ماروئڙيون) ڀتارن جي ڀر ۾ ويهي، بي فڪرائيءَ سان اُن ويٺيون ڪتين. پائر (ٿر) ۾ ڌائيندڙن ٻچن به پٺين تان اُن ڏني آهي. کائر (ٿر) ۾ سٺيون ۽ اوچيون کٿيون ٿيون اُڻجن. ماروئڙين پيڄي ڪڍي (لوين کي هڻڻ لاءِ) پيئون چون ته ”ملير ۾ مارئي گهرجي!.“

    3
    آڻِينِ ڪي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏيهاڻِي، سُومِرا!
    سَٿا ڪَيو، سَيَّدُ چئي، سائُون سُڪائِينِ؛
    مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چئي، چائُرَ ڪَيو چاڙهِين؛
    پُلاءُ نه پاڙِين، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.

    اي سومرا! ماروئڙا روز جو روز ڏٿ (جهنگ جو ان ۽ ميوو) گڏ ڪري آڻين ۽ اُن تي گذران ڪن. هو سائون گاهه ڍڳ ڪيو ٿا سڪائين. هو لنب جي گاهه مان چانور ڪڍيو ٿا رڌين. اي عمر! هُو پلاءَ کي به آراڙيءَ (اڇن گلن واري گاهه) جو مٽ نه ٿا سمجهن.

    4
    تِن وَنِهيَنِ ويڙِيچَن ۾، سَدائِين سُڪارُ؛
    چُنڊِيو، آڻِيو چاڙهِيُون، سَندو ڏَؤنرَنِ ڏارُ؛
    جن جو ويڙِنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي هوُنِ نه ڏُٻِرا.

    هنن سکين ويڙهيچن وٽ هميشہ سڪار آهي. اسين ڏؤرن جون ٽاريون آڻيون، اُنهن مان ڏؤنرا چونڊيو رڌيون. جن ڏوٿين جو جهنگ سان وهنوار آهي، سي ڪڏهن به اڻ هوند وارا نه ٿا ٿين.

    5
    ٿوري قُوتَ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ سَتِّ؛
    کَٿِيءَ ۾ کِہَ ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَنِ اهَڙِيءَ ڀَتِّ؛
    پَنوَهارَڪِي پَتِّ، پيهِي پُڇُ مَلِيرَ ۾.

    هو ٿوري کاڄ تي راضي آهن ۽ هميشہ سگها آهن ۽ سيل ۾ ٿا گهارين. هو کٿيءَ ۾ ويڙهجي ۽ دز ۾ لُٽجي، اهڙي پر گهمندا وتن، تون پنوهارن جي عزت ۽ آبروءَ جي پرک وڃي ملير ۾ لهه.

    6
    نَڪا جَھلَ نه پَلَّ، نَڪو رائُــرُ ڏيهَه ۾؛
    آڻِيو وِجَھنِ آهُرين، روڙِيو رَتا گُلَّ؛
    مارُو پاڻَ اَمُلَّ، مَلِيرُونِ مَرڪَڻو.

    ٿر ملڪ ۾ نه ڪنهن قسم جي جهل آهي نه ڍل. ماروئڙا، ڳاڙها گل، ٽارين تان پٽيو، اچيو آهرن ۾ وجهن. مارو پاڻ اَملهه (بي بها) آهن ۽ سندن ملير ٻهڪندڙ (تجمل ۽ شان وارو) آهي.

    7
    مَٿِنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَندڙا اَچَنِ؛
    کُڙِيُون کيہَ ڀَڪُلِيُون، پَگَھرُ سِرِ پيرَنِ؛
    اِي وَڙَ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏان ئي لَـکِيا.

    سندن سرن تي وڏا توڙي ننڍا کارا آهن ۽ هو پگهر چڪائيندا ٿا اچن. سندن کڙيون ڌوڙ سان ڀريل آهن ۽ سندن پيرن مٿان پگهر پيو وهي. اهي اُهڃاڻ جهانگين جا آهن، مون کين سندن لوڏ مان ئي سهي ڪيو.

    8
    دَرَ، دَروازا، دَرِيُون، هاڻي هِتي هو؛
    ڪوڙِيـين اَڏِيان ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تو؛
    جي مُلِ نه آيا، مارُئِي! تنِين رَڙُ مَ رو؛
    ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيءَ پنوَهارنِ ۾.

    عمر، مارئيءَ کي هرکائي چوي ٿو ته هاڻي هتي تنهنجي لاءِ محل جا دورازا ۽ دريون جوڙايان ۽ تنهنجي مٿان سهسين تنبو اڏايان. اي مارئي! جي مارو تو وٽ پٽيءَ نه آيا، تن لاءِ روڄ راڙو نه ڪر. پسيءَ تي گذران ڪندڙ پنوهارن سان ڪا مڙيوئي ويڌن آهي، جو توکي پڇڻ نه ٿا اچن.“

    9
    سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُ؛
    ويٺي سارِيان سُومرا! گولاڙا ۽ گاهُ؛
    هِنئو مُنهِنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماهُ؛
    پَکَنِ منجِھ پَساهُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.

    مارئي ٿي چوي ته ”منهنجو روح ماروءَ سان نينهن جي سنهي سئيءَ سان سبيل آهي. اي عمر سومرا! مان گولاڙا ۽ گاهه ويٺي ياد ڪريان. منهنجو من هُتِ (ملير ۾) آهي ۽ هت مٽيءَ جو بت ۽ ماس اٿم. منهنجي جان پکن ۾ آهي ۽ جسم ڪوٽ ۾.“

    10
    سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين منُّ؛
    هَڻِي کَڻَ حِلِمَ جا، تَہَ وِڌائِين تَنُّ؛
    ڪِئن ٽوپايان ڪَنُّ، اَباڻِي اِبرَ ري؟

    منهنجو من ماروءَ سان محبت جي سنهي سئيءَ سان سبيل آهي. هن حليمائيءَ جا ٽوپا ڏيئي، منهنجو بت (ڪپهه وانگر) تنهن ۾ ويڙهيو آهي. اباڻي سُئيءَ کان سواءِ مان ڪئن پنهنجا ڪن ٽوپائينديس؟ (جو تنهنجا ڳهڻا پايان.)

    11
    پاڇاهِي نه پاڙِيان، سَرَتِيُون! سُئِيءَ ساڻُ؛
    ڍَڪي اُگھاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪيائِين پاڻُ!
    ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اَوصافَ کي!

    اي سرتيون! مان بادشاهيءَ کي به سئيءَ جي مٽ نه ٿي سمجهان. هوءَ ننگن کي ڪپڙا ٿي پهرائي، پر پاڻ ڪجهه نه ٿي پهري. تون ٻيو دفعو ڄمي (مرڻ کان اڳ مري ۽ وري جيئرو ٿي) سئيءَ جي گڻن کي پروڙ.

    داستان اٺون

    1
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
    ’ڪَنان عَهدَ اَلَسۡتَ‘ جي، ڪِ تِهائِين پَري؛
    ’لَمۡ يَلِدۡ وَ لَمۡ يُوۡلَدۡ‘، مارُئِي ڪوهُ ڪَري؟
    اَڄُ ڪِ ڪالهه مَري، ساري سانڀِيَڙَنِ کي!

    هُو منهنجي من ۾ هُرن ۽ وسن پيا. انهن کي وسارڻ جي ڪريان ته اُن مان نه ڪي وري، نه ڪي سري (هُو هرگز نه ٿا وسرن). اُهي الست جي انجام کان وٺي منهنجي من ۾ پيا وسن يا اُنهيءَ کان به اڳي! ”هو يعني خدا نڪي ڄڻي ٿو، نڪي ڄائو آهي.“ مارئي ڇا ڪري؟ (منهنجو محبوب خدا ئي آهي.) هوءَ (مارئي) پنهنجن مائٽن کي ياد ڪندي، اڄ يا سڀان مري ويندي.

    2
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
    جن ٿي پَي پِياريو، مَنجھان سِڪَ سَري؛
    وَنهِيَنِ ويڙِيچَن جي، سِٽائُنِ سَري؛
    ٿَرَنِ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِيَڙا اُڪِري.

    هو منهنجي من ۾ هُرن ۽ وسن پيا. انهن کي وسارڻ جي ڪريان ته اُن مان نه ڪي وري، نه ڪي سري. اُنهن مون کي سڪ جي چشمي مان اوجل جل (يا کير يا لسي) ٿي پياريو. هوءَ (مارئي) شاهوڪار (سکين ستابن) جهانگين جي پکن کي ساري پيئي تڳي. هو پنهنجن ماڳن تي سامان سڙو ڇڏي ، مينهن جي مند ۾ ٻاهر نڪري هليا ويا.

    3
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِساريان ڪينَ وَرَنِّ؛
    ’لَـيۡسَ ڪَمِثۡلِہٖ شَيۡءٌ‘، پَسَڻُ ناهِ پِريَنِّ؛
    پَکا پَنوَهارنِّ، نيئِي اَڏِيا ناهِ ۾.

    هو منهنجي من ۾ پيا هرن ۽ وسن. مان پنهنجي پرين کي ڪين وسارينديس. (مارئي عزت وچان ور يعني ڀتار بابت جمع جي صورت ۾ ٿي ڳالهائي.) ڪابه شيءِ هن (الله) جهڙي ناهي. افسوس، جو مان اهڙي محبوب کي پسي نه ٿي سگهان. پنوهارن پنهنجا جهوپڙا وڃي سڃ ۾ اڏيا آهن.

    4
    چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رهيا اَندَرِ رُوحَ؛
    اُٺي وِيَڙا اُڪِري، مارُو مَٿي موهَ؛
    ويرُون وِلوڙَڻَ جُون، سارِيان گَھڻو صُبُوحَ؛
    وَرُ سي کارا کُوهَ، سِنجيَمِ جي ساڙيہَ جا!

    هو منهنجي من ۾ هُرن ۽ وسن پيا ۽ هميشہ روح ۾ سمايا پيا آهن. مينهن جي مند ۾، ماروئڙا پٽن (ساون ميدانن) تي نڪري ويا. اسر جو، کير ولوڙڻ جو مهلون گهڻو ياد ٿي ڪريان. اُهي وطن جا کارا کوهه مبارڪ آهن، جن مان پاڻي ٿي ڪڍيم.

    5
    بِيـَرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَهُون؛
    سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ وير وَهُون؛
    پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِّ ڪِهُون؛
    ڏِينهان ڏينهن نَئون، مُون کي وِرِهُ ويڙِيچَنِ جو.

    هنن برپٽ ۾ کوهه کنيا ۽ ٻڪرين کي پاڻي ٿي پيارين. سٺ پره اونهن (ٽن سون فوٽن جي اونهاڻ وارن) کوهه مان، زالون اسر جو وڃيو پاڻي ڪڍن. هو ٻوڪن ۾ پاڻي وجهيو، خوشيءَ وچان چيهون پيئون ڪن. مون کي ماروئڙن لاءِ عشق نت نت نئون آهي.

    6
    آڌِيءَ اُٿَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَ ۾؛
    وارو ويسِرُينِ ڏِينهان ڪونه ڏِئي؛
    مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي وِيا!

    هو (ماروئڙيون) آڌيءَ رات جو انهيءَ ڪري ٿيون اُٿن، جو کوهن جو پاڻي هيٺ پاتال (اوڙاهه) ۾ آهي. ڏينهن جو سست عورتن کي پاڻي ڀرڻ جو وارو ڪو به نه ٿو ڏي. (ڏينهن جو مردن ۽ ڍورن جي پيهه هوندي آهي.) مون ڪميڻيءَ کي، کوهه تان زوريءَ کنڀي کڻي ويا.

    7
    سَرِتِيُنِ سِنجَڻُ ڇڏِيو، سَتِيُنِ ڳالِھ سُئِي؛
    ماريچِي ماڙِيُنِ ۾، ڪَڏَهِن ڪانَ هُئِي؛
    عُمَرَ! آءٌ نه مُئِي، ان اوڀالِيان اَڳَهِين.

    سرتين کوهن تان پاڻي ڀرڻ ئي ڇڏي ڏنو، ڇو ته اُنهن ستين مارئيءَ جو کڄي وڃڻ جي ڳالهه ٻڌي. ڪنهن ٿر ڄائيءَ ماڙين ۾ اڳ ڪڏهن به گهاريو هو. اي عمر! مان انهن مهڻن سهڻ کان اڳيئي ڇو نه ٿي ميس!

    8
    ڀِـنِيءَ جي ڀُوڻَنِّ، ڀيڄَ ڀُـڻِڪو نه سُڻانِ؛
    سِنجَڻَ وارِيون سُتِيُون، وڃِي ويڙهِ وَرَنِّ؛
    پِيا سيٽَ سَڙَنِّ، تَرَهي ٻِنهي ڪنڌِيين.

    جي اسر جو اُٿي کوهه تي ڀيرا ڏين يا ڀُوڻ ڦيرائي پاڻي ڪڍن، تن جو پره ڦٽيءَ جو ڀڻڪو نه ٿي سڻان. پاڻي ڀرڻ واريون وڃي ويڙهه ۾ پنهنجن ڪانڌن وٽ ستيون آهن. کوهه جي ٻنهي ڪنڌين تي رسا (نڪما ٿيا) پيا سڙن.

    9
    عُمَرَ! ٿِـيَمِ اَپارَ، وِرَهُ وَٽِيان ڪِنِ سين؟
    ڏوٿِـيَڙا ڏُورِ ٿِيا، تَڳان جِن تَنوارَ؛
    سِٽائُون سَنگھارَ، کُوهَنِ تان کَڻي وِيا.

    اي عمر! منهنجا مارو پنهنجي ورت ۾ ئي رڌل آهن، مان ڪن سان نينهن ونڊيان؟ اُهي ڏوٿيڙا، جن جي تنوار (مٺي لات) دل تي آڻي پيئي تڳان، سي مون کان پري آهن. مارو پنهنجا مانڊاڻا، کوهن تان کڻي هليا ويا. (هو مينهوڳيءَ ۾ جهنگن ۾ هليا ويندا آهن.)

    داستان نائون

    1
    جُھڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا؛
    هِنَ مُنهِنجي حالَ جو، قَدُرُ نه ڪيڻانِ؛
    جيڪُسِ آءٌ وِسِرِيانِ، مارو قُوتَ قَرارِيا.

    جتي مينهن جو وسڪارو ٿئي. تتي مارن وڃي پنهنجا پکا اڏيا. کين هن منهنجي حال جو قدر (احساس) ئي ڪونهي. شايد مان ڏٿ تي راضي رهندڙ مارن کي وسري ويئي آهيان.

    2
    جُھڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيها، چِلُڙَ چِڪَ؛
    اَندَرُ ٿو اُڃَ مري، ساهُ اُنِين جي سِڪَ؛
    پِيَهُون شالَ پَهيُون ڀري، تِئان ڏيئي تِڪَ؛
    وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ ڀَرِيائي گھورِيا!

    مارن مٿان جت برسات وسي آهي، تت گاهه، گپ ۽ چڪ آهي. منهنجو قلب اُنهن جي پياس ۾ مري ٿو، منهنجي جان اُنهن جي سڪ ۾ جهڄي ۽ جهري ٿي. شال اُتان وٽيون ڀري، ڳيتون ڏيئي پيئون! پرينءَ سان هڪ سرڪي به نعمت آهي، ٻيا پيالا ئي گهوريا.

    3
    ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَهِيَنِ مارُوئڙَنِ جا؛
    پائُـرُ سَڀِ پَچِي پِيو، گَھرِ گھارِيندي ڪيرَ؛
    ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون هِنئون.

    ڍٽن پٽن تي سکين ستابن مارن جا پکا اڏيل آهن. سارو ٿر آباد ٿيو آهي. هاڻ گهر ۾ ڪير ويهي رهندي.؟ مون کي ڪوٺين ۾ زنجير لڳل آهي ۽ محلن ۾ منهنجي دل ماندي آهي.

    4
    هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ويڙِهين وَڳَ وارِينِ؛
    ڇَڇِيا ڇيڪاريو ڇيلِڙا، پَٽين پَهرائِينِ؛
    نيڻَ مُنهِنجا اُنِ کي، جَھجھو جَرُ هارِينِ؛
    تاڙا تَنوارينِ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.

    هن رت ۾ مارو سرها آهن ۽ ويڙهين ۾ پنهنجا ڌڻ پيا ورائين. هو تراين تي ڇيلڙا ڪاهيون اُنهن کي ساون پٽن تي پيا چارين. منهنجو اکيون انهن لاءِ ڳچ آب پيئون هارين. تاڙا پيا تنوارين، هينئر برساتون وسنديون. اي مارئي! تون موٽي ماڳ وڃ.

    5
    هِنَ مُندَ مارو سَنَرا، کائُرَ ۾ خُوشِحالَ؛
    سائُون، سِيارِڇُ، مَکَـڻِي، جيڏِيُون! آڻِنِ جالَ؛
    سَتِيءَ جِي سَيَّدُ چئي، ڪا ساڙيہَ مَنجِھ سَنڀالَ؟
    لِڱَنِ تان، لَطِيفُ چئي، لوئِي لاهِ مَ لالَ!
    ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.

    هن رت ۾ مارو سرها آهن ۽ ٿر ۾ آسودا آهن. سرتيون سائون، سيارڇ ۽ مکڻي (گاهه ۽ ولين جا قسم) گڏ ڪري، جام ٿيون آڻين. هن ستياڻيءَ (مارئيءَ) جي (شاهه صاحب ٿو چوي) وطن ۾ ڪا ڪنهن کي يادگيري آهي؟ اي لال! (مارئي!) پنهنجي بت تان لوئي نه لاهج. ڌڻي سڳورو ڀلايون ڪندو. هاڻي برساتون ٿيون وسن. اي مارئي! تون موٽي ماڳ وڃ.

    6
    هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَـرَ ڍارَ رَهَنِّ؛
    پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکي پاندِ پِيَنِّ؛
    هِنَ کي لوهَ لَطِيفُ چئي، هُوءِ کائُرَ مَنجِھ کِلَنِّ؛
    کاٽُونبا کاڄَنِّ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.

    هن رت ۾ مارو سرها آهن ۽ لوڙهن جي ڀر ۾ ٿا گهارين. ميدانن تي جام پاڻي آهي ۽ مارو پکن جي ڀر ۾ ئي پلر پيا پيئن. هن (مارئيءَ) کي زنجيرون پيل آهن ۽ هو (مارو) ٿر منجهه خوشيءَ ۾ ٽهڪ پيا ڏين. هينئر ٿر ۾ مينهوڳيءَ ۾ کاٽونبڙا پيا کاڄن. اي مارئي! تون موٽي ماڳ وڃ.

    7
    سَدا جِنِ پَرياڻُ، پانڌِي پَکي لَڏَ سين؛
    مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِيَڙا ٿَرِ اُڪِرِي!

    جن ڳڻوان مارن جا اُهڃاڻ اِهي آهن، جو هو پکن ۽ لڏن سميت پنڌ ڪندا وتن، سي ڪنهن ڏورانهين ٿر تي نڪري ويا آهن.

    8
    پاسا پولِڙِيُنِ ۾، ٻانهُون سِرِ ٻيئِي؛
    اَکِيون، نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئِي؛
    ڏُورِ ٿِيا ڏيهي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾!

    جتي ڦولڙين ۾ پاسا ورائيندي هيس ۽ ٻئي ٻانهون مٿي هيٺان رکيو سمهندي هيس، تنهن ٿر لاءِ ٻه اکيون ۽ ٽيون نڪ وهايا اٿم. (ٽنهي مان پاڻي پيو ٽمي). منهنجا ڏيهي سڄڻ مون کان پري ٿر ۾ آهن.

    9
    ٿاجا ٿَرَ بَرَ جَھلَّ، پِپُون پائُـرَ وَٽِ ۾؛
    سيئِي سارِيو، سومِرا! اَچي آبَ اُڇَلَّ؛
    سانڀِيَنِ ڏِنَمِ سَلَّ، ڏِٺي جِن ڏِينهَن ٿِيا.

    هينئر ٿرن ۾ ڪچهريون لڳيون پيئون آهن ۽ ٿر ۾ پپون جام پيدا ٿيون آهن. اي سومر! اُنهن (مارن) کي ياد ڪيو، اکين مان ڳوڙهن جي اڇل پيئي اچيم. جن مارن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا اٿم، تن منهنجي دل ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن. (انهن جي جدائيءَ ۾ ڦٽ ٿي پيا اٿم.)

    10
    جُهران جِهڄان تي، جِئَن پَسَڻان پَري ٿِيا؛
    اَلا! اوٺِي آڻِيـين، جو کِينءِ جِي خَبَرَ ڏي!
    مَنَ مُنهِنجي کي، واڪو لَهي ويڙِه جو!

    مان انهيءَ ڪري پيئي وجهلان ۽ ڳران، جو مارو ڏسڻ کان (منهنجين اکين کان) پري آهن. اي الله! تون شل ڪو اوٺي (اُٺ تي چڙهي ايندڙ قاصد) آڻين، جو خير جي خبر اچي ڏئي، جئن منهنجي دل مان وطن جو روڄ راڙو لهي.

    داستان ڏهون

    1
    اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِينءَ واڌايُون آيُون؛
    لَٿِي لوئِڙِيارِيـين، مِڙَنِي مُنهَنِ ڪاڻِ؛
    صُلحُ وارِيو سُومِري، چَئِي پَنوَهارَنِ پاڻِ؛
    هَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُهتُ لَهَندِينءَ مارُئِي!

    مينهن جي مند ۾ ٿر ۾ سرهائي ٿي آهي ۽ خير جون مبارڪون آيون آهن. لوئي پهريندڙ (مارن) جي ملولائي غائب ٿي آهي. عمر سومري از خود پنوهارن کي صلح جو سنيهو موڪليو آهي. اي مارئي! هاڻ تون امير (عمر) کان عزت ۽ مان حاصل ڪندينءَ.

    2
    اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيَ کَرِي؛
    وِساريجِ مَ وَرَ کي، پَــئِجِ مَ مُنڌَ! مَرِي؛
    ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينهُن آهِين ڪوٽَ ۾.

    اُتان (ملير مان) اوٺي هيءَ سچي خبر کڻي آيو آهي: ”اي عورت! تون ڀتار کي نه وسارج ۽ جهري نه پئج! اُتي (ٿر ۾) تون واپس ويندينءَ، هاڻي ڪوٽ ۾ باقي ڪو ڏينهن آهين.“

    3
    ڪو ڏِينهُن آهِئين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاهِ؛
    ڪامَڻِ! اَهِجي ڪُرَ جي، اَڏِ وَڏائِي آهِ؛
    هِتِ مَ پاڙِجِ هيڪِڙو، پائُرَ جي پَساهَ؛
    سَتِي! سِيلُ نِباهِ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.

    ”تون ڪوٽ ۾ باقي ڪو ڏينهن آهين. لوئي هرگز نه لاهج. اي سندري! اوهان جي ڪل (خاندان) جي خاص وڏائي پيئي ڳائجي. ٿر ۾ جو دم گذاريندينءَ، تنهنجي مٽ هتي (ڪوٽ ۾) هڪ به پساهه نه سمجهج، اي مارئي ستياڻي! تون پنهنجو ست قائم رکج، تون موٽي ملير ويندينءَ.“

    4
    سي ساهيڙِيُون ساريِنِ تو، سِيلُ جنِين جو سَچُّ؛
    مارُوءَ ريءَ مَ مَچُّ، سِيهو ڀانئِجِ سونَ کي.

    ”اهي سرتيون تو کي ياد پيئون ڪن، جن جو گڻ ”سپت“ آهي. ماروءَ کان سواءِ پنهنجي بت تي ماس نه چاڙهج. سون جي زيورن کي شيهي جھڙو سمجھج. ( سون کي تڇ سمجھج. )“

    5
    ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سَچ جِنِين جو سِيلُ؛
    نَڪو قالُ نه قِيلُ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.

    ” اهي سرتيون توکي ياد پيئون ڪن، جن جو گڻ ” سپت“ آهي. انهن جي حق ۾ (سيل ۽ ست جي باري ۾ ) ڪو به حرف نه ٿو چئي سگھجي. ( ڪو به شڪ يا گمان نه ٿو آڻي سگھجي.)“

    6
    جو ڏيہَ ڏاڏاڻِيان آيو، ڏِنُمِ تَنهِن طَعنو:
    ”پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو؛
    مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئي، کانءِ مَ خَزانو؛
    سَرتِيُنِ سِيلُ چَوايو، جورِ هَڻِي جانو؛
    ٿِيو سَڏُ سَمانو، حَرَفَ لَٿي هيڪِڙي.“

    جو پانڌي اباڻي ديس کان آيو، تنهن هي طعنو آڻي ڏنم: ”ڳچيءَ ۾ ڳهه پائي، پلنگن تي نه ويهج. جو چيلهه مٿان خزانو (يعني لوئي) اٿيئي. تنهن کي کوهي نه ڇڏج. (لوئيءَ کي املهه چيز سمجهي، اُن کي سالم رکج يعني سيل نباهج.) سرتين، زور سان جانو ڀري، چوائي موڪليو آهي ته ست ۽ سيل تي پوري رهج، توکي هڪ لحظي ۾ مانائتو سڏ ٿيندو.“ (توکي ترت ئي تنهنجا مارو شان مان ساڻ وٺي ويندا.)

    7
    مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪَهڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون؟
    چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پِيو، پِيَنِ رَتَ ڄَيُون؛
    نيڻين نِنڊَ وِهُ ٿِي، ساري ساڏوهِيُون؛
    هِتي جي هُيُون، ته سُڌِ پِيـيَنِ سِيلَ جِي.

    مارئي سانگيءَ کي جواب ٿي ڏئي: ”مون سان ماروئڙيون ڪهڙِيءَ پر رسنديون؟ منهنجي چوٽيءَ ۾ مٽيءَ هاڻيون ڳنڍيون ٿي پيئون آهن ۽ وارن ۾ سنهڙيون جون پئجي ويئون اٿم (جي رت پيون پين). ڄار جي وڻن کي ياد ڪري، نيڻن ۾ ننڊ ئي زهر ٿي پيئي آهي. جي هتي هجن ها ته سيل نباهڻ جي ڪل پين ها.“ (سرتين کي خبر پوي ها ته ست تي قائم رهڻ ڪهڙو نه ڏکيو ڪم آهي.)

    8
    ”سَتِي! تُنهِنجي سَتَ ۾، ڳالِھه گُهرجي ڳَچُّ؛
    وَڍِيو، چِيرِيو، چِچِرِيو، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُّ؛
    ساڻُ اَمانَتَ اَچُّ، ته ٿِئين سَمانِي ساڙيہَ ۾.“

    سانگي، مارئيءَ کي ورجائي ٿو چوي: ”اي ستي! اڃا به تنهنجي ست ۽ سيل ۾ گهڻو ڪي گهرجي. (اڃا به قربانيءَ جي درڪار آهي.) تون ڳجهو ئي ڳجهو پنهنجي نفس کي وڍي، چيري، چچري، پاڻ ئي پچاءِ. تون پنهنجي امانت (ست) بچائي اچ ته وطن ۾ مانائتي ٿئين.“

    9
    جانڪِين سَتِيُنِ سِيرُ، تان ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾؛
    سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نه نِيرُ؛
    جِئَن هُوءَ اَبرَ آسِري، تِئن مُون مَنِ مَلِيرُ؛
    کائُـرَ پِيَنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.

    مارئي ٿي چوي: ”جيسين ستين ۾ سيل آهي، تيسين مان ڪوٽ ۾ نه وهنديس. سپ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندي اهي، ته به نه ساگر جو ۽ نه نديءَ جو پاڻي پيئندي آهي. جئن هوءَ ڪڪر جي تات ۾ وهندي آهي. تيئن ملير منهنجي من ۾ پيو وسي. جي هيءَ امانت (مارئي) ٿر ۾ موٽي وڃي ته اُتي مارو هوند خوشيءَ ۾ کير پيئن.“

    10
    جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، آهِينِ اَبرَ آسِري؛
    جِئَن ڪُنجُون سارِينِ روهَ کي، مُون تَنَّ اندرِ تِيئَن؛
    هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتِ نه ڀانيُمِ هِيئَن؛
    ڪوٺيُنِ وِهان ڪِيئَن، جي نَظَرَ بَندِياڻِي نه هُئان؟

    جئن سپون جل ۾ هوندي، ڪڪر جي آسري تي وهنديون آهن. جئن ڪونجون جبل کي ياد ڪنديون آهن، (جو سندن رهڻ جو هنڌ آهي ۽ جتي ٻچا اٿن)، تئن منهنجي اندر ۾ ملير پيو وسي. هُت (ملير ۾) وڃڻ جو اقرار ڪيل اٿم. هت (بند ۾) مون ائين نه سمجهيو ته مون سان هيءَ ڪار ٿيندي. جي پهري هيٺ بندياڻي نه هجان ته ڪوٺين ۾ جيڪر ڪيئن ڪاٽيان.؟

    11
    سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبرُ آساروسِ؛
    ٻاڙو پِئي نه ٻِپُڙِي، مِٺو مُنهِن لَڳوسِ؛
    ماڻِڪُ تي مِڙيوسِ، جِئَن تَنگُ ڪَڍِيائين تارِ ۾.

    سپ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندي آهي، پر سندس آسرو ڪڪر ۾ آهي. هيءَ ٻن پڙن واري (سپ) سمنڊ جو کارو پاڻي نه ٿي پيئي ۽ ندي جو مٺو پاڻي نه ٿو آئڙيس. کيس موتي انهيءَ ڪري ٿو حاصل ٿئي، جو اونهي پاڻيءَ ۾ به اُڃون ٿي سهي.

    12
    سِکو سَڀِ، سَرتِيُون! سِپُنِ مُلان سيرُ؛
    ٻِيو مَٽائي نيرُ، اُڀِيون اَبرَ آسِري.

    اي سرتيون! اوهين سڀئي سپن کان ست سيل جو سبق سکو. اُهي ٻيو پاڻي سرڪ ڪري، ڪڪرن جي آسري تي سر اُڀو ڪري ٿيون بيهن.

    داستان يارهون

    1
    مَلِيران مارُو، پَکي پيهِي آئِيو؛
    وَرِيا واهارُو، هاڻُو سَڀِ هِيڻا ٿِيا.

    ملير مان مارو (پانڌي) ڪوٽ ۾ پيهي آيو. مددگار اچي رسيا، هاڃو رسائيندڙ بيحال ٿيا.

    2
    پَهِي سُکَ پيرَنِ کِيہَ! ڪو نِينهَن نِياپو مارُئين؟
    اَتِ اُڪَنڍِي آهِيان، تَنهِن آتَڻَ، تَنهِن ڏيہَ؛
    سَندِي جا ساڙيہَ، کِہَ کَٿُوري ڀانـئِيان.

    مارئي ٿي سانگيءَ کي چوي: ”اي پانڌي! شل سکي هجين! شل پيرن تي دز (وطن جي خاڪ) چڙهيل هجيئي! مارئيءَ لاءِ قرب ڀريو سنيهو آندو اٿيئي؟ مان انهيءَ آتڻ (ڪتڻ جي جاءِ جتي سرتين سان سٽ ڪتيندي هيس) ۽ پنهنجي ساڻيهه (وطن) لاءِ نهايت سڪان پيِئي. وطن جي جا خاڪ آهي، تنهن کي مان مشڪ ڪري ٿي سمجهان.“

    3
    سَکَرِ سيئي ڏِينهَن، جي مُون گھارِيا بَندَ ۾؛
    وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مِينهَن؛
    واجھاڻِـيَس وِصالَ کي، ٿِـيَس تَهِوارُون تِيئَن؛
    نِيَرُ مُنهِنجي نِينهَن، اُجاري اَڇو ڪَيو.

    اُهي ڏينهن موچارا هئا، جي مون قيد ۾ ڪاٽيا، محل جو ماڙين ۾ اکين مان وڏ ڦڙي مينهن وانگر لڙڪن جي برسات وسايم. جئن جئن ميلاپ لاءِ سڪيس ٿي، تئن تئن ڇيهون ڇيهون ٿي ٿيس. منهنجي محبت، زنجيرن کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو. (زنجيرن کي صفا ٽوڙي ڇڏيو.) هيءَ دنيا به قيد آهي. جنهن کي ڌڻيءَ سان نينهن آهي، تنهن جون نفساني زنجيرون ڀڄي ڀورا ٿيو پون.

    4
    عُمَرَ! اَڄُ گَڏِيامِ، ڏوٿِي اُنَهيِن ڏيہَ جا؛
    پاراڀا پِرِيُنِ جا، اُڀِي اُن چَيامِ؛
    لهِي لوهَ پِيامِ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.

    اي عمر! اڄ مون کي انهيءَ ديس (ٿر) جا سانگي گڏيا. انهن بيٺي مون کي پنهنجي سپرينءَ جا سنيها سڻايا. ڌڻيءَ جي مهر سان منهنجون زنجيرون ۽ ٻيڙيون لهي ويئون.

    ابيات متفرقه

    1
    جُه سي لوڙائُو ٿِيا، جنِين ڀَرِ رَهَنِّ؛
    مارُو منجِھ ٿَرَنِّ، رَهِي رَهَندا ڪيترو؟

    مارئي عمر کي شرمائي چوي ٿي: ”جڏهن اُهي (حاڪم) ئي ايذائيندڙ ٿيا، جن جي آڌار تي مارو رهيا پيا آهن. تڏهن (مارو) ٿر ۾ ڪيترو رهي ڪيترو رهندا.؟

    2
    جُه سي لوڙائُو ٿِيا، جنِين سندِيءَ ڌِيرَ؛
    مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنهِن دَرِ ڏِيندا دانهَنڙِي؟

    جن جي ڀروسي تي مارو رهيا پيا آهن. سي ئي ايذائيندڙ ٿيا ته هو ويچارا مسڪين ڪنهن جي در تي دانهن کڻي ويندا؟

    3
    مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران!
    پاڻِي واري پانهِنجو، ويندِيائِي وَران!
    ٿورو مَنجِھ ٿَران، هُندَ لَڳي لوئَڙيارِيـين!

    مان شل ملير ۾ ماروءَ جي ڀر ۾ ميراڻ ڌوئي دم ڏيان!. مارئي عمر کي عرض ڪري ٿي چوي: مان جيڪر پنهنجي بت تي وطن جو پاڻي وجهي، ويندي شرط واپس وران! اهو جيڪر ٿر ۾ لوئي ڍڪيندڙن (مارن) تي احسان ٿئي.!

    4
    ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، کَٿيروئِي خُوبُ؛
    ميروئِي محبُوبُ، اَسان مارُو مَنَ ۾.

    مان ٻيو ڪو ڀتار نه ڪنديس، منهنجي لاءِ کٿو پهريندڙ ماروئي موچارو آهي. منهنجو جانب مارو، ڀل ميرو ئي هجي، پر اُهو اسان جي من ۾ هميشہ پيو وسي.

    5
    مُنهُن مُنهِنجو سُومِرا! مَرُ ميروئِي هوءِ!
    متان مارُو چوءِ، ته ڌوتوءِ ڌوراڻَنِ ۾.

    اي سومرا! منهنجو مُنهن ڀل ته ميرو ئي هجي. متان مارو مون کي ائين چون ته ”تو محلاتن ۾ اُن کي ڌوتو.“

    6
    جِت کَـرَڙَ، کَٿا ۽ کاهِيُون، پالَ، پَڪا ۽ پَڪَّ؛
    سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، حاضُرُ پاسي حَقَّ؛
    مارُوئَنِ سين ماڻِيان، شالَ مُندائتِي مَڪَّ؛
    کِنڪارِيان خَلَقَّ، جا ٿَـرَ ڄائِي ۾ ٿوُهَرين.

    جت اوني فراسيون، کٿا، ڏاس جا ٻورا، جهوپڙا، لال ڏونرا ۽ پڪل پپ آهن. تتي اُهي سرتيون خوش آهن، جي ڀتارن جي ڀر ۾ حاضر آهن. شل مان مارن جي صحبت ۾ کٻڙ جو لال ميوو مند تي ماڻيا. جي هيءَ ٿر ڄائي ٿوهرن (ڪنڊن وارن وڻن) جي وچ ۾ هجي ته هوند ساري خلق کي کيڪار گڏجان.

    7
    جي هِتِ هُئِي مارُئِي، ته لَڌِيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ؛
    ارداسِيُمِ عُمَرَ کي، ويجھو ٿي وَٽانسِ؛
    جي نه ڇَڏِيائِين ڪِ جَھليائِين، ته پنهنجو اَنگُ آڇِيانسِ؛
    لاهي لوهَ لَطِيفُ چَئي، هِتان هُندَ هَلانسِ؛
    موکي مَلِيرَ سامُهِين، وَٺِي ٻانهَن وَڃانسِ؛
    رَهِبَرُ ٿِي ريڙِهيانسِ، سُنهاري ساڻيہَ ڏي.

    شاه صاحب ٿو چوي: ”جي مارئي هتي هجي ته وڃي سندس سار لهان. عمر وٽ ويجهو وڃي، کيس منٿ ڪريان. جي کيس نه ڇڏي ۽ بند ۾ رکي ته هوند عيوض ۾ پنهنجو بت آڇيانس. هتان جيڪر زنجيرون لاهي وٺي هلانس. کيس آزاد ڪرائي، ٻانهن کان ملير ۾ وٺي وڃانس. سندس سونهون ٿي جيڪر کيس سندس سهڻي وطن ڏانهن وٺي هلان.

    8
    جِئَن ڳَنڍِيُون مَنجِھ ڳَنڍِيرَ، تِئن مُون مَنِ مارُوئَڙَنِ جُون؛
    ڏِنيُون لَسَ لَطِيفُ چَئي، هِنئڙي کي هَمِيرَ؛
    وَڃِي مَنجِھ مَلِيرَ، سَڀِ ڇوڙِينديَسِ سُومِرا!

    جئن ڳنڍير گاهه ۾ ڳنڍيون هونديون آهن، تئن منهنجي من ۾ مارن لاءِ نينهن جون ڳنڍيون آهن. همير سومري (عمر) مون کي لسين ڳنڍين سان ٻڌو آهي. (عمر جون زنجيرون ڇڄي پونديون، پر منهنجو مارن لاءِ نينهن نه ڇڄندو.) اُنهن سمورين ڳنڍين (عمر جي آسان ڳنڍين) کي ملير ۾ وڃي ڇوڙينديس.

    9
    سُڻِي ساڻيہَ ڳالَھڙِي، لَهِي وِيا لوهَ؛
    اَندَرَ جا اَندوهَ، لَٿا ڏُکَ، سُکَ ٿِيا.

    وطن جي ڳالهه ٻڌي، زنجيرون لهي ويون. اندر جا غم ميٽجي ويا. سمورا درد لهي ويا ۽ سکن منهن ڏيکاريو.

    10
    توکي توڙائِين لِکِي، عُمَرَ! اَڇائِي؛
    جنهن تو سامائِي، مامَ نه ڀَڳي مارُئين.

    اي عمر! توکي ازل کان ئي پاڪائي لکيل هئي، جو تو مارن جي ساماڻل لڄ (مارئيءَ) جو ست نه ڀڳو.

    11
    مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ؛
    تو تان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ؛
    پَهُچَندِينءَ پَنوَهارِ، سِگِھي سنگھارَنِ کي.

    اي مارئي تون نڪيءَ روءُ، نڪي رڙ ۽ نه ڳوڙها ڳاڙ، تو تان قيد معاف ٿيو، تون زنجيرن کي جلائي ڇڏ. اي پنوهارڻ! تون جلد ئي سانگين وٽ وڃي رسندينءَ.

    12
    اَڄُ پڻ چِڪِيَم چاڪَ، وَنهِيَن ويِڙيچَنِ جا؛
    سُورَنِ اچِي سُومِرا! اَندَرِ ڪي اوطاقَ؛
    مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنهِنجا ڪَپِيا.

    اڄ پڻ سکين مارن جي جدائيءَ جا ڦٽ ڪڙهيم. اي سومرا! منهنجي اندر ۾ دردن اچي اوتارو ڪيو آهي. ماروءَ جي وڇوڙي، منهنجا هڏ (لڱ ۽ عضوا) وڍي وڌا آهن.


    سُرُ ڪاموڏ

    داستان پهريون

    1
    تُون سَمو، آءٌ گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ؛
    پَسِي راڻِـيُنِ رُوءِ، مَتان ماڱَرِ مَٽِئِين!

    نوري ٿي چوي ته ”تون سمو سردار آهين ۽ مان گندري ذات جي مهاڻي آهيان ۽ مون ۾ اوڻاين جو ماڳ آهي. تون راڻين جو منهن ڏسي، متان مون ماڱر ذات جي مهاڻيءَ کان منهنڙو مٽين!.“

    2
    تُون سَمو آءٌ گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ؛
    پَسِي لِيَّ لَغارَ، متان مَاڱَرِ مَٽِئِين!

    ”تون سمو سردار آهين ۽ مان گندري ذات جي مهاڻي آهيان ۽ مون ۾ بيحد اوڻايون آهن. تون متان مڇيءَ جي گگ ڏسي، مون ماڱر ذات جي مهاڻيءَ کان منهنڙو مٽائين.“

    3
    تون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي ، آءٌ مُهاڻِي مَي؛
    مُون کي ڏُهاڳُ مَ ڏي، آءٌ جا نالي سُيَسِ تُنهنجي.

    ”تون تماچي حاڪم ۽ بند جو خاوند آهين ۽ مان نسوري مهاڻي آهيان. آئون، جا تنهنجي نالي سان سڏجڻ ۾ ٿي اچان (ڇو ته تنهنجي حق ٻڌي زال آهيان)، تنهن کي ڏهاڳ نه ڏج.“

    4
    تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آءٌ گَندِري غَرِيبِ؛
    تو سين ڄامَ! قرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.

    ”تون تماچي حاڪم آهين ۽ بند جو والي آهين ۽ مان گندري ذات جي مسڪين مهاڻي آهيان. اي ڄام! مان تنهنجي سڱائتي آهيان، جنهن ڪري تون منهنجن مائٽن کي سموري محصول کان معافي ڏيئي ڇڏ.“

    5
    کِکيءَ هاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ هاڻا ڇَڄَ؛
    پاندُ جنِين جي پاندَ سِين، لَڳو ٿِئي لَڄَ؛
    سَمو ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.

    مهاڻن جون کاريون ککيءَ سان واسيل آهن ۽ ڇڄ ڇڇيءَ سان، جن جي پلاند سان پلاند لڳي ته لڄ اچي وڃي. سمو سردار انهن سان بيٺو سهج ڪري (اُنهن تي نوازشن جي پلٽ).

    6
    ڪارِيُون، ڪوجِھيون، ڪُوڙِيُون، مُورِ نه موچارِيُون؛
    وَٺِـي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکيءَ جُون کارِيُون؛
    اُنِين جُون آرِيُون، سمي ري ڪيرُ سهي!

    مهاڻيون رنگ جون ڪاريون، شڪل ۾ بدزيبيون ۽ هرگز ڀوريون ناهن. هو واٽ تي مڇيءَ سان ڀريل ٽوڪريون رکيون، وڪري لاءِ ويٺيون آهن. اُنهن جا ماڻا، سمي سردار (ڄام تماچيءَ) کان سواءِ ٻيو ڪيو برداشت ڪندو؟.

    7
    گَندُ جِن جِيءَ گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ؛
    اُنِين جِيءَ اوطاقَ، راڄا رِيجِھي آئِيو.

    جن جي گوڏ ۾ پٻڻ جون پاڙون آهن ۽ جن کي لباس، پٻڻ جي پنن جو پهريل آهي، تن جي نجهري ۾ بادشاهه ريجهي آيو.

    8
    ٿِيا تَماچِيءَ ڄامَ سين، مُهاڻا مَحرُومَ؛
    نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندِريءَ، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ؛
    جي ڪِنجُھرَ، جي رُومَ، سي سَڀِ اِنعامِي ٿِيا.

    مهاڻا تماچي ڄام جا راز محرم ٿيا. ننڍي وڏي مهاڻيءَ جي محل جي ماڙيءَ ڏانهن ڪاهه پئي پيئي. ڪينجهر ڍنڍ هجي توڙي روم ولايت يعني ڏورانهان ڏيهه ته اُتي جا مڙيئي مهاڻا، ڄام تماچيءَ جي انعامن سان نوازجي ويا.

    9
    نه وَڍي، نه وِڪِڻي، نه ماري نه ڌاري؛
    کارو وِڌائِين کُوهَ ۾، نِرِتُون نِهاري؛
    سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.

    نوري هاڻ نه مڇي ٿي وڍي، نه وڪڻي ٿي، نه پاڻ وٽ رکي ٿي. هن مڇيءَ جو ٽڪرو، ڄاڻي ٻجهي ۽ ڏسي وائسي، کوهه ۾ کڻي اڇلايو. (مڇيءَ سان وهنوار نه ٿي رکي.) هوءَ اُهائي هلت چلت ٿي هلي. جا سمي حاڪم جي محل ۾ ٿي ورتجي.)

    10
    نه وَڍي نه وِڪِڻي، نه کَڻي ۾ کاري؛
    اُهِجَ، سُهِجَ ساهِمِيُون، ڌُرِيان نه ڌاري؛
    سائي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.

    نوري هاڻ نه مڇي ٿي وڍي، نه وڪڻي ٿي. هوءَ تورڻ تڪڻ لاءِ تارازيون اصل کان نه ٿي رکي. هوءَ اُهائي روش ٿي وٺي، جا سمي سردار جي محلات ۾ جاري آهي.

    11
    پاٻوڙو پيشِ ڪَيو، نَئون نُورِيءَ نيئِي؛
    حاضُرُ هُيُون هَڪِيُون، سَمِيُون سڀيئِي؛
    نَوازي نيئِي، گاڏِيءَ چاڙهِي گَندِرِي.

    نوريءَ ڄام اڳيان پاٻوڙي جي نئين وٽ سوغات طور پيش ڪئي (يا پاٻوڙن جي پوشاڪ پهري پيش ٿي). اُتي سڀيئي سميون (ڄام تماچيءَ جي حويلي جون) هڪيون حاضر هيون. ڄام تماچيءَ (ٻين سمين کي ڇڏي) نوريءَ کي نوازيو ۽ پاڻ سان گڏ گاڏيءَ ۾ چاڙهي وٺي ويو.

    12
    مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ نه گاءُ؛
    نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري، رِيجھايائِين راءُ؛
    سَمو سَڀِنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.

    مهاڻيءَ (نوريءَ) جي اندر ۾ نه هٺ هو، نه وڏائي. هن اکڙين سان ماڻو ڪري، راجا کي ريجهايو. مڙني راڻين وچان، هن ئي سمي سردار کي چترائيءَ سان موهي وڌو.

    13
    نورِيءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَھلُ هوءِ؛
    سَمو سِرُ سَڀِنِ ۾، مي مُورِڇِيو سوءِ؛
    اَچيو اُڀِـيَن پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.

    نوريءَ جي نهٺائي بيحد حيرت جو ڪارڻ آهي. سمو (تماچي)، جو سڀني جو سردار هو، تنهن کي مهاڻيءَ موهي ڇڏيو. راڻيون اچيو سندس پوئتان بيهن، سندن دعويٰ ڀڄي ڀورا ٿي پيئي.

    14
    هَٿين پيرين آرِکَڻين، مُنهِن نه مُهاڻِي؛
    جِئَن سَڳو وِچِ سُرِندَڙي، تِئن راڻِيُنِ ۾ راڻِي؛
    اَصُلُ هُئي اُنَ کي، اَهۡلَ ڄاماڻِي؛
    سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانهَن ۾.

    نوري هٿين پيرين، لڇڻ ۽ روپ ۾ هرگز مهاڻي نه ٿي لڳي. جئن سرندي جي تندن وچ ۾ مول ڌاڳو ٿئي، تئن هوءَ راڻين ۾ راڻي پيئي لڳي. هن جي اصل کان ئي راجائي هلت هئي. سمي (تماچيءَ) کيس پرکي، سندس ٻانهن نڪاح جو ڳاڙهو سڳڙو ٻڌو.

    15
    تَهِڙو ڪِنجُهرَ ڪِينَ ٻِيو، جَهڙي سُونهَن سَندِياسِ؛
    مَڏَ، مِياڻِـيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ؛
    مورِڇَلَ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِيءَ تي هَڻي.

    جهڙو حسن نوريءَ کي هو، تهڙو ڪينجهر ۾ ٻيو ڪنهن کي نه هو. مڇيءَ مارڻ جا مڙيئي ساز سامان ۽ ماڳ مٿس معاف ٿيا. (هوءَ اُنهن کان آجي ٿي.) تنهن ڪري ئي تماچي سندس مٿان مورن جي کنڀن جو چوئنر بيٺو هڻي.

    16
    کوءِ سَمِيُون! ٻَنِ سُومِريُون! جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ؛
    وَرُ سي ڪِنجُھرَ ڄائِيُون، جِن تَماچِيءَ جِي تاتِ؛
    راڻِيُن مُلان راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو.

    اُهي سميون ۽ سومريون ٻن پون، جي مغروريءَ سان پيش اچن. اُهي ڪينجهر ڄائيون (ڪينجهر جي مهاڻن جون نياڻيون) مبارڪ آهن، جن کي ڄام تماچيءَ جي تات هجي. سڀني راڻين وچان، مهاڻيءَ ئي رات بي بها موتي (يعني تماچي) هٿ ڪيو.

    وائي
    هِيري هَٿُ وِڌائِين، ويهِي ساٽِينِ وِچَ ۾.
    نَوازَشِ نُوريءَ جي، آهي تَماچِيءَ تائِين.
    گَندَگِيءَ گوشو ڪَيو، عَطُرَ اوتَ اوتِيائِين.
    اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائين.
    پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو هَنڌُ ڪونه مَٽِيائِين.
    قِيمَت ڪَمِيڻَن سين، جَهِڙِيءَ وَٽَ وَٽِيائِين.
    موتِي مڇِيءَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِئن ڪَڍِيائِين.
    ماڻِڪَ مِياڻِنِ ۾، ڇِلُرَنِ جِئن ڇَٽِيائِين.
    ڏيئِي سونُ سُوال ۾، رُپي راندِ ڪَيائِين.
    پاڻِـيَٺَ آڻي پاڻَ سين، لَعلُون سَڀِ لُٽِيائِين.
    فيروزا فَقِيرَنِ تان، گھوري سَڀِ گھورِيائِين.
    اُتي عَبۡدُاللَّطِيفُ چئِي، اُڇِلي اَمُلَ ڏِنائِين.

    مهاڻن جي وچ ۾ ويهي، هيرن ۾ هٿ وڌائين (هيرن سان مٺيون ڀريائين). نوريءَ تي نوازش تيسين آهي، جيسين تماچي آهي. گندگيءَ پاسو ڪيو، عطر ۽ عنبير جي پالوٽ ڪيائين. انڌا، منڊا وٽس آيا. سخاوت جو هوڪو ڏياريائين. ڏسو هن سخيءَ جي سخاوت، جو ماڳ نه وساريائين. خسيس ماڻهن ۾ قيمتي سوکڙيون نئين وٿ مثل ورڇيائين. مڇيءَ جي دڪان تي ڪوڏين جيان موتي ڪڍي پکيڙيائين. مياڻين ۾ ڇلرن وانگر ماڻڪ ڇٽيائين. خيرات ۾ سون ڏيئي، چانديءَ جي راند ڪيائين. پاڻ سان آبدار موتي آڻي، مڙيئي لعلون دف ڪيائين. فقيرن جي مٿان سمورا فيروز (نيري رنگ جا هيرا) گهوري ڇڏيائين. اُتي (شاه صاحب ٿو فرمائي) بي بها ماڻڪن جي وسڪار لاتائين (ڌڻي به جي چاهي ته مسڪين کي دنيا جي مڙني نعمتن سان نوازي ڇڏي.).

    داستان ٻيو

    1
    سِرُ سَلابَتَ سُپِرِين، مَرَڪَڻَ! تُون مَ مَريجِ؛
    آهِيين ٺارُ اَکِـيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ؛
    تَماچِي تڳيجِ، ڪو ڏِينهُن ڪِنجُهرَ ڪَنڌِيـين.

    اي مرڪندڙ محب! تنهنجو سر شل سلامت هجي. تون جهان مان لاڏاڻو نه ڪج. تون منهنجن نيڻن جو ٺار آهين. مون وٽان نه وڃج. اي ڄام تماچي! تون ڪو عرصو ڪينجهر جي ڪپن تي حياتي ماڻج.

    2
    هيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَ؛
    اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءَ؛
    لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِنجُهرُ هِندورو ٿِئي.

    هيٺ اوجل جل، مٿان جهڳٽا (وڻن جا نميل جهڳٽا) ۽ پاسن کان وڻڪار. نوري، ڄام تماچيءَ جي صحبت جو رس وٺڻ لاءِ، هيڏانهن هوڏانهن انهيءَ فضا ۾ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، سير پئي ڪري. اُتر جي هير لڳڻ سان، ڪينجهر (ڪيجهر جو پاڻي) هندوري (پينگهي) جيان پيو لڏي (يا ڪينجهر تي هلندڙ ٻيڙي هندوري وانگر پيئي لڏي).

    3
    هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي پِرِين سَندامِ؛
    ڪوڙِيـين ڪاڄَ سِڌامِ، اَڻَ سِڌو ڪونَ رهِيو.

    هيٺ اوجل پاڻي، مٿان جهڳٽا ۽ پاسن کان وڻڪار ۽ ڀر ۾ منهنجو جانب آهي. منهنجا سهسين ڪارج راس ٿيا. ڪو به ڪم اڻپورو نه رهيو.

    4
    هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪنڌِيءَ ڪَوۡنرَ تَرَنِّ؛
    وَرِئي واهُوندَنِّ، ڪِنجُهرُ کَـٿُورِي ٿِئي.

    هيٺ اوجل پاڻي، مٿي جهڳٽا ۽ ڪنارن ڀرسان ڪنول گل پيا ٽلن. بسنت (بهار) جي رت اچڻ سان، ڪينجهر ڍنڍ عطر ۽ مشڪ سان واسجي ٿي پوي.

    5
    سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون؛
    ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄُٻيرِنِ وِچَ ۾.

    سميون هار سينگار ڪري راجا کي ريجهائڻ لاءِ آيون. ڄام تماچيءَ جي هٿ ۾ مڇي ڦاسائڻ جو ڄار آهي ۽ هو جهٻير ذات جي مهاڻن جي وچ ۾ پيو ٽلي ۽ ٽهلي.

    6
    نُورِيءَ جي نَوازِيو، ٿِيو تَماچِي تي؛
    گاڏِيءَ چاڙهيءَ گَندِرِي، ماڙِهُو ڪَيو مي؛
    ڪِنجُهرِ چُوندا ڪي، ته سَچُ سَڀائِي ڳالَھڙِي.

    ڄام تماچي انهي ڪري ئي امر ٿيو آهي، جو هن نوريءَ کي نوازيو. هن مهاڻيءَ کي پاڻ سان گاڏيءَ ۾ چاڙهي، کيس ماڻهپي ۾ آندو. ڪينجهر جي آسپاس ڪي ماڻهو اڄ به چوندا ته اِها ڳالهه سموري سچي آهي.

    7
    ڄامان اَڳي جي ڄائِيُون، تِن جِي نِرِتِ نُورِيءَ کي ناهِ؛
    نه مَنَهِن نه مارِڪي، نه وَڃَنِ ڪنهن وِهانءِ؛
    سي ڪِنجُهرَ ڪَندِيُون ڪانہِ، جِن تَماچِي تَڪِيو.

    ڄام تماچيءَ کان اڳ سميون ڄايون (يعني محل جون وڏڙيون)، تن جي ڄاڻ نوريءَ کي ناهي. اُهي نه ڪنهن شاديءَ جي شامياني ۾ يا ڪنهن وهانو ۾ شريڪ ٿين نه ڪنهن جي مرڻي جي ميڙ ۾. جن جو آڌار ڄام تماچي آهي، سي ڪينجهر کي ڪاڏي ڪنديون!.

    8
    نه ڪَنهن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ؛
    نَنڍِيءَ وَڏِي گَندِرِيءَ، سَڀِنِ آهِ سِياءُ؛
    ”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُولَدۡ“، اِيُ نِجابَتَ نِياءُ؛
    ڪِبِرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِي ڄامَ جو.

    نه ڄام تماچيءَ ڪنهن کي ڄڻيو آهي، نه کيس ئي ڪنهن ڄڻيو. هُو سڀني ننڍين توڙي وڏين مهاڻين جو عزيز آهي. (نوريءَ سان نڪاح وجهڻ ڪري). ”نه ڪنهن ڄڻيس، نه ڪنهن کي ڄڻيائين.“ (اصل ۾ اهو ڌڻيءَ جي باري ۾ چيل آهي.) اهو سندس شرافت ۽ انصاف جو اُهڃاڻ آهي. (هو سڀني جو عزيز آهي.) ڄام تماچيءَ جو تخت وڏي شان ۽ مان وارو آهي.

    9
    پَکا پَکارِيو، ڄامُ تَماچِي آئِيو؛
    گُوندَرَ لاهِيو، گَندِرِيُون! آتَڻَ اُجارِيو؛
    ڪِنجُهرُ قَرارِيو، سَمي سامَ بَخشِي.

    پنهنجا نجهرا اُجاريو، ڄام تماچي پڌاريو آهي. اي مهاڻيون! پنهنجا غم پري ڪريو ۽ آتڻ اجرا ڪريو. ڪينجهر بي اونو ٿيو (ڪينجهر جا مهاڻا بي فڪر ٿيا). سمي سڀني کي پناهه بخشي آهي. (ڌڻي جن کي نوازي ٿو. تن جي اندر مان سڀ فڪر ۽ غم ميسارجيو وڃن. اُهي هر دم پنهنجو اندر صاف ٿا رکن.)

    10
    ڪو جو ڪامَڻُ مَي، آهي اکَڙِيُنِ ۾؛
    تَنُ تَماچِي ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني؛
    عِشقُ اِئَن ڪَري، جِئَن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪَيو.

    مهاڻيءَ (نوريءَ) جي نيڻن ۾ اهڙو ڪو جادو آهي، جو ڄام تماچيءَ جي جسم کي ڄڻ نيزن تي کنيو ٿي وٺي. اها ڪرامت عشق ٿو ڪري، جو ڄام تماچيءَ جهڙو راجا، مهاڻن جي ڄار ڪلهي تي ٿو کڻي.


    سُرُ گھاتو

    داستان پهريون

    1
    گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، موڙهِي مَتِ مَهائِيين؛
    وِيا گَڏجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنهِن مَهراڻِ؛
    اڳيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسري.

    ماهر به هت منجهي پيا ۽ وريامن جو هوش به خطا ٿي پيو. هو درياه ۾ گهڙيا ۽ وهڪري سان ملي هڪ ٿي ويا (غرق ٿي ويا). ويچارن جي من تان اڳيان پويان ٽِڻ ميسارجي ويا.

    2
    ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مٿان راتِ پئِي؛
    اولِيون اُجَهڻَ لَڳِيون، وِيا وَنجَهه وَهِي؛
    ڪَلاچِيان ڪَهي، ڪَڏَهِن ڪونه آئِيو.

    سندن پڳون ماڪ پسائي وڌيون ۽ مٿان اچي رات به نازل ٿين. ٻيڙين جا ڳن لڙهڻ لڳا ۽ ونجهه وهڪري ۾ گهلجي ويا. ڪلاچيءَ جي ڪن مان ڪڏهن به ڪو واپس ڪين وريو.

    3
    ڪو جو قَـهَرُ ڪلاچ ۾، گِهڙي سو نِئي؛
    خَبَرَ ڪونه ڏِئي، رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟

    ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ اهڙو ڪو قهر پيو وسي، جو جيڪر ٿو اندر گهڙي، تنهن کي کنيو ٿو وڃي. اها سڌ ۽ سماءُ ڪوبه ڪونه ٿو اچي ڏئي ته سندن ڄار ڇاجي ڪري اَٽڪي پيا.

    4
    ڪالھ ڪَلاچِيءَ ويا، ڇَتِيُون کڻي ڇُڳيرَ؛
    ڀائِرَنِ ڀيرو نه ڪَيو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ؛
    اهڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَّ ورائي جَھـلِي.

    پڳون پهريل ملاح، وڏا ڀالا کڻي، ڪلاچيءَ جي ڪن ڏانهن ويا. ڀائرن (مورڙي جي ڀائرن) موٽ نه ڪئي. ادن دير لاتي، اهڙي موچاري ٽولي. ڪن ڦيرو کائي، روڪي ڇڏي.

    5
    تَرِيُون پَسان نه تارِ ۾، جُھڳا جاءِ نه ڪَنِ؛
    مادَرِ! ملاحَنِ، ماڳِ نه ڍويا مَڪُڙا.

    ملاح جي زال ٿي چوي: ”ترها ۽ مڇئا درياه ۾ نه ٿي ڏسان، وڏا ڄار ات نه ٿا بيهن. اي امڙ! ٻيڙياتا، ٻيڙيون ڀري، ماڳ تي نه موٽيا.“

    6
    ڏِهاڻِي ڏِٺَمِ ڪيتِرا، جنِين مارِيو موڪَ؛
    گَھرَ ۾ گھاتُوئَڙَنِ جا، ٿا مارينِمِ ٿوڪَ؛
    لَڏي وِچان لوڪَ، اُونهي ويا اوهِرِي.

    ”جن مهاڻن ڳچ انداز ۾ مڇيون ماريون، تن مان ڪيترا ڏهاڙي ڏٺم. گهر ۾، درياه اندر گهوتا ماريندڙن (ملاحن) جا رکيل ساز سامان مون کي ماري ٿا ڇڏين. هو جهان مان لڏي، اونهي سمنڊ ۾ سمائجي ويا.“

    7
    اُڀِي اوسِڙان اُسَ ۾، جَھليو ڪُنَّ ڪِنارَ؛
    گھاتُو گَھرِ نه آئِيا، وَڏِي لَڳِـيَنِ وارَ؛
    هُيَسِ جنِين هارَ، سي موڙي چَڙِهيا مَڪُڙا.

    ”ڪُن جو ڪنارو جهلي، اُس ۾ سندن اوسيئڙي ۾ پيئي رلان. ملاح ماڳ تي نه موٽيا، وڏي دير لڳين. جن جي ڀرووسي هيس، سي ٻيڙيون ورائي، منجهن چڙهي هليا ويا.“

    8
    جِتي گھورِيو گھاتوئِين، تِتي وارِيءَ بُٺَّ؛
    سَهسين ساٽي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.

    ”جنهن هنڌ گهاتوئڙن مڇيءَ لاءِ ولوڙون ٿي وڌيون، تنهن هنڌ هينئر واريءَ جا ڍڳ پيا ڏسجن. بيشمار مهاڻا آئيءَ ۾ اچي ويا. درياه ڪو ماڻو ۽ محصول اوڳاڙيندڙ هليا ويا.“

    9
    مُون اُڌارِيا مَڇَڙا، اللهَ! گھاتُو آڻِ،
    مِيان! مُدارَنِ سين، مونکي، قادرَ! وِجُھ مَ ڪاڻِ؛
    هَٺَ مُنهِنجي هاڻِ، قَدُرُ لِڌو جِنِ ري.

    ”مون اُڌاريون مڇيون ورتيون آهن. اي رب! تون ملاحن کي واپس آڻ. اي سگهارا صاحب! مون کي ڪوٺي دارن وٽ ڪاڻيارو نه ڪر. انهن (ملاحن) کان سواءِ منهنجي جسم ۽ جان کي سندن قدر پيو آهي.“

    10
    اَئِين جا لُڏو لوڏَ، اِيَ پَرِ گھاتُوئڙَنِ جي؛
    ڪُنَّ ڪلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نه سُتا ڪَڏهِين.

    اوهين جنهن ناز سان ٿا ٽلو، سا ريت ملاحن جي آهي. ڪلاچيءَ جي ڪُن گهورڻ جي شوق ۾، هو ڪڏهن به آرام سان نه سمهيا.

    11
    گھورِيندي گھورِپِيا، اَگھورِ گھورِيائُون؛
    مَيڪَرُ مارِيائُون، مَلاحَنِ مُنهَن سَنَرا.

    هو ڏوريندي، ڪن ۾ گهڙيا ۽ اونهو سمنڊ ڦوليائون. مانگر مڇ ماريائون. ملاحن جا چهرا سرها ٿا ڏسجن. (مورڙي ميربحر پاڻ کي پڃري ۾ وجهي، مانگر مڇ مارايو. سندس سوڀ تي ملاحن وڏيون خوشيون ڪيون.)

    12
    جِئَن جُھڳا پائِيين جھولَ ۾، اِئَن نه مَرَنِ مَڇَّ؛
    سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِـيُون رَڇَّ؛
    هِي ڇارُون ۽ ڇَڇَّ، اڃا اوڙاهُ آڳاهُون ٿِيو.

    جيئن ڄار جيڪر درياه جي جهول (گوشي ۾ بيٺل پاڻيءَ) ۾ وجهين تئن مانگر مڇ نه مرندا آهن. (هو اونهي پاڻيءَ ۾ رهندا آهن ۽ نه جهول پاڻيءَ ۾.) تون اونهي سمنڊ ۾ ڪم ايندڙ ڪي پختا ۽ رڱيل ڏور وارا ڄار پاڻ وٽ رک. هي سمنڊ جون تانگهيون کاريون ۽ تراريون آهن. اوڙاهه اڃا پري آهي. (جي نفس کي مارڻ چاهين ته وڏي ڪشمڪش لاءِ تيار ٿيءُ. باقي ننڍي ويڙهه مان ڪجهه نه ورندو.)


    سُرُ سورٺ

    داستان پهريون

    1
    اَللهَ جي آسَ ڪري، هَليو هِيائِين؛
    چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جُھوڙا ۽ جھائِين؛
    ڏولِي راءِ ڏياچَ جي، ڏُوران ڏِٺائِين؛
    وَينَتِي واحِدَ دَرِ، تَنهِن ويرَ ڪَيائِين؛
    ”سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجھائِين راڳَ سين.“

    الله ۾ ڀروسو رکي، ٻيجل هتان (انيراءِ جي ديس مان) هليو. مڱڻهار، سرندي کي ٽئونر ۽ گهنگهڻا ٻڌا. پريان راءِ ڏياچ جو محل ڏٺائين. اُنهيءَ مهل ڌڻيءَ در هيءَ وينتي ڪيائين:”سٻاجها سائين! شل راجا کي راڳ تي راضي ڪرين!“

    2
    ”پَرِديسان پنڌُ ڪَري، هلِي آيو هُون؛
    اُونچو تون عرشَ تي، آن ڀورو مٿي ڀُون؛
    ڪِيئَن تُسَندين تُون؟ هِيُ سِرَ سوالِي مَڱَڻو.“

    ٻيجل، راءِ ڏياچ کي ٿو چوي: ”پرديس کان پنڌ ڪري، مان هت ڪهي آيو آهيان. تون آڪاس تي (اوچي درجي جو) آهين. مان اڻڄاڻ ڌرتيءَ تي (خسيس درجي جو) آهيان. تون ڪئن راضي ٿيندين؟ هي مڱڻهار سر جو سوال ڪندڙ (گهرندڙ) آهي.“

    3
    ”پَرِديسان پنڌُ ڪَري، سُڻَي آيُسِ شانُ؛
    مَڱان ڪَهڙِي مَتِ سين؟ نِسورو نادانُ؛
    سو ڪو ڏِيارئِين ڏانُ، جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.“

    تنهنجو شان سڻي، مان پرديس کان پنڌ ڪري آيو آهيان. مان ڪهڙيءَ رمز سان دان گهران؟ مان بنهه اڻڄاڻ آهيان. اهڙو ڪو دان ڏيارج، جو منهنجي تمنا کي پورو ڪري.“

    4
    ”سَردِيءَ سالِمُ نه رَهان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ؛
    اَمَنُ ڏيجِ اَمانَ تون، سائِلُ هَڻي سازُ؛
    رَبابِيءَ کي رازُ، خالِصُ ڏيجِ خَلِيلَ جو.“

    ”منهنجي طبيعت سرديءَ ۾ سالم نه ٿي رهي (ڊهيو پوي) ۽ گرميءَ ۾ ڳريو ٿي وڃان. تون مون کي (انيراءِ جي عذاب کان) تسلي ۽ آرام بخش. هي سوالي ساز ٿو وڄائي (اها تند ٿو تنواري). هن راڳائيءَ کي گهري دوست جهڙو ڪونج ڳجهه سُڻائج.“ (حضرت ابراهيم کي ”خليل الله“ يعني ”خدا جو دوست“ چوندا آهن.)

    5
    ”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا: جاجِڪُ وٺي جِيُّ؛
    ڪَنان ’نارٌ حامِيَہ‘، هاڻِ بَچائِجِ هِيُّ؛
    والي! ڏِياريئِي وِيُّ، جِتِ آهي ’جَنَّاتُ عَدۡنِ‘.“

    ”اي راجا! مان تنهنجي درتي آيو آهيان. هيءُ چارڻ جان وٺڻ آيو آهي. هاڻ هن کي جلائيندڙ باهه (اَنيراءِ جي عذابن) کان بچائج. ڌڻي شل تو کي اُهو گلشن بخشي، جتي جنت جو باغ عدن آهي (شل بهشت عطا ٿيئي.)“

    6
    ”ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنَ کي، آيُسِ تُنهِنجي دَرِّ؛
    سُونهارا سورَٺِ وَرَ! ڪا مُنهِنجِي ڪَرِّ؛
    ڀلا! ڀيري ڀَرّ، پالهو پاندُ پينارَ جو.“

    ”ٻيا سڀ در ترڪ ڪري، مان تنهنجي در تي آيو آهيان. اي سورٺ جا موچارا ڀتار! ڪا منهنجي اون ڪر، اي نيڪ راجا! هن مڱڻهار جي ڪا خالي جهولي ڀر.“

    داستان ٻيو

    1
    جاجِڪُ جُھوناڳَڙہَ ۾، ڪو عَطائِي آيو؛
    تَنهِن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويهِي وَڄايو؛
    شَهِرُ سَڄو ئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو؛
    دايُون دَرِماندِيُون ٿِيُون، ٻايُنِ ٻاڏايو؛
    چارَڻَ ٿي چايو، ته مارِي آهي مَڱڻو.

    مڱڻهار، جو جهونا ڳڙهه ۾ آيو، سو ڪو ڏات مليل ميراثي هو. اُنهيءَ ماهر، ساز ڪڍي ويهي وڄايو. سرندي جي تندن، پنهنجي سُر سان، ساري شهر ۾ واويلا مچائي ڇڏي. ٻانهيون حيران ٿيون ۽ راڻين رودن ڪيو. چارڻ سرندي کان ائين ٿي چورايو ته ”هي مڱڻهار، قاتل شڪاري آهي.“ (هي چارڻ پنهنجي ساز سان دليون گهائي فنا ڪري ڇڏيندو).

    2
    نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَّ؛
    راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَّ؛
    رازُ ڪَيائِين راءَ سين، ڪَنهِن موچارِيءَ مَهَلَّ؛
    ”اَنَا اَحۡمَدُ بِلا مِيمِ“، سَينَ هَنئِي سائِلَّ؛
    ڪَنهِن ڪَنهِن پَيئِي ڪلَّ، ته هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.

    ٻيجل نئڙت سان تند چتائي وڄايو. املهه (بي بها شخصيت واري) راجا، رنگ محل ۾ سندس وينتي اونائي. ٻيجل، ڪنهن سڳوري ساعت، راجا سان هڪ اونهو اسرار سليو. ”آءُ احمد آهيان بنا ميم جي“: (يعني احد-ڌڻي): مڱڻهار اهائي سين هنئي. ورلي ڪنهن کي اها پروڙ پيئي ته ٻئي (راجا ۽ راڳائي) پاڻ ۾ هڪ ٿي ويا. (صوفين جي ويساهه موج حضرت ﷺ جن ائين فرمايو ته پاڻ حق سان هڪ هئا. مطلب ته ڪامل مرشد طالب کي اهو راز ٿو ٻڌائي ۽ کيس پاڻ سان هڪ ٿو ڪري.)

    3
    ڪِنِين ڪِنِين ماڙُهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي؛
    رَسيا جي رَمۡزَ کي، تن پارسِي پائِي؛
    ”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ“ ورتِي اِيَ وائِي؛
    راجا راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.

    ڪن جزوي ماڻهن کي انهيءَ ڳجهارت جي پروڙ پيئي. جن اُنهيءَ راز کي سڃاتو آهي، سي ئي اِها معما (پرولي) سمجهي سگهندا. ”انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ مان هن جو ڳجهه آهيان.“ (حديث) اهائي پچار پئي هلي. (ٻيجل، راجا کي اهائي وائي پئي سڻائي.) راجا ۽ راڳيندڙ ٻئي هڪ سان ملي هڪ ٿي ويا.

    4
    سِرَ جِي هُئائِين هَليو، چارَڻُ چِتائي؛
    سو مُوڙا جَھلي نه مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي؛
    ”تو دَرِ آيُسِ تي، جِئَن تو ناهِ نه سِکيو.“

    مڱڻهار هُتان ئي (پنهنجي گهران ئي) دل ۾ سِر جي تمنا رکي هليو. هو ڌن جون ڳوٿريون نه ٿو وٺي ۽ جواهر نه ٿو قبولي، چي: راجا! تنهنجي در تي اُنهيءَ ڪري آيو آهيان، جو تون ڪنهن کي نه چوڻ (ناڪار ڪرڻ نه سکيو آهين.“

    5
    ”جي مِيراثِي مَڱـڻا، آءٌ پُڻِ مَنجھان تَنِ؛“
    ڪِي ڪَہُ مُنهِنجي ڪَنِ، اِرۡثَ مَنجهاران اُنِ جي.“

    ٻيجل ٿو چوي: ”جن مڱڻهارن کي راڳ ورثي ۾ مليل آهي، مان پڻ تن منجهان آهيان.“ راءِ ڏياچ ٿو چوي: ”اُنهن جي ورثي مان (ڏات منجهان) ڪي منهنجي ڪن کي سڻاءِ.“

    6
    ڪا جا ڳالِھ ڳَرِي، ٻِيجَليا! ٻُڌاءِ مُون؛
    پيٺين جِئَن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري؛
    ڪِ تو پَنڌُ پري، ڪِ مَڱَ جَھـلِيندين؟ مَڱڻا!“

    راءِ ڏياچ ٿو چوي: ” اي ٻيجل! اِهائي ڪا ڳالهه چئي، مون کي ٻڌاءِ: تو گرنار ۾ گهڙي، تندن تي جا تان هنئي، سا مون کي سڻاءِ. اي مڱڻا! توکي پرانهين پنڌ تي موٽي وڃڻو آهي. يا هتي ئي ڏاڻ وٺندين؟“

    7
    ”مَڱَ نه جَھـلِيان مُورَهِين، نه مُون پَنڌُ پَري؛
    ڳَـڻِي آيُسِ ڳالَھڙِي، ڳُجِھي تو ڳَري؛
    سا سَمجِھج سورَٺِ وَرَ! وِيندُسِ ڪِينَ وَري؛
    پَريان پيرَ ڀَري، تو لَءِ آيو آهِيان.“

    ٻيجل ٿو چوي: مان ڏاڻ مُور نه وٺندس، نڪي پرانهين پنڌ تي موٽي وڃڻو اٿم. مان تو وٽ هڪ ڳجهي ڳالهه کڻي آيو آهيان. اي سورٺ جا ڀتار! اِهو سمجهي ڇڏج ته مان واپس موٽي نه ويندس. مان، تنهنجي لاءِ (تنهنجي سر وٺڻ لاءِ) ئي پريان ڪهي آيو آهيان.“

    8
    سِرُ مَڱي سِرُ گُھري، سِرَ رِءَ ٿِـئي نه صلاحَ؛
    غَرِيبَنِئُون نه گُذِري، ٿو ماري مِيرَ مَلاحَ؛
    نايو نَوابَنِ جا، سورِيو ڪَڍي ساهَ؛
    خالقُ سَنجِھ صُباحَ، ڪونه ڇَڏيندو ڪِٿَـهِين.

    هو دان ۾ سر ٿو گهري، سر جي ئي طلب ٿو ڪري. سر کان سواءِ رضامندي ٿيڻي ئي ناهي. هو غريبن مان نه ٿو گسي. اميرن توڙي سهڻن کي ماري ڇڏي. هو نوابن (حاڪمن) کي ليٽايو، سندن ساهه پيڙيو ڪڍي. ڌڻي، سنجهي توڙي صبوح (ڪنهن به ٽاڻي) ڪنهن کي ڪٿي به نه ڇڏيندو.

    داستان ٽيون

    1
    ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنِيءَ ويهِي ڀانَ؛
    راجا رَتولَنِ ۾، سيباڻو سُلطانَ؛
    ”آءُ مٿاهُون مَڱـڻا! مُقابِلِ مَيدانَ؛
    گھورِيان لَکَ، لَطِيفُ چئي، تُنهنجي قَدمَنِ تان قُرِبانَ؛
    مَٿو هِيءُ مِزمانَ! هَلِي آءُ ته هِتِ ڏِيَنءِ.“

    مڱڻي ٻيجل، اسر جي وقت اهڙو ڪو سر آلاپيو، جو راجا کي رنگ محلن ۾ اُهو وڻيو. ٻيجل کي چوائي موڪليائين: ”اي مڱڻهار! تون مٿي (محل ۾) ساکيات منهنجي سامهون اچ. تنهنجن قدمن مٿان لک گهوري ڇڏيان. اي مهمان! هتي هليو اچ ته سر لاهي ڏيان.“

    2
    ”آءُ مٿاهُون مَڱڻا! چڙهي ۾ چَؤڏولَ؛
    توکي گھوٽَ گُھرائِيو، راڄا مَنجِھ رَتولَ؛
    ٻيجَلَ! توسين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.“

    (ٻيجل کي هي پيغام مليو): ”اي جاجڪ! تون مٿي ڏوليءَ ۾ چڙهي اچ، سهڻي ڇٽ ڌڻيءَ توکي رنگ محل ۾ سڏايو آهي. اي ٻيجل! پرهه ڦٽيءَ جو توسان سر لاهي ڏيڻ جو قول آهي.“

    3
    مَحَلين آيو مَڱـڻو، کَـڻِي سازُ سِرِي؛
    لَڳِي تَندُ تُنبيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِرِي؛
    هَنڌين ماڳين هُوءِ ٿِي، تُنهنجِي ٻِيجَلَ! دانهَن ٻُرِي؛
    سِسِي تَنهِن سُلطانَ کان، اچِي گھوٽَ گُھرِي؛
    جُهونا ڳَڙهُ جُھرِي، پُوندي جھانءِ جَھروڪَ ۾.

    مڱڻهار عجيب ساز کڻي، محل ۾ آيو. سرندي وڃائيندڙ جي تان اهڙي ڇڙي، جو قلعا به ڊهي اچي پٽ پيا. اي ٻيجل! تنهنجي ڪري جتي ڪٿي هاءِ هوءِ مچي ويئي، ۽ تنهنجي دانهن وڄي ويئي. اِنهيءَ سرموڙ اچي راجا کان سر جي گهر ڪئي. جهونا ڳڙهه ڏک ۾ جهري پوندو ۽ محل ۾ واويلا مچي ويندي.

    4
    ڏاتارَ ۽ مَڱـڻي، ڪونه وسِيلو وِچِ؛
    سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ؛
    جي هِتي جي هُتِ، ته ڳالھِ مِڙِيائِي هيڪِڙِي.

    سخي (راءِ ڏياچ) ۽ مڱڻهار (ٻيجل) جي وچ ۾ ڪوبه حجاب نه رهيو. سوئي تندن ۾ آلاپ هو، جيڪي چارڻ جي من ۾ هو. (جيڪي ٻيجل کي اندر ۾ هو، سو سرندي کان پئي چواريائين.) جي هتي (زمين تي) هو يا هتي (محل ۾) ته ڪهڙي ئي وائي پئي آلاپيائين. (اُهائي سرجي گهر پئي ڪيائين.)

    5
    ”جاجِڪَ! تو جُهارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ چئي؛
    جَنهِن ۾ مالُ نه مِرِيءَ جيترو، تَنهِن تون طَمَعَدارُ؛
    جي اچيئِي ڪَمِ ڪَپارُ، ته وِيہَ ڀيرا وڍَي ڏِيَنءِ.“

    راجا ٿو ٻيجل کي چوي: ”اي چارڻ! ڏياچ ٿو چوي ته توکي ڏهه دفعا نمسڪار آهي. جنهن سر ۾ ڪاري مرچ جي داڻي جو به مال ناهي (جو سکڻو آهي)، تنهن جو تون طلبگار ٿيو آهين! جي توکي منهنجو سر ڪم اچي، ته ويهه دفعا ڪپي ڏيانءِ.“

    6
    ”ٻيلي! ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ هَڻِي نِهارِيا؛
    چوري رَکِـيَم چِتَ ۾، ڏِسِيُنِ جا ڏاتارَ؛
    هِيُ سِرُ توهان ڌارَ، ٻِيجي ڪَنهِن نه ٻولِيو.“

    ٻيجل ٿو چوي: ”مون ٻنهي طرفن ڏانهن اکيون کڻي چتائي ڏٺو. مڙني ڏيهن جا سخي، دل ۾ ساري رکيم. توکان سواءِ ٻئي ڪنهن به هن سر ڏيڻ جي ٻول نه ڪئي.“

    7
    ”سو جِيُ، مَڱَـڻهارَ! مَ هوءِ، جَنهِن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪَيو؛
    جو مُون مُل مُورِ نه سَپَڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ؛
    تان جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.“

    راءِ ڏياچ ٿو چوي: ”اي مڱڻهار! اُهو جيوُ (انسان) شل نه هجي (تو مٿان گهوريو)، جنهن جي سر مٿان تو انيراءِ سان سودو ڪيو آهي. يا جنهنجو سر، سر جي سؤدي ۾ ٿو گهرين. جي تون اُهو ڪي گهرين ها، جو مون وٽ هجي ئي نه ها ته جڳن جا جڳ سخين کي داغ ڏيئي ڇڏين ها.“

    8
    ”مَٿو مَٿائِين گھورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ؛
    هَڏو هِيُ هَٿِ ڪَري، جاجِڪَ! وَهِلو جاءِ؛
    تُون سين اَنِيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَهو وَهِين.“

    راجا ٿو چوي: ”هي سر تنهنجي مٿان اُڪوئي گهوري ڇڏيان. اي چارڻ! هي سکڻو ڪپار هٿ ڪري، جلد رواني ٿيءُ. اي چارڻ! هي سکڻو ڪپار هٿ ڪري، جلد روانو ٿيءُ، متان تون اَنيراءِ سان ڪيل وچن ۾ پالهو پوين.“ (وچن نه پاڙڻ ڪري ڪانيارو ٿئين.)

    9
    ”مَٿو مُورِ نه پاڙِيان، تُنهنجي تَندُ تَنوارَ؛
    سِرَ ۾ سَڃَڻَ ناهِ ڪِي، موٽُ مَ، مَڱـڻهارَ!
    ڪِينهي منجِھ ڪَپارَ، لَڄيندو ٿو لاهِيان.“

    راجا ٿو چوي: ”هي سِر، تنهنجي تندن جي تنوار مٽ هرگز نه ٿو سمجهان. سر ڏيڻ ڪا ڀيٽا (نذرانو) ئي ناهي، ته به اي مڱڻهار! تون سکڻو موٽي نه وڃ، منهنجي ڪاپار (مٿي) ۾ ڪي ڪينهي (ان جو ملهه بنهه ڪينهي)، مان اُن کي وڍيندي لڄ ۾ ٿو مران.“

    10
    ”سؤ سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَر تورِيان؛
    اُٽَلَ اوڏانهِين ٿِـئي، جيڏانهن ٻِيجَلَ ٻُرائي؛
    سَکِـڻو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناهِ ڪِي.“

    ”جي ساهميءَ جي پڙ ۾ هڪ سؤ سر ۽ ٻئي ٻيجل جي چنگ جي تند توريان، ته هيٺ لاڙو اُن پڙ جو ٿيندو، جيڏانهن ٻيجل تان وڄائي. (ٻيجل جي تند برابر سؤ سِر به ناهن يعني مرشد ڪامل جي هڪ روحاني راز جي عيوض ۾ طالب جا سوين سر به تڇ آهن.) منهنجو سي خالي هڏو آهي، سو ڏيڻ ڪو نذرانو ئي ناهي.“

    11
    ”مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُوَنِ ڪَپارَ؛
    ته وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ؛
    ته پِڻُ تَندُ تَنوارَ، مُوهان مٿائُون، مَڱـڻا!“

    ”منهنجي مٿان جي ڪروڙين سر هجن ته پنهنجي سسئيءَ کي ور ور ڏيئي، سوين ڀيرا وڍيان. انهيءَ هوندي به تنهنجي تند جي تنوار، اي مڱڻهار! مون کان وڌيڪ ملهائتي آهي.“

    12
    ”جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاهِيو اِي سِرُ سَڀِڪو ڏي؛
    ڪِي نانہِ جَهِڙو ڏي، جو سَنَدَ ٿِـئي سُواليِـين.“

    ٻيجل ٿو چوي: ” اي راءِ ڏياچ! تون جيڪي ڏيڻ جي ٿو ڪرين، سو سر هرڪو لاهي ٿو (عزت ۽ مال تي سر قربان ڪرڻ لاءِ هرڪو تيار آهي.“) تون اهڙو ڪو دان ڏي، جو ٻيا ڏيڻ ۾ نانہ ڪن ۽ هميشہ لاءِ سوالين لاءِ سند (اختيار نامو يا دستاويز) ٿي رهي.“

    13
    پَسِي پاٽُ پُرِ ٿِيو، سندو جادِمَ جُودُ؛
    مَڱَ وِهاڻِيءَ مڱڻا! مَٿو هيرَ مَوجُودُ؛
    بَلَڪِ آهي بُودُ، ناڪَسِيءَ، نابُودُ ۾.

    راڳيندڙ (ٻيجل)، يادو ڪل جي راجا جي سخاوت ڏسي، ترپت طرح راضي ٿيو. ”اي مڱڻهار! تو کي دان اسر جو ملندو، سِرُ هينئر حاضر آهي. مگر سچي هستي پاڻ وڃائڻ ۽ نيستيءَ ۾ آهي.“

    14
    چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا؛
    صَدا جي سَيَّدُ چئي، وائِي ڪَيائِين واتا؛
    تَنهِن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وڏِيءَ داتا؛
    مَرڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءِ ڏياچَ جي.

    چارڻ چنگ ڪلهي تي رکي، پنڌ ڪري، پير اچي جهوناڳڙهه ۾ گهمايا. وار مان پنهنجي طلب جي (سر گهرڻ جي) وائي ڪڍيائين. انهيءَ تي وڏي دل وارو سخي راجا ريجهي پيو. ڀل ته راءِ ڏياچ جي نيڪ ماءُ فخر ڪري (جو ههڙو سخي پٽ ڄڻيائين.)

    داستان چوٿون

    1
    رِءَ مَصلِحَتَ مَڱـڻا، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِّ؛
    نُورُ تَجَلَّو نُورَ سين، نِميو نيڻَ پَسَنِّ؛
    خِيمي ۾ کَنگھارَ جي، چانڊُوڻا چِمِڪَنِّ؛
    لَڌائِين لَطِيفُ چئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِّ؛
    تيلان مُلڪَ ڌَڻِينِّ، مَڃِيو مَڱـڻهارَ کي.

    مڱڻهار، بنا ڪنهن فيض جي، محل ۾ ڪين ٿا اچن (الله لوڪ هميشہ ڪنهن درويش دل بادشاهه وٽ محل ۾ ڪهي ٿا اچن.) طالب جا نيڻ، مرشد جي روشنيءَ سان، الاهي نور ٿا ڏسن. راءِ ڏياچ جي وجود ۾ چنڊ جهڙا تجلا ٿا چمڪن. (راءِ ڏياچ جو جسم الاهي نور سان پر ٿيو.) هن مڙني ڏيهن جا ڏاڻ (ساري ڪائنات جا فيض) حاصل ڪيا. تنهن ڪري راجائن، مڱڻهار اڳيان سر نوايو. (درويش اڳيان دنوي شهنشاهه به سر ٿا نمائن.)

    2
    ”مَرُ ته آئين، مَڱـڻا! مامَ پَرُوڙِي مُون؛
    جيڪا ڳاهَ ڳالهائِيين، سا سَڀِ سَمجهِي سُون؛
    تَنهِن ۾ تُسِجِ تُون، جيڪِي پَوَيئِي پَٽَ ۾.“

    راءِ ڏياچ ٿو چوي: ”اي مڱڻهار! تون ڀل آئين، مون ڳجهارت سمجهي، جيڪا تو پرولي ڳالهائي، سا اسان سموري پروڙي. جيڪي ڪشتي ۾ پويئي، تنهن تي راضي ٿج.“

    3
    ”چارَڻَ! تُنهنجي چَنگَ جو، عَجَبُ آهِمِ اِيُّ؛
    هَڻِي آيو هَٿَن سين، جِئَرو رکِيو جِيُّ؛
    راتِ مُنهنجو رِيُّ، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين.“

    ”اي چارڻ! تنهنجي چنگ تان مون کي هي عجب آهي: تون پنهنجن هٿن سان تند بيٺو تنوارين، ته به پنهنجي جان کي سلامت رکيو اٿيئي! (ٻين کي فنا ڪيو اَٿيئي، پر پاڻ زندهه آهين!) تون رات منهنجو هنئون پنهنجي چنگ سان چيري وڌو.“

    4
    ”تانُ نه آهي تَندُ جو، رُون رُون ڪري رازُ؛
    هَڻَندَڙَ سَندا هَٿَڙا، سَڀِڪو چئي سازُ؛
    سَٽَ ڏيئِي شَهِبازُ، ٿِيُ، ته ٿوڪُ پِرائِيين.“

    ٻيجل ٿو چوي: ”هي تند جو آلاپ ناهي، پر خود الاهي راز ”رُون رُون“ جو آواز پيو ڪري. هر ڪو انهيءَ کي ساز جو آواز پيو سڏي، پر حقيقت ۾ اھِو وڄائيندڙ جي هٿن جو ڪرشمو آهي. تون تيز رفتار رکي، شهباز (اعليٰ پرواز وارو) ٿيءُ ته بي بها وٿ (ابدي حياتي) هٿ ڪرين.“

    5
    ”تَندُ تُمارِيءَ تانُ، ڪَهِيو سو قَبُولُ پِيو؛
    سِرُ ته آهي سَٽَ ۾، پَرَ ٻِيو ڪِي مَڱِجِ دانُ؛
    خاڪِ، مِٽِي ڪا بانُ، ڪاٽِيا پوءِ ڪُجُھ نَهِين.“

    راءِ ڏياچ ٻيجل کي ٿو چوي: ”جيڪو آلاپ تنهنجي تند آلاپيو، سو قبول پيو. هي سر ته اُن جي عيوض ۾ حاضر آهي، پر ٻيو به ڪو دان گهرج. هي بدن مٽيءَ جي بناوت آهي، جي وڍجي ويو ته پوءِ ڪجهه به ناهي.“

    6
    ”چارَڻَ! ٻولِجِ ڪِي ٻِيو، گُهرِيُءِ سو گھورِيان؛
    گَهرُ، سورَٺِ نه پَڙي، جان تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان؛
    ڳُجِھي آهِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري، تان اورِيان؛
    ڪِ ڪُلَهنِئُون ڪورِيان؟ ڪِ، جاجِڪَ! جُسي سين ڏِيَنءِ؟“

    ”اي جاجڪ! ٻيو ڪي چئج. جيڪي تو گهريو، سو تو مٿان ٿو گهوريان. جي گهر ۽ سورٺ، تنهنجي تند سامهون توريان، ته اهي ٻئي اُن جي مٽ نه پون. توسان هڪ ڳجهي ڳالهه ڪرڻي اَٿم. ويجهو اچ ته توسان سليان. اي چارڻ! هي سر ڪلهن کان ڪپيان يا ڌڙ سوڌو ڏيانءِ.؟“

    7
    ٽيئِي پَرِچيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪنڌُ؛
    ”تَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪَيو پَنڌُ؛
    اِيُ شُڪُرُ اَلۡحَمۡدُ، جِئَن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا!“

    ٻيجل جي سرندي جي تند، سندس ڪاتي ۽ راءِ ڏياچ جي سسي، ٽيئي پاڻ ۾ ٺاهه ڪري، هڪ ڳالهه (راجا جي شهادت) بيٺا. راءِ ڏياچ ٿو چوي: ”اي چارڻ! تو جو پنڌ ڪيو آهي، تنهن جهڙو اَملهه فيض جهان ۾ ٻيو ڪونهي. (مرشد ڪامل پاڻ وٽ ڪهي اچي، سو هڪ بي بها فيض آهي.) اي مڱڻهار! ڌڻيءَ جو شڪر ۽ واکاڻ ڪرڻ جڳائي، جو تو رڳو مون کان سر گهريو (۽ نه ٻيو ڪجهه، جو ڏيئي نه سگهان ها).“

    8
    ڪَنجهي ڪيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتي؛
    هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنهِن پارِسَ پيراتِي؛
    ڏِسَنديئِي ڏِياچَ کي، ظاهِرُ ٿِيو ذاتِي؛
    ڪَڍِي تَنهِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرَٽُ ڪَپارَ ۾.

    اِهو راڳ الاپيندڙ سرندو، اهو ولايتي (افضل ولايت جو) ساز وڄي پيو. اُنهيءَ پارس جهڙي پرش (ٻيجل مرشد ڪامل)، راجا (يعني طالب) جي حضور ۾ سربستي تند وڄائي. (سموري روحاني راز جي پلٽ ڪئي.) اهو ڏسندئي ئي، راءِ ڏياچ جي اندر ۾ ذاتي نور يا جوهر پيدا ٿيو. (سندس باطن جا پردا کلي پيا ۽ سندس سارو وجود الاهي نور سان پر نور ٿي ويو.) پوءِ ڪاتي ڪڍي، هن پنهنجي ڪنڌ ۾ سير وڌي. (طالب، سر لاهي، مرشد اڳيان نذرانو رکيو.)

    9
    گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿِـيُون پِٽِينِ؛
    سَهسين سورَٺِ جَهِڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ؛
    چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگاريو ڏِينِ؛
    ناريُون ناڏَ ڪَرِينِ: ”راڄا راتِ رَمَگيو!“

    گرنار جي گلشن جو گل (راءِ ڏياچ) ڇڄي ويو آهي (آخرت ڏانهن روانو ٿيو) ۽ ساري پٽڻ (سؤ راشٽر جي گاديءَ جي هنڌ) ۾ زالون روڄ پيئون ڪن. سورٺ راڻيءَ جهڙيون ٻيون، انيڪ ناريون اُڀيون ٿي، پار ڪڍيو پيئون روئن. راءِ ڏياچ جي هٿ ۾ ٿيون ڏين. زالون ورلاپ ڪري پيئون چون ته ”راجا رات هلي رهيو آهي.“

    10
    سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما هَنيا کَنگھارَ؛
    ٿِيو راڳُ، رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ؛
    سو ڍَٽين پَٽين پارَ، پسو! راڄا راضِي ٿِيو.

    سورٺ مئي (راءِ ڏياچ جي گذارڻ کان پوءِ چکيا تي چڙهي) ته صلح ۽ آرام لڳي ويو (ڇو جو سورٺ جي ڪري ئي هيءَ ساري روئداد ٿي هلي. سورٺ مان معنيٰ آهي نفس. نفس مري ويو ته قلب لاءِ آرام ٿيو.) راءِ ڏياچ پنهنجا تنبو کنيا. (لاڏاڻو ڪري، وڃي عرش ۾ اڏيا.) روحاني دنيا ۾ راڳ روپ ٿيو ۽ سازن جي تنوار ٿي (هتي ”سو“ لفظ پر معنيٰ آهي. يعني اُهو راڳ روپ، جو غيبي دنيا ۾ ملائڪ ٿا ڳالهائين.) اُهو راڳ هنڌين ماڳين ۽ چئني ڏسين ۾ پيو ٻري. (جن کي ڪن آهن. سي سڻن.) ڏسو! ته راجا ڏاچ هينئر فرحت ۾ عرش تي ويٺو آهي. (جو طالب، مرشد کي سر ڏيئي راضي ٿو ڪري، سو پاڻ عرش تي هميشہ لاءِ راضي ٿو رهي.)


    سُرُ ڪيڏارو

    داستان پهريون

    1
    ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪــو شَهـزادَنِ ٿِـيـو؛
    ڄاڻي ھيـڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.

    محرم جو مهينو ڏٺو آهي ۽ دل ۾ شهزادن (امام حسن ۽ امام حسين) جي جهوري لڳي آهي. هڪ الله کي ئي راز جي ڄاڻ آهي، جو پاڻ کي وڻندڙ ڳالهيون ٿو ڪري.

    2
    مُحَرَّمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نه اِمامَ؛
    مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين!

    محرم جو مهينو موٽي آيو، پر امام واپس نه وريا. اي الله! شل مون کي مديني جي ميرن سان ملائين!

    3
    مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛
    ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!
    آن تنِين لَءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئـِيا.

    شهزادا مديني کان نڪري، وري واپس نه آيا. (ڪربلا ۾ وڃي شهيد ٿيا.) ادا رنگريز! ڪارا ڪپڙا (ماتم جا وڳا) رڱج. مان اُنهن مسافر ميرن لاءِ ٿي جلان، جي گذاري ويا. (يا جي شهيد ٿي، الاهي عشق ۾ رڱجي ويا.)

    4
    سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛
    ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛
    ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.

    امامن لاءِ شهادت جي سختي، الاهي رحمت جي بارش هئي. انهيءَ الاهي عشق جي اهڃاڻ جي، يزيد کي رتيءَ ماتر به پروڙ نه هئي. امامن جو ازل ۾ ئي سر ڏيڻ جو انجام ڪيل هو.

    5
    سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛
    رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.

    شهادت جي سختي، حقيقت محبوب (ڌڻيءَ) جي طرفان هڪ خالص ناز هو. ڪربلا جي واقعي جي ڳجهارت، ڪي ڪامل عارف ئي پروڙي سگهندا.

    داستان ٻيو

    1
    چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛
    اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛
    عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.

    هي سورهيه امير (امام حسين ۽ سندس ساٿي)، چنڊ لٿي، مديني کان جنگ لاءِ سوار ٿي، نڪتا. هنن سان نغارا، شڪاري باز، ڪهاڙيون، ڀالا، خنجر ۽ بڙڇيون ساڻ هيون. عليءَ جا پٽ امير، رڪ جي هٿيارن سان جنگ ڪندا.

    2
    ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛
    جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛
    مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.

    ڪربلا جي ميدان ۾ اچي تنبو کوڙيائون. يزيد (يزيد جي لشڪر) سامهون، جوش ۾ اچي جنگ جوٽيائون. ترار جو تاب ڏسي، ڪؤ نه کاڌائون.

    3
    ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَهلِ بَيۡتَ آئِيا؛
    ماري مِصِرِيُنِ سين، تن ڪافَرَ ڪَنبايا؛
    سَچُ ڪِه بِيبِيءَ ڄايا، ھَهڙا سُورِهَ سُپِرِين.

    حصرت پيغمبر ﷺ جي ڪٽنب وارا ڪامل ڪربلا ۾ آيا. مصر ۾ جوڙيل ترارين سان دشمن جي ماڻهن کي ماري. ڪافرن کي ڏهڪايائون. بيشڪ بيبي فاطمہ (پيغمبر ﷺ جي نياڻيءَ) ههڙا پهلوان ڄڻيا.

    4
    ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
    ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
    ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.

    هي ڪامل ۽ زبردست سورهه ڪربلا ۾ آيا. زمين ڌٻي، لرزش ۾ آئي آسمان ڌڏيا. هيءَ ڪا معمولي جنگ نه هئي، پر الاهي محبت جو ڪرشمو هو.

    5
    دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
    خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
    اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
    اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.

    ڌڻي، پنهنجا دوست ڪهائي ٿو ۽ دلبر مارائي ٿو. پنهنجن خاص دوستن کي، سختيون ٿو سهائي. الله بي پرواهه، اُها ٿو ڪري، جا کيس وڻي ٿي. انهيءَ ۾ ڪنهن ڳوڙهي ڳجهه جي ڳالهه سمايل آهي.

    داستان ٽيون

    1
    ڏِٺو ڪـالَھ ڪَـنھِين، جُھونجھارِڪـو جَھـڳِڙو؛
    ھـاٿِيُنِ ھَڏَ مُڇـائِيا، ريلو رَتَ نَـئِين؛
    ڀانـئِنِ سـا سَنئِين، جِئـان جِيءُ جوکو ٿِـئي.

    اهڙو ڪو آهي، جنهن پنهنجين اکين سان هيءَ سورمن جي لڙائي ڏٺي؟ ويڙهه ۾، هاٿين، رت جا ريلا وهائي، پنهنجا هڏ ڪپايا. سورهه، انهيءَ منزل کي آسان ڪري ٿا سمجھن، جتان جان کي جوکو آهي.

    2
    آيا، اُجارِين؛ تَنڪـ، تَرارِيُون تِـئُرا؛
    سانگِــيُون سـائُن ھَٿَ ۾، ڪُلَھِنئُون نه لاھِينِ؛
    اُڀا ئِي آھِينِ، مُھائِي مَرَڻَ تي.

    هٿيار صاف ڪندڙ آيا آهن ۽ ڪهاڙيون ۽ تراريون چمڪائي اوجل پيا ڪن. سورهن جي هٿن ۾ نيزا آهن ۽ اُنهن کي ڪلهن تان هيٺ نه ٿا لاهين. هي شهادت جا شائق، مرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن.

    3
    ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛
    وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.

    ڌڪ هڻڻ، گهوڙن کي هڪلڻ ۽ ساٿين جي سار لهڻ، اهو سورهن جو مرڪ آهي. اُهي رڪ جي بازيءَ (رڪ جي هٿيارن سان لڙائيءَ) ۾ تر جيترو به ويڇو نه ٿا وجهن. (هو ساندهه لڙندا ٿا رهن.)

    4
    بَھادُرَ گَڏِيا بَھادُرين، کَڙڳَ کِلۡوِلِ ڪَنِّ؛
    وِجَھنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھڻَنِّ؛
    ڪِرَن، ڪَنڌَ نَچَنِّ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو.

    سورهه سورهن جي سامهون ٿيا آهن ۽ ترارين جو ڪڙڪو پيو پوي. هو هڪلون ڪيو، ڌڪ پيا هڻن، ۽ ڌڙ ڌڙن جي مٿان سٿ ڪيو پيا ليٽائين. بهادر پٽ تي ڪرن پيا ۽ ڪٺلن جا ڪنڌ پيا نچن. جنگ جي ميدان ۾ شور ۽ هل مچي ويو ۽ روڄ برپا ٿي ويو.

    5
    ھوڏانھن ھُنِ ھاڪارِيو، ھيڏانھن ھِي ھَڻَنِّ؛
    سُرِنايُون ۽ سُنڌِڙا، ٻِنِين پارِ ٻُرَنِّ؛
    گھوٽَنِ ۽ گھوڙَنِّ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.

    هُن طرف هنن هڪل ڪئي. هن طرف هي هٿيارن سان مارو پيا ڪن. شرنايون ۽ توتارا، ٻنهي طرفن کان پيا وڄن. سورهن ۽ سندن گهوڙن، جنگ جي ميدان ۾ ڪري، هڪ ٻئي سان ڪنڌ ملايا.

    6
    گھوڙَنِ ۽ گھوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛
    ڪَڏَھِن مَنجِھ ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.

    گهوڙن ۽ سورهه سردارن جو جئڻ ٿورن ڏينهن لاءِ آهي (هو ناگاهه شهيد ٿيو وڃن) هو ڪڏهن محلن ۾ آهن ته ڪڏهن جنگ جو ميدان وڃيو وسائين. (هو ڪڏهن محلن ۾ سيجن تي ٿا ليٽن، ڪڏهن جنگ جي ميدان ۾ خاڪ ۾ وڃيو سمهن.)

    7
    جِھمَندِيُون اَچَنِ، جھوليُون جُھونجھارَنِ جُون؛
    پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، اُنِ جُون وَھُون واڪا ڪَنِ؛
    پِٽِينِ پارَ ڪڍَنِ؛ رڻ گَجيو، راڙو ٿِيو.

    سورمن جون جھوليون (جن ۾ سندن لاش آهن) لڏنديون ٿيون اچن. سندن زالون مٿن تي ڌوڙ جا ٻڪ وجهي، پار پيئون ڪڍن. هو پاڻ پٽي، ورلاپ پيئون ڪن. جنگ جي ميدان ۾ حشر ۽ روڄ مچي ويو.

    8
    ”ڪانڌَ! ڪَلارين ڪَپڙين، وَرَ! وِناھِيو آءُ؛
    جِتِ سانگِيُنِ جِي سَٽِ وَھي، اُتِ وِکَ وَڌندِي پاءِ؛
    نان تان ڀَؤ مَ ڀاءِ، جان جان نُوڌين نه چَڙِھِين.“

    ”اي گهوٽ! گلن ڦلن سان ڀريل ڪپڙن ۾ وهانو لاءِ سنڀري اچ. (امام قاسم، امام حسن جو ڀائٽيو، جو جنگ جي ميدان تي پرڻيو. ڏسو قصو.) جت ڀالن جو سٽڪو پيو پوي تتي تکو وڃ. تيسين ڪو خطرو نه سمجھ، جيسين شهادت جي شادي نه ڪئي اٿيئي.“

    9
    ’ڀَڳو‘ آئوُن نه چَوان؛ ’مارِيو‘، ته وِسَھان؛
    ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛
    ته پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.

    (هڪ سورمي جي زال ٿي چوي): آءُ پنهنجي ڀتار کي جنگ جي ميدان ۾ ڀڳل نه چونديس، پر جي ٻڌان ته مارجي ويو ته اعتبار ڪنديس. جي پنهنجي گهوٽ کي منهن ۾ گهاو ڏسي سرهي ٿي سندس زخمن کي سيڪا ڏينديس. جي پٺيءَ ۾ ڌڪ لڳل هوندس (بزدليءَ کان) ته لڄ ۾ مري وينديس.

    10
    مُنهَن مَٿاھان جن جا، سي پِٽِيو ڪَڍَنِ پاَر؛
    ”جيڏِيُون! ھِنَ جُھنجھارَ، اُجاري سَڀِ اَڇا ڪَيا.“
    جن عورتن جا منهن مٿي آهن (جن جي ڀتارن جنگ ۾ سر ڏيئي سندن مان مٿي ڪيو)، سي پار ڪڍيو پيئون چون ”اي سرتيون! هن سورهه پنهنجن وڏن کي سرخرو ڪيو.“

    11
    مَرُ مَرِين، آئوُن رُئَنءِ! موٽِي آءُ مَ، ڪانڌَ!
    ڪَچَنِ وَڏا پاندَ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَنڙا.

    سورهه جي زال ٿي چوي: ”اي ڀتار! ڀل ته جنگ ۾ سر ڏيئي مرين ۽ آءُ تو لاءِ روئان. تون ڀڄي موٽي نه اچج. طعنن جا پلاند وڏا آهن (گلائون هميشہ لاءِ آهن)، جئڻ ٿورن ڏينهن لاءِ آهي.

    داستان چوٿون

    1
    ڪا جا ڍُرِي ڍُنگرِي، ڪو جو وَرِيو واءُ؛
    عَلِيءَ شير وِياءُ، رِڻَ ۾ پِيَن راتِڙِي.

    اهڙي ڪا مٿان ماڪ پيئي ۽ اهڙو ڪو واچوڙو وسيو (اهڙو ڪو غبار ۽ طوفان اچي نازل ٿيو)، جو عليءَ شير جي اولاد کي جنگ جي ميدان (ڪربلا) ۾ اچي رات پيئي.

    2
    جھيڙو لاهِ، يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سـيـن؛
    سا نه پَسَـنـدين عِـيـدَ، جا ھُوندِي مِيرَ حُـسـيـنَ سـيـن.

    اي يزيد! عليءَ جي اولاد سان جنگ ڪرڻ ڇڏي ڏي. اُها خوشي تون نه ماڻيندين، جا مير حسين کي ابد تائين حاصل هوندي.

    3
    ڪُوفِيُنِ قَھِرُڪَيو، ٿِيا جَماتِي يَزِيدَ سين؛
    پَلِيتَن کي پِڙَ ۾، وَرِنَہُ وَرِ پِيو؛
    سَڌَرِ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِيو.

    ڪوفين وڏو ظلم ڪيو، جو وڃي يزيد جا حمايتي (ساٿي) ٿيا. هي جوان (مير حسين)، جنگ جي ميدان ۾ اچي، هنن خبيشن جي ور چڙهيو. سندن ارادو پڪو هو. هي شير مڙس شهادت کي رسيو.

    4
    ڪُوفِيُنِ ڪاغَذُ لِکِيو، وِچِ وِجِھي اَللّهُ؛
    ”اَسِين تابِعَ تُنھنجا، تُون اَسانجو شاهُ؛
    ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، ته تَختُ تابِيني تُنھنجي.“

    ڪوفين الله جو واسطو وجهي (يا الله جو قسم کڻي)، مير حسين ڏانهن خط لکيو: ”اسين تنهنجا ٻانها آهيون، تون اسان جو شاهه آهين. هيڪر هيڏانهن اچ ته تخت تنهنجي حوالي ڪيو وڃي.“

    5
    ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛
    اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛
    نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي!

    ڪوفي ڪربلا ۾ مير حسين ۽ سندس ساٿين کاي پاڻي به نه پيارين. اُتي شهزادا حضرت عليءَ کي ياد پيا ڪن ۽ تنبن کان ٻاهر نڪري، چوطرف نهاري پيا پڪارين: ”اي مير محمد عربي! (اي پاڪ رسول!) اچي اسان سان حامي همراهه ٿيءُ.“

    6
    پِرِهَ پَکِي آئِيو، ڪَربَلا مان ڪَهِي؛
    روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنهِن ھلِي ھاڪَ ھَنئِي؛
    ”ڏِٺِـيَمِ رُڪَ رُئِي، چَڙهُ، مِيرَ مُحَمَّدَ عَرَبِي!“

    اسر جو هڪ پکي (ڪبوتر، رت ۾ پُسي) ڪربلا ۾ مان ڪهي، حضرت محمد ﷺ جي روضي مبارڪ طرف آيو ۽ اچي نعرو هنيائين: ”اي رسول اڪرم! مون ترارين جو تجلو ڏٺو آهي. تون هلي شهزادن جو همراهه ٿيءُ!“

    داستان پنجون

    1
    حَسَنُ ناه حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نه ٻاھُون؛
    ساڙيہ شَهزادَنِ جو، آھي اَڳاھُون؛
    يَزِيدَ! جُلاھُون، تيلان ڪَرِئين تَڪِڙيُون؟

    حسن (جو اڳيئي شهادت کي رسيو هو)، حسين جو (ڪربلا ۾) ساٿي ۽ همراهه ناهي. شهزادن جو وطن به پري آهي. اي يزيد! تون تنهن ڪري ئي مٿن تڪڙيون جھلون ٿو ڪرين؟

    2
    ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَيءِ! جي حَسَنُ هو؛
    ڀيڙو ڀيڙو پَنهنجي ڀاءُ سين، پَتَنگَ جِئَن پِيو؛
    آھي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري ھَلان مِيرَ حُسينَ تان؟

    جنگ جي وقت لشڪر ۾، هيءِ! جي حسن هجي ها ته هو پنهنجي ڀاءُ سان ڀيڙو ٿي، پرواني جيان پاڻ مٿائنس قربان ڪري ها. هينئر ٻيو ڪير آهي، جو هلان ڪري، مير حسين تان دشمن جي جھلن کي ٽاري؟

    3
    ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سائُو سَڀِ نه ھُوَنِ؛
    پِڙَ تي سيئِي پُوَنِ، موٽَڻُ جنِين ميھِڻو.

    جنگ جي وقت، لشڪر ۾، سڀئي سورهه نه هوندا آهن. جنگ جي ميدان تي اُهي ئي پلٽي پون، جن کي ڀڄي وڃڻ کان عار هجي.

    4
    ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَر جو پائي؛
    اَڃا اُنَ کي جِئڻَ جو، آسانگو آھي؛
    سُورِهُ سو چائي، جو رُڳوئِي رِڻِ گِھڙي.

    جنگ جي وقت لشڪر ۾ جو زرهه ٿو پائي تنهن کي اڃان جيئڻ سان نينهن آهي. پاڻ کي سورمو اُهو سڏائي، جو سکڻو ئي ويڙهه ۾ ڪاهي پوي.

    5
    سُورِهَ! مَرِين سوڀَ کي، ته دِلِ جا وَھمَ وِسارِ؛
    ھَـڻُ ڀـالا، وِڙِهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ؛
    مَٿان تيغَ تَرارِ، مارِ ته مَتارو ٿِـئين.

    اي سورهه! جي سوڀ لاءِ ٿو تڙپين ته دل مان سڀ وسوسا ڪڍي ڇڏ. ڀالا هڻ ۽ دشمن کي ٻک وجهي، ساڻس وڙهه ۽ پنهنجي اڳيان ڍال نه جهل. تون دشمن جي ترار مٿان پنهنجي ترار ڦهڪائي هڻ ته سورمو ڳڻجڻ ۾ اچين. (تون پنهنجو بچاءُ ڍال سان نه ڪر پر ترار سان ڪر.)

    6
    حُرُّ ھَلِي آئِيو، مانجِھي مَرِدانو؛
    ”آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ، پَرِوانو؛
    مانَ راضِي ٿِئي، رَسُولُ رَبَّ جو، نَبِي تو نانو؛
    ھِيُ سِرُ سَمانو، گھوٽَ! مَٿان ئي گھورِيان.“

    سورھ ۽ سوريچ حر (جو يزيد جي طرف هو) امام حسين وٽ هلي آيو ۽ چيائين: ”مان آتش جو عاشق (ترارين جي تاب جو مشتاق)، پروانو ۽ پتنگ آهيان. من تنهنجو نانو رسول الله ﷺ مون تي راضي ٿئي. اي گهوٽ! هي پنهنجو مانائتو سر (جنهن جو يزيد وٽ وڏو ملهه ۽ مان هو) تنهنجي مٿان قربان ڪريان.“

    7
    ھُئِي ھِدايَتَ حُرَّ کي، اَزَلَ ۾ اَصۡلا؛
    چَڙھِي آئِيو جَنگِ تي، ھلِي ھُنَ پارا؛
    اِيندي چَيائِين اِمامَ کي: ”گھورِيُسِ آن مَٿاءِ“؛
    ”لَا يُڪَلِّفُ اَللهُ نَفۡسًا اِلَّا وُسۡعَهَا“، جيڪا پُڄَندِيَمِ سا؛
    گھوٽَ به لڳا گھاءَ، سر پڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِيو.

    حر کي ازل کان ئي اها هدايت ڪيل هئي. (امام حسين تان پڻ قربان ڪرڻ جي). هو هن طرف کان (يزيد جي طرف کان) سوار ٿي، جنگ جي پڙ ۾ آيو ۽ ايندي ئي امام حسين کي چيائين: ”مان توتان صدقي وڃان.“ ”الله ڪنهن به انسان کي، سندس وسعت کان ٻاهر، تڪليف نه ٿو سهائي.“: منهنجي وس ۾ جيڪي هوندو، سو ڪندس. هن گهوٽ (حر) کي به زخم رسيا ۽ هي شينهن مڙس به شهيد ٿيو.

    8
    پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻِي ھَزارِي ھولُ؛
    جَوَھَرَ ۽ جَڙاءَ سين، ڪامِلَ سِرَ ڪَنگولُ؛
    رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهيو مِيرَ حُسينَ جو.

    هي سورهه (امام حسين) هزارن جي ملهه وارو رڪ جو ٽوپ پهري، جنگ جي ميدان ۾ اوچي ڳاٽ بيٺو هو. هن ڪامل کي هيرن ۽ ماڻڪن جي جڙت واري ڪلنگي سر تي هئي، مير حسين جي دستار شريف رت سان رڱجي لال ٿي ويئي.

    9
    ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ ته ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛
    چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛
    ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛
    تَنھِن سُورِهَ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.

    سندس سونهاري رت ۾ رڱجي ويئي ۽ سندس ڏند ڏاڙهونءَ جي گل جيان ڳاڙها ٿي پيا. سندس دستار شريف جنگ جي ميدان ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان پئي ٻهڳي. رسول اڪرم ﷺ جي ميڙي ۾ (قيامت ڏينهن اُمت جي ميڙ ۾) ڀل ته سندس ماءُ (امام حسين جي ماءُ بيبي فاطمہ، حضرت محمد ﷺ جي نياڻي) فخر ڪري. اُنهيءَ سورهه کي آفرين هجي، جو جنگ جي ميدام ۾ قتل ٿو ٿئي.

    10
    ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادرِ ٿي ميڙِياسِ؛
    ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگِھياسِ؛
    مِڙَئِي معافُ ڪَياسِ، خالقَ بَدِلي خُونَ جي.

    سندس (امام حسين جي) ماءُ (بيبي فاطمہ) سندس جسم تان ڪربلا جي دز پئي اگهي ۽ حضرت عليءَ (سندس پيءُ سڳوري)، سندس زخمن تان رت پئي اُگهيو. سندس خون جي عيوض، خدا مڙني مومنن جا گناهه بخشي ڇڏيا.

    داستان ڇهون

    1
    ڪَؤنر، ڪِلي جا ڪوڏِيا! جانڪِي تائِين جِي؛
    مَٿان اَڙِنِ اُسِري، رُڪَ پِيالو پِيُ؛
    ڳاهُ ڳِجُھنِ جو ٿِيُ، ويٺي جن وَرِهَ ٿِيا.

    اي جنگ جا شايق شهزادا! جيسين توکي سرير ۾ ساهه آهي، تيسيس تون نيزن جي نوڪن مٿان پاڻ اُڇلي، هٿيارن جو جوهر پيءُ (رڪ جي هٿيار سان شهادت جي پيالو پيءُ). تون ڳجهن جو کاڄ ٿيءُ. جن کي (سورمن جي ماس لاءِ سڪندي) ورهيه گذري ويا آهن.

    2
    ڇَپَرِ جِئَن پَھُون، تِئَن رِڻُ ڳِجُھنِ رانـئِيو؛
    وَنِڪا وَنۡڪَنِ گَڏِيا، ڊوڙِيو ڏِيَنِ ڊَھُون؛
    مُهاَينِ وَھُون، نِيرُ مَهانگو ڪَندِيُون.

    جئن پهاڙ تي ٻڪريون پکڙيل هونديون آهن، تئن جنگ جو ميدان ڳجهن ڀري ڇڏيو. بهادر بهادرن جي سامهون ٿيا ۽ ڊوڙيو هلائون پيا ڪن. شهيدن جون زالون، نير جو ملھ وڌائي ڇڏينديون. (ڇو ته نيرا ڪپڙا، پهرڻا پوندن ۽ اِنهيءَ ڪري نير جي بازار ۾ اڪرائي ٿيندي.)

    3
    ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِّ؛
    سائُنِ سِرَ فِدا ڪَيا، اَڳِيان اِمامَنِّ؛
    ”يُجَـاھِدُونَ فِى سَبِيۡل اللّهِ“، ڪَمُّ اِھو ئِي ڪَنِّ؛
    حُورُون ھارَ ٻڌَنِّ، سِهرا شَهِيدَنِ کي.

    جنگ جا شايق، سورهه ۽ پهلوان، جنگ ۾ سر جي بازي لڳائڻ کان نه ٿا رهن. پهلوانن، امامن اڳيان پنهنجا سر قربان ڪيا. ”الله جي واٽ ۾ وڙهن ٿا.“ هو اهو ئي ڪم ٿا ڪن. جنت جون حورون، شهيدن کي هار ٿيون وجهن ۽ موڙ ٿيون ٻڌن.

    4
    جَنَّتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَليا فِردَوسَ ڏي؛
    فانِي ٿِيا ’فى اَللهَ‘ ۾، ھُوءِ سين ٿِيا ھُوءِ؛
    رَبَّ! ڏيکارِئين رُوءِ، اُنِين جي اِحَسانَ سين!

    بهشت سندن جاءِ آهي، اُهي اعليٰ انسان فردوس (بهشت) ڏا نهن راهي ٿيا. هو الله ۾ فنا ٿيا ۽ ساڻس هڪ ٿي ويا. اي ڌڻي! تون مهر ڪري، مون کي اُنهن جو منهن ڏيکار. (تون احسان ڪري، مون کي اُنهن جو ديدار ڪراءِ.)

    5
    حسَنَ، مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ؛
    گَھرِ ماڙُھين، جَھنگِ مِرُوئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ؛
    پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، ته لَڏِيو ھوتَ وَ‏ڃَنِ؛
    اَلا! شَهزادَنِ، سوڀُون ڏِئين، سَچا ڌَڻِي!

    امام حسن ۽ امام حسين جي شهادت تي ٽن ڌرين هنجون هاريون: گهر ۾ ماڻهن، جهنگ ۾ مرن ۽ عرش ۾ فرشتن. پکين ماتم ۾ پاڻ کي بيحال ڪري واويلا ڪئي ته ”محب لڏيون ٿا وڃن!“ اي سچا رب! تون شل شهزادن کي سوڀون عطا ڪرين!

    6
    حَسَنَ، مِيرَ حُسينَ جو، جن نه ھِنئَڙي جارُ؛
    خالِقُ، رَبُّ جَبَّارَ، ڪِينَ مَرھِيندو تن کي.

    جن جي دل ۾ امام حسن ۽ امام حسين جو درد ناهي، تن کي سگهارو ڌڻي ڪين بخشيندو! (اهو بيدرديءَ جو گناهه، ڌڻي کين هرگز معاف نه ڪندو.)


    سُرُ سارنگ

    داستان پهريون

    1
    آگَمِيو آھي، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
    وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي؛
    ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سَنباھي؛
    وِھو مَ لاھي، آسِرو اَللھَ مان.

    لطيف (شاهه صاحب) ٿو چوي: جهڙ ٿي ويو آهي، گهاٽا ڪڪر ڏس، وڏ ڦڙو مينهن وسيو آهي، (اي مالوند!) پنهنجا ڌڻ ڪڍي ٻاهر ڪريو. سامان سڙو سهيڙي ۽ هيٺاهون پٽ ڇڏي، مٿانهن پٽن تي نڪري پئو. ڌڻيءَ مان آسرو لاهي نه وهو.

    2
    آگَمَ ڪَيا اَللھَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
    پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛
    واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛
    سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.

    ڌڻيءَ جهڙ لاتا آهن، گهاٽا ڪڪر ڏس! مينهن جي پاڻيءَ جي پلٽ سان، ميدانن ۾ ريج ۽ رنگ لڳي ويا آهن. ماڪ، پيچرن مٿان ججهائي گاهه اُڀرايا آهن. مال وارن ۾ موٽي نئون ساهه پيو آهي، گوندر (غم) لاهيندڙ پاڻي وسيو اٿن.

    3
    آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَھڙو پَسَڻُ پرينءَ جو؛
    سيڻَنِ رِءَ سَيَّدُ چئي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگ؛
    سَھَسين ٿِيا سارَنگَ، جاني آيو جُوءِ ۾.

    جهڙ جو اهڙو رنگ روپ ناهي (جهڙ ۾ قدرت کي اهو حسن ناهي) جهڙو جانب جو ديدار آهي. شاھ صاحب ٿو فرمائي ته محبوبن کان سواءِ روح کي سارنگ جي مند وارا رنگ به ڪا راحت نه ٿا ڏين. جڏهن پرين پکي ۾ پيهي آيا، تڏهن ڄڻ سهسين مينهن وسيا (يا سارنگ جا مٺا آلاپ ٿيا.)

    4
    جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبَ قَرارُ؛
    وَھِلو وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ؛
    نِظارو نِروارُ، پِي پَسايو پانھِنجو.

    پرين پکي ۾ پيهي آيو ته دل کي آرام اچي ويو. غم، ترت وچان ئي غائب ٿي ويو. دلبر اسان کي بي حجاب پنهنجو ديدار ڪرايو.

    5
    اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
    ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
    اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.

    اڄ پڻ اُتر طرف تاڙي (چانڪ پکي، جو مينهن لاءِ ماندو هوندو آهي)، لاتيون ڪيون آهن. هارين پنهنجا هر سهيڙيا آهن ۽ مالدار بهار ٿيا آهن. اڄ منهنجي پرينءَ، مينهن جا لباس پهريا آهن. (شاه صاحب، مينهن ۽ قدرت جي رنگ ۾ حقيقي پرينءَ جو حسن ٿو ڏسي.)

    6
    اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ؛
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلُ لِبيسَ؛
    پِريِن جي پَرِديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙِيا.

    اڄ پڻ اُتر طرف ڪارن وارن جهڙا ڪڪر بيٺا آهن. وڄون، ڳاڙها ويس ڪري، جهلڪا ڏيڻ آيون آهن. منهنجا جاني، جي پرديس ۾ آهن، تن سان مون کي مينهن ملايو. (مينهن ۾ پرينءَ لاءِ سيني ۾ اهڙي سڪ اُٿي، جو هو ڄڻ هنئين ۾ حل ٿي ويا.)

    7
    اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛
    ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛
    آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛
    گَھرِ ته گُھرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي؛

    اڄ پڻ آسمان ۾ جهڙ جون اميدون اٿم. اي سرتيون! ساوڻ جي مند ڏسي، مون پنهنجي سپرينءَ کي ياد ڪيو آهي. مان آسائتي آهيان ته شل مينهن اچي پٽ پسائي. اي پرين! مون کي، سانوڻ جي ساري رت، پنهنجي گهر ۾ رڳو تون ئي گهرجين.

    8
    اُتران ٿي آئِــيُون، ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ؛
    ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛
    پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛
    اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِـيُون روضي تان رَسُولَ جي.

    اڄ اُتر کان مينهن جون وسڪارون، ڪاهه ڪنديون ۽ هل مچائينديون آيون. اُهي تلاءَ ۽ هيٺاهان پٽ ڀري، نهرون ٺاهي هليون. پٽن ۾ جا مشڪ جي سرهاڻ آهي، سا ته جاچيو! اُهي (وسڪارون) به پيغمبر ﷺ جي روضي مبارڪ مٿان روبرو اچي وسيون.

    9
    پِيَّ پَسايو پانھِنجو، نِظارو نا گاهَ؛
    لَٿو ڪَٽُ قَلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واهَ؛
    اُميدُون اَرِواحَ، پِيَّ پَسندي پُنِيُون.

    پرينءَ اچي اوچتو پنهنجو ديدار ڪرايو. دل تان سارو غبار لهي ويو ۽ واھ جي وندر ۽ فرحت لڳي ويئي! جانب جو مشاهدو حاصل ڪري دل جون مڙيئي اُميدون پوريون ٿيون.

    10
    وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جِئَن، جي ھُوند سِکــئِين، مِينھَن!
    ته ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بسِ بُوندَيَنئُون نه ڪَرِين.

    اي مينهن! تون (عاشقن جي) اکين وانگر وسڻ سکين ته جيڪر ساري رات ۽ سارو ڏينهن بوندو وهائڻ بند نه ڪرين. (عاشق راتو ڏينهان عجيب لاءِ روئن پيا.)

    11
    گامَ گُنديءَ گَنجَ، اَبَرَ ۾ اُھاءُ ٿِيو؛
    پَسِي پَرِ پِريُن جِي، ڏُور ٿِيا سَڀ ڏَنجَ؛
    شالَ وَسندَو سَنجَ، عاشقَ تي اوھِيڙا ڪَري.

    ڪڪرن ۾ چمڪاٽ ٿيو آهي، اجهي ٿا ڳوٺ جي گندين ۾ ان جا گنج لڳي وڃن. محبوب جي ريت (سخاوت) ڏسي، مڙيئي درد دفع ٿي ويا. شال مينهن عاشق تي سنجهي مهل وسڪارا ڪري وسندو.

    12
    اَڱَڻِ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛
    سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ؛
    اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا.

    پڌر ۾ تازي گهوڙا، ٻاهر وريل سڱن سان مينهون ۽ پٽن تي پکا (جهوپڙا) سونهن. سيج، سڳنڌ سان واسيل هجي ۽ ڀر ۾ سپرين هجن ۽ ڀل ته مينهن پيا وسن. اسان ۽ محبوبن جا ڏينهن، ساندھ ائين گذرن.

    13
    بَرَ وَٺا، تَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
    پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
    مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
    ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
    ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.

    برن، ترن ۽ تراين ۾ مينهن وسيا آهن. اسر جو پٽن ۾ ڏڌ ولوڙڻ جا آواز پيا ٻرن. مالدارن جون عورتون آسوديون ٿيون آهن، ۽ سندن هٿ، مکڻ سان ڀريل آهن. سامهون بيٺل ۽ خوشيءَ ۾ ٽڙندڙ ڀورين مينهن کي سنڀاري ٿيون ڏهن. ٻانهيون توڙي سائڻيون پنهنجن گهرن ۾ سونهن.

    14
    بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺوجيسَرُميرَ؛
    آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پِيرَ؛
    لاٿائُون، لَطِيفُ چئي، وانڍِيُنِ مَٿان ويرَ؛
    سَرَھا ڪَيائُون سيرَ، سَرَھيُون سَنگھارِيُون ٿِيُون.

    بر وسيا، ٿر وسيا ۽ جيسلمير وسيو. (مينهن ٿرن، برن ۽ جيسلمير کي سرسبز ڪري ڇڏيو.) وڄون، جهڙ لائي ٿر ۾ هلي آيون. نڌر عورتن تان ڏولائو لاٿائون. گس ۽ پيچرا سرهاڻ سان واسي ڇڏيائون ۽ سنگهارن جون زالون باغ بهار ٿيون.

    15
    بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ؛
    پونياڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائُون نارَ؛
    سَٻاجھي سَتارَ، لاٿا ڏُرتَ ڏيہَ تان.

    برساتون ڪڇ جو پاسو وٺي، برن ۽ ٿرن ۾ وسيون. ڏس ته شام جو پٽن ۾ وهڪرا جاري ڪري ڇڏيائون. سٻاجهي سائين ملڪ تان ڏک ڏولاوا لاهي ڇڏيا.

    16
    سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَللھَ لَڳِ اُڃِيَنِ جِي؛
    پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ؛
    وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

    اي مينهن! ڌڻيءَ جي واسطي، تون اُڃايلين جي سنڀار لهج، پٽن ۾ جام پاڻي وسائج ۽ اَنُ سستو ڪج، سارو ڏيھ سرسبز ۽ آباد ڪج ته مالدارن لاءِ سک ٿئي. (هو سکيا ستابا ٿين.)

    17
    سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگَھ، مينھِيُون؛
    آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
    سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
    پَلَرُ پِيارِينِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

    مينهن کي ماڻهو، هرڻ ۽ مينهون ياد ٿيون ڪن. آڙيون به مينهن جي آڌار آهن ۽ تاڙا پکي تنوارين پيا. سپون، جي سمنڊ ۾ ٿيون گهارين، سي به نت نئون ٿيون واجهائين. سنگهارن کي مينهن جو پاڻي پيار ته منن لاءِ سک (آسودگي) ٿئي.

    وائي
    مُنھِنجي سَيّدُ سارَ لَهندو؛ موُن کي آهِ اُميدَ اَللھَ ۾.
    سَجِدي پئي سُپِرينءَ، زارِيُون زورِ ڪَريِندو؛
    اُمَتَ ڪارَڻِ اَحۡمَدُ اُتِ، پَرِمَلُ پاڪُ پِنَندو؛
    صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، اَکِـيُون سَڀ سِجُ ڪَڍندو؛
    ميڙُو ٿِيندو مومِنين، اُتِ مُحَمَّدُ مِيرَ مَلَهندو؛
    نفسَاً نفِسِي سڀَڪو ڪَري، داتا دَرِ ڊوڙَندو؛
    مُھُتُ ڏيِندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخِشائِيندو.

    پيغمبر ﷺ (قيامت ڏينهن) منهنجي سنڀار لهندو، اها اُميد الله ۾ اَٿم هو محبوب (ڌڻي تعاليٰ) جي اڳيان سجدو ڪري، کيس ڏاڍيون نيزاريون ڪندو، (اُمتين جي گناهن بخشائڻ لاءِ) حضرت محمد ﷺ اُتي پنهنجن پوئلڳن لاءِ شفاعت ڪندو (کين معافي ڏيارڻ لاءِ عرض ڪندو). اسرافيل جي توتاري جو دهشت ڀريو آواز ٿيندو ۽ سج پنهنجي تابش سان اکيون ڪنڍندو. اُتي مومنن جو ميڙو ٿيندو ۽ حضرت محمد ﷺ سرخرو ٿيندو. هر ڪو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڌڻيءَ در ڊوڙندو. اُتي ڌڻي پيغمبر ﷺ کي مان ڏيندو ۽ هو امتين جا گناهه بخشائيندو.

    داستان ٻيو

    1
    سارَنگَ سائي سِٽَ، جَھڙِي لالِي لاکَ جي؛
    اِئَن سي اُٻُنِ اَنگِيا، جِئَن سي چُنيءَ چِٽَ؛
    بَرِسيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.

    مينهن کي اهو ئي سينگار آهي. جهڙو لاک جي لالاڻ کي (وڄن جي ڳاڙهي ويس ڏانهن اشارو). ڪڪرن ائين چٽ ۽ رنگ ڪڍيا آهن، جئن رنگين پوتيءَ تي گلڪاريون ٿين. مينهن، ڀٽ (شاهه جي ڀٽ) پاسي وسيو ۽ ڪراڙ ڍنڍ (ڀٽ ڀرسان ڍنڍ) جون ترايون ڀري ڇڏيائين.

    2
    ڀِرِي ڀِٽَ تي آئِيو، سارَنگُ سُھِجَ مَنجھان؛
    کِڙِيُون کَٽَڻَ ھارَ جِئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ؛
    سُرَھا سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪَيا؛
    پَھرِي پَٽَنِئان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.

    سارنگ، چوڄ وچان ڦري ڀٽ تي آيو. کنوڻيون، اُتر جي هوا سان، کٽڻهار وانگر چمڪيون. ساوا ميدان خوشبوءَ سان واسجي ويا ۽ ڊامڻ گاھ انبار لائي ڇڏيا آهن. مينهن پٽن تان ليٽ کائي، ڪراڙ ڍنڍ جون ترايون ڀري ڇڏيون.

    3
    ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا، وُٺو وارِياسو؛
    کُڻيـتِيءَ کِنوَڻِ ڪَيو، چَڱو چَؤماسو؛
    ماڪاڻِيءَ تان موٽِيو، ڏيئِي پَٻَ پاسو؛
    خالِقَ ڪَيو خاصو، چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌِيـين.

    سارنگ، ڪراڙ جون ترايون ڀريون ۽ ٿر ۾ وسيو. مندائتي وڄ، چڱو چوماسو لڳايو. پٻ جبل جو پاسو وٺي، ماڪاڻيءَ تي لڙي آيو. ڌڻيءَ ٽڪرين ۽ ندين جي ڪنارن تي گهڻو ئي سهڻو گاهه پيدا ڪيو.

    4
    چِيھو چُکِيءَ ڪُنڌِيـين، ڪَيائِين گَڙَنگَ تي گُلَ؛
    ھَڏاڪُٽيان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ؛
    آندائِين آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارَ ٿِي.

    سارنگ، ندين ۽ ٽڪرين جي پاسن تي گاھ ۽ گڙنگ واھ جي ڪپن تي گل پيدا ڪيا. هڏا ڪٽ ڳوٺ کان هلي، هيٺانهان پٽ پاڻي سان پر ڪيائين. پاڻيءَ جي اوت ڪيائين ۽ باغن ۾ بهاريون لڳي ويئون.

    5
    اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَل ڪَڍِيا بُرجَنِ سين؛
    سازَ، سارَنگِـيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ؛
    صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِـيُون راتِ پَڌامَ تي.

    اڄ ڪڪرن، پنهنجين چوٽين (وڄن جي شاعن) سان سهڻا رنگ ڪڍيا آهن. سارو ٿر، ساز، سارنگيون، سرندا ۽ چنگ پيو وڄائي (مينهن جي خوشيءَ ۾ ٿري ماڻهو ڀٽن تي طرحين طرحين جا ساز پيا وڄائين.) رات، سارنگ پڌام مٿان صراحيون (وسڪارون) اوتيون آهن.

    6
    مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئي اَکَرَ ھيڪِڙي؛
    جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، ته ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪيِھان؛
    بادَلُ ٿي بيِھان، جي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.

    ”مينهن“ ۽ ”نينهن“ ٻئي هڪ ئي معنيٰ وارا لفظ آهن. جي سارنگ، وسڻ جا لباس ٿو پهري، ته ڪڪر ريهون ٿا ڪن. (جئن عاشق، معشوق جا ويس ورن ڏسي، آهون ۽ صدائون ڪندو آهي). اي پرين! تون جي اچڻ جا سعيا ڪرين (سانباها ڪرين) ته مان جيڪر ڪڪر ٿي بيهان (بادل وانگر اکين مان آب اوتيان)

    7
    ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُھڙُ پَسِيو جِھڄَنِ؛
    وَرَ رِءَ وانڍِيُنِ اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنِ؛
    اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، ته ڪَنھن کي ڪارُون ڪَنِ؛
    وارِثُ وَري تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.

    بيوھ زالون، ڀتارن کي دل ۾ ساريو سڏڪا پيئون ڀرين. ڪانڌن کان سواءِ جي نڌر عورتن پکا اڏيا آهن، سي شل مينهن ۾ نه ڀڄن. جي سندن جهوپڙا، اُتر جو مينهن ڊاهي ڇڏي، ته هو ڪنهن کي پڪارون ڪن. شل سندن ڀتار موٽي اچي سندن پردو ڍڪي.

    8
    ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُھڙُ پَسِيو جُھڻِڪَنِ؛
    سُڻِيو رَڙِ رَعِدَ جي، ڪَلِيُون ٿِيُون ڪَنبُنِ؛
    ڪَلِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.

    بيوهه زالون، ڀتارن کي دل ۾ ساري، جهڙ ڏسيو، پيئون جهرن. گجگوڙ جو آواز ٻڌي، سندن دل ڪنبيو وڃي. ويچاريون جوانڙيون، ڀتارن کان سواءِ سن ۾ ٿيون گهارين.

    داستان ٽيون

    1
    گَــنَيرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جي چاهَ پَئِي؛
    ھِنڊوا حَيرَتَ ۾ پِيا، لالِي ڪِي لَبَنِ؛
    چِمِڪَنِ چوڏَس چَنڊَ جِئَن، وِڄڙِيُون وَھِسَنِ؛
    لوچَنِ ٿا، لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لءِ پِرِيَنِ؛
    ڪَيسَرَ قرِيبَنِ، سَنباھي ساڻُ کَنيا.

    هاٿي جيڪر شوق مان هلڻ جي طرز سکن (بادلن جي سهڻي چال ڏانهن اشارو. سنسڪرت جي ڪوين هاٿيءَ جي رفتار کي ساراهيو آهي). مينهن وسڪارا به عجب ۾ پيا. چپن اهڙي ته سرخي ڪڍي آهي (شاھ وڄ جي چمڪاٽ ۾ پرينءَ جي لبن جي لا لائي ٿو ڏسي) کنوڻيون چوڏس جي چنڊ وانگر چوطرف پيئون ٻهڪن ۽ چمڪن. محبوب، پاڻ سان ڪينسر (زعفران) کڻي هليا آهن (وڄن جي چمڪاٽن ۾ ڪيندري رنگ آهي. شاھ، سارنگ ۾ حقيقي سپرين ٿو پسي.)

    2
    مندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، ڪي اوھِيڙَنِ اوڪَ؛
    ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينھِيُون چَرَنِ موڪَ؛
    سَرَھِيون ٿِـيُون سَنگھارِيُون، پُويو پائِنِ طَوقَ؛
    ميھا، چِڀِڙَ، ڦنگِــيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀيئي ٿوڪَ؛
    لاھِئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.

    مينهن جي مند ٿي آهي ۽ سازن جا ساٺ ٿيا آهن ۽ وسڪارن پالوٽ ڪئي آهي. هيٺاهن پٽن تي گاھ ٿيو آهي ۽ مينهون جام چارو ٿيون چرن. سنگهارن جون زالون خوش آهن ۽ گلن جا هار پويو ٿيون پائين. اُت ميها، چڀڙ (متيرا) ۽ کنڀيون، مڙيئي کاڄ ٿا ٿين. تون شل ساري جهان تان ڏکن جا ڏينهن دور ڪرين.

    3
    مُندَ ٿي مَنڊَلَ مَنڊِيا، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
    ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
    اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.

    مينهن جي مند ٿي آهي ۽ سازن جا ساٺ ٿيا آهن ۽ تاڙي پکيءَ تنوار ڪئي آهي. هارين پنهنجا هر تيار ڪيا آهن ۽ مالدار خوش ٿيا آهن.اڄ منهنجي محبوب، وسڻ جا لباس پهريا آهن. (شاھ، سارنگ ۽ اُن جي پيدا ڪيل رنگ ۾ حقيقي محبوب جو حسن ۽ جمال ٿو ڏسي.)

    4
    مُحبَّ مُنھِنجا سُپريِن! آڻيئِي اَللهُ؛
    توکي سارِيو ساهُ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.

    اي منهنجا مٺڙا جانب! توکي شل الله اسان وٽ آڻي. توکي ياد ڪري، اسان جي جان سڪيو صدائون پيئي ڪري.

    5
    آگَمَ ڪَيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِئن؛
    پاسي تِنِ وَسَنِ، جي سَڀُ ڄَماندَرُ سِڪِيا.

    محبوب، سانوڻ جي مينهن وانگر، جهڙ لايو ٿا اچن. هو اُنهن جي پاسي ٿا وسن، جي ساري ڄمار سندن لاءِ سڪيا آهن.

    6
    اُوڇڻَ گُھرِجي آجِڪو، جُھوپو سَھي نه سِيُ؛
    سُڻائِج سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيُ؛
    اَڱڻَ آيو ٿِيُ، ته ڍولِيا! ڪَنھن ڍَنگِ ٿِيان.

    مون کي اجهو ۽ سمر گهرجي ۽ منهنجي جهوپڙي سردي نه ٿي سهي سگهي. منهنجي گڻائتي ڀتار کي منهنجو اهو حال ٻڌائج. اي جاني منهنجي اڱڻ ۾ پيهي اچ ته ڪنهن حال ٿيان.

    7
    ڪانڌَ! تُنھنجي پاندَ ري، سَنجھي سيءَ مَران؛
    ڪامِلَ! ڪَپاھُنَ ۾، پيئِي ٺارَ ٺَران؛
    تارِيءَ تو تَران، جِئَن وَرُ وِھاڻِيءَ وارِئين.

    اي ڀتار! تنهنجي پلاند (پناھ) کان سواءِ سنجها جو سيءَ ۾ ٿي مران. اي ڪامل! هنڌن سيءَ ۾ پيئي ٿڌي ٿيان. تنهنجي آسري تي ٿي تڳان ته من ڀتار آسر جو موٽائي آين.

    8
    ڪانڌَ! تُنھنجي پاندَ ري، سيءَ مَران سَڀِ راتِ؛
    ڪامِلَ! ڪَپاھُنِ ۾، جَھپَ نه اچي جھاتِ؛
    اَچِين جي پِرڀاتِ، ته آئُون سِيُّ نه سارِيان.

    اي ڀتار! تنهنجي پلاند (پناھ) کان سواءِ سنجها جو سيءَ ۾ ٿي مران. اي ڪامل! هنڌن ۾ مون کي رات جو جهوٽو نه ٿو اچي. تون جي اسر جو پيهي اچين، ته مان جيڪر سيءَ ئي ڀلجي وڃان.

    داستان چوٿون

    1
    سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِئَن، جُھڻِڪَنِ پاسي جھوڪَ؛
    ڏِيندا پاهُ پَٽَنِ کي، مَنجھان مِينھَن موڪَ؛
    لَسَ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪَيو اَکِيُنِ سين.

    پرين، سانوڻ جي مينهن وانگرم، جهوڪ طرف رم جهم ٿا ڪن. هو پٽن کي برسات وسيلي جام پاڻي ڏيئي، اُت رنگ (گاھ) رچائيندا. هو نيڻن مان وسڪار ڪيو جهان کي صاف پاڻي ٿا پيارين.

    2
    واھُندان وِڄُون ٿِـيُون، کِڙِيُون ڏَنھن کَنڀاتَ؛
    ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ؛
    سَنگھارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃُ اُساٽَ؛
    جُھڙُ ڦُڙُ ڏيئي جھاتَ، پُسائِينديُون پَٽـيُون.

    اولهه جي هوا سان کنوڻيون ظاهر ٿيون ۽ کنڀات طرف چمڪاٽ لاتائون. مينهون ڪڍي، پيچرن تي ڪريو (ته چراگاھ ۾ چرن). مالدارن لاءِ سک ٿيو ۽اُڃ اُساٽ لٿي. جهڙ ڦڙ جهٽڪو ڏيئي. ميدانن کي پسائينديون. (ريج ڏينديون). (وڄون، مينهن کي آڻي، پٽن کي سائو ڪنديون).

    3
    سَڄو صافُ نه اُڀِري، سَرِلي وِچان سِجُ؛
    مُنھُن چَڙِھيو ماڙھن کي، ڏِئي وڌايُون وِڄُ؛
    ھِنئَڙا! کَپُ مَ کِجُ، سِگھا مِلَندَءِ سُپِرين.

    سج، جهڙ جي اندران، سڄو ۽ چٽو نه ٿو اُڀري. کنوڻ، پنهنجو ديدار پسائي، ماڻهن کي مبارڪون پيئي ڏئي، اي دل! تون ڳڻتيءَ ۾ نه ڳر ۽ جهڄ، ڄاڻ جانب ملندءِ.

    4
    ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پيئِيُون، ٿِيا وَلھارَنِ وِيَ؛
    سِڄُ، چَنڊُ نه پاڙِيان، سيڻَنِ جي شَبِيہَ؛
    جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھِي گَھرِ آئِيا.

    وڄڙيون (برساتون) ڍٽ (ٿر) ڏانهن لڙي، پٽن تي وسيون ۽ ميدانن ۾ ساوڪون لڳي ويئون. پرينءَ جي چهري سان، سج ۽ چنڊ کي مٽ نه ڀانيان. جي محبوب، اندر ۾ ياد هئا، سي گهر ۾ پيهي آيا.

    5
    ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پيئِيُون، وِڄُنِ ڪَيا ڌَرَمَ؛
    واحِدَ وَڏائِي ڪَيا، ڪُنڍِنِ ساڻُ ڪَرَمَ؛
    سَنگھارَنِ شَرمَ، رَکُ مُنھنجا سُپِرين!

    وڄڙيون (برساتون) ڍٽ (ٿر) ڏانهن لڙي، پٽن تي وسيون ۽ وڏا پڃ ڪيائون (سخاوتون ڪيائون) ڌڻيءَ مينهن سان وڏيون ٻاجهون ڪيون. اي محبوب! تون سنگهارن جي لڄ رکج. (کين آسودو رکج ۽ بک بيحاليءَ کان بچائج)

    6
    موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
    وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
    ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛
    ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛
    ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛
    ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
    ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
    ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
    ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛
    سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
    دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

    ڌڻيءَ وري جهر ڦڙ جي وسڪار لاتي. کنوڻيون چوطرف مينهن وسائڻ آيون. ڪي استنبول (ترڪيءَ جي تخت گاھ) ڏي اُٿي ويئون ۽ ڪي اولھ طرف (مغرب يعني يورپ) روانيون ٿيون. ڪي چين ولايت مٿان ٿيون چمڪن ۽ ڪي سمرڪند (سمر ڪند جي ماڻهن) جي سنڀار ٿيون لهن. ڪي روم ڏانهن هلي ويئون، ڪي قابل ڏانهن، ڪي قنڌار ڏانهن. ڪي دهليءَ ويئون، ڪي دکن ڏانهن، ڪي گرنار مٿان ٿيون گجن. ڪنهن بارش جيسلمير مٿان جوش مان وسائي بيڪانير مٿان وسڪارون لاتيون. ڪنهن ڀڄ شهر کي پسايو ۽ ڪنهن ڍٽ (ٿر) ڏانهن لاڙو ڪيو. ڪنهن امر ڪوٽ مٿان اچي ساوا پٽ آباد ڪيا. اي منهنجا سائين! تون شل هميشہ سنڌ مٿان سڪار ڪرين! اي منهنجا مٺا دوست دلدار! تون شل ساري جهان کي آباد (سکيو ستابو) ڪرين! (هتي شاھ، سنڌ جي حب سان گڏ، ساري جهان لاءِ قرب جو اظهار ڪيو آهي. سندس دل ۾ ساري عالم لاءِ درد هو ۽ هتي ان جي آسودگيءَ لاءِ ڌڻيءَ در وينتي ڪئي اٿس.)

    7
    موٽِي مانڊاڻِ جِي، جُڙي ڪَيائِين جوڙَ؛
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَہِ ٻَہِ ٻَڌائُون ٻوڙَ؛
    اَنَنِ جا عالَمَ ۾، لَکين ٿِيا کوڙَ؛

    سارَنگَ لاتي سوڙَھ، ساندَهِ سُھائو ٿِيو.
    وري جهڙ ڦڙ جو سعيو ڪري، قدرت ۾ رونق لاتائين. وڄون مينهن وسائڻ آيون ۽ واھ! واھ! پاڻيءَ جي اٿل ڪري ڇڏيائون. جهان ۾ انن جا لکين انبار لڳي ويا. مينهن تنگي دور ڪئي ۽ هميشہ لاءِ سوجهرو (سک ۽ سهانگيءَ جو اجالو) ٿيو.

    8
    حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
    وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛
    جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
    پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
    ڏُڪارِيا ڏيہَ منا، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛
    وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
    سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.

    ڪڪرن کي امر (الاهي حڪم) ٿيو ۽ مينهن جا سانباها ڪجن. وڄون برسات وسائڻ آيون، مينهن ڌما ڌم پيا وسن. جن (واپارين) ان مهانگو خريد ڪري، سانڍي رکيو، سي هاڻ پڇتائين ٿا. پنجن مان پندرهن ٿي ويا (اگهه ٽيڻو رٿي ويٺا)، ائين سندن بندين جا پنا ٿا اٿلن. شال سڀ ڏڪاري ۽ مڙيئي موذي ملڪ مان نابود ٿي وڃن. ڳنوارين وري وڏي وسڪاري جون ڳالهيون ڪيون آهن. شاھ صاحب ٿو چوي ته ”اي ڌڻي! مڙني لاءِ تنهنجي مهر ئي آڌار آهي.“ (ڏسجي ٿو ته اُنهيءَ زماني ۾ به خلق واپارين جي آزمايل هئي.)

    9
    اَندَرِ جُھڙُ جُھورِ وَھي، ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ؛
    وَسائِيندي وِڄُڙي، حُبَّ جنِين کي ھوءِ؛
    لالَنُ جنِين لوءِ، تن اوڪاڻِين نه اَکــيُون.

    عاشق جي اندر ۾ جهڙ گهاٽو بيٺو آهي، ٻاهران ڪوبه ڪڪر نه ٿو ڏسجي، جن کي محبت آهي، تن مٿان وڄڙي (عشق جي کنوڻ) مينهن وسائيندي. (سندن اکين مان آب جاري ڪرائيندي). جن جي مڪان ۾ محبوب آهي، تن جون اکيون سُڪن نه ٿيون.

    10
    آگَمِجِي آئِيُون، اُتَران ڪَري اُورِ؛
    جي پِرين ھُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينھَن ميڙيا.

    برساتون جهڙ لائي، اُتر کان ميڙ ڪري آيون. جي جاني پري هئا، سي سارنگ مون کي ملايا. (مينهن ۾ محبوب ياد ٿو اچي ۽ پوءِ دوريءَ جو حساب ميسارجيو وڃي.)

    وائي
    آئِي مُندَ مَلارَ، آئون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا؛
    وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا، اَڄُ مُنھنجي يار؛
    لارَ لائِيندي وَڇُڙا، ڀِنَڙَسِ ڀَنڀا وارَ؛
    پَکي آءُ پِريِن تُون، لَہُ مُنھنجِي سَيّدُ! سارَ.

    سارنگ جي رت آئي آهي، مان ڳاڙها ڪپڙا پهرينديس. (کهنبو، شاديءَ جو ويس آهي.) اڄ منهنجي جانب، وسڻ جا لباس پهريا آهن. (حقيقي محبوب، مينهن جي صورت ۾ ديدار ڏنو آهي.) وڇڙن کي چڙيون ٻڌندي، سندس ڪارا گهنڊيدار وار مينهن ۾ پسي پيا. (نو ورني سنگهارڻ ڏانهن اشارو.) اي جانب! منهنجي جهوپڙيءَ ۾ اچ. اي نبي سڳورا! اچي منهنجي سنڀار لھ.


    سُرُ آسا

    داستان پهريون

    1
    لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِيءَ لَهان نَه حَدُّ؛
    سُپيرِيان جي سُونهَن جو، نَڪو قَدُ نَه مَدُّ؛
    هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُّ، هُتِ پِرِينءَ پَرِوا ناهِ ڪو.
    لامڪان ۾ ڳوليان ٿي، پر ڪامل رهبر جي ڪا حد ئي ڪانه ٿي لهي سگهان. محبوب جي حسن جو ڪو حساب يا حد ئي ناهي. هت (عاشق جي اندر ۾) بي حد سڪ آهي، هت معشوق کي ڪا پرواھ ئي ناهي.

    2
    ”آئُون“ سين اُنَ پارِ، ڪَڏِهن تان ڪونَه پِيو؛
    ”اِنَّ اللهَ وِتۡرٌ يُّحِبُّ الۡوِتۡر“، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ؛
    هيڪِڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجُون جي هُئَڻَ جُون.

    خوديءَ سان هن طرف (روحانيت ڏانهن) ڪڏهن به ڪونه پهتو. ”الله هڪ آهي ۽ کيس هيڪڙائي وڻندڙ آهي.“ تون دوئي (ٻيائيءَ) کي جلائي خاڪ ڪر. هيڪڙائيءَ وٽ خوديءَ جا ڳوڙها ڳاڙ.

    3
    ٻَنِ! ٻِيائِي، سُپِرِين! پاڻان مُون کي پَلِ؛
    ”آئُون“ اورِيان جَھلِ، توکي رَسي ”تو“ ڌَڻِي.

    اي محبوب! کہ پوي دوئي. مون کي خوديءَ کان روڪي وٺ. تون منهنجي خوديءَ کي اوريان ئي (ڌريان ئي) اچي پل. اي ڌڻي! تنهنجي هستي توکي ئي جڳائي.

    4
    هُو پِڻُ ڪونهي هِنَ ري، هِيُ نَه هُنَهان ڌارَ؛
    ”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ“، پَرُوڙِج پَچارَ؛
    ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اَهڙِي.

    هو يعني ڌڻي، هن يعني انسان يا سندس وجود کان جدا ناهي ۽ هيءُ يعني انسان، هن يعني ڌڻيءَ کان الڳ ناهي. ”انسان منهنجو ڳجھ آهي ۽ مان سندس ڳجھ آهيان.“ (ڌڻي ٿو فرمائي): اها وائي سمجھج، سچي ڄاڻ وارا درويش اها لات لنوندا ويا.

    5
    جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ نِمازَ؛
    سَڀِ وِڃائي سازَ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.

    جيسين پاڻ کي ٿو ڏسين (جيسين پنهنجي هستيءَ کي الڳ ٿو سمجهين)، تيسين تنهنجي نماز بحال ناهي. سڀيئي حيلا وسيلا وڃائي، (ڌڻيءَ ۾ محو ٿي)، پوءِ ڌڻيءَ جي وڏائي جو نعرو هڻ (پوءِ ”الله اڪبر“ چؤ).

    6
    جان جان پَسِين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ؛
    وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئو.

    جيسين پاڻ کي ٿو ڏسين، تيسين تنهنجو سجدو روا ناهي. پنهنجي هستي وڃائي، پوءِ ڌڻيءَ جي وڏائي جو نعرو هڻ.

    7
    نابُودِيءَ نيئِي، عَبۡدَ کي اَعلىٰ ڪَيو؛
    مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پِڻُ سيئِي؛
    ڪَبِي اِتِ ڪيهِي؟ ڳالِھه پِرِيان جي ڳُجَھ جِي.

    نيستيءَ (پاڻ وڃائڻ)، ٻانهي يعني انسان کي وڏي مرتبي وارو ڪيو. اُهي هر روپ ۾ به لڪل آهن، اصلي صورت به پاڻ آهن. هتي محبوب جي راز جو ڪهڙو ذڪر ڪبو؟ (زبان کي ڪهڙي طاقت جو انهيءَ ڳجهارت جو بيان ڪري سگهي؟).

    8
    جن وِڃايو وُجُود کي، سي فانِي ٿِيا ”فِي اللهَ“ ۾؛
    نه تِنِ قِيامُ نَه قُـعُودُ ۾، نه ڪو ڪَنِ سُجُودُ؛
    جيلان ٿِيا نابُودُ، تيلان گَڏِيا بُودُ کي.

    جن پنهنجي هستي کي فنا ڪيو، سي ڌڻيءَ محو ٿي ويا. هنن لاءِ نه نماز ۾ وهڻ ضروري آهي، نه بيهڻ. نڪي هن لاءِ سجدو ضروري آهي. جنهن صورت ۾ هو وڃي سچي هستيءَ کي رسيا. (ڌڻيءَ سان هڪ ٿي ويا.)

    داستان ٻيو

    1
    اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نه پَسَندِيُون؛
    ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.

    سج اڀرڻ سان، جي اکيون محبوب کي نه ڏسن، سي ٻئي ڪڍي کڻي ڪانون حوالي ڪج.

    2
    نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيُنِ کي؛
    سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جه ڏِٺو مُنهُن مَحۡـبُوبَ جو.

    نيرائي پنهنجيون اکيون کڻي محبوب جي حوالي ڪر، جڏهن پرينءَ جي منهن جو ديدار ٿيو، تڏهن ڄڻ ستر طعام کاڌا ويا.

    3
    تِنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ، جِنِ ساجُھرُ سيڻَ سانڀيٽِيا؛
    جِيءَ، جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُّ ڪَيو.

    انهن اکڙين نيرن ڪئي، جن اسر جو ئي پرينءَ جو درشن ڪيو. جيءَ، جسي (بدن) ۽ جان، ڄڻ حج ڪيو. (محبوب جو ديدار تن، من ۽ روح لاءِ وڏو حج (حج اڪبر) آهي.)

    4
    اَکِـيُون عَلَي الصَّباح، دوستُ ديکَڻَ آئِيُون؛
    اُڀِيندِيُون اَرِداسَ ۾، ٻِي نه ڪَندِيُون ڪاءِ؛
    رَچَندِيُون رِءَ پاهَ، پَرِچَندِيُون پِرِينءَ سين.

    اکيون اسر جو، محبوب ڏسڻ آيون، اهي ارداس (بندگيءَ) ۾ اڀيون ٿي بيهنديون ۽ ٻي ڪار نه ڪنديون. اُهي بنا ڪنهن رنگ جي، رڱبيون ۽ محبوب سان رهاڻ ۾ محو رهنديون.

    5
    وَسَنِ ۽ وَهسَنِ، ڏيهاڙِي ڏِسَڻَ لَءِ؛
    ڏِسِي ڏِسِي آئِيُون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ؛
    ڍاپِيو نه ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجھان پِرِينءَ جي.

    اکيون، محبوب کي ڏسڻ لاءِ ڏهاڙي هنجون ٿيون هارين ۽ سرهيون ٿيون ٿين. اُهي پرينءَ کي ور ور ڏسي آيون ته به وتن ڳولائون ڪنديون. هو دلبر جي ديدار مان نه ڍاپيو نه ڍاپن.

    6
    اَکَڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏوسَ ڪَرِينِ؛
    جيلانہَ سِڪَڻُ سِکِـيُون، تيلانہَ دَعوىٰ مَنجِھ دَڙِينِ؛
    کِلَنِ ۽ کَرِينِ، رُسَنِ پَرۡچَنِ پاڻَ ۾.

    اکڙيون اکڙين تي ڪاوڙ ۽ عتاب ڪن. جنهن صورت ۾ عشق ڪرڻ سکيون آهن، تنهن صورت ۾ معاملي ۾ هڪ ٻئي سان تکو ٿيو پون. اُهي پاڻ ۾ کلن ۽ بگڙجن، رسن ۽ پرچن ٿيون (محبتين جون اکيون پاڻ ۾ ڳالهائينديون آهن: جيڪي سندن من ۾ هوندو آهي، سو سندن اکين مان ظاهر ٿيندو آهي. محبتي جهيڙو ڪن ته اکين سان، جي محبت ڪن ته به اکين سان.)

    7
    اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪِي جُھلُون پائِيان؛
    لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، ساڄَنُ سوٺائُون؛
    مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرِچِي آئِـيُون.

    اکين کي آئون ڪيتريون به روڪون وجهان. ننڊ ۾ جهان لتاڙي، وڃي پرين لڌائون. مون کي فراق ۾ ماريائون، پر پاڻ وصل ماڻي راضي ٿي آيون. (پاڻ ته ننڊ ۾ پرين ڏسي آيون، پر منهنجي دل وجهلندي وتي.)

    8
    اَکِيُنِ پَنهَنجِي مَتِ، پاڻَ سين پاڻَهِين ڪَئِي؛
    اُتي وَڃِي لَڳِـيُون، جِتي جانِ کَـپَتِ؛
    نَه ڪا ڳالِھ نه ڳَتِ، جِيَّ ڏِني رِءَ نه جُڙي.

    اکين پاڻ ۾ پاڻيهي پنهنجي مصلحت ڪئي، اُتي وڃي محبت اڙايائون، جتي جان جو جوکو آهي. (جتي جان وڃائڻي آهي). اُتي ٻي ڪا ڳالھ ٻولهه يا سڌ سماءُ ناهي. جان ڏيڻ کان سواءِ، سودو نه ٿو ٺهي.

    9
    اَکَڙِيُنِ آرو، مُونهان پُڇِي نه ڪَيو؛
    اُتي وَڃِي اَڙِيُون، جِتي چَوَڻَ نه چارو؛
    هِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَھلِيو وِجُھلي.

    اکڙين مون کان پڇي، محبت نه اڙائي، اتي وڃي گرفتار ٿيون، جتي ڇوٽڪاري جي نه وائي، نه واٽ، ويچارو هنئون، پرينءَ جون راهون جهليو، پيو جهڄي ۽ ڳري.

    10
    اَکِ اُلِـٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين؛
    جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ؛
    مَنجھان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.

    اک ابتي اختيار ڪر ۽ عام ماڻهن جي ابتڙ هل (جيئن ماڻهو دنيا کي ٿا ڏسن، تئن تون نه ڏس ۽ جئن هو دنيا ۾ ٿا هلن، تئن تون نه هل). جي ماڻهو لهوارو وهن (دنيا جي وهڪري ۾ لڙهن) ته تون اوڀارو تر. کتل نظر سان نهار ۽ پٺڀرو ٿي پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪر.

    11
    تان جي ٿِيَنِ سامُهان، پُٺِيرا سُونهَنِ؛
    سَنئون وَرائي سُپِرِين، مُنهُن جي مانڏي ڪَنِ؛
    رَڳُون سَڀِ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.

    محبوب، پٺيرائي سونهن پيا، پر جي سامهون ٿين ۽ منهن ورائي مون ڏانهن ڪن ته منهنجون سڀ رڳون رچي لال ٿين ۽ جسم ۾ تازگي اچي وڃيم.

    12
    اَکِـيُون سي ئِي ڌارِ، جِنِ سان پَسِين پِرِينءَ کي؛
    ٻِئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گَھڻو رِيسارا سُپِرِين.

    اکيون اهيئي اختيار ڪر، جن سان رڳو محبوب کي ڏسين. ٻئي ڏانهن نطر نه وراءِ. پرين نهايت غيرت وارا اٿيئي.

    داستان ٽيون

    1
    ديکُ مَ تُون سين تَنِ، هِي جي مَجازِياڻِـيُون مُنهَن ۾؛
    ڪِينَ نه سُڃاتو سُپِرِين، نِهاري نيڻَنِ؛
    پِرِين سي پَسَنِ، ٻَـئِي جنِين ٻُوٽِـيُون.

    تون انهن مجازي اکين سان نه ڏس. جي منهن ۾ اٿيئي. جسماني اکين، نظر ڪري، حقيقي محبوب کي ڪين پروڙيو. پرين (حقيقي محبوب) اُهي ٿا ڏسن، جن ٻئي اکيون بند ڪيون.

    2
    مَجازِي مَ مَٽِ ڪَرِ، ڀَنڀِيُون اِئَن نه ڀيرِ؛
    پُڇِي ٿِئين ته پيرِ، هارِي! حَقِيقِيءَ جي.

    مجازي اکين کي سڄڻ نه ڪر، اهي ڪاريون اکيون ائين نه ڦيراءِ. اي ڪم عقل! تون پڇا ڪري، حقيقي محبوب جي پنڌ ۾ نه ٿي پوين!

    3
    سَنئِين سُونهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجھائي؛
    طَلَبَ ۽ تَحۡصِيلَ، اورِيان ئِي آهي؛
    مان تَنُ تِتِ لائي، جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا.

    سنئين واٽ تي هر ڪا سونهپ (رهبري) ٿي ڪري، پر مون کي ڪا منجهائي ڏيکاري. جستجو يا تلاش ۽ حاصلات، اهي ٻئي اوريون منزلون آهن. مون اتي جيءُ اڙايو آهي، جتي نه ”آه“ آهي، نه ”ناه“ (جتي دنيا جا ضد ناهن.)

    4
    جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا، اِيُ خاڪِيءَ جو خِيالُ؛
    جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِيو.

    جتي نه ”آه“ آهي، نه ”ناه“، اهو به خاڪ مان ٺهيل انسان جو خيال آهي. محبوب جو حسن پسڻ کان ئي پري آهي.

    5
    جان تَنُ ڪَيوءِ نه تِيئَن، سوئيرِيان ئِي سَنِهڙو؛
    پِرِين پائِيندا ڪِيئَن، توکي اَکَڙِيُنِ ۾؟

    جيسين پنهنجو بدن اهڙو نه ڪيو اٿيئي، جو سُئيءَ کان ئي سنهڙو ٿئي، تيسين پرين توکي پنهنجين اکين ۾ ڪيئن پائيندا.

    6
    اَکِيُنِ ۾ ٿِي ويھُ، ته آئُون واري ڍَڪِيان؛
    توکي ڏِسي نه ڏيھُ، آئُون نه پَسان ڪِي ٻِيو.

    اي پرين! تون اچي منهنجي اکين ۾ ٿي ويهه ته مان انهن کي وارائي پوري ڇڏيان. تون کي جهان نه ڏسي ۽ مان تو بنا ٻيو ڪي به نه ڏسان.

    7
    کَرَ کي کَـپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪرِي؛
    اُڀو جو اوناءِ، سُرِ پُرِ سَندِي سَڄَڻين.

    کر (رقيب يا حاسد) کي شل کپر (زهري نانگ) يا مڻ وارو ڪاريهر (واسينگ) نڪري کائي ، جو لڪي بيٺو محبوبن جي جهيڻي گفتار ٻڌي.

    8
    سَڄَڻَ سَنئِيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِــيُون؛
    سَندِي سُپِرِيَنِ، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکڙو.

    محبوب، سڌا ڪارج پيا ڪن، پر ماڻهن جي ليکي اهي ڏنگا ڪارج آهن. محبوب جي ڳجهارت سمجهڻ مشڪل مسئلو آهي.

    9
    حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ؛
    جو حُسُنَ سَندو حَقُّ، سو ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي!

    انساني عقل، حيرت ۾ وڃي ( جتي محبوب جو بي انتها حسن آهي) ڪجهه به نٿو سمجهي، جو حقيقي حسن جو سچو املهه آهي، تنهن کي انڌو (انساني عقل) نٿو سڃاڻي سگهي.

    10
    حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِيو ويڇُون؛
    مُحَبَتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.

    انساني عقل، حيرت ۾ وڃي منجهي حيران ٿيو. محبت جو اشارو، انڌو سڃاڻي نه ٿو سگهي. (حقيقي عشق جي پروڙ انڌي عقل کي ناهي.)

    11
    مُئي هاٿِيءَ تي مامِرو، اَچِي ڪَيو اَنڌَنِ؛
    مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِئين ڪِينَ پَسَنِ؛
    ”فِي الۡحَقِيۡقَتَ“ فِيل کي، سَڄا سُڃاڻَنِ؛
    سَندِي سَرۡدارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.

    مئل هاٿيءَ تي اچي انڌن تڪرار ڪيو. هو هٿن سان پيا ڇهن ۽ اکين سان ڏسن نه ٿا. در حقيقيت هاٿيءَ کي اکين وارا ئي سڃاڻي ٿا سگهن. روحاني سردارن جي نظر ئي اسان کي ڏسندڙ ٿي بنائي. (سچ کي رواجي انسان اهڙو پروڙين، جهڙو انڌا مئل هاٿيءَ کي. انڌا رڳو ان کي هٿن سان ڇهي، ان جي ڪنهن عضوي جو بيان ڪندا ۽ سو به غلط، روحاني رهبر ئي اسان کي سچي نظر ڏيئي ٿا سگهن.)

    وائي 1
    مُنهَن مَنجِھ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آهِئين.
    سَڌَ مَ ڪَر صِحَّتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ؛
    نالو ناهِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُّ جَلِيلُ؛
    مُنهَن ۾ مُسَلمانُ تُون، قَلۡبُ تان قَلِيلُ؛
    والِيءَ جي وِصالَ ۾، دوئِي ناهِ دَلِيلُ؛
    اَلا! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، سَچو رَکائِجُ سِيلُ.

    صورت ۾ ابراهيم خليل (خدا جو دوست آهين، پر اندر ۾ آذر (بت پرست) آهين. تون سچي صحت (سچ پروڙڻ) جي خواهش نه ڪر، اڃا تون بيمار (اخلاقي اگهو) آهين. جتي جلال وارو ڌڻي آهي، تتي ناسازيءَ جو نالو به ناهي. تون منهن ۾ مسلمان آهين، پر دل تنهنجي تنگ آهي (تون تنگدل آهين). ڌڻيءَ جي وصل جي راھ ۾، ٻيائي رهبر ناهي. (جي ڌڻيءَ جو وصال ماڻڻ ٿو چاهين ته ٻيائيءَ کي پنهنجو رهبر نه ڪر). اي الله! تون مون کان سچو اخلاق اختيار ڪرائج.

    وائي 2
    مَؤتَ مُندَ نه آهي، تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا.
    ”عَجِّلُوۡا بِالتَّوۡبَةِ قَبۡلَ الۡـمَوۡتِ،“ ويھُ تُون ويرَمَ لائي؛
    پِرِيان ڪارَڻِ پاڻَ کي، سِگھو ويھُ سَنباهي؛
    اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِي ٿو ڪاهي؛
    وِڌائِين وَڍَڻَ لَءِ، ڳَنُ ڪُهاڙِيءَ پاهي؛
    عِمارَتُون اَنڌَنِ جُون، ڊاهِيو ٿو ڊاهي؛
    نِبا گھوٽَ گَھرَنِ ڏي، ڪَنهن وَڏِيءَ ويرَ وَناهي؛
    اُتي، عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، بِنا ڪَفَنَ پَراهي.

    موت جي وقت جي ڪل ئي ڪانهي، ترت توبھ تائب ٿيو. ”موت کان اڳي، توبھ جي تڪڙ ڪريو.“ تون انهيءَ ۾ دير وجهي نه ويھ. پاڻ کي محبوب لاءِ ترت تيار ڪري ويھ. موت ويسرن کي چهو هڻي، ڪاهي ٿو وڃي. سر ڪپڻ لاءِ ڪهاڙيءَ جي پاهي ۾ ڳن وڌائين. (موت، ماڻهن جي سر ڪپڻ لاءِ، ڪهاڙي تيار ڪيو بيٺو آهي). موت انڌن (اخلاقي انڌن) جا مانڊاڻ ڊاهيو پٽ ٿو ڪري. گهوٽ (سچا انسان) ڪنهن موچاريءَ مهل، پرڻائي، گهرن (عرش جي مڪانن) ڏانهن نيا ويندا. عرش ۾ ڌڻي اُنهن کي بنا ڪفن، نوراني پوشاڪ ٿو پهرائي.

    داستان چوٿون

    1
    مَحرُومَ ٿِي مَرِي وِيا، ماهِرَ ٿِي نه مُئا؛
    چِڙِيءَ جِيئَن چُهِنجَ هَڻِي، لَڏِيائُون لُئا؛
    حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِيءَ واديءَ وِچَ ۾.

    هُو نااميد ٿي مري ويا ۽ ڪامل ٿي نه مئا. (وڏا عارف به حق کي پوري طرح پروڙي نه سگهيا ۽ انهيءَ نااميديءَ ۾ ئي گذاري ويا.) جهرڪيءَ مثل چهنب هڻي گاھ جي گڏي مان لڏيائون. انهيءَ ماٿريءَ ۾ (دنيا ۾) هو بلبلا (ڦوٽا پاڻي) هئا.

    2
    اَسِين سِڪُون جن کي، اَسِين پُڻِ سيئِي؛
    ”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُوۡلَدۡ“، وَنءُ اوڏانهِين پيهِي؛
    تِهان مَنجھيئِي، پارِکَ! پَرِکِجِ حَقَ کي.

    اسين جن لاءِ سڪون ٿا، سي پاڻ ئي آهيون. (جنهن ڌڻيءَ لاءِ اسين سڪون ٿا، سو اسان ۾ ئي سمايل آهي.) ”نڪي هو ڄڻي ٿو، نڪي پاڻ ڄائو آهي:“ تون انهيءَ طرف پيهي وڃ (انهيءَ راز ۾ غرق ٿيءُ). اي پارکو! اُتان ئي اندران حق (ڌڻيءَ) کي سڃاڻج.

    3
    ڏِسَڻُ ڏِسِين جي، ته هَمہَ کي حَقُّ چَئِين؛
    شارِڪَ! شَڪُ مَ ني، اَنڌا! اِنهِيءَ ڳالھِ ۾.

    جي سچو ڏسڻ (سچي نظر سان) ڏسين ته سڀني کي حق (ڌڻي) چوين. اي شرڪ ڪندڙ! اي انڌا! تون انهيءَ ڳالھ ۾ ڪو گمان نه آڻ. (انسان جي اندرين اک بيدار هجي ته هر هنڌ ۽ هر شيءَ ۾ سائين ڏسي، بلڪ هر چيز کي حق چوي.)

    4
    آڏو جو اِثباتِ کي، سو شِرڪُ لاهي شَڪُ؛
    هُئي جنهن ۾ حَقُّ، تنهن نَفِيءَ جِهو ناهِ ڪو.

    جو شرڪ، ڌڻيءَ جي هستيءَ کي ثابت ڪرڻ جي آڏو اچي، تنهن کي دور ڪري ڇڏ. جنهن انڪار (حق کان سواءِ ٻي هستيءَ کان انڪار) ۾، حق (سچ يا سائينءَ جي هستيءَ جو اقرار) هجي، تنهن جهڙو ٻيو ڪي ڪينهي.

    5
    اِنَ پَرِ نه اِيمانُ، جِئَن ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين؛
    دَغا تُنهِنجي دِلِ ۾، شِرۡڪ ۽ شَيطانُ؛
    مُنهَن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِئين.

    انهيءَ ريت مسلماني ناهي، جو تون پاڻ کي ڪلمو چوندڙ ٿو سڏائين. تنهنجي قلب ۾ فريب، شرڪ ۽ شيطان پيا وسن. منهن ۾ مسلمان ٿو ڏسجين، پر اندر ۾ آذر (بت پرست يا نفس پرست) آهين.

    6
    ڪُوڙو تُون ڪُفرَ سين، ڪافَرُ مَ ڪوٺاءِ؛
    هِندُو هَڏِ نه آهِئين، جَڻِيو تو نه جُڳاء؛
    تِلۡڪُ تِنِين کي لاءِ، سَچا جي شِرۡڪَ سين.

    تون ڪفر (غير مسلمانيءَ) سان به سچو ناهين. تون پاڻ کي ڪافر (خدا جي هستيءَ کي نه مڃيندڙ) نه سڏاءِ. تون هندو هرگز (سچي معنيٰ ۾) ناهين، تو کي جڻيو پائڻ نه جڳائي. تلڪ اُهي مستڪ تي لائين، جي شرڪ (خدا جي هستيءَ سان ٻئي ڪنهن کي شرڪ ڪرڻ) سان سچا هجن.

    7
    ُنهُن ته آهيرِيان ئِي اَجِرو، قَلۡبَ ۾ ڪارو؛
    ٻَهَران زيبُ زِبانَ سين، دِلِ ۾ هَچارو؛
    اِنَ پَر ويچارو، ويجھو ناهِ وِصالَ سين.

    منهن ته آرسيءَ کان وڌيڪ صاف اٿيئي، پر دل جو ڪارو آهين. ٻاهران زبان سان سهڻي گفتار ٿو ڪرين، پر دل ۾ ڪڌو ۽ بي قياس آهين. اهڙيءَ ريت ويچارو انسان، ڌڻيءَ جي وصل کي ويجهو ناهي.

    8
    تُون ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِنِ ۾ وِصالَ جِي؛
    دُوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعۡرِفَتَ مَلهاءِ؛
    سُپيرِيان جِي سُونهَن ۾، رُخنو ڪونَ رِهاءِ؛
    اَکِ اَشَهَد چاءِ، ته مُسَلِمانِي ماڻِئين.

    تون اکين ۾ ڪا وصل (حق سان هڪ هئڻ) جي سرائي پاءِ. دوئي کي دفع ڪر، معرفت (سچي ڄاڻ) جي منزل ماڻ. محبوب جي حسن ۾ ڪو به خريب هئڻ نه جڳائي. ڌڻيءَ جي جلوي جي شاهدي ڏيندڙ اک کڻ ته سچي معنيٰ ۾ مسلماني ماڻين.

    9
    سُرمُون سِياهيءَ جو، رَننِ کي رِهاءِ؛
    ڪانِي ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿي مَ پاءِ؛
    اَکِـيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَنَ جي.

    ڪارو سرمو پائڻ، زالن کي ئي سونهي. تون مڙس ٿي، ڪاري سرمي جي سرائي نه پاءِ. تون اکين ۾ محبوب جي لالاڻ لڳاءِ. (تون سچي عشق ۾ رڱجي لال ٿيءُ. تنهنجي اکين ۾ سچي عاشقيءَ جي لالاڻ هئڻ جڳائي. ڪارو سرمو مڙسن کي نه سونهي. پر زالن کي.)

    10
    سُرمون سُرخِيءَ جو، جَڏهن پاتو جن؛
    تَڏهن ڏِٺِـي تن، رَوۡنَقَ ريٽي جَهِڙي.

    جڏهن جن لالائيءَ (سچي عاشقيءَ) جو سرمون اکين ۾ پاتو. تڏهن تن کهنبي جهڙو لقاءُ ڏٺو. (صوفي، چوڌاري حق جو جلوو ٿو ڏسي.)

    11
    سُرۡمون سُفيدِيءَ جو، جَڏهن وِڌو جن؛
    تَڏهن ڏِٺِي تن، اَڇائِي عالَمَ ۾.

    جڏهن جن اڇاڻ جو سرمو اکين ۾ وڌو، تڏهن تن جهان ۾ سفيدي ڏٺي. (ويدانت وارا اُن کي ”اڇ“ چوندا آهن. سڀئي عاشق رڳي اڇ ٿا ڏسن. ٻيا مڙيئي رنگ ۽ روپ، هنن لاءِ ميسارجيو وڃن.)

    12
    مُون تان لِڪائِي گَھڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ؛
    رَسِيو ريزالَنِ کي، مَنجھان زَردِيءَ ظَنُ؛
    ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِھ ڪَيائِين ڳُجَھ جِي.

    مون ته عشق جي ڳالهه کي گهڻو ئي لڪايو، پر روئڻ اُن کي ظاهر ڪري ڇڏيو. منهنجي منهن جي پيلاڻ مان ڪميڻن کي گمان جاڳيو. منهنجو رنگ (زرد رنگ) منهنجو دشمن ٿيو، جو منهنجي راز جو ذڪر ڪيائين.

    13
    لَکين سَئين مَهَراڻَ، آٽِي سَڀِ اُڌَمِيا؛
    سَڙان مَنجهِين مانَ، ٻَهَرِ ٻاڦَ نه نِڪري.

    منهنجي سيني ۾ لکين سهسين سمنڊ اُڀامي جوش ۾ آيا. شل اندر ۾ ئي جلان ۽ ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

    14
    ”پاڻُ“ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سَنڀالَ؛
    وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئَڻُ هِنَ جو.

    خودي ئي پنهنجي اڳيان حجاب اٿيئي. اها ڳالھ ٻڌي، هوشيار رھ. ڌڻيءَ سان ميلاپ ۾ جا رنڊڪ آهي، سا انهيءَ (خوديءَ) جو هئڻ آهي.

    15
    ”پاڻُ“ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ! سُڻجِ تُون؛
    نَڪا هان نه هُون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِيا.

    خودي ئي پنهنجي اڳيان حجاب اٿيئي: اي طالب! اها ڳالھ ٻڌج! ٻي ڪا به هونگار ناهي. سڀيئي حجاب دور ٿيا (خودي ويئي ته مڙيئي پردا پري ٿيا.)

    16
    ”مُون“ مُونهِين ۾ سَپَجي، مُون کي ”مُون“ جُڳاءِ؛
    مُونهين جي ساڃاءِ، مُونهين مَنجھان ”مُون“ ٿِئي؛
    اُنَهِين اِئن جُڳاءِ، آن کي اِئن نه چَوَڻو.

    ”مون“ (سچي ”مون“ يا خودي) ”مون“ ۾ ئي ٿي پيدا ٿئي. ”مون“ کي ئي ”مون“ چوڻ جڳائي. (ڌڻي، جو اندر ۾ آهي، تنهن کي ئي ”مان“ چوڻ جڳائي. جو خودشناسيءَ کي رسيو آهي، تنهن کي ”مان“ چوڻ جڳائي.) انهيءَ (ڌڻيءَ) کي ئي ائين چوڻ واجب آهي، اوهان کي (رواجي انسانن کي) ائين چوڻو ناهي.

    17
    گُندِي نِينهُن نه سَپَجي، تُھَ نه پَچي ماھُ؛
    ڪَچِيءَ پَرِ ڪِئاءُ، ٿِئي سَماجوڳُ سَڄَڻين؟

    گنديءَ (ان رکڻ جو ٿانءُ) ۾ عشق سانڍڻ جو ناهي. ماس، تهن (ان جي کلن) ۾ نه پچندو آهي. ڪچي نينهن سان، محبوبن سان ڪيئن ميڙائو ٿيندو.؟

    18
    نَظَرُ نِزدِيڪونِ، سَهِي نه سَگھان ساعَتَ سِيئن؛
    پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئُون نالي ڳِيڙي نِجُھران.

    سندن (معشوقن جي) ويجهي نگاھ مان هڪ پلڪ به نه ٿو سهي سگهان. سندن ديدار ته پري رهيو، مان سندن نالي ڳنهندي پيو جھڄان ۽ جھران.

    19
    مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو ٻارِ ۾؛
    اُڀا اِيئَن چَوَنِ، مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.

    منهنجن محبوبن مون کي ٻڌي، اونهي پاڻيءَ ۾ وڌو. پاڻ ائين بيٺا چون ته ”متان پنهنجو پلاند آلو ڪيو اٿيئي.“ (ڌڻيءَ انسان کي دنيوي حرصن جي سمنڊ ۾ اڇليو آهي ۽ پوءِ کيس هدايت ٿو ڪري ته متان پاڻ کي آلودو ڪيو اٿيئي!)

    20
    پِيو جو پاتارِ، سو ڪِئَن پُسَڻَ کان پالِهو رَهي؟
    سالِڪَ! مُون سيکارِ، ڪو پَھُ اِنَهِين پاندَ جو.

    جي اونهي پاڻيءَ ۾ پيو آهي، سو ڪئن پسڻ کان آجو رهي.؟ اي سالڪ! (اي الله لوڪ!) مون کي انهيءَ کان پلاند بچائڻ جي ڪا رمز سيکار.

    21
    ڪَرِ طَرِيقَت تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ؛
    هِنئون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرفَتَ ڄاڻُ؛
    هوءِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، ته پُسڻان پالِهو رَهين.

    (مرشد، طالب کي جواب ٿو ڏئي:) تون طريقت جي واٽ کي پنهنجو آڌار بناءِ ۽ شريعت (ديني فرض) سڃاڻ. پنهنجي دل کي حقيقت سان هيراءِ. (واقف ڪر) ۽ معرفت جي منزل جي ڄاڻ رک. ثابت قدميءَ تي قابو هج ته پُسڻ کان آجو رهين.

    22
    ڪُوڙِي ڪِج مَ ڪَڏَهِين، ڦِڪِي ڀانئِجِ ڦانگَ؛
    ساري سَناسِيُنِ جِئَن، لائِقَ! رَکِجِ لانگَ؛
    ته چارَئِي چُنِيءَ پاندَ، اوسا ڳِنهِي اُڪرِين.

    ڪڏهن به ڪوڙي ڳالھ نه ڪج (ڪوڙ ۾ نه پئج) ۽ بي شانائتي ڳالھ کي سڪل ٽاري ڪري سمجھج. اي لائق طالب! جوڳين جيان هوشيار رهي، لانگوٽيءَ کي پختو رکج (نفس تي قابو پئج) ته پوتيءَ جا چارئي پلاند سڪل جھلي، پار پوين.

    23
    سُتوئِي سيڄَ گُھرِين، جَفا ڏِئين نه جانِ؛
    صُلِحَ رِيءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نه چَڙهِين.

    تون ستي پئي ئي سيج پيو طلبين ۽ جان کي ڪا تڪليف نه ٿو ڏين. محبوب (مرشد) جي راضپي کان سواءِ، شمار ۾ نه ايندين (يا روحاني گهوٽ نه ٿيندين).

    24
    صُلِحُ جِنِ سَڄَڻَ سين، سيڄَ ماڻِيندا سي؛
    ”اَلَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا وَکَانُوۡا يَتَّقُوۡنَ“، اِنَ پَر اُڀا جي؛
    نيئِي نُونڌين تي، ڏِکي چِٽي چاڙِهيا.

    جن جو محبوب سان ساز آهي، سي ئي سيج ماڻيندا (روحاني راحت ماڻيندا). ”جن ايمان آندو ۽ پرهيزگار آهن.“: جيڪي اهڙيءَ ريت پختا بيٺا، سي ئي سينگارجي گهوٽ ٿيا. (سي روحاني سردار ٿيا.)

    25
    جي ٿِيا حَلُّ حَبِيبَ سين، سُمهڻُ تن ثَوابُ؛
    نيڻَ هيرائي نِنڊَ سين، خوش ڪَيائُون خَوابُ؛
    اوسِيڙو عَذابُ، دِلِيان تَنِين دُورِ ٿِيو.

    جي محبوب سان رلي هڪ ٿيا، تن لاءِ ننڊ نيڪ يا روا آهي. اُنهن پنهنجين اکين کي ننڊ تي هيرائي، مٺي ننڊ ڪئي. انهن جي دل مان انتظار ۽ پيڙا هٽي پري ٿي. (سندن دل مان غم الم غائب ٿيا.)

    26
    تَنُ تَسبِيحَ، مَنُ مَڻِيو، دِلِ دَنبُورو جَنِ؛
    تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ؛
    ”وَحۡدَهٗ لَا شَرِيۡڪَ لَہٗ“، اِهو راڳُ رَڳُنِ؛
    سي سُتائِي جاڳَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.

    جن جو جسم مالها آهي ۽ من مالها جو ڏاڻو ۽ دل تنبورو. جنهن جي طلب جون تارون، ڌڻيءَ جي هيڪڙائيءَ جي راز سان پيئون وڄن. ”هو (ڌڻي) هڪ آهي ۽ سندس ڪو شريڪ (مٽ) ناهي“. اهو ئي راڳ سندن رڳون پيئون ڳائين. اُهي سمهي به سجاڳ آهن ۽ اُنهن جي ننڊ به بندگي آهي.

    وائي
    ڪِي اُنِهين مَنجِھ آهي، هُو جي جُھونا پَسجَنِ جُھوپِڙا.
    اِنَ دَرِ سيئِي اَگِھيا، جن کي ڪونَ چِتائي؛
    ڌارِيان ڀانئِنِ ڌارِيو، پاڻُ پِرِيان سين کائي؛
    ”اِنَّ اَوۡلِيَائِيۡ تَحۡتَ قَبَائِيۡ“، پَنهنجا پاڻَ پَهرائي؛
    ”لَا يَعۡرِفُهُمۡ غَيۡرِيۡ“، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي؛
    پَنهنجِي ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙهُ اُنِين جي رائي؛
    خِدمَتَ ڪَرِ خُلۡقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي؛
    اَدِيُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، اِتاهِين ڪِي آهي.

    هو جي پراڻا پکڙا پيا پسجن (جن ۾ فقير ٿا رهن)، تن ۾ ڪي آهي (ڪا روحاني ڪيميا آهي). هن در تي (ڌڻيءَ جي در تي) اُهي قبول پيا، جن کي ڪو جاچي به نه ٿو. اهڙي فقير کي ڌاريا، ڌاريو ڪري ٿا سمجھن، پر هو پاڻ پرينءَ سان گڏ ويٺو کائي. ”منهنجا اوليا منهنجي قبا (چوغي) هيٺ آهن.“ (حديث): ڌڻي پنهنجن پيارن کي پاڻ اِهو جامو ٿو پهرائي. ”مون کان (ڌڻيءَ کان) سواءِ، اوليائن کي ٻيو ڪونه سڃاڻي“: ڌارئي کي اُهي (اوليا) نه ٿو ڏيکاري. پنهنجي راءِ کي خاڪ ۾ اُڇلي، سندن (اوليائن جي) راءِ موجب هل! ڳچيءَ ۾ پلاند وجھي، سلڇڻائيءَ سان سندن چاڪري ڪر. اي سرتيون! (عبداللطيف ٿو چوي) اتان ئي ڪي حاصل ٿيڻو آهي.


    سُرُ رپ

    داستان پهريون

    1
    گُوندَرَ ڪَيو غَرَقُ، ماءُ! مُنھِنجو ڄِندُڙو؛
    ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳـرَ پَنڌڙَو.

    اي امڙ! منهنجو هنئون غم ٻوڙي ڇڏيو آهي. (غم ۾ غرق آهي). واٽ تي پنڌ ڪرڻ ڏکويلين کي زيبائي.

    2
    گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙِيَمِ سَڄَڻين؛
    مادَرِ! مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِينءَ جي.

    مان غم سان هڪ آهيان ۽ پرين منهنجي تندرستي کڻي ويا. اي جيجل! جانب جي جدائيءَ مون کي ماري فنا ڪيو آهي.

    3
    گُوندَرَ ھَٿَ نه پيـرَ، وِرِهُ مَنجِھينِ وَھَڻو؛
    ڪُڙهِ ۾ قطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيـرَ؛
    مُون جِئَن گھاري ڪيـرَ، ھيڪِلي رِءِ سَڄَڻين؟

    غم کي هٿ آهن، نه پير، درد اندر ۾ ئي پيو چري. سورن منهنجي ڪک ۾ (قلب ۾) قطارون ڪري، پنهنجون واٽون ٺاهيون آهن. مون وانگر، محبوبن کان سواءِ، ڪير جيڪر اڪيلي گذاري؟

    4
    اُٺي جِئَن مورَنِ، اوڀَرَ وَلَھارَنِ ۾؛
    سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُه ڦوڙائو سَڄَڻين.

    جئن مينهن وسندي خشڪ پوٺن تي اچيو ساوڪون اُڀرن، اُها ساڳي ڪار، غم اچيو ڪن، جڏهن محبوبن جو وڇوڙو آهي. (فراق ۾ سهسين غم اچيو اُڀرن.)

    5
    ڳَرَنِ ۾ ڳَرَھيج، روئي ڪَجِ مَ پَڌِرا؛
    تان سُوراڻي سَھيجِ، جان لا ھِيندَڙُ ڪو لَهِين.

    ڳجھن سان ئي ڳجھ سلج (راز سانڍج). روئي اُنهن کي ظاهر نه ڪج. تيسين سور سهج، جيسين اُن جو ڪو لاهيندڙ ڳولهي لهين.

    6
    ڳُرَ ۾، ڳُجھو روءُ، پَڌَر وِجُھ مَ پَرِينءَ ري؛
    سُورَنِ سُڀَرُ ھوءُ، ھِنئَڙا! ڪُمَ ڪَنَنِ جِئَن.

    ڳجھ ۾ ڳجھو روءُ، محبوب جي جدائي جي ڳالھ کي ظاهر نه ڪر، اي هنئان! سورن ۾ پٻڻ جي ڪنارين جيان پڪو رهج.

    7
    جاءِ نه سَڄو ڏِينھُن، ھِنئَڙو اوٺي وَڳَ جِئَن؛
    مُون پِرِيان سين نِينھُن، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ نه ڪَيو.

    منهنجو هنئون اُٺن جي ولر وانگر هڪ هنڌ (قرار ۾) ناهي. (اُٺن جي ولر وانگر ڀٽڪي پيو). مون پرينءَ سان محبت، ٽوڙڻ لاءِ نه ڪئي آهي.

    8
    پَلَ پَلَ ۾ پَلِيانسِ، پَلُ نه رَھي پِرِينءَ ري؛
    جِئَن جھوريءَ کان جَھلِيانسِ، جِھڄِيو تِئَن جھوريءَ پَوي.

    پل پل ۾ روڪيانس پيو (هنئين کي)، پر پرينءَ کان سواءِ هڪ پل به نه ٿو رهي. جئن ڳاراڻي کان روڪيانس، تئن ورھ ۾ ڳريو وڃي ڳاراڻي ۾ پوي.

    9
    ڪَڪَرَ مَنجِھ ڪَپارَ، جُھڙُ نيڻَنئُون نه لَهي؛
    اَڄُ مُنھنجي چِتَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ؛
    آءُ سَڄڻ! لَـھُ سارَ، وِرِھَ ويڙھِي آھِيان.

    منهنجي ڪاپار ۾ ڪڪر آهن ۽ اکين مان جهڙ ئي نه ٿو غائب ٿئي. اڄ منهنجي هنئين ۾ محبوب بيحد اُڪير کان وسيا (ياد پيا). اي جانب! اچي منهنجي سنڀار لھ، مان برهه ۾ وڪوڙيل آهيان.

    10
    مُون مَنجھيئي مِينھُن ڪوهُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرين؟
    سَرَلو سارو ڏِينھُن، مُون پِرِيان جو نه لَھي.

    مون منجھ ئي مينهن پيو وسي، مان ڪڪرن کي ڇا ڪنديس؟ (منهنجي نيڻن مان هميشہ جر جاري آهي.) جانب جو جھڙ (سندس جدائيءَ ۾ وجھلڻ)، منهنجي اندر مان سارو ڏينهن لهي ئي نه ٿو.

    11
    جُه سي سَنڀِرِ جَنِ، سَهَ تنين سين اورِيان؛
    لُنؤ لُنؤ ھيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جِئَن.

    جڏهن اُهي (پرين) ياد پون، تڏهن اُنهن سان دل جي سڪ ٿي سليان. منهنجي بدن جي وار وار هيٺان منهنجون رڳون رباب جي تندن جيان پيئون تنوارين.

    12
    چَتُـرُ رَھي نه چِتُ، ويڻين واڳِيو نه رَھي؛
    رَئيءَ لَٽِجي نِتُ، ھِنئَڙو واٽَ وِرِکَ جئَن.

    منهنجون هنئون سجاڳ يا سرهو نه ٿو رهي، طعنن سان ٻڌجڻ نه ٿو چاهي. منهنجو هنئون واٽ تي بيٺل وڻ جيان هميشہ دز (غم جي غبار) سان پيو لٽجي.

    13
    چوري چوري چِتُ، جان نَئينءَ وِھاڻِيءَ نِڪِران؛
    نِينھُن گُھرائي نِتُ، پِريان سَندي پيـرَ ۾.

    هنئي کي پرڀائي، جئن نئين سج نڪران، تئن روز محبت مون کي ڪوٺيو وريو وڃيو پرينءَ جي پيچري تي هڻي. (دل کي نينهن کان گھڻو ئي پليان، پر پلجي نه ٿي.)

    14
    چيتارِيان چُڻِڪَنِ، وِسارِيان نه وِسِري؛
    ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي ھَڏَ جِئَن.

    پرين کي ساريان ته اچيو هنئين ۾ وسن. کين وسارڻ جي ڪريان ته نه ٿا وسرن. محبوب جي ياد مونکي ڀڳل هڏي جيان هميشہ ڏکوئي ٿي.

    15
    چيتاري چَونَدِياسِ، ڳالِھيُون سَڀوئي سَڄَڻين؛
    جُه مُقابِلِ ٿِياسِ، ته سَڀِ وَڃَنِمِ وِسِري.

    سڀئي ڳالهيون ساري، اُهي پرينءَ کي چونديس، جان ئي سندس سامهون ٿيس. (جڏهن کيس ملان)، تان ئي سموريون ڳالهيون وسريو وڃنم. (عاشق کي معشوق اڳيان ڪجھ به ڪڇڻ نه ٿو ٿئي.)

    داستان ٻيو

    1
    سَڄَڻَ سان نه ڀيٽَ، ڳُجُھ ڳَرھِيان ڪِنِ سين؛
    ڳالِھيُون اِنھيءَ ريٽَ، سَلا ٻَڌي مورِيُون.

    پرينءَ سان گڏجاڻي نه ٿي، ڳجھ ڪنهن سان اوريان؟ انهيءَ درياه جي ڪچي ٿي (عاشق جي اندر ۾) ڳالهيون سلن وانگر ڳت ئي ڳت اچي اڀريون.

    2
    ڳالِھيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌي وَڻَ ٿِيوُن؛
    پَرَ سين مُون نه ڪَيُون، گوشي پِرِين نه گَڏِيا.

    ڳالهيون پيٽ جي وڪڙن ۾ سلن مان وڌي وڻ ٿي ويئون آهن (ڳالهين جو انداز وڌي ويو آهي). مون ڪنهن ڌارئي سان اُهي نه ڪيون ۽ جانب به مون ئي سائت اڪيلائي ۾ نه گڏيا.

    3
    گَونِي ۽ گُونِي، پِرِين پَٽائين گَجَ جِئن؛
    جي مَنَ مـجُوني، سي ڪِئَن وَڃَنِ وِسِرِي؟

    پرين، ريشمي چوليءَ جيان گوناگون رنگن وارا (انيڪ نزاڪتن، نازن ۽ اندازن وارا) آهن. جي من کي مست ڪندڙ آهن، سي ڪئن وسري سگهندا؟

    4
    اَندَرِ اَندَرِيُون، جِئَن سي وانجِھيءَ لَٺِ ۾؛
    مُون تَنَ تيترِيُون، ته ”ڪِئَن مِلِبو سَڄَڻين؟“

    جئن ونجھ جي ڪاٺي، پاڻيءَ اندر ور ور گردشون لائيندي آهي، تئن منهنجي اندر ۾ به اوتريون ئي انتظاريون آهن ته محبوب کي نيٺ ڪئن ملبو.

    5
    جِئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ واريءَ گاڏُئان؛
    ھِنئَڙو پِرِيان ڌارَ، نِبيرِيانسِ نه نِـبِـري.

    جئن کوهن تي چڙهيل نار مان واريءَ سان گڏيل پاڻيءَ جا وهڪرا وهندا آهن، تهڙيءَ طرح هنئين کي پرينءَ کان ڇني ڌار ڌار ٿو ڪريان ته نه ٿو ڌار ٿئي. (جئن پاڻي واريءَ کان).

    6
    سَٻَرُ سِيُّ پِيو، نه مُون سَوَڙِ، نه گَبـَرو؛
    نه مُون ڪانڌُ، نه قُوتُ ڪي، جوڀَنُ وَھِي وِيو؛
    تنِـين حالُ ڪِھو، نِڌَرَ جنِـين نـِجُھرا؟

    زبردست سيءُ پيو آهي، مون کي نه سوڙ آهي، نه رلي. نه مون وٽ ڀتار آهي، نه کاڌو. منهنجي جواني زبون ٿي ويئي. اُنهن جو حال ڪهڙو، جن جا پکا نڌڻڪا آهن؟

    7
    اُتَرُ اوتُون ڏي، نه مُون سَوَڙِ نه گَبـَرو؛
    سِيُّ سارِينديُون سي، جنِين نِڌَرَ نـِجُھرا؟

    اُتر جي سرد واءُ اچي پلٽون لاتيون آهن، مون کي نه سوڙ آهي، نه گندر (رلي). سيءُ اُهي محسوس ڪنديون، جن جا جھوپڙا نڌڻڪا آهن.

    8
    اُتَرُ ڏِني اوتَ، نه مُون سَوَڙِ، نه گَبـَرو؛
    چارَئي چُنِـيءَ پوتَ، مُون ريڙھِيندي راتِ گَئِي.

    اُتر جي سيءَ لُوه ڏني آهي، مون کي نه سوڙ آهي، نه گودڙي. پوتيءَ جا چارئي پلاند ريڙهيندي، ساري رات گذري ويئي.

    9
    نِينھُن نھِائِينءَ جان، ڍَڪِيو ڪوهُ نه ڍڪِئين؟
    ڄَرَ ڄَيري ڇَڏي، ته ڪِئن پَچَندا ٿانءَ؟
    سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالَھڙِي.

    عشق کي نهائينءَ وانگر ڇو نه ٿو پوشيدو رکين؟ (جئن ڪنڀر جي ٿانون سان ڀريل نهائين (آوي) ڍڪيل هوندي آهي، تئن تون به عشق کي اندر ۾ ڇو نه ٿو سانڍين؟) جي باھ پنهنجو تؤ ڇڏيو، ته ٿانو ڪيئن پچندا؟ (جي تون نينهن جي تابش کي ظاهر ڪيو، ته تون پچي راس ڪيئن ٿيندينءَ؟) ڪنڀارن جي ڳالھ تون خيال سان سڻج.

    10
    نِينھُن نِھائِينءَ جِئَن، ڍَڪِيو ڪوهُ نه ڍَڪئِين؟
    ڄَرَ ڄيري ڇَڏي، ته رَڇَ پَچَندا ڪِئَن؟
    تُون پڻ ڪَريج تِئَن، جِئَن ڪنڀارَڪَرِن ڪَمَ سين.

    عشق کي نهائينءَ وانگر ڇو نه ٿو پوشيدو رکين؟ باه تؤ ڇڏيو ته ٿانو ڪئن پچندا؟ تون پڻ (اي عاشق!) ائين ڪج، جئن ڪنڀار پنهنجي ڪرت ۾ ڪندا آهن.

    11
    نھِائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين!
    سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نه نِڪري.

    اي منهنجا مٺل! عشق نهائينءَ (آويءَ) کان سک. هوءَ سارو ڏينهن سڙي ٿي، پر منجھائس ٻاڦ نه ٿي نڪري.

    12
    نيڻَ نِهائِين جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان؛
    اُجھامِيو ٻَران، توکي سارِيو سُپِرِين!

    ماڻهن جي سمهڻ مهل مان پنهنجون اکيون نهائينءَ وانگر بند ٿو ڪريان. اي جانب! توکي ياد ڪري، مان اندر ۾ نهائين وانگر پيو اُجھامان ۽ ٻران.

    13
    ڪي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽيءَ پائي مَنِيو؛
    تَنھن مان تِرَ جيتِري، جي پَئي خَبَـرَ کـرَنِ؛
    ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي!

    ڪنڀارن مٽي ڪڍي ڪري، اُهو ڪي ڳوهيو، جو انهيءَ مان رتيءَ جيتري خبر به جي ڪميڻن کي پوي ته هو جيڪر مري وڃن ۽ ڪنڀرن جي گھر ۾ روڄ مچي وڃي. (ڪنڀار الائي ڪهڙن انسانن جي مٽي ٿا ڳوهين.)


    سُرُ کاهوڙي

    داستان پهريون

    1
    کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛
    عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛
    ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛
    سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.

    کاهوڙين (سچن فقيرن) ڳجھو اِسم (منتر) اُچاري، ڌڻيءَ کي ڳولي لڌو. عاشق اهڙي اسم سان لامڪان جي منزل به اُڪري ويا. جي جوڳي پچي ڪباب ٿيا، سي حق سان گڏجي حق ٿي ويا. هنن کي نظر ۾ مڙيو ئي رب ڏسڻ ۾ آيو.

    2
    مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛
    رَھِي اَچِجي راتڙِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛
    تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.

    اي امڙ! مون اُهي فقير ڏٺا، جن سپرينءَ جو ديدار ڪيو آهي. اُنهن ڪاملن وٽ هڪ رات گھاري اچجي. انهن جي سڃاڻپ هن اونهي ساگر ۾ ترهي جو ڪم ٿي ڏئي.

    3
    ويئُون پَٻِ پَـئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛
    آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
    رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.

    کاهوڙين جون ٽوليون پٻ جبل ۾ پيهي ويئون. اي پانڌيئڙا مان انهن ڏوٿين جو پتو ۽ پيچ پيو پڇان، جن رات رڻ ۾ گھاري، جبلن ۾ تلاشون ڪيو.

    4
    تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِيا، سَنجھي سَعيو نه ڪَرِين؟
    سَوارا سَنڊَ کَـڻِي، کاھوڙِي وِيا؛
    آڻِيندين ڪِيا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيھَ جو؟

    تون ماڳهين سوير ڇو نه ٿو سعيو ڪرين؟ کاهوڙي اسر جو سانداريون ساڻ ڪري، نڪري ويا. تون هاڻي ڏورانهين ديس (روحاني ولايت) جو ڏٿ ڪٿان هٿ ڪندين؟

    5
    ڏوٿِي سا ڏورِين، جا جُوءِ سُئِي، نه ٻُڌِي؛
    پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ؛
    وِڄا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.

    ڏوٿي اُها منزل ٿا ڏورين، جا ڪنهن نه سئي نه ٻڌي. کاهوڙي پهڻن جي مٿان پاسا کوڙي ٿا ليٽن. هو سچي معرفت (يا گيان) اُتي ٿا ڳولين، جتي ڪا حد ئي ناهي.

    6
    ڀَڪُلِيا ڀُوڻَنِ، ڌَڙَ کي گَڏِيو ڌُوڙِ ۾؛
    ڳالِھيُون، ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌرِ پَـئِي نه ڪَنِ؛
    ڪا مُلِ آھي تَن، مُون پِريان جي ڳالَھڙِي.

    کاهوڙي، بت کي مٽيءَ سان ملي، ميرا ٿيو پيا گھمن. هو ڳهيلي خلق سان ڪي به ڳالهيون پڌريون نه ٿا ڪن. اُنهن وٽ منهنجي محبوب جي ڪا املهه وارتا آهي.

    7
    تان وَنئُن ويـھِي آءُ، اڱَڻ کاھوڙِيُنِ جي؛
    جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءُ؛
    ڏوٿِيُنِ ڪنھن ڏُکاءُ، سُمھِي سُک نه ماڻِيو.

    تون ڪي کاهوڙين جي اڱڻ ۾ پيهي وڃ. هنن لوڪ کان پاڻي لڪائي، پنهنجي جسم ۾ برهه جي باھ مچائي آهي. ڏوٿين ڪنهن جھوريءَ کان، ڪڏهن به سمهي آرام نه ڪيو.

    8
    ڏُٿُ نه کُٽو ڏوٿِيين، جيڪِي ڏُٿُ ڪَرِينِ؛
    اُھۡڃاڻِـيُون عالَمَ جُون، اوريائِين آڻِينِ؛
    تِھان پوءِ ڏسِينِ، پِرِيان سَندِي ڳالھڙِي.

    جي ڏوٿي ڏٿ ٿا گڏ ڪن، تن جو ڏٿ کُٽڻ جو ئي ناهي. هو روحاني ولايت جا ڏس پار اچيو اوريان رسائين. اُنهيءَ کان پوءِ هو محبوب جي ڳالھ ٿا ڏسين.

    9
    جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَـرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو؛
    ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِـڙِيُون سُتَنِ کي!

    جي ڪو ڏٿ گڏ ڪري ته پروڙ پويس ته جبل جھاڳڻ وڏو ڪشالو آهي. جبل، ستلن (غافلن) کي ڪي به سوکڙيون نه ٿو ڏئي.

    10
    مُون کاھوڙِي لَکِيا، گَھرين نه گھارِينِ؛
    واحِدَ لَڳِ وِلۡـهُنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ؛
    گُوندَرِ گُذارِينِ، جهُ ڏوٿِي ڏُٿَ گَدُ ٿِيا.

    مون اهڙا کاهوڙي ڏٺا، جي ڪڏهن به گھر ۾ نه ٿا گذارين. ڌڻيءَ ڪاڻ سرد ولهن ۾ رويو، اکين مان آب پيا وهائين. جڏهن کان ڏوٿي ڏٿ ڏورڻ کي لڳا، تڏهن کان غم ۾ ٿا گهارين.

    11
    کاهوڙِيُنِ کَــڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛
    ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَـڻِي؛
    ڏَکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيہُ لَڌائُون ڇَپَرين.

    کاهوڙين سوير ئي سندرا ساڻ کڻي ٻڌا. جبلن ۾ ڏٿ ڏوريندي، پاڻ کي هڻي خاڪ ڪري ڇڏيائون. پنهنجي جيءَ کي ڏاکڙن (تڪليفن) ۾ وجھي، وڃي پهاڙن جو ڇيڙو (آخرين منزل) لڌائون.

    12
    کَڻَنِ نه ڪَيڪانَ، پَنڌَ پَراهين هَلِيا؛
    ڏوٿَيِرا ڪَنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏَنهُن جابانَ؛
    کاهوڙِيُنِ اُهڃاڻَ، اَنگ نه سَڄِي اَڳِڙِي.

    کاهوڙي پاڻ سان ڪي وهٽ نه ٿا کڻن، پر پنڌ ئي پنڌ ڏورانهين منزل ڏانهن ٿا وڃن. ڏوٿي ڪنهن خاص ڏٿ جي ڳولا ۾ رڻ ڏانهن رڙهيا. کاهوڙين جا نشان اهي آهن، جو بت ٿي ڪو سڄو ڪپڙي ڪونهين.

    13
    سُڪا مُنهَن سَندِنِ، پيرين پُراڻا کيٿِڙا؛
    سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتِ مُنجَھن؛
    ڳُجھا ڳُجھيُون ڪَنِ، تِهان پَراهين پَنڌَ جُون.

    کاهوڙين جا مهانڊا سڪل آهن ۽ پيرن ۾ پراڻا کلٿر پيا اٿن. هو اها منزل لهي آيا، جتي سونهان (رهبر) به منجھيو پون. هي ڳجھا فقير اِنهيءَ کان به ڏورانهين منزل جون ڳجھيون ڳالهيون پيا ڪن.

    14
    سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرِڪَڻا پيرين؛
    ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِيا؟

    سندن مهانڊا سڪل آهن ۽ پيرن ۾ نوڙين مڙهيا جوتا پيا اٿن. اوهان کي ڪي اهڙا ٽمندڙ نيڻن وارا (هنجون هاريندڙ) کاهوڙي گڏيا آهن؟

    داستان ٻيو

    1
    پِيوجن پَرو، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جو؛
    ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچي لاهوتِي ٿِيا.

    جن کي گنجي ٽڪر جي جوءِ جو سماءُ پيو، سي ڀلي ٻني (مال اسباب) ترڪ ڪري، رب کي ڏوري، وڃي لاهوتي فقير ٿيا.

    2
    پيئِي جن پَرکَ، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جي؛
    واري سَڀُ وَرقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

    جن کي گنجي ٽڪر جي آستان جي سچي پروڙ پيئي، سي سمورا ديني دفتر ويڙهي، رب کي ڏوري، وڃي لاهوتي فقير ٿيا.

    3
    پيئِي جنِين باسَ، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جِي؛
    ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.

    جن کي گنجي ٽڪر جي آستان جو هڳاءُ آيو، سي مڙيئي ويس ۽ رنگ تياڳي رب کي ڏوري، وڃي لاهوتي ٿيا.

    4
    ڪَهڙو اَٿيئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾؟
    پَسِي تنهن پاهڻَ کي، اَچي نه آرامُ؛
    مَتان ڏُونگـرَ ڏورِئين، اُجِھين ڪُہُ عَوامُ؟
    هَرا ڪَري حَرام، کامُ ته کاهوڙِي ٿِـئين.

    گنجي ٽڪر جي آستان ۾ ڪهڙو ڪم اٿيئي؟ انهيءَ پهاڙ کي ڏسي، آرام ئي نه ٿو اچي. متان جبل ۾ ڳولين، ڇو ٿو جهان ۾ گھوماٽيون کائين؟ هر شيءِ کي تياڳي، سوز ۾ سڙ ته کاهوڙي (لاهوتي) ٿئين.

    5
    ڏيهُه ڏيهائِي ناهِ، جِتي پـيرُ نه پَکِيان؛
    تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِيا.

    هي ڏيهه (ديس) پنهنجي ڏيهه (جهان) جهڙو ناهي، جتي پکين جي پير جو نه نشان ناهي، اتي کاهوڙين ولوڙون ڏئي وڻن مان ڏٿ چونڊيو.

    6
    جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
    ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟

    جت ڪنهن پکي جي پير جو نشانو ناهي، تتي آديسين جي آگ جهلڪا پئي ڏئي. کاهوڙين جي سٿ کان سواءِ اهڙي هنڌ ٻيو ڪير باهه ٻاريندو.

    داستان ٽيون

    1
    اَچِي پِيا آٽ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
    اُوءِ بصِيرَ بَرَّنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ؛
    ڪَنَن آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَن جِئَن گُھمَنِ؛
    فِراقِيءَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ؛
    لَنگھا ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ؛
    کَـپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پئي نه لَهي.

    جي جهاني واٽ ڇڏي ويا، سي اچي ڪنهن ڳاراڻي ۾ پيا. هو سچي نظر وارا برپٽن ۾ انڌا ٿيو بيٺا آهن. هو پنهنجن ڪنن کي تاڙيون ڏئي، گنگن وانگر سن ۾ پيا آهن. انهن ٻوڙن کي وڇوڙي جي امر جو ئي افسوس آهي. هو لاهوت ڪاڻ ئي آديسي ٿيا آهن ۽ ستي به انهي منزل لاءِ پيا وجهلن. کاهوڙين کي جاڳندي به اها ئي جهوري نٿي لهي. (جوڳين پنهنجي زبان، ڪن ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن.)

    2
    ڏِسِي ڏوري ڏُونگَـرَين، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
    ڪُرَندان ڪِي پَرُوڙِيو، رَندُ سي نه رِڙهَنِ؛
    ٻيئِي دارَ دَيُون ڪَيو، پِيرَتِ تان نه پُڇَنِ؛
    ڌُوڙِپِرِيان لَءِ ڌارِ ڪَيو، ويچارا وِجَھنِ؛
    خَبَرَ کاهوڙِيَنِ، آهي لِکَ لاهُوت جي.

    جن جبلن ۾ ڳوليندي پنهنجي راهه گم ڪئي، تن الٽي واٽ مان ئي پروڙيو ۽ هو سنئين واٽ تي نٿا هلن. هو ٻنهي جهانن مات (ترڪ) ڪري سڌي پيچري جي پڇا ئي نٿا ڪن. هو پرين ڪاڻ پنهنجي مٿان خاڪ جي وسڪار پيا لائين. کاهوڙين کي لاهوت جي مڙيئي ڪا ڄاڻ آهي.

    3
    ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنهِين پاتو پيرِيين؛
    جِيان مُنجھڻَ ماڙُهِئين، سَڄَڻَ تِيان ئِي سيرُ؛
    اُنَ ڀُون سَندو ڀـيرُ، ڪوڙِنِ مَنجھان ڪو لَهي.

    هن ابتي راهه ۾ ڪنهن ورلي پانڌيئڙي پير پاتو. جتي ماڻهو منجهي پون، تتي ئي پرين جو پيچرو آهي. انهي ولايت جو پتو ڪروڙن مان ڪو مس لهي. (روحاني راهه مشڪل ۽ منجهائيندڙ آهي، ڪو ورلو طالب سچو آهي.)

    4
    سُونهَپَ ۾ سَپَ گھڻا، مُنجَھڻُ ماکِي هوءِ؛
    پَرو تَنهِين پوءِ، جو اُجِھي پوءِ اُنِ تان.

    رهبريءَ هيٺ هلڻ ۾ گھڻا نانگ (ڏکن جا ڏنگ) آهن، منجھي پوڻ ۾ ماکيءَ جھڙو مزو آهي. پتو اُنهيءَ کي ٿو پوي، جو ٿاٻڙجي، اُنهن ٻنهي راهن کان اُڪريو وڃي.

    5
    ڏوري ڏوري ڏيہَ، ماءِ! کاهوڙِي آئِيا؛
    مَيَنِ پيرين کيہَ، ڪُہُ ڄاڻان ڪَنهن پارَ جِي.

    اي جيجل! کاهوڙي ڪيئن ولايتون ووڙري، واپس وريا آهن، نه ڄاڻان ته هنن جنگن جي پيرن تي ڪهڙي پاسي جي لٽ چڙهيل آهي.

    6
    جَھنگَلِ هَلِيا، سي نه ڀُــلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ؛
    اَوَجَھڙِ سي نه پَوَنِ، ٻيئِي جنِين ڇَڏِيُون.

    جي جھنگل ڏانهن منهن ڪري هليا، سي گمراھ نه ٿيا، راھ تان هلندڙ ئي ڦرجن ٿا. جن ٻئي جھان ترڪ ڪيا، سي گمراهيءَ ۾ نه ٿا پون.

    7
    جَھنگَلُ آهيڙِيُنِ کي، ڀَـنَڻُ ڪَيو رُوندو؛
    نه ڪُتا، نه ڪوڙِڪُون، چَڙهِيو اُڀو چُوندو؛
    هَڏهِين نه هُوندو، اِنهان پوءِ عالَمَ ۾.

    جھنگل شڪارين لاءِ پيو رڙندو ۽ اُڀو ٿي ائين پيو چوندو ته ”نه هتي ڪتا ٿا ڏسجن، نه ڪوڙڪا ٿا پسجن.“ هن کان پوءِ اجھو جھنگ، جھان ۾ ئي نه هوندو.

    8
    وَرُ سا سُڃِي ويڙه، جنهن ۾ سَڄَڻُ هيڪڙو؛
    سو ماڳُ ئِي ڦيرِ، جِتي ڪوڙِ ڪُماڙُهئين.

    اُها سڃي جاءِ ئي ڀلي، جتي هڪڙو سپرين وسندڙ هجي، اُهو هنڌ ئي مٽاءِ، جتي نا اهلن (بڇرن انسانن) جو انداز، ڪوڙو هجي.

    9
    ڪارِي راتِ، اَڇو ڏِينهُن، اِيُّ صِفَتان نُور؛
    جِتي پِرِينءَ حضُورُ، تِتي رَنگُ نه رُوپُ ڪر.

    رات ڪاري ۽ ڏينهن اڇو: اهو صفتي (جھاني) روشنيءَ جو گڻ آهي. جتي پرينءَ جي موجودگي آهي، تتي نه ڪو رنگ آهي نه ڪا صورت.

    10
    ڏُونگَرين ڏسِجَنِ، اَڄُ پِڻُ رُيُون اُنِ جُون؛
    ڏوٿِـيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙان اَچَنِ؛
    خِيما کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نه اُنهِين ڀيڻِيـين.

    جبلن ۾ اڄ پڻ اُنهن جون اُٿاريل دزون پيئون پسجن. ڏٿ ڏوريندڙ ڏٿ ڪاڻ، آراڙ (جھنگلي اَن) تي ڇڪجيو ٿا اچن. اڄ انهن ماڳن تي کاهوڙين جا تنبو نه ٿا ڏسجن. (فقيرن جا اوتارا توڙي هو پاڻ عدم آهن.)

    11
    کاهوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکِيا؛
    سوجھي جن ڪَيا مَٿي اَڱڻِ آهِرا.

    سچا فقير اڃا به آهن، جن جي پوري پروڙ روحاني اُڏام وارن کي آهي. جن کين ڳولي، وڃي اُنهن جي اڱڻ ۾ پنهنجا آکيڙا جوڙيا.


    سُرُ بروو سنڌي

    داستان پهريون

    1
    ڇا کي وَڃيو ڇو، ٻيلِي ٿِئين ٻِـيَنِ جو؟
    وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو؛
    سَؤکو ھُوندو سو، جنھن جو عِشۡقُ اَللهَ سين.

    تون ڇا لاءِ وڃي ٿو ٻين جو ٻانهو ٿين؟ ڌڻي ٻاجھاري جي چاڪري ڪر، جو جھان جو مالڪ آهي، سکيو اُهو هوندو، جنهن جو نينهن ڌڻيءَ سان هوندو.

    2
    جِئَن ڪا ڪانِي ڪانھَن، لُسَندي لاتِيون ڪَري؛
    اَچِي پَئي اوچتِي، دَرِدَ پِريان جِي دانھَن؛
    ويڄَ! ڏَنڀِئين ڪُہُ ٻانهَن؟ سُورَهِنئين کي سامُهان.

    جئن ڪا گاھ جي ڪاني، ڪپجڻ وقت، سوز ڀريون صدائون (پڪارون) ڪندي آهي، تئن مون کان به اوچتو محبوب جي وڇوڙي جي درد ڪري، دانهن نڪريو وڃي. اي طبيب! تون ڇو ٿو منهنجي ٻانهن کي ڏنڀ ڏين؟ (اڳي بيمار کي ويڄ ڏنڀ ڏيندو هو.) منهنجي هنئين کي سامهون ڏک (پرينءَ جي ڦوڙائي جا) بيٺا آهن.

    3
    ڌَرَتِي دُونہَ جِئَن، سِرَ ڀَرِ سُپيرِيُنِ ڏي؛
    لَڳو آهِ، لَطِيفُ چئي، تَنُ پِريان ڏي تِئَن؛
    حاصُلُ ٿِئي هِئَن، قَرِينو قَرِيبَ جو.

    جئن هاٿيءَ جي سونڊ، ڌرتيءَ تي نمندي آهي، تئن اسين به مٿي ڀر محبوب ڏانهن رڙهندڙ آهيون. اهڙي طرح اسان جو وجود سپرينءَ سان جڙيو پيو آهي. انهيءَ ريت ئي محبوب جو قرب هٿ ڪري ٿو سگھجي.

    4
    لَڳِيءَ جو، لَطِيفُ چَئي، نڪو قال نه قِيلُ؛
    لِکـئي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ؛
    ھِنئَڙا! ٿِيُ سُڌِيرُ، ڪالهه قَرِيبَنِ لَڏِيو.

    دل لڳيءَ جو ڪو ذڪر ٿي نه ٿو سگھي. تقدير اچي پنهنجون ٽاريون کوڙيون (پنهنجو اثر ڏيکاريو) اکين مان جر (پاڻي) جاري آهي. اي هنئان! صبر وارو ٿيءُ (صبر اختيار ڪر). ڪالھ محبوبن لاڏاڻو ڪيو.

    5
    ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ به اوڏا سُپِرِين؛
    ڪي سَنڀِرجَن نه ڪَڏھِين، ڪي نه وِسرَنِ مُورِ؛
    جِئَن مينهِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.

    ڪي ويجھا به پري، ڪي پرين (پيارا) پري به ويجھا. ڪي ڪڏهن ياد نه ٿا پون، ڪي هرگز نه ٿا وسرن. جئن وريل سڱن واري مينهن جي سڱن جو پيچ، تئن دلبر جي محبت جو پيچ، منهنجي دل کي پيل آهي.

    6
    ڪوٺي ڪُٺائُون، اَڄُ پڻ اَکَڙِيُن سين؛
    ماسُ وِراھي ھَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون؛
    ”وَتَوَاصَوۡ ابِالۡحَقِّ وَتَوَاصَوۡابِالصَّبۡرِ“ اِئين اُتائُون؛
    مُئِي مارِيائُون، کِـلِي گھائِيو سَڄَڻين.

    اڄ پڻ محبوبن مون کي سڏائي پنهنجن نيڻن سان ڪٺو. منهنجو ماس وڍي وراهي هليا ويا ۽ پٺيان سکڻو هڏن جو پڃرو ڇڏيائون. ”هڪٻئي کي حق ۽ صبر جي نصيحت ڪيائون.“ ائين فرمايائون. هن مئيءَ کي ماري فنا ڪيائون. محبوبن مرڪي، مون کي گهائي ڇڏيو.

    7
    ماڙھُو گُھرِنِ مالُ، آئُون سَڀ ڏِينهَن گُھران سُپِرِين؛
    دُنيا تَنهن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ؛
    ڪَيَسِ نامَ نهالُ، پَسَڻُ تان پَري ٿِيو.

    ماڻهو دنيوي خزانو طلبين، مان مڙيئي ڏينهن محبوب طلبيان. اُنهيءَ دلبر تان مان ساري دنيا کي في الحال گھوري ڇڏيان. مون کي سندس نالي ئي خوش ڪري ڇڏيو آهي. (سندس نالي ڳنهندي ئي مان خوشيءَ سان تار ٿي ويو آهيان.) کيس ڏسڻ ته اڃا پري رهيو!

    8
    ڪَڏَهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏَهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا؛
    ڪَڏَهِن اَچان، اَچَڻُ نه لَهان، ڪَڏَهِن ڪوٺِيو نِينِ؛
    ڪَڏَهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏَهِن ڳُجھاندَرَ ڳَـرَهِين؛
    اَهڙائِي آهينِ، صاحِبَ مُنهنجا سُپِرِين.

    محبوب ڪڏهن درن کي طاقيون ڏيو بند ڪيو ڇڏين، ڪڏهن سندن در کلن ٿا. ڪڏهن (سندن در تي) اچان ته اچڻ جي اجازت نه مليم. ڪڏهن پاڻ مون کي سڏيو ساڻ وٺيو وڃن. ڪڏهن سندن سڏ لاءِ سڪان پيو، ڪڏهن هو مون سان ڳجھا راز اچيو سلين. منهنجا صاحب سپرين اهڙي رنگ جا ئي آهن.

    9
    صُورَتَ گھڻو سُهِڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوهَ؛
    ريلو ڏِئي رُوحَ، جو کائي، سو کامِي مَري.

    هو صورت جا سهڻا آهن، پر سندن لڇڻ ٽوهن جھڙا آهن (ڪي شخص شڪل جا سهڻا ۽ موهيندڙ هوندا آهن، پر سندن لڇڻ اهڙا اگرا آهن، جهڙو ٽوھ جو ذائقو.) جنهن جو روح ڏانهن ڇڪجي وڃي ۽ جو سندن صحبت جو ساءُ وٺي، سو جلي خاڪ ٿئي.

    داستان ٻيو

    1
    جانِبَ! تُون جيڏو، آهِين شانَ شَعُورَ سين؛
    مُون تي ڪَرِ، مُنهنجا پِرِين! توهُ تُسِي تيڏو؛
    اِيُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو؟ جِئَن نَوازِينِم نِگاهَ سين.

    اي دلبر! تون جيڏو پاڻ شان ۽ فضيلت وارو آهين، تيڏيائي، تون راضي ٿي. مون تي مهر ڪر. اي ڪامل! تنهنجي لاءِ اهو ڪو ڪم آهي ڇا، جو پنهنجي نظر سان مون کي نوازين؟

    2
    جانِبَ مُنهنجي جِيءَ ۾، تُنهنجِي طَمَعَ پوءِ؛
    وَٺُ ڪاتِي، وَڍِ اَنگُڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ؛
    ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَنئون نِهارِئين.

    اي محب! منهنجي جيءَ ۾، تنهنجي ئي تمنا آهي. تون مون کان ڪاتي وٺ. منهنجا انگ (عضوا) وڍ ۽ ڪوبه لحاظ نه ڪر. اي سپرين! مان تنهنجو ٿورو مڃيندس، جي مون ڏانهن سنئون منهن ڪري نهاريندين.

    3
    جانِبَ! اِيئَن نه جُڳاءِ، جِيئَن مارِيو، موٽِيو نه پُڇِين؛
    رَتِيءَ رَتُ نه سِنجُري، سِڪَ تُنهنجي ساءِ؛
    اَسان تو ئِي لاءِ، پَرِ ۾ پُوڄائُون ڪَيُون.

    اي جاني! توکي ائين نه جڳائي، جو مون کي ماري، وري منهنجي پڇا ئي نه ٿو ڪرين. تنهنجي عشق جي سوز ۾ مون ۾ رتي جيتري رت به موجود ناهي (رڳن ۾ جاري ناهي) اسان تنهنجي لاءِ ڳجھ ئي ڳجھ پوڄائون ڪيون.

    4
    جَڏهِن پَوي يادِ، صُحۡبَتَ سُپيرِيُنِ جي؛
    فَرِيادُون فَرِيادِ، ناگَہَ وَڃَنِ نِڱِيو.

    جڏهن محبوب جي صحبت جي يادگيري ٿي پويم، تڏهن اوچتو اندر مان دانهن تي دانهون نڪريو ٿيون وڃن.

    5
    ڪَڙو مَنجِھ ڪَڙي، جِيئَن لُهارَ لَپيٽِيو؛
    مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگھو ڪَيو.

    جئن لهار، زنجير جو هڪ ڪڙو، ٻئي سان جڪڙيندو آهي، تئن جانب منهنجو جيءُ پاڻ سان جڪڙي سوگھو ڪيو آهي.

    6
    نازَ مَنجھاران نِڪرِي، جَڏھِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ؛
    ڀُون پڻ ”بِسِمِ اَلله“ چئِي، راهَ چُمي ٿِي رَندُ؛
    اُڀِيُون گَھڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيۡرَتَ ھَنڌُ؛
    سائِينءَ جو سَوگَندُ، ساڄَنُ سَڀَنِئان سُھڻو.

    جڏهن منهنجو سپرين، ناز منجھان نڪري پنڌ ٿو ڪري، تڏهن زمين پڻ ”بسم الله“ چئي، سندس گس ٿي چمي، ۽ حورون، حيرت جي مڪان ۾ ادب وچان اڀيون ٿي ٿيون بيهن. سائينءَ جو قسم ته جانب مڙني شين کان سهڻو آهي. (ڪائنات جي سڀني شين کان وڌيڪ حسين آهي.)

    7
    فانِي نِي فانِي، دُنيا دَمُ نه ھيڪِڙو؛
    لَٽي لوڙهُ لَتُنِ سين، جوڙِيندَءِ، جانِي!
    ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَڪَنهِين.

    دنيا فاني آهي ڙي! فاني! اُن ۾ جيئڻ هڪ پل مثل آهي. اي سڄڻ! ماڻهو تنهنجي لاش مٿان لتن سان مٽي ڏٽي قبر جوڙيندا. سڀ ڪنهن جي سر مٿان ڪوڏر ۽ ڪانو آهي. (ڪوڏر قبر کوٽڻ لاءِ، ڪانو مئت جي ماپ وٺڻ لاءِ: اهي ٻه شيون، مئي کان پوءِ هر ڪنهن جي نصيب ۾ آهن.)

    8
    اَڄُ پِڻُ اَنگِـيَمِ اَنگَ، ھٿان حَبِيبَنِ جي؛
    جا پَرِ سَوۡنٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.

    اڄ پڻ منهنجا انگ (عضوا)، محبوبن هٿان، چيرون چيرون ٿيا آهن. جا ڪار، سؤنٽي سنگ سان ڪندي آهي، سا ڪار سورن سان ٿي. (سورن کي داڻا داڻا ڪيو.)

    9
    اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهِي دَرِ آئِيو؛
    سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛
    جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.

    اڄ پڻ ڀاڳ سڻائو ٿيم، جو دلبر در اندر پيهي آيو. سکن اچي ڏکن کي پختو مروٽو ڏنو (ڏک ڦري سک ٿيا). جا ڪار ڌوٻي، ڪپڙن جي کيپ سان ڪندو آهي، سا ڪار سورن سان ٿي. (سورن جي صفائي ٿي ويئي.)

    داستان ٽيون

    1
    عِشۡقُ اَهڙِي ذات، جو مانجِھي مُنجھائي مَيَنِ کي؛
    ڏِينهان ڏورَڻُ ڏونگَرين، روئَڻُ سَڄيائِي راتِ؛
    اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان! مَحۡـبُوبَنِ جِي.

    عشق اهڙي قسم جي ماجرا آهي، جا پهلوانن ۽ سومن کي ئي حيران ۽ پريشان ڪيو ڇڏي. عشق وارن لاءِ ڏينهن جو جبل ڏورڻ (ڪشالا ڪڍڻ) ۽ رات جو ڳوڙها ڳاڙڻ آهي، هنن کي اٿئي ويٺي، ميان! پرينءَ جي پچار لڳي پيئي آهي.

    2
    يارُ سَڏائي سَڀُڪو، جانِي زِبانِي؛
    آهي آسانِي، ڪَمَ پِئي ٿِي ڪَلَ پَوي.

    زبان سان هر ڪو پاڻ کي جاني يار (جگري دوست) پيو سڏائي. اها ڳالھ آسان آهي. (يعني زبان سان پاڻ کي دوست سڏائڻ) پر جڏهن ڪم ٿو پوي، تڏهن سڌ ٿي پوي. (دوستيءَ يا نه دوستيءَ جي پروڙ ٿي پوي.)

    3
    آدِمِيُنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو؛
    هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُهُوءَ ماسُ؛
    دِلبَرَ! هِنَ دُنيا ۾، وَڃِي رَهندو واسُ؛
    ٻئي سَڀُ لوڪَ لِباسُ، ڪو هِڪَدِلِ هُوندو هيڪِڙو.

    ماڻهن پنهنجي سپت ۽ سچائي، مٽائي جھيڻي ڪري ڇڏي آهي. هينئر هر ڪو ٻئي ماڻهوءَ جو ماس پيو کائي (هرڪو ٻئي جو رت پيو چوسي). اي جانب! هن جھان ۾ هر ڪنهن جي نيڪيءَ جي سرهاڻ وڃي رهندي. ٻين مڙني ماڻهن کي ظاهري ڏيک آهي. (ٻيا مڙيئي ماڻهو دولابي آهن). دل جو سچو ڪو هڪڙو (ڪروڙن ۾ هڪڙو) هوندو.

    4
    شُڪُرُ گَڏِياسُون، سپِرِين! جِئَري، جانِي يارَ!
    ويٺي جن جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرارَ؛
    ڌَڻِـيَم! ڪَرِ مَ ڌار، پاڙو تِن پِرِيُنِ کان.

    اي مٺا دلبر! شڪر جو جيئري ئي پاڻ ۾ گڏياسون. جن جي ڀر ۾ ويٺي، ڪروڙين آرام حاصل ڪن. (آنند پائين)، تن جانبن جي پاڙي کان، اي منهنجا ڌڻي! شل مون کي پري نه ڪرين.

    5
    کوڙي، کَڻُ مَ سُپِرِين! کَنيَئِي تان کوڙِ؛
    عادَتَ جا اَکِيُن جِي، سا نيئِي نِباهِجِ توڙِ؛
    مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِج، سُپِرِين!

    اي پرين! هڪ واريءَ نظر کپائي، کڻي نه ڇڏ. جي کنئي اٿيئي، ته وري کپاءِ. (مون تان مهر جي نظر نه کڻ) اکين کي جا عادت آهي، سا پڇاڙيءَ تائين نباهيندو اچج. (اکين جي عادت اها آهي، جو جنهن کي پيار ڪن، تنهن ۾ کتيون رهن) اي محبوب! مون ۾ ڪروڙين اوڻايون آهن. تون پنهنجي لائقيءَ ۾ ڏسج.

    6
    ڪِئان سِکِـئين سُپِرِين، ڪاسائِڪِي ڪارِ؟
    تِکِي ڪاتِي هَٿِ ڪَري، مُنِيءَ سين مَ مارِ؛
    چوري چاڪَ نِهارِ؛ سورَنِ سانگھيڙا ڪَيا.

    اي جانب! تون ڪاساين واري روش ڪٿان سکئين؟ تون تيز ڪاتي هٿ ڪري، مڏيءَ سان مون کي نه وڍ، تون منهنجي زخمن کي اٿلائي ڏس ته ڪيئن نه سورن مون ۾ سل ڪيا آهن.


    سُرُ رامڪلي

    داستان پهريون

    1
    نُورِي ۽ نارِي، جوڳِــيَڙا جَهانَ ۾؛
    ٻَري جن ٻارِي، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.

    جھان ۾ جمالي توڙي جلالي جوڳي آهن. جن جي ڪچهري نينهن جي نور سان پيئي ٻهڪي، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    2
    جوڳِــيَڙا جَهانَ ۾، هُئا مَنجِھ حَمامَ؛
    آرامان اَرَڳُ ٿِيا، اوڏا نه آرامَ؛
    ڪَيائون قِيامَ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.

    جهان ۾ جوڳي هميشہ تابش (نينهن جي مچ) ۾ ٿا گھارين. هو آرام کان پري آهن ۽ سک کي ويجھا نه آهن. مون سان نسورو حشر ڪري ويا. مان هنن کان سواءِ نه جيئنديس.

    3
    وارو! ويراڳِـيُنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ؛
    قَدَمُ ڪاپَڙِيُنِ جا، لِيلائي لَهيجِ؛
    پِـيرَتَ پَسِيو پَٿَ جي، وَڃَڻَ کي وڃيجِ؛
    راتو ڏِينهَن رِڙهيجِ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.

    ويراڳين کي هڪ ساعت به نه وسارج. نيزاريون ڪري سنياسين جا قدم (پير) ڏوري لهج. جوڳين جي پنٿ (ٽوليءَ) جو گس وٺي، سندن پٺيان هميشہ لاءِ وڃج توڙي رات ۽ ڏينهن سندن راھ ۾ پيو هلج. هنن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    4
    واڄَٽَ ويراڳِـيُنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ؛
    سونُ سَڀوئِي سِڱــيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ؛
    ويساهي ويلَ ڪَنهِين، پُورَبِ ويندو پَٿُ؛
    هَلُ! کَنيائُون هَٿُ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.

    ويراڳين جي سڱين جا آلاپ، مون لاءِ ملهائتو خزانو آهن. سندن سڱيون مڙيوئي سون آهن. سندن اڻ هوند پسي، سندن خزانن جي ڪٿ نه ڪر. جوڳين جي ٽولي (جماعت) توکي ويساھ ۾ رکي، ڪنهن وقت به پورب (منزل مقصود) ڏانهن هلي ويندي. هل! هنن هٿ کڻي اشارو ڪيو آهي، هنن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    5
    واڄَٽَ ويراڳِـيُنِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ؛
    مَقالان مَهَندِ ٿِيا، ڪونهي وَٽِنِ قالُ؛
    حاصُلُ جنِين حالُ، آءٌ نه جِئندِي اُنِ ري.

    جوڳين جي مرلين جا آلاپ مون لاءِ وڏو خزانو آهن. هو گفتگو کان پري آهن، وٽن ڳالهائڻ بنھ ڪونهي. جن کي روحاني مستي حاصل آهي، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    6
    جان ڪِي مُون کي ني، پَڳہ پائي پاڻَ ڏي؛
    پَہَ پَرُوڙِيَمِ پَٿَ جا، مَنجھان ڪِينَرَ ڪي؛
    هاڻي جي هِنئي، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    يا ته مون کي رسا وجھي، پاڻ سان وٺي وڃ. جوڳين جي ٽولي (جماعت) جا ڪيئي راز، مون سندن ساز مان پروڙيا. هينئر جي منهنجي دل ۾ وسي رهيا آهن، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    7
    سَتُرُ سِڱِڙيُنِ سين، لَحظي لاٿائُون؛
    ڪِينَرَ ڪُٺِي آهِيان، اُنِهِن جي آئُون؛
    مُون کي مارِيائُون، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    هنن هڪ پل ۾ منهنجي اندر جو پٽ (پردو)، سڱين جي آلاپن سان هٽائي پري ڪيو. مان انهن جي واڄٽ جي وڍيل آهيان. مون کي هنن ڪهي فنا ڪري ڇڏيو آهي. هنن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    8
    ميڙِيو ڀاڻُ ڀَرِيون ڪَيو، جوڳِي جَلائِينِ؛
    سامِي سِڱِڙِيُنِ سين، خودِيءَ کي کائِينِ؛
    هُو جي تارِ تَڳائِينِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    جوڳي سموري خوديءِ کي ڪٺو ڪري، ان کي ساڙيو ڀسم ڪيو ڇڏين. سامي سڱين سان پنهنجي هستيءَ کي نهوڙيو ڇڏين. هو جي وچ سير مان پار اُڪارين، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    9
    پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اُدُوها اَچَنِ؛
    ڪِينَرَ ڪاپَڙِيُنِ جا، صُبُحَ تان نه سُڄَنِ؛
    جي رائي منجِھ رَهَنِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    هنن جا آسڻ ڏسي، سوز جا اُڌما پيا اچن. ڪاپڙين جا تنبور، صبح جو سڻڻ ۾ نه ٿا اچن. جي رضا تي راضي رهن، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    10
    آسَڻَ وَٽِ آهُون ڪَرِيان، وَسِ نه مُنهِنجي واتُ؛
    لَڳُمِ لاهُوتِيُنِ جو، ڪِينَرَ مَنجھان ڪاتُ؛
    هَلڻَ کي هَيهاتُ! آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    هنن جي آسڻ وٽ بيهي آهون ۽ دانهون پيئي ڪريان، ڇو ته منهنجو وات منهنجي وس ۾ نه آهي. لاهوتين جي رباب مان مون کي ڪات لڳو آهي. (سندن رباب مون کي ڪٺو آهي). افسوس! مان هلڻ کي حيران آهيان ۽ هنن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    11
    وَٽِنِ ويٺِي آهِيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسان؛
    جَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، سا ڪا سُونهَن سَندِيانِ؛
    پَسِيو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    سندن سنگ ۾ ويٺي آهيان. کين ڏسڻ هوندي به کانئن سواءِ ٻيو ڪي ڪين ٿي ڏسان. سندن جا سونهن آهي، سا اهڙي آهي، جنهن جي مٽ ٻيو ڪي ڪين آهي. کين پسيو، ٻيو ڪي ڪين ٿي پسان. هنن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    12
    بابُو بِيکارِي ٿِيا، اَڄُ نه آسَڻَ وَٽِ؛
    خودِي کانـئِي هَلِيا، پيرُ نه لائي پَٽِ؛
    ”هَيءِ! هَيءِ!“ جنِين هَٽِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    بابو بيکاري (جوڳي) اڄ پنهنجي آسڻ تي نه ٿا ڏسجن. هو پنهنجي خوديءَ کي جلائي، پٽ تي پير نه رکي (ڇوھ مان) هليا ويا. جن جي آستان تي ”هاءِ! هاءِ!“ پيئي ڪريان، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    13
    بابُو بِيکاري ٿِيا، ڀَڃِي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ؛
    نِسوروئِي نِينهَن جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ؛
    سِرِکَنڊُ جَنين ساڻُ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    جوڳي آڻ هوند وارا ٿيا ۽ خوديءَ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون. نانگن (جوڳين) وٽ سچي عشق جو نسورو خزانو آهي. جن کي پاڻ سان چندن (سراپا سڳنڌ) آهي، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    14
    نانگا نانِيءَ هَلِيا، هِنگِلاجان هَلِي،
    ديکِي تن دُوارِڪا، مَهيسِيُنِ مَلهِي؛
    آڳَہُ جن عَلِي، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    جوڳي، جنگلاج ڏانهن هلي، ديويءَ (جنهن کي مسلمان ”ناني“ چون) جي درشن لاءِ ويا. هنن شو مهراج جي پوڄارين چوڄ پئي، دوارڪا جو تيرٿ ڀيٽيو. جن جو سونهو يا سردار حضرت علي آهي، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس. (جوڳي، شو مهراج کي مهايوگي ڪري ٿا مڃن ۽ صوفي، حضرت عليءَ کي سچي فقيريءَ جو سرچشمو تسليم ڪري، سندس اڳيان سر ٿا نوائين.)

    15
    پاڻَهِين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ؛
    سامِي سَفَرِ هَلِيا، آسَڻُ اُجھائِينِ؛
    رُخِصَتَ رُئارِينِ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    هو پنهنجو پاڻ سان ئي ڳجھ ۾ رهاڻيون پيا ڪن. سامي، پنهنجو آسڻ سهيڙي ۽ سميٽي، سفر تي سنڀريا. اُهي جي موڪلاڻيءَ ويل اکين ۾ آب آڻايو ڇڏين، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس.

    16
    جُزو وِڃايو جوڳِـئين، ڪُلَّ سين آهينِ ڪَمُ؛
    آسَڻُ جِنِ عَدَمُ، آءٌ نه جِئَندِي اُنِ ري.

    جوڳين پنهنجي الڳ هستيءَ کي نابود ڪيو. سندن مقصد آهي ڌڻيءَ سان هڪ ٿيڻ (انسان ”جزو“ آهي ۽ ڌڻيءَ ”ڪل“. جزي جو ڪم آهي، ”ڪل“ سان هڪ ٿيڻ.) جن جو آستان، نيستي آهي، تن کان سواءِ مان نه جيئنديس،

    وائي
    سَندَڙِيانِ سِڱَڙِي، ڳالِھه ڳُجَھڙِي، مُون مارِيندي ڪَڏَهِين.
    جا وَڄائِينِ جَتَڙا، نه تَنهِن نَڙَ جَهِڙِي؛
    مُرلِيءَ کي جَنهِن ماتِ ڪَيو، نه تَنهِن تُلِ تُنبَڙِي؛
    تارِيو جَنهِن توڏِيءَ کي، نه سو گِھنڊُ نه گِھنڊَڙِي؛
    ڏارِيو جَنهِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنهِن تِکَڙي؛
    نه سِري، نه سِنڌُ ڪا، نڪا هِندُ هَهِڙِي؛
    مِٺائِيان مِٺِي گَھڻو، چَوندا جن چَکَڙِي؛
    وَنئُن اونائي اُنَ کي، ويہُ مَ، کَڻُ وِکِڙِي؛
    بيخودِ بابُو سي ٿِيا، ٻُرَندِي جن ٻُڌَڙِي؛
    جا ساراهيلَ سُبحانُ جِي، تَنهِن واکاڻُ ڪَهِڙِي؟
    سَهَسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَھندَڙِي؛
    گھانڊارَ مِرُون موهِيا، هِيءَ ماڙُهو مُهَندَڙِي؛
    اَديون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، هِيءَ مُئا جِيارِيندَڙِي.

    سامين سندي سڱڙيءَ ۾ جو ڳجھو راز آهي، سو مون کي ڪنهن ڏينهن ماري فنا ڪندو. جو نڙ جت وڄائيندا آهن، تنهن جھڙي اُها سڱڙي ناهي. اُنهي (سامين جي سڱڙيءَ) مرليءَ کي به شھ ڏني، سندس مٽ سرندو به ناهي. جنهن گھنڊ يا گھنڊڙيءَ جي آواز (ميهار جي مينهن کي پيل گھنڊن ڏانهن اشارو) سهڻيءَ کي تاري، درياهه پار ڪرايو. سو به ان جو ثاني ناهي. جنهن تند (ٻيجل جي رباب) ڏياچ جو سو وڍيو، تنهن کان به اها تکي آهي، ههڙو ساز نه سنڌ جي اُتر، نه پوري سنڌ ۾ آهي، نه وري ساري هند ۾ ئي
    آهي. جن اُن جو لطف ورتو آهي، سي اُن کي مٺائيءَ کان به مٺو چوندا آهن. تو اُن جو سڏ اونائي هل، ويھ نه، پر وک کڻ، جن ان کي وڄندو ٻڌو آهي، سي سموري سرت وڃائي، سامي ٿيا. جا خود ڌڻيءَ جي ساراهيل آهي، تنهن جي واکاڻ ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪجي؟ اها سڱڙي انيڪ سازن کي پاڻ کان پوئتي وجھندڙ (شھ ڏيندڙ) آهي. وڏن گھنڊن مرن کي مست ڪيو، هيءَ ماڻهن موهيندڙ (مستان ڪندڙ) آهي. اي جيڏيون (شاھ لطيف ٿو چوي)، هيءَ مئلن کي جيئاريندڙ (نئين جان ڏيندڙ) آهي. (هتي شاھ ”انهد شبد“ ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن جو آلاپ مڙني سازن ۽ سرودن جي آلاپن کان وڌيڪ مٺو ۽ موهيندڙ آهي.)

    داستان ٻيو

    1
    ڪَيَمِ ڪاپَڙِيُنِ جي، پَهرين ڏِينهن پَرُوڙَ؛
    سَگھا ساعَتَ نه هڪڙي، چارئي پَهرَ چُورَ؛
    سدائين سيَّدُ چئي، هونِ سناسي ۾ سُورَ؛
    جوڳي ساڻَ ضَرُورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    پهرئين ڏينهن، جوڳين جو سماءُ ويهي لڌم. هو هڪ پل به تندرست نه هئا. هو چارئي پهر (درد ۾) چڪنا چور ٿيا پيا هئا. شاھ صاحب ٿو چوي ته سنياسي هميشہ درد ۾ ٿا گھارين. جوڳين ڪنهن مصلحت سبب، جڳ ۾ لڪا وتن.

    2
    ويهي ويراڳِــيُنِ جو ٻِئي ڏِينهن ٻُڌُمِ حالَ؛
    اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوالَ؛
    تن ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالِ؛
    ويچارا وُجودَ جِي، ڪَنهِن سان ڪَنِ نه ڳالِ؛
    نانگا ٿِيا نِهالُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    ٻئي ڏينهن، ويراڳين جو حال ويهي ٻڌم. سندن ڪفنيون، مٽيءَ ۾ ميريون ۽ جٽائن ٻڌڻ جا رسا ڇنل هئا. هنن ڄاڻي ٻجھي جٽائون رکيون ۽ پنهنجا ڪيس (وار) سٺي ڍنگ سان ڇڏيا. هو ويچارا ڪنهن سان اندر جا حال نه ٿا سلين. نانگا (لنگوٽ پهريندڙ) درشن ڪري، سرها ٿيا ۽ جڳ ۾ لڪا وتن.

    3
    ٽِئين ڏينهن ٽِمڪائينِ، دُونهِيُون دائِرَنِ ۾؛
    ميڙِيو ڪَڙِڄَ ڪاٺِـيُون، جوڳِي جَلائِينِ؛
    سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيُنِ آهِينِ،
    ڳُجُهه نه ڳالهائِينِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    ٽئين ڏينهن گول دائرن ۾ دونهيون ٿا ٻارين. جوڳي، ڪک ڪانا ۽ ڪاٺيون ميڙي، آگ ٿا ٻارين. جوڳين کي جلڻ (سچي عشق ۾ پچڻ) جون خبرون آهن. هو راز نه سلين ۽ جڳ ۾ لڪا وتن.

    4
    چوٿين ڏِينهن چَوگانَ ۾، ڪَنهن جَنهن پَہ پِيا؛
    وَهَمَ پِرِيان جي وَڍِيا، تن ۾ ڪُوڙَ ڪِها؟
    اندَرِ آديسِيُنِ کي، اَچَنِ جوشَ جِها؛
    سامِي سونُ ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    چوٿين ڏينهن براڳڻ تي (ڪنڌ نوائي) ڪنهن ڳوڙهي ڌيان ۾ پيا. هو هي محبوب جي خيال ۾ ڪٺا پيا آهن، تن ۾ طلسم بازيون ڪهڙيون؟ آديسين جي اندر ۾ جبرا جوش ٿا اُٿن. سامي پاڻ پچائي سون ٿيا. (غير ڪڍي سچ ٿيا) ۽ جڳ ۾ لڪا وتن.

    5
    ڪَنهن جَنهن پُورَ پَچائِيا، پَنجين ڏِينهن پَئِي؛
    اَندَرِ آديسِيُنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي؛
    مُحَـبَتَ جي ميدان ۾، لاشَڪُ پِيا لَهِي؛
    تن کي ساري راتِ، سيَّدُ چئي، گُوندَرَ ساڻُ گَــئِي؛
    ڪَريو سيڻَ سهي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    پنجين ڏينهن جوڳين کي اهڙي ڪنهن خيال پچائي ڪباب ڪيو، جو سندن اندر ۾ دردن اچي ديرو ڪيو. هو بيشڪ عشق جي پڙ ۾ لهي پيا. شاھ صاحب ٿو چوي ته: اُنهن جي سموري رات، غم ۾ گذري. هو پنهنجا پرين پرکي (پرينءَ جو درشن پائي) جڳ ۾ لڪا وتن.

    6
    پِيا ڪَنهِن پَرياڻَ ۾، ڇَهين ڏِينهن ڇَڻِي؛
    اَندَرِ آديسِيُن کي، ڌُريان ئِي ڌڻِي؛
    ٻَرِي ٻاجھارا ڪَيا، کانـئِي خاڪَ کڻِي؛
    پِنِيو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    ڇهين ڏينهن جوڳي پاڻ کوهي، ڪنهن ڌيان ۾ پيا. آديسين جي اندر ۾ اصل (آد يا ازل) کان ئي سائين پيو وسي. هو سڙيل رک (ڀڀوت) لائي، جلي ڪومل ٿيا. هو ان جي مٺ جي بيک مڱي، جڳ ۾ لڪا وتن.

    7
    سَتين ڏِينهن، سَيَّدُ چئي، ڌاڄا ڌوتائُون؛
    اُڀِي اَلَکَ سامهُون، ٻانهُون ٻَڌائون؛
    وَڏِيءَ ڪَنهن وِلاتِ جا، اُهُڃَ آندائُون؛
    رُوحُ پَنهنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون؛
    کَـڻِيو کِدائُون، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    ستين ڏينهن شاھ صاحب ٿو فرمائي ته ”ڪفنيون ڌوتائون. اُٿي بيهي، مالڪ اڳيان ادب ۾ ٻانهون ٻڌائون.“ اُنهن ڪنهن وڏي ولايت (نوکند يا افضل ولايت) جا نشان پتا آندا. هنن پنهنجي آتما، ڳجھ ۾ رام (ايشور) سان سبي ڇڏي! هو گودڙيون کنيو، جڳ ۾ لڪا وتن.

    8
    اَٺين ڏِينهن، اُڀِي وِيا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ؛
    سا پَرِ سامِي سکيا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ؛
    ويروتارَ وُجودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَهيوئِي آهِ؛
    ڪَنهن جَنهن ڪمائِي لاءِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    اٺين ڏينهن جوڳي اُٿي ويا ۽ جاءِ بجاءِ گھميا. سامي اُها ريت سکيا، جا جوڳ کي سونهي (جوڳ جي شان وٽان آهي.) انهن کي اندر ۾ هميشہ رام ئي پيو وسي. هو ڪنهن وڏيءَ ڪمائيءَ لاءِ، جڳ ۾ لڪا وتن.

    9
    نائين ڏِينهن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِيا؛
    سَٻاجھي ٻاجَھ ڪَئي، سُڃاڻي سيڻانِ؛
    جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتي اوتارانِ؛
    اِهي اُهُڃاڻانِ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    نائين ڏينهن، سندن نيڻ اوجاڳي ڪيا. ٻاجھاري سائينءَ کين سڃاڻي ( پرکي) مٿن مهر ڪئي. جتي ايشور جي نگاھ (مالڪ جي نظر) آهي، تتي سندن آستان آهن. اهي سندن نشان آهن، هو جڳ ۾ لڪا وتن.

    10
    ڏَهين ڏِينهن ڏِکَ ٿِيا، پِرِينءَ پاٻوهِيا، پَسُ؛
    وَرقَ جي وِصالَ جا، سي واري ڪيائُون وَسُ؛
    لَڌائُون، لَطِيفُ چئي، سَندو گُروءَ گَسُ؛
    جوڳِـيُنِ کَٽِيو جَسُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    ڏهين ڏينهن ڏس! ته هُو ظاهر ٿيا، ڇو ته پرينءَ کين سرخرو يا مرڪندڙ ڪيو. ميلاپ جا ڪاغذ پٽ ورائي، هنن پنهنجي قبضي ۾ ڪيا. هنن گروءَ جي مارڳ ڳولي لڌو. جوڳين جس کٽيو (سرخرو ٿيا)، هو جڳ ۾ لڪا وتن.

    11
    وَريو ويراڳِـيُنِ جو، ڪارِهين ڏِينهن ڪَرَمُ؛
    جوڳِـيُنِ جاٽائُون پُنِيُون، هَلِي وِيا حَرَمُ؛
    دائِم جَھـلِيو دَمُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

    يارهين ڏينهن، سنياسين جو ڀاڳ وريو. جوڳين جون ياترائون (زيارتون) سجايون ويون ۽ هو وڃي پوتر تيرٿ (آستان) ۾ وارد ٿيا. هو هميشہ ماٺ ۾ رهيو، جڳ ۾ لڪا وتن.

    12
    مَنَ مُرادون پُنِيُون، ٻارِهين ڏِينهن ٻَـئِي؛
    جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِيا سَڀيئِي؛
    سَمانا سيئِي، جي گُـرَ گَڏِجِي آئِيا.

    ٻارهي ڏينهن سندن دل جون ٻئي مرادون پوريون ٿيون. مڙيئي جوڳي، انهيءَ زيارت لاءِ سڪيا ٿي. مانائتا اُهي ٿيا، جي پنهنجي گروءَ سان سنمک ٿي آيا. (جوڳي، آتمڪ منزل تي به پهتا ۽ گروءَ جو درشن به ڪيائون.)

    داستان ٽيون

    1
    سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مٿي راهَ؛
    پُرَنِ پُورَبَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهه موالِي ماهَ؛
    جنِ اَلَکَ سين آگاهَ، هَلو! تَڪِيا پَسُون تِنِ جا.

    سامي هميشہ سفر ۾ ٿا رهن ۽ پنهنجي مارڳ تان هلندا ٿا هلن. اُهي بيخود بيراڳي ديسان ديس گھمندا، روحاني ولايت ڏانهن هلندا ٿا رهن. جن جي سائينءَ سان سڃاڻپ آهي، هلو ته تن جا آستان ڏسون!

    2
    نِڪرُ ناهِ ڪُلهي ڪَري، هو مَ هُوندَنِ جِيئَن؛
    لاهُوتِي، لَطِيفُ چئي، هُونِ نه آديسِي اِيئَن؛
    سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جي ڌارِين تَعَلُقُ تِرَ جيتِرو؟

    تون ”ناھ“ (نيستي) ڪلهي ڪري (ساڻ کڻي) نڪر، ۽ هستيءَ يا سمر وارن وانگر نه ٿيءُ. لاهوتي ۽ آديسي فقير، اهڙي نموني نه هوندا آهن. (هستي يا خودي ساڻ نه کڻندا آهن.) اُهي ڪاپڙي ڪيئن چئبا، جن جو رتيءَ جيترو به جھان سان لاڳاپو آهي؟

    3
    ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا ڪَنَ چِيرَ؛
    سَدا وِهَنِ سامُهان، عاشِقَ اُتَرَ هِيرَ؛
    تَسا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ؛
    جي فَنا ٿِيا فقِيرَ، هَلو! تَڪِيا پَسُون تِنِ جا.

    ڪاپڙي، ڪن چيرائيندڙ، ڪن وڍيل ۽ ڪن چيريل (ڪنن ۾ ڪنڍل پائيندڙ) آهن. اُهي ڌڻيءَ جا عاشق، ھميشہ اُتر جي ٿڌي ولھ سامهون ٿا وهن. هنن پاڻ کي تيسيا ڏيئي، پنهنجن جسمن کي سڪائي ڇڏيو آهي. جي فقير ڌڻيءَ ۾ لئي ٿيا پيا آهن (يا جي نابوديءَ کي رسيا آهن)، تن جا هلو ته آستان ڏسون!

    4
    سامِي کامِي پرِينءَ لَءِ، ڪُسِي ٿِيا ڪَبابُ؛
    جَهِڙو ڏِسَن ڏوهَ کي، تَهِڙو تِنِ ثَوابُ؛
    اوتِين اَرِتي گاڏُئون، مَنجھان اکِيُنِ آبُ؛
    سَندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪِئَن پُڇِين تِن کي؟

    جوڳي پنهنجي جانب لاءِ جلي ڪباب ٿا ٿين. هو جھڙو پاپ کي ٿا ڏسن، تهڙو پڃ کي، (هنن جي نظر ۾ ڏوھ ۽ ثواب ساڳيا آهن.) هُو پنهنجن نيڻن مان رت گاڏئون پاڻي (رت جا ڳوڙها) ٿا ڳاڙين. تون انهن کان ذات پات جو ڪهڙو ٿو حساب ڪتاب پڇين.؟

    5
    سامِيُنِ سِڱُ ڪُلَهَنِ تي، سَنگُ مِڙوئِي سُورُ؛
    ڪَهَندا وِيا ڪابُلَ ڏي، ڪو جو پِيَڙُنِ پُورُ؛
    مَڙهِيءَ جو مَذِڪُورُ، ڪالَھه ڪَندا وِيا ڪاپَـڙِي.

    سامين کي ڪلهن تي سڱڙيون (وڄائڻ جون) آهن ۽ هنن لاءِ ڪابه صحبت هڪ آزار آهي. هنن کي اهڙو ڪو جولان آيو، جو هو ڪابل (روحاني منزل) ڏانهن ڪاهيندا هليا. ڪاپڙي ڪالھ مڙهيءَ (جوڳين جي آستان) جو ذڪر ڪندا ويا.

    6
    سامِي! مَڙهِي سَندِياءِ، سامُهِين مون سيلَهه ٿِي؛
    سا تان ڪُہُ اَڏياءِ، جان نانگا وَڃِين نِڪِرِي؟

    اي سامي! تنهنجي هوءَ سامهون بيٺل مڙهي، مون کي ڪنڊا ٿي پئي لڳي. (ڇو ته جوڳي پنهنجي مڙهي خالي ڪري ويو هو.) اي نانگا! اُها مڙهي تو اڏي ڇو، جو پوءِ اُن مان نڪري هليو وئين؟ (شاھ کي شايد ڪنهن جوڳيءَ جي جدائي سهڻي پيئي يا سندس اشارو شاھ عنايت ڏانهن هجي.)

    داستان چوٿون

    1
    جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته سَڱَ سَڀيئي ڇِنُ؛
    وڃِي دَرِ دوسَتَنِ جي، نانگا! ڪِيمَ نِنُ؛
    پَٽِ تِنِين جي پِنُ، جِنِ ٻُجِھي نه ٻُجھيو.

    جي چاهين ته جوڳي ٿيان ته مڙيئي ناتا ٽوڙ. اي نانگا! دوستن جي در تي وڃي، رودن نه ڪر. تون سنياسين جي اُنهيءَ ٽوليءَ کان وڃي روحاني دولت پن جن راز پروڙي به ڄڻ نه پروڙيو. (جن روحاني راز پروڙي به ائين ڏيکاريو ڄڻ ته نه پروڙيائون.)

    2
    جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته سَڱَ سَڀيئِي ٽوڙِ؛
    جي ڄاوا نه ڄاپَندا، جِيُّ تنِين سي جوڙِ؛
    ته تُون پَهُچِين توڙِ، مُحَـبَّتَ جي مَيدانَ ۾.

    جي چاهين ته جوڳي ٿيان ته مڙئي ناتا ڇن. جي نه ڄاوا ۽ نه ڄمندا (اُهي جوڳي، جي جنم ۽ مرڻ کان اڳتي يا آزاد آهن) تن سان لنؤ لڳاءِ يا اُنهن سان صحبت جو پيچ اڙاءِ ته تون محبت جي ميدان ۾ وڃي آخرين منزل کي رسين.

    3
    جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته مَنُ پُوري، منجِھ مارِ؛
    دائِمُ دُونهِين دِلِ ۾، مَنَ سين مالِها وارِ؛
    سَہُ سَڀَڪا آرِ، آگي جي اَدَبَ سين.

    جي چاهين ته جوڳي ٿيان ته من کي وس ڪري، اُن کي اندرئي ماري مات ڪر. پنهنجي دل ۾ هميشہ دونهين دکاءِ ۽ من سان مالها ڦيراءِ (دل ۾ ئي جاپ جپ). خدا جي هر هڪ مرضي ادب سان سر تي سھ.

    4
    جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته ڪِين پيالو پِيُّ؛
    ناهِ نِهاري هَٿِ ڪَري، ”آءٌ“ سين اُتِ نه ڀِيُّ؛
    ته سَندو وَحۡدَتَ وِيُّ، طالِبَ! توڙان ماڻـئِين.

    جي چاهين ته جوڳي ٿيان ته نيستيءَ (پاڻ وڃائڻ) جو پيالو پيءُ. تون نيستيءَ کي چتائي هٿ ڪري، خوديءَ سان اُتي نه بيھ ته، اي طالب! (جڳياسو!) تون هيڪڙائيءَ جو سمورو وڻج يا چمن ماڻين.

    5
    جي ڀانـئِين جوڳِي ٿِيان، ته مُنهَن ۾ مُنڊا پاءِ؛
    ڪَنين ڪِينَ وِڃائِيو، جِنِ ۾ ڪوڙين ڪَڪَرَ وِڌاءِ؛
    ڇَڏِ چادَرَ، ٻَڌُ چَمِڙا، جُتِي تو نه جُڳاءِ؛
    ته سامِيَڙا! سَندِياءِ، گُـرَ وَٽِ گِلا نه ٿِئي.

    جي چاهين ته جوڳي ٿيان ته (ڪنن جي بدران) مُک (منهن) ۾ ڇلا پاءِ (سُن اختيار ڪر). ڪنن تنهنجو ڪي ڪين وڃايو آهي، جن ۾ سهسين چير وڌا اٿيئي. چادر کي ترڪ ڪر ۽ سرير (ساھ) تي چم جا ٽڪر ٻڌ. جُتي پائڻ به توکي نه جڳائي. اي سامي! ائين ڪر ته گروءَ وٽ تنهنجي گھٽتائي نه ٿئي.

    6
    جوڳِـيُنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پِڻُ سُونهي جوڳِيين؛
    جوڳِـيُنِ سَندِي جانِ ۾، ڳُجُھ ڳُجھاندَرُ آهِ؛
    هاءِ! مُونهِين کي واءِ! جا آءٌ جوڳُ نه سِکي.

    جوڳين کي جوڳ ڪمائڻ جڳائي ۽ جوڳين کي ئي جوڳ سونهي. جوڳين جي جيءَ ۾ اونهو راز سمايل آهي. هاءِ! افسوس منهنجي حال تان، جو مان جوڳ ڪمائڻ نه سکيس (هتي شاھ ڏيکاري ٿو ته جوڳ ڪمائڻ هڪ ڪٺن ڪم آهي، جو جوڳيسرن کان ئي ٿيندو، نه ٻئي ڪنهن کان.).

    7
    جوڳَ نه جوڳو تُون، ڪَرِين پَچارُون جوڳَ جُون؛
    هِڪِڙو پَنڌُ پِرِيُنِ جو، ٻِي تُنهنجِي ڀُون؛
    سامِي سيڻَنِ ڏُون، رُئَندا ئِي رَتُ وِيا.

    تون جوڳ ڪمائڻ جي لائق ئي ناهين ۽ ڳالهيون پيو جوڳ جون ڪرين! سپرينءَ ڏانهن راھ هڪڙي ته تنهنجو پنڌ وري ٻئي پار آهي. (تون پوري روحاني واٽ تان نه ٿو وڃين، پر اُن تان ٿڙي، ٻئي پاسي وڃي پيو آهين.) سامي، سپرين ڏانهن، رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا ويا.

    8
    جوڳِي هُونِ نه جِئَرا، پائي جوڳُ مَ جِيُّ؛
    هارِيا! هِنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيهو اِيُّ:
    ”وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيُّ“؛
    هَڏَهِين ڪونهي هِيُّ، اَسارا! ”آءٌ“ چَوِين!

    جوڳي جيئرا نه هوندا آهن (مرڻ کان اڳ مئل هوندا آهن)، تون جوڳ ڪمائي، جيئرو نه رھ، (جيئڻ وارين سڌن ۾ نه پؤ.). اي مورک! تون هنن ڪنن سان هي نياپو ٻڌ: ”تون پنهنجي هستيءَ کي وڃائي، ”پاڻ“ يعني خوديءَ کان پاسو يا ڪنارو ڪر.“ هن وجود کي هرگز هستي ناهي. (ڪنهن کي به سواءِ رب جي، هستي ناهي.) اي غافل! تون ”آءُ“ پيو چوين! (تون خودي ٿو ڏيکارين!)

    9
    جان ڪي جوڳِي ٿِيُّ، نا ته نِرڄا! وَنئُن نِڪِري؛
    ڪوهُ ٿو ڪَنَ ڪَپائِين، جان نه سَهِين سِيُّ؟
    ڀَڄُ! پَراهُون ٿِيُّ، مَتان ٻِيا لَڄائِيين.

    يا ته صحيح معنيٰ ۾ جوڳي ٿيءُ، نه ته اي نرلڄا! هتان (جوڳين جي پنٿ مان) نڪري وڃ. تون ڪن ڇو ٿو چيرائين، جيسين ٿڌ (جوڳ جي جفا) نه سهي سگھين.؟ تون ڀڄي پري ٿيءُ. متان ٻين جوڳين کي لڄائين. (متان سچن سنياسين جو نالو ٻوڙين.)

    10
    جوڳِي ٿِيَنِ نه يارَ، ڪَنهِين سين قَرِيبُ ٿِي؛
    مان مُلاقِي اُنِ سين، جَنِ پُورَبَ جي پَچارَ؛
    اَٺَـئِي پَهَرَ اُنِ جِي، آهِ نانِيءَ ڏانهَن نِهارَ؛
    لائي وِيا لَطِيفُ چئي، اَندَرَ مَنجَھ اَپارَ؛
    سامِيُنِ ساڻُ، سَتارَ! لاهُوتِي لالُ ٿِيان.

    جوڳي ڪنهن سان به پيوند يا ناتو رکي، ان جا يار نه ٿا ٿين. مان اُنهن جو سڃاڻو آهيان، جن کي روحاني پنڌ جي لنؤ لڳل آهي. اُنهن جي نظر اٺئي پهر هنگلاج جي ديويءَ ڏانهن آهي. منهنجي دل ۾ اُهي بيحد اُڪير جاڳائي ويا. اي پرور! شل سامين جي صحبت ۾ رچي لال ٿيان ۽ لاهوت جي منزل ماڻيان.

    11
    گولا جي گِراهَ جا، جُوٺا سي جوڳِي؛
    ڦِٽَلَ سي ڦوڳِي، جِنِ شِڪَمَ سانڍِيا.

    اُهي جوڳي، جي ڀوڄن (طعام) جا ٻانها (پوڄاري) آهن، سي ڪوڙا چئبا. جن پيٽ جي پرورش ڪئي، سي بگڙيل ۽ ڦوڳ جهڙا خسيس چئبا.

    12
    ڪَنَ ڪورائي، ڪاپڙِي، جِندا! ٿِيُّ مَ جوءِ؛
    سِرَ سِپاهِيُنِ وِڪيا، سو ڪِ نه، سامِي! سوءِ؛
    جيڪِي پُڇِين، پُڇُ سو، گُنگا نِيَنِ نه گوءِ؛
    وَڃُ لاهُوتِي لوءِ، عِجِزَ کي آجو ڪَري.

    اي ڪاپڙي! تون ڪن ڪپائي، جيئري جاڳندي زال نه ٿيءُ. پنهنجا سر ته سپاهين به وڪڻي ڇڏيا آهن. (سهسائي ڇڏيا آهن). اي سامي! ڇا تو اِهو نه ٻڌو آهي، جيڪي پڇين، سو پڇ، ڇو جو نه پڇندڙ، ڪڏهن به روحاني بازيءَ ۾ اڳتي نه ٿا وڃن. اي لاهوتي! تون نهٺائيءَ کي اڳيان ڪري، روحاني ديس (افضل ولايت) ۾ وڃ.“

    13
    نِسوروئِي نِينهَن جو دِلِ ۾ دُودُ دُکاءِ؛
    آڻي آڳِ عِشقَ جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ؛
    جِندا! اِيئَن جُڳاءِ، جِئَن آتَشان آبُ ٿِئي.

    دل ۾ نسورو نينهن جو دونهون دکاءِ، عشق جي باھ ٻاري، اُن ۾ پنهنجي جان آڻي جلاءِ. اي جيئرا جيو! توکي ائين ڪرڻ جڳائي، جئن باھ مان ڦري پاڻي ٿئي.

    14
    هُو جي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سو نه سُڻِينِ؛
    اَندَرِ جي آهِينِ، سُڻُ سَنِيهو اُنِ سين.

    جو هي مٿي وارا ڪن اٿيئي، سي صحيح طرح ٻڌن نه ٿا. اندر ۾ جي ڪن آهن، تون انهن سان پيغام ٻڌ. (باطني ڪنن سان روحاني نياپو سڻ.)

    داستان پنجون

    1
    مُونا طُور سِينا، سَندا سَنياسِيُنِ؛
    پُورَبِ کَنيو نه پاڻَ سين، بُودُ بيراڳِـيُنِ؛
    رِدا آهي رازَ جِي، اَوڇَڻُ آديسِيُنِ؛
    قُربُ ڪاپَڙِيُنِ، نَهَن چوٽِيءَ سِيئَن ڍَڪِيو.

    جوڳين جا گوڏا، طور سينا جبل (جتي حضرت موسيٰ، خدائي روشني ڏٺي ۽ خدا سان ڳالهايو) مثل آهن. (هو مونن ۾ منهن وجھي، خدائي جلوو پيا پسن.) هن ويراڳين، پورب يعني روحاني منزل ڏانهن ويندي، پاڻ سان خودي يا هستي نه کنئي. آديسين کي روحاني ڳجھارت جي چادر ويڙهيل آهي. ڪاپڙين، پاڻ کي سچي لنو سان، ننهن چوٽيءَ تائين ڍڪيو.

    2
    مُونا جن مِحِرابُ، جُسو جامِعَ تِنِ جو؛
    قِبِلي نُماءُ قَلۡبُ ڪري، تَنَ کي ڪَيائُون طَوافُ؛
    تَحۡقِيقَ جِي تَڪِبِيرَ چئِي، جِسمان ڪَيائون جوابُ؛
    تِنِ ڪَهِڙو ڏوهُ حِسابُ، جن هِنئَڙي هادِي حَلُ ٿِيو.

    جن جا گوڏا ئي محراب (مسجد ۾ قبلي طرف ڪمان، جتي امام بيهندو آهي) آهن، تن جو بدن ئي وڏي مسجد (عبادتگاھ) آهي. هنن پنهنجي دل کي قبلو (سجدي جي جاءِ خاص ڪري ئي مڪو شريف) ڏيکاريندڙ ڪري، پنهنجي جسم جي چوگرد ڦريو آهي ۽ جئن حاجي ڪعبي شريف جي چوگرد طواف ڪندا آهن.) هنن حقيقت جو نعرو هڻي، پنهنجي تن کي جواب ڏنو. (هنن سچ پٺيان لڳي، تن کي تسيا ڏنا.) اُنهن کان ڏوهن جو ڪهڙو پڇاڻو ٿيندو، جن جي من ۾خدا سمايو پيو آهي.؟

    3
    مُنهُن مِحِرابُ پِرِينءَ جو، جامِعَ سَڀَ جَهانُ؛
    فَرَهِيءَ تان فُرقان جِي، ڪاٽِيائون قُرآنُ؛
    اُڏامِي اُتِ وِيو، عَقُلُ ۽ عِرفانُ؛
    سَڀوئِي سُبحانُ، ڪاڏي وڃِي نِيَتِيان.

    محبوب جو منهن ئي محراب (مسجد جي سڳوري ڪمان) آهي ۽ سارو جھان هڪ عظيم مسجد (سجده گاھ) آهي. ( جتي سجدو ڪر، تتي صاحب جو حضور آهي.) هنن (ڪاملن) پنهنجي سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ فرق ڏيکاريندڙ تختيءَ (قلب يا لوح محفوظ) تان پاڪ ڪتاب جو دؤر ميساري ڇڏيو (ڇو ته هو شريعت جي منزل کان مٿي چڙهي ويا.) اُتي (انهيءَ منزل تي) عقل ۽ علم پر ڪري اُڏامي ويا. جيڏانهن تيڏانهن رب جي ساراھ آهي، ڪٿي وڃي نماز ۾ سر جھڪايان!.

    4
    مَنجِهه مُحَـبَتَ مَچُ، ٻَهَر ڌُوڌا ڌُوڙِ سين؛
    ڇَڏِيائُون چُرَ لَهِي، ڪُوڙُ، ڪُلکَڻُ، ڪَچُ؛
    اَوَڳُڻَ اوڏا نه ٿِيا، ڳُڻُ ڪَيائُون ڳَچُ؛
    جِئَن سَڙَنِ، تِئَن سَچُ، جِئَن سَڙَنِ، تِئَن سَنَرا.

    سندن اندر ۾ محبت جو مچ پيو ٻري ۽ ٻاهران ڀڀوت سان ڀريل باھ ڌنويندڙ پيا لڳن. هنن عفا (ايڪانت جو آستان) هت ڪري، ڪوڙ، ڪلڇڻ ۽ دغا کي ترڪ ڪيو. هُو اوگڻ جي ويجھائي نه ويا ۽ اڪيچار گڻ پرايائون. جئن جلن (نينهن جي آتش ۾ پچن). تئن سچ (سون جيان خالص) ٿين. جئن سڙن (ڪشالن سان پاڻ کي پچائين)، تئن سرها لڳن.

    5
    ڪيهي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اَهڙِي رَوَشِ رَوَنِ؟
    نڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نڪِي بِهِشتُ گُهرَنِ؛
    نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَڪا مُسلمانِي مَنِ؛
    اُڀا اِيئَن چَوَنِ، ته پِرين ڪَجو پانهِنجو.

    سنياسي، ڪهڙي ڪارج يا مقصد لاءِ اهڙي هلت ٿا هلن؟ سندن دل ۾ نه ڪڏهن دوزخ (نرڳ) جو خيال اچي، نه هو ڪڏهن بهشت (سرڳ) ئي گھرن، نه سندن واسطو ڪفر سان آهي، ۽ نه سندن من ۾ مسلماني يا اسلام ڏانهن رغبت آهي. هُو ائين بيٺا چون ته ”پنهنجي محبوب (رب) کي ريجھائي، پنهنجو ڪجو.“ (جوڳي ڪنهن به ڌرم يا مذهب جا ناهن ۽ رڳو الله جا پوڄاري آهن.)

    6
    نا اُميدي آجِڪو، اَوڇَڻُ آديسِيَنِ؛
    سَدا سُکِ وَسَنِ، طالبَ اوءِ تَقدِير جا.

    جوڳين جو اوڇڻ (چادر) نااُميدي آهي (جوڳي هو ڪنهن اميد يا تمنا کي ترڪ ٿا ڪن). اُهي جڳياسو (طالب) هميشہ قسمت جي ڪئي تي راضي ٿي، سک آنند ۾ ٿا گھارين.

    7
    نا اُميدي آجِڪو، اَوڇَڻُ آديسِيُنِ؛
    ڪَڏَهِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏَهِين هيٺ هَلَنِ؛
    سامِيَڙا سَمُونڊَ ۾، تنبي جِئن تَرَنِ؛
    جي واڳوءَ واتِ وڃَنِ، ته ڪُسَنِ، ڪُڇَنِ ڪِينَ ڪِي.

    جوڳين جو اوڇڻ (چادر) نا اُميدي (مڙني ترشنائن جو تياڳ) آهي. هو ڪڏهن تازي گھوڙي تي سوار آهن. ڪڏهن پٽ تي پنڌ ٿا ڪن (هنن لاءِ اوج توڙي زوال ٻئي هڪ آهن.) سامي هن سنسار جي ساگر ۾، تنبي وانگر ٿا ترن (هنن کي دنيا جي ساگر ۾ نه لهر نه لوڏو). جي واگھوءَ جي وات ۾ وڃن ته به زبان مان حرف نه ڪڇن (هو ڪهڙي به آفت هيٺ اچن ته به نه ڪرڪن نه ڪنجھن.).

    8
    لالَ ڪي لالُ ٿِيا، لالُ لَنگِھيو جَنِ؛
    عَدَمَ جي اوڙاهَ تي، ڪَيا آسَڻَ آڌوتِيَنِ؛
    گَردانِيو گُنگَنِ، گِردابَ کي گِيانَ سين.

    اُهي ڪي ٿورا هيري جهڙا سچا فقير، روحاني رنگ ۾ رچي لال ٿيا، جن وٽان بي بها پرين اچي لنگھيو (جن الک جو درشن ڪيو.) هنن ويراڳين، نيستيءَ جي اوڙاھ ۾ پنهنجا آستان اڏيا آهن (خوديءَ کي ٻوڙي فنا ڪيو اٿن.). هنن سن لڳلن (ماٺ ۾ گھاريندڙن). ڪن (نفس) کي، معرفت سان ولوڙيو (هنن نفس کي گيان سان نهوڙي مات ڪيو).

    9
    وِلهُون، ويلا، واوَ، جوڳِـيُنِ جَھـلِيا جانِ ۾؛
    اَجھو رِءَ اَللهُ، ڪونهي ڪاپَڙِيُنِ جو.

    جوڳين پنهنجي جيءَ مٿان سرد هوائون، ڏکيا وقت ۽ ٿڌيون ڪوسيون سٺيون. ڪاپڙين جو سواءِ الله جي ٻيو ڪو اجھو ڪونهي.

    10
    نا مُرادِي نِجُھرو، عَدَمُ اوتارونِ؛
    رَضا راڄُ سَندونِ، مُورُ نه مَڱَنِ ڪِي ٻِيو.

    سندن جھوپڙي آهي نامرادي (خوهشن جي نابودي) ۽ سندن اوتارو آهي نيستي (پاڻ وڃائڻ). رضا تي راضي رهڻ (ڌڻي جي ڪئي تي راضي رهڻ)، سندن راجائي آهي. (هو نيستي ۽ تسليم اختيار ٿا ڪن.)

    داستان ڇهون

    1
    ڪَنهِن جنهِن ڪُٺا ڪات، جِئَن سامِي مُورُ نه سَنرا؛
    ڏِينهان ڏکِي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄائِي راتِ؛
    سَندي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان! هوءِ جَڏائڙِي.

    سامي اهڙي ڪنهن ڪات سان ڪٺل آهن، جو هو هرگز سرها نه ٿا ڏسجن. ڏينهن جو هو جسم ۾ جھريل آهن ۽ سموري رات درد ۾ ٿا گهارين. اي جيجل! جوڳين جي ذات اگھي آهي. (جوڳي، عشق جي پيڙا ۾ ورتل آهن).

    2
    رُوح ۾ رَهِيُنِ رامُ، ٻَهرِ ٻولِينِ ڪِي ٻيو؛
    پِيالو پُرُ ڪري، جوپَ پِيتائُون جامُ؛
    تِهان پوءِ تَمامُ، تنِ تَڪيا تاڪي ڇَڏيا.

    سندن روح ۾ رام جو ئي واسو آهي ۽ ٻاهران ڪجھ ٻيو پيا ڳالهائين. هنن پريم جو پيالو ڪناتار ڀري، ان مان جھجھو ئي پيتو. تنهن کان پوءِ هنن پنهنجا سمورا آسرا يا اوتارا پوري ڇڏيا (دنيا جي مڙني وسيلن تان هٿ کڻي ڇڏيائون).

    3
    مَٿا مُوءِ ٿِيانِ، سَدا سُوئِيتا ڪاپَڙِي؛
    ڪوٺي ڪَنهِن نه پُڇِيا، ڪي اَندَرِ اَندوهِيانِ؛
    جيڪا ڄَمارانِ، سا مَنجِھ گُوندَرَ گُذرِي.

    جوڳين جا مٿا، جٽائن سان ويڙهيل آهن ۽ هو هميشہ ماتم ۾ ٿا گھارين. ڪنهن به کين سڏي کانئن نه پڇيو ته کين اندر ۾ ڪهڙي جھوري آهي. جيڪا به سندن حياتي آهي،
    سا سموري ڏک ۾ ٿي گذرين.

    4
    ويٺي جَنهِين وَرِهَ ٿِيا، مَٿي سين ميري؛
    اَکِيون جَنهِن جُون اَلَکَ ڏي، ڀُون ڏي نه ڀيري؛
    ڪاراڻِيان ڪَڪا ٿِيا، ڄَراٽِيا ڄيري؛
    لُڙِڪَ لال لَطِيفُ چئي، ڪنبي ۽ ڪيري؛
    نِينهُن نه نِبيري، سُورَ چَرندي سَنَرو.

    جنهن کي ڌوڙ ڀريل مٿي سان ويٺي، ورھ گذري ويا. جنهن جا نيڻ سائينءَ ڏي وريل آهن ۽ دنيا ڏانهن نه ٿو ڦيري. هن جا وار، ڪارن مان ڦري ڪڪا ٿيا، ڇو جو باھ کان لهسيا. هي سچو عاشق (لال) الک کان ڊڄي پيو ۽ ڳوڙها پيو وهائي. هو پنهنجو نينهن نه ٿو ڇني ۽ غم ۾ گھاريندي به سرهو آهي.

    5
    نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينهَن؛
    مَڙِهِنِ اُٺا مِينهَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ کي.

    نانگن (جوڳين)، مهيشور کي ڪين نمايو (جوڳين ڇڪيو)، پر هنن جي پريم کيس نمايو. (سندس پريم، ناٿ کي ڏانهن ڇڪيو.)

    6
    نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نه نَمائِينِ؛
    جاٽا ڪَنِ نه جوڳَ کي، جوڳُ نه جُهارِينِ؛
    آديسِي آڻِينِ، اُهڃاڻِـيُون اَلماسَ جُون.

    نڪي هُو مهيشور اڳيان نمن، نڪي مهيشور کي نمائين. هو جوڳ ڪاڻ نڪي ياترائون ڪن (تيرٿ ڀيٽين)، نڪي جوڳ کي پرڻام ڪن. (نڪي جوڳ کي پنهنجو گرو ڪري سمجھن.) جوڳي سچن هيرن (روحاني جواهرن) جا نشان ٿا آڻين. (هو جوڳ کي آخرين مقصد نه ٿا سمجھن، پر روحاني جوت کي ئي ٿا جاڳائين ۽ نمن.)

    7
    هَرَ هَرَ ڪَنِ اُميسَ، ڌُوَنِ ڏِهاڻِي ڌوتِيا؛
    جن نه مارِي ميسَ، ناٿُ نه نَمي تن کي.

    هو هر گھڙيءَ شيو ڀڳوان کي نمسڪار ٿا ڪن ۽ پنهنجون لانگوٽيون ڏهاڙي ٿا ڌوئن. (هو پاڻ کي نفسيات کان پاڪ ٿا رکن.) جن پنهنجي ترشنا مات نه ڪئي، تن کي مهشور نه ٿو نمي. (سو انهن سان نه ٿو ريجھي.)

    8
    گُهنڊِنِ پاسي گِهنڊَ، گَڏُ گُذارِينِ گودَڙِيا؛
    پَليـتِيءَ کان پانهِنجا، پاڪُ رَکِيائون پِنڊَ؛
    نانگا ڪَنِ نه نِنڊَ، وَڃَنِ رُوندا رامَ ڏي.

    هو پاسن کان گھنڊ ٿا ٻڌن ۽ گودڙي پهريندڙ هڪ ٻئي جي صحبت ۾ گڏ ٿا گھارين. هنن پنهنجا تن، ناپاڪيءَ کان آجا رکيا. نانگا سمهن نه ٿا، پر رام ڏانهن هنجون هاريندا ٿا هلن.

    9
    تَهِڙا ڪَڙڄَ ڪَڪِرا، جَهِڙا جائُنِ ڦُلَ؛
    تِنِ سامِيُنِ جي سڌ مَران، جِن جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ؛
    اندَرِ مُلان مُلَ، ٻَهَرِ ڪوجھا ڪاپَڙِي.

    جوڳين جون ٻاريل ڪاٺيون ۽ ڪانا ائين پيا ٻهڪن، جئن جائو ٻوٽن جا گل. اُنهن جوڳين جي سڪ ۾ ٿو مران، جن جي گودڙين ۾ گل آهن (جن جون گودڙيون روحاني گلشن آهن.) ڪاپڙي اندر ۾ بي بها آهن، پر ٻاهران بد زيبا پيا ڏسڻ ۾ اچن. (اندر ۾ روحاني خزانا اٿن، پر ٻاهران اڻ وڻندڙ آهن).

    10
    يادِ گُـرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا؛
    پَڙهَنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيَنِ تَنهِن پِيٺا؛
    جيلان مُنهَن مِيٺا، تيلان نَشا چاڙِهيائُون نِينهَن جا.

    گودڙي پهريندڙ، بازار جي ڀر ۾ بيهي ( دنيا کان پاسو ڪري) گروءَ کي پيا سنڀارين. هو الک جو منتر پيا پڙهن ۽ پورو ملھ ادا ڪري، محبت جو جام ٿا پيئن. جنهن صورت ۾ منهن جا مٺا آهن (حليم ۽ نهٺا آهن)، تنهن صورت ۾ الاهي عشق جي خمار ۾ غرق ٿيا.

    داستان ستون

    1
    قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَـڙِي، طعامَ نه طاماعُو؛
    سَيِنَ هَنيائُون سُڃَ ۾، پَهرَ نه پينائُو؛
    اَوَسَرَ آسائُو، اُٿِي گُوندَرَ گَڏِيا.

    جوڳي، کاڌي کان بيزار (ٿورو کائيندڙ) آهن ۽ طعام جا شائق ناهن. هنن ويرانيءَ ۾ وڃي ڌرڻو ماريو ۽ ساعت به پنندڙ ٿي نه رهيا. هو اڻ هوند جا آسائتا آهن ۽ غم سان وڃي شريڪ ٿيا.

    2
    پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گَهران؛
    مَهيسِي مخۡلوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران؛
    پُڇَنِ ڪوهُ شَرعان، جُه اَندَرِ عَدالَتَ اُنِ جي؟

    هو ڪشڪول کڻي، ماڻهن جي گھرن مان ڪي پنن نه ٿا. هي مهيشور (شو جا پوڄاري يا الله جا عاشق)، خلق جي در کان پري ٿا بيهن. هو شرعي (مذهبي يا ڌرمي) قانون ڇو پڇن، جڏهن سندن اندر ۾ ئي عدالت آهي (سندن ضمير ئي منصف آهي.).

    3
    پِنَنِ جِو پَٽُ کَڻِي، سو جي سُڃاڻنِ؛
    ته بَرَ ۾ بِيکَ لَهَنِ، پَهرَ نه پِنَنِ ڪاپَـڙِي.

    جوڳي (ڪوڙا ڪاپڙي) جو ڪشڪول کڻي پنن ٿا، تنهن جو جي ملھ سڃاڻن (اُن جو جي قدر هجين) ته برپٽ ۾ به بيک حاصل نه ڪن. (ڌڻي کين بر ۾ به رزق رسائي. جي هُو ڪشڪول کي لاطمعيءَ ۽ توڪل جي نشاني سمجھن.)

    4
    اَسُکُ جِن اَويرَ، سي سانجِھيءَ رَهَنِ سُمهِي؛
    لاهُوتِي لَطِيفُ چئي، آڌِي ِڏيَنِ اُليرَ؛
    سُتو لوڪُ پَسي پِيا، سامي مٿي سَيرَ؛
    ڪيڏانهُن ڪندا پيرَ؟ مِڙوئي مٿو ٿيو.

    جن کي رات جو دير سان (آڌيءَ رات) جو سک ناهي (سجاڳي آهي)، سي سانجھيءَ جو سمهيو رهن. جوڳي اڌ رات جو اڇانگ ماريو اٿن. سامي ساري خلق کي سمهيل ڏسي، پنهنجي روحاني سفر تي نڪتا. (سندن عبادت يا تپسيا لوڪ کان لڪل آهي.) هو ڪاڏي پير ڊگھا ڪري سمهن، ڇو جو هو سراپا مٿو آهن. (هنن لاءِ هر طرف صاحب سامهون آهي.)

    5
    وِچِينءَ ويٺا رَهَنِ، سانجِھيءَ رَهَنِ سُمهِي؛
    بُکَ مَرندي بِکِيا، ڪَنهِن کان ڪينَ گُھرَنِ؛
    پيٽَ نه هيرِيائُون پانهِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ؛
    ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳيان پِـنِي ماٺِ جِي.

    وچينءَ جي وقت (سج لهڻ کان ٿورو اڳ) ويٺا هجن ۽ سانجھيءَ جو (رات شروع ٿيڻ سان) سمهيو پون. بک مرندي به ڪنهن کان بيک نه ٿا گھرن. هنن، پنهنجي پيٽ کي پوڄي، چسن تي نه هيريو آهي. فقيرن ماڳهين ماٺ جي ستي پني آهي (هو رڳو سن ۾ ٿا گھارين ۽ ٻيو ڪي ڪين ٿا طلبين.)

    6
    ڪَشي ساڻُ ڪَشَنِ، ڏِيلَ ڪَيائون ڏُٻِرا؛
    پيٽَ نه هيرِيائُون پانهِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ؛
    اهِڙِيءَ راهَ رَسَنِ، ڪاپِـڙِي ڪابُولَ کي.

    پنهنجي جسم کي، چم جي پٽن سان سوگھو ٻڌي، نٻل ڪيائون. هنن پنهنجا پيٽ چشن تي نه هيريا. اهڙي طريقي سان ئي جوڳي پنهنجي آتمڪ (روحاني) منزل تي پهچن ٿا.

    7
    آديسِي آديسُ، هِتان ڪَري هَلِيا؛
    ڪاپَڙِيُنِ قَلۡبَ ۾، ڪَيو ڏُوراڻو ڏيسُ؛
    ويراڳِي نئون ويسُ، راوَلَ ڍڪي رَميا.

    جوڳي نمسڪار ڪري، هتان (هن ديس يعني جھان مان) روانا ٿيا. سامين پنهنجي چت ۾ ڪو پرانهون ڏيہ چتايو. (روحاني ولايت خيال ۾ رکيائون.) هي روحاني راجائون نئون لباس پهري (نوراني ويس ڍڪي) روانا ٿيا.

    8
    آديسِيُنِ اَدَبُ، آهي اَکَڙِيُنِ ۾؛
    تن جو حَسَبُ نَسَبُ ناهِ ڪي، نه اَما نه اَبُ؛
    سامِيُنِ کي سَڀين پرين، رُوحَ ۾ رَهيو ربُ؛
    رِءَ لانگوٽِيءَ لَبُ، پاڇِي ڪَنِ نه پاڻَ سين.

    آديسين کي اکين ۾ ادب آهي (سندن نيڻن ۾ دنيا جي شين کان مڪمل پرهيز ۽ الک جي سڃاڻپ جا اُهڃاڻ آهن.) هنن جو نه اصل نسل آهي، نه امڙ نه ابو. جوڳين جي روح ۾ مڙني حالتن ۾ رب پيو وسي. هو سواءِ لانگوٽيءَ جي، ٻيو ڪي به پاڻ وٽ نه ٿا سانڍين.

    9
    لُنگُ ڪَڍيائون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نه مَسَحُو؛
    جا اِسلامان اَڳي هُئِي، سا سُئائُون ٻانگَ؛
    سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِيا گورَکناٿَ کي.

    هن ٽنگن ۾ لانگوٽي پهري ۽ وري وضو نه ٿا ڪن. (لانگوٽي پاڪائيءَ جي نشاني آهي، پوءِ ڇا جي ڪري هٿ پير ۽ منهن ڌوئن؟) جا ٻانگ، اسلام کان اڳ يعني ازل کان جاري هئي سا ٻڌائون. سامي، سمورا سانگا يا آسرا ترڪ ڪري، وڃي پنهنجي گروءَ گورکناٿ سان مليا.

    10
    پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کوءِ راوَلَ! ٻَنِ رُجاتُ؛
    لِباسان لَطِيفُ چئي، پَلِ ويراڳي! واتُ؛
    مَنُ ماري ڪرِ ماتُ، ته تِيرٿَ پَسِين تَڪِيو.

    پنهنجي پوڄا نه ڪراءِ. اي راول! ٻن پوي ماڻهن جي رجوعات (اچڻ وڃڻ) اي ويراڳي! (تياڳ ڪندڙ فقير!) پنهنجي مک کي مڪر ۽ فريب کان روڪ (ڳالهائڻ جون حرفتون ترڪ ڪر.) پنهنجي من کي ماري فنا ڪر ته تيرٿ آستان جو درشن ماڻين. (اندر ۾ ئي اکنڊ جوت پسين.)

    11
    پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي! رَکِج جوڳُ؛
    خَلِقَ خادِمُ جِئَن ڪَرِين، اِيُ راوَلَ! وڏو روڳُ؛
    ڀَڳَنِ ڪونهي ڀوڳُ، نانگا وَڃَنِ نِڱِيا.

    اي جوڳي! پنهنجي پوڄا نه ڪراءِ، تون جوڳ کي قابو رک. اي راول! تون جو خلق کي پنهنجو ٻانهون ٿو ڪرين، سو وڏو روڳ (مرض) اٿيئي. دنيا کان ڀڳلن (تارڪن يا تياڳين) لاءِ ڪو عيش ناهي. نانگا (سچا ويراڳي) نڪريو وڃن. (دنيوي مزن جي دام مان پاڻ ڇڏايو وڃن.)

    داستان اٺون

    1
    رَهِيا اَٿَيئِي راتِ، صُبُحَ وِيندَءِ صابرِي؛
    لُنءَ لُنءَ منجِھ، لَطِيفُ چئي، ڪَرِ تنِين جِي تاتِ؛
    سَندِي جوڳِيانِ ذاتِ، ٻِئي ڀيري مَسَ مِڙي.

    تو وٽ رات رهيا آهن، هي صبر وارا صبح جو تو وٽان روانا ٿي ويندا. تون پنهنجي رڳ رڳ منجھ اُنهن جي پچار ڪر. جوڳين جي ذات ٻئي دفعي مس (مشڪل يا ڪنهن نصيب سان) ملي. (هنن جي صحبت اوچتو ڪنهن پڃ سان ٿي ملي.)

    2
    تان ڪِي ساڻَنِ اورِ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
    ڏَه ڏَه ڀيرا ڏِينهَن ۾، پاڻُ مَٿانئُن گھورِ؛
    وِيا جي هِنگلورِ، ته ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.

    تيسين ساڻن روح رهاڻ ڪر، جيسين روطاقن (پنهنجن آستانن) تي آهن. تون پاڻ کي ڏهاڙي ڏھ ڀيرا مٿانئن گھور (تون مٿانئن ور ور ڏيئي قربان پيو وڃ.) جوڳي، جي هنگلاج ڏانهن هليا ويا ته پوءِ وري ڪنهن پڃ يا نصيب سان ملندءِ (سندن ملڻ پوءِ محال آهي.)

    3
    تان ڪِي وَٽِنِ ويہُ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
    سامِي سَفَرِ هَلِيا، ڏُورِ چِتائي ڏيہُ؛
    ڇَڏي سُکُ ساڙيہُ، مٿي گَنگا گَجيا.

    تيسين وٽن ويھ (سندن خذمت ۾ پاڻ لڳاءِ.) جيسين اوطاقن ۾ آهن. سامي ڪو ڏورانهون ڏيھ چت ۾ رکي، سفر تي اُسهيا. هو ديس (پنهنجي ماڳ) جو سک تياڳي، گنگا ڏانهن ڪاهون ڪري هليا.

    4
    اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، جاڳَـرُ جوڳِـيَڙَنِ جو؛
    ساري سَناسِيُنِ کي، رُئَندين تان رو؛
    پَسُ! پارِيان تو، لاهُوتِي لڏي وِيا.

    اڄ اوطاق (مڙهين) ۾ جوڳين جي جماعت نه ٿي ڏسجي. سنياسين کي ياد ڪري، جيسين روئڻ چاهين، تيسين روءُ. ڏس! لاهوتي، تنهنجي پار کان (تو وٽان) ڪوچ ڪري هليا ويا. (شاھ جو اشارو شايد ڪن اهڙن جوڳين يا درويشن ڏانهن آهي، جي کيس جدائي ڏيئي ويا هئا. قديم صوفي شاعرن ”جوڳي“ لفظ ڪامل درويشن جي باري ۾ ڪم آندو آهي.)

    5
    اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛
    آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ؛
    جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.

    اڄ حقيقي عاشق پنهنجي آستانن تي، مٺي گفتار نه ٿا ڪن. جوڳي لڏي هليا ويا ۽ سندن خالي مڙهيون (اوتارا) مون کي ماري (جھوري) ٿيون ڇڏين. اُهي جوڳي، جي جان بخشيندڙ هئا سي لاڏاڻو ڪري ويا. (هي ۽ پٺيان ايندڙ بيت شاه عنايت شهيد جي فراق م چيل ٿا ڏسجن.)

    6
    اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، سندي جوڳِـيُنِ جوڙَ؛
    ساري سَناسِيُنِ کي، کامِي ٿِـيَسِ کوڙَ؛
    مَنَ جنِين سين موڙَ، سي لاهُوتِي لڏي وِيا.

    اڄ اوطاقن (مڙهين) ۾ جوڳين جي ڪچهري نه ٿي ٻڌجي. سنياسين کي ياد ڪري، مان کامي (پچي ۽ سڙي)، کٽين جي کوڙ مثل ٿيس. (جھڙي ڪار کنڀ تي رکيل ڪپڙن سان ٿيندي آهي، تهڙي مون سان ٿي.)

    7
    اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، ڪَرڳَل ڪِينَ رُوئَنِ؛
    نه اُهي آديسِي اَسُکا، جن سين مَڙهِيُون سُونهَنِ؛
    مَڙُھُ پُورِيائُون ماٺِ تي، واڄَٽَ ڪِينَ وَڄَنِ؛
    وِيا نانگا سي نِڪِرِي، پَهرَ نه پُورِبِيَنِ؛
    سارِيو سَناسِيُنِ کي، اولاڪا اَچنِ؛
    لاڄَئُون لاهُوتِيَنِ، جوڙي ڏِنيُون جِيَّ کي.

    اڄ اوطاقن ۾ اُهي ناهن، جي وڏي آواز اوڇنگارون ڏيئي روئن. اُهي سک يا آرام نه ماڻيندڙ آديسي به ناهن. جن سان مڙهيون سهڻيون لڳن. اُهي مڙهين سن سناٽو لڳائي، اُنهن کي بند ڪري هليا ويا ۽ هاڻ اُنهن ۾ سندن مريلو ۽ سڱيون نه ٿيون وڄن. نانگا اتان لڏي هليا ويا ۽ هينئر آديسين جي ڪا پهر به نه ٿي ڏسجي. لاهوتين، پنهنجي جيءَ کي رسا ٺاهي ٻڌا. (قلب کي قابو رکيو.)

    8
    اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، دُونهِين، ڌُنڌُ، نه لاٽَ؛
    وِيا ويراڳِي، نِڪِرِي، چِتَ چَکائي چاٽَ؛
    آءٌ مارِيَسِ تَنهِين ماٽَ، جِيجان! جوڳِـيَڙَنِ جي.

    اڄ مڙهين ۾ نه جوڳين جي دونهين ٿي ڏسجي، نه ان جو دونهون، نه شعاع، نه سنياسي. منهنجي دل کي پنهنجي صحبت جو ساءُ چکائي لڏي هليا ويا. اي جيجلٰ مون کي جوڳين جي اُن ڀلائي يا جدائي جي ڳوڙهن ماريو آهي.

    9
    جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِيءَ لاٿو جارُ؛
    سندو پُورَبَ پارُ، آڇِيائِين اَنڌَن کي.

    نئين جان ۽ آنند مليو، جو جوڳيءَ سان گڏجاڻي ٿي، جنهن سموري پيڙا لاهي ڇڏي. هن بي سمجھن کي روحاني ولايت جي راھ ٻڌائي.

    10
    هيءِ! جي هُئا هِتِ، ته مَٿِن هُوندَ حَقُّ ٿِيو؛
    مَڻِيُون، مُورَتَ، مَتِ، مانَ وِسرِيُون ڪِي لَهان.

    هاءِ! جي هتي هجن ها ته هيڪر مٿن منهنجو حق لڳي ها. من مان وسري ويل (يا وڃايل) مالها جا داڻا، مورتي (جوڳيءَ جو سروپ) ۽ گيان وري هٿ ڪريان.

    داستان نائون

    1
    بُکَ وِڌائُون بُگِرِيـين، جوڳِي ڪندا جُڃَ؛
    طَلَبَ نَه رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيَنِ اُڃَ؛
    لاهُوتِيُنِ، لَطِيفُ چئي، مَنُ ماري ڪيو مُڃَ؛
    سامِي جھاڳي سُڃَ، وَسَنئُن کي ويجھا ٿِيا.

    جوڳين پنهنجين گودڙين ۾ بک وڌي. (سندن گودڙيون، سيڌي پاڌي کان خالي آهن ۽ کين دائمي ورت (روزو) آهي.) جوڳي ائين ئي جشن ڪندا وتن. هو طعام جي تمنا نه ٿا رکن ۽ اڃ پيئو پيا پيئن. (نه کين کاڌي جي گھرج آهي، نه پيتي جي.) جوڳين پنهنجو من ماري مات ڪري ڇڏيو. سامي، سڃ جو سفر لتاڙي وڃي وسنديءَ کي ويجھا ٿيا. (هنن پاڻ کي تسيا ڏيئي، وڃي جانب جي جوءِ لڌي.)

    2
    نه گِندا نه گَـبَرِي، نه لانگوٽِي لِکَ؛
    جيڏَنهِن ڀَرينِ وِکَ، تيڏَنهِن صاحِبُ سامهُون.

    نه کين ساڻ رلي آهي، نه گودڙي، نه لانگوٽيءَ جي ڪا لينگھ. جيڏانهن هو وک ورائين تيڏانهن سندن سنمک سائين آهي. (جنهن پاسي هلن، تنهن پاسي پرميشور پسن.)

    3
    ڪڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينهَن جِي؛
    جَهِڙا آيا جَڳَ ۾، تَهِڙا وِيا موٽِي؛
    اُنيِن جِي چوٽِي، پُورَبِ ٿِيندِي پَڌِرِي.

    نانگن نينهن (سچي عشق) جي لانگوٽي ڪڇي ٻڌي. هو جھڙا جڳ ۾ اٻوجھ ۽ پوتر آيا، تهڙا ئي جڳ مان روانا ٿيا. اُنهن جي ڏيا يا ڪماليت، آتمڪ ديس (روحاني ولايت) ۾ نروار ٿيندي.

    4
    جِئَن ٿا پُڇَنِ اَنَّ کي، تِئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ؛
    ته رِڙهِي لَڌائُون رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چَئي.

    جئن ماڻهو ان جي پڇا ٿا ڪن (جئن هو ويلي تي اَن ٿا طلبين)، تئن جي روحاني پنڌ جي پڇا ڪن، ته وڃي مارڳ (راھ) ڳولي لهن ۽ مٿانئن سمورو ڪشالو لهي وڃي (شاھ ٿو فرمائي ته رزق مثل رزاق طلبيو.)

    5
    جا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ؛
    روزا رِندَ رَکنِ، عيدَ نه اوڏا ڪاپَـڙِي.

    جا عام ماڻهن لاءِ عيد آهي، سا جوڳين لاءِ اُڃ ۽ بک آهي. (اڃ ۽ بک ۾ گھارڻ، هنن لاءِ عيد جيان آهي.) هي الاهي محبت ۾ مست ٿيل سامي، روزا (ورت) ٿا رکن ۽ عيد کي ويجھو نه ٿا وڃن.

    6
    جَنهِن سَناسِيءَ سانڍِيو، گَندي ۽ گِراهُ؛
    اُنهِيءَ کان اللهُ، اَڃا اَڳاهُون ٿِيو.

    جنهن جوڳيءَ رلي ۽ لقمو سانڍيو (اوڇڻ ۽ ان جي اون ڪئي) تنهن کان الله اڃان پري آهي.

    7
    ويٺو پُڇِين پَرُ، ڪَر ڪا هِنئارَ هَلَڻَ جي؛
    اَڄُ، آديسِي! مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀُڪو.

    تون اڳئين سال (گذري ويل وقت) جي پچار پيو ڪرين، هينئر ڪا پنڌ ڪرڻ جي وائي وار. اي آديسي! اڄ ئي مر (اڄ ئي پاڻ کي نيست ۾ نابود ڪر) سڀان (ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن) هر ڪو مرندو. (تون مرڻ کان اڳي مر، باقي ڪنهن ڏينهن ٻين وانگر ته هونئن به مرڻو اٿيئي.)

    8
    پرِينديئِي پيرِ ٿِيا، ڇڏي گَنجو گامُ؛
    گُروءَ سندي گَسَ ۾، جِن ڪَيا تَنَ تَمامُ؛
    ويـهِي ڪَيو نه وِچَ ۾، تِنِ آديسِيُنِ آرامُ؛
    رَهَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَـڙِي.

    هو گنجي ٽڪر واري وسنو ڇڏي، اڳئين سفر تي اُسهيا. اُنهن گروءَ جي ٻڌايل راھ پنهنجا جسم سڪائي پورا ڪري ڇڏيا. انهن آديسين، وچ ۾ ويهي، ڪڏهن به آرام نه ڪيو. اُنهن جوڳين کي واٽ ۾ ئي رام (ايشور) گڏيو ۽ هو پنڌ (ڀٽڪڻ) کان ڇٽي پيا.

    9
    اَکِـيُون، آلو ماهُ، سدا سَناسِيُنِ جُون؛
    واري نيڻَ نِنڊاهُ، جاڳي جَھـلِيا جوڳِـئين.

    سنياسين جون اکيون سدائين پاڻيءَ سان تر ٿيل چندرما مثل آهن. (سندن اکيون ڳوڙهن سان آليون ۽ چنڊ جيان ٻهڪندڙ آهن.) جوڳين، سجاڳ رهي، پنهنجن نيڻن کي ننڊ کان روڪيو.

    10
    اڃا سي آهِينِ، جي سَزاوارَ سِڱِيُنِ جا؛
    ويٺا وَڄائِينِ، جي سَنِاسِي! سُڻِئين.

    اڃا به اُهي آهن (اهڙا جوڳي آهن) جي سڱين وڄائڻ جا لائق آهن. اي سنياسي! (اي سنياس جا ڪوڏيا!) اُهي سڱيون وڄائين ويٺا. جي تون اهي ٻڌين! (جي تو ۾ انهن کي سڻڻ جي پياس يا سوجھي هجي.)

    11
    مَرَڻُ مُسَلَّمُ جِنِ، واحِدُ تِنِ نه وسري؛
    مٿي سَڳَـرُ ڪاپَڙِي، ڪا نانگا نِنڊَ نه ڪَنِ؛
    نيڻَ سدائِين تِنِ، اوجاڳَنِ اُجارِيا.

    جن کي مرڻ قبول آهي (جي مرڻ کان اڳ مئا پيا آهن) تن کي رب نه ٿو وسري (سي هميشہ الله ۽ ايشور جو سرمڻ ۽ ذڪر پيا ڪن). اُهي نانگا، روحاني راھ يا سفر ۾ ننڊ نه ٿا ڪن. اُنهن جون اکيون، سدائين اوجاڳن اوجل ڪيون.

    12
    ڏورَڻُ گَھڻو ڏاکِڙو، ڏورِجِ مَ رِءَ ڏِئي؛
    تان تان هوئِـجِ حُجِري، جان سين يارُ جِئي؛
    جڏَهِن پاسي پاڻَ ٿِئي، تَڏهِن ڇَڏِجِ تَڪِيو.

    ڌڻيءَ کي ڳولڻ، وڏي جفا آهي، سواءِ ڏيئي (روحاني جوت يعني گروءَ جي رهبريءَ کان سواءِ) نه ڳولج. تون تيسين سندس ڪوٺيءَ ۾ گھارج (ساڻس ايڪانت ۾ رهج) جيسين دلبر (روحاني رهبر) جيئرو هجي. جڏهن پاڻ جدا ٿئي (لاڏاڻو ڪري) تڏهن سندس آستان ڇڏج. (جيسين گرو حيات آهي تيسين سندس پاسو يا دامن نه ڇڏج.)

    13
    ڏورِ مَ ڏِئان ڌارَ، ڏورَڻُ گَھڻو ڏاکِڙو؛
    ڪوڙين لَکَ هَزارَ، اِنَ اُونداهِيءَ اَنڌا ڪَيا.

    ڏيئي کان سواءِ (ڪامل گروءَ يا مرشد جي روشنيءَ کان سواءِ) تلاش ڪرڻ نهايت ڪٺن ڪم آهي. هن اونداهيءَ (دنيا جي ڌنڌ) لکين ڪروڙني انسانن کي انڌو ڪري ڇڏيو.

    14
    تو جو ڏِئو ڀانـئِيو، سا سُورَجَ سُهائي؛
    اَنڌَنِ اُونداهِي، جي راتِ وِهامِي ڏينهُن ٿِيو.

    جنهن کي تو ڏيئو سمجھيو، سا سج جي روشني اٿيئي. (يعني ڏيئي مان مراد گروءَ يا مرشد جو نور اٿيئي. جو سج جيان تجليدار آهي.) انڌن لاءِ اهائي اونداهي آهي، جي رات گذري وڃي ۽ روشن ڏينهن اُڀري.

    15
    ناٿُ جَنهِين نِنڌِ، تِتِ نه نهارِيو جوڳِـئين؛
    ڪي ڪُوِيساهِيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراهين پَنڌِ؛
    هُو هِنَهِين هَنڌِ، ٿي هُنهَئِين وِيا هِنگِلاجَ ڏي.

    جنهن آستان تي سائين آهي، تتي جوڳين نظر ڪئي. ڪي ڪوڙي ويساھ وارا سنياسي، ڏورانهين سفر تي ويا. هو (ڌڻي) هن هنڌ ئي هو، هي (ڪاپڙي) اجايو هنگلاج ڏانهن ويا. (صاحب هر هنڌ آهي، جوڳين لاءِ تيرٿ پيٽڻ هڪ فضول ڳالھ هئي. اهو اعتراض شايد شاھ صاحب اڳيان ڪنهن اٿاريو هو، جنهن جي جواب ۾ هيٺيون بيت فرمايو اٿس.)

    16
    ناٿُ جَنهِين نِنڌِ، تِتِ پِڻُ نِهاريو جوڳِـئين؛
    سي سُوِيساهِيا ڪاپَڙِي، پُرِيا پَراهين پَنڌِ،
    هُو هُئو هِنَ هَنڌِ، هُنِ هِنگِلاجان هَٿِ ڪيو.

    جنهن آستان تي سائين آهي، تتي پڻ جوڳين نظر ڪئي. اُهي سچي ويساھ وارا جوڳي هئا. جي ڏورانهين سفر تي ويا. هو (ڌڻي) هن هنڌ هو، پر هنن (جوڳين) هن کي (ايشور کي) پهرين هنگلاج ۾ پاتو. (انهيءَ ڪري هو) شڪر گذاريءَ وچان هنگلاج ويا.

    17
    گُذَرَ گَـئِي گُذِرانُ، ڪِينَ قَـبُولِجِ ڪاپَـڙِي؛
    عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَـرُ سَناسِيُنِ کي.

    اي ڪاپڙي! جيڪي گذري چڪو ۽ جيڪي گذرندڙ آهي، سو نه قبولج (تنهن کي اهميت نه ڏج). جوڳين (تارڪن يا ويراڳين) لاءِ حضرت عليءَ جو پڙ (مسڪينيءَ، رياضت ۽ عبادت وارو پنڌ) سٺو آهي. (حضرت علي فرمائيندو هو ته ”فقيري منهنجو فخر آهي،“ هو توڪل ۽ تسليم جو صاحب هو.)

    18
    هُو جي ٿِيا هَرِڪيسَ، تِنِ لڳِي ڪينَ لِباسَ سين؛
    وَتَنِ وِلَهي ويسَ، لاهُوتِي لَطِيفُ چئي.

    اُهي، جن هريءَ (ڌڻيءَ) جي نينهن ۾ ڪيس (جٽائون) رکايا (جي ڌڻيءَ جي رنگ ۾ رتل آهن)، تن جي محبت، وس سان نه لڳي (اهي سهڻن لباسن جا شايق ناهن). ويراڳي، غريباڻي لباس ۾ گھمندا وتن. (هو گودڙي پهريندڙ آهن ۽ ڪڏهن به ڏيکاءُ واري پوشاڪ نه ٿا پهرين.)

    19
    بُکَ اُنيِن جِي بِکِيا، ڌُوڙِ اُنيِن جو ڌُوپُ؛
    ڪَيائُون سو ئِي رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.

    هنن جي بکيا (مڱ) آهن: بُک (هُو بُک ڪڍن، پر بکيا نه گھرن) ۽ هنن جو واس ڌوپ، ڌوڙ يا ڀڀوت آهن. هنن اهو روپ اختيار ڪيو، جنهن کان ماڻهن کي جيڪر لڄ اچي.

    20
    سِڱِـيُون، سيلِيُون، گَـبَرِيُون! ٽيئِي ٽولَ ٽَڳو؛
    پَٽُ هَڻِي پَٽَ سين، ڀـيري تِنِ ڀَڳو؛
    لاهُوتُ جِنِ لَڳو، سي مَڙِهيان مُورُ نه نِڱِيا.

    سڱيون (وڄائڻ جون)، رسيون ۽ گودڙيون اهي ٽيئي شيون ۽ جڻيو هنن ترڪ ڪيو. هنن ڪشتو يا ڪشڪول ڦيرائي، فرش تي هڻي، پرزا پرزا ڪيو. جن کي لاهوت جي لنئو لڳي، سي مڙهين کان ٻاهر بنھ نه نڪتا. (اُنهن سڀ ڪجھ ترڪ ڪري، ايڪانت ۾ گھاريو.)

    21
    کوءِ گودَڙَ! ٻَنِ گَـبَرِيُون! نيئِي کِدائُون کانءِ؛
    جيڏانهِين جوڳُ وِيو، نيڻَ تيڏانهِين نانءِ؛
    ڀُڻو اِيئَن ڀانءِ، ته سِڱِـيون شُومَتَ هَٿَ جُون.

    ٻن پون گودڙيون! کھ پون رليون! تون گودڙيون کڻي وڃي جلاءِ. جنهن پاسي جوڳ جو مارڳ آهي، تنهن طرف پنهنجون اکيون نماءِ. تون ائين سمجھندو وت ته سڱيون، هٿن جي برائي آهن. (هٿن ۾ سڱيون يا مرليون جھلي وڃائڻ سچن جوڳين جي شان وٽان ناهي.)

    22
    جا گُـرَ ڏِنِي گودِڙِي، سا مُون کي ٿِي مَرَڪُ؛
    چيلا! ماري چَرَخُ، اوڍي ويہُ اَدَبَ سين.

    جا گودڙي مون کي گروءَ (مرشد) ڏني، سا مون لاءِ فخر جو باعث آهي. اي چيلا! (مريد!) تون پڌر ۾ پلٿي ماري، اُن کي (گروءَ کان ڏنل گودڙيءَ کي) ادب سان پهري ويھ.

    23
    جا گُـرَ ڏِنِي گودِڙِي، سا ٿِئي لاهِيندي لَڄَ؛
    سندا تنهن سُهَڄَ، چيلو چوندو ڪيتِرا؟
    جا گودڙي، گروءَ جي عطا ڪيل آهي، سا تن تان لاهڻ، لڄ جي ڳالھ آهي. اُن جا گُڻ، چيلو ڪيترا ڳائي ڪيترا ڳائيندو؟

    24
    جا گُـرَ ڏني گودِڙِي، سا مُون گَهڻِي سُهاءِ؛
    نيئِي رَساڻي ماءِ، اوڍِئين جي اَدَبَ سين.
    جا گودڙي گروءَ ڏني، سا مون کي نهايت سونهي ٿي (سا منهنجو عظيم سينگار آهي). اُها وڃيو ماڳ تي (روحاني درجي کي) رسائي، جي اُن کي ادب سان پهرين.

    5
    اَندَرِ رِلا رِليُون، ٻَهَرِ پَٽولا؛
    اِنَ پَرِ ڪاپَڙِي، گَڏَهَ جا گولا.

    اندران ٿڳڙين جا پوش ۽ ٻاهران پٽ پٽيهر (اندر ميرو ۽ هچارو، ٻاهران گيان جي گفتار ۽ درويشيءَ جو ڏيکاءُ)، اهڙي روش وارا جوڳي، گڏھ جا غلام چئبا.

    26
    ٻَهَرِ رِلا رِليُون، اندَرِ پَٽولا؛
    اِنَ پَرِ ڪاپَڙِي، خدا جا گولا.

    ٻاهران ٿڳڙين جا پوش ۽ اندران پٽ پٽيهر (ٻاهران ڪجسو ويس ۽ اندر گيان ۽ اُلوهيت سان مالا مال)، اهڙيءَ ريت، جوڳي خدا جا غلام آهن.

    27
    گُلَ گُلَ پَسِي گودِڙيا، گھڻا مَ ڀانئيجِ؛
    سوئِي سُڃاڻيجِ، هِيُّ هُو آهي هيڪِڙو.

    قسمين قسمين جا گل (روپ ۽ رنگ) پسي، اي جوڳي! اُهي انيڪ نه سمجھج. اُهوئي (پرميشور) پروڙج، هي سروپ توڙي هو سروپ (هوڪو سروپ) هڪ ئي آهي.

    28
    پَٽَ ڇَڏِيائون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ!
    آلائِشان اَڳي ٿِيا، موٽِي ٿِيَنِ نه مِسُ؛
    هِيُّ ڇَڏِيائُون حِسُ، وَڃِي ڪالَھه ڪُلُ ٿِيا.

    هنن پنهنجا ڪشتا پٽ ۾ اڇلي ڇڏيا ۽ پنهنجون سڱيون ۽ بيراڳڻيون ڏس ته ترڪ ڪري ڇڏيائون! هو ڪيس يا ناپاڪيءَ کان پري ٿيا، وري ٽامو (ڪچ) نه ٿا ٿين. (ٽامي تي ڪس چڙهندي آهي. ٽامي مان مراد آهي اندر نه اجاريل انسان.) هنن هن جهان جا حواس ترڪ ڪيا (دنيا جا مزا ۽ لذتون ڇڏيون) ۽ وڃي ڪالھ ڌڻيءَ سان هڪ ٿيا. (ڌڻي ”ڪل“ آهي ۽ اسين ”جزا“. جن پاڻ سڃاتو، سي خود خدا ٿيا.)


    سُرُ ڪاپائتي

    داستان پهريون

    1
    توڻي تُون ڪاتارِ، جِمَ هيڪِلِي ڀيرِئين؛
    ڏِٺِي ڪا ڏُئارِ، صَرافَ اِنَهِين سُٽَ ۾.

    جيتوڻيڪ تون کڻي ڪتڻ ۾ ماهر هجين، ته به متان اڪيلي ائٽ هلائين. صراف انهيءَ سٽ ۾ ڪا اوڻائي ڏٺي آهي. (روحاني راھ ۾ ڪنهن مرشد جو سهارو وٺ، نه ته ڌڻيءَ جي نظر ۾ خام رهجي ويندين.)

    2
    جان ڪَتِين تان ڪِتُ، هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي؛
    ڪاپائِتِي سَڀَڪا، ڪِتي سيباڻِي؛
    ڄاتو جِن ڄاتِي، تِنِ هَٿان پَهِي نه ڇَڏِي.

    جيسين ڪتي سگھين، تيسين ڪت، هيءَ ويل ماڳهين ويئي. هر ڪا ڪتيندڙ پنهنجي ڪتيل سٽ موجب ٿي وڻي. جن انهيءَ ڳالھ کي چڱيءَ پر پروڙيو، تن ڪڏهن به ڪپھ جو پهو هٿان نه ڇڏيو.

    3
    هيءَ هَڏِ وِهاڻي، جان ڪَتين تان ڪِتُ؛
    ڪو پنَهِنجي عِيدَ کي، ڀيري ڪَجِ ڀَرَتُ؛
    مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچَ سَرتِيين.

    هيءَ ويل هميشہ لاءِ ويئي، جيسين ڪتي سگھين تيسين ڪت. پنهنجي عيد لاءِ (اُتي جي سرخرو لاءِ) ائٽ هلائي، ڪو ڀرت ڀرج. متان سڀاڻي (حساب جي ڏينهن) پاڻ جيڏين جي وچ ۾ رت روئڻو پويئي.

    4
    ڪَتَڻَ جي ڪانه ڪَرِين، سُتي ساهيِن هَڏُ؛
    صُباحَ ايندَءِ اوچِتو، عيدَ اُگھاڙَنِ گَڏُ؛
    جِتِ سَرتِيون ڪَندَءِ سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سينگارَ کي.

    تون ڪتڻ جي نه ٿي ڪرين. سمهيو پيئي جيءَ کي آرام ڏين. سڀاڻ جڏهن اوچتي عيد ايندي (قيامت ڏينهن ايندو) ته اگھاڙن (گنهگارن) سان گڏ اٿندينءَ. جتي سهيليون سڏينديئي، تتي سينگار لاءِ پيئي سڪندينءَ.

    5
    اَڄُ پڻ اُجَھڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
    ڀوري! توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترا؟

    اڄ پڻ ڪر موڙي آرام لاءِ پيئي آجھرين ۽ نڪي وري ڪالھ ئي ڪتيئي. اي نادان! توسان ڀتار ڪيتريون ڀلايون ڪري ڪيتريون ڪندو؟

    6
    اَڄُ پڻ اُجَھڻَ کي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪالَ؛
    مونا اُٺجِي اُکَڙِيا، اَرٽَ ڍَرڪِي مالَ؛
    هَيءِ! تنِين جي حالَ، جن ڪاپي منجھان ڪِينَ ڪَيو.

    اڄ پڻ آرام لاءِ پيئي ڪر موڙين ۽ نڪي وري ڪالھ ئي ڪتيئي. ائٽ جون ڪاٺيون الڙي ٻاهر آيون آهن ۽ ڏور به ڍلي ٿي ويئي اٿس. افسوس آهي اُنهن جي حال تي، جن ڪتڻ جي پورهيي مان ڪي ڪين پرايو. (انسان جي جوانيءَ واري غفلت ۽ پيريءَ جي بيوسيءَ ڏانهن اشارو.)

    7
    سي تو ويهي وِڃائِيا، جي ڪَتَڻَ سندا ڏينهَن؛
    اَرِٽَ اوڏِي نه ٿِئين، ڀورِي! ڀوري سِيئَن؛
    ڪَنڌُ کَـڻندِينءَ ڪِيئَن، اَڱڻِ عجِيبَنِ جي؟

    جي ڪتڻ جا ڏينهن هئا، سي تو ويٺي وڃايا. نادان! ائٽ جي ويجھو هڪ گھڙي به نه ٿي ويهين! پرين جي اڱڻ ۾ تون ڪئن منهن مٿي کڻي سگھندينءَ؟

    8
    سونَ سارِيڪا هَٿَڙا، ڪوهُ نه ڪَتِين رَڏِ؟
    ويهِي ڪُنڊَ، ڪاپو ڪَرِ، گُھتُون گوهِيُون ڇَڏِ؛
    ته صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو هُوندَ مَٽائِيين.

    توکي سون جھڙا هٿ آهن، پوءِ به تون هوڏڻ! ڪتين ڇو نه ٿي؟ تو ڪنڊ ۾ ويهي سٽ ڪت ۽ گوٿناٿيون ڇڏي ڏي ته صراف جي سڏ تي مرڪي، اُهو ناڻي تي مٽائين.

    9
    ڀَڳو ئِي ڀيرِ، جانسين رَتو راسِ ٿِئي؛
    بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، هارِي! پاڻُ مَ هيرِ؛
    ڪِتُ ڪَتِينديُون ڪيرِ، نَئين سين نه ڄاڻِجي؟

    ڀڳل ائٽ ئي ڦير، جيسين نئون ٺهي راس ٿئي. اي مورک! بڇڙي نکمڻائيءَ تي پاڻ کي نه هير. ڪل ناهي ته نئين ائٽ تي سٽ ڪير ڪتينديون؟

    10
    ڀيرِئين ۽ ڀانـئِيين، اِئَن وِڏُوڻو ڪانڌُ؛
    ويٺِي اورِ اَرَٽَ سين، ڳِچيءَ پايو پاندُ؛
    ته تُنهِنجو ئي وِڻواندُ، ڪِتو وِتو نه ٿِئي.

    تون گمراھ ٿيو، خودي ٿي ڪرين، ائين ڀتار ڏمرجي پوندءِ. ڳچيءَ ۾ پاند وجھي، ويهي ائٽ سان رهاڻ ڪر ته تنهنجو ڪتيل عيبدار سٽ به اجايو نه وڃي.

    11
    چائُتِ پائي چِتَ ۾، سَنهو ڪَتيو جَنِ؛
    تِنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلِ نه ڪَيو.

    من ۾ غير رکي، جن سنهو (نفيس ۽ سهڻو) سٽ ڪتيو، تن جو هڪ تولو به صرافن نه اگھايو.

    12
    مُحَبَتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ؛
    تِنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگھائِيو.

    جن من ۾ محبت رکي، سادو سٽ ڪتيو، تن جو صرافن تورڻ بنا ئي تسليم (قبول) ڪيو.

    13
    ڪو جو وَهُ ڪاپائِتِيَنِ، ڪنبَن ۽ ڪَتَنِ؛
    ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجھ اَچَنِ؛
    اُنِ جِيءَ سُونهَنَ، سَيَّدُ چئي، صَراف ئي سِڪَنِ؛
    اَگِھيا سُٽَ سَندَنِ، پائي ترازِيءَ نه تورِيا.

    ڪتڻ وارين کي اهڙي ڪا لنئو لڳل آهي، جو ڪتين به پيئون ۽ ڪنبن به پيئون. اُهي نفعي ڪاڻ اسر جو اچيو آتڻ ۾ وهن. اُنهن جي سٽ جي سهڻائيءَ لاءِ صراف به سڪن ٿا. اُنهن جا سٽ ڪڏهن به تارازيءَ ۾ نه تريا، پر ائين ئي اگھامي ويا.

    14
    سُٽُ اُنيِن جو سَڦرو، جي پَرِ ۾ پِڃائِينِ؛
    آوازُ اَرَٽَ جو، ساهَ نه سُڻائِينِ؛
    لِڪايو، لَطِيفُ چئي، ڪَنبِيو ڪَتائِينِ؛
    جي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلُھ مَهانگو اُنِ جو.

    سٽ انهن جو ملهائتو، جي ڳجھو ئي ڳجھو ڪتين. اُهي پنهنجي ائٽ جو آواز پنهنجي ساھ کي به نه ٿيون سڻائين ۽ ڪنبيو ۽ لڪايو سٽ ٿيون ڪتين. جي اُهي پنهنجو سٽ، ماڻڪن جي مٽ ۾ نه ڏين ته به سونهي، ڇو ته ان جو ملھ تهان ئي مٿي آهي.

    15
    ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِھ ڪِتَنِ؛
    سُٽُ اُنِ جو سَڦَرو، مَٽِيو ماڻِڪَنِ؛
    قادرَ ڪِيمَ ڪَڍَنِ، ٿيلهي ٿُلهي وارِيُون.

    ڪي عربستان ۾ سٽ اوبين، ڪي ڪابل ۾ سٽ ڪتين، اُنهن جو سٽ ملهائتو آهي ۽ ماڻڪن جي مٽ ۾ وڪاڻو، ناڻي وارا صراف، ٿلهي سٽ وارين کي ڌڪي واپس نه ٿا ڪن.

    16
    ڀيرِئين، ۽ ڀانـئِيـين، ڀانـئِڻُ ڀَڃي ڇَڏِ؛
    ڪِتو وِتو پورِهيو، هوڏَ وِجَھنديَءِ هَڏِ؛
    هِتي ڏيڍو مَٽِجِ ڏَڏِ! جتي ڏَڪَنِ ڏَهَسئي وارِيُون.

    تون گھمراھ ٿي، هٺ ۾ پيئي ڇڄين، اها خودي پرزا ڪري ڇڏ. تنهنجي اها وڏائي تنهنجي ڪتڻ جي پورهيي کي بيسود بنائيندي. اي ڄٽ! جت ڏهن سون تندن وارو ڪپڙو اُڻيندڙ يا ڏھ سئو پوڻيون ڪتيندڙ به ڪنبن ٿيون، تت تون ڏيڍو سٽ وِهاءِ. (هڪ جي بدلي ۾ ڏيڍوڻ به ڏج).

    17
    اولياڻِيانِ اَرَٽَ، ڪيڏانهن ڪَتَڻَ واريون؟
    پَهيُون مٿي پَٽَ، لُڙِجَنِ لاکِيڙَنِ جُون.

    ڪتڻ واريون ڪيڏانهن گم ٿي ويئون؟ سندن ائٽ هينئر خالي پيا آهن. لاکيڻن ڪتيندڙن جون پوڻيون پٽ تي لٽجن پيئون.

    18
    ڪَتي ڪَتي ڪالَھ، اَڄُ نه آتَڻِ آئِيُون؛
    اَرَٽُ اُکلي مالَھ، پُوري ويئِيون نِجُھرا.

    هُو ڪالھ ڪتي ڪتي هليون ويئون. اڄ آتڻ ۾ منجھانئن ڪا به نه ٿي اچي. اُنهن جي ائٽ جي ڏور ئي اُکلي پيئي آهي ۽ هو پنهنجي ڀونگائي بند ڪري ويئون. (سالڪ اڄ پنهنجن ماڳن تي ناهن.)

    19
    نه سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نه سي ڪاتارِيُون؛
    پَسِيو بازارِيُون، هِنئَڙو مون لُوڻُ ٿِئي.

    نه وڻن ۾ اُهي وونئڻ آهن، نه اُهي ڪتڻ واريون ئي موجود آهن. اُنهن ريءَ بازاريون سکڻيون ڏسي، منهنجو هنئون ڏک کان ڳريو وڃي.

    20
    تاڃِي توريائُون، عَيبَ نِڪتا اَڳِيان؛
    ڪوٺي ڪاپائِتِيُنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِيائُون؛
    اَگَلَڙي آءٌ، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نه ٿِيا.

    تاڃي جون تنديون پر کيائون ته اُن مان اڳتي هلي نقص نڪتا. صرافن، ڪتڻ وارين کي ڪوٺي، ڳجھ ڳوھ ۾ کانئن حساب ڇڪيو، مان مندي ۽ ميري، مون کان ڳنڍيون ڳوڙها سلجھي نه سگھيا.

    وائي
    ڪا هِنئين سين لاءِ ڀوري! ڪا هِنئين سين لاءِ.
    تُنبائي تاڪِيدَ سين، جِنِ پِڃايو پاءُ؛
    لَسي تَندُ، لَطِيفُ چئي، هَلي تِنِ هَٿاءُ؛
    پَهيُون تُنهِنجُون جِھرِڪَنِ جھورِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ؛
    اَرَٽَ پاسي اوجِھرِين، توکي سُمَهَڻَ آيو ساءُ؛
    آڌيءَ، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، رِوئِي رِيجھائِجِ راءُ.

    اي اَڃاڻ! ڪا هنئي سان هنڊاءِ، جن خبرداريءَ سان ڪپھ صاف ڪرائي، اُن جو هڪ پاءُ ئي پڃايو، تن جي هٿان لسي تند ڪتجي نڪتي. تنهنجون پوڻيون ڪي جھرڪين ڦٽايون، ڪي واچ اُڏايون. تون ائٽ جي ڀر ۾ پيئي ننڊ ۾ آجھري، توکي ننڊ مان سواد اچي ويو آهي. تون اڌ رات جو اُٿي هنجون هاري، راجا (رب) کي ريجھائج.


    سُرُ پورب

    داستان پهريون

    1
    ڪري، ڪانگَ! ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ؛
    آءٌ جو ڏِيَنئِي سَنِيهو، وِچ مَ وِساريجِ؛
    اَللهَ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڳُجھو ڳالِهائيجِ؛
    چُئان تِئَن چئيجِ، ته کِنياتا! خوشِ هُئين.

    اي ڪانگ! پرينءَ کي سلام ۽ نياز ڪري، کيس پيرين پئج. مان جو پيغام ڏيانءِ، سو واٽ تي وساري نه ڇڏج. ڌڻيءَ جي واسطي، ساڻس ڳجھ ڳوھ ۾ ڳالهائج. اي ڪانگا! جئن توکي چوان، تئن چئج، ته هميشہ خوش هوندين.

    2
    آءُ اُڏامِي، ڪانگَڙا! پارانڀانِ پَچارِ؛
    ويـهِي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوارِ؛
    جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

    اي ڪانگل! اُڏامي اَچ ۽ سندن (محبوبب جي) نياپن جو ذڪر ڪر. تون هت (اسان وٽ) ويهي، ميلاپ جي باري ۾ ڪا ٿوري لات لنؤ. جي ڏسڻ ۾ (ظاهري طرح) ڏيساور ۾ آهن، تن کي اُڏامي اسان وٽ آڻ. (اُنهن کي پنهنجي مٺي لات سان ريهي ريبي، واپس آڻ.)

    3
    پارانڀانِ پَچارِ، مٿي لامَ لَطِيفُ چئي؛
    ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ اَوَان جِي ڪارِ؛
    جي ڏِٺي ۾ ڏيٺارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

    تون وڻ جي ٽاري تي ويهي، سندن سنيهن جو وستار ڪر. جا اوهان جي نسل جي دستوري فضيلت آهي، تنهن کان منهن نه موڙ، جي ڏسڻ ۾ ڏينهن جھڙا ٻهڪندڙ آهن، (پرين، جن ۾ ڏينهن جھڙو سوجھرو آهي)، تن کي اُڏامي، اسان وٽ آڻ.

    4
    وَهِلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا! لَنئُن لاتِ؛
    وِيا جي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

    اي ڪانگل! ترت موٽ ۽ اچي اها لات ڪر ته ”محبوب ڄاڻ واپس آيا“. جي قلات (ڏورانهين ديس) ۾ ويا آهن، تن کي اُڏامي واپس آڻ.

    5
    ڪانگَلَ! سي ئِي ڪوٺِ، پِرِين جي پَرڏيہِ وِيا؛
    جنِين رِءَ جَهانَ ۾، اَکَڙِيُنِ اَروٺِ؛
    اللهَ لَڳِ، لَطِيفُ چئي، ڪَجِ ڳاراچو ڳوٺِ؛
    جي ڏَمِرِيا ڪَنهِن ڏوٺِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

    اي ڪانگل! اُنهن جانبن کي سڏي اچ، جي پرديس ۾ ويا آهن ۽ جن کان سواءِ جھان ۾ روئي، اکين مان آب سڪي ويو آهي. ڌڻيءَ جي واسطي، ڳوٺ ۾ اچي اهو شادمانو ڪج. (پرينءَ جي واپس اچڻ جي خوشخبري کڻي، اچي جشن ملهائج.) جي سپرين ڪنهن ڏک ڪري ڪاوڙيا آهن، تن کي اُڏامي واپس آڻ.

    6
    پِرِين جي پَرديسَ ۾، تِنِ جي ڪانگا! ڪَجِ خَبَرَ؛
    ته سَڀِ مَڙهايان سونَ سين، پکِي! تُنهِنجا پَرَ؛
    گُھمِي مَٿان گَھرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.

    اي ڪانگل! محبوب، جيڪي پرانهين ديس ۾ آهن، تن جي خبر سڻائج ته اي پکي! تنهنجن پرن تي سموري سون جي جڙت ڪرايان. پرينءَ جي گھر مٿان ڦيرا ڏيئي، کين سنيها ڏج.

    7
    ڪڍِي، ڪانگا! تو ڏِيان، هِنئون ساڻُ هَٿَنِ؛
    وَڃي کاءُ وِلاتَ ۾، اڳيان عَجِيبَنِ؛
    پِرين مانَ چَوَنِ، ته هِئَن قُرِبانُ ڪيرُ ٿِئي!

    اي ڪانگا! مان توکي پنهنجي دل، پنهنجن هٿن سان ڪوري ڪڍي ڏيان. تون جانبن اڳيان ولايت (پرديس) ۾ وڃي اُن کي کاءُ ته من محبوب چون ته ”ههڙي نموني ڪير ڪسجي، قربان ٿي آهي؟“

    8
    ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا! اچِي وائِيءَ وَڻُ؛
    تو ۾ بُوءِ بَهارَ جِي، مُشڪَ کَـٿورِيءَ مَڻُ؛
    اچِي عَجيبَنِ جو، اورانگِھجِ اَڱَڻُ؛
    تو کي پَسِي تَڻُ، سُورَنِئان صافُ ٿِئي.

    اي پرينءَ جا ڪانگل! تون ڪا اچي وڻندڙ وائي ڪر. تو ۾ بهار جي سرهاڻ آهي ۽ مشڪ يا کٿوريءَ جي مڻ جيتري خوشبوءِ آهي. تون محبوبن جي اڱڻ مٿان اڏامي، پار وڃج. توکي ڏسي، منهنجو سرير، سورن کان صاف (آجو) ٿو ٿئي.

    9
    آندِيوُن ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واهَ؛
    مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيون سَرَهائِيُون ساهَ؛
    آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنهِنجا سابِ پِيا.

    اڄ ڪانگل، پرينءَ وٽان واھ جون واڌايون آنديون آهن. منهنجي اندر جون آسون پنيون ۽ منهنجي جان ۾ خوشيون لڳي ويئون. ڌڻيءَ محبوبن کي واپس آندو ۽ منهنجا سڏ سجايا ٿيا.

    10
    ڪانگَلَ! تُنهِنجِي ڇانگَ، جَڏو جِيُ جِياريو؛
    مٿان لامُنِ لَتَ ڏِيو، ٻولِئين سِرِ ٻيلانگَ؛
    اُڏِرُ مٿان ڦانگَ، ته گَھرِ آوَنِ سُپِرِين.

    اي ڪانگل! تنهنجي اُڇانگ (ٽپي)، منهنجو جڏو جسم سڄو ڪيو. تن ٻين ٽارين کي لتاڙيو، ٻٽي ٽاريءَ جي مٿان ويهي ٿو لاتيون لنوين. تون ٽاريءَ مٿان اُڏامي اچ ته محبوب منهنجي گھر اچن.

    11
    ڪانگَلَ! نيئِي ڪانگِ، مُنهِنجِي ڏي مَحِبُوبَ کي؛
    ”لالَنَ! لايَـئِي ڏِينهَڙا، ڪَنهِن سِٽاڻي سانگِ؛
    اَوان رِءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِهَ وَسائِيان.“

    اي ڪانگل! منهنجو هي پيغام وڃي پرينءَ کي رساءِ. ”اي جانب! تو ڪنهن ضروري سانگي وڃي هيترا ڏينهن لاتا آهن! اوهان کان سواءِ مان ڏکي، وڇوڙي جي پچ ۾ ويٺي گھاريان.“

    12
    رِءَ پِرِيان پَرديسَ ۾، وِرِهَ وَڌِي ڪِي وَسَ؛
    اَکِـيُون پارِ پِرِيُنِ جي، ٿِيوُن گامَ نِهارينِ گَسَ؛
    ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِينءَ جُون آڻي خَبَرُون.

    پرديس ۾ رهندڙ پرينءَ کان سواءِ، درد وڌي، منهنجي مٿان وسڪارا لائي ڇڏيا آهن (يا درد وڌڻ سان وس ڪيا آهن)، اکيون پرينءَ جي طرف (پرينءَ جي انتظار ۾)، ڳوٺ جون واٽون پيئون تڪين. قاصد، نيٺ خوشيءَ جي خبر آڻي ڏيندا.

    13
    زاغَ! تُنهِنجِي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون؛
    اُڏامِجِ، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، صُبحَ سيڻَنِ ڏُون؛
    ڪَجِ وينَتِـيُون وِتَرِيُون، ٻاجھائِجِ ٻَهُون؛
    ته ”لالَنَ! ڪونَ لَـهُون، جِھو تو جَهانَ ۾.“

    اي ڪانگل! تنهنجي ذات جو مون تي احسان آهي. صبح جو پرين ڏانهن اُڏامج. تون کين گھڻيون منٿون ڪج ۽ گھڻو ليلائي چئج ته ” اي جانب! هن جهان ۾ تو جھڙو ڪوبه ڪونه ٿا پسن.“

    14
    قَرِيبَنِ جو ڪانگڙو، مٿي ٽارَ ٽِلي؛
    کَـڻِيو کِنياتو خَبَرُون، کِيرُون ڏِيو کِلي؛
    لائِي جَنهِن لالَنَ سان، مُنهِنجي باتِ بِلي؛
    سو وَرُ چَشِمَنِ سان چَلي، جو دَرِبارِي دوسَ جو.

    محبوبن جو ڪانگل، ٽاريءَ مٿان لڏي ۽ لمي پيو. ڪانگل واڌاين جون خبرون کنيو، ٽڙي ۽ مشڪي پيو. اُنهيءَ، جانب کي منهنجي ڳالھ وڃي پهچائي. اُهو ڀل ته منهنجين اکين مٿان هلي، جو دلبر جو درٻاري آهي. (جي دلبر جي درٻار مان ٿي آيو آهي.)

    داستان ٻيو

    1
    تَن اَکِيُنِ اُتان سُکَ، کِلندي کَڻَنِ جي؛
    پِرِيُنِ پاٻوهَڻَ سان، ڏُورِ ڪَيا سَڀِ ڏُکَ؛
    ماڙُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنَا ڪيا.

    تن نيڻن مان سُک حاصل ٿيا، جي سپرين کلندي مٿي ٿا کڻن. جانبن، مرڪڻ سان، مڙيئي درد ميٽي ڇڏيا. ماڻهن جي ليکي ته جوڳين کي بک ڳاري سنهو ڪيو آهي، پر هنن کي درد ڳاري سنهو ڪيو آهي.

    2
    سامي چائِيـين، سُکُ طَلبِئين، سِکِـئين نه، سامِي!
    اَڃا اورِئين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي؛
    گُـرَ کي تُون نه گَڏِئين، چائِيـين اِنعامِي؛
    دائِمُ مُدامِي، پورو رَهِجِ پِرِينءَ سين.

    پاڻ کي سامي (جوڳي) ٿو چوائين ۽ سک ٿو چاهين، اي سامي! تون ڪين ڪکئين! (تون جوڳ مان ڪي ڪين پرايو). تون سفر ۾ (روحاني راھ) ۾ ويجھو ئي بيحال ٿي ويهي رهين. تون گروءَ سان سنمک نه ٿئين (گروءَ جي هدايت ٿي هلي، وٽس سرخرو نه ٿئين.) ۽ پاڻ کي انعام حاصل ڪيل (منزل جو صاحب) ٿو چوائين. هميشہ تون پنهنجي پرينءَ سان وچن ۽ ويچار ۾ سچو رهج.

    3
    پُورَبِيا پُوري وِيا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ؛
    سُيَمِ نه سَنياسِيُنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ؛
    ڪا جا جوڳِيءَ ذاتِ، مِٽَ نه معذُورَنِ جا.

    پورب جا رهواسي (روحاني ولايت ۾ وسندڙ جوڳي)، آڌيءَ رات جو پنهنجا آستان ئي بند ڪري ويا. اسر جو اُنهن آديسين جون تنوارو ٻڌڻ ۾ نه آيم. جوڳين جي ذات اهڙي ڪا آهي جو هو درد جي ماريلن جا ڪڏهن به مائٽ نه ٿا ٿين. (جوڳي بي پرواھ آهن ۽ طالبن لاءِ ذرو به ترس ڪونهين.)

    4
    مٿي راهَ رَوان ٿِيا، پُورَبِ پُورِيائُون؛
    هي گَھرُ گھورِيائُون، آڳانڍِيائُون اڳِيان.

    جوڳي سفر تي روانا ٿيا ۽ پورب (روحاني ولايت) ڏانهن راهي ٿيا. هتي جو آسڻ ترڪ ڪيائون ۽ وڃي ڏورانهين ڏيھ ۾ پکا اڏيائون.

    5
    پُورَب پُورَب تَبِ ڪَرُون، جَب هِنئَڙي آوَنِ پُورَ؛
    سِڪَندي کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ؛
    مارِيَسِ تَنهِن سُورَ، جِئَن ساڄَنُ سُڄي، نه مِلي.

    ”پورب! پورب!“ تڏهن ٿو پڪاريان، جڏهن دل ۾ جوڳين جا خيال ٿا اچنم. پرينءَ لاءِ سڪندي، منهنجن نيڻن، ڳوڙهن جا وسڪارا وهايا. مون کي انهيءَ درد جھوريو آهي، جو سجھيم ٿو يا سڻجي پيو ته ساجن نه ملندو. (رسالي ۾ ڪي جزوي بيت آهن، جن ۾ ڪي اهڙا هني لفظ ڪم آيل آهن.)


    سُرُ ڪارايل

    داستان پهريون

    1
    ”وَحۡدَهٗ“ وائِي، چَڙَهندي چَيائِين؛
    سو لُڙُ لَنگِھيائِين، جِتي پارَکَ پَکِيان.

    هنج (ڪامل درويش) اُڏامندي، هيءَ تنوار ڪئي: ”هو (ڌڻي) هڪ آهي.“ هو اُهو ڪارونڀار اُڪري ويو (هن دنيا مان سوڀارو ويو)، جتي پکين (انسانن) جي آزمائش آهي.

    2
    ٻَگَھنِ سين ٻاڻُ هَڻِي، اُڏاڻو آڪاسِ؛
    جِتي پِرِين سَنداسِ، سو سُر مَڻي هَنجَڙو.

    ٻگھن جي صحبت ترڪ ڪري، هو (هنس) عرش ڏانهن اُڏاڻو. جنهن چشمي ۾ سندس سپرين آهي، تنهن ڏانهن هنج اُڏاڻو. (ڪامل وڃيو رب جي حضوري ماڻين.)

    3
    اکڙيُون اوڙاهَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ؛
    پِٿُون جي پاتارِ، هَنجُ تنِين جو هيرَئُون.

    هنج تون اکيون اونهي عميق (روحاني سمنڊ) ۾ آهن ۽ هو بيٺو تار پاڻيءَ کي جاچي. هنج اُنهن موتين تي هريل آهي (اُنهن موتين جو تاڪائو آهي)، جي سمنڊ جي تري ۾ آهن.

    4
    وَڃِين نه پيهِي، پِٿُنِ لَءِ پاتارَ ۾؟
    ڪنڌِيءَ ۾ ڪيهِي، هاجَ تُنهِنجِي هَنجَڙا.

    موتين ڪاڻ تون سمنڊ جي تري ۾ نه ٿو پيهي وڃين؟ اي هنج! ڪنڌيءَ سان تنهنجو ڪهڙو ڪم يا تعلق آهي؟

    5
    ٿِيو حُضُورِي هاڻِ، سوجھا پِيَسِ سَرَ جي؛
    کَنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِـيَڙي پاتارَ ۾.

    هنج هاڻ اچي عميق جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ کيس ساگر جي سڌ پيئي (هن روحاني راز پروڙيو). هن سونجھي پکيءَ (ڪامل فقير) پاتال ۾ وڃي خزانو ڳولي هٿ ڪيو.

    6
    اڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ؛
    اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تَنهِن سَرَ مٿي هَنجَڙا.

    صاف پاڻي ميرو ٿيو، ڇو ته ان کي ڪنگن اچي خراب ڪيو (جئن ڪوڙن اچي روحاني مجلسن تي پنهنجو سڪو ڄمايو آهي.) اُنهيءَ چشمي تي ويچارا هنج ايندر ئي پنهنجي شرم ۾ پيا مرن.

    7
    هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نِهارِئين؛
    ٻَگَھنِ ساڻ ٻِيهارَ، ٻيلَھ نه ٻَڌِين ڪَڏهِين.

    جي تن (اي انسان!) هڪ واريءَ تڪي توري، هنجن (سچن فقيرن) سان نهاري هلين (سندن صحبت ۾ رهين) ته وري ڪڏهن به ٻگھن (دولابين) جي سنگت اختيار نه ڪرين.

    8
    آءُ اُڏامِي هَنجَڙا! سَرَ ۾ سارِينَئِي؛
    مَتان مارِينَئِي، پاڙِهيري پَھُ ڪَري.

    اي هنج! (سچا انان!) تون اُڏامي هليو اچ، ڇو ته توکي (روحاني ولايت) ۾ ياد پيا ڪن. (روحاني سردار توکي سارين پيا.) متان شڪاري ڪو منصوبو رچي، يا حرفت هلائي، توکي ماري (هتي شڪار معنيٰ دنيوي حرص).

    9
    ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛
    ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛
    تَنهِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنهِن مُحبَتي ميڙِيا.

    ڪنول گل جو پاڙون پاتال (ڌرتيءَ) ۾ آهن. ۽ ڀؤنر (اُن جو عاشق) آسمان ۾ پرواز ڪندڙ آهي. ٻنهي جي سڪ، مالڪ پوري ڪئي. اُنهيءَ عشق کي آفرين هجي، جنهن نينهن وارن کي هڪ ٻئي سان ملايو. (جئن ڪنول ۽ ڀؤنر هڪ ٿيو وڃن.)

    10
    ڪَؤنر پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنرُ ڀِري ۾ سُڃَ؛
    ٻِنِين سَندِي ڳالھڙِي، عِشق اِيُّ اُهڃَ؛
    توءِ نه لَهينِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.

    ڪنول جون پاڙون پاتال ۾ آهن ۽ ڀؤنر سڃ ۾ (آسمان ۾ جتي ڪا وسندي ناهي) ٿو گھمي. ٻنهي جو ميلاپ نينهن جي نشاني آهي. هو پاڻ ۾ محبت جون سرڪيون پيئو پيا پيئن، ته به سندن اُڃ نه ٿي اُجھامي.

    11
    جيهَرَ لوڪُ جَھپَ ڪري، اوهيرَ اُڏامَنِ؛
    پِٿُون جي پاتارَ جا، چيتارِيو چُڻَنِ؛
    ڪوهُ ڪَندا کي تَنِ، پاڙِهيڙِي پَہُ ڪَري؟

    جنهن وقت ماڻهو ننڊ ڪن، تنهن وقت هنج (سچا سالڪ) پرواز ڪن. ماڻڪ، جي پاتال ۾ (عميق جي تري ۾) آهن، سي هو چتائي يا جاچي ٿا چڻن. شڪاري حرفت هلائي، هنن کي ڇا ڪندا؟ (دنيوي حرص مٿن ڪهڙو اثر ڪندا؟)

    12
    وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو؛
    وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو.

    مڙيئي مور (سچا انسان) مري ويا ۽ هڪڙو به هنج (ڪامل درويش) هينئر نه رهيو آهي. هي ساڻيھ (جھان) وري ڪوڙن ڪانيرن (دولابي ۽ ڪميڻن انسانن) جو ٿي پيو آهي.

    داستان ٻيو

    1
    سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي هَنجُ؛
    پيهِي جان پَرُوڙِيو، مون پانهِنجو مَنجُھ؛
    ڏِيلَ جَنهِن جو ڏَنجُھ، سو مارِي ٿو مَنجِھ ڦِري.

    پکي، پڃرو، چشمو ۽ هنج سڀ هڪ ئي آهن. مون اندر ۾ جھاتي پاتي، جان ئي پنهنجو راز پروڙيو، تان ئي معلوم ٿيم ته سرير کي جنهن شڪاريءَ جو ڏر يا جوکو آهي، سو به اندر ئي ڦرندو وتي. (هنج=روح، پڃرو=سرير، چشمو=روحانيت جو سمنڊ، شڪاري=نفس يا موت.)

    2
    سَنها ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسِينگَنِ جا؛
    جَنِين جي جَھڙَپَ، هاٿِي هَنڌان ئِي نه چُري.

    واسينگن جي ٻچن کي سنها نانگ نه ڪري سمجھ، جن جي ڏنگ لڳي، هاٿي به جيڪر پنهنجي جاءِ تان چري نه سگھي.

    3
    آسَڻَ جن اَريجَ ۾، اُوءِ ڪَڇَرَ وِهَ کَري؛
    تِن جا مُنهَن مَلَڪَنِ جَهِڙا، ٽِڪو نان نه ٽَري؛
    جي اُنهِين ساڻُ اَڙي، ته ڪانهي جاءِ جَرِيءَ جي.

    جي نانگن جا آستان، برپٽ ۾ آهن، سي قاتل زهر وارا آهن. اُنهن جون صورتون فرشتن جھڙيون آهن. (ڏسڻ ۾نهايت سهڻا آهن)، پر سندن ڏنگ، مارڻ کان نه ٿو گسي. جي اُنهن سان پلاند اڙي، ته پوءِ رتيءَ جو به ساڻن پڄڻ ڪونهي.

    4
    آسَڻَ جن اَريجَ ۾، تن جي وِهُ جو وَرَنُ ٻِيو؛
    تن جو ڪَنڊو ئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسِ پيرُ پِيو؛
    پُرِيَنِئان آهي پَڌِرو، تن نانگَنِ جو نِهو؛
    ڪِلي ويلَ ڪِهو، جو سامُهون ٿِئي سَپَنِ کي؟

    جن نانگن جا ڏيرا رڻ ۾ آهن، تن جي زهر جو رنگ ئي ٻيو آهي. اُنهن جو ڪنڊو ئي (جنهن ڪنڊي تي سندن زهر هاريل هجي، سو) فنا ڪيو ڇڏي. جي ڪنهن جو پير اُتس اچي وڃي. اُنهن نانگن جو نسل، ڏيهان ڏيھ مشهور آهي. ويڙھ جي وقت ڪير آهي، جو نانگن سان مقابلو ڪري؟

    5
    ڪَنهِن ڪَنهِن ڪاريءَ ذاتِ کي، مورَ به مَٽائِينِ؛
    جي چَتُرا چَکِيا ڪَري، ته وَڳَ وَرائي ڏِينِ؛
    ساٿَ سَمُورا نِينِ، جي مَٺين ڀانئي موٽِيا.

    دمگن جي ڪنهن ڪنهن بڇڙي ذات کان مور به پاسو ڪيو وڃن (هوءِ مور، نانگن کي وچان کنيو، وٺيون ڪنهن اوچائيءَ تان هيٺ سٽي، ۽ ائين کيس فنا ڪيو ڇڏي.) جي اُها بڇڙي ذات، چٿرائيءَ يا چاڪا ڪيءَ سان ڪکي وجھي ، ته هو (مور) پنهنجا سمورا ساٿ موٽائي هليا وڃن. جو مور نانگن جي اُنهيءَ ذات کي نحس سمجھي موٽيا ته پوءِ پنهنجا سمورا وڳ اُنهيءَ ماڳ تان لڏايو وڃن.

    6
    پَهرِين ڪاري نانگَ جِي، ڪو ڇِرڪِيَلُ ڇيڙَ ڪَري؛
    هي هَڻي ڏَنگَ ڏَسائِيو، ته ويجھو تان نه وَري؛
    جيڪي ٽَپِ مَري، جيڪي سِڪي صِحَتَ کي.

    پهرين ڪو کٽيءَ کنيو، ڪاريهر (واسينگ) سان چرچ ڪندو. جي هو چتائي ڏنگ هڻي، ته ڪکيل ويجھو ئي (پنهنجي ماڳ تي) وري نه موٽي. يا ته انهيءَ دم مري، يا ته سار ڄمار وتي صحت لاءِ سڪندو (هو وري سنئين لڱين نه ٿيندو.

    7
    کَـپُرَ! گاروڙِيُنِ سين، وڏو وِڌُءِ ويرُ؛
    نانگَ! نه ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرِ مَٿي پيرُ؛
    هِيُّ تنِين جو ڊيرُ، جن جُهوناڳَڙُھ جَلائِيو.

    اي ڪاري! تون منڊ منڊيندڙ جوڳين سان دشمي رکي آهي. اي نانگ! تون وٽائن پاڻ بچائي واپس نه ويندين. تو وڏي خطري مٿان پنهنجو پير رکيو آهي. هي اُنهن جو ديرو آهي (اُنهن جوڳين جو آستان آهي) جن ساري جھوناڳڙھ جي جھنگ کي يوگ ٻل سان جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو.


    سُرُ پرڀاتي

    داستان پهريون

    1
    اِيُّ نه ڀانَنِ ڀيرُ، جِئَن ڪينَرُ ڪِيرِيءَ ٽَنگِيو؛
    سُونهاري صُبُوحَ سين، وِجِھي ويٺين ويرُ؛
    توکي چَوَندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ ڌاران مَڱَـڻو؟

    اِها مڱڻهارن جي ريت ناهي، جو سندن سرندو ڪليءَ ۾ ٽنگيو پيو هجي. تون سهڻي صبوح سان وير وجھي ويهي رهين (اسر جو اُٿي تو ڪير تن نه ڪيو) توکي ڳائڻ وڄائڻ بنا مڱڻهار ڪير سڏيندو؟

    2
    سُتو ڪِئَن نِنڊُون ڪَرِين، رو وِهاڻِيءَ روءِ؛
    سُڀان سازُ سندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

    تون سمهي ڪئن ٿو ننڊون ڪرين، اسر جو اُٿي رويو روءُ. سڀان تنهنجي مئي پڄاڻا، تنهنجو ساز پٽ تي بيڪار پيو هوندو (اُنکي وڄائڻ وارو ئي نه هوندو). (هتي اشارو انسان جي ڪايا ڏانهن آهي، جا اڄ نه سڀان ڊهي پوڻي آهي.)

    3
    سيراندِيءَ سازُ ڪيو، سُمهِين سارِي راتِ؛
    جاجِڪاڻي ذاتِ، اِيَ هوءِ اَڳَهِين؟

    پنهنجي سيرانديءَ کان سرندو رکيو، سموري رات ننڊ ۾ ٿو گھارين. ميراثين جي ذات، ائين ملھ مان واري ٿيندي؟ (مڱڻهار انسان آهي. جي هو غافل رهيو ته ڌڻيءَ وٽ سرخرو ڪين ٿيندو.)

    4
    جنِين سُکُ ناهِ ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ؛
    رُڃُنِ راهَ پُڇَنِ، مٿي ڪُلَهنِ ڪِينَرا.

    چارڻ اُنهن کي چئجي، جن کي ڪا ويساند يا آرام ناهي. چارڻ اهي چئجن، جي ڪلهن تي سارنگيون ڪري، رڃن جي واٽ ڳولين.

    5
    مُوڙهو ڀُڻين مَڱَـڻا! ڪيڏانهن هُئين ڪالَ؟
    لَنگھا! ڇَڏِ، لَطِيفُ چئي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ؛
    سَپَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ ته قيمَتَ آڻِئين.

    اي مڱڻهار! تون منجھيل ۽ ملول ٿيو ڇو ٿو گھمين؟ ڪالھ تون ڪٿي هئين؟ اي چارڻ! تون اهي بي ذوقيءَ جا ڪرتوت ڇڏي ڏي. سپڙسخيءَ جي در تان مڱ ته ملهائتا ڏاڻ لهين.

    6
    چارَڻُ لَڱو، پَنڌُ گھڻو، ڪِي چوٽاڻِيءَ چَئيجِ؛
    هِتِ ڪِي هلائيجِ، اُتي آءٌ نه اچڻو.

    چارڻ جسم ۾ جڏو آهي ۽ پنڌ گھڻو آهي (جو هو نه ڪري سگھندو). تون ڇٽ ڌڻيءَ کي چئج ته ”مون کي هت ڪي ڏان ۾ ڏئي، مان اُتي (سندس محل ڏي) اچڻ جھڙو ناهيان.“

    7
    جيڪِي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجِھيان ئِي ڳُجَھ ۾؛
    سي جي سُڻَنِ ڪَڏَهِين، ڪِرِتِ وارا ڪي؛
    ته سازَ مِڙوئي سي، هُوندَ پِٿون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

    جيڪي ڌڻي مڏن مڱڻهارن کي ڳجھ ئي ڳجھ ۾ ٿو ڏئي، سو جو ڪيرتن ڪندڙ (ربابي) ٻڌن ته ساعت ۾ پنهنجا سمورا ساز ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏين.

    8
    اُتِ ڪِرِتِ وارا ڪيتِرا، ڪِرِتِ ڪَبو ڪوهُ؟
    جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪري، سو مِڙوئِي ڏوهُ؛
    تون پارِسُ، آءٌ لوهُ، جي سَڃِين ته سونُ ٿِيان.

    اُتي (ڌڻيءَ جي حضور ۾) گھڻيئي ڳائڻ وارا (ساراھ ڪندڙ) آهن، ڳائڻ سان ڇا ٿيندو؟ جيڪي ٻانهو (انسان) ڪري، سو مڙيوئي گناھ ۾ داخل آهي. تون پارس آهين ۽ مان لوھ، جي مون کي نظر سان نوازين ته سون ٿي پوان.

    9
    اُٿِيو اَٻوجھاءُ، سَپَڙَ جو سَڏُ ٿِيو؛
    جِئَن اَئِين ڪِيرَتَ ڪَٽُ نه سِکِيا، تِئَن پاڻا رِيڌو راءُ؛
    مڱو مون مُلاءُ، آءٌ اَوهان جو آهِيان.

    اي اٻوجھ انسانو! اوهان کي سپڙ سخيءَ (ڏاڻ ڏيندڙ ڌڻيءَ) جو سڏ ٿيو آهي. جئن ته اوهين ڳائڻ (ساراھ ڪرڻ) هرگز نه سکيا، تنهن صورت ۾ شاھ پاڻيهي راضي ٿيو آهي. هُو چوي ٿو: ”مون کان گھرو، ڇو ته مان اوهان جو آهيان.“

    10
    ڏاتِ نه آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لَهي؛
    آريُون اَٻوجَھنِ جون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي؛
    جو راءَ وَٽِ راتِ رهي، تَنهِن جُکِي تان نه ٿئي.

    روحاني فيض جي عنايت، ڪنهن ذات تي منحصر ناهي. جو جوڳ پچائي، سوئي اُن کي پائي. اٻوجھن جا آرا انگل، سپڙ ڄام (ڌڻي ٻاجھارو) برداشت ٿو ڪري. جو راجا وٽ رات گھاري، تنهن کي ڪو به ڏک سور نه ٿو رسي.

    11
    ڏَڏُ ٿِي ڏانُ گُھريجِ تُون، ڇَڏِ وِڄا وِڃائي؛
    سَپَڙَ راتِ سَنباهِيا، تازِي تو لائي؛
    جو ڄاڻي نه ڳائي، تَنهِن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجَھ ڪِي.

    تون اڻ ڄان ٿي، دان گھرج، پنهنجي ڄاڻ وساري ڇڏ. سپڙ ڄام ڪالھ رات تولاءِ تازي گھوڙا سنجيا ۽ سنبرايا آهن. جو هرگز ڳائي نه ڄاڻي، تنهن تي لس ٻيلي جي حاڪم (سپڙ سخيءَ) مهر ڪئي.

    12
    پِيو ليٽِين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين؛
    اُٿِي آڌِيءَ نه ڪَرِئين، سَپَڙَ ساڻُ سَهَٽَ؛
    رُونجھي راتِ اُپَٽِيا، پيٽِنِيَئُون پاڻَيٽَ؛
    ميڙي تِئان مَٽَ، چُونڊي ڀَرِيا چَارڻين.

    تون الوٽ ٿيو، سڄيون راتيون پيو ننڊون ڪرين. تون آڌي رات جو اُٿي، سپر ڄام (ڌڻي سڳوري) سان رهاڻ نه ٿو ڪرين! رونجھي ذات جي راجا، رات پيتين مان ماڻڪ ڪڍي نروار ڪيا. مڱڻهارن (سچن سالڪن) اُهي ميڙي، پنهنجا مٽ پُر ڪيا.

    13
    ڏاتارَ ڏُکَ ڪَيا، پاڻا مَٿي مَڱَـڻين؛
    ”مُون دَرُ ڇَڏِيو، مَڱَـڻا! مَڱِين ڪوهُ ٻِيا؟
    تَڏِهن تو پِيا، وِچان وِلَھا ڏِينهَڙا.“

    ڏاتار (سپڙ سخيءَ يعني ڌڻي سڳوري) اُٽلو مڱڻهارن کي ڏوراپا ڏنا ته ”اي مڱڻهار! منهنجو در ڇڏي، ڇو ٿو ٻين درن تان پنين؟ انهيءَ ڪري ئي توکي وچ ۾ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.

    14
    مَڱُ تَنهِين کان، مَڱَـڻا! جو ڏِيهاڙي ٿو ڏِئي،
    ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ! مَڱِين جي؛
    سُڀان توهِين کي، موٽي ڏِيندا مُنهَن ۾.

    اي مڱڻهار! تون انهيءَ کان دان گھر، جو ڏهاڙي پيو ڏئي يعني ڌڻيءَ کان). اي چارڻ! جن دنيا جي درن تان (دنيوي ماڻهن کان) ٿو پنين، سي جوٺا اٿيئي. اُهي سڀاڻي توکي منهن تي مهڻا ڏيندا.

    15
    کَڙَھَ اَڳِيان کَپُ، ڏِهاڻِي ڏاتارَ جي؛
    لَنگھا! لاهِ مَ لِکَ سِيئَن، مَٿان چانئُٺِ چَپُ؛
    مَڱَـڻهارَنِ مَپُ، ڪونهي ٻِيو ڪِيرَتَ ري.

    اي منگتا! تون سخي سردار جي آستان اڳيان، ڏهاڙي پيو پاڻ ڳار. اي مڱڻهار! متان تون سندس چائنٺ تان تر جيترو به چپ پري ڪرين (اُن کي چميو پيو چم) مڱڻهارن لاءِ سواءِ ڳائڻ جي ٻيو ڪو به وسيلو ناهي.

    16
    سَپَڙُ ساهُ پَساهِ، جاجِڪ! جِمَ وِسارِئين؛
    ريهي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ؛
    لَنگھا! تون لِيلاءِ، اڳِيان وڃِي اُنَ جي.

    اي چارڻ! تون متان ڪو دم سپڙ سخيءَ کي وسارين. تون سرندي کي ريھ ڏيئي (ساڄو ڪري)، اُن ۾ چانديءَ جون تارون وجھ. اي مڱڻهار! تون وڃي هن اڳيان منٿون ميڙون ڪر.

    17
    تُون سَپَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تُون صاحِبُ، آءٌ سَڳُ؛
    پُڇِي تُنهِنجو پَڳُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.

    تون سپڙ سردار آهين، مان مڱڻهار آهيان، تون صاحب آهين مان تنهنجو ڪتو آهيان. تنهنجي پر پڇي (ڏس پڇي) ڪُلهي تي سرندو رکيو اٿم.

    18
    تُون سَپَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تُون ڏاتارُ، آءٌ ڏوهُ؛
    تُون پارِسُ، آءٌ لوهُ، جي سَڃِين ته سونُ ٿِيان.

    تون سپڙ سردار آهين مان مڱڻهار، تون سخي آهين، مان سراپا گناھ ئي آهيان. تون پارس آهين، مان لوھ، جي نظر سان نوازين ته سون ٿي پوان.

    19
    اُڀِرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي؛
    سَپَڙُ رِيسارو، چِتِ پَرِکي چارَڻين.

    پرھ جو تارو نڪري نروار ٿيو آهي، تون اُٿي، ڪانڌ (ڌڻيءَ) کي ريجھائڻ لاءِ اسر جي راڳڻي ڳاءِ. سپڙ (رب) غيرت وارو آهي ۽ مڱڻهارن جون دليون ٿو پرکي. (ڌڻي ريسارو آهي. جئن سر ليلا چنيسر ۾ ڏيکاريل آهي). هو انسان جي دل جي پرک ٿو لهي، ٻاهرين سارھ کي هو نه ٿو ڏسي.


    سُرُ ڏهر

    داستان پهريون

    1
    ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِـيُنِ جُون؛
    ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪَنهِن پَرِ ڏِينهَن گُذارِئين؟

    اي ڪنڊا وڻ! تون مهراڻ جي مالڪن (شاهوڪار وڻجارن) جون مون کي ڳالهيون سڻاءِ. اُتي اوج واريون راتيون ۽ ڏينهن ڪهڙيءَ ريت گذاريندو هئين.؟

    2
    جان تو هُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍور ڌَڻِـيُنِ جو؛
    مٿي لامُنِ ٻُورُ، مورِيءَ مَڃَرَ نه ڪَرِئين.

    اي ڪنڊا! جي توکي مهراڻ جي مالڪن جي وڇوڙي جو درد آهي ته تون ماڳهين پنهنجي ٽارين جي ٻور مٿان سڱر ئي پيدا نه ڪر.

    3
    ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهي؟
    جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گَڏِيو پَهِيَڙو؟

    اي ڪنڊا! تڏهن تون ڪيڏو هئين، جڏهن مهراڻ تار ٿي وهيو. توکي هاڻ جسودن جھڙو پانڌيئڙو ڪو گڏيو آهي.؟

    4
    سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِيا؛
    جُنگنِ ڇَڏِيو زورُ، سَرُ سُڪو، سُونگي گَيا.

    سچ ته مهراڻ سڪي ويو آهي ۽ اُن جي ڪنڌيءَ تي هينئر اڪ جا وڻ ڦلاريا بيٺا آهن. شاھ وڏن واپارين جو اوج هليو ويو، درياھ سڪي ويو ۽ محصول وٺندڙ به وڃڻ کي ويا.

    5
    سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِيو، ڪنڌِيءَ ڏِنو ڪائو؛
    سو پاڻي پَٽِيهَلَ ۾، اَڳِيون نه آيو؛
    ماڙُهنِ ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين ڀيڻـئِين.

    هينئر مهراڻ سڪي تر وڃي جھليو آهي ۽ سندس ڪنڌيءَ تي ڪک اُڀريا بيٺا آهن. پٽيهل نهر ۾ ساڳيو اڳيون پاڻي وري موٽي نه آيو. هاڻ ڪنهن ڪنهن هنڌ مس ڪو ماڻهن جو ميڙ ٿو پسجي.

    6
    ڍورُ نه اَڳـينءَ ڍارَ، مهَندِ مَلاحَنِ لَکِيو؛
    موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻيءَ پارَ؛
    جَسودَنِ جيها يارَ، پِيَڙا وِيرَ وِماسَ ۾.

    ڍور (مهراڻ) اڳين ٽوڙ تي نه آهي. ملاحن اهو اڳيئي پرکيو هو. پاڻيءَ جا افعال ڏسي، هو پنهنجا ٻيڙا ڇوڙي ٻئي طرف موڙي هليا ويا. جسودن جھڙا جانب ۽ شاھ وڻجارا وڏي فڪر ۾ پئجي ويا آهن.

    7
    جان واهُڙَ ۾ وَهُ، تان تون، مَڇَ! نه موٽِئين؛
    ڪائي ۾ ڪوه ڪَرِئين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ؟
    سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهِميزُون مَلاحَنِ جُون.

    اي مڇ! جيسين درياھ ۾ وهڪرو هو، تيسين تو موٽڻ جي نه ڪئي. پوءِ سڪيءَ ۾ موٽڻ جو ڇو ٿو خيال ڪرين.؟ هاڻ پنهنجي سر مٿان ملاحن جو مارون جھل.

    8
    جان جَرُ هُئَڙو جالَ، تان تُون، مَڇَ! نه موٽِئين؛
    پَوَندِيَءِ اَڄ ڪِ ڪالَ، سانڀويُون سانگِنِ جُون.

    جيسين پاڻي اجھل هو، تيسين اي مڇ! موٽڻ جي نه ڪيئي. اڄ يا سڀان ملاحن جون ڄارون مٿان پونديءِ.

    9
    جان جَرُ هُئڙو سِيرَ، تان تُون، مَڇَ! نه موٽِئين؛
    آڏا اَڏي ڪِيرَ، گَھٽَ به جَھـلِيَءِ گھاتُئين.

    جيسين پاڻي تار هو، تيسين اي مڇ! تو موٽڻ جي نه ڪئي. هاڻي مهاڻن ڪلا کوڙي، واهون اچي روڪيون اٿيئي.

    10
    مَتو آهِين مَڇَ! ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين؛
    جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تَنهِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينهَنڙا.

    اي مڇ! مچي ٿلهو ٿيو آهين ۽ وتين ٿو مستيءَ ۾ ٿونا هڻندو. جنهن تار پاڻيءَ جي اڇ کي ڏسي تون ڀلئين، تنهن جا ڏينهن پورا ٿي ويا.

    11
    ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏهِن هَنيائُون؛
    موتِ نه ماريائُون، ڏورِ ڏئي وِيا ڏُکَ جِي.

    جڏهن منهنجي پرينءَ مون کي ڪلين ۾ قرب جي ڪنڍي هنئي، تڏهن مون کي اُڦٽ نه ماريائون، پر هميشہ لاءِ مون کي جھوريءَ جو ڌاڳو وجھي ويا.

    وائي
    لايَءِ جا وَرۡنَ کي، سا ڪانڌَ! مُنهِنجي ڪورا.
    ماءُ! مارِيندَمِ ڪَڏهِين، هِنَ پِرِينءَ جي هورا؛
    اَچَنِ پِرِين پَٻَکِيا، ڪَرَ ٻاٻِيهو جِئن مورا؛
    سيڻين سِرکَنڊُ سَپَجي، ٻِيو عَطُرَ پِرِين اَتورا؛
    ڇَپَرُ کَـٿُورِي ٿِيو، ٻِي تازِي ڦُلَنِ ڦورا؛
    اَلا! عَبۡدُاللَطِيفُ کي، سانوَل ميڙِ سَنڀُوڙا.

    اي ڀتار! تو جيڪو سهڻو ويس ورن ڪيو آهي، سو سڀ منهنجي خاطر. اي جيجل! هن پرينءَ جون چنتائون ڪڏهن مون کي نهوڙي نينديون. منهنجا پرين پٻن تي ائين نچندا ٿا اچن، ڄڻ ٻاٻيهو پکي ٻوٽن وچان يا مور ٿو ٽلي. سپرين مان چندن جي سرهاڻ ٿا اُڀري ۽ ٻيو ته عجيبن ۾ اڻ ميا عنبير آهن. سارو پهاڙ مشڪ ٿي پيو آهي ۽ ٻي تازن ڦلن جي خوشبوءِ پيئي اچي. اي الله! عبداللطيف کي سينگاريل سپرين ملاءِ.

    داستان ٻيو

    1
    مَدِيني جا مِيرَ! سُڻُ مُنهِنجا سَڏَڙا؛
    سَرَڻِ تُنهِنجي سِيرَ، تُون پارِ لَنگھائِيين پَيَڙا.

    اي مديني جا مير (حضرت محمد ﷺ)! تون منهنجا سڏ سڻ. سير ۾ پيل تنهنجي ئي سرڻ آهن ۽ تون ئي کين پار اُڪاريندين.

    2
    ڌَڻِي! سو وارِئين واءُ، جو ميڙائو سَڄَڻين؛
    وَهِيءَ واٽَ مَٿاءُ، هِنئَڙي آسَرَ مَ لَهي.

    اي ڌڻي! اهڙو ڪو سڻائو واءُ وارين، جو پرينءَ سان مکا ميلو ٿئي. منهنجي هنئين تان هن وهندڙ واٽ تي، اها اُميد ئي نه ٿي لهي.

    3
    نيڻَ جي نِهارِينِ، سي اَڄُ نه اوٺِي آئِيا؛
    هَنجُون نه هارِينِ، پاڻِي پُنهُونءَ ڄامَ ري.

    جن اوٺين لاءِ منهنجا نيڻ واجھائي پيا نهارين، سي اڄ نه آيا. پنهون ڄام جي جدائيءَ ۾ اُهي پاڻيءَ جا ڳوڙها نه ٿا وهائين.

    4
    نيڻَ نِهاري مُنهِنجا، روئِي ٿِيا رَتُ؛
    پُنهُونءَ هوءِ پَهَتُ، ته پارِي نِيَنِ پاڻَ سين.

    منهنجا نيڻ پرينءَ لاءِ واجھ وجھي، روئي رت ٿيا آهن. جي پنهونءَ جو پرچاءُ ٿئي ته جيڪر هن ٻانهيءَ کي پاڻ سان وٺي وڃن.

    5
    اڄُ اَڱَڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيانِ؛
    ڏُونگَرِ ڏِينهَن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين.

    اڄ سندن اچڻ جي آسري تي اڱڻ پيئي اجاريان. پرين کي ڇپر ۾ ڏينهن لڳا آهن، هاڻ شال واپس ورن.

    6
    اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسِرو؛
    خالِقَ! تُنهِنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪوءِ؛
    نالو، ربَّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.

    جيئن ته تنهنجو نالو ئي الله آهي، تيئن مون کي تو ۾ وڏو آسرو آهي. اي اُپائڻهار! تنهنجي ٻاجھ جو ڪو حساب ۽ حد ئي ناهي. اي رب! تنهنجو ئي نانءُ منهنجي روح ۾ وڃي رهيو آهي.

    7
    صاحِبَ! تُنهِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِي سُون؛
    پَنَ ٻوڙِين پاتالَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون؛
    جيڪَرَ اچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان.

    اي رب! تنهنجي ليلا (قدرت) عجيب ڏٺي سون. ڪڏهن پنن کي پاتار ۾ ٻوڙيو ڇڏين، ته ڪڏهن پٿرن کي تاريو ڇڏين. جي منهنجي در پيهي اچين ته مان جيڪر هن ميري حال به مانائتي ٿيان.

    8
    جيڏو تنُهِنجو نانءُ، ٻاجَھ به اوڏِيائي مَڱانءِ؛
    رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءَ؛
    ڪُڄاڙو ڪَهانءِ؟ توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.

    جيڏو تنهنجو نالو آهي، تيڏيائي مهر توکان ٿو پنان. تون بنا ڪنهن ٿنبي ۽ ٿوڻيءَ (پاڻ وهيڻو) سڀني جو پردو ۽ پناھ آهين. ڇا چوانءِ؟ توکي سمورو حال ڄاتل آهي.

    9
    سَتَرُ ڪرِ سَتّارَ! آءٌ اُگھاڙِي آهِيان؛
    ڍَڪِئين ڍَڪَڻَهارَ! ڏيئِي پاندُ پَناهَ جو.

    اي پردو رکندڙ!مان بي پوش آهيان، تون ئي منهنجو پردو ڍڪ. اي ڍڪ ڍڪيندڙ! تون منهنجي مٿان پناھ جو پردو وجھي مون کي ڍڪيندين.

    وائي
    مُون کي نِنڊَ نه نيڻين نيڻين، ڪالَهُون پوءِ لَڪَن ۾.
    موٽُ تُون آيَلَ! مُنهِنجِي ماءُ! تان تو ڏُکُ نه ڪيڻين ڪيڻين؛
    هُوءِ نه نينِمِ پاڻَ سين، جا ويندڙِي سيڻين سيڻين؛
    ڪالهُوڻِيان اَڄُ گَھڻِي، جھورَڙِي جھيڻين جھيڻين.
    ٻِيُون سَڀُ واڳِيون وَرَنِ سين، آءٌ جا واڳَڙِي ويڻين ويڻين.
    هِنئَڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جِئن، روئي رَتڙو نيڻين نيڻين.
    اَلا! عَبۡدَاللَطِيفُ چئي، مُحِبَّ اسان تُون ميڙين ميڙين.

    مون کي ڪالھ کان وٺي لڪن ۾ لوچيندي نيڻن ۾ ننڊ نه آهي. اي جيجل! تون موٽي وڃ، جئن توکي اُنهن لاءِ ڏک نه ڏسڻو پوي. آئون جا چاهيان ٿي ته سڄڻ سان ساڻ وڃان، تنهن کي هو پاڻ سان نه ٿا وٺي هلن. مون کي ڪالھ کان وڌيڪ اڄ جھيڻي (سنهي) تپ جھڙي جھوري لڳل آهي. ٻيون سڀ پنهنجن ڪانڌن سان واڳيل (ٻڌل) آهن، مان ويڻن (طعنن) سان واڳيل آهيان. منهنجي نيڻن روئي روئي، منهنجي دل کي ڏاڙهونءَ جي گل جيان رتائون ڪري ڇڏيو آهي. اي الله! تون اسان کي شل سپرين ملائين.!

    داستان ٽيون

    1
    ڪَرِ ڪو ڀـيرو ڪانڌَ! مُون نِماڻِيءَ جي نِجھري؛
    پِرِين! تُنهِنجي پاندَ، ڍولا! ڍَڪِي آهيان.

    اي ڀتار! تو ڪو هن نماڻيءَ جي پکي ۾ هڪ واريءَ پيهي اچ. سپرين! تنهنجي پلاند ئي مون کي پردو ڏيئي ڍڪيو آهي.

    2
    جِئن تون قائِمُ، ڪانڌ! تِئَن آءٌ وَرَ! وِلَهي نه ٿِيان؛
    پَکي ڇِنان پاندَ، ڳَنڍُ نه ڄاڻي ڪو ٻِيو.

    اي ڀتار! جي تون مون وٽ موجود آهين ته مان ڪڏهن به سڃي نه رهنديس (هميشہ سائو رهنديس). منهنجي جھوپڙيءَ جي ڇت ڇني پيئي آهي، توکان سواءِ ٻيو ڪوبه اُن کي ڳنڍي ٺاهي نه ڄاڻي.

    3
    ڪانڌَ ٻِـيُنِ ڪيتِرا، مُون وَرُ وڏِي کاندِ؛
    پاڻا ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوهُ اَکِـيُنِ سين.

    ٻين ڪيترين کي ڀتار آهن، پر منهنجو ڀتار (ڌڻي) سراپا صبر آهي. جي هو پنهنجا ڏوھ پنهنجي اکين سان ڏسي ته به پاڻمرادو مون کي پردو ڏيئي ڍڪيو وٺي.

    4
    وَرَ سين وِجِھيو ڪاڻِ، کَـرَ سين کِلَڻ پائِيين؛
    ڀورِي! مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇَڏِيو تُھَ ميڙِئين.

    تون پنهنجي ڀتار سان اڻبڻت ڪري، وڃيو ڪنهن بڇڙي ڌارئي سان کلون ڪرين.! اي بي سمجھ ۽ اياڻي زال! تون ان جي داڻن کي ڇڏيو، وڃيو سکڻا تہ ميڙين!

    5
    سُتا! اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتِرِي؛
    سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪندي نه ٿِـئي.

    اي ستل! اٿي جاڳ. ايتري ننڊ ڪرڻ واجب ناهي. راجائي ور جو سک (ڌڻيءَ جو وصل) ننڊن ڪرڻ سان حاصل نه ٿو ٿئي.

    6
    ڪِي سُمھُ، ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتِرِي؛
    اِيُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيھُ ڀانـئِيو.

    ڪي ننڊ ڪر، ڪي سجاڳ رھ، ايتري ننڊ ڪرڻ واجب ناهي. هي جھان، جنهن کي تو پنهنجو دائمي وطن سمجھيو آهي، سو تنهنجو ٿوري ويرم لاءِ آستان آهي.

    7
    جاڳَڻَ مَنجھان جَسُ، آهي اَدا! جن کي؛
    لاهي جو، لَطِيفُ چئي، مَٿان قَلۡبَ ڪَسُ؛
    وَرنہَ! ڪَجان وَسُ، صُبُحَ ساڻ، سَيَّدَ چئي.

    اي ادا! جن کي جاڳڻ جو شرف آهي، تن جي دل تان سموري ڪٽ ڪوريو ڪڍي. اي جوان! تون اسر جو اُٿي سعيو ڪج (رب کي ريجھائڻ جو).

    8
    هِي تان ٿورَڙِيُون، جي تُون، ڀورا! پَسِي ڀُـلِئين؛
    راتِيُون ٻِيُون گَھڻِـيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪِلي.

    اي ڀورڙا! هي جي جھان جون راتيون (جيئڻ جون) ڏسي ڀنڀليو آهين، سي ٿوريون آهن. اُهي راتيون جي توکي اڪيلي سر (قبر ۾) ڪاٽڻيون آهن، سي ڳچ (گھڻيون) آهن.

    9
    سُمَهَڻان ساڙو، جيڏِيُون! جيڏو ئِي ٿِيو؛
    پِرِين سين پاڙو، مُنهِنجو نِنڊَ نِبيرِيو.

    اي سرتيون! سمهڻ مان مون کي نهايت گھڻو پچ پڙ پيو آهي. ننڊ ئي مون کي پرينءَ جي پاڙي (ڌڻيءَ جي وصل) کان پري ڪيو آهي.

    10
    پِرَهَ ڦُٽِي، راتِ گَـئِي، جھيڻا ٿيا نَکَٽَ؛
    هارِي! وِيَءَ وَٽَ، گَھڻا هَڻندِينءَ هَٿَڙا.

    اسر اُڀريو آهي، رات نبري، تارا جھڪا ٿي ويا آهن. اي اياڻي! هاڻي سمورا ساز هٿان ويئي ۽ ڏاڍا پڇتائڻو پوندءِ.

    11
    پيئِي جا پِرِڀاتِ، سا ماڪَ مَ پَسو ماڙُهئا!
    روئِي ڇُڙِي راتِ، ڏسي ڏُکويَنِ کي.

    اي لوڪو! هيءَ ماڪ، جا رات پيئي آهي، تنهن کي ماڪ نه ڄاڻو. ڏکويلن کي ڏسي، رات خود اکين مان آب جي اڇل اوتي آهي.

    12
    ڍولُ مَ کڻي ٻانهَنڙِي، پِرِهَ مَ کَـڻي پاندُ؛
    آءٌ پَنهِنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رائِيان.

    شل پرين مون مٿان پنهنجي ٻانهن (هٿ) نه کڻي ۽ پرڀات مون مٿان پنهنجو پلاند پري نه ڪري، جيئن مان پنهنجي ڀتار کي لوڪ کان لڪائي ريجھائيان.

    13
    ڦِريا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِيَنِ کِيرُ نه چَکِيو؛
    دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِيا.

    بگڙيل ماڻهو کير مٿان ڦيڻ ڏسي، اُن تي موهجي ويا ۽ کير جو ساءُ نه ورتائون. هو دنيا جي مزن ڪاڻ، پنهنجو روحاني خزانو وڃائي، سڃا ٿيا.

    داستان چوٿون

    1
    روهِ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پڻ هَلَڻَ هارِيُون؛
    ڪَرڳَلُ ڪُونجَڙِيَن، رائي ۾ راتِ ڪَيو.

    ڪونجڙيون اڄ وڃڻ واريون آهن ۽ جبل ۾ ڪوڪاٽ لايو ويٺيون آهن. هنن رات پهاڙن ۾ ڏاڍو حشر مچايو.

    2
    وَڳَـرُ اُڪِيري سَرُ سارِيو، سُورَ چَري؛
    جُھري جِھڄندي ڏِئي، سَنِيها کي سَڄَڻين.

    ڪونجڙي پنهنجي وڳر لاءِ سڪندي ۽ سر (تلاءُ) کي ياد ڪندي، درد پيئي گھاري. هوءَ ڳاراڻي ڳرندي، پنهنجن پيارن کي پارانڀا (نياپا) پيئي منجي.

    3
    وَڳَـرُ وِساري، ويٺينءَ ڪِئن ماٺِ ڪَري؟
    ڪِ تو نه ماري، رُڻُ جُهڻُ سَندِي سَڄَڻين؟
    وَڳَـرُ وِساري، ويٺينءَ ڪِئن ماٺِ ڪَري؟
    ڪِ تو نه ماري، رُڻُ جُهڻُ سَندِي سَڄَڻين؟

    اي ڪونجڙي! پنهنجي وڳر کي وساري، تون ڪئن سن ۾ ويهي رهينءَ؟ توکي سپرين جي مٺي رهاڻ جي ياد نه ٿي ماري.؟

    4
    وَڳَـرَ وِيا وَهِي، ڪالَھ تُنهِنجا ڪُونجَڙِي!
    ڪَندِينءَ ڪوهُ رهِي، سَر ۾ سُپيرِيُنِ ري؟

    اي ڪونجڙي! ڪالھ تنهنجا وڳر پرواز ڪري هليا ويا. هاڻي سڄڻ کان سواءِ سر ۾ گھاري ڇا ڪندينءَ.؟

    5
    وَڳَـرَ ڪَيو وَتَنِ، پِرِتِ نه ڇِنَنَ پاڻَ ۾؛
    پَسو پَکِـيَڙَنِ، ماڙُهنِئان ميٺُ گَھڻو.

    پکي پاڻ ۾ وڳر ڪري گڏ ٿا گھمن. ڏسو ته پکين منجھ ماڻهن کان به وڌيڪ ميٺاج آهي.

    6
    مَ لنئُن ڪُونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِنئين چاڪَ؛
    ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گَھرِ گھارِيندِيُون ڪيتِرو؟

    اي ڪونج! ماٺ ڪر ۽ لاتيون نه لنئو ۽ منهنجي اندر جي ڦٽ کي نه اٿلاءِ. جي وڇوڙي جون وڍيل آهن، سي گھر ۾ ڪيترو گذارينديون.؟

    7
    ڪُونجَڙِيءَ ڪالَھ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ؛
    آءٌ جِنين رِءَ هِتِ، گَھنگَھرَ گھارِيان ڏِينهَڙا.

    ڪونج ڪالھ لاتيون لنئي منهنجي دل ۾ سپرينءَ جي سار ڇيڙي. جنهن بنا مان هت پنهنجا ڏينهن ڏک ۾ ويٺي گذاريان.

    8
    اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالَهُونڪَرَ ڪُونجَ ڪَري؛
    پِرِين پَسِي مَنجِھ خوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري.

    ڪالھ کان وٺي ڪونج اُتر پار کان ورلاپ پيئي ڪري. پنهنجا سڄڻ سپني ۾ ڏسي اسر جو آلاپ پيئي ڪري.

    9
    ڪُونجُون ٿِـيُون ڪُڻِڪَنآِ، جيڪُسِ هَلَڻَ هارِيُون؛
    ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.

    ڪونجون ورلاپ پيئون ڪن، شايد اُسهڻ واريون آهن (چوڳي لاءِ ڪنهن سر ڏانهن وڃڻيون آهن) ٻچا ڇڏيا اٿن، جنهن ڪري درد ڀريا آلاپ ڪنديون وڃن.

    10
    آيُون ڍورَ ڍرِي، اصُلَ سَندي آسِري؛
    کَنڀَڙَ ڀُونءِ کَرِي، پاڻان پَـير ڏُکويا پَکَـڻين.

    ڪوجڙيون پنهنجن ٻچڙن جي سانگي (سندن چوڳي لاءِ) اچي سر تي لٿيون. سندن نازڪ کنڀراٽين لاءِ زمين سخت هئي ۽ پکين پاڻ اُن تي لهي پنهنجا پر ڦٽيا.

    11
    ڪُونجَ نه لَکِيو ٻاڻُ، مارِيءَ سَندي مَنَ ۾؛
    اوچِتي پَرياڻَ، وَڳَـرَ هَڻِي ويڇُون ڪَيا.

    ڪونج اُهو تير نه ڏٺو جنهن سان کيس نشان ڪرڻ جو ارادو ماريءَ جي چت ۾ هو. ماريءَ جي اوچتي نشان، ڪونجڙين جي ولر کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.

    12
    ڪُونجَ! نه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنهِن سين ڍَٻيو؛
    مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَـرَ هَڻِي ويڇُون ڪَيا.

    اي ڪونجڙي! تون اُنهن ڪکن کي نه ٿي ڏسين، جنهن سان ماريءَ جو ڪوڙڪو ڍڪيل آهي. ماريءَ لکين پکيئڙا شڪار ڪري سندن ولر کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. (هتي مون ڏانهن اشارو آهي، جو وڏي ۾ وڏو ماري آهي.)

    13
    مارِي! مَرِين شالَ! ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون؛
    جِئن تو اَچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وِرِهَنِ کي.

    اي ماري! تون شل مري فنا ٿي وڃين! تنهنجا شڪار وارا سمورا ساز شل نابود ٿين.! ڇو ته تو ڪالھ قرب وارن جي وچ وڇوڙو وڌو. (پکين جو پاڻ ۾ پريم هو. تو اچي اُن ۾ خلل وڌو. موت محبتين جي وچ ۾ جدائي آڻيو ڇڏي.)

    14
    ڪَيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ! سَنگھارَنِ سين؛
    جنِين جي خَمِيسَ، وارِيُون واري ڇَڏِيُون.

    اي جيجل! ڌنارن سان ڪير ريس ڪندو، جن جمع رات وڏيون خيراتون ڪري ڇڏيون. (جمع رات ڌنار خير خيرات ڪندا آهن ۽ کير وڪڻندا ناهن. هتي سنگھارن جي سخاوت جي سارھ آهي. اهڙي فراخدلي ڪير ڏيکاري سگهندو.!)

    15
    جِيَنِ سي سَنگھارَ، اَجھي جنِين گھارِيان؛
    مانَ لَهَنِئُون سارَ، وِچِ وِلَهين ڏِينهَڙين.

    اُهي سنگھار شل هميشہ حيات هجن، جن جي سايي ۾ مان گذاريان. من اُهي ڏکين ڏينهن ۾ اچي اسان جي سار لهن. (هتي اشارو ڪاملن ڏانهن آهي.)

    16
    جي ڀانئِين وَسَ چَران، ته سَنگھارَنِ سين لَڏِ؛
    ته هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نه سُڻِين ڪَڏَهِين.

    جي چاهين ته وسڪار ۾ ساوڪ جو ساءُ وٺان ته سنگھارن سان گڏ سفر ڪر، (جتي وس هوندو آهي، تتي ئي سنگھار لڏي پنهنجو اوتارو اڏيندا آهن.) ته تون هرگز ڪنهن نقصان جي دانهن نه ٻڌين.

    17
    مَنڌِيُون مَٽِ گُڙَنِ، جھوڪَ به سُونهَنِ پَهِيَڙا؛
    سَندِي سَنگھارَنِ، جُوءِ جِئاري جَڏَڙين.

    مانڌاڻيون مر ته مٽن ۾ گرڙا ڪيو ڦرن ۽ سنگھارن جي اوتاري ۾ مسافر سونهن (هتي سنگھارن جي مهمان نوازيءَ جي واکاڻ آهي. هو مهمان جي خاطري، ڏڌ ۽ مکڻ سان ڪندا آهن.) سنگھارن جو ماڳ، جڏڙن کي نئين جان ڏيندڙ آهي.

    18
    جاڳو، جاڙيجا! سما سُک مَ سُمهَو؛
    پَسو، آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيُون ڪَري.

    اي جاڙيجن جي ذات جا سما! (سما اصل راجپوت هئا) سجاڳ رهو ۽ بي فڪرا ٿي ننڊون نه ڪريو. ڏسو ته اوهان جي طرف لاکو ڌاڙيل لٽون لايو ويٺو آهي. (هتي لاکي مان مراد نفس آهي.)

    19
    ٽاٽُونڪِينِ پَلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرِکِرا؛
    لاکي لوڙائِنُ جا، اَهِڙا ئِي اُهڃاڻَ؛
    ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي.

    هو هميشہ پاکڙا ڇڪي پيا ٻڌن ۽ گھوڙن کي کر کرن سان صاف پيا ڪن. لاکي جھڙن ڌاڙيلن جا اهڙا ئي پار آهن (اُهي هميشہ سواريءَ لاءِ تيار آهن) هو پنهنجن پاکڙن کي سوگھو ٻڌي، ڪڇ ۾ هاءِ دوس مچائيندا. (لاکي جي هيبت، ساري ڪڇ ۾ پکڙيل هئي.)

    20
    ريـٻارَڻِ! رِيجھاءِ، لاکو لُولاٽِيُنِ سين؛
    سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٺُ مَٽائي ٺاڪُرُو.

    اي مالدارڻ! تون لاکي کي نيزارين سان پرچاءِ. من هو دلير راڻو تنهنجي ڏيک يا حال ۾ ڪو ڦيرو آڻي (من هو تنهنجي حال تي رحم کائي ۽ تنهنجو ڌڻ ڪاهي نه وڃي.).

    21
    لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڀـيرُ ٻِيو؛
    جَنهن ڀَرِ راڻا، راڄِيا، ڪوٽَنِ مَنجھ ڪُنبَنِ؛
    جَنهِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنچو نه لَهي.

    لاکا (ڌاڙيل) لکين سجھن، پر لاکي ڦلاڻيءَ (لاکي جي ذات ”ڦلاڻي“ هئي،) جي پر ئي ٻي آهي. هن کان راجائون پنهنجن قلعن ۾ پيا ڏڪندا هئا. جاڙيجن جي چت تان ننڊ ۾ به سندس اُڊڪو نه ٿو لهي. (جاڙيجن ڪڇ جي راءِ سان ڦٽائي هئي، جنهن ڪري هن مٿانئن پناھ جو هٿ کڻي ڇڏيو هو.)

    22
    لاکو لکِيءَ تي چَڙهي، لَکِي لاکي هيٺِ؛
    سونهرايُون سِرِ ڪَيو، ڀِيڙي ٻَڌي بيٺِ؛
    ڪَندو ڏَمَرَ ڏيٺِ، صُباحَ ساڻُ سَڀَڪَنهِين.

    لاکو ”لکي“ نالي گھوڙيءَ تي سوار آهي. ”لکي“ هميشہ سندس ئي چڙهيءَ (سواريءَ) لاءِ آهي. هو سهڻين کي پنهنجي سر سنئون ڪيو سندن ست جي بچاءُ لاءِ ڪمر ڪشيو بيٺو آهي. هو سڀاڻي سڀڪنهن سان ڪرڙي اک سان پيش ايندو.


    سُرُ بلاول

    داستان پهريون

    1
    وِسَھُ اِنَهِين ويڻَ کي، جِئَن دَعوَتَ ڪِي داتا؛
    مَضۡمَضَہۡ واتا، وِجُھ ته ڏيئِي واتَ ۾.

    اِنهيءَ سخن تي اعتبار ڪر ته ڏاتار توکي دائمي دعوت ڏيو ويٺو آهي. تون رڳو وات ۾ گرڙي وجھ ته هو توکي طعام ڏئي. (مالڪ وٽ سڀن لاءِ رزق تيار آهي. رڳو کائڻ جي ويرم آهي.)

    2
    پيُ مَ طَهُورا، وانءُ اورانگھي اورِيان؛
    وِچان جي وِصالَ کي، سي سَڀِ اُجُورا؛
    حاصُلُ حُضُورا، سَمي جي سَڀِ ٿِـئي.

    تون جنت جو شراب نه پيءُ، پر اُن کان به اڳتي نڪري وڃ. وصل حاصل ڪرڻ کان اڳ، ٻيون جيڪي نعمتون آهن، سي صرف نيڪيءَ لاءِ انعام آهن. سمي سردار (ڌڻيءَ) جي حضور ۾ سڀ ڪجھ حاصل ٿيو وڃي.

    3
    سَما! تو سِرَ ڇَٽُ، ناتَ پاڳارا پُرۡسَ ٻِيا؛
    ڳَـهَڻَ! تُنهِنجي ڳَڃَڙي، اچي جالَ جَڳٽُ؛
    جِنِ جيها ئِي پَٽُ، تِنِ تيها ئِي بِکِيا.

    اي سما سردار! ڇٽ تنهنجي سر تي سونهي، نه ته پڳ، پهريندڙ مرد ٻيا به آهن. اي ڳهڻا! تنهنجي درد تي ڳچ خلق اچي ٿي. جن کي جھڙو ڪشتو آهي، تن کي تهڙو ڏاڻ ٿو ملي. (جنهن جي جھڙي مراد، تنهنکي تهڙو ڏاڻ ٿو ملي.)

    4
    سمو تِنِ سَڏَ ڪري، جِنِ تي وڏو ويرُ؛
    اُٿي ته آجِي ٿِيان، پائي پاکوڙي پيرُ؛
    تو رِءَ ٻِيو ڪيرُ، سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَهي.

    سمو اُنهن کي سڏي ٿو نوازي، جن تي ڪو ڳرو سمو آيل آهي. هو رڳو پاکڙي ۾ پير پائي اُٿي ته مان (آفت کان) ڇوٽڪارو حاصل ڪريان. تو کان سواءِ ٻيو ڪير، سرن (پناھ) وٺندڙ جا بار کڻي.

    5
    سَرَڻِيُنِ جا سوٺا سَهي، وَسِيلو وِلَهَنِ؛
    لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئي، اَڳِيان لالُ لَکَنِ؛
    جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَنِ، اُتِ پاٻوهي پَڌِرو.

    هو سرن وٺندڙن جا بار ٿو کڻي ۽ مسڪينن جو آسرو آهي. هو سخي محبوب، لکين سوالين اڳيان به ڪين لوڏو کائي. جت ڪروڙين ماٺ ۾ هجن، تتي سندس مرڪ ئي پڌري آهي.

    6
    تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِهارِجِ سَڀَرو؛
    ڏِيندُءِ لَکَ، لَطِيفُ چَئي، راڄَ راهُوءَ جي رَسُ؛
    وِلَها جنهن وَنهِيا ڪَيا، پاڳَ تَنهِنجِي پَسُ؛
    ڪوڙين لاهي ڪَسُ، جي ڳالهائي ڳاٽُ کڻي.

    تڙ تڙ تي ترسي اُڃ نه اُجھاءِ، پر هڪ ئي جبرو چشمو وڃي چتاءِ. تون رڳو راهوءَ جي راڄ ۾ وڃي پهچ ته هو توکي لک ڏيئي ڇڏي. جنهن سڃا ساوا ڪيا. تنهن جي ڇٽ جو وڃي ديدار ڪر. جي هو رڳو ڪنڌ مٿي ڪري ڳالهائي ته ڪروڙن جي دلين تان ڪٽ ميساريو ڇڏي.

    7
    علاؤالدِّينُ آئِيو، کَـڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ؛
    ڪَنهِين ڪِينَ هِمَٿِيو، ڪانَ جَھـلِيندو ڪيرُ؟
    سُومِرينِ سامَ کَنئِي، اَبڙي ڪَيو اُٺَ پيرُ؛
    هو مُهانئِين مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ مارِيو.

    سلطان علاءُالدين لشڪر ساڻ ڪري آيو. سندس مقابلي جي ڪنهن کي همٿ ٿي. ڀلا سندس تير (هتي ترار جا ڌڪ) ڪير جھليندو.؟ ابڙي سردار سومرين جي لڄ کنئي ۽ ويڙھ لاءِ اُٺ تي پير رکيو. هو جنگ سردار هو، پر لڄن جي بچاءُ ئي کيس ماريو.

    8
    سَرَڻِـيُنِ جي سُکَ لَءِ، سامَ کَنئِي سَردارَ؛
    جي آيوُن اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏِيندِيُون سُومِرِيُون.

    سرن ۾ آيل عاجزائن جي سلامتيءَ لاءِ ابڙي سردار سندن لڄ کنئي. جي سومريون ابڙي جي پناھ ۾ آيون، سي ڏن نه ڀرينديون. (جن الله جي واٽ ورتي، تن تان حساب معاف ٿيو.)

    9
    ٻِـيَنِ مِڙَنِي ڏِنيُون، ڏِئي نه ڏُونگَـرَ راءُ؛
    اَڻَ ڏِٺِيُنِ آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏِئي ڪِئاءُ؛
    لورِيُون لَکَ مَٿاءُ، اُنَ مَٿيري موٽائِيُون.

    ٻين مڙني (ڊپ کان) لڄون ڪڍي ڏنيون، پر ڏونگر ڌڻيءَ (سمي سردار) نه ڏنيون. هو اڻ ڏٺل عورتن جو ئي بچاءُ ڪندو هو، سو ڏٺل (سومريون) ڪٿان ٿو ڪڍي ڏئي.؟ هن ڇٽ ڌڻيءَ وڙهندي، لکين تير پنهنجي مٿان هٽائي ڇڏيا.

    10
    اَبڙو اَڳاهَنِ ۾، ڀَرَ جَھلو ڀارِي؛
    سَمي سُوالِيُنِ کي، ويلہَ وسارِي؛
    مَنَهَن مُنِي جَکرو، طامائُنِ تارِي؛
    پُڇي سي پارِي، جي عاجِزَ اَجورَنِ ۾.

    ابڙو سڀني سردارن ۾ وڏي ۾ وڏو آڌار آهي. هن سمي سردار سوالين جي ڪري، فرصت ئي وساري ڇڏي. (هڪ ساعت به سخاوت کان واندو نه هو) جکرو سردار آسائتن جو تڪيو هو. هو انهن پناھ ۾ آيلن جي سار ٿو لهي، جي نٻل ۽ بيوس انسانن مان آهن.

    11
    ابڙو اَڳاهَنِ ۾، سَڀَرُ جِئَن ٻيلي؛
    سي پَٽَ ڪَنهِن نه پُورِيا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي؛
    سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينهَنءَ جِئَن، رُڄُون ٿو ريلي؛
    اَچَنِ جي ويلي، تِنِ بورَ بَخِشي ڀِٽَ ڌَڻِي.

    ابڙو سڀني سردارن ۾ ايئن آهي، جيئن ٻيلي ۾ ڪو شاهي درخت. جي پنڌ، هي جھنگ ٿو لتاڙي، سي ٻئي ڪنهن نه ڪيا. هي دلبر سانوڻ جي مينهن وانگر، برپٽن ۾ پاڻيءَ جي پالوٽ ڪيو ڇڏي. جي وٽس هڪ ويکي لاءِ (يا ڏکئي وقت ۾) اچن، تن کي هو عربي گھوڙا عطا ڪيو ڇڏي.

    12
    اَبڙو وَڏ َوَڙو، سُوَڙو، سَمو، سُونهن سَڀَنِ؛
    تَنهِن دَرِ سَڀ اَچَنِ، ڪَنڌُ نه ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.

    ابڙو وڏا وڙ ڪندڙ ۽ لائق ڀريو سردار هو ۽ سڀني سمن جي سونهن هو. سڀيئي سوالي سندس ئي در تي ٿا اچن ۽ هي ڪڇ جو راءِ ڪنهن کان منهن نه ٿو موڙي.

    داستان ٻيو

    1
    جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پيدا ڪَيو؛
    ڪيهَرَ جِئَن ڪَرُ کڻي، مُڇُون مَلُھ موڙي؛
    سَمُونڊَ جِئن سِيرَ ڪَيو، ٿو ٻارِ جِئَن ٻوڙي؛
    گھوٽُ چَڙهِيو گهوڙي، پيچِيُنِ لائي پيچِرا.

    جکري (سخي سردار) کي ڌڻيءَ، پنهنجي هٿن سان جوڙي راس ڪيو. هي سورهيه سردار ڪيهر شينهن جئن ڳاٽ اوچو ڪري، مڇون پيو مروٽي. هو سمنڊ وانگر چڙھ ڪيو، اونهي پاڻيءَ جئن ٻوڙ ٻوڙان ڪيو وجھي. (هو سخا جوسمنڊ آهي ۽ سوالين کي ڍايو وجھي). هي گھوٽ گھوڙي تي سوار ٿيو، منجھيلن کي دڳ وڃيو لائي.

    2
    جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنِيرا؛
    جِيائِين جُڙيو جَکِرو، تِيائِين نه ٻِيا؛
    مِٽِي تَنهِن ماڳا، اَصُلُ هُئِي ايتِرِي.

    جکرو ئي جس جو لائق آهي ۽ ٻيا مڙيئي راجائون (سندس ڀيٽ ۾) ”انيراءِ“ (جنهن ٻيجل معرفت راءِ ڏياچ جو سر ورتو هو) آهن. جتي جکرو جڙيو آهي، تتي ٻيا نه جڙيا هئا. اُنهيءَ هنڌ مٽي اصل هئي اوتري (جنهن مان جکري جو جسم جڙيو).

    3
    ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نه ٻِيا چَڙهَنِ؛
    ته ڪي کُوھَ کَڄَنِ، جهُ سَرُ لَڀي سَڀَرو؟

    جادم جکري کي ڏسڻ سان ٻيا ڪي به راجائون دل تي تري نه ٿا اچن. ڀلا جڏهن ڪو شاهي چشمو لڀندو آهي، تڏهن به ڪي کوھ کڄندا آهن؟.

    4
    هَٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي وِچِ مَ پوءِ؛
    پِي پِي سو پُرِ ٿِيو، جو حاتِمَ پاسي هوءِ؛
    ڪَيف ڌاران ڪوءِ، جِئي ڪو مَ جَهانَ ۾.

    جادم جکري (مرشد ڪامل) جي هٿان ڪابه ويرم پوڻي نه آهي. جو هن حاتم (سخيءَ) جي ڀر ۾ آهي، سو پي پي ڍئجي پيو. شل شراب (روحاني خمار) بنا، جڳ ۾ ڪونه جيئي.

    5
    هَٿان جادَمَ جَکِري، وِٿِي پوءِ مَ وِچُ؛
    ”اچو! آيا نِچُ!“ سَمي وائِي واتَ ۾.

    جادم جکري جي هٿان ڪابه ويرم پوڻي نه آهي، سمي سردار جي وات ۾ هميشہ اهائي وائي آهي: ”اچو! جاءُ آيا! نچ آيا!.“

    6
    جَکِري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَ ڏيھَ ۾؛
    مُهَڙُ مِڙَني مُرۡسَلِين، سَرسُ سَندسِ شانُ؛
    ”فَڪَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنَىٰ“، اِيُ مُيسَرُ ٿِـيُسِ مَڪانُ؛
    اِيُ آگي جو اِحۡسانُ، جَنهِن هادِي ميڙِيُمِ هَهِڙو.

    جکري جھڙو جوان ساري جھان ۾ ڪونه ٿو پسان. هو سڀني روحاني رهبرن (پيغمبرن) جو مهندار آهي ۽ سندس شان مڙين کان مٿي آهي. ”حضرت جن (نبي سڳورو) ٻن ڪمانن جيترو (خدائي تخت جي) ويجھو آيا، بلڪ اُنهيءَ کان به ويجھو“ اهو رتبو حاصل ٿيس (قرآن شريف)“. اها ڌڻيءَ جي مهر آهي، جنهن مون کي ههڙو روحاني رهبر ملايو. (هتي اشارو پيغمبر صاحب ۽ معراج ڏانهن آهي.)

    داستان ٽيون

    1
    ڪوهُ نه جُهارِئين جَکِرو، جنهن ڏيھَ ڍيا ڏيئي؟
    جي لُڏِيا ٿِي لِينگُهن ۾، شالُن ۾ سيئِي؛
    سَمي سَڀيئِي، طاماعُو تارِ ڪيا.

    تون ڇو ته ٿو جکري کي نمسڪار ڪرين، جنهن مڙيئي ملڪ پنهنجي سخا سان ڍئي ڇڏيا آهن؟ (ڌڻيءَ ڏانهن اشارو). جن ٿڳڙيون پئي لوڏيون سي هينئر شالن ۾ آهن. سمي سڀني سوالين کي ڍئي پر ڪري ڇڏيو.

    2
    اَلا! جُنگَ جِيَنِ، جنِين اَجھي گھارِيان؛
    شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَّ پِيَنِ؛
    مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي.

    الله! شال سخي مرد حيات هجن، جن جي سايي ۾ گھاريان. شال اُها کوهي سڪي نه وڃي، جنهن مان واٽهڙو پاڻي پي اُڃ مٽائين. اي مرڪڻا مرد! تنهنجي ڏٺي، منهنجن نيڻن کي ٺار ٿو ملي.

    3
    اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ پـَيرِيندي ٺَرِيا؛
    مَنجِھ ويئَرِيءَ سُڃَ، ڪَرَ لڌِي رِڻُ اُڪارِيـين.

    تو وٽ ايندي ئي پياس ٻجھيو وڃي ۽ ڀريندي ئي پير ٺريو پون. رڻ جي کوهيءَ، برپٽ جھاڳيندڙ جي سار لڌي. (يا رڻ اُڪرندڙن، رڻ جي کوهيءَ جي ڄاڻ لڌي.)

    4
    تُون اوڍَرُ، تُون اوڍَڪو، تُون اجھو، تُون اَڳُ؛
    هِتِ پِڻُ تُنهِنجو تَڪِيو، مَهَندِ پِڻُ تُونهِين ماڳُ؛
    سي لورِيُون ڏِيَنِ نه لاڳُ، جي اَجھي آيُون اَبِڙي.

    تون ئي اسان جو اوڍڻ، ڍڪ، اجھو ۽ پردو آهين. هت (هن جھان ۾) تنهنجو آسرو اٿئون ۽ اڳيان (ٻئي جھان ۾) به تون ئي اسان جي واھ آهين. اُهي مسڪين عاجزائون ڏن نه ڀرينديون، جي ابڙي سردار جي پناھ ۾ آيون. (ڌڻيءَ ڏانهن اشارو).

    5
    پَسَنديئِي پُرِ ٿِيا، جَکِرو ئي جاجِڪَ؛
    تِئان ڏِنِي مَڱَـڻي، طَهُورا جِي تِڪَ؛
    سَمي ڀَڳِـيَنِ سِڪَ، واصِلُ ٿِيا وِصالَ ۾.

    مڱڻهار، جکري کي ڏسڻ سان ئي مالا مال ٿيا. اتان پينار جنت جي شراب جي سرڪي پيتي. سمي هنن جي پياس ٻجھائي ۽ هو وڃي حق سان هڪ ٿيا. (ڌڻيءَ يا ڪامل مرشد ۽ طالبن ڏانهن اشارو).

    6
    جي اُڌَمِيو اَڄُ، ته وَسندو سونَ سَنگُ؛
    جالَ ڍَئِيندو جُنگُ، جَڳُ ڍَئِيندو جَکِرو.

    جي اڄ موج ۾ آيو ته سون جا سنگ وسائيندو. هي سردار گھڻن کي مالا مال ڪندو. جکرو ساري جھان کي ڍئيندو.

    داستان چوٿون

    1
    وَڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسَنِ ڪينَ وِڌوسِ؛
    گَندِي، مانِي، ماڳُ موچارو، پاسي پِـيرَ ٿِيوسِ.

    وڳند فقير وري آيو آهي، حيلن وسيلن کيس ڪي ڪين پلئه وڌو. پيرن اڳيان (هڪيو تڪيو) بسترو ماني ۽ رهڻ لاءِ سهڻو هنڌ مليس، (جي رهبر وٺبو ته اهي نعمتون مرشد وٽ نصيب ٿيندس.)

    2
    وَڳَندُ وري آئِيو، پينارَنِئُون پوءِ؛
    مُحڪَمَ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نه ڏِنُسِ جوءِ؛
    ويٺو اِئين چوءِ، ته پِيران پاسي نه ٿِيان.

    وڳند وري پينارن جي پٺ وٺي آيو. کيس پختا پادر لڳا ۽ جوڻس ذرو به ڏنس. ائين ويٺو چوي ته ”پيرن کان (شاھ صاحب جي) پري نه ٿيان.“

    3
    اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آهِ وڳَندُ؛
    هَڏِ نه ڇَڏِيندو هَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَهارَ جِي.

    وڳند صبح جي مانيءَ جي آسري ويٺو آهي. هي ماڳ هو هرگز نه ڇڏيندو، ڇو ته هتان بهار جي سڳنڌ آئي اٿس.

    4
    اَسُورَ سَندو آسِرو، وَڳَندَ کي وَڏو؛
    جُسي ۾ جَڏو، پر کِـيَڻَ تي کُڙا کڻي.

    وڳند کي صبح جي مانيءَ جو وڏو آسرو آهي. جسم ۾ جڏو آهي، پر کائڻ تي کڙيون کنيو اُڀو ٿيو بيهي. (يا تيار ٿيو ويهي).

    5
    وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ؛
    خاوَندَ! ڏي خُوشبُوءِ، ته سُرهو ٿِيان سُپِرِين!

    گدلو وڳند وري بدبوءِ سوڌو اچي وارد ٿيو آهي. اي مٺا رب! تون ڪا سڳنڌ بخش ته خوشبودار ٿيان.

    6
    وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪِنو ٿِي ڪوجھو؛
    ڇَڏي نه موزو، لَڳُسِ آرُ عَطارَ سين.

    وڳند وري اهو ئي ڪنو ۽ ڪوجھو ٿي آيو آهي. هو چم جي جوراب جي پچر ئي نٿو ڇڏي. سندس نينهن عطار سان اڙيو آهي.!

    7
    داتا سَندي دَرَ تي، وَڳَندُ ويٺو پَسُ!
    تَنهِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلوُدو آزارَ سين.

    وڳند کي ڏاتار جي در ٿي ويٺو ڏس. انهيءَ روڳيءَ کي جو روڳ ۾ ورتل آهي، تنهن کي مرض مان ئي مزو پيو آهي.

    8
    وَڳَندُ ورِي آئِيو، نِسورو ئِي نَرَڳُ؛
    گَندا گُلابِي ڪَري، سَيَّدَ جو سَرَڳُ؛
    عَطُرَ سين اورَڳُ، ته هُئين سَدائِين سُرَهو.

    وڳند وري آيو آهي، هو نسورو نرڳي پيو لڳي. سيد (شاھ صاحب) جي صحبت جو سرڳ، بدبوهاڻن کي خوشبودار ڪيو ڇڏي. عطر سان وهنوار رک ته هميشہ سرهو هجين.

    9
    وَڳَندُ ورِي آئِيو، بَدُو بي نِـمازُ؛
    جِئَن تِتِرَ مٿي بازُ، وَڳَندُ تِئَن سُرهاڻِ تي.

    وڳند وري آيو آهي، هو غليظ ۽ بي نمازي آهي. جئن تتر جي مٿان باز ڪڙڪي، تئن وڳند خوشبوءِ تي اچي ٿو پوي.

    10
    وَڳَندُ ورِي آئِيو، ڪوٽِڙِيان ڪُلاٽُ؛
    سَندو ڪِرِڙَ ڪاٺُ، هَڻُ نَرڳِيءَ کي نِڪَڻين.

    ڪلڇڻو وڳند وري ڪوٽڙيءَ جي ڳوٺ کان آيو آهي. هن نرڳيءَ کي نسوري ڪرڙ جي ڪاٺي وهائي ڪڍ.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2070715
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 539715
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ