ڪتاب جو نالو: گهاون مٿان گل
مصنف: زاهد شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 15 مارچ 2020 ع
پڙهيو ويو: 896 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 286 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي واين جو مجموعو آھي. ستار سروھي لکي ٿو:
”زاهد جي واين ۾ هڪ ئي وقت انقلاب، مزاحمت، رومانويٽ توڙي تصوف جون جهلڪيون پسي سگهجن ٿيون هن جي واين ۾ ظلمتن سان ڀريل ڪارين راتين سان وڙهڻ ۽ انهن کي شڪست ڏيڻ جو فلسفو به آهي ته موڳيءَ ماٺ کي ٽوڙڻ جو اعلان پڻ آهي. هي پنهنجي ڏات سان اُماس راتين ۾ اُميدن جا ڏيئا جلائيندي نظر اچي ٿو. گگهه اونداهين ۾ روشنيءَ جي لاٽ آهن “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ: ماٺ چڱي ناهي مٺا
  • توکي پوڄيان ٿو- مون کي پاليو تو
  • مون کي ساري ٿو، چَنڊُ پُڪاري ٿو،
  • ڪيڏا موچارا، پر مون کي پيارا،
  • جَلوي، تي جَذبو- شاعر جي دل جو،
  • ٿرُ ٿي ويو ٿُڌڪار،
  • سَڪَ ۾ سِرَ گهوريو،
  • ڏينهن کي چوان رات،
  • زنده ماڻهوءَ لاءِ،
  • جَڳَ ۾ جيئڻ لاءِ،
  • مُنهنجا سائين مان،
  • منهنجي، گهاوَن مان،
  • نيرَ سُڪائي، وَئي،
  • مُنهنجي، مَن تي هو،
  • دِل وَٺي دِلَبر،
  • تُنهنجو هَر اِقرار،
  • سورَن ۾ سَرِتيون
  • مُشڪل ۾ ڪنهن کي،
  • مُنهنجي، اندرَ جي،
  • تو بن جيوَن جي،
  • تُنهنجي لئه آهي،
  • مومَلَ جي مَنَ کي،
  • اکڙيون هَن آليون- آلين جون ڳالهيون،
  • ڇَڏي جا روڪي- مُنهنجن لُڙڪن کي،
  • بَرَ ۾ بيٺل مان- اُجڙيل وَڻُ آهيان،
  • اُجڙيل جون آهون- دَردَ ڀَريون دانهون،
  • مُنهنجي لئه مُنهنجو- ڪوئي ڪونهي ڪو،
  • سَچَ سونهن ۽ پيارَ کي- جيءَ ۾ جاءِ ڏئي،
  • ڪنهن ڪنهن ڏُکَ ڏنا- ڪَهڙا ۽ ڪيڏا،
  • تُنهنجين سوچُن کي- يا پنهنجن ڀاڳن کي،
  • ڪَهڙي مون پاتي- هِڪڙي حياتي،
  • ڏُکن ۾ ڏوريَئون پيا- پنهنجن سُکَن لاءِ،
  • توڙي، تاءُ تِکو- اوکيءَ مَنزِل جو،
  • سارَن ڳُلڙَن تان- پنهنجن هَٿڙَن سان،
  • ٺَرندا جَلندڙَ جهيرَ- گُهلندي ٿَڌڙي هيرَ،
  • چوريءَ چوري ڪا- مون کي چاهيندي،
  • چَئوڻيءَ چاهَتَ سان- تُنهنجيءَ چاهَت کي
  • اَڄُ پنهنجي دل جي- ڪوري ڪاغذَ تي،
  • ڇا تون چاهينديئن- دل تان ڊاهينديئن،
  • تُنهنجي خَطن جا- ٺاهي گُلدَستا،
  • ساٿُ نه تون ڏيندين- جي وڇڙي ويندين،
  • ڪَنهن جي ڳالهه ڪَرڻُ- ٿَڌڙا ساهَه ڀَرڻ،
  • مُنهنجي نيڻَن جي- سَپنن ۾ آهي،
  • دل جي دَرَپنَ ۾- آڏو دَرشَنَ ۾،
  • تنهنجو تَرسائڻُ- راتيون رَهائِڻُ،
  • تُنهنجي وَئي کان پوءِ- ايندڙ هَر لَمحو،
  • تنهنجو خَطُ پڙهي، روئَڻَ لاءِ ٻَئي،
  • تنهنجو روز رُسڻُ- تڙپائي پَرچَڻُ،
  • تنهنجن سُڏڪَن ۾- منهنجن لُڙڪَن ۾،
  • شالَ نه سَجي، سانوري- تنهنجن هَٿڙن تي،
  • حورَ نه آئينءَ هاءِ- راتِ به تُنهنجي لاءِ،
  • رِڻ ۾ رَنگُ رَچي- اچي مَنَ اَچي،
  • ڪَهلَ نه آيئي ڪا- جَلندي جيونَ جا،
  • لَهندڙَ سورَج کان- ويرُن رَنگَ وَتا،
  • وقت جو وَهڪرو- تيز تَر يا جَهڪو،
  • دوست يا دلرُبا- هَر گهڙي هَمنوا،
  • ٽَهڪيلَ ٽانڊَن تي- پَئي آ ڪَنڊَن تي،
  • جيڪا بَڻجي پوي- زندگيءَ لئه زهر،
  • پَڪ آهي پرين- زندگي جي رَهي،
  • پيارُ ڪنهن کي ڏئي- ڌارَ ناهي ڪَبو،
  • پيارَ ۾ تون پَڪو- يارَ ٿي وَئين يَڪو،
  • ڏور ڏاڍو وَئين- دل آ تو لئه ڀَري،
  • هر گهڙي، هر پهر- بي خطا آ سزا،
  • پارَ وارا پرين- هانءُ هارين متان،
  • اِنتظاريءَ ۾- بي قراريءَ ۾،
  • سانئڻ عابده پروين
  • شال گُذري وَڃي،
  • جيسين جيون آ،
  • گَڏ گُذاريل گهڙيون
  • ساهُه ڏي سَچَ تي،
  • ذهنُ جاڳي پَيو،
  • مان ته انسان کي،
  • شال ميلا مَچن،
  • پريت ۽ پيارَ ۾،
  • ڏينهن لاتا اَٿئي،
  • ڀاڳَ جاڳي پون،
  • مُنهنجي اُميد کي، دل جي هر ديد کي
  • سَچَن جَذبَن سان،
  • مون کان ٿي نه جُدا
  • دل جون سڀ راهون، دل سان مون ٺاهيون
  • مُنهنجو توسان ڪو، تنهنجو مونسان ڪو،
  • تڙپائڻ کان اڳ روئارڻ کان اَڳُ
  • ڪاهيو ٿو ڪاهي سو اڳتي آهي،
  • سُندر سوچن ۾، روح جي رستن ۾
  • آهي آدمخورُ،
  • مَنَ جي ساگرَ ۾- پنهنجي اندَرَ ۾،
  • مَنَ کي مَهِڪائي- جيڪو ٻَهڪائي،
  • ماٺِ ڪَئي ٿَئي ڇو- گيتُ امن جو ڪو،
  • جَڳَ ۾ جيئڻ ڏي- ڳڀروءَ ڳيري کي،
  • وستيون ۽ ويڙها- ماڻهن جا ميڙا،
  • سُهڻي سوڀاري- ڪيڏي آ پياري،
  • اکڙيون اولاري- کِجڻي کيڪاري،
  • تو مون ڏانهن ڏٺو- اڄ وَرهَن کان پوءِ،
  • مُرڪيو مَن غمگين- راهون ٿيون رنگين،
  • مون کان اڳ دلبرَ- مُنهنجي گهرَ جي دَرَ،
  • تنهنجي زلفن جي- سائي ۾ آهي،
  • مان تُنهنجي ڀَرِ مان- وڃا ڪيئن وڃان،
  • ڌوتي اَڻ ڌوتي- تنهنجي سِر پوتي،
  • تُنهنجي چهري تي جڏهن- چَمڪيا مون لئه چاهَه پرين،
  • پَرديسي پيارا- مِٺڙا موٽي آ،
  • جيءَ اَندَرِ جَنهنجو- ڪاٿو ڪونهي ڪو،
  • موڳو ڇو آهين- او مُنهنجا سائين،
  • جو ڪَمُ جيءُ چَوي- سو ڪَمُ سَڀُ ڪَجي،
  • جيڪو آ پَنهنجو- اُنَ سان ئي پنهنجو،
  • تُنهنجي پاڙي ۾ پَيا- ماڻهو بُکَ مَرن،
  • حَجَ کان اَڳُ جَنِ آ لَڌي- لوڪَ سَڄي جي سارَ،
  • جا ڪون پَنهنجي جيءَ ۾- جاني پاڻَ ڏِٺمُ،
  • حَدَ جَڏهِن پاتا- لاحَدَ ۾ ليئا،
  • سارو جَڳُ سَنوارِڻَ جي لئه- جيئن ٿا جيڪي،
  • پل ۾ گندا ذهن سمورا- سُلجهي سُهڻا ٿين،
  • هيرو ٿي هَلِجانءِ- راڻو ٿي رَهِجانءِ،
  • سَچيون ڪينَ سُڻَن- ڪوڙيون ويٺا ڪَن،
  • تَصوِيرُن جي رُوپَ ۾- هَر ڪَنهنِ اَندَرَ جا،
  • راتِين جون باتيون- تَنهِن ڄاڻوءَ ڄاتِيون،
  • ڪالهَه ڪَلاچيءَ ڪُنَ ۾- مَڇُ هُيو مَڇرِيو،
  • ٻِن ۾ ٻَڌي آ- ٽِيون ٽوڙيندو آ،
  • پَنهِنجَن کي پَنهِنجو- ڏاڍو پيارُ ڏِنُم،
  • دردن کان هر ديس کي- نيٺ ڪندا آجو،
  • بَمَ بارُودُ سَڄو- ڀَڃي ڀورَ ڪَيو،
  • تاثرات

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    گهاون مٿان گل
    شاعري
    زاهد شيخ
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو ٽيون: سيپٽمبر 2019ع
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph: 021-332624153, 34690389
    Cell # 0333-2311582
    مُلهه:200 رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    پيار وارن جي نانءِ

    زاهد شيخ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گهاون مٿان گُل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي واين جو مجموعو آھي. ستار سروھي لکي ٿو:
    ”زاهد جي واين ۾ هڪ ئي وقت انقلاب، مزاحمت، رومانويٽ توڙي تصوف جون جهلڪيون پسي سگهجن ٿيون هن جي واين ۾ ظلمتن سان ڀريل ڪارين راتين سان وڙهڻ ۽ انهن کي شڪست ڏيڻ جو فلسفو به آهي ته موڳيءَ ماٺ کي ٽوڙڻ جو اعلان پڻ آهي. هي پنهنجي ڏات سان اُماس راتين ۾ اُميدن جا ڏيئا جلائيندي نظر اچي ٿو. گگهه اونداهين ۾ روشنيءَ جي لاٽ آهن هن جون وايون لاکيڻي لطيف، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جيان زاهد شيخ جي شاعريءَ جو به هڪ مڪمل سماجي ڪارج موجود آهي. زاهد اسانجي مزاحمتي ۽ رومانوي شاعريءَ جي مورچي جو دودو ۽ دولهه دريا خان آهي. جيڪو پنهنجي سٽ سٽ سان ظالم قوتن جي خلاف وڙهڻ جي سگهه رکي ٿو.“
    ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1995ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 2019ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري زاھد شيخ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ: ماٺ چڱي ناهي مٺا

    شاعريءَ لاءِ ڏات گهرجي ٿي پر ڏات جي پيٽ پالڻ لاءِ ذهن، ضمير، مستقل مزاجي، سچ ۽ سچائيءَ جي اها ولوڙ گهرجي ٿي جيڪا گهوٽ بلاول وانگر گهاڻي ۾ پيڙهجڻ کي ترجيح ڏئي مرڻ گهڙيءَ تائين رت هاڻين اکين سان پنهنجي ڌرتيءَ کي پَسَندي ڪرب ۽ عذاب ۾ به چپن تي اطمينان جي مسڪراهٽ سجائي رکي، ان اميد سان ته منهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسي هڪ ڏينهن ضرور سرخرو ٿيندا. جنهن شاعر جي شاعريءَ م ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي پيڙا، درد، بک، بدحالي، سياسي ۽ معاشي ڦرلٽ سان گڏ هڙني سماجي براين جي نه صرف اپٽار ٿيل هجي پر انهن جي علاج لاءِ ڏس پڻ ڏنل هجن ته اهو شاعر ۽ سندس شاعري صدين تائين نه صرف ان جي پنهنجي مظلوم قوم بلڪي دنيا جي سمورين مظلوم قومن جي لاءِ راهه نجات جي هڪ اهڙي سريلي للڪار بڻجي پوي ٿي جيڪا ظالم قوتن جي همتن کي ته پسپا ڪري ئي ڪري ٿي پر ان سان گڏ سندس پنهنجي قوم لاءِ هڪ ڪراماتي قوت کان گهٽ ڪو نه هجي ٿي. اهڙو شاعر دعائن وانگر ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ دلين ۾ دائمي طور زندهه رهي ٿو ۽ پيار جي پيچري تي سِرَ جي بازي لڳائي ڪڏندڙ الهڙ جوانين جو امين پڻ رهي ٿو. تاريخ گواهه آهي ته اهڙا شاعر ڪڏهن به مرندا ناهن ۽ هر دور جي فرعون، يزيد، هٽلر، مسوليني، موديءَ ۽ ضياءَ جهڙن جابرن ۽ آمرن لاءِ اهڙي للڪار بڻجندا آهن جيڪا سندن محلن جا نه صرف ڪنگرا لوڏائي ڇڏيندي آهي پر سندن ننڊون به حرام ڪري ڇڏيندي آهي. زاھد شيخ به سنڌ ڌرتيءَ جو ھڪ اھڙو ئي قومي عوامي انقلابي شاعر آھي جنھن پنھنجي شاعريءَ ذريعي سنڌ جي دردن جا داستان لکيا آھن. مان اھو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نٿو سمجهان ته زاھد سائينءَ جي شاعري ايندڙ سمورين صدين جي لاءِ موجوده سنڌ جي ھڪ نظميه تاريخ آھي.
    زاهد شيخ، “شاهه لڌاڻيءَ” جي مٽيءَ جي خمير، جنهن جو پنهنجي ڳوٺ جي “چانڊو کوهه” ۾ اڄ به ساهه اٽڪيل آهي، جنهن جو روح اڄ به پنهنجي ڳوٺ جي ماکي، مصري، مکڻ، کير، لسي ۽ جهارن کي ياد ڪري گَد گَد ٿئي ٿو. زاهد چاهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪراچي جي پڪن روڊن ۽ روشنين سان پرنور رونقن جو ڪوڏيو ڇو نه رهيو هجي پر هن جو مَنُ اڄ به پنهنجي ڳوٺ “مَاهي خان شيخ” جي دڳن، ٻنن ۽ چارن تي چانڊوڪي راتين ۾ ڪيل رولاڪين کي ساري ٿو ۽ ان کي وَرَ وَرَ ڏسَڻ پَسَڻ ۽ ان جي هنج ۾ سمائجڻ جي تمنا رکي ٿو...
    هن ڪتاب جي وائين کي مون چئن موضوعن ۾ ورهايو آهي. جيڪي هي آهن.
    انقلاب- عشق- درد- تصوف

    انقلاب
    جڏهن قومن جي مٿان ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ته غاصب ۽ دشمن قوتون سندن جيئڻ جي هر وسيلي مٿان راڪاس بڻجي لامارا ڏينديون آهن ۽ انهن جو پهريون ڪم اهو ئي هوندو آهي ته هو ان قوم جي عقل، شعور ۽ سياسي سگهه کي يا ته ختم ڪري ڇڏين يا ڪمزور ڪري پنهنجن ناپاڪ ارادن جي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏين. اهڙين حالتن ۾ ان ڌرتيءَ جا ڏات ڌڻي پنهنجي عقل ۽ شعور کي ڌرتيءَ جي وفا سان جوڙي سياسي سگهه کي وڌائڻ لاءِ ڏينهن رات سوچيندا ۽ لوچيندا آهن ۽ انهن جو قلم پوءِ اهڙي سوچ کي جنم ڏيندو آهي جيڪو ڦورو ۽ غاصب قوتن جا سمورا وڇايل ڄار ۽ چالون ناڪم بڻائيندو آهي. اهڙين ئي حالتن ۾ زاهد پنهنجي قوم ۽ قومي غيرت کي بچائيندي چوي ٿو: ڏينهن کي چوان رات،
    منهنجي دل نه ٿي مڃي.....
    مَارِي مون کي ٿو چوي، “موت ۾ آهي مات”،
    منهنجي دل نه ٿي مڃي.....
    ٻئي پاسي بظاهر زندهه ماڻهن کي جيڪي صرف پنهنجي ذات جي دائرن ۾ جيئن ٿا تن کي پنهنجي قومي پريٽ ۽ سياسي سمجهه سان سلهاڙڻ لاءِ زاهد چوي ٿو:
    زندهه ماڻهوءَ لاءِ،
    ماٺ چڱي ناهي مٺا.....
    جرڪي پئُه اهڙو پرين، هيرَن کي هيساءِ،
    ماٺ چڱي ناهي مٺا....
    جيون جي لئِه جوڙڪا، جنت جهڙي جاءِ،
    ماٺ چڱي ناهي مٺا......
    هيٺين شعر ۾ به ڳالهه ساڳئي آ پر هتي سندس انداز بدليل آهي ۽ ان انداز ۾ زاهد جي لفظن جي ڪاريگري ڪمال جي آهي ۽ کيس پنهنجي قوم ۾ اڻ ڏٺل بيمارين جي چنتا آهي جيڪي ڪنهن وڻ ويڙهيءَ وانگر سندس ماروئڙن جي سوچن ۽ شعور کي وڪوڙي ويون آهن. شاعر جي شعوري سگهه ۽ عقابي نظر کين هدايت ڪندي چوي ٿي:
    موڳو ڇو آهين؟ او منهنجا سائين،
    مار نڀاڳيءَ ماٺ کي......
    ڳچيءَ ۾ پايو وتين، ڳَٽَ نه ٿو لاهين،
    مار نڀاڳيءَ ماٺ کي......
    ماڻهو ماٺِ ڪري ڇڏين، جي تون ڳالهائين،
    مار نڀاڳيءَ ماٺ کي.....
    نااميدي ۽ مايوسي اڏوهي وانگر آهن جيڪي قومن کي اندران ئي اندران کائي وجهن ٿيون، جنهن سبب انهن ۾ اجتماعي سوچ ۽ لوچ ختم ٿي وڃي ٿي، انهن منجهه پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ ويڙهه جو جذبو ماٺو ٿي وڃي ٿو، اهي پنهنجي قومي سگهه ۽ قوت کان بيخبر ٿي پون ٿا، سُستي، ڪاهلي، ڌارين قوتن جو غلبو سندن وجود جي لاءِ خطري جو سبب بڻجي پوي ٿو. اهڙين هالتن ۾ همت وڌائڻ، مُڙس ٿي پنهنجي ڌرتيءَ جي مالڪي ڪرڻ ۽ قومي شعور کي اجاگر ڪندي انهن ۾ نئين روح ڦوڪڻ لاءِ زاهد چوي ٿو:
    ٺرندا جلندڙ جهير، گهلندي ٿڌڙي هيرَ،
    آسَ نه اجڙي آ اڃا.....
    آهن يار عذاب ۾، توڙي انگ اسير،
    آسَ نه اجڙي آ اڃا....
    هٿ رکن ٿا همتون، ٺاهيندا تقدير،
    آسَ نه اجڙي آ اڃا.....
    صرف همت ٻڌائڻ مسئلو ناهي پر ان سان گڏ جدوجهد ڪرڻ ۽ ان جي ثمر جو مزو چکڻ ڪيئن هوندو آهي ان لاءِ زاهد وري هڪ للڪار بڻجي چوي ٿو:
    سو اڳتي آهي،
    جيڪو لوچي ٿو....
    ڪو به ارادي جو پڪو، پوئتي پيو ناهي،
    جيڪو لوچي ٿو.....
    پنهنجيءَ منزل کي وڃي، ڀاڪُر ٿو پائي،
    جيڪو لوچي ٿو....
    زاهد ان کي تانگهه ٿي، ڪائي تڙپائي،
    جيڪو لوچي ٿو....
    وري ساڳيو جذبو هن وائيءَ ۾ هڪ نئون رنگ بخشي ٿو:
    جو ڪمُ جيءُ چوي، سو ڪَمُ سڀُ ڪجي،
    ماتِ ڏجي رات کي.....
    رهڻو آهي ته هن ڪاڪَ جو، راڻو ٿي رهجي،
    ڏجي هن رات کي....
    هن جاءِ تي زاهد قوم کي دشمن کان نه صرف محتاط ڪري ٿو پر مڙس ماڻهو ٿي جيئڻ جا طريقا پڻ ڏسي ٿو:
    هيرو ٿي هلجانءِ، راڻو ٿي رهجانءِ،
    رهزن جا ڪيئي روپ ٿئي....
    هينئڙو هر ڪنهن کي نه ڏي، چاهت کي چئجانءِ،
    رهزن جا ڪيئي روپ ٿئي....
    سڀ سان پنهنجي ساهه جي، سگهه نه تون سلجانءِ،
    رهزن جا ڪيئي روپ ٿئي....
    زاهد ڊاهي ڊوهه کي، ٺاهوڪو ٺهڪجانءِ،
    رهزن جا ڪيئي روپ ٿئي....
    چڱي ۽ مَٺَي ۾ فرق ڪيئن ڪجي، انهن جي سڃاڻپ لاءِ ڪهڙي اک رکجي، انهن جي تر ڪتالن کي ڪيئن پڪڙجي غيرتمند ۽ مڙس ماڻهو ڪيئن ٿجي ان لاءِ زاهد چوي ٿو:
    سچيون ڪين سُڻن، ڪوڙيون ويٺاڪن.
    جهڙا ماڻهو، تهڙيون ڳالهيون....
    ڪي ڳالهائن ڳُڙ مٺو، ڪي ٿا زهر ڏين،
    جهڙا ماڻهو، تهڙيون ڳالهيون....
    ڪن وٽ لفظ ڪمال جا، ڪي بيٺا ڀنئوڪن
    جهڙا ماڻهو، تهڙيون ڳالهيون....
    سنڌ لڄائي آ سڄي، هر پاسي لوگهن،
    جهڙا ماڻهو، تهڙيون ڳالهيون....
    ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن دنيا جي سموري ترقيءَ جو راز انسان جي اڻٿڪ ۽ بي لوث محنتن جو نتيجو آهي ۽ جن قومن مستقل مزاجيءَ سان سالن جا سال بلڪه صدين جون صديون پنهنجي اجتماعي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي تن قومن ئي منزل ماڻي آهي. اڄ اهي قومون نه صرف پنهنجي ڌرتي بلڪه دنيا جي ٻين قومن لاءِ پڻ هڪ ساهس ۽ اتساهه جو سبب آهن. زاهد اهڙين ئي اڻٿڪ محنتن جو درس ڏيندي چئي ٿو:
    راتين جون باتيون، تنهن ڄاڻوءَ ڄاتيون،
    جيڪو جاڳيو آ پرين....
    آڙَهه مان ان کي مليون، ڏاهَپ جون ڏاتيون،
    جيڪو جاڳيو آ پرين....
    ان جي لئه قاتل کنيون، مقتل ۾ ڪاتيون،
    جيڪو جاڳيو آ پرين....
    زاهد بنجر ڀونءِ کي، ڏيندو برساتيون،
    جيڪو جاڳيو آ پرين....
    پنهنجي ذات جي خول مان نڪري، جڏهن ان قوم جا جوان پنهنجي اجتماعي حساب ڪتاب چُڪتو ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيندا آهن ته سندن جي ويڙهه جو انداز ئي نرالو هوندو آهي، انهن جون حڪمتِ عمليون ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏينديون آهن ۽ اهي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻجي پوندا آهن. زاهد نه صرف اهڙين ڪيترين ئي تاريخي حڪمتِ عملين کان واقف آهي پر انهن سمورين حڪمتِ عملين کي هڪ ڪامياب اوزار وانگر استعمال ڪرڻ جا ڏَس پڻ ڏئي ٿو:
    ڪالهه ڪلاچيءَ ڪُن ۾، مَڇُ هيو مڇريو،
    مانگر ماريو مورڙي...
    هيڻو ماڻهو ڏاڍ سان، ٽَلَ کڻي ٽَڪريو،
    مانگر ماريو مورڙي..

    عشق
    عشق لفظ جو ڳانڍاپو انسان جي هر احساس سان آهي. عشق ڪامياب آ ته سمورو جهان به جهومندڙ ۽ خوش ٿو لڳي، عشق ناڪام آ ته زندگي به زهر ٿي لڳي، جي عشق چيچ ٿو پڪڙي ته آڳ جا شعلا ۽ ڀڀڙ به تپش وڃائي ٿڌيءَ هير جا احساس ٿا ڏيارين ۽ جي عشق چيچ ٿو ڇڏي ته جنت جهڙي زندگي به دوز جو پرَتَو ٿي بڻجي پوي. عشق هڪ پاسي زندگي آهي ته ٻئي پاسي موت جهڙو احساس، عشق هڪ پاسي حاصلات جي سمورين لذتن جو امرت آهي ته ٻئي پاسي وِهُه جو اهو وٽو جنهن جي پيئڻ کانپوءِ دنيا جو هر ترياق به بيڪار ٿيو پوي، عشق جڏهن ڪنهن اَلهڙ جوانيءَ کي پنهنجي جهپيٽ ۾ وٺي ٿو ته شيخ اياز چواڻي اهو هڪ اهڙو عقاب بڻجي پوي ٿو جيڪو ڏاڍو ڏور اڏاري ماري ٿو، بيدرديءَ سان کنڀ کنڀ ويهي پٽي ٿو، ذات، پات، مذهب ۽ عقيدن جي چوغي کي لاهي ڦٽو ڪري ٿو. عشق جو ڪم ئي روح کي راحت بخشڻ يا رولائي ڌوڙ ڪرڻ آهي. اهڙن ئي گاڏڙ ساڏڙ احساسن سان پُر زاهد چئي ٿو:
    چوريءَ چوريءَ ڪا، مون کي چاهيندي،
    مون سوچيو ئي ڪو نه هو....
    ڪونج ڪائي اڏري اچي، هُجَ هلائيندي،
    مون سوچيو ئي ڪونه هو....
    هوءَ منهنجي سيني مٿان، وار وڇائيندي،
    مون سوچيو ئي ڪو نه هو.....
    محبت کي محبت جي ضرورت هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن جيڪا محبت اسان کي ملندي آهي ان جي بدلي اسان ان محبت کي سمورن حدن کان اورانگهي چاهيندا آهيون، جي ايئن نه ڪيون ته اسان جي مَنَ کي سُڪون ۽ شانتي ئي نه ملي. اهڙن عاشقن جا احساس هميشه عام لوڪ کان نرالا هوندا آهن. زاهد شيخ عشق ۽ اهڙن احساسن کي سُندر لفظن ۾ هيئن بيان ڪري ٿو: چئوڻي چاهت سان، تنهنجي چاهت کي،
    جاءِ ڏني ٿم جيءَ ۾.....
    سانڍيم تنهنجي ڳالهه ائين، ڄَڻُ ڪنهن آيت کي،
    جاءِ ڏني ٿم جيءَ ۾....
    جيڪڏهن محبوب مهربان ٿي پئي ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ رُگهَه جهڙين هالتن م سانوڻ ٻکين پئجي وڃي، هر طرف کان چوماسي جون هوائون گُهلي پون ۽ پَلَر پالوت ٿي پئي. اهڙن احساسن کي صرف شاعر ئي بيان ڪري سگهن ٿا ۽ زاهد اهڙن ڪومل احساسن جو سچو پچو ترجمان آهي، هي پڙهو ۽ پاڻ فيصلو ڪيو:
    تنهنجو ترسائڻ، راتيون رهائڻ،
    مون کان وسري ئي نه ٿو....
    پهرين پهرين ڏينهن تي، چرڪڻ شرمائڻ،
    مون کان وسري ئي نه ٿو....
    ساري ساري رات جو، جاڳڻ جاڳائڻ،
    مون کان وسري ئي نه ٿو....
    عشق ۽ پيار ۾ موسم هميشه هڪجهڙو ناهي رهندو، ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر منهنجي نظر ۾ ان جو هڪ وڏو سبب انسان جي تبديل ٿيندڙ فطرت آهي. نفسيات جي علم انسان جي اهڙن روين تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي ۽ انساني نفسيات جي اهڙن پهلوئن تي اڪيچار ڪتاب لکيا آهن، پر گهٽ شاعرن به ناهي ڪئي انهن جا ويچار به ڪمال جا رهيا آهن. هڪ هجي شاعر سو به زاهد جهڙو ته ان جي عقابي نظر انسان جي اهڙن روين ۽ رَوشُن کي ڪيئن ٿي ڏسي ان جا ڪجهه مثال هي آهن:
    نير سُڪائي وئي،
    هِيَر پرينءَ جي پار جي....
    مرهم زخمن جي مٿان، رات لڳائي وئي،
    هِيَر پرينءَ جي پار جي....
    راحت ڏئي روح کي، رتُ وڌائي وئي،
    هِيَر پرينءَ جي پار جي....
    جڏهن ڪو انسان بيوفائيءَ جي آڙاهه ۾ جلندو آهي ته ان وقت ان جون سموريون ڪيفيتون بيوسي جي انتها تي پهچي ونديون آهن، هن جي طبيعت ۾ حساسيت اعليٰ درجي تي پهچي ويندي آهي ۽ ان کي پنهنجي محبوب سان گهاريل سڀ گهڙيون يادن جي صورت ۾ صرف گهاءَ ئي ڏينديون آهن. محبوب جي اهڙي بيوفائيءَ تي زاهد بي اختيار چئي ڏئي ٿو:
    دل وٺي دلبر،
    ڏاڍا ڏک ڏئي وئين....
    مون لئه بند ڪري ڇڏيئه، پنهنجي گهر جا دَرَ
    ڏاڍا ڏک ڏئي وئين....
    زاهد جي هر آسَ تي، اُڇليا تو اَڱر،
    ڏاڍا ڏک ڏئي وئين....
    شل نه ڪنهن سان مُومَل جهڙي ٿئي، هڪ غلطي سموري زندگيءَ جو روڳ بڻجي پوندي آهي ۽ شل نه ڪنهن جو محبوب راڻي جهڙو ٿي پوي جيئري ئي ڄڻ چِتَا چاڙهي ڇڏيندو آهي. پل پل انتظار، ايذاءُ ۽ ڀوڳنا جي بلي ٿي پوندو آهي. هئي هئي ڇا ته زاهد هن وائيءَ ۾ اهڙن احساسن جي نقشبندي ڪئي آهي:
    مومل جي مَنَ کي،
    راڻا رنجائي وئين...
    اَياڻا اڌ واٽ ۾، ويٺين منهن مٽي،
    راڻا رنجائي وئين...
    ڪانگ اڏاري ڪاڪ تان، بيٺي سِڪَ سڏي،
    راڻا رنجائي وئين...
    محبت ۾ آس ۽ اميد جيئڻ جو سبب هوندي آهي پر جي اها آس ۽ اميد جيون جرڪائي وجهي ته ٻيو ڇا کپي. اهڙن احساسن کي سمجهڻ لاءِ اڳلي جو سمجهو هجڻ به ضروري آهي ۽ انهن اميدن کي مان ڏيڻ لاءِ زاهد تڙپي اٿي ٿو ۽ هُجَ ڪندي فرياد ڪري ٿو:
    ڇڏي جا روڪي، منهنجن لڙڪن کي.
    مون کي اهڙي مُرڪ ڏي....
    جنهن سان گُل ٽڙي پون، سُڪَل چپن تي،
    مون کي اهڙي مُرڪ ڏي....
    جنهن مان نڪرن ٿا سوين، رستا ٽهڪن ڏي،
    مون کي اهڙي مُرڪ ڏي....
    زاهد گهايل جيئڙو جهومي پئي جنهن تي،
    مون کي اهڙي مُرڪ ڏي....
    وڇوڙو ماري ٿو، ڳاري ٿو، ڳڀا ڳڀا ڪري ٿو، چير ۽ چهڪ ڏئي لوڻ پُرڪي ٿو، رڻ م رلائي غارت ڪري ٿو، اهڙا وَڍَ ڏئي ٿو جو زاهد شيخ جهڙي شاعر کي به بي اختيار چوڻو پوي ٿو:
    پيار ڪنهن کي ڏئي، ڌار ناهي ڪبو،
    ٿورڙو سوچ تون....
    غير کي ڳچيءَ جو، هار ناهي ڪبو،
    ٿورڙو سوچ تون....
    پاڻ کي ڪنهن مٿان، بارُ ناهي ڪبو،
    ٿورڙو سوچ تون....
    ڪنهن مئل جي مٿا، وارُ ناهي ڪبو،
    ٿورڙو سوچ تون....
    محبوب سان گذاريل خوبصورت وقت جڏهن ماضيءَ جي چادر اوڙهي ياد بڻجي پوندو آهي ته دراصل اها صرف ياد نه هوندي آهي پر زندگيءَ لاءِ جيئڻ ۽ مُرڪڻ جو سبب بڻجي پوندي آهي. اهڙيون خوبصورت يادون هڪ اهڙي مرهم بڻجي پونديون آهن جيڪا گَهري زخم کي به ٺيڪ ڪرڻ ۾ ويرم ناهي لڳائيندي. تڏهن ته زاهد محبوب کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:
    گڏ گذاريل گهڙيون،
    تون وسارين متان....
    منهنجي دل کي هڻي، قرب واريون ڪڙيون،
    تون وسارين متان....
    پيار جون لذتون، مٺڙيون مصريءَ ڳڙيون،
    تون وسارين متان....
    روح زاهد سندو، تنهنجي پويان رڙيون،
    تون وسارين متان....
    وقت جو قدر جن نه ڪيو تن سڀ ڪجهه وڃايو تنهن ڪري ته چوندا آهن ته وقت وڏو بادشاهه، پيار جيڪڏهن محتاج آهي ته وقت جو آهي ۽ جي وقت تي اظهار نه ٿيو ته پيار اڻپورو ۽ اڌورو رهجي ويندو، جيڪڏهن وقت تي پيار جي پودي کي پاڻي نه مليو ته اهو مرجهائجي ويندو. پيار ۽ وقت جي ان اهميت کي زاهد واهه جو بيان ڪيو آهي:
    پريت ۾، پيار ۾،
    دير ناهي ڪبي.....
    دلربا جي اڳيان، دل جي اظهار ۾،
    دير ناهي ڪبي.....
    جيڪڏهن دل چوي، صاف انڪار ۾،
    دير ناهي ڪبي.....
    وقت زاهد چوي، وارُ ڪري وارَ ۾،
    دير ناهي ڪبي.....
    ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪنهن جي اچڻ سان يا ڪنهن جي هجڻ سان زندگي ئي بدلجي پوندي آهي. بي رونق لمحا رونقون بخشي وجهندا آهن، بي معنيٰ زندگيءَ کي معنيٰ ملي پوندي آهي ۽ پوءِ من جهومي اٿندو آهي ۽ زاهد چواڻي هيئن ٿي پوندو آهي:
    ڀاڳ جاڳي پون،
    جيڪڏهن تون اچين....
    دل جي اميد ڏي، آسرا ڪي اچن،
    جيڪڏهن تون اچين....
    تنهنجي هڪ ديد سان، درد گهٽجي پون،
    جيڪڏهن تون اچين....
    هيل سندر سڀئي، منهنجون شامون ٿين،
    جيڪڏهن تون اچين....
    من جي تصوير ۾، رنگ زاهد رچن،
    جيڪڏهن تون اچين....

    درد
    خوشين جا لمحا ٻاڦ بڻجي اڏامي ويندا آهن جڏهن ته درد جو هڪ لمحو به زندگي ڀر جو روڳ بڻجي پوندو آهي، درد سان پُر هڪڙي ياد به ڪنهن ناسُور کان گهٽ ناهي هوندي ۽ جيڪڏهن اهو درد ڪنهن دل گهرئي دلداد جي طرفان پَلَئه پيو هجي ته ان جي شدت ته وڌي ويندي آهي. جهوليءَ ورتل اهڙن ئي سُورن جي پچار زاهد وٽ به آهي:
    ڪنهن ڪنهن ڏُک ڏنا، ڪهڙا ۽ ڪيڏا،
    وسريا ڪين وجود کان.....
    جيڏا گل ڏنا هيم، گهَاوَ مليا تيڏا،
    وسريا ڪين وجود کان.....
    ڳاڻيٽي کان هاڳرا، صدما سورَن جا،
    وسريا ڪين وجود کان.....
    دل مٿان زاهد ڪريا، درد جبل جيڏا،
    وسريا ڪين وجود کان.....
    درد ۽ بي وسي ٻئي هڪٻئي لاءِ ڄڻ ته لازم ملزوم آهن، اهڙين حالتن ۾ انسان کي ڏَڍَ ۽ اميدن جي دامن جي ضرورت هوندي آهي جيڪا کيس پار پهچائي. اهڙين حالتن ۾ شاعر جي حساسيت آس ۽ خواهشن جو اپٽار بڻجي پوندي آهي جيئن زاهد چئي ٿو:
    سارن ڳلڙن تان، پنهنجن هٿڙن سان،
    جيڪر لُڙڪ اگهي سگهان....
    سُڏڪا دنيا جا سُڻي، سوچيندو آهيان،
    جيڪر لُڙڪ اگهي سگهان....
    جيڪي اميدون ڏين، اهڙا گيت لکان،
    جيڪر لُڙڪ اگهي سگهان....
    زاهد انهيءَ آسَ تي، جَڳَ ۾ ٿو جيئان،
    جيڪر لُڙڪ اگهي سگهان....
    آخر ۾ صرف ايترو ته سنڌ اندر شاعريءَ جي دنيا ۾ زاهد جي هڪ الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ آهي، تنهنڪري زاهد کي پنهنجي ان سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ اڃا به وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي ضرورت آهي. زاهد جي شاعريءَ کي راڳ جو لباس اوڍائي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلائڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ جديديت جو رنگ شامل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان جو اهو مطلب قطعي نه آهي ته زاهد کي پنهنجي شاعريءَ يا شخصيت تي ڪمرشلزم جو ٽينگ لڳائڻ گهرجي، جي ائين ٿيو ته اهو زاهد جي شخصيت، شاعري ۽ سڃاڻپ لاءِ هڪ وڏو خطرو هوندو. مان اها اميد رکان ٿو ته زاهد شيخ جو آواز ۽ ان جي شاعري هڪ دفعو ٻيهر سنڌ اندر ائين گونجي اٿندا جيئن رُڃ ۾ ڪنهن مور جي ڪُوڪَ. شال زاهد اڃا وڌيڪ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻي...


    سجاد گهلو
    شڪارپور سنڌ
    2019-08-20


    توکي پوڄيان ٿو- مون کي پاليو تو

    توکي پوڄيان ٿو- مون کي پاليو تو،
    شاهَه لُڌاڻيءَ جي مِٽي.

    ڏِنُئي مون کي ڏيهَه ۾، جيئڻ لاءِ اَجهو،
    شاهَه لُڌاڻيءَ جي مِٽي.

    توسان منهنجي پيارَ جو، ليکو ڪونهي ڪو،
    شاهَه لُڌاڻيءَ جي مِٽي.

    توڙي مان توکان پَري- ته به آهيان تُنهنجو،
    شاهَه لُڌاڻيءَ جي مِٽي.
    ساري جڳ سان پيار آ تُنهنجي “زاهد” جو،
    شاهَه لُڌاڻيءَ جي مِٽي.
    شاهَه لُڌاڻيءَ جي مِٽي.




    (شاهَه لُڌاڻي اُن علائقي جو نالو آ، جتي منهنجو پيدائشي ڳوٺ
    ماهي خان شيخ آهي.)


    مون کي ساري ٿو، چَنڊُ پُڪاري ٿو،

    مون کي ساري ٿو، چَنڊُ پُڪاري ٿو،
    اَڄُ به چانڊو کوهَه تي.

    روز نماڻيءَ سونهن جو، نينهن نِهاري ٿو،
    اَڄُ به چانڊو کوهَه تي.

    سانوڻ ڪائي سانوري، ياد ڏياري ٿو،
    اَڄُ به چانڊو کوهَه تي.

    ڪوئي سپنن ۾ گهڙيون، مون سان گهاري ٿو،
    اَڄُ به چانڊو کوهَه تي.

    “زاهد” هينئڙو ياد جا، ڏيئا ٻاري ٿو،
    اَڄُ به چانڊو کوهَه تي.
    اَڄُ به چانڊو کوهَه تي.



    (“چانڊو کوهُه” منهنجي ڳوٺ جي ٻاهران، هڪ کوهه جو نالو آهي.)


    ڪيڏا موچارا، پر مون کي پيارا،

    ڪيڏا موچارا، پر مون کي پيارا،
    ماڻهو ڳوٺاڻا مِٺا.

    ماکيون، مِصريون ۽ مکڻَ، کيرَ، لَسيون جهارا،
    ماڻهو ڳوٺاڻا مِٺا.

    چاهت جون چانڊوڪيون، دَڳَ، ٻَنا، چارا،
    ماڻهو ڳوٺاڻا مِٺا.

    سُٺا سڀ سٻاجهڙا، سُهڻا سوڀارا،
    ماڻهو ڳوٺاڻا مِٺا.

    هَرُ هَٿين، ڪوڏَر ڪُلهي- ٻِجَ، ٻَنيون، ٻارا،
    ماڻهو ڳوٺاڻا مِٺا.
    ماڻهو ڳوٺاڻا مِٺا.
    ***


    جَلوي، تي جَذبو- شاعر جي دل جو،

    جَلوي، تي جَذبو- شاعر جي دل جو،
    چاهُه نه ڄاڻين تون چَريا.

    نِرڄا توکي سونهن جو- ناهي نينهُن لَڳو،
    چاهُه نه ڄاڻين تون چَريا.

    تون ڇا آهين؟ پاڻ لئه- تو نه ڪڏَهن سوچيو،
    چاهُه نه ڄاڻين تون چَريا.

    جوڙيو ڪنهن جي، جيءَ ۾- اٿئي ڪو نه اَجهو،
    چاهُه نه ڄاڻين تون چَريا.

    سُهڻو ماڻهو ساهَه کان- مون کي آهي مِٺو،
    چاهُه نه ڄاڻين تون چَريا.
    چاهُه نه ڄاڻين تون چَريا.
    *


    ٿرُ ٿي ويو ٿُڌڪار،

    ٿرُ ٿي ويو ٿُڌڪار،
    مينهوڳيءَ جي مُندَ ۾.

    وَريو واءُ سُڪار جو- ٽريو ڏيهَه ڏُڪار،
    مينهوڳيءَ جي مُندَ ۾.

    سَرها ٿي ويا ساهڙا- مليو مَنَ کي ٺار،
    مينهوڳيءَ جي مُندَ ۾.

    مارُن ڳايو مُرڪندي- مٺڙو راڳُ مَلهار،
    مينهوڳيءَ جي مُندَ ۾.

    زاهد پِياسَن لاءِ آ- پاڻي پالڻهار،
    مينهوڳيءَ جي مُندَ ۾.
    مينهوڳيءَ جي مُندَ ۾.
    ***


    سَڪَ ۾ سِرَ گهوريو،

    سَڪَ ۾ سِرَ گهوريو،
    سونهَن نه توريو سونَ ۾.

    مومل آهي ڪاڪ ۾- ڏسڻَ لئه ڏوريو،
    سونهَن نه توريو سونَ ۾.

    آڙَهُه ٻاري، عشق جو- اَندر جون اوريون،
    سونهَن نه توريو سونَ ۾.

    جَن مان چاهُه مَري چُڪو- جيءَ اُهي جهوريو،
    سونهَن نه توريو سونَ ۾.

    “زاهد” پيرَ پِريتِ ۾- سوريءَ ڏي سوريو،
    سونهَن نه توريو سونَ ۾.
    سونهَن نه توريو سونَ ۾.
    ***


    ڏينهن کي چوان رات،

    ڏينهن کي چوان رات،
    مُنهنجي دِل نَٿي مَڃي.

    ماري مون کي ٿو چوي- “موت ۾ آهي مات”،
    مُنهنجي دِل نَٿي مَڃي.

    هِڪڙو پَلُ مون کان پرين- تُنهنجي وِسري تات،
    مُنهنجي دِل نَٿي مَڃي.

    شاعر جي دل جا ڪَڏهن- جهورُ ٿين جَذبات،
    مُنهنجي دِل نَٿي مَڃي.
    مُنهنجي دِل نَٿي مَڃي.
    ***


    زنده ماڻهوءَ لاءِ،

    زنده ماڻهوءَ لاءِ،
    ماٺِ چَڱي ناهي مِٺا.

    واڪا ويرَ نٿو ڪرين- ٿوروئي ڳالهاءِ،
    ماٺِ چَڱي ناهي مِٺا.

    جوڀَن کي جاڳاءِ تون- جاڳائي جهوماءِ،
    ماٺِ چَڱي ناهي مِٺا.

    جَرڪي پَئُه اَهِڙو پرين- هيرَن کي هيساءِ،
    ماٺِ چَڱي ناهي مِٺا.

    جيون جي لئه جوڙِ ڪا- جَنتَ جهڙي جاءِ،
    ماٺِ چَڱي ناهي مِٺا.

    زاهد پنهنجي پيار کي، پيارن تئين پهچاءِ،
    ماٺِ چَڱي ناهي مِٺا.
    ماٺِ چَڱي ناهي مِٺا.
    ***


    جَڳَ ۾ جيئڻ لاءِ،

    جَڳَ ۾ جيئڻ لاءِ،
    مون کي راهَه مِلي وَئي.

    تُنهنجي، اَندر کان پُڇيم- تُنهنجو ٿيڻ لاءِ،
    مون کي راهَه مِلي وَئي.

    اوسيئڙا اَرپي وئينءَ- بَر ۾ بيهَڻ لاءِ،
    مون کي راهَه مِلي وَئي.

    تنهنجين اکڙين مان چڱي- چُسڪي پيئڻ لاءِ،
    مون کي راهَه مِلي وَئي.

    “زاهد” لُڙڪن کي وري- آٿَتِ ڏيڻ لاءِ،
    مون کي راهَه مِلي وَئي.
    مون کي راهَه مِلي وَئي.
    ***


    مُنهنجا سائين مان،

    مُنهنجا سائين مان،
    تُنهنجي، لاءِ لکان پيو.

    ناتو لائي نينهن جو- ننڊ پيو ناهيان،
    تُنهنجي، لاءِ لکان پيو.

    هَٿَ ڪَڙِين آڏو پرين- هَٿُ کڻي سِرَ تان،
    تُنهنجي، لاءِ لکان پيو.

    اُميدُن جي آسري- ويٺو وَرِهَن کان،
    تُنهنجي، لاءِ لکان پيو.

    زاهد کي سِنڌُ پاڻ کان، سمجهين ڏور متان.
    تُنهنجي، لاءِ لکان پيو.
    تُنهنجي، لاءِ لکان پيو.

    منهنجا گيتَ لڳائجانءِ- پنهنجي، سيني سان،
    تُنهنجي، لاءِ لکان پيو.
    تُنهنجي، لاءِ لکان پيو.
    ***


    منهنجي، گهاوَن مان،

    منهنجي، گهاوَن مان،
    اَڃان رَتُ وَهي پَيو.

    تُنهنجا لَفظ تِکا سَڀئي- ڪَڙڪيا دل مٿان،
    اَڃان رَتُ وَهي پَيو.

    مَرَهم اُکلي آ وَئي- سارن زخمن تان،
    اَڃان رَتُ وَهي پَيو.

    مون کي ويڄَ وساريو- آهي وَرِهَن کان،
    اَڃان رَتُ وَهي پَيو.

    “زاهد” رُڪجي، ئي نٿو- مُنهنجي رَڳَ رَڳَ مان،
    اَڃان رَتُ وَهي پَيو.
    اَڃان رَتُ وَهي پَيو.
    ***


    نيرَ سُڪائي، وَئي،

    نيرَ سُڪائي، وَئي،
    هيرَ پِرينءَ جي پارَ جي.

    نيهَن نِياپي، ساڻ آ- ڀاڪي پائي وَئي،
    هيرَ پِرينءَ جي پارَ جي.

    مَرهَم زخمن جي مٿان- رات لَڳائي وَئي،
    هيرَ پِرينءَ جي پارَ جي.

    راحَت ڏئي روحَ کي- رَتُ وڌائي وئي،
    هيرَ پِرينءَ جي پارَ جي.

    “زاهد” مَنَ ۾ آ نئون- رَنگُ رَچائي وَئي.
    هيرَ پِرينءَ جي پارَ جي.
    هيرَ پِرينءَ جي پارَ جي.
    ***


    مُنهنجي، مَن تي هو،

    مُنهنجي، مَن تي هو،
    تُنهنجو ٿَڌڙو ڇانوِرو.

    جهڙو اڳلي سال هو- سانوڻ هيل نه سو،
    تُنهنجو ٿَڌڙو ڇانوِرو.

    تاڪون وِکري مان ويس- جاڪون وِڇڙي ويو،
    تُنهنجو ٿَڌڙو ڇانوِرو.

    اُس وَڏي آ واٽَ ۾- آڏو ڪونهي ڪو،
    تُنهنجو ٿَڌڙو ڇانوِرو.

    جيون جي رِڻَ ۾ اَڃان- “زاهد” ڳولي ٿو،
    تُنهنجو ٿَڌڙو ڇانوِرو.
    تُنهنجو ٿَڌڙو ڇانوِرو.
    ***


    دِل وَٺي دِلَبر،

    دِل وَٺي دِلَبر،
    ڏاڍا ڏُکَ ڏئي وَئين.

    مون لَئه بندِ ڪري ڇَڏيئه- پنهنجي گهر جا دَرَ،
    ڏاڍا ڏُکَ ڏئي وَئين.

    سِڪَ سَٽون ڏي ٿي پرين- هينئڙي، کي هَر هَرَ،
    ڏاڍا ڏُکَ ڏئي وَئين.

    گِيت وڇوڙي، جا بَڻيا- دَردَن جا منظر،
    ڏاڍا ڏُکَ ڏئي وَئين.

    “زاهدَ” جي هَر آس تي- اُڇليا تو اَڱرَ،
    ڏاڍا ڏُکَ ڏئي وَئين.
    ڏاڍا ڏُکَ ڏئي وَئين.
    ***


    تُنهنجو هَر اِقرار،

    تُنهنجو هَر اِقرار،
    توکان وسِري آ وَيو.

    مون سان ڪالهَه ڪَيو هُيئي- چاهتُ جو اظهار،
    توکان وسِري آ وَيو.

    چَپَ سُڪي ٿَرُ ٿي ويا- راڻي راڳُ ملهار،
    توکان وسِري آ وَيو.

    هيل ڪرين تون ڇو نٿي- سَرتي هار سينگار،
    توکان وسِري آ وَيو.

    پنهنجي “زاهد” لاءِ ڇو- سهڻي سوچَ ويچار،
    توکان وسِري آ وَيو.
    توکان وسِري آ وَيو.
    ***


    سورَن ۾ سَرِتيون

    سورَن ۾ سَرِتيون،
    ڪوئي سَڏُ نَٿو سُڻي.

    جهوريون مُنهنجي، جيءَ کي- پيڙِن روز پَيون،
    ڪوئي سَڏُ نَٿو سُڻي.

    پَلَ پَلَ جون تنهائِيون- ويڙهي هيلَ وَيون،
    ڪوئي سَڏُ نَٿو سُڻي.

    بي حِس ماڻهن جي اڳيان، ڪهڙي ڳالهه ڪيون،
    ڪوئي سَڏُ نَٿو سُڻي.

    سوچون زاهد سنڌ لئه، رڙنديون روز رهيون.
    ڪوئي سَڏُ نَٿو سُڻي.
    ڪوئي سَڏُ نَٿو سُڻي.
    ***


    مُشڪل ۾ ڪنهن کي،

    مُشڪل ۾ ڪنهن کي،
    ڪائي ڳالِهه نَٿي وَڻي.

    جنهن جي دل ٽُٽي پَئي- دنيا ۾ تنهن کي،
    ڪائي ڳالِهه نَٿي وَڻي.

    سوڄَڻُ زنده لاش آ- جيون ۾ جنهن کي،
    ڪائي ڳالِهه نَٿي وَڻي.

    وَهَه وا! جي وِهُه ڏي نه تون- جي مُنهنجي توکي،
    ڪائي ڳالِهه نَٿي وَڻي.

    مان شاعر مظلومَ جو- ظالم جي مون کي،
    ڪائي ڳالِهه نَٿي وَڻي.

    زاهد روئندڙ روح کي، ڏَڍُ نٿو ڪوڏي.
    ڪائي ڳالِهه نَٿي وَڻي.
    ڪائي ڳالِهه نَٿي وَڻي.
    ***


    مُنهنجي، اندرَ جي،

    مُنهنجي، اندرَ جي،
    اَڻپوري هَر آسَ آ.

    ڪڪريون قرب نٿيون ڪَرن- اَڄُ ڪارونجهرَ جي،
    اَڻپوري هَر آسَ آ.

    روئندي نيرَ کُٽي پيا- هيل سمندَر جي،
    اَڻپوري هَر آسَ آ.

    سارو گهرُ ٻَهڪي پيو- پر دل جي گهرَ جي،
    اَڻپوري هَر آسَ آ.

    سورَن ۾ آ زندگي- ساري ئي تر جي،
    اَڻپوري هَر آسَ آ.

    زاهد صدين کان رهي، سنڌ جي منظر جي-
    اَڻپوري هَر آسَ آ.
    اَڻپوري هَر آسَ آ.
    ***


    تو بن جيوَن جي،

    تو بن جيوَن جي،
    هَرڪا شامَ اُداس آ.

    آهي مون لئه هر گهڙي- آڙَهُه ٿي ايندي،
    هَرڪا شامَ اُداس آ.

    روز نئين سِر ساهه کي- سُڏڪا ڏئي ويندي،
    هَرڪا شامَ اُداس آ.

    دل کي بيدَرديءَ سان- بيهي جهيريندي،
    هَرڪا شامَ اُداس آ.

    “زاهد” مُنهنجي لاءِ هوءَ- نيٺ ته سوچيندي،
    هَرڪا شامَ اُداس آ.
    هَرڪا شامَ اُداس آ.
    ***


    تُنهنجي لئه آهي،

    تُنهنجي لئه آهي،
    اَڃا روحُ اُٻاڻڪو.

    منهنجو مَنُ مون ساڻ ئي- نٿو ڳالهائي،
    اَڃا روحُ اُٻاڻڪو.

    تو بِن ساهُه سُڪونَ جا- ڳيچَ نٿو ڳائي،
    اَڃا روحُ اُٻاڻڪو.

    ڪائي رات قرار ۾- جيءُ سُتو ناهي،
    اَڃا روحُ اُٻاڻڪو.

    “زاهد” هينئڙو ٻاجهه لئه- بيٺو ٻاڏائي،
    اَڃا روحُ اُٻاڻڪو.
    اَڃا روحُ اُٻاڻڪو.
    ***


    مومَلَ جي مَنَ کي،

    مومَلَ جي مَنَ کي،
    راڻا رَنجائي وَئين.

    اَياڻا اَڌَ واٽ ۾- ويٺين مُنهن مَٽي،
    راڻا رَنجائي وَئين.

    ڪانگَ اُڏاري، ڪاڪ تان- بيٺي سِڪَ سَڏي،
    راڻا رَنجائي وَئين.

    سوڍلَ مُنهنجي ساهَه کي- ٿورو ڏڍُ ته ڏي،
    راڻا رَنجائي وَئين.

    ڪَهڙو پنهنجي راڄ ۾- ماڻُ ڪيان توتي،
    راڻا رَنجائي وَئين.

    زاهد جا وئين نيڻ تون- ڇولين منجهه ڇڏي.
    راڻا رَنجائي وَئين.
    راڻا رَنجائي وَئين.
    ***


    اکڙيون هَن آليون- آلين جون ڳالهيون،

    اکڙيون هَن آليون- آلين جون ڳالهيون،
    مَنَ تون سَمجهين مينڌرا.

    تُنهنجي آئي، ڪاڪ تي- اينديون هَريالِيون،
    مَنَ تون سَمجهين مينڌرا.

    مون تنهنجي لئه چاهتون- وَرِهَن کان پاليون،
    مَنَ تون سَمجهين مينڌرا.

    جيسين آهيون جيئرا- جيڪرَ گڏ جاليون،
    مَنَ تون سَمجهين مينڌرا.

    توبن زاهد ساهه جون، بر ۾ بي حاليون-
    مَنَ تون سَمجهين مينڌرا.
    مَنَ تون سَمجهين مينڌرا.
    ***


    ڇَڏي جا روڪي- مُنهنجن لُڙڪن کي،

    ڇَڏي جا روڪي- مُنهنجن لُڙڪن کي،
    مون کي اَهڙي مُرڪَ ڏي.

    جنهن سان گُلَ ٽڙي پَوَن- سُڪلَ چَپَن تي،
    مون کي اَهڙي مُرڪَ ڏي.

    جنهن مان نِڪرن ٿا سَوين- رَستا ٽَهڪن ڏي،
    مون کي اَهڙي مُرڪَ ڏي.

    جنهنجي آڏو چاهَه ۾- جُهڪي چَنڊُ پوي،
    مون کي اَهڙي مُرڪَ ڏي.

    “زاهد” گهايل جيئڙو- جهومي پَئي جنهن تي،
    مون کي اَهڙي مُرڪَ ڏي.
    مون کي اَهڙي مُرڪَ ڏي.
    ***


    بَرَ ۾ بيٺل مان- اُجڙيل وَڻُ آهيان،

    بَرَ ۾ بيٺل مان- اُجڙيل وَڻُ آهيان،
    بَڻجي آءُ بَهارَ تون.

    جيءَ ۾ جيئڻ جيترو- آهي دَمُ اَڃا
    بَڻجي آءُ بَهارَ تون.

    تُنهنجن ٽهڪن سان ملي- ٻهڪڻ ٿو چاهيان،
    بَڻجي آءُ بَهارَ تون.

    جيڪو جيون آ بَچيو- جيئڻو آ تو سان،
    بَڻجي آءُ بَهارَ تون.

    زاهد راتيون ڏينهنڙا- تڙپيو ٿو تڙپان
    بَڻجي آءُ بَهارَ تون.
    بَڻجي آءُ بَهارَ تون.
    ***


    اُجڙيل جون آهون- دَردَ ڀَريون دانهون،

    اُجڙيل جون آهون- دَردَ ڀَريون دانهون،
    روڄُ ڏِين ٿِيون راڄَ کي.

    آڙَهُه بَڻجي ٿيون اَچن- هرهر هَوائون،
    روڄُ ڏِين ٿِيون راڄَ کي.

    هيلَ به هَر مِسڪينَ تي- قاتل جون ڪاهون،
    روڄُ ڏِين ٿِيون راڄَ کي.

    آسَ گُهري ٿي آسرو- رُڃَ سَڀئي راهون،
    روڄُ ڏِين ٿِيون راڄَ کي.

    زاهد تون نه اُداس ٿيءُ- تنهجو پيڙائون،
    روڄُ ڏِين ٿِيون راڄَ کي.
    روڄُ ڏِين ٿِيون راڄَ کي.
    ***


    مُنهنجي لئه مُنهنجو- ڪوئي ڪونهي ڪو،

    مُنهنجي لئه مُنهنجو- ڪوئي ڪونهي ڪو،
    جيئان ڪَنهن جي ڪاڻ مان.

    هاءِ ڪري ويو هيڪلو- ڪالهَه هِتي هو ڪو،
    جيئان ڪَنهن جي ڪاڻ مان.

    هَر دِلبرَ جي دوستي- دوکو آ دوکو،
    جيئان ڪَنهن جي ڪاڻ مان.

    جَڳَ ۾ جيئڻ لاءِ ڪو- ڏسُ ته ڏيو لوڪو،
    جيئان ڪَنهن جي ڪاڻ مان.

    “زاهد” آهي زندگي- ڏينهڙو اَڄوڪو،
    جيئان ڪَنهن جي ڪاڻ مان.
    جيئان ڪَنهن جي ڪاڻ مان.
    ***


    سَچَ سونهن ۽ پيارَ کي- جيءَ ۾ جاءِ ڏئي،

    سَچَ سونهن ۽ پيارَ کي- جيءَ ۾ جاءِ ڏئي،
    جيئڻ گُهرجي دوستو.

    جَهڙا ۽ جيڏا مِليا- سارا سُورَ سَهي،
    جيئڻ گُهرجي دوستو.

    جيونَ کي جَرڪائجي- رَنگن منجهه رَهي،
    جيئڻ گُهرجي دوستو.

    وَڃڻي آ ويندي هَلي- ويهَڻي ناهي وَهي،
    جيئڻ گُهرجي دوستو.

    “زاهد” ريت پِريت ڏي- ويندڙ واٽَ لَهي،
    جيئڻ گُهرجي دوستو.
    جيئڻ گُهرجي دوستو.
    ***


    ڪنهن ڪنهن ڏُکَ ڏنا- ڪَهڙا ۽ ڪيڏا،

    ڪنهن ڪنهن ڏُکَ ڏنا- ڪَهڙا ۽ ڪيڏا،
    وِسريا ڪِينَ وجودَ کان.

    جيڏا گُل ڏِنا هُيم- گهاوَ مِليا تيڏا،
    وِسريا ڪِينَ وجودَ کان.

    تاڻي، تيرَ هِڻي وَئين- تکا لَفظن جا،
    وِسريا ڪِينَ وجودَ کان.

    ڳاڻيٽي کان ها ڳرا- صدما سورن جا،
    وِسريا ڪِينَ وجودَ کان.

    دِل مٿان “زاهد” ڪِريا- دَردَ جَبلَ جيڏا،
    وِسريا ڪِينَ وجودَ کان.
    وِسريا ڪِينَ وجودَ کان.
    ***


    تُنهنجين سوچُن کي- يا پنهنجن ڀاڳن کي،

    تُنهنجين سوچُن کي- يا پنهنجن ڀاڳن کي،
    ڏوراپو ڪَنهِن کي ڏيان.

    ٻَئي هَٿَ ڏئي ڇَڏيئه- ٻُڌڻ وارن تي،
    ڏوراپو ڪَنهِن کي ڏيان.

    ڳوڙها اَکڙين جا سَڀئي- ويٺُسِ مان اوتي،
    ڏوراپو ڪَنهِن کي ڏيان.

    روئي روئي نيٺ مون- روڄُ ڇَڏيو روڪي،
    ڏوراپو ڪَنهِن کي ڏيان.

    “زاهد” آسَ اَٿم اِها- سَنگدل مَنَ سوچي،
    ڏوراپو ڪَنهِن کي ڏيان.
    ڏوراپو ڪَنهِن کي ڏيان.
    ***


    ڪَهڙي مون پاتي- هِڪڙي حياتي،

    ڪَهڙي مون پاتي- هِڪڙي حياتي،
    جوڀَن گُذريو جيلَ ۾.

    وَرهن کان تُنهنجي پرين- تاتِ اَٿم تاتي،
    جوڀَن گُذريو جيلَ ۾.

    دِلبَر جي دوري بَڻي- جذبن لئه ڪاتي،
    جوڀَن گُذريو جيلَ ۾.

    سُڪَلَ ٺوٺُ زمين آ- ڇاتيءَ ريءَ ڇاتي،
    جوڀَن گُذريو جيلَ ۾.

    دَرِدَ به آهن ٿي وَيا- ڄَڻُ گهر جا ڀاتي،
    جوڀَن گُذريو جيلَ ۾.

    سُکَ نه “زاهد” جيءَ ۾- پاتي ڪا جهاتي،
    جوڀَن گُذريو جيلَ ۾.
    جوڀَن گُذريو جيلَ ۾.
    ***


    ڏُکن ۾ ڏوريَئون پيا- پنهنجن سُکَن لاءِ،

    ڏُکن ۾ ڏوريَئون پيا- پنهنجن سُکَن لاءِ،
    پيرَ اَسانجا پَنڌ ۾.

    سوچَ ڏني هيءَ لوچَ آ- سُندر لَمحَن لاءِ،
    پيرَ اَسانجا پَنڌ ۾.

    جيءَ کي جهومائي هَليا- جذبا جَلوَن لاءِ،
    پيرَ اَسانجا پَنڌ ۾.

    چَپَ رَکن ٿا چاهتون- مِٺڙين مُرڪن لاءِ،
    پيرَ اَسانجا پَنڌ ۾.

    “زاهد” جيون جي ڏکئي- رڻ ۾ رَستن لاءِ،
    پيرَ اَسانجا پَنڌ ۾.
    پيرَ اَسانجا پَنڌ ۾.
    ***


    توڙي، تاءُ تِکو- اوکيءَ مَنزِل جو،

    توڙي، تاءُ تِکو- اوکيءَ مَنزِل جو،
    مان ته مُسافِر آهيان.

    اَڃا ٿو آرامَ لئه- ڳوليان آنءُ اَجهو،
    مان ته مُسافِر آهيان.

    ڏوهُه ڏسيو ئي ڪو نه ٿا- ڏنڀَ ڏيو ٿا ڇو؟
    مان ته مُسافِر آهيان.

    مون کي پنهنجي ساهَه کان- آهي ماڳُ مِٺو،
    مان ته مُسافِر آهيان.

    هَر دم تنها دَم اَٿم- هَمدَم ڪونهي ڪو،
    مان ته مُسافِر آهيان.

    زاهد ڪرڻي ڪين آ- دل سان ڇا ۽ ڇو
    مان ته مُسافِر آهيان.
    مان ته مُسافِر آهيان.
    ***


    سارَن ڳُلڙَن تان- پنهنجن هَٿڙَن سان،

    سارَن ڳُلڙَن تان- پنهنجن هَٿڙَن سان،
    جيڪَر لُڙڪَ اُگهي سَگهان.

    سُڏڪا دنيا جا سُڻي- سوچيندو آهيان،
    جيڪَر لُڙڪَ اُگهي سَگهان.

    ايڏي سَگهه مِلي وَڃي- هَر ماڻهوءَ جا مان،
    جيڪَر لُڙڪَ اُگهي سَگهان.

    جيڪي اُميدون ڏَين- اَهڙا گيتَ لِکان،
    جيڪَر لُڙڪَ اُگهي سَگهان.

    “زاهد” اِنهيءَ آس تي- جَڳَ ۾ ٿو جيئان،
    جيڪَر لُڙڪَ اُگهي سَگهان.
    جيڪَر لُڙڪَ اُگهي سَگهان.
    ***


    ٺَرندا جَلندڙَ جهيرَ- گُهلندي ٿَڌڙي هيرَ،

    ٺَرندا جَلندڙَ جهيرَ- گُهلندي ٿَڌڙي هيرَ،
    آسَ نه اُجڙي آ اَڃا.

    آهن يارَ عذاب ۾- توڙي اَنگَ اَسيرَ،
    آسَ نه اُجڙي آ اَڃا.

    ڌرتيءَ جيڏي دل آ- آهيون مَست فَقيرَ،
    آسَ نه اُجڙي آ اَڃا.

    هَٿَ رَکن ٿا هِمَتُون- ٺاهيندا تَقديرَ،
    آسَ نه اُجڙي آ اَڃا.

    سوچن ٿا سَنسار ۾- “زاهد” ذِهنَ ضَميرَ،
    آسَ نه اُجڙي آ اَڃا.
    آسَ نه اُجڙي آ اَڃا.
    ***


    چوريءَ چوري ڪا- مون کي چاهيندي،

    چوريءَ چوري ڪا- مون کي چاهيندي،
    مون سوچيو ئي ڪو نه هو.

    سونهَن دَريءَ مان اوچتو- ليئو پائيندي،
    مون سوچيو ئي ڪو نه هو.

    ڪونجَ ڪائي اُڏري اَچي- هُجَ هَلائيندي،
    مون سوچيو ئي ڪو نه هو.

    هوءَ مُنهنجي، سيني مَٿان- وارَ وِڇائيندي،
    مون سوچيو ئي ڪو نه هو.

    “زاهد” آهي دوستي- دل تَڙپائيندي،
    مون سوچيو ئي ڪو نه هو.
    مون سوچيو ئي ڪو نه هو.
    ***


    چَئوڻيءَ چاهَتَ سان- تُنهنجيءَ چاهَت کي

    چَئوڻيءَ چاهَتَ سان- تُنهنجيءَ چاهَت کي،
    جاءِ ڏِني ٿَم جيءَ ۾.

    سانڍَيم تُنهنجي ڳالهه ايئن- ڄَڻُ ڪَنهن آيتَ کي،
    جاءِ ڏِني ٿَم جيءَ ۾.

    تو سان گهارَيل عُمر جي- ساعَتَ ساعَتَ کي،
    جاءِ ڏِني ٿَم جيءَ ۾.

    تنهنجي پاسي ۾ رهي- راڻي راحَتَ کي،
    جاءِ ڏِني ٿَم جيءَ ۾.

    زاهد سچي پيار سان- جيئري جَنتَ کي،
    جاءِ ڏِني ٿَم جيءَ ۾.
    جاءِ ڏِني ٿَم جيءَ ۾.
    ***


    اَڄُ پنهنجي دل جي- ڪوري ڪاغذَ تي،

    اَڄُ پنهنجي دل جي- ڪوري ڪاغذَ تي،
    تُنهنجو نانءُ لکي ڇَڏُيم.

    مُنهنجا لُڙڪ اُگهي جَڏهن- مُرڪ ڏِنَئي مون کي،
    تُنهنجو نانءُ لکي ڇَڏُيم.

    سَگهاريون سوچون کَڻي- تنهنجي لَئه سوچي،
    تُنهنجو نانءُ لکي ڇَڏُيم.

    جيءَ ۾ جاءِ ڏئي ڇَڏيئه- سارو جَڳ ڇَڏي،
    تُنهنجو نانءُ لکي ڇَڏُيم.

    مُنهنجيءَ تنهائيءَ تَڪيو- نيڻ کڻي توڏي،
    تُنهنجو نانءُ لکي ڇَڏُيم.

    اندرَ مَنجهه اُميد جو- زاهد ٻِجُ ڇَٽي،
    تُنهنجو نانءُ لکي ڇَڏُيم.
    تُنهنجو نانءُ لکي ڇَڏُيم.
    ***


    ڇا تون چاهينديئن- دل تان ڊاهينديئن،

    ڇا تون چاهينديئن- دل تان ڊاهينديئن،
    مُنهِنجي سَچي پيارَ کي.

    ڇِرڪي ڇِرڪي نيٺ تون- ڇاتيءَ لائينديئن،
    مُنهِنجي سَچي پيارَ کي.

    تيڏي ٺَهندَئي زندگي- جيڏو ٺاهيديئن،
    مُنهِنجي سَچي پيارَ کي.

    ڏُکُ نه ڏِسَنديئن ڏيهَه ۾- جي تون پائينديئن،
    مُنهِنجي سَچي پيارَ کي.

    زاهد جون وايون پڙهي- جهومي ڳائينديئن،
    مُنهِنجي سَچي پيارَ کي.
    مُنهِنجي سَچي پيارَ کي.
    ***


    تُنهنجي خَطن جا- ٺاهي گُلدَستا،

    تُنهنجي خَطن جا- ٺاهي گُلدَستا،
    پَنهِنجو گهرُ سينگارِيُم.

    نَهڪارَن پويان سُڻي- هِڪڙي تنهنجي ها،
    پَنهِنجو گهرُ سينگارِيُم.

    جاڪون مُنهنجي پيارَ لئه- ٺاهيا تو رستا،
    پَنهِنجو گهرُ سينگارِيُم.

    پيرَ پرينءَ جا پَنڌ ۾- ڄاڻُ اجهو پَهتا،
    پَنهِنجو گهرُ سينگارِيُم.

    “زاهد” جيءَ ۾ چاهَتُن- جا ڳايا جَذبا،
    پَنهِنجو گهرُ سينگارِيُم.
    پَنهِنجو گهرُ سينگارِيُم.
    ***


    ساٿُ نه تون ڏيندين- جي وڇڙي ويندين،

    ساٿُ نه تون ڏيندين- جي وڇڙي ويندين،
    ساهُه به مون کان وِڇڙي ويندو.

    منهنجي جُهرندڙ جيءَ جو- ٿَنڀُ نه جي ٿيندين،
    ساهُه به مون کان وِڇڙي ويندو.

    دل جي زخمن کي وري- ٻيهرَ ڪوريندين،
    ساهُه به مون کان وِڇڙي ويندو.

    جي تون مَن جون ڳالهڙيون- اَڄُ نه اوريندين،
    ساهُه به مون کان وِڇڙي ويندو.

    زاهد کي جي تون پرين- عِشق نه ارپيندين
    ساهُه به مون کان وِڇڙي ويندو.
    ساهُه به مون کان وِڇڙي ويندو.
    ***


    ڪَنهن جي ڳالهه ڪَرڻُ- ٿَڌڙا ساهَه ڀَرڻ،

    ڪَنهن جي ڳالهه ڪَرڻُ- ٿَڌڙا ساهَه ڀَرڻ،
    جَذبو آهي پيارَ جو.

    ڪنهن راڻيءَ لئه راتڙيون جهوريءَ ۾ جاڳڻ،
    جَذبو آهي پيارَ جو.

    نظرون نظرن ۾ رکي- ناريءَ جو مُرڪڻ،
    جَذبو آهي پيارَ جو.

    هر پل تنهنجو اي ڪوي- سونهن مٿان سوچڻ،
    جَذبو آهي پيارَ جو.

    تنهنجو زاهد جي سڀن- سَپنن مَنجهه اَچڻ،
    جَذبو آهي پيارَ جو.
    جَذبو آهي پيارَ جو.
    ***


    مُنهنجي نيڻَن جي- سَپنن ۾ آهي،

    مُنهنجي نيڻَن جي- سَپنن ۾ آهي،
    هِڪڙي سُهڻي سانورِي.

    ڪيڏيون رَنگينيون کَڻي- ايندي آ مون ڏي،
    هِڪڙي سُهڻي سانورِي.

    منهنجو نانءُ لِکي وَئي- آ پنهنجي دل تي،
    هِڪڙي سُهڻي سانورِي.

    سارو جَڳُ اَوهان کَڻو- مُنهنجي ڏِيو مون کي،
    هِڪڙي سُهڻي سانورِي.

    “زاهد” مُنهنجي لاءِ پَئي- سالن کان سوچي،
    هِڪڙي سُهڻي سانورِي.
    هِڪڙي سُهڻي سانورِي.
    ***


    دل جي دَرَپنَ ۾- آڏو دَرشَنَ ۾،

    دل جي دَرَپنَ ۾- آڏو دَرشَنَ ۾،
    تُنهنجو چَهِرو ٿو رَهي.

    خواب کڻي اينديون رهيون- ننڊون نيڻن ۾،
    تنهنجو چهرو ٿو رهي-

    تو لئه ڀٽڪان ٿو پرين- چَئني طرفن ۾،
    تُنهنجو چَهِرو ٿو رَهي.

    توکي لوڪُ پَڙهي پَيو- مُنهنجين وائين ۾،
    تُنهنجو چَهِرو ٿو رَهي.

    جلوا زاهد پيار جا جَرڪيا جذبن ۾.
    تُنهنجو چَهِرو ٿو رَهي.
    تُنهنجو چَهِرو ٿو رَهي.
    ***


    تنهنجو تَرسائڻُ- راتيون رَهائِڻُ،

    تنهنجو تَرسائڻُ- راتيون رَهائِڻُ،
    مون کان وِسري ئي نٿو.

    پَهرين پهرين ڏينهَن تي- ڇرڪڻ شَرمائِڻُ،
    مون کان وِسري ئي نٿو.

    هَلڪيءَ هلڪيءَ مُرڪَ سان- مِٺڙو ڳالهائِڻُ،
    مون کان وِسري ئي نٿو.

    مُنهنجو گيتُ لِکي ڏَيڻُ- ۽ تُنهنجو ڳائڻ،
    مون کان وِسري ئي نٿو.

    تنهنجو روز رُسي وڃڻ- منهنجو پرچائڻ
    مون کان وِسري ئي نٿو.

    زاهد ساري راتِ جو- جاڳڻُ جاڳائِڻُ،
    مون کان وِسري ئي نٿو.
    مون کان وِسري ئي نٿو.
    ***


    تُنهنجي وَئي کان پوءِ- ايندڙ هَر لَمحو،

    تُنهنجي وَئي کان پوءِ- ايندڙ هَر لَمحو،
    جهيرَ ڏئي وِيو جيءَ کي.

    تيز گهڻو تلوار کان- تنهنجو هو لهجو،
    جهيرَ ڏئي وِيو جيءَ کي.

    جَنهن کي سانڍيُم ساهَه ۾- ساهُه ڪَڍي ويو سو،
    جهيرَ ڏئي وِيو جيءَ کي.

    ڪيڏا ڪيسَ ڪَري ويو- قياسُ نه آيُس ڪو،
    جهيرَ ڏئي وِيو جيءَ کي.

    “زاهد” هُن جو آخري- هڪڙو خط مليو،
    جهيرَ ڏئي وِيو جيءَ کي.
    جهيرَ ڏئي وِيو جيءَ کي.
    ***


    تنهنجو خَطُ پڙهي، روئَڻَ لاءِ ٻَئي،

    تنهنجو خَطُ پڙهي، روئَڻَ لاءِ ٻَئي،
    اَکڙيون ڀَرجي آيون آهن.

    توکان مُنهنجي پيارَ جي- وِڇڙي يادِ وَئي،
    اَکڙيون ڀَرجي آيون آهن.

    ڪاتيءَ جي ٻولي کڻي- تو آ ڳالهه ڪَئي،
    اَکڙيون ڀَرجي آيون آهن.

    سارا ويندڙ پل وِيا- مون کي ڏنڀَ ڏئي،
    اَکڙيون ڀَرجي آيون آهن.

    “زاهد” جي هَر آس آ- تو ڏي پَنڌِ پَئي،
    اَکڙيون ڀَرجي آيون آهن.
    اَکڙيون ڀَرجي آيون آهن.
    ***


    تنهنجو روز رُسڻُ- تڙپائي پَرچَڻُ،

    تنهنجو روز رُسڻُ- تڙپائي پَرچَڻُ،
    ڏاڍي ڏکي ڳالهه آ.

    مان ڳوليان ٿو ماڻهپو- ماڻُهن کي سَمجهڻُ،
    ڏاڍي ڏکي ڳالهه آ.

    تو تائين آ پهچڻو- توڙي جو پَهچڻُ،
    ڏاڍي ڏکي ڳالهه آ.

    اوجاڳو اوکو نه آ- جهيرَ سَهي جاڳڻُ،
    ڏاڍي ڏکي ڳالهه آ.

    موتُ گهڙيءَ جو گهاءُ آ- پَر “زاهد” جيئڻُ،
    ڏاڍي ڏکي ڳالهه آ.
    ڏاڍي ڏکي ڳالهه آ.
    ***


    تنهنجن سُڏڪَن ۾- منهنجن لُڙڪَن ۾،

    تنهنجن سُڏڪَن ۾- منهنجن لُڙڪَن ۾،
    خوشبو آهي پيارَ جي.

    اَندرَ جي آواز تي، جاڳيل جَذبَن ۾،
    خوشبو آهي پيارَ جي.

    مون ڏي جيڪي موڪليئي- سارَن خطن ۾،
    خوشبو آهي پيارَ جي.

    چاهت جي طوفانَ سان- وِکريل وارَن ۾،
    خوشبو آهي پيارَ جي.

    اوسيئڙن کان پوءِ مِلي- دَرَ جي کَڙڪَن ۾،
    خوشبو آهي پيارَ جي.

    جهورُ نه ٿيندو جيئڙو- جيسين جيونَ ۾،
    خوشبو آهي پيارَ جي.

    “زاهد” چمڪي چاهُه ٿو- تُنهنجن گيتن ۾،
    خوشبو آهي پيارَ جي.
    خوشبو آهي پيارَ جي.
    ***


    شالَ نه سَجي، سانوري- تنهنجن هَٿڙن تي،

    شالَ نه سَجي، سانوري- تنهنجن هَٿڙن تي،
    ميندي مُنهنجي خونُ جي.

    مون کان پيار نَٿي وَٺين- ڇا توکي گُهرجي،
    ميندي مُنهنجي خونُ جي.

    روئاريندي راهَه ۾- تنهنجن ڄاڃين کي،
    ميندي مُنهنجي خونُ جي.

    سَرِتُين مَنجهه ورهئجانءِ، جيڪا لَپ بچي،
    ميندي مُنهنجي خونُ جي.

    “زاهد” جو نالو کڻي- تَڪيندي تو ڏي،
    ميندي مُنهنجي خونُ جي.
    ميندي مُنهنجي خونُ جي.
    ***


    حورَ نه آئينءَ هاءِ- راتِ به تُنهنجي لاءِ،

    حورَ نه آئينءَ هاءِ- راتِ به تُنهنجي لاءِ،
    اَکڙين اوجاڳا ڪيا.

    آلين پِنبڻين کي اَچي- پيارُ ڪري پرچاءِ،
    اَکڙين اوجاڳا ڪيا.

    هِڪڙيءَ آٿَتِ سان ويهي- ماندو مَنُ مُرڪاءِ،
    اَکڙين اوجاڳا ڪيا.

    توکان دوريءَ جي صَنم- راس نه آئي راءِ،
    اَکڙين اوجاڳا ڪيا.

    “زاهد” جيون کي ملي- جهوراڻن ۾ جاءِ،
    اَکڙين اوجاڳا ڪيا.
    اَکڙين اوجاڳا ڪيا.
    ***


    رِڻ ۾ رَنگُ رَچي- اچي مَنَ اَچي،

    رِڻ ۾ رَنگُ رَچي- اچي مَنَ اَچي،
    اڃا سِجُ لٿو نه آ.

    اوسيئڙن ۾ آسَ ٿي، هَلڪو ناچُ نَچي،
    اڃا سِجُ لٿو نه آ.

    جيسين جيءُ چوي پرين- تيسين جيءُ بَچي،
    اڃا سِجُ لٿو نه آ.

    آٿت ڏني آس کي- مُنهنجي پيارَ سَچي،
    اڃا سِجُ لٿو نه آ.

    “زاهد” مَنَ جي ماڳَ تي- مَن ڪا موج مَچي،
    اڃا سِجُ لٿو نه آ.
    اڃا سِجُ لٿو نه آ.
    ***


    ڪَهلَ نه آيئي ڪا- جَلندي جيونَ جا،

    ڪَهلَ نه آيئي ڪا- جَلندي جيونَ جا،
    ڪيئي سِجَ لَهي وَيا.

    مانَجهاندي، جي مَهلَ وَئي- آڌيءَ جو ئي آ،
    ڪيئي سِجَ لَهي وَيا.

    نيٺ ته سُڻبي نينَهن ۾- تُنهنجي هڪڙي ها،
    ڪيئي سِجَ لَهي وَيا.

    لُڙڪن ٻاريا آسَ جا- نيڻَن مَنجهه ڏيئا،
    ڪيئي سِجَ لَهي وَيا.

    “زاهد” سونهن ڪَڙي ڪَيا- سَنڌ اَٿم سوگها،
    ڪيئي سِجَ لَهي وَيا.
    ڪيئي سِجَ لَهي وَيا.
    ***


    لَهندڙَ سورَج کان- ويرُن رَنگَ وَتا،

    لَهندڙَ سورَج کان- ويرُن رَنگَ وَتا،
    سَمنڊَ ڪناري شامَ جو.

    جيئڻ لئه ميڙيان پَيو- موتي يادُن جا،
    سَمنڊَ ڪناري شامَ جو.

    ڪيڏا جوڀَن جا هِتي- جَلوا هوندا ها،
    سَمنڊَ ڪناري شامَ جو.

    تو بن هاڻي سانوري- مُندَ به ناهي سا،
    سَمنڊَ ڪناري شامَ جو.

    مُنهنجي پيار پُڪارَ تي- مِٺڙي موٽي آ،
    سَمنڊَ ڪناري شامَ جو.

    زاهد وسرن ئي نٿا- ماضيءَ جا رستا
    سَمنڊَ ڪناري شامَ جو.
    سَمنڊَ ڪناري شامَ جو.
    ***


    وقت جو وَهڪرو- تيز تَر يا جَهڪو،

    وقت جو وَهڪرو- تيز تَر يا جَهڪو،
    ٿي سَگهي ئي نٿو.

    تُنهنجي زُلفن سوا- مُنهنجي لئه ڇانورو،
    ٿي سَگهي ئي نٿو.

    يارَ لاهي ڇَڏيان- تو منجهان آسرو،
    ٿي سَگهي ئي نٿو.

    هِمَتُن جي اَڳيان- ڪَمُ ڪوئي ڳرو،
    ٿي سَگهي ئي نٿو.

    سڏ مُنهنجا سُڻي- ڍولُ مُنهنجو ڍرو،
    ٿي سَگهي ئي نٿو.

    شيخ زاهد ڪڏهن- بي سُروبي گُرو
    ٿي سَگهي ئي نٿو.
    ٿي سَگهي ئي نٿو.
    ***


    دوست يا دلرُبا- هَر گهڙي هَمنوا،

    دوست يا دلرُبا- هَر گهڙي هَمنوا،
    ڪو به ڪنهن جو نه آ.

    تيز ڊوڙي پَئي- جاڏي تاڏي جَفا،
    ڪو به ڪنهن جو نه آ.

    بي سَهارو سَفر- زندگيءَ لئه سَزا،
    ڪو به ڪنهن جو نه آ.

    ساهُه پنهنجو به ٿو- ٿي وَڃي بي وَفا،
    ڪو به ڪنهن جو نه آ.

    دَردَ “زاهِدَ” ڏِني- دِل مَنجهان آ صَدا،
    ڪو به ڪنهن جو نه آ.
    ڪو به ڪنهن جو نه آ.
    ***


    ٽَهڪيلَ ٽانڊَن تي- پَئي آ ڪَنڊَن تي،

    ٽَهڪيلَ ٽانڊَن تي- پَئي آ ڪَنڊَن تي،
    دوزَخَ جَهِڙي زندگي.

    راڄُ گهڻو گهاري پيو- رُکن گِرهَن تي،
    دوزَخَ جَهِڙي زندگي.

    اَجهي ريءَ اَڃا پَئي- تڙپي رستن تي،
    دوزَخَ جَهِڙي زندگي.

    هوريان هوريان هير تون- من کي مُرڪن تي،
    دوزَخَ جَهِڙي زندگي.

    نالو رَکُ اُميد جو- سورن صدمن تي،
    دوزَخَ جَهِڙي زندگي.

    زاهِدَ جنتَ جوڙبي- مِلي آ مون کي
    دوزَخَ جَهِڙي زندگي.
    دوزَخَ جَهِڙي زندگي.
    ***


    جيڪا بَڻجي پوي- زندگيءَ لئه زهر،

    جيڪا بَڻجي پوي- زندگيءَ لئه زهر،
    ڳالهه اهڙي نه ڪَر.

    يارَ تلوار جي- ڌارَ کان تيز تَر،
    ڳالهه اهڙي نه ڪَر.

    جا وڃائي ڇڏي- پيارَ جو هر پَهر،
    ڳالهه اهڙي نه ڪَر.

    جنهن سان اُجڙي وڃي- چاهتُن جو شهر،
    ڳالهه اهڙي نه ڪَر.

    رات مون کي چيو- جنهن ۾ ناهي سَحر،
    ڳالهه اهڙي نه ڪَر.

    جا به زاهد کڻي- ظلم وارن جي ڀر،
    ڳالهه اهڙي نه ڪَر.
    ڳالهه اهڙي نه ڪَر.
    ***


    پَڪ آهي پرين- زندگي جي رَهي،

    پَڪ آهي پرين- زندگي جي رَهي،
    ڏُکَ ويندا لَهي.

    چاهُه آهي سَچو- راهَه پوندي ٺَهي،
    ڏُکَ ويندا لَهي.

    گيتُ اُميد جو- ويٺي ڳائي وَهي،
    ڏُکَ ويندا لَهي.

    هِنَ حياتيءَ ۾- جي ملياسين ٻَئي،
    ڏُکَ ويندا لَهي.

    جاڳُ جانيئڙا- ڀاڳَ ايندا ڪَهي،
    ڏُکَ ويندا لَهي.

    ڏَڍَ زاهد ڪيئي- وقت وِيو آ ڏئي
    ڏُکَ ويندا لَهي.
    ڏُکَ ويندا لَهي.
    ***


    پيارُ ڪنهن کي ڏئي- ڌارَ ناهي ڪَبو،

    پيارُ ڪنهن کي ڏئي- ڌارَ ناهي ڪَبو،
    ٿورڙو سوچ تون.

    غير کي ڳچيءَ جو- هار ناهي ڪبو،
    ٿورڙو سوچ تون.

    پاڻ کي ڪنهن مٿان بارُ ناهي ڪبو،
    ٿورڙو سوچ تون.

    ڪنهن مُئل جي مٿان- وارُ ناهي ڪَبو،
    ٿورڙو سوچ تون.

    نااهل سان زاهد- پيار ناهي ڪَبو،
    ٿورڙو سوچ تون.
    ٿورڙو سوچ تون.
    ***


    پيارَ ۾ تون پَڪو- يارَ ٿي وَئين يَڪو،

    پيارَ ۾ تون پَڪو- يارَ ٿي وَئين يَڪو،
    ڇو اَچين ئي نٿو.

    تُنهنجون خبرون کڻي- ڪانگُ پهتو نه ڪو،
    ڇو اَچين ئي نٿو.

    وقت آ تيز تَر- ٿيءُ نه جاني جَهڪو،
    ڇو اَچين ئي نٿو.

    پنڌ ناهي پَري- پَرَ تون آهين ٿَڪو،
    ڇو اَچين ئي نٿو.

    پنهنجو “زاهد” پرين- اڄ وساريو آ تو،
    ڇو اَچين ئي نٿو.
    ڇو اَچين ئي نٿو.
    ***


    ڏور ڏاڍو وَئين- دل آ تو لئه ڀَري،

    ڏور ڏاڍو وَئين- دل آ تو لئه ڀَري،
    آءُ موٽي وَري.

    مهل موقعو ملئي- وک نه رکجانءِ ڍَري،
    آءُ موٽي وَري.

    دردَ ۾ ڏاهي دل- ٿي پَئي آ چري،
    آءُ موٽي وَري.

    تو سوا هر پهر- ٿو لڳي آخري،
    آءُ موٽي وَري.

    تن بدن ۾ وئي- باهه آهي ٻري،
    آءُ موٽي وَري.

    زندگيءَ جي بچي آهي زاهد ذري،
    آءُ موٽي وَري.
    آءُ موٽي وَري.
    ***


    هر گهڙي، هر پهر- بي خطا آ سزا،

    هر گهڙي، هر پهر- بي خطا آ سزا،
    شامَ توکان سِوا.

    پيارَ ۾ فاصلا- موتَ جا مَرحلا،
    شامَ توکان سِوا.

    زندگيءَ جو سبب- آٿَتون آسرا،
    شامَ توکان سِوا.

    ساهه جي آخري- ڄڻ ته آهي صدا،
    شامَ توکان سِوا.

    هيل “زاهد” سَٺم- درد جي انتها،
    شامَ توکان سِوا.
    شامَ توکان سِوا.
    ***


    پارَ وارا پرين- هانءُ هارين متان،

    پارَ وارا پرين- هانءُ هارين متان،
    مان اَچان ٿو اَچان.

    سِرنهَن جي ڇانوري- سانورا ويهجان،
    مان اَچان ٿو اَچان.

    چاهَه جون ڪي چوان- ٻاجهه جون ڪي ٻُڌان،
    مان اَچان ٿو اَچان.

    ڏينهن جو سِجُ تون- رات جو چنڊُ آن،
    مان اَچان ٿو اَچان.

    رُڃَ ۾ هيڪلو- ڪيئن “زاهد” رَهان،
    مان اَچان ٿو اَچان.
    مان اَچان ٿو اَچان.
    ***


    اِنتظاريءَ ۾- بي قراريءَ ۾،

    اِنتظاريءَ ۾- بي قراريءَ ۾،
    عُمر گُذري وَئي.

    تون نه آئين مگر- تُنهنجي ياريءَ ۾،
    عُمر گُذري وَئي.

    چنڊ آهين ڪٿي- رات ڪاريءَ ۾،
    عُمر گُذري وَئي.

    نيڻ آلا رهيا- اشڪباريءَ ۾،
    عُمر گُذري وَئي.

    تنهنجون يادون لکيم- ڪُجهه بَهاريءَ ۾،
    عُمر گُذري وَئي.

    توڏي اچڻو هُيم- پر تياريءَ ۾،
    عُمر گُذري وَئي.

    عشق “زاهد” رهيو- رازداريءَ ۾،
    عُمر گُذري وَئي.
    عُمر گُذري وَئي.
    ***


    سانئڻ عابده پروين

    سانئڻ عابده پروين
    کي ڀيٽا

    حُسن جو ناز آ- عشق جو راز آ،
    تُنهنجي آواز ۾.

    هر ادا ۾ ڀَريل- خاص انداز آ،
    تُنهنجي آواز ۾.

    زندگيءَ جو نَئون- ڄڻ ته ڪو ساز آ،
    تُنهنجي آواز ۾.

    موجَ مستيءَ ڀَريو- بِرهُه بي نياز آ،
    تُنهنجي آواز ۾.

    حُسنَ آڏو زاهد- عِشقُ ايلاز آ،
    تُنهنجي آواز ۾.
    تُنهنجي آواز ۾.
    ***


    شال گُذري وَڃي،

    شال گُذري وَڃي،
    پيار ۾ زندگي.

    چاهَه جي راهه تي- رقص بيٺي ڪري،
    پيار ۾ زندگي.

    سبز خوابن جي ڪا- ڄَڻُ پري ٿي لڳي،
    پيار ۾ زندگي.

    جيستائين جيئون- تيستائين رَهي،
    پيار ۾ زندگي.

    آءُ ته “زاهد” ملي- هر گهڙي گهارجي،
    پيار ۾ زندگي.
    پيار ۾ زندگي.
    ***


    جيسين جيون آ،

    جيسين جيون آ،
    تون مُنهنجي آهين.

    دل جي ڳالهه چَئي ڇَڏي- مُنهنجن چَپن آ،
    تون مُنهنجي آهين.

    تنهنجي پائل جي مٺي- من ۾ ڇَن ڇَن آ،
    تون مُنهنجي آهين.

    زاهد لئه تنهنجو هُجڻ- دل جي ڌڙڪن آ،
    تون مُنهنجي آهين.

    چاهَه جو وڻ ناهي سُڪو- سائو هر پن آ،
    تون مُنهنجي آهين.
    تون مُنهنجي آهين.
    ***


    گَڏ گُذاريل گهڙيون

    گَڏ گُذاريل گهڙيون،
    تون وسارين مَتان.

    مُنهنجي دل کي هڻي- قُربَ واريون ڪَڙيون،
    تون وسارين مَتان.

    جيءَ جوڀَن سنديون- جانِ من جيءَ جَڙيون،
    تون وسارين مَتان.

    پيارَ جون لذتون- مِٺڙيون مِصريءَ ڳَڙيون،
    تون وسارين مَتان.

    روحُ زاهد سندو- تنهنجي پويان رڙيون،
    تون وسارين مَتان.
    تون وسارين مَتان.
    ***


    ساهُه ڏي سَچَ تي،

    ساهُه ڏي سَچَ تي،
    سچَ ۾ سوڀَ آ.

    پيار مَرڻو نه آ- پَڪَ آ پاڻ کي،
    سچَ ۾ سوڀَ آ.

    ماڻهپي جو مِٺا- مرتبو آ مٿي،
    سچَ ۾ سوڀَ آ.

    رات جو راڄَ کي- چَنڊُ بيٺو چوي،
    سچَ ۾ سوڀَ آ.

    کوٽَ لَئه کَڏَ آ- کوٽُ ڇا لئه کٽي،
    سچَ ۾ سوڀَ آ.

    سَچُ زاهِدَ سَندو مَچَ ۾ ٿو نچي.
    سچَ ۾ سوڀَ آ.
    سچَ ۾ سوڀَ آ.
    ***


    ذهنُ جاڳي پَيو،

    ذهنُ جاڳي پَيو،
    سوچَ ناهي سُتي.

    تنهنجي وَئي کي وَڏو- وقت گُذري ويو،
    سوچَ ناهي سُتي.

    تو چيو ماٺِ ڪَر- موٽ ۾ مون چيو،
    سوچَ ناهي سُتي.

    عَڪسُ تنهنجو پرين- روح ۾ آ رهيو،
    سوچَ ناهي سُتي.

    چاهَتُن کي چَيُم- ڪنڌ اوچا ڪيو،
    سوچَ ناهي سُتي.

    عِشقُ زاهد ڪَيُم- اَڻ تُريو اَڻ مَيو،
    سوچَ ناهي سُتي.
    سوچَ ناهي سُتي.
    ***


    مان ته انسان کي،

    مان ته انسان کي،
    روز ڳولهيان پَيو.

    دل ۾ ويٺو رهي- اهڙي مهمانَ کي،
    روز ڳولهيان پَيو.

    تون ڪڏهن ٿو اَچين- تُنهنجي احسانَ کي،
    روز ڳولهيان پَيو.

    دوستيءَ ۾ پرين- تُنهنجي ايمان کي،
    روز ڳولهيان پَيو.

    توکي ڳولهيان ٿو مان- ڄڻ ته ڀڳوان کي،
    روز ڳولهيان پَيو.

    درد زاهد مِليا جِن جي درمان کي،
    روز ڳولهيان پَيو.
    روز ڳولهيان پَيو.
    ***


    شال ميلا مَچن،

    شال ميلا مَچن،
    ڏينهن اهڙا اَچن.

    چاهَه ۾ سڀ دليون- ڪن وفا جا وچن،
    ڏينهن اهڙا اَچن.

    دوستَ مُرڪي ملن- جيءَ جهومَن نَچن،
    ڏينهن اهڙا اَچن.

    پيارُ جيڪي نه ڪن- جيءَ جلندا رهن،
    ڏينهن اهڙا اَچن.

    روزُ ايندا رَهو- روزُ راهون سَجن
    ڏينهن اهڙا اَچن.

    ساهُه جَن مَنجهه آ- ساڻ “زاهد” هُجن،
    ڏينهن اهڙا اَچن.
    ڏينهن اهڙا اَچن.
    ***


    پريت ۽ پيارَ ۾،

    پريت ۽ پيارَ ۾،
    دير ناهي ڪَبي.

    تيز ڪَر وک تون- هِن سنسارَ ۾،
    دير ناهي ڪَبي.

    دِلرُبا جي اڳيان- دل جي اظهارَ ۾،
    دير ناهي ڪَبي.

    حُسن آڏو ويهي- عِشقَ اِقرارَ ۾،
    دير ناهي ڪَبي.

    جيڪڏهن دل چوي- صاف انڪارَ ۾،
    دير ناهي ڪَبي.

    وَقتُ زاهِدَ چوي، وارُ ڪر وارَ ۾،
    دير ناهي ڪَبي.
    دير ناهي ڪَبي.
    ***


    ڏينهن لاتا اَٿئي،

    ڏينهن لاتا اَٿئي،
    سِڪَ آهي لَڳي.

    تون سُڻي، ئي نَٿو- ساهَڙو ٿو سَڏئي،
    سِڪَ آهي لَڳي.

    دردَ جي موٽَ ۾- دل دُعا ٿي ڏَيَئي،
    سِڪَ آهي لَڳي.

    جيءَ ۾ ڪو جُهٻو- شال جاني اَچئي،
    سِڪَ آهي لَڳي.

    ڏُکَ زاهِدَ کي ڏئي- نيٺ ڇا ٿو مليئ،
    سِڪَ آهي لَڳي.
    سِڪَ آهي لَڳي.
    ***


    ڀاڳَ جاڳي پون،

    ڀاڳَ جاڳي پون،
    جيڪڏهن تون اَچين.

    دل جي اُميد ڏي- آسرا ڪي اچن،
    جيڪڏهن تون اَچين.

    تُنهنجي هڪ ديدَ سان- درد گَهٽجي وَڃن،
    جيڪڏهن تون اَچين.

    هيلَ سُندر سَڀئي- مُنهنجون شامون ٿين،
    جيڪڏهن تون اَچين.

    مَنَ جي تصوير ۾- رنگ “زاهد” رَچن،
    جيڪڏهن تون اَچين.
    جيڪڏهن تون اَچين.
    ***


    مُنهنجي اُميد کي، دل جي هر ديد کي

    مُنهنجي اُميد کي، دل جي هر ديد کي
    آسرو ڏي پرين.

    مان جيئڻ ٿو گُهران- پيارُ ڏي يا نه ڏي،
    آسرو ڏي پرين.

    قُربَ جي ڳالهه ڪر- مهرباني ڪري
    آسرو ڏي پرين.

    پيرَ آهن پُڳا- اَڄُ ڏکئي موڙ تي،
    آسرو ڏي پرين.

    ڪُجهه ته زاهد کي ڪا- ٿوري دلجاءِ ٿئي،
    آسرو ڏي پرين.
    آسرو ڏي پرين.
    ***


    سَچَن جَذبَن سان،

    سَچَن جَذبَن سان،
    روح جي رستن سان
    توکي چاهيان ٿو.

    تون سمجهي ناهين سگهي- مَنَ ۾ ڪيڏو مان.
    توکي چاهيان ٿو.

    مون دل تي آهي لکيو- مان تُنهنجو آهيان،
    توکي چاهيان ٿو.

    جنت جون حورون سڀئي- گهورَ ڪيان توتان،
    توکي چاهيان ٿو.

    “زاهد” لاءِ عظيم تون- ساري دنيا کان،
    توکي چاهيان ٿو.
    توکي چاهيان ٿو.
    ***


    مون کان ٿي نه جُدا

    مون کان ٿي نه جُدا
    مُنهنجي دنيا آ،
    تُنهنجي چهري ۾.

    دل جي زخمن آ ڏِٺي- دردن لاءِ دوا،
    تُنهنجي چهري ۾.

    جنهن سان هوش هليا وڃن- اهڙي آهي ادا،
    تُنهنجي چهري ۾.

    سونهن سراپا تون صنم- ڪَمي ڪونهي ڪا،
    تُنهنجي چهري ۾.

    توکي ٺاهي چاهَه سان- ويٺو خود خدا،
    تُنهنجي چهري ۾.

    زاهد روز رکي پيو- اندر جي آشا،
    تنهنجي چهري ۾
    تنهنجي چهري ۾.
    ***


    دل جون سڀ راهون، دل سان مون ٺاهيون

    دل جون سڀ راهون، دل سان مون ٺاهيون
    تُنهنجي دَرَ تائين.

    گيتَ بَڻائي موڪليم- اندرَ جون آهون،
    تُنهنجي دَرَ تائين.

    نيٺ وَٺي آيون مون کي- هٿ جون ريکائون،
    تُنهنجي دَرَ تائين.

    تون پَردي جي پوئتان- ۽ مُنهنجون ٻانهون،
    تُنهنجي دَرَ تائين.

    “زاهد” سجدن ۾ رَکيون- ساريون آشائون،
    تُنهنجي دَرَ تائين.
    تُنهنجي دَرَ تائين.
    ***


    مُنهنجو توسان ڪو، تنهنجو مونسان ڪو،

    مُنهنجو توسان ڪو، تنهنجو مونسان ڪو،
    ليکو ئي ڪونهي.

    تُنهنجي پيارَ پُڇا اَڳيان- مُنهنجيءَ دل چيو،
    ليکو ئي ڪونهي.

    هڪڙيءَ ڀاڪيءَ جي ڪري- شَرمائين ٿي ڇو،
    ليکو ئي ڪونهي.

    ڏينهن ته ڇا پر پيار ۾- راتين جو به ڪبو،
    ليکو ئي ڪونهي.

    ايڏي تو ۾ سونهن آ- جَڳَ ۾ ڪو جنهنجو،
    ليکو ئي ڪونهي.

    زاهد منهنجي ذهن ۾- سُهڻين سوچن جو،
    ليکو ئي ڪونهي.
    ليکو ئي ڪونهي.
    ***


    تڙپائڻ کان اڳ روئارڻ کان اَڳُ

    تڙپائڻ کان اڳ روئارڻ کان اَڳُ
    ٿورو سوچين ها.

    ڳالهه وڇوڙي جي ڪَيئي- ڳالهائڻ کان اڳ،
    ٿورو سوچين ها.

    پاڻَ ئي پنهنجي پيار جو- گهرُ ڊاهڻ کان اڳ،
    ٿورو سوچين ها.

    جي تو چاهي جيت پَئي- هارائڻ کان اڳ،
    ٿورو سوچين ها.

    “زاهد” جي هر آسَ کي- ايذائڻ کان اڳ،
    ٿورو سوچين ها.
    ٿورو سوچين ها.
    ***


    ڪاهيو ٿو ڪاهي سو اڳتي آهي،

    ڪاهيو ٿو ڪاهي سو اڳتي آهي،
    جيڪو لوچي ٿو.

    ڪو به ارادي، جو پڪو- پوئتي پيو ناهي،
    جيڪو لوچي ٿو.

    همت وارو هينئڙو- هارَ نٿو کائي،
    جيڪو لوچي ٿو.

    رهزن کي رولي نيون- راهون ٿو ٺاهي،
    جيڪو لوچي ٿو.

    پنهنجيءَ منزل کي وَڃي- ڀاڪُر ٿو پائي،
    جيڪو لوچي ٿو.

    زاهِدَ اُن کي تانگهه ٿي- ڪائي تڙپائي،
    جيڪو لوچي ٿو.
    جيڪو لوچي ٿو.
    ***


    سُندر سوچن ۾، روح جي رستن ۾

    سُندر سوچن ۾، روح جي رستن ۾
    مُنهنجو گهر آهي.

    تنهنجن چپن جي مَٿان- تُنهنجين مُرڪن ۾،
    مُنهنجو گهر آهي.

    توڙي تون مون کان پري- ته به تُنهنجي مَنَ ۾،
    مُنهنجو گهر آهي.

    جاڪون سورَ ڏنا اَٿئي- تاڪون سُڏڪَن ۾،
    مُنهنجو گهر آهي.

    تَڙپن تُنهنجي لاءِ ٿا- سَچَن جذبن ۾،
    مُنهنجو گهر آهي.

    تنهنجو زاهِدُ ٿو چوي- تنهجين اکڙين ۾،
    مُنهنجو گهر آهي.
    مُنهنجو گهر آهي.
    ***


    آهي آدمخورُ،

    آهي آدمخورُ،
    ماڻهو پيارَ بِنا.

    جنهن ۾ ناهي ماڻهپو- سو آ ڍَڳو ڍورُ،
    ماڻهو پيارَ بِنا.

    جلدي بڻبو يارُ آ- ٺڳ، فِراڊي، چورُ،
    ماڻهو پيارَ بِنا.

    وِکَ وِکَ تي وِحشي پَڻو- شهرن ۾ آ شورُ،
    ماڻهو پيارَ بِنا.

    جنهن کي پيار نٿو ملي- ڪيڏو آ سو بورُ،
    ماڻهو پيارَ بِنا.

    زاهِدَ ڏُکَ جي ڏيهه ۾- گهاري ٿو هر دور،
    ماڻهو پيارَ بِنا.
    ماڻهو پيارَ بِنا.
    ***


    مَنَ جي ساگرَ ۾- پنهنجي اندَرَ ۾،

    مَنَ جي ساگرَ ۾- پنهنجي اندَرَ ۾،
    هر ڪو تنها ٿو رهي.

    ماڻهو ماڻهوءَ کان جُدا- توڙي ڀاڪُرَ ۾،
    هر ڪو تنها ٿو رهي.

    مسجد ۾ ڪوئي هجي- يا ڪنهن مندر ۾،
    هر ڪو تنها ٿو رهي.

    پنهنجن کان آهيون پري، پنهنجي ئي گهر ۾،
    هر ڪو تنها ٿو رهي.

    “زاهد” اَڄُ جو آدمي- بيٺو آ بَرَ ۾،
    هر ڪو تنها ٿو رهي.
    هر ڪو تنها ٿو رهي.
    ***


    مَنَ کي مَهِڪائي- جيڪو ٻَهڪائي،

    مَنَ کي مَهِڪائي- جيڪو ٻَهڪائي،
    سو پل آهي زندگي.

    نازُڪ هَٿُ اڌ رات جو- دَرُ ٿو کڙڪائي،
    سو پل آهي زندگي.

    پريتم پيارَ ڳراٽِڙيون- پَرچي ٿو پائي،
    سو پل آهي زندگي.

    جوڀَنُ جوڀَن سان ملي- جيون جرڪائي،
    سو پل آهي زندگي.

    زاهِدُ زُلفن ۾ رَهي- جنهن پل ٿو ڳائي،
    سو پل آهي زندگي.
    سو پل آهي زندگي.
    ***


    ماٺِ ڪَئي ٿَئي ڇو- گيتُ امن جو ڪو،

    ماٺِ ڪَئي ٿَئي ڇو- گيتُ امن جو ڪو،
    ڳيرا اُٿي ڳاءِ تون.

    سِنڌ صدين کان سوڳ ۾- ڪارو ويسُ ڪَيو،
    ڳيرا اُٿي ڳاءِ تون.

    سارو جَڳُ سُڪون لئه- تڪي توڏي ٿو،
    ڳيرا اُٿي ڳاءِ تون.

    ڌرتيءَ گولو ٿو چوي- مون کي جيئڻ ڏيو،
    ڳيرا اُٿي ڳاءِ تون.

    هر دل جو آواز آ- نغمو “زاهد” جو،
    ڳيرا اُٿي ڳاءِ تون.
    ڳيرا اُٿي ڳاءِ تون.
    ***


    جَڳَ ۾ جيئڻ ڏي- ڳڀروءَ ڳيري کي،

    جَڳَ ۾ جيئڻ ڏي- ڳڀروءَ ڳيري کي،
    ماري تيرُ نه تاڻجانءِ.

    وَڻ وَڻَ آکيري، منجهان ٿو آواز اَچي،
    ماري تيرُ نه تاڻجانءِ.

    بچيا آهن باغ ۾- باقي گُلَ ٻه ٽي،
    ماري تيرُ نه تاڻجانءِ.

    هر ڪنهن جو هِت ساهڙو- سورَن ۾ آهي،
    ماري تيرُ نه تاڻجانءِ.

    جنهن جي من ۾ پيار آ- تون تنهن زاهد ڏي،
    ماري تيرُ نه تاڻجانءِ.
    ماري تيرُ نه تاڻجانءِ.
    ***


    وستيون ۽ ويڙها- ماڻهن جا ميڙا،

    وستيون ۽ ويڙها- ماڻهن جا ميڙا،
    اُميدُن جي آسري.

    اُجڙيل هر انسان جي- درد ڀَري دل آ،
    اُميدُن جي آسري.

    جيون آهي جالڻو- جيون جاليئون ٿا،
    اُميدُن جي آسري.

    سَپنا بَڻجي ٿا پَون- رَستا سوچُن جا،
    اُميدُن جي آسري.

    “زاهد” هر ڪنهن جيءَ ۾- جاڳن ٿا جذبا،
    اُميدُن جي آسري.
    اُميدُن جي آسري.
    ***


    سُهڻي سوڀاري- ڪيڏي آ پياري،

    سُهڻي سوڀاري- ڪيڏي آ پياري،
    تُنهنجي سونهن سَٻاجهڙي.

    روز اَچي ڏيندي رَهي- دل کي دلداري،
    تُنهنجي سونهن سَٻاجهڙي.

    مُرڪن سان تو زندگي- مُنهنجي سينگاري،
    تُنهنجي سونهن سَٻاجهڙي.

    پنهنجن گيتن ۾ پرين- مون آ جهونگاري،
    تُنهنجي سونهن سَٻاجهڙي.

    “زاهد” سجدن ۾ ڏٺي- آهي عمر ساري،
    تُنهنجي سونهن سَٻاجهڙي.
    تُنهنجي سونهن سَٻاجهڙي.
    ***


    اکڙيون اولاري- کِجڻي کيڪاري،

    اکڙيون اولاري- کِجڻي کيڪاري،
    جيئڻ سيکاري وَئي.

    ٽانڊَن جهڙا ڏينهَڙا- جيونَ تان ٽاري،
    جيئڻ سيکاري وَئي.

    پنهنجي پگهر جا ڦُڙا- هَنجَ مٿان هاري،
    جيئڻ سيکاري وَئي.

    رِڻَ ۾ راحتَ جو نَئون- رستو ڏيکاري،
    جيئڻ سيکاري وَئي.

    “زاهد” سنديون پيارَ سان، سوچون سينگاري،
    جيئڻ سيکاري وَئي.
    جيئڻ سيکاري وَئي.
    ***


    تو مون ڏانهن ڏٺو- اڄ وَرهَن کان پوءِ،

    تو مون ڏانهن ڏٺو- اڄ وَرهَن کان پوءِ،
    هِڪڙي آٿت آ ملي.

    تُنهنجي نيڻن ۾ وري- مُنهنجو ٿاڪُ ٿِيو،
    هِڪڙي آٿت آ ملي.

    گهوري دوريءَ جون گهڙيون- اوري آئينءَ جو،
    هِڪڙي آٿت آ ملي.

    تنهنجون سچايون ڏسي- سانئڻ مون سوچيو،
    هِڪڙي آٿت آ ملي.

    “زاهد” پهرُ پريت جو- اَچڻو هو آيو،
    هِڪڙي آٿت آ ملي.
    هِڪڙي آٿت آ ملي.
    ***


    مُرڪيو مَن غمگين- راهون ٿيون رنگين،

    مُرڪيو مَن غمگين- راهون ٿيون رنگين،
    پَهتا پيرَ پرينءَ جا.

    گهايل دل دعا گهري- آس چيو آمين،
    پَهتا پيرَ پرينءَ جا.

    اندر جي انسان کي، هُيو هيلَ يقين،
    پَهتا پيرَ پرينءَ جا.

    چَمڪيو چنڊُ پريت جو- هر ڪا رات حَسين،
    پَهتا پيرَ پرينءَ جا.

    “زاهد” مُنهنجي لاءِ آ- پيار ڌرم ۽ دين،
    پَهتا پيرَ پرينءَ جا.
    پَهتا پيرَ پرينءَ جا.
    ***


    مون کان اڳ دلبرَ- مُنهنجي گهرَ جي دَرَ،

    مون کان اڳ دلبرَ- مُنهنجي گهرَ جي دَرَ،
    تُنهنجا هَٿَ چُمي ڇڏيا.

    تو منهنجا ڳوڙها اگهيا- لڙڪن جي ساگرَ،
    تُنهنجا هَٿَ چُمي ڇڏيا.

    توکي اُڃَ لڳي جڏهن- منڇر ۽ ڪينجَهرَ،
    تُنهنجا هَٿَ چُمي ڇڏيا.

    جيءَ ۾ پاتو پيرُ تو- اندر جي مندر،
    تُنهنجا هَٿَ چُمي ڇڏيا.

    گيتن لئه خوشبو گهري- مُنهنجي مَنَ جي گهر
    تُنهنجا هَٿَ چُمي ڇڏيا.

    تو هڪڙي مِٺڙي ڏني- پر “زاهد” هَرَ هَرَ،
    تُنهنجا هَٿَ چُمي ڇڏيا.
    تُنهنجا هَٿَ چُمي ڇڏيا.
    ***


    تنهنجي زلفن جي- سائي ۾ آهي،

    تنهنجي زلفن جي- سائي ۾ آهي،
    جنت جهڙي زندگي.

    هڪڙي گهر ۾ نيٺ ٻَئي، ويهنداسين ٺاهي،
    جنت جهڙي زندگي.

    سوچي سڀڪو ٿو مگر- ڪو ڪو ٿو پائي،
    جنت جهڙي زندگي.

    دل جو سُک آ دوستي- نينهن سوا ناهي،
    جنت جهڙي زندگي.

    “زاهد” جيئڻ لاءِ ٿو- هر ڪو ئي چاهي،
    جنت جهڙي زندگي.
    جنت جهڙي زندگي.
    ***


    مان تُنهنجي ڀَرِ مان- وڃا ڪيئن وڃان،

    مان تُنهنجي ڀَرِ مان- وڃا ڪيئن وڃان،
    تو مان سِڪَ لَهي نَٿي.

    صَديون گُهرجن سامهون- وَرهَن تئين ويهان،
    تو مان سِڪَ لَهي نَٿي.

    توکان وڇڙي پاڻ کي- ڪوجهو ڪيئن ڪَيان،
    تو مان سِڪَ لَهي نَٿي.

    آڏو تُنهنجو پيار آ- مان ڪاڏي موٽان،
    تو مان سِڪَ لَهي نَٿي.

    جهڙو تهڙو جيئڻو- تو سان ئي توسان،
    تو مان سِڪَ لَهي نَٿي.

    جيڏو وَڻئي پيارُ وَٺ- پنهنجي “زاهد” کان،
    تو مان سِڪَ لَهي نَٿي.
    تو مان سِڪَ لَهي نَٿي.
    ***


    ڌوتي اَڻ ڌوتي- تنهنجي سِر پوتي،

    ڌوتي اَڻ ڌوتي- تنهنجي سِر پوتي،
    سَرِتي سُهڻي ٿي لڳي.

    نِمورين جي لاسَ ۾، چنبڙايل چوٽي،
    سَرِتي سُهڻي ٿي لڳي.

    سانجهيءَ ويلي سيءَ ۾- ٻَڌي ٿَئي ٻوڪي،
    سرِتي سُهڻي ٿي لڳي.

    ڀر ۾ بيهي جا ڪَيئي- ڳالهه سا راتوڪي،
    سرِتي سُهڻي ٿي لڳي.

    زاهِدَ لئه هوءَ سونهن جو- آ سچو موتي
    سرِتي سُهڻي ٿي لڳي.
    سرِتي سُهڻي ٿي لڳي.
    ***


    تُنهنجي چهري تي جڏهن- چَمڪيا مون لئه چاهَه پرين،

    تُنهنجي چهري تي جڏهن- چَمڪيا مون لئه چاهَه پرين،
    گهاوَن مَٿان گُلَ ٽِڙي پِيا.

    تُنهنجا پيرَ چُمي ڇَڏيا- مُنهنجي گهر جي راهَ پرين،
    گهاوَن مَٿان گُلَ ٽِڙي پِيا.

    هينئڙي ۾ هِڪڙو نه هو- جهيرَ هُيا پنجاهَه پرين،
    گهاوَن مَٿان گُلَ ٽِڙي پِيا.

    مُرڪَن ساڻ ڪري ڇڏَيئي- سَرها! ٿڌڙا ساهَه پرين،
    گهاوَن مَٿان گُلَ ٽِڙي پِيا.

    آٿت ساڻ اُجهاميا- اندرَ جا آڙاهه پرين،
    گهاوَن مَٿان گُلَ ٽِڙي پِيا.

    “زاهد” تو ۾ پيارَ جي- اڄ ڏٺي ساڃاهه پرين،
    گهاوَن مَٿان گُلَ ٽِڙي پِيا.
    گهاوَن مَٿان گُلَ ٽِڙي پِيا.
    ***


    پَرديسي پيارا- مِٺڙا موٽي آ،

    پَرديسي پيارا- مِٺڙا موٽي آ،
    تو لئه سُهڻي سيجَ وِڇايَم.

    روُحَ سان جوڙي ٿم رِلهي- ڌاڳا ڏئي دل جا،
    تو لئه سُهڻي سيجَ وِڇايَم.

    ديسُ به پَنهنجو ٿئي ڀَلو- پيارَ به پَنهنجن جا،
    تو لئه سُهڻي سيجَ وِڇايَم.

    روز پَرائي ديسَ جا- مِهڻا مِلندئي پِيا،
    تو لئه سُهڻي سيجَ وِڇايَم.

    زاهدَ پَنهنجي لوڪ سان- لال نه ڪَرِ ليکا،
    تو لئه سُهڻي سيجَ وِڇايَم.
    تو لئه سُهڻي سيجَ وِڇايَم.
    ***


    جيءَ اَندَرِ جَنهنجو- ڪاٿو ڪونهي ڪو،

    جيءَ اَندَرِ جَنهنجو- ڪاٿو ڪونهي ڪو،
    توسان ايڏو پيار آ.

    تو ۾ مُنهنجو ساهُه آ- وَرِهَين کان ويٺو،
    توسان ايڏو پيار آ.

    مُنهنجيءَ دل جو ديوتا- تُنهنجو روُحُ رَهيو،
    توسان ايڏو پيار آ.

    تُنهنجيءَ چاهتَ سان سَڄو- اَندَرو مَهِڪي ٿو،
    توسان ايڏو پيار آ.

    سَجدو زاهدَ جو سَچو- مَحشرَ تئين رَهندو،
    توسان ايڏو پيار آ.
    توسان ايڏو پيار آ.
    ***


    موڳو ڇو آهين- او مُنهنجا سائين،

    موڳو ڇو آهين- او مُنهنجا سائين،
    مارِ نِڀاڳيءَ ماٺِ کي.

    ڳِچيءَ ۾ پايو وَتين- ڳَٽَ نَٿو لاهين،
    مارِ نِڀاڳيءَ ماٺِ کي.

    ماڻهون ماٺِ ڪري ڇَڏين- جي تون ڳالهائين،
    مارِ نِڀاڳيءَ ماٺِ کي.

    جيستائين جَنگِ آ- تون تيستائين،
    مارِ نِڀاڳيءَ ماٺِ کي.

    جي ماريندين ماٺِ کي- تون مَرڻو ناهين،
    مارِ نِڀاڳيءَ ماٺِ کي.

    زاهدَ هَر ڪَنهنِ جيءَ ۾- جيئڻ جي چاهين،
    مارِ نِڀاڳيءَ ماٺِ کي.
    مارِ نِڀاڳيءَ ماٺِ کي.
    ***


    جو ڪَمُ جيءُ چَوي- سو ڪَمُ سَڀُ ڪَجي،

    جو ڪَمُ جيءُ چَوي- سو ڪَمُ سَڀُ ڪَجي،
    ماتِ ڏِجي هِنَ راتِ کي.

    راهُن کي ڏي روشني- چاهتَ کي چئَجي،
    ماتِ ڏِجي هِنَ راتِ کي.

    رَنجَ نِهوڙي راڄ کي- ساڻُ کڻي هَلجي،
    ماتِ ڏِجي هِنَ راتِ کي.

    هَر ظالم کي مارِجي- پوءِ ڀَلي مَرجي،
    ماتِ ڏِجي هِنَ راتِ کي.

    رَهڻو آهي ته ڪاڪِ جو- راڻو ٿي رَهجي،
    ماتِ ڏِجي هِنَ راتِ کي.

    زاهدَ ساريءَ سِنڌُ کي- سَڏِڻو آ سَڏِجي،
    ماتِ ڏِجي هِنَ راتِ کي.
    ماتِ ڏِجي هِنَ راتِ کي.
    ***


    جيڪو آ پَنهنجو- اُنَ سان ئي پنهنجو،

    جيڪو آ پَنهنجو- اُنَ سان ئي پنهنجو،
    سارو اَندَرُ اورِجي.

    هَلڪو ڪَجي هينئڙو- چاهي ٿو هَرڪو،
    سارو اَندَرُ اورِجي.

    سَلجي مَنَ جو مامرو- سَڀَ سان ويهي ڇو،
    سارو اَندَرُ اورِجي.

    مُنهنجي اَندَرَ ۾ ويهي، مون سان ٿو هُنَ جو،
    سارو اَندَرُ اورِجي.

    اُنَ کي رَکجي روُحَ ۾- زاهِدَ جَنهِن سان ٿو،
    سارو اَندَرُ اورِجي.
    سارو اَندَرُ اورِجي.
    ***


    تُنهنجي پاڙي ۾ پَيا- ماڻهو بُکَ مَرن،

    تُنهنجي پاڙي ۾ پَيا- ماڻهو بُکَ مَرن،
    حَجُ ڪَرين هَر سال ٿو.

    مِسڪينن جا ٻارَ ٿا- ماني ماني ڪَن،
    حَجُ ڪَرين هَر سال ٿو.

    ڪيڏا ڪَنَ ڪِنا اَٿئي- ڪيهون ڪينَ ٻُڌَن،
    حَجُ ڪَرين هَر سال ٿو.

    موڳا صافُ نَٿو ڪرين- پَنهنجو ميرو مَن،
    حَجُ ڪَرين هَر سال ٿو.

    تو وَٽِ جام حرامَ جا- ڏوڪڙَ ٿا ڏِسِجَن،
    حَجُ ڪَرين هَر سال ٿو.

    زاهدَ سانڍي ساهَه ۾- ڇو نه رَکيُئي ساجَن،
    حَجُ ڪَرين هَر سال ٿو.
    حَجُ ڪَرين هَر سال ٿو.
    ***


    حَجَ کان اَڳُ جَنِ آ لَڌي- لوڪَ سَڄي جي سارَ،

    حَجَ کان اَڳُ جَنِ آ لَڌي- لوڪَ سَڄي جي سارَ،
    تَن جا حجَ هزارَ ٿِيا.

    پَڪا رَکيا روُحَ ۾- جَن پيارل جا پيارَ،
    تَن جا حجَ هزارَ ٿِيا.

    جن سان قرب ڪري ڇڏيا- مُحبَ مِٺي منٺار،
    تَن جا حجَ هزارَ ٿِيا.

    دِل وارَن دِل سان ڪيا- دِلبرَ جا ديدارَ،
    تَن جا حجَ هزارَ ٿِيا.

    سَچا مَنَ جيڪي ڏِٺا- سَچَنِ جي سَردارَ،
    تَن جا حجَ هزارَ ٿِيا.

    سُهڻا هِنَ سَماجَ ۾- آندا جَنِ سُڌارَ،
    تَن جا حجَ هزارَ ٿِيا.

    زاهدَ جَنِ جهوري ڇَڏيا- قاتِلَ جا ڪِردارَ،
    تَنِ جا حجَ هزارَ ٿِيا.
    تنِ جا حجَ هزارَ ٿِيا.
    ***


    جا ڪون پَنهنجي جيءَ ۾- جاني پاڻَ ڏِٺمُ،

    جا ڪون پَنهنجي جيءَ ۾- جاني پاڻَ ڏِٺمُ،
    پَڙهَيَمِ نِمازون نِينهنَ جون.

    روز- نماڻي روُحَ جي- رَمزُن مَنجِهه رَهيُم،
    پَڙهَيَمِ نِمازون نِينهنَ جون.

    ڪُلُ پَرِکِيُم ڪُلَ سان مِليُم- ڪُلَ جو چاهُه چَکِيُم،
    پَڙهَيَمِ نِمازون نِينهنَ جون.

    پَلُ سَڀُ آ پَلُ ساٿُ آ- پَلَ سان پيچُ پَيُم،
    پَڙهَيَمِ نِمازون نِينهنَ جون.

    زاهدَ سَچي ساهَه جي- سَجدَن کي سَمجهُم،
    پَڙهَيَمِ نِمازون نِينهنَ جون.
    پَڙهَيَمِ نِمازون نِينهنَ جون.
    ***


    حَدَ جَڏهِن پاتا- لاحَدَ ۾ ليئا،

    حَدَ جَڏهِن پاتا- لاحَدَ ۾ ليئا،
    دَنگَ ڀَڃي لا دَنگ ٿياسين.

    الف اَندَرَ ۾ اَهِڙو ويٺو- بي جي بوءِ نه ڪا،
    دَنگَ ڀَڃي لا دَنگ ٿياسين.

    دل جي دلبر پاڻ پڙهايا- دِل جا سَڀُ دَرجا،
    دَنگَ ڀَڃي لا دَنگ ٿياسين.

    پاڻَ ئي پَنهنجو پاڻُ مَروڙي- پاڻُ جيئاريون ٿا،
    دَنگَ ڀَڃي لا دَنگ ٿياسين.

    مَنَ ۾ ويٺلَ مَنَ سان زاهدَ- ڪينَ ڪبا ليکا،
    دَنگَ ڀَڃي لا دَنگ ٿياسين.
    دَنگَ ڀَڃي لا دَنگ ٿياسين.
    ***


    سارو جَڳُ سَنوارِڻَ جي لئه- جيئن ٿا جيڪي،

    سارو جَڳُ سَنوارِڻَ جي لئه- جيئن ٿا جيڪي،
    ماڻهو سي مَحِبُوبَ ٿينَ ٿا.

    سُهڻا ماڻهو کوڙَ آهن پَر- قُربُ ڏِيَن ٿا ڪي،
    ماڻهو سي مَحِبُوبَ ٿينَ ٿا.

    سَچَن کي ٿا سيني لائنِ- ڪوڙن کي ڪُچلي،،
    ماڻهو سي مَحِبُوبَ ٿينَ ٿا.

    راهُنِ ۾ هو رولين بيٺا- هَر ڪنهنِ رَهزَن کي،
    ماڻهو سي مَحِبُوبَ ٿينَ ٿا.

    زاهدَ جَنِ جو نانءُ جيئي ٿو- ساري ڌَرتيءَ تي،
    ماڻهو سي مَحِبُوبَ ٿينَ ٿا.
    ماڻهو سي مَحِبُوبَ ٿينَ ٿا.
    ***


    پل ۾ گندا ذهن سمورا- سُلجهي سُهڻا ٿين،

    پل ۾ گندا ذهن سمورا- سُلجهي سُهڻا ٿين،
    اهڙي شل ڪا هير گُهلي پئي-

    مور نه ساري، جڳ ۾ ڏسجي- ڪوئي موڳومن،
    اهڙي شل ڪا هير گُهلي پئي-

    جيءُ نه ڪو جهوراڻا جهاڳي- جهومي، هر جيون،
    اهڙي شل ڪا هير گُهلي پئي-

    آزادي هر ديس ۾ هرڪو- چاهي ٿو ڪک پن،
    اهڙي شل ڪا هير گُهلي پئي-

    زاهد سارا ساهه گُهرن ٿا- پايَل جي ڇن ڇن،
    اهڙي شل ڪا هير گُهلي پئي-
    اهڙي شل ڪا هير گُهلي پئي-
    ***


    هيرو ٿي هَلِجانءِ- راڻو ٿي رَهِجانءِ،

    هيرو ٿي هَلِجانءِ- راڻو ٿي رَهِجانءِ،
    رَهزَن جا ڪيئي روپَ ٿَئي.

    هينئڙو هَر ڪنهنِ کي نه ڏي- چاهتَ کي چَئِجانءِ،
    رَهزَن جا ڪيئي روپَ ٿَئي.

    سَڀَ سان پَنهنجي ساهَه جي- سَگهَه نه تون سَلِجانءِ،
    رَهزَن جا ڪيئي روپَ ٿَئي.

    رَستا سَچَ ۽ سُونَهن جا- لوچي سَڀُ لَهِجانءِ،
    رَهزَن جا ڪيئي روپَ ٿَئي.

    زاهدَ ڊاهي ڊوهَه کي- ٺاهُوڪو ٺَهِجانءِ،
    رَهزَن جا ڪيئي روپَ ٿَئي.
    رَهزَن جا ڪيئي روپَ ٿَئي.
    ***


    سَچيون ڪينَ سُڻَن- ڪوڙيون ويٺا ڪَن،

    سَچيون ڪينَ سُڻَن- ڪوڙيون ويٺا ڪَن،
    جَهِڙا ماڻهون تَهِڙيون ڳالهيون.

    ڪي ڳالهائِن ڳُڙُ مِٺو- ڪي ٿا زَهَرُ ڏِيَن،
    جَهِڙا ماڻهون تَهِڙيون ڳالهيون.

    ڪَنِ وَٽِ لَفظَ ڪَمالَ جا- ڪي بيٺا ڀنئونڪن،
    جَهِڙا ماڻهون تَهِڙيون ڳالهيون.

    سَچَ ۾ ڪيڏي سَگَهه آ- ڪانهي ڪَلَ ڪُڌَن،
    جَهِڙا ماڻهون تَهِڙيون ڳالهيون.

    سِنڌُ لڄَائي آ سَڄي- هَر پاسي لوگهَن،
    جَهِڙا ماڻهون تَهِڙيون ڳالهيون.

    زاهدَ سَجدَن ۾ به ٿا- سوچُن مَنجهِه رَکَن،
    جَهِڙا ماڻهون تَهِڙيون ڳالهيون.
    جَهِڙا ماڻهون تَهِڙيون ڳالهيون.
    ***


    تَصوِيرُن جي رُوپَ ۾- هَر ڪَنهنِ اَندَرَ جا،

    تَصوِيرُن جي رُوپَ ۾- هَر ڪَنهنِ اَندَرَ جا،
    دَردَ مُصَوِرُ ٿو لِکي.

    هَرِ دُشمَن هَرِ دوستَ جا- هَر ڪنهنِ دَلبَرَ جا،
    دَردَ مُصَوِرُ ٿو لِکي.

    اُنَ کي ڏي ٿو حوصلو- جَنهنِ به مُسافِرَ جا،
    دَردَ مُصَوِرُ ٿو لِکي.

    پُڇي هَر پَهاڙَ کان- هَر ڪنهنِ پَٿَرَ جا،
    دَردَ مُصَوِرُ ٿو لِکي.

    ڌَرتيءَ جي سيني مَٿان- ساري ساگرَ جا،
    دَردَ مُصَوِرُ ٿو لِکي.

    مِٽيءَ جي هر ماڳَ ۾- زاهدَ هَر گَهَر جا،
    دَردَ مُصَوِرُ ٿو لِکي.
    دَردَ مُصَوِرُ ٿو لِکي.
    ***


    راتِين جون باتيون- تَنهِن ڄاڻوءَ ڄاتِيون،

    راتِين جون باتيون- تَنهِن ڄاڻوءَ ڄاتِيون،
    جيڪو جاڳيو آ پِرين.

    آڙَهَه مان اُنَ کي مِليون- ڏاهَپَ جون ڏاتِيون،
    جيڪو جاڳيو آ پِرين.

    سوئي رَهڻو چَنڊُ آ- راتِين جون راتِيون،
    جيڪو جاڳيو آ پِرين.

    پِرِهَه ڦُٽيءَ جي پيارَ کي- ڀاڪِيون تَنهنِ پاتِيون،
    جيڪو جاڳيو آ پِرين.

    قاتل اُن جي لئه رَکيون- مَقتَلَ ۾ ڪاتِيون،
    جيڪو جاڳيو آ پِرين.

    زاهدَ بَنجَر ڀونءِ کي- ڏيندو بَرساتِيون،
    جيڪو جاڳيو آ پِرين.
    جيڪو جاڳيو آ پِرين.
    ***


    ڪالهَه ڪَلاچيءَ ڪُنَ ۾- مَڇُ هُيو مَڇرِيو،

    ڪالهَه ڪَلاچيءَ ڪُنَ ۾- مَڇُ هُيو مَڇرِيو،
    مانگَرُ مارِيو مورِڙِي.

    مانجهيءَ پِڃِري ۾ ويهي- پاپيءَ کي پَڪڙيو،
    مانگَرُ مارِيو مورِڙِي.

    هيڻو ماڻهون ڏاڍَ سان- ٽَلَ کَڻي ٽَڪرِيو،
    مانگَرُ مارِيو مورِڙِي.

    قاتِلَ کي قابُو ڪَري- جانيئڙي جَڪڙيو،
    مانگَرُ مارِيو مورِڙِي.

    زاهِدَ هَرجاني جَڏهِن- گهاتو گَهرِ نه وَرِيو،
    مانگَرُ مارِيو مورِڙِي.
    مانگَرُ مارِيو مورِڙِي.
    ***


    ٻِن ۾ ٻَڌي آ- ٽِيون ٽوڙيندو آ،

    ٻِن ۾ ٻَڌي آ- ٽِيون ٽوڙيندو آ،
    سُهڻا ساٿُ بَچائِجو-

    ٻِلو ٻِن جي وِچَ ۾- ڀِتِ اَڏيندو آ،
    سُهڻا ساٿُ بَچائِجو-

    سَچَ کي رَکِجو ساهَه ۾- سَچُ ڳَنڍيندو آ،
    سُهڻا ساٿُ بَچائِجو-

    پُهچَڻَ کان اَڳُ پَنڌَ ۾- ٿَڪُ به ٿيندو آ،
    سُهڻا ساٿُ بَچائِجو-

    سَچو ساٿُ سُڪونَ جا- رَستا ڏيندو آ،
    سُهڻا ساٿُ بَچائِجو-

    زاهِدُ ساريءَ سِنڌُ لئه- پيو سوچيندو آ،
    سُهڻا ساٿُ بَچائِجو-
    سُهڻا ساٿُ بَچائِجو-
    ***


    پَنهِنجَن کي پَنهِنجو- ڏاڍو پيارُ ڏِنُم،

    پَنهِنجَن کي پَنهِنجو- ڏاڍو پيارُ ڏِنُم،
    پوءِ به پَنهِنجا ڪينَ ٿِيا.

    جيڏا دَردَ ڏِنئون پَئي- تيڏا قُربَ ڪَيمَ،
    پوءِ به پَنهِنجا ڪينَ ٿِيا.

    هَرِ ڀيري هَرِ واٽَ ۾- ٻَکَ وِجهي وِيٺُم،
    پوءِ به پَنهِنجا ڪينَ ٿِيا.

    جايون جوڙي جيءَ ۾- اَندَرُ پَئي آڇيمُ،
    پوءِ به پَنهِنجا ڪينَ ٿِيا.

    زاهِدَ کان ڇو ٿا ڇِڄو- چاهَتَ ساڻُ چَيُم،
    پوءِ به پَنهِنجا ڪينَ ٿِيا.
    پوءِ به پَنهِنجا ڪينَ ٿِيا.
    ***


    دردن کان هر ديس کي- نيٺ ڪندا آجو،

    دردن کان هر ديس کي- نيٺ ڪندا آجو،
    جنهن پل ايڌيءَ جهڙا ايندا.

    هر قاتل ٿيندو قتل- قهر نه رَهندو ڪو،
    جنهن پل ايڌيءَ جهڙا ايندا.

    اچڻو هر اديب ۾- روح آ رضويءَ جو،
    جنهن پل ايڌيءَ جهڙا ايندا.

    هر ڪو جيون جرڪندو- جُهمريون پائيندو،
    جنهن پل ايڌيءَ جهڙا ايندا.

    زاهد هر ڪنهن ديس ۾- اَمُن اچي ويندو،
    جنهن پل ايڌيءَ جهڙا ايندا.
    جنهن پل ايڌيءَ جهڙا ايندا.
    ***


    بَمَ بارُودُ سَڄو- ڀَڃي ڀورَ ڪَيو،

    بَمَ بارُودُ سَڄو- ڀَڃي ڀورَ ڪَيو،
    اَمُن کَپي اِنسانَ کي.

    جَڳَ ۾ ظالِمَ جو نَسُل- زِندَهه آهي ڇو؟،
    اَمُن کَپي اِنسانَ کي.

    جَنهِن سان اَمُن جيئارِجي- جَنگِ اُها جوٽِيو،
    اَمُن کَپي اِنسانَ کي.

    ساڙي ساريون سَرحَدون- هَڙَئي هِڪُ ٿِيو،
    اَمُن کَپي اِنسانَ کي.

    هَر دِل کي هِڪَ پيارَ جو- هِڪڙو مَذَهَبُ ڏِيو،
    اَمُن کَپي اِنسانَ کي.

    زاهِدَ سُکي زِندگي- گهارِڻَ لئه گَڏجو،
    اَمُن کَپي اِنسانَ کي.
    اَمُن کَپي اِنسانَ کي.
    ***


    تاثرات

    زاهد شيخ، نئين ٽهيءَ جي تمام ٿورڙن شاعرن مان هڪ آهي، جنهن جي شاعريءَ تمام ٿوري عرصي ۾ مقبوليت جون منزلون طئه ڪري ورتيون آهن. زاهد وٽ لکڻ جو ڏانءُ به آهي ۽ ماڻهن جي من کي ڇهڻ واري ڏات به....... سندس شاعري، زندگيءَ جي تجربن، تکي مشاهدي، توڙي شعوري پختگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي.

    اياز گل


    زاهد شيخ جون وايون منهنجي لونءَ لونءَ ۾ اِن ڪري رچيل آهن جو جڏهن سندس ڪتاب “گهاون مٿان گُل” جو پهريون ڇاپو سال 1995ع ۾ مارڪيٽ ۾ آيو هو ته اُن وقت آئون اڃا سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ نئون نئون پنڌ ڪرڻ سکي رهيو هئس. اِن ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو به حرج محسوس نٿو ڪريان ته مون وائيءَ جو ابتدائي گهاڙيٽو ۽ ٿاٽ زاهد شيخ جي هن ڪتاب مان ئي سِکيو هو.
    اڄ هي اُن ڪتاب “گهاون مٿان گل” جو هي ٽيون ڇاپو اسانجي هٿن ۾ آهي. زاهد جي واين ۾ هڪ ئي وقت انقلاب، مزاحمت، رومانويٽ توڙي تصوف جون جهلڪيون پسي سگهجن ٿيون هن جي واين ۾ ظلمتن سان ڀريل ڪارين راتين سان وڙهڻ ۽ انهن کي شڪست ڏيڻ جو فلسفو به آهي ته موڳيءَ ماٺ کي ٽوڙڻ جو اعلان پڻ آهي. هي پنهنجي ڏات سان اُماس راتين ۾ اُميدن جا ڏيئا جلائيندي نظر اچي ٿو. گگهه اونداهين ۾ روشنيءَ جي لاٽ آهن هن جون وايون لاکيڻي لطيف، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جيان زاهد شيخ جي شاعريءَ جو به هڪ مڪمل سماجي ڪارج موجود آهي. زاهد اسانجي مزاحمتي ۽ رومانوي شاعريءَ جي مورچي جو دودو ۽ دولهه دريا خان آهي. جيڪو پنهنجي سٽ سٽ سان ظالم قوتن جي خلاف وڙهڻ جي سگهه رکي ٿو. ان ڪري اِهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته زاهد شيخ جي شاعري سنڌي ادب جي ماٿي جو جهومر آهي. دعا آهي ته اسانجو هي پيارو شاعر ائين ئي لکندو رهي ۽ سنڌي ادب جي جهولي موتين مالها سان ڀريندو رهي.

    ستار سروهي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 946
    ڪتابن جو مشاهدو: 3032389
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 790264
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ