ڪتاب جو نالو: سفر واشنگٽن جو
مصنف: ڊاڪٽر گورڌن ولاسائي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2020
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 28 مارچ 2020 ع
پڙهيو ويو: 790 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 326 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
گورڌن ولاسائيءَ جو ھي سفر واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ھڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ مقالي پڙھڻ لاءِ ٿيو ھو. سندس ھي سفرنامو آمريڪا ويندڙن لاءِ ھڪ گائيڊ آھي.
سڀني جو اهو زور هو ته سنڌي ٻولي ۾ جيڪي سفرناما هيستائين ڇپيا ويا آهن اهي تقريبن پروفيشنل مسافرن جا لکيل آهن، ڀلو ٿئي ته جي ڪو شاگرد پنهنجو ٻاهر ملڪ جي سفر ۽‌ لاڳاپيل حالتون بيان ڪري. ليکڪ جي ڄاڻ موجب هي پهريون ڀيرو ڪنهن شاگرد جي تخليق آهي. ان قسم جي مشاهدي تي ٻڌل ڄاڻ جي اسان جي شاگردن کي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن هن قسم جي تجربي مان لاڀ پرائيندي ڪجهه سکي به وٺن ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ دوران ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميل جول ڪيئن رکن ۽ انهي مُلڪ کي ڪهڙي طريقي سان گهٽ ۾ گهٽ خرچ ۾ سُٺي نموني سان گهُمي سگهجي. ساڳي ريت ڪافي لکيل سفرنامن ۾ هروڀرو جي ادبي لفظن جي استعمال سان اهي ڪنهن حد تائين فِڪشن به لڳن ٿا
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • پهريون پنو!
  • آمريڪا ويندڙن لاءِ هڪ گائيڊ بُڪ
  • آمريڪي ويزا لاءِ آن لائين درخواست
  • ويزا لاءِ ڪراچي ۾ ڏنل انٽرويو 
  • جهاز جو ٽڪيٽ وٺڻ جو مرحلو
  • سفر لاءِ سامان سڙي جي تياري 
  • جُتي پاءِ، جهاز ۾ چڙهه!
  • واشنگٽن جو پهريون ديدار!
  • ڊيو هائوسنگ تي پهچڻ
  • ڪانفرنس جو حال احوال - پهريون ڏينهن
  • ڪانفرنس جو حال احوال – ٻيون ڏينهن
  • ڪانفرنس جو حال احوال - ٽيون ڏينهن
  • 11هين اسٽريٽ ۽ مساچوسيٽس ايوينيو جو ٽريفڪ پوليس وارو......
  • لائريٽا پيبلس
  • هڪ ڀائي کي مدد لاءِ ڪيل عرض! 
  • پوٽومئڪ ندي جا کڙکٻيتا
  • گُڊ مارننگ جا ڦهڪا!
  • واشنگٽن جون تاريخي عمارتون
  • واشنگٽن جا ميوزيم 
  • وائيٽ هائوس 
  • تاريخي يونين ريلوي اسٽيشن 
  • برائن ايڪنس جو ٽرين ۾ وسري ويل باجو! 
  • واشنگٽن جا واندا! 
  • واشنگٽن جي برسات ۽ آئون اڪيلو ٿريو!
  • ايريڪا لابيلا - هڪ وڌيڪ ماسترياڻي سان ملاقات! 
  • هڪ والنٽيئر جوڊي ۽ سٽيزنس ڪلائيميٽ چينج لابي! 
  • هيديا هيرينگلي جون پاڪستان بابت ڳالهيون! 
  • پينٽاگون ڏسڻ جو پلان! 
  • پينٽاگون ته ڇا پر قبرستان به تفريح گاه! 
  • لائبريري آف ڪانگريس
  • شالُو چينياڻي جو احوال!
  • برازيل جي گول ايئرلائين جي هوسٽيس
  • واشنگٽن ۾ هلڪي ڦلڪي خريداري 
  • انڊيا جو ڪنچن ۽ ڪوريا جو نام گي! 
  • ايئرپورٽ ڏانهن ويندي ڊرائيور سان احوال! 
  • واپسي جو سفر.....

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب: سفر واشنگٽن جو
    ليکڪ: ڊاڪٽر گورڌن ولاسائي
    ڇپائيندڙ : سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سفر واشنگٽن جو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب ڊاڪٽر گورڌن ولاسائيءَ جي واشنگٽن جي سفر بابت آھي. گورڌن ولاسائيءَ جو ھي سفر واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ھڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ مقالي پڙھڻ لاءِ ٿيو ھو. سندس ھي سفرنامو آمريڪا ويندڙن لاءِ ھڪ گائيڊ آھي.
    سڀني جو اهو زور هو ته سنڌي ٻولي ۾ جيڪي سفرناما هيستائين ڇپيا ويا آهن اهي تقريبن پروفيشنل مسافرن جا لکيل آهن، ڀلو ٿئي ته جي ڪو شاگرد پنهنجو ٻاهر ملڪ جي سفر ۽‌ لاڳاپيل حالتون بيان ڪري. ليکڪ جي ڄاڻ موجب هي پهريون ڀيرو ڪنهن شاگرد جي تخليق آهي. ان قسم جي مشاهدي تي ٻڌل ڄاڻ جي اسان جي شاگردن کي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن هن قسم جي تجربي مان لاڀ پرائيندي ڪجهه سکي به وٺن ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ دوران ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميل جول ڪيئن رکن ۽ انهي مُلڪ کي ڪهڙي طريقي سان گهٽ ۾ گهٽ خرچ ۾ سُٺي نموني سان گهُمي سگهجي. ساڳي ريت ڪافي لکيل سفرنامن ۾ هروڀرو جي ادبي لفظن جي استعمال سان اهي ڪنهن حد تائين فِڪشن به لڳن ٿا، تنهن ڪري هِتي لکيل سمورا ليک ٻڌائڻ واري انداز ۾ لکيل آهن، جيڪي پڙهڻ دوران ڪافي دوست محسوس ڪندا ته شايد اهي پاڻ هن سفر جو به هڪ ڪردار آهي.
    ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي. پياري گورڌن انتظار ڪيو تہ ڪنھن طرح ڇپائجي پر ادارن جي روايتي سلوڪ سبب ھن قرب ڪري ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي آھي. اسان سندس ٿورائتا آھيون. سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين کي انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا جي سنڌين تائين پھچايون. ان سلسلي ۾ ڪيتري ڪاميابي ملي آھي ۽ اڳتي ڇا ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ ان لاءِ اوھان سڄڻن جي رھنمائي ۽ مدد جي ضرورت آھي.
    ساٿ سدائين قائم ..... سنڌ سلامت ساٿ سلامت


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com 


    انتساب

    پنھنجي وڏن ڀائرن
    سريندر ولاسائي، موھن لال ولاسائي ۽ واشديو ولاسائي
    ۽ منھنجي پُٽ
    ڪرن وير ولاسائي
    جي نالي 


    پهريون پنو!

    پهريون پنو!

    مون کان اڳ ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ سريندر ولاسائي ۽ سندس گهرواري نينا ولاسائي ٻه، ٽي ڀيرا آمريڪا جو دورو ڪري چُڪا آهن. تنهن ڪري منهنجي به ڪافي عرصي کان اها خواهش رهي آهي ته آئون به گهٽ ۾ گهٽ آمريڪا جو هڪ چڪر هڻي اچان، جيئن خبر پوي ته سڄي دُنيا آمريڪا جي ڇو ديواني آهي ۽ دُنيا تي حڪمراني ڪندڙ ماڻهن ۽ انهن جو اپنايل نظام، طور طريقا ۽ رهڻي ڪهڻي ڏسي سگهان. انهي خواهش خاطر ورلڊ بئنڪ ۾ منعقد ٿيندڙ انڊيانا (Indiana) رياست جي پرڊيُو يونيورسٽي (Purdue University) جي ميزباني هيٺ هڪ ڪانفرنس ۾ پنهنجي تحقيق جي بنيادي نقطي تي ٺاهيل ڪمپيوٽر ماڊل جي جوڙجڪ بابت هڪ تحقيقي مقالو موڪليم. جيڪو ڪانفرنس جي مقرر ڪيل معيار تي پورو لٿو. پنهنجي وڏي ڀاءُ سريندر ولاسائي ۽ واشديو ولاسائي ۽ ٻين گهرڀاتين، ڊاڪٽر خانجي هريجن، نير حسين ميرجت، شاڪر علي سومري، انقره جي پروفيسر مئري آئڊينالپ ڪوڪسل، عومر ديمِير، ايران جي عاديله راشدي ۽ ٻين دوستن جي رهنمائي سان آمريڪا جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم ورلڊ بئنڪ جي هيڊڪوارٽر منعقد ڪيل ڪانفرنس دوران اهو تحقيقي مقالو پيش ڪرڻ جو موقعو مليو.
    انهي ڪانفرنس دوران منهنجي فيسبوڪ اڪائونٽ تي لاڳيتو ڏنل مختلف اپڊيٽس، حال احوال ۽ تصويرون ڏسي، ڪافي سارن دوستن پُڇا ڳاڇا ڪئي ته اِتي ڇا پيو ڪرين؟ ڪهڙو مُلڪ آهي، ڪهڙا حالات آهن، ڪهڙو ماحول آهي؟ ڇا ٿو ڏسين ۽ ڇا ٿو ڀانئين؟ اسان جي اچڻ وڃڻ لاءِ ڪو رستو يا بندوبست آهي؟ ايترن سمورن سوالن جا هر ماڻهو جي طبيعت ۽ اميدن آڌار جواب ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿئي لڳو. سو انهن سمورن سوالن جي جواب ۾ هي ڪجهه پنا لکيا آهن ته اُتي ڇا وهيو، ڇا واپريو، ڪيئن وقت گُذريو ۽ اُتان جي راڄ ڀاڳ جو احوال به. صاف ظاهر آهي ته هي پنا لکندي صرف اهي ڳالهيون يا واقعا بيان ڪيا ويا آهن، جن جي باري مختلف دوستن ۽ مٽن مائٽن پڇيو يا معلومات وٺڻ‌ جي ڳالهه ڪئي. اهو به ممڪن آهي ته يورپ جي ڪافي ملڪن مان پڙهي آيل دوستن کي هي ڳالهيون يا قصا صفا عام لڳندا هجن يا سطحي محسوس ٿيندا هجن، پر منهنجي ذهن ۾ اهي شئي واضع آهي ته هڪ عام شاگرد لاءِ هتي ڏنل معلومات بنيادي ذهن ٺاهڻ لاءِ اهم آهن.
    اها به ڳالهه صاف ظاهر آهي ته منهنجي آمريڪا وڃڻ کان اڳ واري خواهش (ته آمريڪا ڏسجي) وانگر ٻيا به ڪافي دوست ۽ هم عُمر ساڳي خواهش رکن ٿا، انهن لاءِ هي ڪتاب هڪ سُٺو رهنما ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ جو هن پنن تي رواجي طور تي جيڪي به هلڪيون ڦلڪيون مشڪلاتون، رستا ۽ ڳُجهه هڪ عام شاگرد جي مناسبت سان بيان ڪيا ويا آهن.
    هن ڪتاب جي لکجڻ دوران ڪافي سارن دوستن (جن کي منهنجي تُرڪش گورنمينٽ جي مليل فيلوشپ جي خبر هُئي.) جو رايو آهي ته تُرڪي ۾ گذاريل هڪ سال جو به حساب ڪتاب ڏيان (جيڪو هن مهل تڪميل جي مرحلي هيٺ آهي). جيڪڏهن پڙهندڙن کي هي گهڙيل ليک وڻيو ته تُرڪي جو احوال به تڪڙو ئي ڏبو نه ته پوءِ سوچبو.
    ڪمپيوٽر تي پاڻ ئي ٽِڪ ٽِڪ ڪرڻ دوران چاچا سارنگ رام ڪاجهروي، عبيد الرحمان ميمڻ، عبدالحفيظ لغاري، لطيف گاد، چاچا مينڌرو عرف ”ڪاڪا پوڙهو“ ڪاجهروي ۽ قائدِ عوام يونيورسٽي جا اهي سمورا شاگرد جيڪي جڏهن ۽ جتي به لهه وچڙ ۾‌ آيا ٿي، انهي جي همت افزائي جي مهرباني جنهن سبب هي پنا لکڻ تي دل ٿي. سڀني جو اهو زور هو ته سنڌي ٻولي ۾ جيڪي سفرناما هيستائين ڇپيا ويا آهن اهي تقريبن پروفيشنل مسافرن جا لکيل آهن، ڀلو ٿئي ته جي ڪو شاگرد پنهنجو ٻاهر ملڪ جي سفر ۽‌ لاڳاپيل حالتون بيان ڪري. ليکڪ جي ڄاڻ موجب هي پهريون ڀيرو ڪنهن شاگرد جي تخليق آهي. ان قسم جي مشاهدي تي ٻڌل ڄاڻ جي اسان جي شاگردن کي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن هن قسم جي تجربي مان لاڀ پرائيندي ڪجهه سکي به وٺن ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ دوران ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميل جول ڪيئن رکن ۽ انهي مُلڪ کي ڪهڙي طريقي سان گهٽ ۾ گهٽ خرچ ۾ سُٺي نموني سان گهُمي سگهجي. ساڳي ريت ڪافي لکيل سفرنامن ۾ هروڀرو جي ادبي لفظن جي استعمال سان اهي ڪنهن حد تائين فِڪشن به لڳن ٿا، تنهن ڪري هِتي لکيل سمورا ليک ٻڌائڻ واري انداز ۾ لکيل آهن، جيڪي پڙهڻ دوران ڪافي دوست محسوس ڪندا ته شايد اهي پاڻ هن سفر جو به هڪ ڪردار آهي. اها ڳالهه مون کي عُبيدالرحمن ميمڻ (گيهه ڪمپني واري) ٻڌائي. مون کي اعتبار به وري ان ڪري آيو جو هن منهنجا سمورا فيسبوڪ وارا ليک پنهنجي پروفائيل تي پُڻ شيئر ڪيا.....
    جيتوڻيڪ هي پنا لکڻ پڙهڻ دوران ڪافي حد تائين ڪيل احتياط باوجود رهجي ويل چُڪن، غلطين ۽ اڻپوري معلومات جو ذميوار فقط آئون آهيان. هُجي ها انگريزي ۾ ڪِتاب، ته ڪمپيوٽر سافٽويئر به گرامر جون غلطيون ڳولهي ٻڌائي ها، يا جيستائين سنڌ سلامت فورم وارا ڪو اهڙو سافٽ ويئر سنڌي ۾ جوڙي وٺن.
    هن ليک بابت جي ڪي صلاح مشورا هُجن يا ايندڙ ليک يعني تُرڪي ۾ گذاريل هڪ سال ۽ اِٽليءَ جي ننڍڙي سفر بابت ڪي مشورا هجن ته فيسبوڪ، ٽوئيٽر، موبائل نمبر (واٽس ايپ تي پڻ) يا اي ميل ذريعي موڪليندا ته مهرباني ٿيندي.


    گورڌن داس ولاسائي
    مهراڻ يونيورسٽي، ڄامشورو
    0342 8380928
    10 جون 2017


    آمريڪا ويندڙن لاءِ هڪ گائيڊ بُڪ

    آمريڪا ويندڙن لاءِ هڪ گائيڊ بُڪ

    ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري، ملڪاڻي شريف، بدين

    ڪٿي پڙهيو هئم ته اڄڪلهه جيڪو ٿو ڪٿان چڪر هڻي اچي سو ويٺو ٿو سفرنامو ٿو لکي، ايئن آهي به سهي ۽ اهو ٿيڻ به گهُرجي ڇو ته ڳوٺن ۾ هوندي پنهنجي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي شهر مان ورلي چڪر هڻي ايندڙ به ٽي ڏينهن احوال ڏيندي پاڻ اکين ڏٺا آهن ۽ ماڻهو دلچسپي سان ٻُڌن به ٿا. پر جيئن ته ٻُڌل ڳالهه جن ٻُڌي اها اُتي ختم ٿي پر ڪنهن لکندڙ اهي احوال قلم بند ڪيا ته ڄڻ اهي محفوظ ۽ اڳتي هلي مؤرخن لاءِ پڻ ڪارآمد ٿين ٿا، جيڪي آڳاٽي وقت جا حالات يا تاريخي حقيقتون ان مان ڏسي فائدو وٺندا آهن. سفرنامو به دراصل سفر تي وڃي ٿي آيل مسافر جو مشاهدن تي ٻڌل احوال آهي جيڪو هو جنهن انداز سان چاهي ڏيئي سگهي ٿو پر ترتيب سان لکيل مواد کي سفرنامو چيو وڃي ٿو. اسان سنڌ جي وڏي سفرناما نگار الطاف شيخ کي ڏسون ته هُن به اٿندي ئي سفرناما ڪونه لکيا هئا. پاڻ جهاز تي شروعاتي سفر بابت احوال ڏيڻ خاطر ان دور ۾ پنهنجي دوستن کي خط ٿي لکيا جيڪي سنگت کي دلچسپ لڳا ته انهن کي اخباري ڪالم ۾ بدلائي ڇاپڻ جو چيو ويو ۽ مقبول ٿيا ته ڪتابي صورت ۾ آيا ۽ ايئن اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
    جيئن ته احوال هرڪو اچي پنهنجي انداز سان ٻُڌائيندو آهي تيئن لکڻ جو انداز به پنهنجو آهي. ڪو ته ننڍي واقعي کي به پر لطف بڻائي پيش ڪري ويندو آهي ته ڪو انتهائي اهم، معلوماتي يا تفريحي واقعو به ايئن ٻُڌائيندو آهي جيئن ڪنهن ڀلي برياني ۾ بيڪار دهي جو رائتو وجهي ان کي بد سواد ڪري ڇڏجي.
    گورڌن ولاسائي وٽ ڳالهائڻ ۽ ڳالهائڻ کان ڪيئي ڀيرا بهتر لکي ڳالهه ڪرڻ جو وڏو ڏانوَ آهي. هو جيڪو به واقعو لکي ٿو ته ان بابت سڄي وضاحت اهو ليک پاڻ هجي ٿو ان ۾ ڪنهن سوال جي گنجائش ئي نه ٿي رهي. پاڻ سير تفريح (جنهن کي رُلڻ چوي ٿو) جو وڏو شوقين آهي. رُلڻ جا گس به فورن ڳوليو وٺي ۽ ان جي ڪاغذي ڪاروائي لاءِ ڄڻ الڳ سان ڪو ڪورس ٿيل اٿس. هر مرحلو بلڪل توريل تڪيل منصوبي سان پار ڪندو ويندو آهي. سنگاپور، ملائيشيا، ترڪي، آمريڪا ۽ اٽلي وڃي ٿي آيو آهي ۽ ان بابت ڪجهه احوال ڪيا اٿس، ڪجهه لکيا به اٿس. ايئن ئي آمريڪا وڃي نڪتو ۽ فيس بُڪ تي هر ڏينهن جا واقعا ويو قلم بند ڪندو. انهن واقعن جي ايتري مقبوليت ٿي جو گورڌن جنهن قسط ۾ بنا تفصيل ڪنهن ڪردار جو ذڪر ڪري ته اها فورن توجه جو مرڪز ٿي وڃي ۽ پڙهندڙ فرمائش ڪن ته ان جا تفصيل ايندڙ قسط ۾ ضرور هجن. ان جو مثال هن سفرنامي ۾ شالو چينياڻي آهي جنهن کي وڏي مڃتا ملي (اتفاقن گورڌن جي نظر ۾ وري سڀني کان گهٽ اهم اها مائي هئي). توڙي جو گورڌن سير تفريح دوران جنسي تفريق نه ڪندو آهي پر الائي يا ته ڇوڪرين/ماين کي منجهس وڌيڪ دلچسپي آهي يا وري هن کي باعثِ دلچسپي ۽ ذڪر جوڳا واقعا پيدا ڪرڻ لاءِ مايون گهڻو ٿيون ملن، پر سندس احوال ۾ صنف نازڪ جو ذڪر مڙئي سوايو هجي ٿو پر ساڳي وقت هي نوجوان روايتي ڇڇورپڻي کان صفا پري آهي. سير تفريح دوران ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري پر ان سان لهه وچڙ بس اوتري ڪبي جيتري هو لهڻي ان کان پوءِ هي اهو جوڳي ٿيو وڃي جنهن جا نه ڪي مِٽ نه ڪو مائٽ.
    گورڌن جي هن سفرنامي کي آءُ آمريڪا ويندڙ (خاص ڪري پهريون ڀيرو) لاءِ هڪ گائيڊ بُڪ چوندس ڇو ته هن ۾ گورڌن اوڏانهن وڃڻ جا رستا، ويزا پروسيس سو به ان تفصيل سان ته جڏهن انتظار گاهه ۾ ويهارين ۽ موبائل فون جي به اجازت نه هجي ته وقت ڪيئن گذارجي، اتي سستي رهائش ڪيئن هٿ ڪجي، چيڪ اِن توڙي وهاڻي جو ڪور لاهي چيڪ آئوٽ ڪيئن ڪجي، گهمڻ ڦرڻ لاءِ سواري ۽ ساٿي ڪيئن هٿ ڪجن، سڀ لکيل آهي. گورڌن اتي رهيو ته اوباما جو پاڙيسري ٿي وائٽ هائوس ويجهو پر کيس ماڻهو سڀ اهڙا مليا جيڪي هن جيان فقير طبيعت جا جن هن کي خوب ڪمپني ڏني. باقي سورنهن آنا سڌا ماڻهو ته ڪٿي به نه هوندا، جيڪر هڪ آمريڪي سندس فوٽو نه ڪڍي کيس ٺيس پهچائي ته خوش هجي پنهنجي خرچ تي گورڌن کي هم مزاج ڇوڪري وري به ملي وئي.
    آءُ وري به چوندس گورڌن ولاسائي جو هي پورهيو لک لهڻي. ڀلي کڻي اڄڪلهه ڏيک ويک جو دور آهي ۽ هر واقعو سوشل ميڊيا تي ويهي لائيو ڏيکاري سگهجي ٿو پر لکيل احوال پڙهڻ جو چس اڃان به ويو ناهي. ان جي خاص افاديت اها به آهي ته ڳولا ۾ آساني سان ملي ٿو شايد وڊيو ۾ سرچ واري ڪم کي اڃان وقت لڳي پر اهو هڪ ننڍو جواز آهي لکڻ ۽ ان کي پڙهڻ جي مزي جو ڪو مَٽ ئي ناهي.


    آمريڪي ويزا لاءِ آن لائين درخواست



    پاڪستان کان ٻاهر مُلڪ ويندڙ تقريبن سڀني دوستن جو ۽ منهنجو به اهو ئي خيال هو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ شخص کي آمريڪا جو ويزا ملڻ وڌيڪ مُشڪل آهي. تقريبن ٻه کان ٽي مهينا ويزا حاصل ڪرڻ ۾ لڳيو ٿا وڃن، درخواست فارم ۾ الائجي ڪيتريون شيون گُهربل هونديون آهن. ويزا حاصل ڪرڻ واري درخواست کي بهتر طريقي سان ڀرڻ ۽ ان کان علاوه ان درخواست کي قابل قبول بنائڻ لاءِ ٻيا به چڱا خاصا ڪاغذ کپن. انهن سڀني شين کي نظر ۾ رکندي، مون آمريڪي ويزا فارم ڀرڻ شروع ڪيو. جيئن ته سمورو فارم آن لائين ڀرڻو هوندو آهي، جنهن ۾ درخواست ڏيندڙ شخص جي ذاتي معلومات، ڌنڌي ڌاڙي، تعليم جي معلومات، هن کان اڳ ٻين ملڪن جو ڪيل سفر، پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن جو سفر، آمريڪا ۾ ڪن رشتيدارن سان واسطو، اُتي جي عارضي رهائش جيئن هوٽل بُڪنگ وغيره جي معلومات، لاڳاپيل سيڪيورٽي ۽ ان جي پسِ منظر معلومات ۽ جيڪڏهن فارم ڀرڻ ۾ ڪنهن به مدد ڪئي هُجي ته مدد ڪندڙ جو به احوال. آمريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل مخصوص ويبسائيٽ تي اها سموري معلومات ڏيڻ لاءِ تقريبن سئو کان ڏيڍ سئو کن خانا ڏنل هوندا آهن. فارم ڀرڻ دوران تمام گهڻي احتياط جي ضرورت هوندي آهي، جنهن ڪري مون ٻه يا ٽي ڏينهن فارم ڀرڻ ۾ لڳايا. اهو ايئن جو فارم ڀري ان کي محفوظ ڪري، وري ڪلاڪ ٻن کان پوءِ فارم کي چيڪ ڪري، وري به پرنٽ ڪري چيڪ ڪري ان کي آن لائين ئي جمع ڪرائڻو هوندو آهي. فارم جمع ڪرائڻ شرط هڪ پاڻ مرادو ٺهيل چالان فارم اچي ويندو جنهن کي وري پرنٽ ڪري الائيڊ بئنڪ جي مخصوص شاخ ۾ جمع ڪرائڻو هوندو آهي. ويزا پراسيس جي في جيڪا مون ڀري اُها 16690 روپيه هئي، جيڪا ٿي سگهي ٿو ته وقت سان تبديل ٿيندي هُجي.
    مهراڻ يونيورسٽيءَ ڄامشوري کان ويجهي ۾ ويجهي الائيڊ بئنڪ جو ڏس پتو وٺڻ لاءِ دوستن کان پُڇيم ته ڪن ويجهي ۾ ويجهو حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني جو ڏس ڏنو، ته ڪِن وري مين روڊ قاسم آباد واري شاخ ڏي وڃڻ جو رستو ڏسيو. مون وري آن لائين الائيڊ بئنڪ جي ويبسائيٽ سندس مقرر برانچن جا تفصيل ڏٺم. خبر پئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ هائوسنگ سوسائٽي ۾ تازو ئي الائيڊ بئنڪ جي نئين شاخ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. سو ڏنل فون نمبر تي فون ڪري پڪ وٺي الائيڊ بئنڪ جي سوسائٽي واري برانچ ۾ وڃي چالان جمع ڪرايم. چالان جمع ڪرائڻ دوران بئنڪ وارن رسيد تي هڪ مخصوص انگ لکي ڏنو، جيڪو مون کي آمريڪي ويزا جي ويب سائيٽ تي پنهنجي اڪائونٽ ۾ لاگ اِن ٿي ڪري داخل ڪرڻو هو ته جيئن ويزا انٽرويو جي تاريخ وٺي سگهجي. جيئن ئي مون اهو انگ ان ويبسائيٽ تي داخل ڪيو ته ڳاڙهن اکرن ۾ لکجي آيو ته اهو نمبر غلط آهي، صحيح انگ داخل ڪريو يا پنهنجي بئنڪ سان رابطو ڪريو. وري الائيڊ بئنڪ وارن کي فون ڪيم، اُنهن ورجائي ساڳئي انگ جي صحيح هُجڻ جي تصديق ڪئي. وري به اهو تصديق ڪيل انگ وري ويب سائيٽ تي داخل ڪيم ته ساڳيو ئي جواب مليو ته فراهم ڪيل انگ دُرست نه آهي. پاسي ۾ ويٺل هڪ دوست کان پُڇيم ته ان مشورو ڏنو ته،
    ”ڪجهه دير انتظار ڪر، منهنجي خيال ۾ انهن جي سسٽم ۾ ڪو مسئلو آهي، پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو. پوءِ وري ڪوشش ڪري ڏسجان.“
    مون کيس چيو ته،
    ”ايترا واندا آهيون ڇا توهان وانگر، اسان وٽ انتظار ڪرڻ جيترو ٽائيم هوندو ئي ناهي.“
    يڪدم آمريڪا ويزا جي ويب سائيٽ تي سندن اي ميل تي نياپو ڪيم ته ههڙي طريقي سان فارم ڀري، بئنڪ ۾ پئسا جمع ڪرائي ڏنل انگ داخل ڪريان ٿو ته ويب سائيٽ قبول نه ٿي ڪري. آمريڪي ويزا ويبسائيٽ وارن جو پنج ست منٽن ۾ جواب آيو ته تڪليف لاءِ معذرت، جمع ڪرايل پئسن واري رسيد اسڪين ڪري پنهنجي شناختي نمبر سان گڏ ڏياري موڪليو، ته جيئن توهان جي بيان ڪيل مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي. مون وري يڪدم پنهنجي موبائل فون جي ڪيمرا سان رسيد جو فوٽو ڪڍي، شناختي نمبر سان گڏ موڪلي ڏنم. پنج منٽن بعد ويزا پراسيس واري ويب سائيٽ ريفريش ڪيم ته منهنجا پئسا ملڻ جي تصديق ٿي چُڪي هُئي ۽ ويزا انٽرويو لاءِ 25 مارچ سنه 2016، (اُها ئي تاريخ جيڪا مون کي گهُربل هُئي) مقرر ڪيل ملي، ته ڄاڻايل ڏينهن تي صبح جو ساڍا اٺ وڳي ڪراچي جي مائي ڪولاچي روڊ تي آمريڪي ڪائونسليٽ جنرل تي انٽرويو لاءِ حاضر ٿيان.


    ويزا لاءِ ڪراچي ۾ ڏنل انٽرويو 



    آمريڪي ويبسائيٽ پاران ڏنل تاريخ تي آمريڪي ڪائونسليٽ جنرل ۾ انٽرويو لاءِ پهتس. ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي انٽرنيٽ تي وري ڳولي ڏٺم ته آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرويو دوران ڪهڙا ڪهڙا سوال ٿا پُڇيا وڃن، انٽرويو دوران ڪهڙا ڪهڙا ڪاغذ پنا پاڻ سان گڏ هُجڻ کپن، سيڪيورٽي خاطر ڪهڙا ڪهڙا اُپاءَ وٺڻ کپن. انھي متعلق ڏنل ڄاڻ کي ھيٺ ڏنل نقطن ۾ بيان ڪجي ٿو،
    • صبح جو 7 بجي کان اڳ ۾ ڪائونسليٽ جنرل پهچي وڃڻ گهُرجي، ڇو جو آمريڪي ويزا جا گهُرجائو گهڻي تعداد ۾ هوندا آهن.
    • ڪنهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو هروڀرو ڪم ڪونهي.
    • پنهنجا ڪاغذ، پاسپورٽ پاڻ سان گڏ هُئڻ کپن.
    • ڪابه ڌاتو جي ٺهيل شئي پاڻ سان گڏ نه کڻڻ کپي.
    مٿي بيان ڪيل ڪجهه هدايتن تي عمل ڪندي پاڻ سان گڏ فقط هڪ فائيل ڪَور کنيم جنهن ۾ منهنجو نئون ۽ پُراڻو پاسپورٽ، ويزا جي درخواست خاطر ڀريل آن لائين ڀريل فارم جو ھڪ عدد پرنٽ آئوٽ، واشنگٽن ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس مان مليل قبوليت نامو (تھ تحقيقي مقالو ڪانفرنس جي مقرر ڪيل معيارن تي پورو لھي ٿو)، ڪانفرنس جا مول متا ۽ پنهنجو تحقيقي مقالو شامل هُئا. ڄاڻايل منزل يعني آمريڪي ڪائنسليٽ تي مقرر ڪيل وقت تي پهچڻ لاءِ سي ويو واري علائقي مان ٽيڪسي ڪرائي تي ورتي. جيئن ته روشنين جي شهر جا گهڻا ئي ماڻهو اڃان سُتل هوندا تنهن ڪري ان مھل ٽريفڪ به صفا نه هُجڻ جي برابر هُئي، سو ڊفينس جي علائقي بدر ڪمرشل ايريا کان تقريبن 15 منٽن اندر ڪائونسليٽ پُهچي ويس. شايد ٽيڪسي وارو ڊرائيور همراه علائقي جو ۽ آمريڪي ڪائونسليٽ جي سيڪيورٽي وغيره کان واقف هو، تنهن ڪري هُن مون کي مشورو ڏنو ته،
    ”صاحب، ڪائونسليٽ سي ٿوڙا دور اُتر ڪي پيدل چلي جائين تو بهتر هوگا، گيٽ ڪي سامني هي اُتار ديتا هون.“
    مون سندس مشوري تي عمل ڪندي گيٽ جي سامهون ئي بيهڻ جو اِشارو ڪيم. ٽئڪسي مان لهي کيس گهُربل ڪرايو ادا ڪري ڪائونسليٽ جي گيٽ ڏانهن وڌيس. گيٽ تي موجود هڪ ٽِپ ٽاپ سيڪيورٽي (ڪنهن بهتر ۽ سُٺي خدمت ڏيندڙ ڪمپني جو لڳو پئي، فٽ به هيو ته وردي به بهتر هُئي، وائرليس سيٽ، پسٽل وغيره به سڀ سيٽ لڳا پيا هُئا) گارڊ ميٽالِڪ ڊِٽيڪٽر (Metallic detector) سان باڊي سرچ (Body search)ڪري اندر وڃي کاٻي هٿ تي قطار ۾ وڃي بيهي پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪرڻ جو چيو. اوڏانهن وڃي ڏسان ته 15 کان 20 کن مرد ۽ ايتري ئي تعداد ۾ مايون بيٺل نظر آيون. ڊپ جو عالم ڏٺم ته ڪير ڪنهن سان ڳالهائڻ ته پري رهيو پر ڪنهن سان ڪير اک ملائڻ لاءِ به تيار نه هو. حيرت تڏهن پوري ٿي جڏهن گارڊ سڀني کي حڪم ڏنو،
    ”ڪوئي ڪِسي سي ڪوئي بات نه ڪري، نا هي ڪِسي ڪي طرف ديکي. سب اپني سي آگي کڙي هوني والي کو ديکين.“
    وري وقفي سان رڙ ڪيائين ته،
    ”اِڌر اُڌر مت ديکين.“
    تيستائين اندران هڪ ٻيو گارڊ نمودار ٿيو، جنهن اچي سڀني کي چيو ته،
    ”تمام لوگ اپنا پاسپورٽ اور آن لائين مهيا ڪي گئي انٽرويو ڪنفرميشن (Confirmation) ڪي رسيد اپني هاٿ مين رکين. اِڌر اُڌر مت ديکين. اوپر نيچي مت ديکين، نظر سامني رکين“
    ان مهل مون کي ياد آيو ته ننڍپڻ ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪلوئي ۾ صبح سوير ٿيندڙ اسيمبلي دوران شاگردن کي ان ساڳئي ريت بيهڻو پوندو هو، اڄ گهڻن سالن کان پوءِ اهو منظر ڏسڻ لاءِ مليو آهي! قطار ۾ بيهڻ جو اهو انداز پرائمري اسڪول ۾ شاگردن جي روزاني ٿيندڙ گڏيل اسيمبلي جهڙو لڳي رهيو هو. جنهن ۾ ماستر سڀني ٻارن کي سڌي قطار ۾ بيهڻ جي تاڪيد ڪندو هو. ڪِن شرارتي ٻارن کي ته ڌڪ چنبو به هڻي ڪڍندو هو، ته گهٽ ۾ گهٽ ”هئٺ نڪما، بي شرما“ جي مار ته ڏئي ڇڏيندو هو، جنهن جي معني جي به سالن کان پوءِ خبر پئي. بار بار اها ئي تاڪيد ڪندو ويندو هو ته سڀئي قطار ۾ پاڻ کان اڳ ۾ بيٺل کُٿابي جي ڪياڙي ۾ ڏسو.
    ايئن ئي اٽڪل ويهه منٽ کن اڳيان بيٺل همراه جي ڪياڙي ڏسندي ۽ پراڻو اسڪول وارو دور ياد ڪندي منهنجو به وارو آيو، ته سيڪيورٽي گارڊ مون کي وري به باڊي سرچ ڪرڻ کان پوءِ پاسپورٽ ۽ رسيد جي چڪاس ڪري، سڌو وڃي اڳيان اُبتي هٿ تي اندر وڃڻ جو اشارو ڪيو. اندر وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ تي جهاز ۾ داخلا وانگر سڀ سامان پرس وغيره جي جهڙتي پئي ورتائون. پرس، پئسا ۽ موبائل وغيره سڀ اُتي جمع ڪرائڻا پيا. جِتي به اهڙي سيڪيورٽي يا جهاز جو سفر وغيره هوندو آهي ته يا ته آئون شلوار قميص پائيندو آهيان يا بغير بيلٽ جي جينز ۽ ٽي شرٽ (T-shirt) گڏ سينڊل هڪ ڪشي وارو. انهي سان ڪافي آساني رهندي آهي نه ته تڙ تڪڙ ۾ ٿوري ڏُکيائي ٿيندي آهي. سڄو سامان جمع ڪري، فقط پاسپورٽ، رسيد ۽ ڪاغذن وارو فائيل ڏنائون. اندر وڃي هڪ ڇپري هيٺ ويهڻ جو چيائون، جتي 10، 12 کن ماڻهو ٻيا به ويٺل هُئا. آئون به سِڌو وڃي لوهي بينچ تي وڃي رهيس، ڪٿي ڪنهن بلاگ وغيره تي پڙهيو هُئم ته ڪنهن اهڙي بورنگ جاءِ تي انتظار ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته پنهنجي آسپاس موجود شين کي ڇُهڻ بِنا ئي انهن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ته اها شئي ڇا جي ۽ ڪٿان جي ٺهيل آهي، سُٺي آهي يا خراب آهي، قيمت ڪيتري ٿي سگهي ٿي، انهي جي جاءِ تي جيڪڏهن ٻي ڪا شئي هجي ها ته ڪيئن لڳي ها، بهتر لڳي ها يا خراب لڳي ها، ان جو رنگ اڃان ڪو ٻيو هُجي ها ته ڪيئن لڳي ها...... ايئن ڪرڻ سان انتظار جو ڏکيو مرحلو جلدي ئي گُذري ويندو. ٿورو ئي غور ڪرڻ تي خبر پئي ته اهي لوهي بينچون، جن تي انتظار ڪندڙ همراهه ويٺل آهن، اهي سڀ آمريڪا جون ئي ٺهيل آهن، ڇو جو انهن بينچن تي واضع طور تي آمريڪا جي ڪنهن رياست جو نالو ۽ فيڪٽري جي ايڊريس جو ٺپو لڳل هو. سائيڊ تي لڳل پنکي تي غور ڪيم ته اُن تي هڪ غير معروف اسٽيڪر (sticker) لڳل هو، پنکو هو به ڪافي بهتر ڪوائلٽي جو هو ۽ ڀرپور هوا ڏئي رهيو هو. ايستائين ڏٺم ته هاڻي مون سان گڏ انتظار ڪندڙ ماڻهو ڪافي مطمئن لڳا پئي، جو شايد سڀني کي سيڪيورٽي چڪاس وارو مرحلو ڏکيو پئي لڳو. آمريڪن ڪائونسليٽ واري انتظار گاه ۾ وري هاڻي سڪون اهو جو موبائل فون به نه هو! نه ته اڄ ڪلهه جي دور ۾ موبائل فون ”نه“ هجڻ هڪ به نعمت آهي. ڇاڪاڻ ته هر اينڊرائيڊ فون رکندڙ جي اک ڏينهن ۾ 5 کان 8 ڪلاڪ تائين ضرور موبائل جي اسڪرين تي ٽِڪيل هوندي آهي. اين سي بي آئي (National Center for Biotechnology Information) ۾ ڇپيل هڪ تحقيقي مقالي ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته موبائل فون جي وڌيڪ استعمال سبب نوجوانن ۾ ٽينشن، ننڊ ڦٽڻ، ۽ ڊپريشن جا مسئلا وڌي رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو ذهن کي ڪنهن مهل به سڪون ميسر نه آهي ۽ سڄو ڏينهن ڪونه ڪو همراه ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان رابطو ڪري رهيو هوندو آهي. اڄ جي دور ۾ هڪ موبائل استعمال ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ 20 کان 60 منٽ فون تي ڳالهائيندو هوندو، 100 کان 200 ڀيرا واٽس ايپ چيڪ ڪندو هوندو، 10 کان 20 ڀيرا فيس بوڪ چيڪ ڪندو، جيتوڻيڪ ايس ايم ايس جو تعداد هاڻي گهٽجندو پيو وڃي، تنهن هوندي به ڪمپني طرفان يا وري انڪم سپورٽ جي انعام طور نڪتل 25000 روپين وارا پنج ست ته ايس ايم ايس ته اچن ئي اچن. موبائل فون هُجڻ جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو ڏينهن ۾ 200 ڀيرا ضرور پنهنجي ڪم کان ڌيان هٽائيندو هوندو.
    ايئن 200 ڀيرا هڪڙي ئي ڏينهن دوران ڊسٽرب ٿيڻ تمام وڏو نقصان چئي سگهجي ٿو، سامهون واري شخص کي اها خبر ناهي ماڻهو ڪهڙي اهم خيال يا سوچن ۾ هُجي، سندس هڪ ننڍڙو ميسيج يا ڪال سمورو ڌيان ڌُوڙ ڪري وجهي ٿو، جنهن ڪري واري ساڳي سوچ جي ليول ۾ اچڻ واري چڱو خاصو ٽائيم کپي. جي کڻي ڪنهن همراهه کي ايترا ايس ايم ايس يا فون نه به ايندا هُجن پر ٻيو نه ته به ماڻهو ٻه، ٽي ڀيرا هروڀرو فون جي اسڪرين ضرور کولي ڏسندو ته متان ئي ڄاڻ سڃاڻ واري ڪنهن نياپو ڪيو هجي ۽ مون اها گهنٽي نه ٻڌي هُجي، يا گهٽ ۾ گهٽ ٽائيم ڏسڻ خاطر موبائل ضرور کوليندو، جنهن کان پوءِ ويندو مختلف پروگرام کوليندو! انهي موبائل فون مان ڪجهه دير جان آجي ٿيڻ جي اڃان انهن خيالن ۾ ئي هُئس ته موبائل کي سائلينٽ موڊ يا فلائيٽ موڊ تي رکڻ جا ڪهڙا فائدا ٿيندا، تيستائين منهنجو انٽرويو ڏيڻ جو وارو اچي ويو. ويزا انٽرويو واري سيڪشن اندر داخل ٿيس ته ساڄي هٿ تي ڊيسڪ تي ويٺل هڪ همراه مون کان پاسپورٽ وٺندي پُڇيو ته،
    ”انٽرويو اُردو مين دين گي يا انگلش مين؟“
    مون وراڻيو،
    ”انگلش مين.“
    انهي همراه پاسپورٽ تي سيريل نمبر (016) هڻي واپس ڪيو ۽ قطار ۾ بيهڻ لاءِ چيائين. هڪ ٻئي گارڊ سامهون واري پاسي بيٺل ٻين ماڻهن ڏانهن اشارو ڪيو ته هُن قطار ۾ بيهڻو آهي. انهي انٽرويو واري حصي ۾ 8 کان 10 کن گارڊ موجود هُئا، جيڪي سڀ چُست ۽ تيار لڳا پيا هُئا. واري واري سان هروڀرو سامهون لڳل ٽي وي تي نظر ڄمائي رکڻ جو چئي رهيا هُئا، گڏوگڏ حيرت ان ڳالهه تي ٿي ته چئي رهيا هُئا ته ٻين جون ڳالهيون نه ٻڌو. شايد ڪو نفسياتي امتحان هوندو انٽرويو ڏيندڙن جو ته مليل هدايتن تي ڪيئن ٿا عمل ڪن......... ڇاڪاڻ جو انٽرويو وٺندڙ ۽ ڏيندڙ همراه ڏاڍيان ڳالهائي رهيا هُئا، سڀني کي واضع طور تي ٻنهي جو آواز ٻُڌڻ ۾ پئي آيو.
    منهنجو وارو اچڻ کان اڳ سيڪيورٽي ڊريس ۾ ملبوس ٻن همراهن اُتي پيل مشين تي منهنجو وزن ڪري ۽ قد جي ماپ ڪري اندر ويٺل همراه کي اطلاع ڪيائون، جنهن ڪمپيوٽر تي نوٽ ڪيو ۽ اشارو ڪيو ته فلاڻي کڙڪي تي اچو. انٽرويو وٺندڙ عورت جي دري تي اچي بيٺس. ٿوري دير اڳ اها عورت هڪ همراهه کان اردو ۾ انٽرويو وٺي رهي هُئي. پهريون دفعو هڪ انگريز مُلڪ جي شخص کي اردو ڳالهائيندي ٻُڌم. اها عورت تقريبن 50 کن سالن جي لڳي ٿي، سمورا وار سفيد هُئس. هاڻي وري مون کان انگريزي ۾ انٽرويو وٺي رهي هُئي! مون کان پهريون سوال اهو ڪيائين ته،
    ”آمريڪا ڇو ٿو وڃڻ چاهين؟“
    مون ورندي ڏني ته،
    ”ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ.“
    ”واشنگٽن ۾ ڇو، آمريڪا ۾ ڇو؟“
    ”اها ڪانفرنس واشنگٽن ۾ پئي منعقد ٿئي، ان ڪري واشنگٽن ۾.آمريڪا ان ڪري جو اُتي وڏي پئماني ۽ بهتر معيار جي ريسرچ پئي ٿئي. خاص ڪري توانائي ۽ ماحوليات واري فيلڊ ۾، جنهن ۾ منهنجو شوق آهي.“
    ”پر آمريڪا ڇو؟“
    ”ايندڙ دور ۾ اُتان جي محققن سان سهڪار وڌائڻ، گڏيل تحقيق ڪرڻ خاص طور تي مستقبل ۾ وڌندڙ توانائي جي ضرورتن ۽ ماحول ۽ اُن تي توانائي جي استعمال سان پوندڙ اثرن تي ٿيندڙ تحقيق ۾ سهڪار. جيئن هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۾ USAID جي سهڪار سان پاڪستان ۾ پاڻي جي عنوان سان وڏو پراجيڪٽ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ يونيورسٽي آف اُتاه (University of Utah) به شامل آهي.“
    ”پوءِ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت جو مقصد؟“
    ”ڪانفرنس جو مقصد ئي ٻه طرفي سهڪار خاطر واسطا وڌائڻ هوندو آهي، هن ڪانفرنس ۾ آئون پنهنجي پاڪستان جي مستقل ۾ وڌندڙ بجلي ضرورتن بابت تيارڪيل ماڊل اُتي پيش ڪندس جيئن دُنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان آيل تحقيقدانن کان مدد وٺي سگهان ۽ پنهنجو ڪم ڏيکاري سگهان.“
    ”ڪانفرنس جو خرچ ڪيترو ايندو؟“
    ”آئون شاگرد آهيان ۽ هميشه بيڪ پئڪ هاسٽلن تي رهي پنڌ هلڻ ۽ گهٽ خرچ ڪرڻ تي زور ڏيندو آهيان، انهي صورت ۾ مون اندازو لڳايو آهي ته وڌ ۾ وڌ ٻه کان اڍائي لک روپيه کن خرچ ايندو.“
    ”اهي ٻه کان اڍائي لک روپيه خرچ ڪير ڀريندو؟“
    ”آئون پاڻ ڀريندس.“
    ”يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار آهين. پگهار گهڻي اٿئي؟“
    ”پگهار سٺ هزار روپيه کن في مهينو ٿيندي.“
    ”آن لائين فارم ۾ ته گهٽ لکي اٿئي؟“
    ”ها، ٻئي ڳالهيون ٺيڪ آهن، جو پگهار ته منهنجي سٺ هزار آهي، پر هينئر قائد عوام يونيورسٽيءَ نوابشاهه مان پڙهائي خاطر موڪل تي آهيان، ان ڪري 44 هزار روپيه في مهينو جي فڪس پگهار ملي ٿي. هينئر مهراڻ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ ۾ پي ايڇ ڊي ۾ داخلا آهي.“
    مطمئن ٿي، چيائين ته،
    ”انهن ڳالهين جو ثبوت؟“
    ”جيئن ته ويزا خاطر آن لائين فارم ڀرڻ وقت اهڙي ڪا به گهُرج نه لکيل نه هُئي، تنهنڪري ڪي به لاڳاپيل ڪاغذ مون وٽ هينئر ڪونه آهن.“
    ”ٺيڪ آهي، ته تنهنجو پاسپورٽ اسان وٽ پيو هُجي، جيئن تون اهي ڪاغذ اسان کي ڪجهه وقت اندر هن پني تي لکيل اِي ميل تي ڏياري موڪل. هڪ ته قائد عوام يونيورسٽيءَ جو ملازمت نامو، ٻيو مهراڻ يونيورسٽيءَ مان شاگرد نامو، ۽ ٽيون بئنڪ مان بئنڪ اسٽيٽمينٽ، ته جيئن تصديق ٿئي ته تو وٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ واسطي گهُربل خرچو موجود آهي. ٻي صورت ۾ توهان پنهنجو بغير ويزا وارو پاسپورٽ کڻي وڃي سگهو ٿا.“
    ”او ڪي. آئون اهي ڪاغذ ڪجهه ڏينهن اندر ڏنل اي ميل ايڊريس تي موڪلي ڏيندس.“
    ايئن انٽرويو واري مرحلي مان واندو ٿي آئون آمريڪي ڪائونسليٽ جنرل جي ويزا سيڪشن کان مئن گيٽ تي واپس آيس، واپسي تي سيڪيورٽي وارن کان پرس ۽ ٻيون شيون واپس وٺي ڄامشوري موٽيس.
    ويزا انٽرويو کان پوءِ هڪ هفتي اندر ئي آمريڪن ڪائونسليٽ کي گهربل ڪاغذ يعني مهراڻ يونيورسٽيءَ مان شاگرد نامو، قائد عوام يونيورسٽيءَ مان ملازمت نامو ۽ پنهنجي نيشنل بئنڪ برانچ مان پنهنجي اڪائونٽ جي بئنڪ اسٽيٽمينٽ هٿ ڪري، اي ميل ڪري موڪليم. 15 ڏينهن تائين روز ويزا واري ويب سائيٽ تي اسٽيٽس چيڪ ڪندو پئي آيس. هڪ ڏينهن ڏٺم ته ويزا منظور ٿي چُڪو هو! ۽ اطلاع خاطر چيو ويو ته پنهنجي ترجيح ڏنل جڳهه تان وڃي پنهنجو ويزا لڳل پاسپورٽ کڻو. جيئن ته مون پي آءِ اي جي حيدرآباد واري آفيس کي ترجيح ڏنل هنڌ لکيو هو، سو ٻئي ڏينهن پنهنجي دوست نير حسين ميرجت سان گڏجي وڃي پاسپورٽ کڻي آيس. خوشي تڏهن وڌي ٻيڻي ٿي وئي، جڏهن ڏٺم ته پورن پنجن سالن جو ويزا لڳل هو. گڏوگڏ ملٽي پل انٽري يعني پنج سالن تائين جڏهن چاهيان ته آمريڪا اچي وڃي سگهان ٿو، اهو به جيترا دفعا چاهيان اوترا دفعا. پر ياد رهي ته هڪ دفعو آمريڪا وڃڻ بعد وڌ ۾ وڌ 180 ڏينهن لاڳيتو رهي سگهو ٿا، ان کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن آمريڪا مان ٻاهر نڪري وري داخل ٿيڻو آهي. گهڻا ماڻهو وري ڇا ڪندا آهن جو ڪئناڊا جو ويزا وٺي اُتي ٻه ٽي ڏينهن رهي وري آمريڪا ۾ داخل ٿين ٿا. خير منهنجو مقصد اهو نه هو، اصل ڪم هو آمريڪا جو ڪانفرنس لاءِ ويزا وٺڻ، اهو مليو. هاڻي واشنگٽن جي سفر خاطر اڳيون مرحلو هو جهاز جو ٽڪيٽ وٺڻ ۽ هوٽل بُڪ ڪرڻ جو.....


    جهاز جو ٽڪيٽ وٺڻ جو مرحلو

    جهاز جو ٽڪيٽ وٺڻ جو مرحلو

    ڀلو ٿئي هن دور جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي سهولت يعني انٽرنيٽ جو، جنهن ڪري هاڻي گهڻو تڻو هيڏانهن هوڏانهن رُل رُلان کان ماڻهو ڪافي حد تائين بچي وڃي ٿو. جنهن به قسم جي معلومات گهُربل هُجي، خاص ڪري اُها جيڪا شهرن سان لاڳاپيل هُجي، اها ٿورڙي ئي محنت سان هڪي تڪي مليو وڃي. انٽرنيٽ تان معلومات وٺڻ تان ياد آيو ته تُرڪي جي گادي واري شهر انقره جي هاجيتيپي يونيورسٽيءَ (Hacettepe University) ۾ هاسٽل تي رهائش دوران پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڌوئڻ جو وقت آيو ته واشنگ مشينن جي سهولت هاسٽل تي مفت هُجڻ ڪري ڪپڙا ته مون ڌوئي ڇڏيا، گڏوگڏ ڪپڙا سُڪائڻ جو مرحلو به ٻي مشين ذريعي خيرن سان پورو ٿيو. هاڻي مسئلو اهو ٿيو ته هاڻي جينز جي پينٽ ڪيئن استري ڪجي؟ اُها ته ڪڏهن زندگي ۾ هيستائين نه ڪئي هُئم. جيئن ته اسان ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو وڌيڪ عرصو غلامي هيٺ رهڻ ڪري، پنهنجا سمورا ڪم ٻين هٿان ڪرائڻ جا عادي ٿي چُڪا آهيون. ايتري قدر جو اسان جهڙا غريب غُربا به هاسٽل تي رهڻ دوران پنهنجا ڪپڙا ڌوٻي کان ڌوئاريندا آهيون. گهر ۾ پاڻ پاڻي جو گلاس ڀري پيئڻ کي عيب سمجهندا آهيون. ننڍڙو ڀاءُ يا ننڍڙي ڀيڻ ڪڏهن ڪم ڏيندا، انهن کان پاڻي جو گلاس ڀري پيارڻ جو ڪم وٺندا آهيون. انهن عادتن ڪري هاڻي هتي اها ڏکيائي پيش آئي ته هاڻ ڇا ڪجي، انقره جي سيءَ سبب جينز جي پينٽ بُنيادي ضرورت بڻجي چُڪي هُئي. گوگل جي سئوٽ يوٽيوب کان مدد ورتم ۽ سرچ ڪيم ته جينز جي پينٽ ڪيئن استري ڪجي؟ اُتي موجود ڪافي وڊيوز ملي ويا، هڪ وڊيو کولي ڏٺم جنهن ۾ اهو سمجهايو ويو هو ته جينز جي پينٽ کي اُبتو ڪري استري ڪجي پر استري ڪرڻ کان اڳ هلڪو پاڻي جو ڦوهارو ڏجي ته جلدي استري ٿي ويندي ۽ ان جا ڌاڳا به نه سڙندا. انهيءَ قسم جي صورتحال کي سامهون رکندي، سوچيم ته هن ڀيري ٽريول ايجنٽ جي ٺڳين کان بچندي پاڻ ئي انٽرنيٽ تي سستي ترين ٽڪيٽ هٿ ڪندس ۽ پوءِ اسان جي دوست مهراڻ يونيورسٽيءَ، خيرپور ۾ اليڪٽريڪل ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين شاڪر علي سومري جي ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي آن لائين خريد ڪندس. ٻه ٽنگو ڦاسڻ جي ڊپ ۽ وري به پڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ٽريول ايجنٽ کي فون ڪيم ته ٽڪيٽ کپي واشنگٽن جي فلاڻين تاريخن ۾، گھڻين ملندي؟ هن همراه ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي ڪجهه دير جي ٽِچِڪ ٽِچِڪ کان پوءِ ٻڌايو ته،
    ”86000 روپيه لڳندا، رٽرن ٽڪيٽ جا اڪانامي ڪلاس ۾.“
    86000 روپيه ذهن ۾ رکندي انٽرنيٽ تي وري سرچ ڪيم ته سستي کان سستي فلائٽ ٽڪيٽ ڪيئن وٺجي. انٽرنيٽ تي موجود ڪجهه بلاگ پڙهڻ کان خبر پئي ته هميشه ڪروم برائوزر (Chrome Browser) جي اِنڪاگنيٽو موڊ (Incognito Mode) ۾ فلائيٽ ٽڪيٽ سرچ ڪجن ۽ ڪوشش ڪري آن لائين بُڪنگ ڪجي ته اڱاري واري ڏينهن بُڪنگ ڪرائجي. اهو ان ڪري جو جيئن انگريزي ۾ چوندا آهن ته،
    ”ديئر اِز نٿنگ لائيڪ فري لنچ، There is nothing like free lunch“
    مقصد ته مفت ۾ ڪا شئي نه ملندي آهي ۽ اها حقيقت آهي جو جيڪا ويب سائيٽ اسان کوليون ٿا يا جتي به اسين ڪلڪ ڪريون ٿا يا ڪا نئين شئي ڳولهيون ٿا اها برائوزر وارن ۽ گوگل وارن کي لازمي طور تي خبر پئجيو وڃي ٿي، کڻي ڇا به ڪجي ڪيترو به لڪائجي. جيڪڏهن توهان کي آزمودو وٺڻو هُجي ته گوگل تي لنڊن جي ڪنهن هوٽل جي باري ۾ سرچ ڪيو، بڪنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. ٿوري دير کان پوءِ ڊان يا جنگ اخبار جو اي پيپر کولي ڏسو، پاسي ۾ لنڊن جي هوٽلن جا اشتهار نظر ايندا. انهن کي اها خبر ڪٿان پئي؟ اصل ۾ اهي اشتهار گوگل ايڊ آهن!!! گوگل وارا توهان جي هر حرڪت تي نظر رکندا آهن ان سان لاڳاپيل اشتهار مختلف ويب سائيٽن تي جاري ڪندا آهن. انٽرنيٽ جي اشتهارن جي بزنس ۽ مفت ۾ ملندڙ شين جي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي اها خبر پئي ته،
    ”اصل ۾ انٽرنيٽ برائوزر ڪابه ويب سائيٽ وزٽ ڪرڻ تي ان جو مخصوص حصو جنهن کي ڪوڪيز چئجي ٿو، انهن کي توهان جي ڪمپيوٽر تي محفوظ ڪري ڇڏيندا آهن. اهي ڪوڪيز (Cookies)، ويب سائيٽ استعمال ڪندڙ صارف جي هر چُر پُر تي نظر رکندا آهن. ايئن به ناهي ته اهي ڪو نقصان ڪار آهن، پر توهان جي حرڪتن کي سامهون رکندي اهي ٻين ويبسائيٽ وارن کي صلاحون ڏيندا آهن ته انهن جي ويبسائيٽ تي ڇا ڇا هُجڻ کپي ۽ فلاڻي آئي پي تي هلائيندڙ همراهه ههڙي قسم جي شين جي ڳولا ۾ آهي. جنهن تي گوگل ايڊ نالي وارو سسٽم اسان جيڪا به ويب سائيٽ کولينداسين ته اُتي سائيڊ پاسي ۾ لاڳاپيل اشتهار نظر ايندا.“
    جيڪڏهن انهن ڪوڪيز مان جان ڇڏائڻي هُجي يا انهن جي اثرن کان پاڪ طريقي سان انٽرنيٽ کي استعمال ڪرڻو آهي ته يا ته اِنڪاگنيٽو موڊ استعمال ڪريو يا ڊڪ ڊڪ گو (Duck Duck Go) نالي سرچ انجڻ استعمال ڪريو. انهي سان توهان جي انٽرنيٽ تي ڪيل سرچ يا مختلف ويبسائيٽ جون ڪوڪيز توهان جي ڪمپيوٽر تي محفوظ نه ٿينديون ۽ توهان مڪمل رازداري سان انٽرنيٽ تي سرچ ڪري سگهو ٿا.
    آزمودي وٺڻ خاطر نارمل انٽرنيٽ برائوزنگ واري طريقي سان ٽڪيٽ سرچ ڪيم ته اتحاد ايئرويز وارن جي فلائيٽ ٽڪيٽ 127،000 روپين جي ملي پئي اها به اڪانامي ڪلاس ۽ رٽرن ٽڪيٽ! عام طور ماڻهو اهو منظر ڏسي ته ٽريول ايجنٽ کي وڃي پاسو ڏيندو ته ڪٿي 86،000 ۽ ڪٿي 127،000 روپيه! پوءِ وري گوگل ڪروم برائوزر جي اِنڪاگنيٽو موڊ ۾ ڪجهه ويب سائيٽن تي سرچ ڪيم ته خبر پئي ته ساڳي اتحاد ايئرويز وارن جي ٽڪيٽ اوڻهتر هزار روپيه آهي. ٽڪيٽ اڃان هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ وٺڻي هُئي، جيستائين قائد عوام يونيورسٽيءَ پاران ٻاهر مُلڪ وڃڻ خاطر نو آبجيڪشن سرٽيفيڪيٽ (NOC) يعني اجازت نامون ملي!
    جيئن ئي اهو نو آبجيڪشن سرٽيفيڪيٽ مليو ته آن لائين سرچ ڪيم ته نارمل طريقي سان 169000 روپيه، مون واري طريقي سان 72000 روپيه ۽ ٽريول ايجنٽ پاران 90000 روپيه اگهه ٿي چُڪو هو. شاڪر علي سومري سان رابطو ڪيم ته ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي اها ٽڪيٽ وٺڻي آهي. فيصل بئنڪ جي انهي ڪريڊٽ ڪارڊ ۾ ڪو مسئلو هو سو جيسين ٻن ٽن ڏينهن ۾ اهو مسئلو حل ٿيو، تيستائين ٽڪيٽن جا اگهه چڙهي ويا. مون واري طريقي سان 91400 روپيه ۽ ٽريول ايجنٽ پاران ٽڪيٽ 114000 ٿي چُڪي هُئي. نيٺ اها اتحاد ايئرويز جي اڪانامي ڪلاس جي رٽرن ٽڪيٽ 91400 روپين ۾ ملي. پر اتحاد ايئر ويز جي ٽڪيٽ ملڻ سان هڪ فائدو اهو ٿئي ٿو جو فلائيٽ ابوظهبي مان ڀيرو ڪرڻ سان آمريڪا جي اميگريشن اُتي ئي ٿي وڃي ٿي، جو آمريڪا ويندڙ ايشيا جي سمورن مسافرن جي پاسپورٽن تي اُتي انٽري جو ٺپو هڻي ٿا ڏين. آمريڪا پهچندي جهاز مان ماڻهو ايئن لهندو جهڙو بس مان لٿو، پُڇا نه ڳاڇا ٿيلهو کڻي جهڙو سڌو ڳوٺ روانو!


    سفر لاءِ سامان سڙي جي تياري 



    وڏي ڀاءُ سريندر ولاسائي سندس هڪ دوست وجيش پرتاب بابت ٻڌايو ته،
    ”وجيش پرتاب به شايد ساڳين تاريخن ۾ نيو يارڪ وڃي رهيو آهي، سو ان سان فون تي رابطو ڪري حال احوال ڪري ڏس، متان ڪا نئين ڳالهه يا ڪو آئيڊيا ملي وڃي.“
    سو وجيش پرتاب سان فون تي رابطو ڪيم، حال احوال کان پوءِ پڇيم ته ڪيئن تياري آهي؟ جنهن تي هن تي ٻڌايو ته،
    ”جيڪڏهن واشنگٽن ۾ ڪنهن هاسٽل تي رهڻو اٿئي ته ڪجهه پڪل کاڌو، بسڪيٽ، ۽ نمڪو وغيره هتان وٺيو وڃ. ڪافي خرچ بچي پوندئي.“
    سندس مشوري تي عمل ڪندي، ڪلفٽن واري علائقي ۾ ڪراچي جي پراڻي ۽ هر کيسي جي پهچ واري ريسٽورانٽ يعني اسٽوڊنٽ برياني جي برانچ تان چِڪن ڪڙهائي ۽ چِڪن قورمي جي پُڇا ڪيم. چيو ٿو وڃي ته صدر ڪراچي ۾ هن وقت جتي ٽي ماڙ اسٽوڊنٽ برياني ريسٽورانٽ موجود آهي ان جي جاءِ تي اڳي هڪ ريڙهو هوندو هو، بهتر ذائقي ۽ مناسب اگهه جي ڪري ان جي مقبوليت وڌندي وئي جيڪو هاڻي شهر جي مشهور برانڊ ”اسٽوڊنٽ برياني“ بڻجي چڪو آهي ۽ هن وقت ڪراچي شهر اندر به ڪافي برانچون کُلي چُڪيون آهن. ڪلفٽن واري برانچ تي موجود ڪيشئير پيڪيٽ جي تفصيل بابت ٻڌايو ته،
    ”چِڪن قورمو ۽ ڪڙهائي هڪ لوهي دٻي ۾ سيل ٿيل هوندا ۽ هڪ سال تائين استعمال جوڳا هوندا آهن. تيار ٿيل انهي ڪڙهائي ۽ قورمي کي فقط گرم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.“
    سو هڪ هڪ پيڪيٽ چِڪن ڪڙهائي ۽ چِڪن قورمي جو ورتم. ساڳئي طريقي سان نِمڪو، کاڄن، ڀُڳڙن ۽ بسڪيٽ جو به هڪ هڪ پيڪيٽ ورتم. هاسٽل جي سموري معلومات هُجڻ ۽ چانهه جو وچولي قسم جو موالي هجڻ ڪري نيس ڪيفي (Nescafe) جا 3 اِن 1 جا 20 کن پيڪيٽ ورتم. اهو نيس ڪيفي جو هڪ پيڪيٽ 30 روپين ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ کنڊ، کير ۽ ڪافي وغيره مناسب مقدار ۾ مليل هوندا آهن، فقط گرم پاڻي ۾ ملائي پيئو. اندازو هنيم ته 600 روپين ۾ هفتي کن جي چانهه جي ڪوٽا پوري ٿيڻ مهانگي ڪونهي. انٽرنيٽ تي ڏٺم ته واشنگٽن جي ڪجهه عام ريسٽورنٽن تي چانهه يا ڪافي جو هڪ ڪوپ به 4 کان 5 ڊالر جو پئي مليو، ان حساب سان مون جهڙي چانهه جي هاف موالي لاءِ اٺن کان ڏهن هزار روپين جي ته رڳو چانهه يا ڪافي ٿي وڃي ها. مشهور سفرناما لکندڙ جناب الطاف شيخ لکي ٿو ته ايئن ڪرڻ مناسب ناهي، جو اهي ساڳيون شيون ٻين ملڪن ۾ به ملي وڃن ٿيون، ان ڪري پاڻ سان ايترو سارو سامان کڻڻ مناسب نه آهي. پر آئون چوان ٿو ته جي هِتان کان 2000 روپين جون شيون وٺي وڃان ۽ ٻين مُلڪن ۾ استعمال ڪرڻ سان جيڪڏهن 15000 روپيه بچن ٿا ته پارسل ڪري شيون کڻي وڃڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي!
    واشنگٽن جي موسم بابت حال احوال ورتم ته منهنجي ڪانفرنس وارن ڏهاڙن ۾ موسم خشڪ ۽ گرمي پد 25 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اڳڪٿي ٿيل هُئي. سو ڪجهه ٽِي شرٽون ۽ ٻه عدد شارٽس به وڌم ٿيلهي ۾.
    وري واشنگٽن جي بسن، زيرزمين ٽرين ۽ ٽيڪسين جا ڪرايا وغيره بابت انٽرنيٽ تي ڳولا ڪيم ته پتو پيو ته پنڌ ڪرڻ خاطر احتياط طور هڪ ڀڄڻ ڊڪڻ وارو جوتو به ضروري هُجن کپي، سو اهو به کڻي وڌم ٿيلهي ۾. ڄامشوري ۾ ته برسات هروڀرو پوي به ڪونه، سو ڇٽڙي وغيره جو تصور ئي ڪونهي، ٻه ڏينهن جي برسات جو امڪان هو ته برسات جو مزو وٺڻ لاءِ ڇٽڙي نه کنيم، پنڌ ئي برسات جو مزو وٺڻ جي خواهش خاطر هڪڙي چپل به وڌم ٿيلهي ۾. هاسٽل تي رهڻ جو سُٺو تجربو هُجڻ ڪري هڪ ٽوٿ پيسٽ، ٽوٿ بُرش، ڦڻي، ٻه ٽي جورابن جا جوڙا، گنجيون، باڊي اسپري، تيل جي شيشي ۽ ٻيون ڪجهه استعمال جوڳيون شيون به کنيم. ايترو سامان وجهڻ کان پوءِ به ٿيلهي جو وزن اڃان 15 ڪلو گرام ئي مس ٿيو هوندو، تنهن ڪري ڏند ۽ ڪن صاف ڪرڻ لاءِ پنج ست ڪانيون صاف ڪاغذ ۾ ويڙهي اُهي به وڌم ٿيلهي ۾.
    بيڪ پئڪ ٿيلهي جو وارو آيو ته اُن ۾ ليپ ٽاپ، مائوس، ٽيبليٽ، ڊجيٽل ڪيمرا، پرس، هڪ نوڪيا جو پراڻو موبائل، اميگريشن خاطر تيار ڪيل فائيل، پاسپورٽ، ۽ ٻيو به ضروري سامان وڌم وڏيري پاران امانتي ڏنل ٿيلهي ۾.
    بس سائين ٿيلهو تيار آهي هاڻي اُڏام لاءِ.


    جُتي پاءِ، جهاز ۾ چڙهه!

    انهيءَ سموري تياري کان پوءِ تاريخ 13 جون 2016ع تي آمريڪا جي فلائيٽ وايا ابو ظهبي ذريعي وڃڻ لاءِ ڪراچي جي ايئر پورٽ تي پهتس. ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ کان پوءِ فلائيٽ چيڪ اِن جو ٽائيم شروع ٿيو ته ايئر پورٽ اندر داخل ٿيس. اندر داخل ٿيڻ شرط روپين کي ڊالر ۾ تبديل ڪرايم جيئن رقم کڻڻ ۾ آساني ٿئي. پاڪستاني هڪ لک روپين ۾ هڪ هزار روپين وارا 100 نوٽ ٿين جڏهن ته آمريڪي ڊالرن ۾ 100 ڊالر وارا اهي 10 نوٽ ٿين، پرس ۾ وجهي ”هل منهنجا سائين“. چيڪ اِن ڪرائيندي ٿيلهي جو وزن ڪيم ته مُرڳو 18 ڪلو گرام مس ٿيو، حالانڪه نارمل انٽرنيشنل فلائيٽس ۾ اڪانامي ڪلاس ٽڪيٽ تي 30 ڪلوگرام کڻڻ جي اجازت هوندي آهي. چيڪ اِن ڪرائيندي، هڪ اهلڪار پُڇا ڳاڇا ڪرڻ دوران منهنجي ڪاغذن ۾ قائد عوام يونيورسٽيءَ جو نالو ڏسي چيائين ته،
    ”سر، منهنجو هڪ ڀائيٽو قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ٿو، اُن جي پارت اٿئي.“
    چيم ته،
    ”ڪو مسئلو نه آهي، جيڪو به جائز ڪم ڪار هُجي ته حاضر آهيون، ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهي ٿو، رول نمبر وغيره مون کي ميسيج ڪري ڇڏجو.“
    ايترو چئي مون کان موبائل نمبر گهُريائين، جيڪو کيس لکرايم. ايئن ڪندي اڳيان ايف آئي اي وارن کي پاسپورٽ ۽ يونيورسٽيءَ پاران ڏنل نو آبجيڪشن سرٽيفيڪيٽ ڏيکاري اڳتي نڪتس ته تيستائين مٿي بيان ڪيل اهلڪار جي فون اچي وئي ته آمريڪا پهچي مون کي پنهنجو اُتان جو موبائل نمبر ڏجان، توهان سان رابطو ڪري اُتي منهنجو دوست هڪ ليپ ٽاپ ڏيندو، جيڪو واپسي تي هِتي مون کي ڏجو.
    في الحال ته ها ڪيم، ڪم اهو ٿيو جو آمريڪا ۾ موبائل سِم ئي ڪونه ورتم، هڪ ته ڏاڍي مهانگي هُئي، ٻيو ته جتي ڪٿي انٽرنيٽ ۽ واءِ فاءِ جي سهوليت مفت ۾ موجود هُئي......
    ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي وارو مرحلو گُذارڻ کان پوءِ ٻين مسافرن سان گڏ انتظارگاهه ۾ وڃي ويٺس، موبائل فون تي گهروارن کي اطلاع ڪيم ته هاڻي جهاز ۾ چڙهڻ جي لاءِ ويٺا آهيون. رمضان جو مهينو هُجي افطاري ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه وقت هُيو ته ڪافي ماڻهو افطاري ڪرڻ لاءِ بندوبست خاطر هيڏانهن هوڏانهن ٿي رهيا هُئا. ايئن ئي بوريت دور ڪرڻ لاءِ وجيش پرتاب جو فون لڳايو، سوچيم ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ پهچي ويو هوندو ته فون اٽينڊ نه ڪندو ۽ خبر پئجي ويندي. جيئن کي ڪال وئي ته يڪدم اٽينڊ ڪيائين.
    پُڇيم ته،
    ”پهچي ويا خيريت سان؟“
    ”ها ايئرپورٽ تي پهچي ويس.“
    ”ايئرپورٽ؟“
    ”جي ها، ڪراچي ايئرپورٽ تي.“
    ”اهو وري ڪيئن؟ واپس اچي ويا آهيو ڇا؟“
    ”نه، اصل ۾ ٻه ڏينهن ليٽ سان، هينئر منهنجي فلائيٽ آهي، سوا ٽي وڳي، اتحاد ايئر ويز جي، وايا ابوظهبي.“
    مون ٻڌايو ته،
    ”آئون به ڪراچي ايئرپورٽ تي آهيان، منهنجي به اها ساڳي ئي فلائيٽ آهي.“
    ڏس پڇيائين ته ڪٿي آهين، ته مون پنهنجي موجودگي وارو گيٽ نمبر ٻڌايو. ٿوري دير ۾ ئي وجيش اچي مليو، ٻنهي کي ڪافي حيرت ٿي! عجيب اتفاق ته اهو ٿيو جو بورڊنگ پاس چيڪ ڪئيسين ته سيٽ به گڏ ئي هُئي. سوچيم ته اهو چڱو جو ساڻس گپ شپ جو موقعو ملندو. فلائيٽ دوران مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪندي ڪندي ابوظهبي پهتاسين. آمريڪي اميگريشن وارن جو ڏنل فارم ڀرياسين ته پاڻ سان گڏ ڪهڙو سامان آهي، ڪيترا پئسا آهن، زيور وغيره ڪهڙا آهن. فارم ڀرڻ دوران هڪ آفريڪن ڇوڪري مون کان پُڇيو ته هن فارم ۾ ڇا ڇا لکان؟ شاگردياڻي پئي لڳي، مون کي ته ڊپ ٿيو ته ايئن نه ٿئي جو هي ڇوڪري ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسي پئي ۽ سڄو الزام مون تي نه هڻي!!! سو سندس مدد ڪرڻ کان اڳ ئي کيس چيم ته ڪوبه مسئلو ٿيو ته آئون ذميوار نه آهيان، باقي آئون فارم هيئن ڀريان پيو، تون به ايئن فارم ڀري ڇڏ. اهو ڀريل فارم کڻي وري اڳيان اميگريشن ڊيسڪ تي وڃڻو هو جتي پاسپورٽ تي ٺپو لڳڻو هو ته هي همراه ڀلي آمريڪا اچي........
    اميگريشن يعني پاسپورٽ تي ٺپي هڻڻ وارن جي رويي بابت وڏي ڀاءُ اڳ ئي ٻڌايو هو ته ڏاڍو رُکي ۽ کاري لهجي ۾ ڳالهائيندا آهن. اُن ڪري سمورا ڪاغذ پاڻ وٽ هٿيڪا هُجڻ کپن. سو ڪانفرنس سان لاڳاپيل رجسٽريشن، پنهنجي تحقيقي مقالي جي ڪاپي، ڪانفرنس جو معلوماتي بروشر، ڊيو هاسٽل (Duo Hostel) ۾ تي رهائش جي بُڪنگ، ايئرپورٽ کان هاسٽل تائين پهچڻ جي رستي جو گوگل ميپ تان ورتل پرنٽ، تحقيقي مقالي پيش ڪرڻ خاطر تيار ڪيل پرزنٽيشن (Presentation) ۽ پنهنجي پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي هڪ فائل ۾ ڪري بيڪ پئڪ ۾ رکيم. اميگريشن ڪائونٽر تي ويٺل مائي جنهن کي ڇوڪريءَ چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو، مون ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڏسندي پاسپورٽ گهريائين. اُهو ئي سوال ڪيائين ته،
    ”آمريڪا ڇو ٿو وڃين؟“
    ”واشنگٽن ڇو؟“
    ”اها ڪانفرنس ڇو؟“
    ”رهندين ڪٿي؟“
    ايڏو ته رُکي لهجي ۾ سوال پُڇيائين جو مون کي ته ڊپ لڳو ته متان هِتان ئي ڊي پورٽ ڪري پاڪستان نه واپس موڪلين! ايڏي رُکي لهجي تي دل ڀرجي آئي، گلو خشڪ ٿيڻ لڳو ۽ سوچيم ته ڇو نه انهي ڇوڪري کي ئي مائي سڏجي.....
    وري به دل جهلي سندس سوالن جا جواب ڏيندو آيس، هاسٽل جي بُڪنگ گهُريائين، جيڪا به مهيا ڪيم. حالانڪه صاف ظاهر آهي آمريڪا جا سڀئي ادارا اُن ڳالهه تي پابند آهن ته پنهنجي هوٽلن، هاسٽلن، يونيورسٽيءَ ۾ داخلائن وغيره جي سموري معلومات حڪومتي ادارن کي ڏين. پوءِ به مون کان تصديق خاطر جيڪي ڪاغذ گهُريائين سڀ فائيل مان ڪڍي ڏيندو آيس. جڏهن سڀ گهُربل ڪاغذ ڏئي پورا ڪيم، تڏهن چيائين ته اهو فائيل ڏيکار. سڄو فائيل سندس اڳيان رکيم. پنا اُٿلائيندي، مون ڏانهن وري وري ڪاوڙ ۾ ڏسندي رهي. چيونگم چٻاڙيندي ۽ ڪمپيوٽر تي کِٽ پِٽ ڪندي، سمورا ڪاغذ پاسپورٽ تي ٺپو هڻي واپس ڪيائين.
    مون پُڇيو ته،
    ”هِتان پوءِ ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“
    پهريون دفعو مسڪرائيندي اِشارو ڪيائين ته کاٻي پاسي! تنهن تي ٿڌو شوڪارو ڀريم ته اها به منزل به ڪراس ڪيم. انهي مائي جي باري ۾ سوچيم ته الائجي ته ڪهڙي پوئتي پيل اسڪول ۾ پڙهي آهي يا سندس نانيءَ ۽ ڏاڏيءَ پاڻ ۾ ٺُپ نه ٿيون ٺهن جو اهڙي ويڙهاڪ قسم جي تربيت ڪئي اٿن ته ڏاڏي سيکاري ته ناناڻي وڃي ته ههڙي طريقي سان ڳالهائي ٻولائي، ناني سمجهائي ته ڏاڏاڻي وڃي هن ريت ٻين سان پيش اچي. الا! اهڙو رُکو ۽ کارو لهجو. خير وري به کيس ڇوڪري ئي چوڻ گهُرجي.....
    14 ڪلاڪن جو لاڳيتو سفر.....

    ڪراچي کان ابوظهبي فلائيٽ تي وجيش پرتاب به اڳئين واري سيٽ تي ويٺل هو. منهنجي پاسي واري سيٽ خالي پيل هُئي، تنهن ڪري جهاز جي ٽيڪ آف (Take off) ڪري وٺڻ تي کيس چيم ته اچي پاسي ۾ ويهه ته ڪچهري ڪندا هلون. وجيش نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت خاطر سفر ڪري رهيو هو. ٻڌايائين ته آمريڪا جو ويزا فقط ٽن ڏينهن ۾ ئي ملي ويو!!! مون کي ڏاڍي حيرانگي ٿي ته اهو وري ڪيئن ممڪن آهي، مون کي وڌيڪ وقت لڳو هيو!!! اهو انهي ڪري جو کيس مليل دعوت نامي تي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي صحيح ٿيل هُئي.....
    ڪراچي کان ابو ظهبي تائين سفر ۾ ته ڪا اهڙي خاص ڳالهه نظر نه آئي. پر مون کي لاڳيتو اهو ڊپ پئي ٿيو ته ابوظهبي کان واشنگٽن تائين جو 14 ڪلاڪن جي لاڳيتي سفر جو وقت ڪيئن گذرندو. پر ڀلو ٿئي اتحاد ايئرويز وارن جو جهاز جي اڳئين سيٽ تي لڳل ننڍڙي اسڪرين تي انٽرٽينمينٽ جي هڪ وسيع دُنيا موجود هُئي. انهي ننڍڙي اسڪرين ۾ هاليووڊ کان وٺي بالي ووڊ تائين جو نيون نيون فلمون، 500 کان وڌيڪ سي ڊيز جيترو عربي کان وٺي هندي موسيقي جو زبردست خزانو، 5 لائيو ٽي وي نيوز ۽ اسپورٽس چينل، ڪيتريون ئي رانديون ڏسڻ لاءِ ميسر هيون. وري وقفي وقفي سان ايئر هوسٽيس نموني نموني سان ڪجهه نه ڪجهه کارائينديون پيارينديون وڃن. مون ته پاڻ سان گڏ ٽيبليٽ به کنيو هو، جنهن ۾ به 10 کن پنهنجي پسند جون فلمون جهڙوڪ گجني، لگان، ٿري ايڊيٽس، شعلي، ڦر هيرا ڦيري ۽ ڪجهه ٻيون، ان سان گڏ موسيقي جو به چڱو ذخيرو پيل هو، تنهن سان گڏ پنهنجي پسند جا ڪجهه اليڪٽرانڪ ڪِتاب يعني اي بُڪ.
    مزي واري ڳالهه جو هن سفر دوران ننڊ به زبردست ڪئي. ٿيو ايئن جو اسان واري جهاز جون دريون به ڪو جديد هُيون جن تي موجود بٽڻ دٻائڻ سان اهي رنگ بدلائي گهري ڪاري رنگ جون ٿيون پئي جن سان ٻاهر جي خبر ئي نه پئي پوي..... گهري ننڊ مان هڪ ڀيري اُٿي دري جو رنگ بدلايان ته ڏسان ته ٻاهر ڏاڍي اُس لڳي پئي هُئي. وري به سُمهي پيس.... اک تڏهن کُلي جڏهن عملي جهاز جو بتيون کوليون ۽ اعلان ڪيو ته مسافرو! سنڀرو جو هاڻي منزل اچڻ واري آهي ۽ ٿوري ئي دير ۾ اسين واشنگٽن جي ڊيولس ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪرڻ وارا آهيون. مون کي وري ان مهل ٿورو بُک تپايو ته هليو ويس جهاز جي پُٺئين ڇيڙي ۾، جتي ايئر هوسٽيس ويهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيون هُيون. مون کي اها به خبر هُئي ته کاڌي پيتي جو سمورو سامان ان پاسي رکيل هوندو آهي. پُڇا ته ڪيم ته،
    ”ڪُجهه آهي کاڌي پيتي لاءِ؟“
    هڪ ڄڻي يڪدم اُٿي مون کي ٻه عدد پيڪيٽ کاڄن جا ڏنائين، جوس به هڪ گلاس ۾ وجهي ڏنائين، جيڪي کڻي اچي پنهنجي سيٽ تي ويهي کاڌم ته جهاز اندر سوجهرو وڌڻ لڳو. راڄ اڃان تائين سُتو پيو هُيو..... جيئن ئي سموريون بتيون روشن ٿيون ته سمورا مسافر ننڊ مان جاڳڻ لڳا ۽ پنهنجا پنهنجا سيٽ بيلٽ ٻڌي لينڊنگ لاءِ تيار ٿيڻ لڳا. ڪجهه دير اندر ئي اسان جي جهاز ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي. لينڊنگ کانپوءِ هيڏانهن هوڏانهن جي رستن تان ٿيندي، سامان ملڻ واري جاءِ تائين پهچندي هڪ ٻن مسافرن جي پُڇا ڪرڻ تي رستي جو ڏس ڏنو ته هيڏانهن فلاڻو جاءِ آهي هوڏانهن فلاڻي. جهڙو هِتان جو هُجان!!!


    واشنگٽن جو پهريون ديدار!



    آمريڪا جي گادي واري هنڌ يعني واشنگٽن DC جي ڊيولس ايئرپورٽ تي لهي ٻاهر نڪتس ۽ 5A بس ۾ لانفانٽ پلازا (L'Enfant Plaza) ڏانهن وڃڻ خاطر چڙهي پيس. بس ۾ داخل ٿي ٻٽون مان پئسا ڪڍيم، هوشيارپ ڏيکاريندي ڪرايي ڏيڻ خاطر بس اندر لڳل مشين ڏانهن 50 ڊالر جو نوٽ اڳتي وڌايم ته وڏي ڏاڙهي واري بس جي ڊرائيور هڪل ڪئي ته،
    ”متان پنجاهه ڊالر انهي مشين ۾ وڌا اٿئي جو بقايا ڏيڻ وارو حساب ڪتاب هن گاڏي ۾ آهي ئي ڪونه؟ جڏهن ته ڪرايو ٿيندئي 7 ڊالر لان فانٽ پلازا جو.“
    پڇيم ته، ”ٻڌاءِ ته پوءِ پئسا کُلا ڪٿان ڪرايان؟ ڪو دڪان وغيره؟“
    ”سا خبر مون کي ڪونهي ڪا، باقي وڃي ڳولهه ڪٿي اندر ايئرپورٽ ڏانهن، متان ملي وڃي، پر آهي ڏاڍو مشڪل.“
    اها صورتحال ڏسي مون وري پاڪستاني انداز اپنايو. ڪيم ايئن جو وڏي اعتماد سان انهي بس مان واپس لٿم. اعتماد سان ان ڪري پئي لٿم جو واشنگٽن جي ٽرانسپورٽ بابت سروي ڪندي انٽرنيٽ تي پڙهيو هُئم ته اها بس هر 15 منٽن تي نڪرندي آهي، تنهن ڪري مون کي ڪو هاسٽل تي پهچڻ جي تڪڙ هُئي ڪونه، جو هتي ڪابه ڊپ ڊاءَ واري ڳالهه ئي نه هُئي ٻيو ته اڃان شام به مس ٿي هُئي. تنهن ڪري سوچيم ته ايترا پئسا وڃائڻ کان سٺو آهي ته ٻاهر ڪنهن همراه کان پئسا کُلا ڪرائي پوءِ ٻي بس ۾ چڙهي هليو ويندس، پاڻ کي آٿت ڏيڻ خاطر عامر خان جي آل اِز ويل وانگر چيم ته ڪا تڪڙ ڪونهي. ايتري ۾ سامهون ڏسان ته هڪ ڪافي حد تائين صحتمند ڏاڏيءَ ڪنن ۾ هيڊ فون چاڙهيو، ڏاڍي مستي ۾ گانا ٻڌندي وئي پئي، گڏوگڏ چِپٽيون به وڄائيندي ۽ موسيقي جي رڌم جي حساب سان ڪنڌ ڌوڻيندي پئي وئي. اشاري سان کيسن روڪي پئسا ڏيکاريندي پڇيو مانس ته،
    ”50 ڊالر کُلا اٿئي، بس کي ڪرايو ڏيڻو آهي.“
    عجب ته ڏاڍو ٿيو جڏهن صفا لفٽ ئي ڪونه ڪرايائين ۽ فقط ڪنڌ سان نهڪار ڪري مون واري بس (5A) ۾ چڙهڻ لڳي. مون کي وري به پڪ ٿي ضرور ڪو مدد ڪندو. انهي ڏاڏيءَ مان پنهنجي ڪم جو آسرو نه ڏسي آئون واپس ايئرپورٽ ڏانهن ڪنهن دڪان جي ڳولا لاءِ روانو ٿي رهيو هئس ته اها ساڳي ڏاڏيءَ ڪنن تان هيڊ فون لاهي منهنجي پويان ڊوڙندي آئي ۽ چيائين،
    ”اوه ييس ييس، مون وٽ پئسا کُلا پيا آهن، هي وٺ. معاف ڪجان، مون کي ياد نه هُيو.“
    ايئن چئي مون کي پنجاهه ڊالر کُلا ڏنائين، ٻه 20 ڊالر جا ۽ هڪ 10 ڊالر جو نوٽ هو. وري به بس جو ڪرايو ٿيو پئي 7 ڊالر، ۽ مون ڪرائي واري مشين ۾ 10 ڊالر وڌا. وري به انتظار ڪيم ته متان بقايا واپس ملي. ايئن وري به بس جي ڪئش واري مشين منهنجا 3 ڊالر کائي وئي ۽ واپس نه ڏنا...... بس ڊرائيور مون ڏانهن ڏسندي هٿ، ڪلهن ۽ مٿي سان مخصوص اسٽائيل ۾ اشارو ڪيو ته اهو اٿئي هِتي وارو سسٽم!
    جيئن ته مون وٽ هڪ بئڪ پئڪ هُيو ۽ ان سان گڏ هڪ وڏو ٿيلهو هُيو، جيڪو هاسٽل تي رهندڙ دوست ”وڏيري“ زبير هنڱوري کان واشنگٽن گهمائڻ خاطر اڌارو ورتو هُئم، هن به رئيس هڪ شرط تي اڌارو ڏنو هو. شرط اهو هو ته اهو ٿيلهو گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماين کان کڻائيندين. جيڪا شرط مون پوري به ڪئي. مون بس جي اڳئين حصي ۾ سيٽ هيٺ وڏو ٿيلهو رکيم، جڏهن ته بيڪ پئڪ وارو ٿيلهو وري هنج ۾ رکيم.
    بس جيئن ئي هلڻ شروع ٿي ته واشنگٽن جي چمڪندڙ اُس ۾ پاسن کان تيزي سان ويندڙ گاڏيون، وڻ ٽڻ ۽ بلڊنگون ڏسڻ لڳس. ان دوران گهر وارن کي پنهنجي خيريت بابت اطلاع ڏيڻ خاطر موبائل کوليم جو يو فون وارن کان رومنگ تي پنج سئو روپين ۾ 130 منٽ ان ڪمنگ جا ورتا هُئا ، يو فون سان ٺاهه ڪندڙ آمريڪي ڪمپني جا سگنل ئي نه پئي آيا ٻين لفظن ۾ انهي ڪمپني جي سروس نه پئي هلي، سو موبائل رکيم واپس کيسي ۾.
    ڪجهه دير جي سفر دوران بس ۾ منهنجي سيٽ جي ساڄي پاسي ۾ ويٺل هڪ جهونيءَ نقشو ڏسندي مون کان پُڇيو ته،
    ”پنهنجي بس جو آخري اسٽاپ هن نقشي ۾ ڪٿي آهي؟“
    مون سندس نقشي تي آڱر سان ڏس ڏنو ته،
    ”اجهو هتي، لان فانٽ پلازا تي......“
    ”اوڪي، اوڪي. ٿينڪ يو.“
    وري پُڇيائين، ”ته پوءِ اُتان وائيٽ هائوس ڏي ڪيئن وڃبو؟“
    ”مون وٽ سامان آهي، نه ته مزي سان پنڌ به وڃي سگهجي ٿو صفا ٿورو ئي پنڌ آهي.“
    نقشي تي آڱر سان وڌيڪ رهنمائي ڪيم ته،
    ”هن رستي تان وڃبو، پوءِ ٿورو کاٻي مُڙي وري سڌو رستو وائيٽ هائوس ڏانهن ويندو.“
    ڏاڍي خوش ٿي ۽ مون کان پڇيائين ته،
    ”ڇا توهان هتي واشنگٽن ۾ نوڪري ڪريو ٿا ۽ هتي ڪيتري عرصي کان رهو پيا؟“
    مون چيو ته،
    ”واشنگٽن ته ڇا پر آئون آمريڪا به پهريون دفعو آيو آهيان پاڪستان مان ۽ اجهو هاڻي ئي ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪتو آهيان، ٿيلهو سيٽ هيٺان رکيو اٿم.“
    پهريان ته ٿورو هٻڪي ته هي همراه پاڪستان جو آهي. پر جڏهن مون پاڻ بابت تفصيل سان ٻڌايو ته،
    ”ورلڊ بئنڪ ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ پنهنجو تحقيقي مقالو پيو پڙهڻ وڃان.“
    مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ جاري ريسرچ جو به احوال ڏنم ته قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار هجڻ جو به. پوءِ ٿورو رليڪس ٿي ۽ سُٺو حال احوال ورتائين ۽ اڃان وڌيڪ خوش ٿي. حال احوال وٺندي پنهنجي پرس مان ڪجهه وزٽنگ ڪارڊ جهڙا ٽڪرا ڪڍندي چيائين ته،
    ”جيڪڏهن فري ٽائيم هُجئي ته هي وٺ ٻه پاسون، هڪ سينيٽ ۽ هڪ هائوس آف ريپريزينٽيٽوز (House of Representatives) جي 2016ع واري اجلاسن جون، ضرور وڃجان. هوندي ته هڪ قسم جي مڇي مارڪيٽ پر، تجربو ضرور آهي. مون کي پڪ آهي پاڪستان ۾ پڻ سياستدان اهڙا ئي هوندا. هاهاها اهي جتي ڪٿي اهڙا ئي هوندا آهن.“
    وري بس جي پُٺين سيٽن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته،
    ”هي جي پويان ڇوڪريون بيٺل آهن انهن کي هتي واشنگٽن ۾ گهمائڻ کان پوءِ وٺي وينديس ڪينيا هڪ مهيني لاءِ، اتي انٽرنشپ ڪنديون هڪ ڪرسچن اسڪول ۾ ۽ آئون هتان جي اسڪول ۾ پرنسپال آهيان.“
    بس جي پُٺئين حصي ڏانهن نهار ڪيم ته ڏسان ته 10، 12 کن سُٺي شڪل شبيهه سان نوجوان ڇوڪريون بيٺل نظر آيون، سڀ کلڻي ملڻي شِڪل سان پاڻ ۾ کِلڪوڙا ڪري ۽ تاڙا ملائي رهيون هُيون.
    ايئن حال احوال ڪندي 45 منٽ ٿيندا جو اچي لان فانٽ پلازا پهتاسين. بس مان لهڻ دوران شايد انهي پوڙهي انهن ڇوڪرين کي منهنجي باري ۾ ٻڌايو هوندن، جو سڀني مون کي باءِ باءِ ڪيو. مون به جواب ۾ کين باءِ باءِ ڪيو، انهي ننڍڙي سفر مان اندازو لڳايم ته واشنگٽن به ترڪي جي شهر انقره کان گهٽ نه هوندو، جتي ڪوبه ماڻهو ٻوٿ چڙهيل نه هوندو ۽ جنهن سان به ڳالهه ٻولهه ڪبي ته گھڻي لفٽ نه ڪرائي تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ ڳالهه ٻڌندو ضرور، اهو به ڌيان سان.
    پياري دوست گوگل ميپس (Google Maps) ۽ انٽرنيٽ جي ٻين ساٿين جي مدد سان مون کي اها اڳواٽ ئي خبر هُئي ته مون کي لهڻو ڪِٿي آهي، اُتان ڪهڙي گاڏي ۾ ڪيڏانهن وڃڻو آهي. سو پلان موجب مون کي انهي بس مان لان فانٽ پلازا اسٽيشن تي لهي ، اُتان وري ڦڪي رنگ واري ميٽرو ٽرين ۾ چڙهي ڪنوينشن سينٽر تي هلي اُتان ٿورو ئي پنڌ پري ڊِيو هائوسنگ نالي هاسٽل تي وڃڻو هو. خير اينڊرائيڊ (Android) جي ڪجهه ساٿين جي مدد سان (5A) بس مان لهڻ شرط جي پي ايس (GPS) تي خبر ورتم جنهن اشاري سان ڏس ڏنو ته اُترين پاسي کان پلازا جي هيٺيان زيرِزمين ٽرين جي اسٽيشن آهي اُتان پنهنجي منزل ڏانهن وڃڻو آهي.
    ان منزل خاطر ڏاڪڻين تان هيٺ لهي هڪ ڪئبن ڏي ڌيان ڏنم ته هڪ همراه ويٺل هو ۽ هو مون کي ڏانهنس ويجهو ايندو ڏسي شايد سمجهي ويو ۽ پنهنجي ڪئبن مان ٻاهر نڪري آيو. ان ڪئبن جي ٻاهران لکيل هو اسٽيشن مئنيجر. انهي اسٽيشن مئنيجر کي چيم ته،
    ”مون کي هڪ هفتي وارو رعايتي سمارٽرپ (SmarTrip) ڪارڊ وٺڻو آهي جنهن جي قيمت تقريبن 56 ڊالر کن ٿيندي.“
    اسٽيشن مئنيجر مون کي اي ٽي ايم جهڙين ڪجهه مشينن ڏانهن وٺي آيو ۽ هڪ مشين تي کِٽ پِٽ ڪرڻ لڳو ته مون سئو ڊالر جو نوٽ ڪڍيو، جنهن کي ڏسي ان همراه چيو ته،
    ”نه، نه، توهان ايڏو وڏو نوٽ نه ٿا استعمال ڪري سگهو. هي مشين وڌ ۾ وڌ 5 ڊالرن جو حساب ڪتاب ڏئي ٿي، يعني بقايا 5 ڊالر تائين واپس ڪندي.“
    ڏيو منهن! پاڪستان ۾ ته مون پارن وٽ رڳو کُلا ئي کُلا پئسا هوندا هُئا، هڪ روپئي کان وٺي سئو روپين تائين، هتي ته مسئلو ٿي پيو. هفتيوار ٽڪيٽ هُئي 56 ڊالرن جي، جنهن کان پوءِ جي لوڪل ٽرين ۽ بسن جي چڙهه چڙهان مفت! مون پڇيو ته،
    ” تو وٽ ڏس ته متان کُلا هُجن.“
    هن وراڻيو ته،
    ”نه مون وٽ ته ڪونه آهن، مون وٽ ڪٿان آيا، ٻئي هنڌان ڪٿان وٺي اچ.“
    مون سوچيو ته هتي ماتلي بدين ته آهي ڪونه جو ڪنهن کان کُلا پئسا ملن معني ته وري ساڳيو قصو ورجائڻو پوندو. سو انهن مشينن جو پاسو وٺي بيهان ٿو جيڪو ايندو اُن جي شڪل ڏسي مدد گهرندس. شڪل ڏسي اُن جي ڪري جو جنهن جي جهڙي شڪل هوندي آهي تهڙي ئي موٽ ملندي. هوندو ڪو گهران ڪُٽيل ته پوءِ جواب به ڪونه ڏيندو، تازو پگهار مليل همراهن جي شڪل پري کان پڌري هوندي آهي. هڪ مائي آئي پئي تيز وکن سان چهري تي هلڪي مسڪراهٽ سان، پڪ سمجهيم ته هي مائي ڪم ڪندي. سو کيس سامهون اچي پڇيم ته،
    ”کُلا اٿئي 50 ڊالر، مون کي فلاڻي ڪم لاءِ ضرورت آهي؟“
    چيائين ته،
    ”کُلا ڇو، هي وٺ منهنجو سمارٽ ٽرپ رعايتي ڪارڊ، اڄوڪو ڏينهن فري اٿئي، باقي پوءِ ضرورت پوئي ته پيو لوڊ ڪرائجانءِ ۽ پنهنجو سمجهي استعمال ڪر.“
    مون چيو،
    ”نه، نه، مون کي ته رڳو کُلا کپن.“
    زور ڀريائين ته،
    ”في الحال هن مان ڪم هلاءِ بعد ۾ پيو لوڊ ڪرائجانءِ.“
    زور ڀرڻ تي انتهائي مجبوري جي عالم ۾ انهي مائي کان ڪارڊ ورتم، اچي اسٽيشن مئنيجر کي ڏيکاريم، جنهن پنهنجي ڪمپيوٽر تي چيڪ ڪيو ته واقعي چالو ڪارڊ هو، هُن مون کي سُڌ ڏني ته،
    ”اڙي هن ۾ ته پئسا لوڊ ڪرڻ جي ته ضرورت ئي ڪونهي، ڊائريڪٽ استعمال ڪر، خوش قسمت آهين جو مائي استعمال جوڳو ڪارڊ ڏئي وئي اٿئي.“
    ٿورو گهڻو پڙهيل لکيل هُجڻ جو فائدو اهو ٿيو جو ڪنهن کان هرو ڀرو ڏس پتي پُڇڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪونه ٿي. هيٺ مٿي لڳل پٽيون پڙهي پنهنجي ڪم جي ٽرين ڳولي چڙهي ويٺس. پنهنجي سيٽ جي مٿان لڳل نقشي جي مدد سان پڪ ڪيم ته 3 اسٽيشنون ڇڏي چوٿين اسٽيشن تي لهڻو آهي. انهي سوچن ۾ اندازو لڳايم ته پهرين ڏينهن ئي ايئرپورٽ کان هاسٽل ڏانهن ايندڙ رستي تي 3 مختلف ماڻهن (ماين) سان حال احوال ٿيو، ٽئي ڄڻيون ٿورو ڪري ويون..... پاڪستان ۾ ته مايون منهنجي پي ايڇ ڊي جي عنوان تي به بحث ڪري مون کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. مٿئين قصي مان ثابت ٿيو ته سُٺا ماڻهو (ننڍي عمر جي ٻارن کان وٺي ڏاڏيءَ ناني جي عمر جون مايون به) هميشه منهنجو پيڇو پيا ڪندا آهن. هتي يعني واشنگٽن DC ۾ به لڳي ٿو ته ايئن ئي آهي....... وڌيڪ اندازو ايندڙ پنا پڙهي لڳائي سگهجي ٿو.


    ڊيو هائوسنگ تي پهچڻ



    ڦِڪي رنگ واري ميٽرو ٽرين ڪجهه ئي منٽن جو سفر ڪري، ڪنوينشن سينٽر واري اسٽيشن تي لهي موٽر تي هلندڙ مشيني ڏاڪڻين ذريعي مٿي يعني ٻاهر زمين تي نڪري آيس. ٻاهر نڪري ڇا ڏسان واشنگٽن جو رنگ روپ! ڀائنجي ويو، يڪدم. موبائل فون کولي گوگل ميپس (Google Maps) ۽ جي پي ايس (GPS) ذريعي ڳولا ڪيم ته منهنجي منزل يعني ڊيو هائوسنگ (Duo Housing) نالي هاسٽل هتان کان ڪهڙي پاسي ۽ ڪيترين وکن يا پنڌ تي آهي. صفا اڻڄاڻ جاءِ پر مون کي بلڪل پنهنجائپ ئي محسوس ٿي رهي هُئي. اُتي مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي پنهنجي ڳوٺ گهڻي وقت کان پوءِ آيس. جيئن اوڙي پاڙي ۾ وڌندڙ آبادي جي حساب سان ڪافي نون گهرن جي تعمير ٿي چُڪي هُئي، ته گهٽيون ۽ گھيڙ به ڪافي تبديل ٿي چُڪا هُئا تنهنڪري پنهنجي پاڙي جي گهرن جي پُڇا ڪرڻي ٿي پئي ته فلاڻي جي گهر ڏي وڃڻ لاءِ ڪهڙو رستو استعمال ڪبو، اُتان جيڪڏهن ٻئي ڪنهن جي گهر وڃڻو هجي ته ڪهڙي گهٽي وٺجي. اُن جي اُبتڙ ننڍپڻ جي دور ۾ رات جي اونداهي ۾ لِڪ لِڪوٽي راند ڪندي پاڙي جي ٻين گهرن جي رڌڻي ۾ وڃي لڪي رهندا هُئاسين ۽ ٻين ٻارن جي پيرن جو آواز يا سُس پُس ٻڌي ڪنهن ٻئي رڌڻي ۾ وڃي لڪندا هُئاسين. انهي دور ۾ ته گهرن جا دروازا به نه هوندا هُئا، گهرن جي وڏن کي رڳو هلڪي کنگهڪار ڪرڻي پوندي هئي، ٻار ته رڳو روڙهه ڪري سڌو پنهنجي منزل تي. هن جديد دور ۾ اهو ساڳيو پراڻو دور اچي ويو آهي، ڪٿي به اهو محسوس ڪونه ٿو ٿئي ته ڪنهن اڻڄاڻ جڳهه تي اچي ويا آهيون، خاص دور تي سُڌريل ملڪن ۾. هن دور ۾ هٿ جي تري جيترين شين سُڌريل ملڪن ۾ هلڻ ڦرڻ ايترو ته آسان ڪري ڇڏيو آهي جو ڇا ٻڌائجي، ڪنهن کان ڪجهه به پُڇڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. مون کي ياد آهي سنه 2015ع دوران استنبول جون گهٽيون ماپيندي آئون هڪڙو ٽيبليٽ (Tablet) پنهنجي ٿيلهي ۾ رکندو هُئس. انهي ٽيبليٽ ۾ تُرڪي جو آف لائين ميپ (Offline Map) رکيل هوندو هو، جنهن ۾ جنهن منزل ڏانهن وڃڻو هوندو هُئم اهو ٽارگيٽ سيٽ ڪري ڇڏيندو هُئس ته اهو ٽيبليٽ ڪو موڙ وغيره وٺڻو هوندو هو ته پاڻ ئي رڙ ڪندو هو ته،
    ”آفٽر 200 ميٽرز ٽرن رائيٽ يعني 200 ميٽرن کان پوءِ ساڄي مُڙو.“
    منزلِ مقصود تي هميشه هڪڙو ڳاڙهو نقطو لڳل هوندو آهي، جنهن سان اها خبر پوندي رهندي آهي ته اها جڳهه ڪهڙي پاسي ۽ ڪيترو پري آهي.
    واشنگٽن جهڙي ظابطن، طريقن ۽ اصولن جي شهر ۾ انهي ساڳي طريقي آزمائڻ جي هِتي ايتري ضرورت نه هُئي. ڇو جو هر گهٽي، هر رستي جو نمبر ۽ نالو ڏنل آهي. مون واري منزل يعني ڊيو هائوسنگ هُئي 11 هين اسٽريٽ NW. جي هڪ گهٽي اڳتي نڪري ويس ته 12 اسٽريٽ اچي ويندي ته واپس موٽڻو پوندو، وري جي 10 هين اسٽريٽ آئي ته اڳتي وڃڻو پوندو. صاف ظاهر آهي ته ماڻهو وڌ ۾ وڌ هڪ يا ٻه بلاڪ اڳتي پوئتي ٿيندو ته صحيح رستي جي خبر پئجي ويندي. ننڍين گهٽين جا وري ABC واري ترتيب ۾ نالا ڏنل آهن، مجال آهي جو ماڻهو مُنجهي. انهي حساب سان منهنجي منزل هُئي (1223 11th St NW, Washington, DC 20001). سو ايئن موبائل تي رستي جي ڏنل نشانن تان هڪ ٿيلهو ڪُلهي تي ۽ هڪ ٿيلهو گهليندو اچي ڊيو هائوسنگ تي پهتس. ايتري ته پڪ اڳ ۾ ڪري گوگل اسٽريٽس نالي ترڪيب استعمال ڪري ڊيو هائوسنگ جو ٻاهريون در، آمهون سامهون وارا منظر اڳ ۾ ئي ڏسي چُڪو هُئس. سو سِڌو اچي ڊيو هائوسنگ جي دروازي تي پهچي پهريان پڪ ڪيم ته نمبر اهو ئي آهي، نالو اُهو ئي آهي. هڪ پنو هنيل هو اهو پڙهي ڪري، هڪ ڀيرو ئي گهنٽي وڄايم ۽ انتظار ڪيم ته ڪو اندران جواب ڏي. انتظار ان ڪري ڪيم ته گهنٽي جي پاسي ۾ هڪ پنو يعني نوٽيس هنيل هُيو ته مهرباني ڪري گهنٽي فقط هڪ دفعو ئي وڄايو. ٿوري دير ۾ در کُليو ته ڏسان ته هڪ ڇوڪريءَ وڪٽوريا نالي سان، (وڪٽوريا نالو پاڻ ئي ٻڌايائين) نڪري آئي رُکي رُکي لهجي ۾ ئي پڇائين ته،
    ”رزرويشن اٿئي نه؟“
    ”ها.“ مون وراڻيو.
    ”ته پوءِ اچ اندر. جُتي لاهي هِتي رک، اندر جُتيون پائڻ جي اجازت بلڪل ناهي. پوءِ اچي صوفي تي ويهه ۽ پاسپورٽ ڏي ته انٽري ڪريان.“
    بل جي وصولي ته اڳ ئي آن لائين ٿي چُڪي هُئي. هڪ نوجوان به نچندي ڪڏندي مون سان هٿ ملايو ۽ چيڪ اِن ڪرڻ يعني مون کي پنهنجو بيڊ ڏيڻ لاءِ ڪاغذي ڪاروائي شروع ڪئي. منهنجي گرم جوشي سان هٿ ملائڻ تي يڪدم خوشيءَ مان چيائين،
    ”يار (buddy)، هتي ٻيا اچي ايڏو ته ڍرو هٿ ٿا ملائين جو جهڙو ساهه ئي ڪونه اٿن، صفا جهڙا مئل هُجن.“
    پنهنجي تعريف ٻڌي خوشيءَ ٿي ۽ مون به سندس جوابي تعريف ڪئي ته،
    ”تنهنجو ڳالهائڻ جو انداز تمام بهترين آهي، ايئن پيو لڳي جهڙو ڪو پڪو دوست پيو ڳالهائي.“
    ان ڳالهه جو فائدو مون کي آخري ڏينهن تي ٿيو، جيڪو اڳتي هلي توهان پڙهندئو، جي نه پڙهيا ته اندازو لڳائي وٺندا. اهو به نه پُڄي ته پوءِ پُڇي وٺجو سماجي رابطي واري طريقي سان....
    اهو ٻُڌي همراه ڪُرسي مون ڏانهن گهُمائي ۽ چيائين،
    ” I love Pakistani passport, look at the color, look at the floral design.“
    مون کي ٿورڙي حيرانگي ته ضرور ٿي، ڇو ته تقريبن سمورا دوست چوندا آهن ته پاڪستاني پاسپورٽ کي گهٽ لفٽ آهي، ماڻهو مِلڻ به پسند نه ٿا ڪن، ويزا نه ٿا ملن. جيستائين منهنجو تجربو آهي، سنگاپور، ملائيشيا، تُرڪي، واشنگٽن ۽ اٽلي جو، ماڻهو باقائده دل سان ٿا ملن، عزت ٿا ڪن، ۽ ملندا رهن ٿا، رابطي ۾ رهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته اها شئي نظر نه آهي، شڪر آهي ته عزت ملي ۽ ڏني به سهي. هِن همراه ته پاڪستاني پاسپورٽ جي رنگ روپ جي به تعريف ڪئي. پريان ويٺل همراه جيڪو سويڊن جو هو انهي پنهنجو پاسپورٽ ڏيکاريو ۽ چيو ته هي ڏسو اسان جو پاسپورٽ، ڪيڏو نه بورنگ ۽ بي رنگ آهي..... اُهو پاسپورٽ ناسي رنگ جو هيو.
    ايتري ۾ وڪٽوريا منهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وجهندي چيو ته،
    ”هي ٿيلهو آئون ٿي کڻان؟“
    مون چيو ته،
    ”نه، نه، آئون پاڻ ئي کڻندس.“
    پر هُن منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ ئي ٿيلهو کڻي چُڪي هُئي، جيڪڏهن ڪا وڏي هوٽل هُجي ها ته آدابن تحت کيس ئي کڻڻ ڏيان ها، پر هي ته هاسٽل هُئي جتي سڀ برابر هُئا تنهن تي مون کائنس ٿيلهو واپس ورتو. پاڻ واري پاسي ته آفيس جو ٿورو گهڻو چڱو مڙس آيو ته به خالي هٿن ايندو، سامان پويان ٻيا همراه پيا کڻي ايندا.
    نينگري وڪٽوريا مون کي پنهنجو (پنهنجو معني منهنجو پنهنجو) بيڊ ڏيکارڻ لاءِ وٺي وئي،
    ”باٿ روم هي آهي، ٽوال هتان کڻي، هتي ئي رکڻو آهي.“
    ”مون پڇيو ته اها ڪيئن خبر پوي ته ڪهڙو ٽوال ڪنهن جو آهي؟“
    چيائين ته،
    ”هي مٿي ڪٻٽ ۾ رکيل ٽوال سڀئي ڌوتل آهن، جڏهن ته هيٺ ٻوري ۾ پيل ٽوال استعمال ٿيل آهن. جي وڻئي ته پنهنجو ٽوال استعمال ڪرڻ کان پوءِ پاڻ وٽ پنهنجي ئي بيڊ تي رکي سگهين ٿو يا ته پوءِ روز تبديل ڪري سگهين ٿو.“
    ان کان پوءِ مون کي هيٺ وٺي وڃي منهنجو بيڊ ڏيکاريائين، پاسي وري ڪمري ۾ تختا لڳل هُئا جتي هرڪو پنهنجو سامان سڙو رکي سگهيو ٿي. مون پنهنجو بيگ اُتي پنهنجي بيڊ تي رکي ڪِچن جو پُڇيم. چيائين ته،
    ”ڪچن مٿي آهي پر ان ۾ صفائي لازمي رکڻي آهي. اچ ته مٿي هلي ڪچن ڏيکاريان.“
    نينگري وڪٽوريا مون کي الائجي ڪهڙين ڪهڙين ڏاڪڻين تان گهمائيندي سڌو اچي ڪچن ۾ وٺي آئي. چيائين ته،
    ”هي اسان جي فرج آهي هن ۾ پنهنجو کاڌي پيتي جو سامان رکي سگهين ٿو، صبح جو ناشتو فري اٿئي پر ٽائيم فڪس آهي، صبح ساڍا ست کان فقط نائين وڳي تائين.“
    فرج جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائيندي چيائين ته،
    ”هن فرج ۾ پنهنجي کاڌي پيتي جون اهي شيون رکي سگهجن ٿيون جي خراب ٿي سگهن ٿيون. اهو به ياد رهي ته پنهنجي سامان جي پيڪيٽ تي هاسٽل ڇڏڻ جي تاريخ ۽ پنهنجو نالو واضع طور لکيل هُجڻ کپي، جيڪڏهن ڪنهن سامان تي نالو ۽ چيڪ آئوٽ (يعني هاسٽل ڇڏڻ) جي تاريخ نه لکيل هوندي ته اهو اسين اُڇلائي ڇڏينداسين.“
    پهريان مون سوچيو ته ايترو خفو ڪير کڻندو پر ڏٺم ته انهي اصول تي عمل ڪرڻ خاطر فرج جي پاسي ۾ هڪ پوائنٽر پيل هو ۽ گڏوگڏ سامان تي لکيل چِٽڪي چِپڪائڻ خاطر پرچيون به پيل هُيون، جِن تي کنئور اڳي ئي لڳل هوندو آهي. ٿورو پرڀرو ٺهيل ٻئي هال اندر پيل ڊائننگ ٽيبل ڏانهن اشارو ڪيائين ته اهو ماني وغيره کائڻ لاءِ اٿئي، پريان پيل ٻيو فرج بيئر وغيره رکڻ لاءِ آهي. مون سوچيو پڪ سان شراب هتي ڪوبه ڪونه پيئندو هوندو جو هر ماڻهو ٻاهر وڃي بار وغيره ۾ وڃي سُڪون سان پي سگهي ٿو. ڪافي ڏاڏا ۽ ڏاڏيون مون ڏٺو ته پاسي واري گُتي تان شراب جون رنگ به رنگي بوتلون وٺي رهيا هُئا. واندي مخلوق ۾ مون ڪوبه گورو نه ڏٺو فقط ڪارا ئي روڊ تي پارڪن ۾ پيل ڏٺا.
    ڪچن ٻاهران رکيل صوفن تي ڏسان ته ڪافي اڇا اُجرا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ويٺل هُئا. جيئن ته بِگ بينگ ٿيوري نالي هڪ انگريزي ڊرامي جون ڪجهه قسطون ڏٺيون هُئم، سو ان حساب سان سڀني شاگردي عمر جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان هٿ جو تاڙو ملائي کيڪار ڪيم. وري سڀني جو ڌيان ڇڪائي اتي ديوار تي لڳل دُنيا جي هڪ وڏي نقشي تي پنهنجو نالو لکيل ڏيکاريم، جيڪو عومر ديمير ترڪي واري ڪجهه مهينا اڳ لکيو هو. سڀني کي ٻڌايم ته،
    ”هي گورڌن منهنجو نالو آهي، جيڪو منهنجو هڪ تُرڪ دوست ڪجهه مهينا اڳ واشنگٽن ۾ هتي ترسڻ دوران لکي ويو آهي.“
    اهو ٻڌي سڀ ڏاڍا حيران ۽ خوش ٿيا گڏوگڏ مون کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. پاڻ وارو سسٽم هُجي ها ته پهرين ڳالهه ته ڪو اعتبار نه ڪري ها، جي ڪو اعتبار ڪري ها ته به منهنجي نالي تي يقين نه ڪري ها، شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونه هُجي ها، اسان جو هڪ هاسٽلائي دوست ”وڏيرو“ انهي ڳالهه ۾ ڪافي اڳڀرو آهي، مجال آهي جو ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار ڪري. ٿورو ڪِچن جو وري دورو ڪري، فرج جو معائنو ڪيم، چُلهه کي به ڏٺم، برتن وغيره به چيڪ ڪيم، کنڊ به هُئي، چمچا به هُئا، هڪ ٻه ڇُريون. ڪم ڀلو ٿي پيو، ڪافي پئسا بچي پوندا.
    سو پنهنجي حوالي ٿيل بيڊ ۽ لاڪر وغيره سيٽ ڪري وري هاسٽل جي لابي ۾ آيس، جتي ٽي وي لڳل هئي ته پاڻي جو ڪولر به. ته اُتي ڏسان ته هڪ چشمو پاتل جهوني ويٺي هُئي، هاءِ ڪري پاسي ۾ ٿورو ڇڊو وڃي ويٺس. مون کي چيائين،
    ”هي هاسٽل مون کي ڏاڍي وڻي ٿي.“
    مون مسڪرائيندي ورندي ڏني ته،
    ”وڻندي ڇو ڪونه 35 ڊالر في چوويهه ڪلاڪ جا ٿا وٺن، ڪچن به اٿن، ٻيون به سهوليتون جهڙوڪ انٽرنيٽ وغيره به اٿن، تڏهن ته وڻي ٿي.“
    جهوني اهو ٻُڌي کِل ۾ ٻڏي وئي. مون کي چيائين ته،
    ”ها اهو به هڪ سچ آهي پر مون کي وڌيڪ ان ڪري پئي وڻي جو ديسان ديس جا ماڻهو هتي اچي رهن ٿا، ايترن سان رڳو ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو مزو الڳ آهي، گڏ رهڻ، کانئن زندگي جا مختلف طور طريقا سکڻ ۽ حال احوال جي ته ڇا ڳالهه ڪجي. جيئن توهان ڪٿان کان آيا آهيو؟ انڊيا مان؟“
    مون چيو،
    ”نه، آئون پاڪستان مان ڪجهه دير اڳ ئي پهتو آهيان.“
    چيائين
    ”الا، ڏاڍو ٿڪو هوندين، ڊگهي فلائيٽ هوندئي، ننڊ ته ڪونه ٿي اچئي؟“
    ايترن سوالن جو جواب ٻڌڻ بنا وڌيڪ پڇيائين ته
    ”توهان جو نالو ڇا آهي؟“
    مون چيو،
    ”گورڌن“
    چيائين،
    ”گورڊن “
    مون چيو،
    “It is just like that, OK.”
    پنهنجو نالو لائريٽا ٻڌايائين، ويٺل ٽيڪساس. منهنجي هروڀرو تعريف ڪندي ٻڌايائين ته،
    ”تنهنجي انگلش ته پرفيڪٽ آهي ۽ تنهنجو ڳالهائڻ جو انداز پيارو آهي. آئون ٽيڪساس جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ انگلش جي ٽيچر آهيان، پر يقين سان چوان ٿي ته هتان جي گهڻن ماڻهن کي ايتري سُٺي انگلش نه ٿي اچي.“
    مون کي لڳو ته پڪ سان لائريٽا مون سان مذاق ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ ته ڪو به منهنجي ايئن ڳالهائڻ جي تعريف نه ٿو ڪري. ٽيچنگ بابت ڪجهه دير ڳالهائڻ کان پوءِ شروع ٿي وئي موبائل فون تي پنهنجي مڙس، پُٽ ۽ ڌي جون تصويرون ڏيکارڻ. منهنجي به تصوير ڪڍيائين. ٻڌايائين ته،
    ”منهنجي ڌي اسڪاٽلينڊ جي ايڊنبرگ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ٿي، 20 سالن جي آهي. پُٽ جرمني جي شهر برلن ۾ پرائيوٽ نوڪري ڪري ٿو. مڙس فنانشل مينيجمينٽ جو ڪم ٿو ڪري ٽيڪساس ۾.“
    ان ڳالهه تي صفا دنگ رهجي وئي، جڏهن مون عمر ديمير ترڪي واري پاران منهنجو نالو ميپ تي لکڻ واري ڳالهه کيس ٻڌائي. مون کي زوري مٿي وٺي هلي ڪچن ۾ ته مون کي ڏيکار ته ڪٿي ۽ ڪيئن لکيو اٿس. انهي ٽائيم منهنجو ان مئپ سان گڏ فوٽو ڪڍي ڌيڻس، پٽهنس ۽ مڙسهنس کي موڪليائين. هِتان هُتان جون اوڀاريون لهواريون ٻڌايائين، ترڪي جي ماين وانگر منهنجي فين ٿي وئي. ايئن حوال ڪندي رات جا ساڍا ڏهه اچي ٿيا ته کانئس موڪلائي، هاسٽل لابي ۾ موجود واٽر ڪولر مان پاڻي جي بوتل ڀري وڃي بيڊ تي ڪِريس يعني وڃي سُتس ته مٿيئين بيڊ تان آواز آيو،
    ”گُڊ نائيٽ، گورڌن.“
    آئون پريشان ٿي ويس ته هي گُڊ نائيٽ واري هتي ڪير اچي نازل ٿي آهي....
    ” اِٽ اِز مي لائريٽا.“
    مون چيو،
    ”اوهه گُڊ نائيٽ ٽُو يُو ٽُو.“
    مون چيو ته اڙي هي مائي لائريٽا ته مٿي واري بيڊ تي سُتي پئي آهي!!!
    (بيڊ جي تصوير هتي ڏنل آهي.)


    ڪانفرنس جو حال احوال - پهريون ڏينهن

    15 کان 17 جون 2016 دوران آمريڪا جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ۾ ورلڊ بئنڪ جي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيل هي ڪانفرنس مون کي هيستائين ٻين اٽينڊ ڪيل ڪانفرنسن کان ممتاز ۽ بهتر لڳي. بهتر ان ڪري لڳي جو هڪ ته پنهنجي خرچ تي اٽينڊ ڪئي، ٻيو ته هن ڪانفرنس ۾ موڪليل تحقيقي مقالا ڊبل بلائنڊ ريويو (Double Blind Review) کان پوءِ ئي ڪانفرنس ۾ پيش ڪرڻ لاءِ قبول ڪيا پئي ويا. نه ته گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڪانفرنس آرگنائيزر ڇا ڪندا آهن جو گهڻي کان گهڻي حاضري يقيني بڻائڻ خاطر هر قسم ۽ معيار جا مقالا قبول ڪندا آهن. جڏهن ته هن ڪانفرنس تي هلندڙ ڪم ڪار دوران مون کي ٻن پروفيسرن باقاعده وي سي (VSee) پروگرام تي ٻن ڪلاڪن تائين آن لائين ريهرسل ڪرائي ته ورلڊ بئنڪ جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيندڙ انهي ڪانفرنس ۾ مقالي پڙهڻ دوران مون کي ڪهڙن ڪهڙن سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ مون کي پنهنجي پريزنٽيشن ۾ ڪهڙيون شيون ضرور بيان ڪرڻ کپن. پريزنٽيشن ۾ ڏنل تصويرون ۽ انگ اکر ڇا ڳالهائن ٿا ۽ انهن کي وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪيئن بيان ڪجي. ريهرسل ڪرائيندڙن ۾ پرڊيُو يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر آلا گولب ۽ اسٽانفورڊ يونيورسٽيءَ جو ڊاڪٽر جيفري پيٽرس شامل هُئا. جن سان انهي ڪانفرنس جي پلاننگ دوران مسلسل اي ميل تي رابطو رهيو، جن لاڳيتو مون کي مختلف نون ماڻهن، ريسرچ گروپن ۽ لاڳاپيل انرجي ماڊلز تي ڪم ڪندڙ ٻين ريسرچرز سان رابطو ڪرايو ته جيئن اهو تحقيقي ڪم بهتر طريقي سان اڳتي وڌي، وڏي ڳالهه اها جو ان ڪانفرنس دوران ملندڙ ٻين ڪافي تحقيقدانن به تمام بهترين سمجهاڻي ڏني. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن دنيا جي مختلف ملڪن مان تقريبن 300 ڄڻن شرڪت ڪئي. ورلڊ بئنڪ جي هيڊڪوارٽر (جيڪو آمريڪا جي وائيٽ هائوس جي بلڪل پاسي ۾ آهي.) ۾ منعقد ٿيل هن ڪانفرنس جي ميزباني ورلڊ بئنڪ گروپ (World Bank Group)، پرڊيُو يونيورسٽيءَ (Purdue University)، يونائٽيڊ اسٽيٽس انٽرنيشنل ٽريڊ ڪميشن (United States International Trade Commission) گڏيل طور ڪري رهيا هُئا. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن تي ڪي نوٽ اسپيچز (خاص ماڻهوءَ جي ڪيل تقرير، Keynote Speeches) دوران ورلڊ بئنڪ جي چيف ايڪانامسٽ شانتي نارائڻ ديوراجن ورلڊ بئنڪ جي جاري مختلف پروگرامن لاءِ معاشيات جي شعبي ۾ ٿيندڙ تحقيق تي تفصيلي روشني وڌي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي ماڊلز نه فقط دنيا ليول جي رٿائن جي ڪم جا آهن، پر مُلڪي حدن اندر ٿيندڙ رٿائن ۾ به ايترو ئي اهم آهي.
    ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن تي ڪنهن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي سواءِ جوئي داس نالي ڪولڪتي جي همراهه سان ريفريشمينٽ بريڪ دوران ملاقات ٿي. جوئي داس لوئي زيانا يونيورسٽيءَ (Louisiana State University) ۾ جنگلن ۽ وڻن جي واڍي جي ماحولياتي فائدن تي تحقيق ڪري رهيو هو. ساڻس چانهن جي وقفي دوران هلڪي ڳالهه ٻولهه ٿي. جنهن دوران سندس تحقيق بابت مون پڇيو ته،
    ”وڻن جي واڍي جا فائدا؟ اهو وري ڪيئن؟ اسان ته هميشه اهو ئي پڙهيو آهي ته وڻن جي واڍي ڪري ماحولياتي نقصان ٿا ٿين، توهان وري چئو ٿا فائدا؟“
    جوئي داس وراڻيو ته،
    ”هتي آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ جنگلن کي ڪٽي، وڻن جو ڪاٺ ۽ ڪاٺ مان ٺهيل شيون ايڪسپورٽ ڪري ٺيڪ ٺاڪ ناڻو ڪمائن ٿا، نه رڳو ايترو پر وڻن جي واڍي ڪندڙ انهن ڪمپنين تي لازم آهي ته جيترا به وڻن ڪٽجن اوترا جو اوترا لازمي لڳڻ کپن ۽ انهن جي مناسب سار سنڀال ٿيڻ گهُرجي نه ته ان ڪمپني جو لائسنس رد ۽ ڏنڊ لڳندو.“
    مون کي ڏاڍي حيرت ٿي جو اها ڳالهه پهريون دفعو ٻڌي هُئم. چيم ته،
    ”پوءِ پاڻ وٽ يعني پاڪستان ۽ انڊيا ۾ ڇا چڪر آهي؟“
    چيائين ته،
    ”پاڻ وٽ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ان جي اُبتڙ آهي، جنگلن جو مسلسل صفايو جاري آهي، نوان وڻ لڳائڻ تي جهڙو پابندي لڳل هُجي، ان ڪري اُتي ڊيفاريسٽيشن نقصان ڪار آهي.“
    جوئي داس کي اهو ٻُڌي ڏاڍي خوشيءَ ٿي ته پاڪستان ۾ ڪافي تعداد ۾ هندو ۽ شيڊيولڊ ڪاسٽس آباد آهن ۽ بهتر زندگي گُذاري رهيا آهن. پاڻ ٻڌايائين ته،
    ”منهنجو هڪ پاڪستاني مسلمان دوست آهي، پر اُن جو نالو نه ٿو اچي، پر توهان به داس آهيو، سو توهان جو نالو هروڀرو ڪونه وسرندو.“
    اسڪالرشپس ۽ وڌيڪ تحقيق جي موقعن بابت پُڇڻ تي ٻڌايائين ته،
    ”هتي اسڪالرشپس ۽ فيلوشپس جا تمام گهڻا موقعا آهن، ضرورت آهي فقط سُٺي طريقي سان ڳولا ڪرڻ جي، انٽرنيٽ جو بهتر ۽ مثبت سوچ سان استعمال، مختلف پروفيسرن سان اي ميل ۽ ٻين ذريعن سان ڳالهه ٻولهه ۽ سماجي اُٿي ويٺي.“
    مون پڇيو ته،
    ”سماجي اُٿي ويٺي، اهو وري ڪيئن؟“
    جوئي ٻڌايو ته،
    ”جيڪڏهن ڪنهن پروفيسر کي توهان جو ريسرچ ٽاپڪ کڻي وڻي ويو، پر بدلجندڙ حالتن جي ڪري هاڻي سمورا تحقيقدان انٽرنيٽ تي اُن همراه جي اُٿي ويٺي، لنڪڊاِن ۽ ريسرچ گيٽ تي پروفائيل، فيسبوڪ ۽ ٽوئيٽر تي ڪيل پوسٽون ۽ لائيڪ ڪيل پيج، مختلف بلاگن تي ڪيل توهان جا تبصرا چڪاسين ٿا ۽ ان بنياد تي فيصلو ڪن ٿا.“
    مون چيو ته،
    ”اهو ڪم ته ويزا پروسيس دوران حڪومتون ڪنديون آهن، پروفيسر ايئن ڪيئن ڪندا آهن؟“
    وراڻيائين ته،
    ”پروفيسر به هاڻي هروڀرو صرف ٽاپڪ جي بُنياد تي پنهنجا اسٽوڊنٽ يا ڪولابوريشن ٿورو ئي سليڪٽ ڪن ٿا، اهي سڀئي ڳالهيون به ذهن هيٺ رکن ٿا.“
    جوئي سان ڪافي بهتر ڳالهه ٻولهه ٿي، خوشيءَ اها ٿي جو هاڻي آئون پنهنجو پاڻ کي گهٽ ۾ گھٽ سماجي اُٿي ويٺي جي بُنياد تي اهل سمجهڻ لڳو آهيان، باقي منهنجي هن وقت جاري تحقيق جي خبر ناهي ته ڪهڙو رنگ لائيندو.
    ڪانفرنس دوران 8 لاڳيتو سيشن هلي رهيا هُئا، ورلڊ بئنڪ جي بلڊنگ جي اٺ فلورز تي مختلف ڪانفرنس رومز، هال ۽ سيشنز ۾ ڌار ڌار موضوعن تي ڪانفرنس جاري هُئي، هرڪو پنهنجي مطلب جي عنوان تي گهربل سيشن ۾ ڪانفرنس اٽينڊ ڪري رهيو هو. مون جهڙن چانهه جي سيمي موالين ۽ فُل ٽائيم موالين لاءِ چانهه ۽ ڪافي جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو هو.


    ڪانفرنس جو حال احوال – ٻيون ڏينهن

    ڪانفرنس جو حال احوال – ٻيون ڏينهن

    ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي مون کي به پنهنجو تحقيقي مقالو پيش ڪرڻو هو، جنهن لاءِ منهنجي تياري ٿيل هُئي، جو ٻن ڏينهن تائين ٻين تحقيقدانن جي ٻُڌل مقالن کان پوءِ چڱو خاصو تجربو ٿي چُڪو هو ته ٻڌندڙ ڪيئن ۽ ڇا ٿا ٻڌڻ چاهين. گڏوگڏ ڊاڪٽر آلا گولب (Alla Golub) ۽ ڊاڪٽر جيفري پيٽرس (Jeffrey Peters) جي اي ميل ۽ وي سي پروگرام تي مسلسل صلاح مشورن، منهنجي پريزنٽيشن کي ڪافي بهتر ڪري ڇڏيو هو.
    زراعتي پاليسين ۽ زراعت خاطر استعمال ٿيندڙ پاڻي ۽ ان جي وڌندڙ کوٽ تي ٿيندڙ پهريون سيشن اٽينڊ ڪيم، ان کان پوءِ ريفريشمينٽ بريڪ هو. بريڪ ڪو جهڙو تهڙو! چڱا خاصا کاڌا پيل هُئا، پر گوشت بلڪل نه هُجڻ جي برابر هو. نموني نموني جون ڊشز هيون، گهڻي ڀاڱي ڀاڄين تي مشتمل هُيون. گڏوگڏ چانهه، ڪافي، ڪولڊ ڊرنڪ، جوس، آئس ڪريم ۽ چاڪليٽ وغيره به وافر مقدار ۾ رکيل هُئا.
    ريفريشمينٽ بريڪ کان پوءِ مون ڪلائميٽ چينج (Climate Change) وارو هڪ سيشن سليڪٽ ڪيو. اُتي پهتس ته سيشن شروع ٿيڻ ۾ اڃان ٻه، ٽي منٽ هُيا، آئون هڪ ڪُرسي جهلي ويٺس ته هڪ همراه چڱي خاصي قد جيترو، اڳتي وڌي آيو، مون به اُٿي بيهي هٿ ملايو ۽ خير عافيت پُڇيم. هن به مُسڪراهٽ سان حال احوال ڏنو. پوءِ مون مخصوص انداز ۾ ڪُلهن جي جنبش سان پُڇيم،
    ”ته ڪو ڪم اٿئي؟“
    چيائين،
    ”نه، ايئن توهان کي ويلڪم ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.“
    پنهنجو تعارف ڪرايائين ته،
    ”آئون برٽ سيوين آهيان اسپين ۾ يورپين ڪميشن ۾ ڪم ٿو ڪريان ماحولياتي تبديلي ۽ ان جي پوندڙ اثرن واري کاتي ۾. هينئر ماحولياتي اثرن سان لاڳاپيل ڪمپيوٽر سافٽ ويئر (GEM-E3) ماڊل تي ڪم پيو ڪريان. منهنجو توهان سان ڪم ڪو به نه آهي، توهان کي ڏٺم ته بس ايئن ئي دل چيو ته توهان سان ملجي.“
    اُتي مون کي به خوشي ٿي ته هي چڱي خاصي ليول وارو ماڻهو، ان هال ۾ ڪافي سارن ٻين کي ڇڏي مون سان خصوصي طور تي ملڻ آيو آهي. سو مون به تعارف ڪرايو ته،
    ”آئون گورڌن آهيان، ”پاڪستان ۾ گهٽ قيمت بجلي“ جي موضوع تي پاڪستان ٽائمز انرجي ماڊل (PakistanTIMES Energy Model) ٺاهيو اٿم. ٻئي سيشن دوران يارهين وڳي پنهنجي پريزنٽيشن ڏيندس.“
    چيائين ته،
    ”ها توانائي وقت جي تمام اهم ضرورت آهي پر ان کان وڌيڪ ضرورت آهي ته ماحولياتي تبديلي کي نظر ۾ رکي توانائي کي استعمال ڪيو وڃي ايئن نه ٿئي سُڀاڻي اسان ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصانن ڪري ايندڙ نسلن کي تباهي ڏانهن وٺي وڃون.“

    تيستائين سيشن شروع ٿي چُڪو ته ايترو چئي مون کان موڪلائي برٽ پنهنجي سيٽ ڏانهن وڌي ويو. مون سان گڏ پاسي آندريا نالي جرمن ڇوڪريءَ ويٺي هُئي، جيڪا پڻ جرمني لاءِ گهٽ قيمت بجلي جي ذريعن ۽ ماحولياتي اثرن تي پي ايڇ ڊي ڪري رهي هُئي پر هڪ مختلف ڪمپيوٽر ماڊل جي بُنياد تي. آندريا سان وڌيڪ بحث ٻئي ڏينهن ٿيو. برٽ جي پريزنٽيشن تمام سُٺي لڳي، جنهن ۾ هُن اهو به ڄاڻايو ته هاريزن 2020 (Horizon 2020) تحت يورپين يونين جو مستقبل بابت ڇا پروگرام آهي ۽ هن وقت ماحوليات تي ٿيندڙ اثرن ۽ اُپائن بابت تفصيلي بيان ڏنو. ان سيشن ۾ انهي ڪانفرنس لاءِ منهنجي مينٽر ڊاڪٽر آلا گولب پڻ زراعت ۾ ٿيندڙ تحقيق ۽ مستقبل جي ڪلائميٽ پاليسي بابت مقالو پيش ڪيو.
    تقريبن 12 وڳي مون کي وارو مليو ته پنهنجو مقالو پيش ڪريان. اُن سيشن جي چيئر ڊاڪٽر آلا گولب هُئي جيڪا مون کي منهنجي مقالي جي پريزنٽيشن لاءِ لاڳيتو تياري ڪرائيندي پئي آئي. مون کي ان ڪري اعتماد هو پنهنجي پريزنٽيشن تي. ”پاڪستان ۾ گهٽ قيمت بجلي“ جي ذريعن معلوم ڪرڻ لاءِ ٺاهيل پاڪستان ٽائمز انرجي ماڊل جي جوڙجڪ جي باري ۾ ٻڌايم ته هن ماڊل جو بڻ بڻياد ڪهڙو آهي، ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪٿان ڪٿان انگ اکر هٿ ڪيا آهن؟ هن ماڊل جو مقصد ڇا آهي؟ هن ماڊل جي خصوصيت ڇا آهي؟ ٻين ماڊلز کان اهو ماڊل مختلف ڪيئن آهي؟ ماڊل جا هيستائين ڪهڙا نتيجا سامهون آيا آهن؟ پريزنٽيشن کان پوءِ مون کان ٻن همراهن سوال پُڇيا. هڪ اهو پُڇيو ته ماڊل ۾ استعمال ڪيل ماحولياتي نقصانن جو اندازو پاڪستان لاءِ ڪيئن استعمال ڪيو آهي؟ جنهن جو جواب اهو هو ته ٻن مختلف ملڪن (پاڪستان ۽ جرمني) جي آبادي ۽ معيشت جي تناسب کي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرائي، اُتي اندازو لڳايل ماحولياتي نقصانن کي پاڪستان لاءِ استعمال ڪيو آهي. ٻئي همراه مون کان ماڊل جي نتيجن بابت پُڇيو. جنهن تي مون ماڊل مان هيستائين مليل اڻپورا نتيجا ڏيکاريا ۽ چيم ته ماڊل جي سمورن نتيجن اچڻ کان پوءِ ان جي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ سان ئي مڪمل ڄاڻ ملي سگهندي، ٻيو ته هي مقالو منهنجي پي ايڇ ڊي اسٽڊي جو هڪ حصو آهي.
    مون کي مقالو پڙهڻ لاءِ سڏ ٿيڻ کان ڪجهه گهڙيون اڳ پاسي ۾ ويٺل هڪ جاپاني ڇوڪري کي پنهنجي ڪيمرا ڏيندي چيم ته مقالو پڙهندي منهنجا هڪ ٻه فوٽو ته ڇِڪجان، يادگار موقعو آهي. منهنجي پرزنٽيشن کان پوءِ هڪ ٻئي همراه جي به پريزنٽيشن هُئي جنهن ۾ هُن به ڪجهه ماڊلز کي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري هڪ ماڊل جي چونڊ ڪرڻ جو ذڪر ڪيو هو. آئون اهو ساڳيو ڪم پنهنجي ماڊل لاءِ به ڪري چُڪو هُئس پر هن همراه جو چونڊ ڪرڻ وارو طريقو وڻيو. ان پرزنٽيشن مان هڪ ٻه نقطا نوٽ ڪري پنهنجي ٿيسز لاءِ محفوظ ڪيم.


    هن سيشن جي پوري ٿيڻ تي مون ڊاڪٽر آلا گولب ۽ ڊاڪٽر جيفري پيٽرس کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيو. جن جي هُنن ٻنهي ڄڻن تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ منهنجو شڪريو ادا ڪيو. مون به کين منهنجي مسلسل مدد لاءِ سندن مهرباني مڃي. انهن ٻنهي کي ٽوپي اجرڪ پاتل ڏسي اسپين وارو همراه برٽ سيوين لڙي اچي انهن کي پاتل ٽوپي اجرڪ کي هٿ لائي ڏسي رهيو هو ۽ ڏاڍي تعريف ڪري رهيو هو. مون کي چيائين ته،
    ”تمام زبردست شيون آهن، ڇا چئبو آهي انهن کي؟“
    مون کيس چيو ته،
    ”هي سنڌي ٽوپي آهي ۽ هي اجرڪ. اسان جو ثقافتي لباس آهي. مون وٽ هُئا ئي ايترا تحفا، نه ته توهان کي به ضرور پارايان ها.“
    ٿوري غمگين لهجي ۾ چيائين ته،
    ”اوه توهان جي وڏي مهرباني.“
    اِتي لنچ بريڪ جو وقت ٿيو ته سڀني هالن مان مهمان ٻاهر اچي ماني واري هال ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. مون کي ڊاڪٽر جيفري ۽ ڊاڪٽر برٽ چيو ته،
    ”پاڻ هتي ويهون ٿا، ڪجهه رش گهٽ ٿئي ته پوءِ ماني کائون ٿا.“

    مون سوچيو ته هي واقعي مون وانگر ئي سوچين ٿا، جو رش کان پري ٿا ڀڄن. ٿوري دير ۾کاڌي جي ٽيبل تي ڪجهه رش جهڪي ٿي اسان ٽئي ڄڻن پنهنجي پنهنجي پليٽ ۾ پسند جو کاڌو کڻي ٽيبل تي کائڻ ويٺاسين.


    ڪانفرنس جو حال احوال - ٽيون ڏينهن

    ڪانفرنس جي ٽئين ڏينهن تي پهرين وڃي ماحولياتي تبديلي بابت پاليسي ۽ يورپين يونين تي ٿيل سيشن اٽينڊ ڪيم ان سان گڏوگڏ هلندڙ سيشن خوراڪ، توانائي ۽ پاڻي بابت هلندڙ سيشن کي به وقفي وقفي سان چڪر هڻڻو ٿي پيو جو ان سيشن ۾ به ڪافي دلچسپي سان ڀرپور بحث مباحثا ٿي رهيا هئا.
    هڪ هلندڙ بور پريزنٽيشن دوران نوٽ ڪيم ته ٻه جاپاني ڇوڪريون به ويٺل هُيون. جن مان هڪ تقريبن سُتل هُئي، اها ٻي ڳالهه آهي ته جاپانين جو اکيو ن هونئن به ايتريون ئي کُلن ٿيون جو لڳندو ايئن آهي جهڙو بند ئي اٿن. خير پاسي واري ڇوڪري جون اکيون ڪجهه کُليل هُيون جنهن تي اندازو ٿيو ته ٻي سُتي پئي آهي. جيئن ئي اها بور پريزنٽيشن پوري ٿي ته سڀني خوشي وچان تاڙيون وڄايون ته اها سُتل ڇوڪري به جاڳي ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳي. مون کي ڏاڍي کِل ٿي ته ويچاري سان ٿي ته حالت آهي. جاڳندڙ ڇوڪري کي اشاري سان ٻڌايم ته تون واري سهيلي سويل سُتي پئي هُئي هينئر وري تاڙيون پئي وڄائي. هُن وري پنهنجي سهيلي کي شايد اها ڳالهه ٻڌائي، جنهن تي ٻئي ڄڻيون کِلڻ لڳيون. سيشن جي پوري ٿيڻ تي جاڳندڙ جاپاني ڇوڪري مون کي چيو ته اهو سڄو قصو اسان ٻنهي کي وري ٻڌائي. سو چانهن واري وقفي دوران کين اهو قصو وري مرچ مصالحا هڻي ٻڌايم ته ڏاڍو کليون، سمهندڙ ڇوڪري ٿوري ڦِڪي به ٿئي پئي. اهو به ٻڌايائون ته سمهندڙ ڇوڪري جاپاني جڏهن ته جاڳندڙ ڇوڪري چينياڻي آهي.... نالا ته الائجي ڪهڙا ٻڌايائون پئي، وِسري ويا، پر جاڳندڙ ڇوڪري مون کي بعد ۾ ريسرچ گيٽ (تحقيق ڪندڙن جو فيس بوڪ) تان قِيان زُهو (Qian Zhou) فالو ڪيو. جتان خبر پئي ته جاپان جي National Institute for Environmental Studies جي Center for Global Environmental Research ۾ ريسرچ پئي ڪري.
    تنهن کان پوءِ مختلف سيشنز دوران پرڊيُو يونيورسٽي جي ڪافي دوستن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. بدري ناٿ نارائنن، اِيمان حقيقي، دليپ ڪمار، باتا گِينگر ۽ ٻين سان سي جي اي ماڊلنگ ۽ ان کي مارڪل (ٽائيمز) انرجي ماڊل سان ملائي هائبرڊ ماڊل جي تجربي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. بدري ناٿ مون کي تُرڪي جي ڪمال سرِيجا جي باري ۾ ٻڌايو جنهن مارڪل کي جي ٽيپ ماڊل جي ڊيٽا سان ملائي هلايو هو ۽ تازو ئي پرڊيُو يونيورسٽي مان پوسٽ ڊاڪ مڪمل ڪري واپس تُرڪي ويو هو.
    ورلڊ بينڪ جي ڊولپمينٽ ريسرچ گروپ جي ريسرچ مئنيجر مائڪل ٽومان سان به هٿ ملائڻ جو موقعو مليو، جنهن دوران کيس پنهنجي هاڻوڪي ڪم ۽ مستقبل ۾ پاڻي ۽ توانائي جي گڏيل ضرورتن بابت ماڊل ٺاهڻ جو ٻڌايم، جنهن تي هُن ٻڌايو ته ورلڊ بينڪ مستقبل ۾ توانائي، پاڻي ۽ خوراڪ جي گڏيل تحقيق تي زور ڏئي رهي آهي جو اهي ٽئي ضرورتون هڪ ٻئي سان لازم و ملزوم آهن. کيس انٽرنيشنل ريسورسز گروپ جي ڊاڪٽر گيري گولڊ اسٽين سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت به ٻڌايم ته اُن مون کي ٻڌايو هو ته ڏکڻ آفريڪا ۾ توانائي، پاڻي ۽ خوراڪ جي ماڊلنگ بابت ورلڊ بينڪ جو هڪ پراجيڪٽ هلي رهيو آهي.
    ڪانفرنس جي اختتامي تقريب ۾ ايمان حقيقي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي کين تُرڪي ۾ فيلوشپ دوران ٻين ايراني شاگردن سان ٿيل ويجهڙائپ بابت ٻڌايم. ايمان حقيقي مون کي حوصلو ڏنو ته توهان جو ڪم ڏاڍو سُٺو آهي، پوسٽ ڊاڪ لاءِ پرڊيُو يونيورسٽي اچو. آئون توهان جي مدد ڪندس. مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ته کيس گُل ڏاڍا پسند آهن ۽ گُلن جون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪندو آهي. کيس به انسٽاگرام تي فالو ڪيم. چيائين ته بدري ناٿ سان به ضرور تعلق قائم رکجانءِ، هو به ڏاڍو ڀلو ماڻهو آهي. هي لائين لکڻ دوران مون کي اهو به ياد آيو ته ٻه ڏينهن اڳ فيسبوڪ تي بدري ناٿ پوسٽ رکي هُئي ته کيس جي ٽيپ ماڊل (GTAP Model) تي بهتر ڪم ڪرڻ تي هڪ ايوارڊ مليو آهي، جنهن جي باري ۾ جي ٽيپ جي فورم تان اي ميل به آئي آهي.


    11هين اسٽريٽ ۽ مساچوسيٽس ايوينيو جو ٽريفڪ پوليس وارو......

    ڪانفرنس جي پهرئين ئي ڏينهن تي، ورلڊ بئنڪ جي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن ويندي، رستي ۾ 11 اسٽريٽ ۽ مساچوسيٽس جي سنگم تي سيموئل گومپرز ميموريل پارڪ جي پاسي ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس وارو ڏٺم جيڪو هيڏانهن کان هيڏانهن ٺينگ ٽپا ڏئي رهيو هو، هر ايندڙ ويندڙ کي ڪوشش ڪري هٿ ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جي ڪنهن کي نه ٿي پُهتو ته به پري کان گُڊ مارننگ يا هٿ هلائي سلام ڪري رهيو هو. ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن ڏٺم ته ننڍڙن ٻارن کي پنهنجي مائٽن سان گڏ روڊ ڪراس ڪندي ڏسي، ڊوڙندو اچي ٻارن جي هٿ مان وٺي روڊ پئي ڪراس ڪرايائين ۽ بعد ۾ کين ڏاڍو پيار پئي ڪيائين. ايئن به نه هو ته هر ڪو ماڻهو اُن طبيعت کي مثبت وٺي رهيو هو. هڪ عورت کي جيئن هٿ ٿي ملايائين ته ان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو ۽ هڪل ڪئي ته اهو ڪو طريقو آهي گُڊ مارننگ ڪرڻ جو!!! انهي عورت کي اڃان ڪجهه چوڻو هو پر ايترو وقت اسان جي هِن هيرو وٽ ٿورو ئي هو جو ايئن واٽ ويندي ماين جي کِٽ پِٽ سُڻي. ٻه اسڪولي ٻار ويا پئي، انهن ڏانهن لُوه ڪري کين روڊ ڪراس ڪرايائين.

    مون کي ڏاڍي خوشي ٿي جو مون کي به ايندو ڏسي ڊوڙي اچي ڏاڍي جوش ۽ جذبي مان گُڊ مارننگ چيائين. سوچيم ته هن سان گڏ هڪ يادگار تصوير ٿي وڃي پر هي همراهه ته هڪ جڳهه تي بيهي ئي نه ٿو، ڇا ڪيان. بعد ۾ ساڻس تصوير ڇڪڻ جو فيصلو ڪيم، پر دل نه مڃي ته متان بعد ۾ هي پوليس وارو هتي نه هُجي، ٻئي ڪنهن جي نه ڊيوٽي لڳي وڃي. ايئن پويان پير ڪيم ۽ پنهنجي موبائل ڏانهنس ڪري چيم ته توهان سان تصوير ڇڪرائڻ ٿو چاهيان جو پهريون ڀيرو توهان جهڙو دلدار ماڻهو ڏٺو آهي. خوشي وچان ڊوڙندو آيو ۽ هتي ڏنل تصوير ۾ سندس جاندار مسڪراهٽ نمايان آهي..... 
    لائريٽا پيبل جو هٿ لکيل خط ۽ 20 ڊالر!

    انهن ڏينهن ۾ فيسبوڪ تي هڪ پوسٽ لکي هُئم ته هِتي هڪ شالو نالي ڇوڪريءَ سان مليو آهيان. فوٽو ڪونه رکيو هُئم ان ڪري ڪافي دوستن کي هُرکُر ٿيڻ لڳي ۽ انهن جو مسلسل اهو زور هُيو ته چائنا جي شالو جي باري ۾ ٻڌايان، مون کي لڳو ته دوستن کي سندس نالي جي ڪري هُرکُر ٿي رهي آهي ته اها شالُو وري ڪهڙي بلا آهي. سو هتي منهنجو ارادو هُيو ته چائنا جي شالُو جي باري ۾ لکندس، پر جيئن ته انهي ڏينهن لائريٽا پيبل پنهنجي پٽ (جيڪو جرمني ۾ نوڪري ڪري ٿو)، سندس ڌي (جيڪا اسڪاٽلينڊ جي ايڊنبرگ يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿي) ۽ سندس مڙس (جيڪو فنانس مئنيجمينٽ جي ڪا نوڪري ڪري ٿو ٽيڪساس ۾) سان گڏجي پنهنجي گهر ٽيڪساس ڏانهن رواني ٿي رهي هُئي ته سندس احوال پهريان ڪجي ته بهتر ٿيندو. جڏهن ته شالُو چينياڻي اڃان هِتي ٻه ٽي ڏينهن لٿي پئي آهي.
    ٿيو ايئن جو انهي صبح ساڍي ڇهين وڳي آئون اٿيس، اٿي، شيو ڪري، وهنجي سهنجي، لابي مان ٿيندو ڪچن ڏانهن ويس ٿي مفت جو ناشتو ڪرڻ خاطر. لابي ۾ لائريٽا اڳ ئي سهي سنڀري ويٺل هُئي. هڪ نوٽ بُڪ هروقت ساڻس گڏ هو، جنهن ۾ ان وقت ڪجهه لکيائين پئي. مون کي ايندو ڏسي گُڊ مارننگ چيائين، مون به مسڪرائيندي (واشنگٽن اسٽائل ۾) گُڊ مارننگ چيو. مون کي اشارو ڪيائين ته،
    ”ويهه هِتي، پاسي ۾.“
    آئون سندس پاسي ۾ وڃي ويٺس ۽ ويهڻ شرط مون کان پُڇيائين ته،
    ”گورڊن، اڄ تنهنجو ڇا پروگرام آهي، ڪيڏانهن ويندين گهُمڻ ڦرڻ؟“
    مون چيو ته،
    ”اڄ کان ته منهنجي ڪانفرنس پئي شروع ٿئي، ورلڊ بئنڪ جي هيڊ ڪوارٽر ۾، سو اڄ کان ٽي ڏينهن سانده مصروف هوندس.“
    چيائين ته،
    ”اڄ آئون ٿورو هِتان هُتان شهر جو چڪر ڏئي، هلي وينديس پنهنجي شهر. تو سان ملي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي، سچي ۾.“
    وڌيڪ سُٺي ڳالهه اها چيائين ته،
    “Gordon, it is really nice to meet people like you, even for few moments, but those are life long memories.”
    وڌيڪ چيائين ته،
    ”جڏهن به ٽيڪساس شهر اچين ته تو کي ڪنهن هوٽل يا هاسٽل تي رهڻ جي ڪا ضرورت ناهي، منهنجي گهر جا دروازا تنهنجي لاءِ هميشه کُليل آهن، سو هليو اچجان سڌو سڌو.“
    مون ڏکڻ ايشيائي سوچ موجب سمجهيو ته هي لائريٽا پيبل مڙئي حوال پئي ڪري، مڙيئي جان ڇڏائڻ جو هفتيوار پيڪيج پئي استعمال ڪري. سو مون به مڙيئي هون هان پئي ڪئي. ايئن ئي موڪلائي سڌو مٿي ڪچن ۾ وڃي ڊيو هائوسنگ جي مفت جي ناشتي (پئن ڪيڪس Pancakes) تي حملو ڪيم. ناشتو ڪري، زندگي ۾ پهريون دفعو پنهنجي ٽوپِيس ڊريس پهري ڪانفرنس اٽينڊ ڪري واپس آيس. پنهنجي بيڊ تي هڪ ڪاغذ ڏٺم جنهن تي گورڌن لکيل هو، مون کي ڊپ وري اهو لڳو ته متان اهو ڪاغذ هي ڊيو هاسٽل وارن طرفان ڪو نوٽيس هوندو ته اڄ توهان صبح سويل اُٿيا آهيو، لائٽ وغيره کولڻ ۽ ٿيلها ڦلهورڻ جي ڪري ٻين رهواسين جي ننڊ خراب ڪئي آهي. ايئن ٻين کي ڊسٽرب ڪرڻ ڊيو هائوسنگ جي رهائشي اصولن جي خلاف آهي. سو ڪپڙا تبديل ڪرڻ کان پهريان اهو ڪاغذ کولڻ ضروري سمجهيم. سو ڊپ وچان اهو پنو کنيم جنهن تي ٿلهن اکرن ۾ انگريزي ۾ گورڌن لکيل هو. پڪ ٿيم ته اهو نوٽيس آهي ته سِڌو سنئون منهنجي لاءِ ئي، پر ڏسجي ته اندر ڇا آهي. سو اندر کوليم ته ڇا ڏسان ته ٽيڪساس واسڻ لائريٽا پيبل طرفان خط لکيل هو......
    گڏوگڏ 20 ڊالرن جو هڪ نوٽ به!!!!!
    منهنجي ئي قول کي هڪ وڌيڪ ماڻهو پاڻي ڏئي ويو ته آئون جيڏانهن به وڃان ٿو ته سُٺا ماڻهو هميشه منهنجو پيڇو پيا ڪندا آهن. لائريٽا به ويندي ويندي ٿورو ڪري وئي، ڪيترو؟ ان جو اندازو هن نوٽ سان گڏ پوسٽ ڪيل خط کي پڙهندي ڪندا. گڏو گڏ رابطي لاءِ فون نمبر به ڏئي وئي آهي.
    خط جو عڪس ۽ سنڌي ترجمو هيٺ ڇاپجي ٿو.
    خط جو ترجمو خط جو عڪس
    پيارا گورڌن،
    هي ڪجهه شئي منهنجي پاران يادگيري طور آهي. انهي مان هڪ آمريڪن هيم برگر خريد ڪجانءِ يا جيڪا شئي توهان کي وڻي.
    نيڪ تمنائون ڏيان ٿي توهان کي ته توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ته پاڪستان بجلي جي معاملي ۾ پاڻ ڀرو ٿئي.
    مون کي ڏاڍي خوشي آهي جو پاڻ کي وزٽ ڪرڻ ۽ ملڻ جو موقعو مليو . آئون پنهنجي ڪُٽنب ۽ دوستن کي سڀ ڪُجهه ٻڌائينديس پنهنجي هڪ نئين دوست، پاڪستاني جي گورڌن جي باري ۾.
    گرمجوشي مان تمنائون (پاڪستان جي حساب سان ٿڌيون تمنائون.)


    لائريٽا پيبلس



    پيارا گورڌن،
    هي ڪجهه شئي منهنجي پاران يادگيري طور آهي. انهي مان هڪ آمريڪن هيم برگر خريد ڪجانءِ يا جيڪا شئي توهان کي وڻي.
    نيڪ تمنائون ڏيان ٿي توهان کي ته توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ته پاڪستان بجلي جي معاملي ۾ پاڻ ڀرو ٿئي.
    مون کي ڏاڍي خوشي آهي جو پاڻ کي وزٽ ڪرڻ ۽ ملڻ جو موقعو مليو . آئون پنهنجي ڪُٽنب ۽ دوستن کي سڀ ڪُجهه ٻڌائينديس پنهنجي هڪ نئين دوست، پاڪستاني جي گورڌن جي باري ۾.
    گرمجوشي مان تمنائون (پاڪستان جي حساب سان ٿڌيون تمنائون.)

    لائريٽا پيبلس


    هڪ ڀائي کي مدد لاءِ ڪيل عرض! 



    ڪانفرنس جو احوال ته مٿي تفصيل سان بيان ڪري آيو آهيان هتي اهو ته منهنجي ڳوٺائي ۽ ڪلوئي شهر جي پهرئين بئنڪ آفيسر تيرٿ ڪمار هرواڻي ۽ منهنجي ڪجهه ناتجربيڪار دوستن جي چوڻ تي هليس ته ڪهڙي مدد ملي. ٿيو ايئن جو ڪانفرنس جي پُڄاڻي تي شام جو ارادو ڪيم ته مهراڻ يونيورسٽيءَ جي پبلڪ رليشنز آفيسر محترم دوست امداد سومري جي صلاح تي لنڪن ميموريل ۽ پوٽومئڪ جا ڪنارا گهُمبا. سو ٿيلهو ڪُلهي تي. 11 اسٽريٽ واري ڊيو هائوسنگ نالي واري رهائش تان نڪتس، اڳيان ايسبري يونائيٽيڊ چرچ کان ساڄي مُڙي، وائيٽ هائوس جي پُٺئين پاسي واري پارڪ کان ٿيندو. (هي اهو ئي پارڪ آهي جتي جا اسين فوٽو ڏسندا آهيون ته اوباما پنهنجي فيملي سان گڏ پيو کيڏندو آهي ۽ هڪ عدد ڪُتي کي پڻ وندرائيندو آهي.) پارڪ جي پاسن کان ٿيندو، واشنگٽن جي متارن نوريئڙن جا فوٽو ڪڍندو اڳتي وڌندو رهيس. اهي نوريئڙا بلڪل ڊنا نه ٿي ۽ ڪيمرا کي باقائده پوز ڏئي فوٽو ڪڍرائڻ ٿي لڳا. پاسي ۾ آمريڪا جي ڪامرس ڊپارٽمينٽ جي شاهي عمارت ڏسڻ جهڙي آهي.

    تقريبن ڪلاڪ کن پنڌ ڪرڻ تي وڃي ڏسان ته هڪ هٿرادو ڍنڍ آهي جتي ڪافي ساريون بدڪون پيون گهمن، ٿڌڪار لڳي پئي، پريان ٻارن جو ولر راند روند ڪري رهيو آهي. دل چيو ته لت کوڙي اِتي ئي ويهي رهجي ۽ ننڊ مان ڪي ڌڪ وٺجن. ڇو جو هاسٽل جي گرم ڪمرن ۾ مڪمل ننڊ جو ڪڏهن سُک نه ملي سگهيو. مهراڻ يونيورسٽي جي پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن لاءِ مخصوص هاسٽل جا ڪمرا ايڏا ته گرم هوندا آهن جو ڪپڙا استري نه ڪرڻا پوندا آهن، مٿن رڳو هٿ گهمائجي ته ڪپڙن مان سر نڪري ويندا ۽ جِتي برف کي برف چئي ئي نه ٿو سگهجي جو جيستائين برف جو نالو وٺبو تيستائين مڪمل پاڻي ٿي ويندي. ڀرپور ننڊ ڪرڻ جي خواهش ته پنهنجي جاءِ تي پر لنڪن ميموريل به ته لازمي ڏسڻو هو سو ڪجهه فوٽو ڪڍندو اڳتي وڌيس. جتي ويٽنام جي جنگ ۾ حصو وٺندڙ آمريڪي فوجين لاءِ يادگار ٺهيل آهي. اها يادگار هڪ ديوار وانگر ٺهيل آهي، جنهن تي انهن سمورن فوجين جا نالا لکيل آهن. يادگار تي خصوصي طور تي لکيل آهي ته هن يادگار جو باقاعده احترام ڪيو وڃي. اُتان ٿيندو ٿورو ئي اڳيان سامهون لنڪن ميموريل اوچي قد ڪاٺ سان نظر اچي رهيو آهي. کاٻي طرف سنهڙي تار وانگر نظر ايندڙ واشنگٽن مونيومينٽ آهي. جنهن کان پهريان نظر ايندڙ پاڻي جو هٿرادو تلاءُ، هڪ مستطيل شڪل ۾ ٺهيل آهي. جنهن کي لنڪن ميموريل رفليڪٽنگ پول چون. فوٽو ڪڍندي ڪڍندي، دل چيو منهنجو به هڪ يادگار فوٽو ٿي وڃي ڪيمرا سان. ڪلوئي شهر جي دوست تيرٿ هرواڻي جي ڪجهه ٽوڪڻ تي ته رڳو ڇوڪرين کان ڇو ٿو مدد وٺين يا ڪم ڪار ڪرائين، ڪجهه مرد ماڻهن کي به آزمائي ڏس، اهي به ضرور مدد ڪندا جو تنهنجو خيال ته ”زائفائون وڌيڪ دل جون صاف آهن“، اهو غلط ثابت ٿيندو. سو سندس پُرزور صلاح تي هڪ ڀائي کي عرض ڪيم ته،
    ”ڇا توهان مهرباني ڪري منهنجي هڪ تصوير ڪڍندا؟“
    همراه مون ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڏسي چيو ته،
    ”هل، ايترو ٽائيم ناهي مون وٽ.“
    انهي همراهه جي هڪ ئي ڊائلاگ مان خبر پئي ته ٻين ملڪن ۾ عام رواجي ڀائي ايئن ٿا پيش اچن، جِتي ڪٿي. ايئن به ناهي هروڀرو، پر جڏهن به توهان کي مدد گهُرجي ته مردن کان وڌيڪ عورتون ۽ ڇوڪريون جذبو رکن ٿيون ته مدد ڪجي. مرد جو خيال هوندو آهي ته هي همراهه ڪنهن ٻئي کان به مدد وٺي سگهي ٿو ته آئون پنهنجو تيل ڇو ساڙيان؟ جڏهن ته زائفائون تمام سُٺي ارادي ۽ نيڪ نيتي سان ڀرپور مدد ڪنديون آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو سڄي دُنيا ۾ فصلن، گُلن وغيره جو چونڊو صرف عورتون ئي ڪنديون آهن، جو اهي پاڻ به نفيس ته سندن طبيعت نفيس، چونڊ به نفيس ته ڪم به نفيس هوندو اٿن. لازمي آهي ته گُلن ۽ فصلن جي چونڊائي دوران تمام گهڻي احتياط جي ضرورت هوندي آهي.  


    پوٽومئڪ ندي جا کڙکٻيتا

    پوٽومئڪ ندي جا کڙکٻيتا

    مٿي بيان ڪيل همراه منهنجو فوٽو نه ڪڍي ڪري دل کي هلڪي ٺيس پهچائي ۽ آمريڪين جو ٿورو تاثر خراب ڪري ڇڏيو. آمريڪين جي اُن تاثر کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ خاطر هڪ اسڪولي ڇوڪريءَ ميدان ۾ اچي وئي. هن ڇوڪريءَ سندس ڪيمرا سان ماڻس ۽ ڀيڻس جا ڪجهه فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. جيئن ته مون کي اُن همراه جو رويو نه وڻيو سو يقينن مون کي احساس هُيو ته ايتري سولي ڪم جي لاءِ به جواب ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه آهي. هونئن به بابا جو به هميشه چوڻ هوندو هو ته، ”جيڪڏهن توهان جو ڪير محتاج يا توهان کي ڪو ماڻهو جائز ڪم چوي، ته ڪوشش ڪري پهريان اُن جو ڪم يا محتاجي ختم ڪريو، قدرت توهان کي ضرور انهي عمل جو اجر ڏيندي.“
    مون يڪدم پنهنجي ڪيمرا بند ڪري وڌي ٿيلهي ۾. کين وڏ ننڍائي ترتيب ۾ بيهاري لنڪن ميموريل ۽ واشنگٽن مونيومينٽ جو بيڪ گرائونڊ وٺي 5، 7 فوٽو ڪڍي کين ڏيکاريم ته
    ”هي ڏسو توهان جون ڪجهه تصويرون“
    سموري فيملي ڏاڍي خوش ٿي. کين پنهنجي ڪمپوزيشن جي مهارت ڏيکاري، (زوري) هلڪي داد وصول ڪئي. مهراڻ يونيورسٽي ۾ هاڻوڪي ڪانووڪيشن دوران به ساڳئي قسم جو واقعو پيش آيو، جو ٻه ڇوڪريون، هڪ جي ماءُ ۽ هڪ جو ڀاءُ بيٺل هُيا. ساڻن هڪ تمام سُٺي قسم جي ڪيمرا هُئي، جنهن سان هو پنهنجي پر ۾ ڪي يادگار تصويرون ڇِڪي رهيون هُيون...... ڪيمرا جي چڱي حد تائين واقفيت هُجڻ ڪري مون کي صاف خبر پئي ته تصويرون نه پيون ڇڪجن، صرف فوڪس ٿئي پيو بس.... مون کي ڏاڍي همدردي ٿي، پر سوچيم ته ايئن ”ٽنگ اڙائڻ“ مناسب نه آهي سو ڪجهه دير خاموش رهيس... هڪ ڇوڪري شايد سهيلي جي جدائي ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي غمگين لڳي پئي... منهنجي به دل ڀرجي آهي، سو ڊيل ڪارنيگي جي سمجهايل سبق موجب بجاءِ انهن ڇوڪرين کي انهن جي غلطي بابت ٻڌائڻ جي انهي ڇوڪري جي ڀاءُ کي سندس ڪيمرا جي غلطي بيان ڪري ٻڌايم ته،
    ”معاف ڪجو، توهان جي ڪيمرا صحيح طريقي سان تصويرون نه پئي ڇِڪي، جيڪڏهن مون کي ڏيکاريو ته سيٽنگ ٺيڪ ڪري ڏيان.“
    ڇوڪري يڪدم ڪيمرا مون ڏانهن کڻي آئي، کين سيکاريم ته
    ”هيئن بٽڻ کي پريس ڪري، ٿوري دير انتظار ڪري پوءِ ٿورو وڌيڪ زور سان ساڳيو ئي بٽڻ دٻايو ته تصوير ڇڪبي.“
    سڀ ڄڻا خوش ٿيا، آئون به. ڇوڪري ته راز به افشان ڪيو ته
    ”ڪنهن سهيلي کان يادگار لمحا محفوظ ڪرڻ خاطر اُڌاري ڪيمرا وٺي آئي آهيان.“
    مون چيو ته
    ”امڙ، ڀاڳ واري آهي جو اهڙو سهيلي ملي اٿئي، آئون ته پنهنجي ڪيمرا ڪنهن کي به اُڌاري ڪونه ڏيان...“
    سو واشنگٽن مونيومينٽ تي انهي فيملي جي تصويرن ڇِڪڻ واري انهي ڪم مان فارغ ٿي پاسي ۾ ئي موجود لنڪن ميموريل ۾ يادگاري شين واري دُڪان ۾ ويس ۽ هليو آيس، ايتري ئي دير موٽندي لڳي، جيتري توهان کي اهو جملو پڙهندي لڳي هوندي. اهو ان ڪري جو تنهن ڪري ......
    ان مهل جيئن ته هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿي رهي هُئي، حالانڪه بادل گهرا هُيا. برسات کان بچڻ خاطر اُتي موجود ماڻهن پنهنجون پنهنجون ڇٽڙيون ڪڍيون، هي ٿري همراهه مڪمل برسات شروع ٿيڻ جي انتظار ۾ ئي مينهن ڪڻين جو مزو وٺڻ لڳو. اُتان ٿيندي، پوٽومئڪ ندي وارو گس ورتم، مون کي ايئن پئي لڳو ته ان پاسي ڏانهن وڃڻ وارن ۾ آئون اڪيلو ئي آهيان. مون کي پنهنجي سوچ بلڪل مناسب لڳي ڇو جو ان وقت درياءَ جي ڪپن تي نظر گهمايم ته ڪوبه نظر نه آيو. ٿورو ئي اڳتي وڌيس ته اُتي ڇٻر تي مون کي ڪي هلڪيون اُڏامندڙ بتيون نظر آيون. سوچيم ته شايد گهڻو پنڌ ڪرڻ ڪري ۽ متان ڪمزوري جي ڪري ايئن محسوس ٿيندو هُجي. وري به وقفي وقفي سان اهي بتيون نظر اچڻ لڳيون، پوءِ مون کي ذهن ۾ آيو ته اڙي ها، هي ته کڙکٻيتا يعني ٽانڊاڻا آهن...... اسڪولي دور ۾ ڪنهن هڪ سبق ۾ پڙهيو هيوسين ته هڪ ٽانڊاڻي ڪيئن هڪ پکي جي مدد ڪري کيس گهر پهچايو ۽ اهو سبق هميشه هڪ فلم سين وانگر ياد رهيو. انهي سان گڏ ننڍپڻ واري دور جي يادگيري آهي شام جي مهل منهنجي ڳوٺ ٿرپارڪر ضلعي جي ڪلوئي شهر ۾ بازار کان واپس پنهنجي گهر ڏانهن ايندي رستي تي ڪولهين جي پاڙي جي وڏن لوڙهن تي اهي کڙکٻيتا نظر ايندا هُئا. پر ڪلوئي شهر جا کڙکٻيتا نارنگي-ڳاڙهي رنگ جا هوندا هُئا. هي پوٽومئڪ ندي جا کڙکٻيتا ٽيوب لائيٽ جي روشني وانگر هُئا. مون سوچيو ته پڪ سان هتان جا کڙکٻيتا به ترقي يافته آهن ۽ توانائي جي بچت ڪندي، هلڪي ٿڌي روشني (ايل اي ڊي LED) استعمال ڪري رهيا آهن. سو انهن کڙکٻيتن آسپاس هلڪين روشنين کي ڏسندو درياءَ جي ڪپن تان ٿيندو ٿيندو ٿڪي پيس ته پويان پير ڪيا.....
    هاڻي ايندڙ پنن تي توهان پڙهندا ته واشنگٽن جهڙي شهر ۾ هڪ اڻ ڄاڻ شخص کي واشنگٽنائي ڪيئن ٿا صبح جو سلام ڪن....


    گُڊ مارننگ جا ڦهڪا!

    گُڊ مارننگ جا ڦهڪا!

    ٿيو ايئن جو 14 جون تي(GTAP) ڪانفرنس جي پهرئين ڏينهن لاءِ تيار ٿي، ڊيو هائوسنگ جي ڪِچن مان مفت جو ناشتو ڪيم. ناشتي ۾ پين ڪيڪس هُيا ۽ 3 اِن 1 ڪافي جا ڪجهه پيڪٽ آئون پاڪستان مان کڻي آيو هُئس، اها ڪافي پي صبح جو وقت پاس ڪيو. ڊيو هائوسنگ ۾ جوتا وري ٻاهر رکيل آهن، هر ڪنهن کي جوتا ٻاهر لاهي پوءِ اندر اچڻ جي اجازت آهي. اتان جوتا پائي ٻاهر نڪتس ته هلڪي هلڪي بوندا باندي واشنگٽن جي ٿڌڙي موسم جو اعلان ڪري رهي هُئي. جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته هڪ انگريز پنهنجي ڪُتي کي گهمائي رهيو هو، جيئن ئي مون تي نظر پئي ته مسڪرائيندي چيائين،
    ”گُڊ مارننگ“
    ۽ اهو به ڪنڌ، اکين ۽ چپ جي مناسب ميل ميلاپ سان. مون به جواب ۾، ”گُڊ مارننگ“ جو فائر ڪيو. ٿورو ئي اڳتي وڌيس ته ٻه انگريزياڻيون جوگنگ ڊريس ۾ ڀڄنديون پئي آيون، انهن به مون کي مسڪرائيندي ۽ تقريبن نه ٻڌجندڙ آواز ۾، ساڳئي ئي انداز سان گُڊ مارننگ چيو. هاڻي مون کي شڪ ٿيو ته شايد منهنجي شڪل ڪنهن مشڪري ڪارٽون سان گهڻي ٿي ملي يا ته لڳان ئي ڪارٽون ٿو، جو پهريون دفعو جو ٽو پِيس پاتو هئم. اڃان ئي وڌيڪ حيرت ٿيڻ لڳي ته چڪر ڇا آهي ۽ شڪ ٿيم ته شايد فيسبوڪ تي منهنجا تمام گهڻا فوٽو هُجڻ سبب شايد آمريڪا جي هنن ماڻهن مون کي سُڃاتو آهي يا متان اڃان ئي ٻيو ڪو چڪر آهي. ڇاڪاڻ جو قائد عوام يونيورسٽيءَ جي ڪجهه سالن جي ٽيچنگ دوران اهو تجربو ٿيو توهان کي ڪاريڊور مان ويندي فقط اهي اسٽوڊنٽ سلام ڪندا جن کي يا ته توهان اُن سيمسٽر ۾ پڙهائي رهيا آهيو يا اُهي جن جي اڃان تائين رزلٽ انائونس نه ٿي آهي. جن کي پڙهائي چُڪا آهيو ۽ ان بئچ جي شاگرد کي سپلي نه لڳل آهي ته پُڻ سلام نه ڪيو ويندو. انهن سڀني مان علي اڪبر مهر شايد واحد شاگرد هوندو جيڪو هر حال ۾ هر صورت ۾ هميشه موجود هوندو هو ۽ دل سان هر ڪم ڪار لاءِ حاضر ٿي ويندو هو. سو واشنگٽن جي گُڊ مارننگ جي وٺ وٺان ٿيڻ کان پوءِ مون کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرانگي ٿي ته هر ماڻهو سان نظر جيئن ئي ملي ته همراه اڳ ۾ ئي مسڪرائي رهيو هوندو آهي، انهي ۾ گورا، گوريون، ڪارا، ڪاريون، پوڙها ۽ پوڙهيون به شامل آهن. ڪارا ته سڄو ڏينهن جتي ڪٿي فل مستي ۾ پيا ٺينگ ٽپا ڏيندا.


    واشنگٽن جون تاريخي عمارتون



    واشنگٽن ڊي سي جي سڀ کان مشهور عمارتن ۾ وائيٽ هائوس (White House)، هوائي ۽ خلائي جو ميوزيم (National Air and Space Museum)، ويٽنام فوجي يادگار (Vietnam Veterans Memorial)، قومي فنون لطيفه گيلري (National Gallery of Art)، ڪينيڊي سينٽر (Kennedy Center)، آرلنگٽن جو قومي قبرستان (Arlington National Cemetery)، واشنگٽن نيشنل گرجا گهر (Washington National Cathedral)، واشنگٽن يادگار (Washington Monument)، لنڪن يادگار (Lincoln Memorial)، ۽ يو ايس ڪئپيٽول (US Capitol) شامل آهن.

    دي مال ۽ فيڊريل ٽرائنگل نالي هڪ علائقي ۾ ڪافي تعداد ميوزيم ۽ ڏسڻ وٽان جايون موجود آهن، جيڪي Smithsonian Institution جي نالي سان سڏيون وڃن ٿيون. اهو ادارو سنه 1829ع ۾ جيمز سمٿسن (James Smithson, 1765-1829) نالي انگريز جي وراثت ۾ ڇڏيل ڪافي معدنيات، ڪتاب ۽ اٽڪل 5 لک ڊالر رقم مان قائم ڪيو ويو. دي مال نالي علائقو اندازن 4 ڪلوميٽر تائين ڪئپيٽول بلڊنگ کان پوٽومئڪ ندي تائين پکڙيل آهي.

    جيڪڏهن ڪو همراهه سُٺي طريقي سان دي مال ۽ فيڊرل ٽرائنگل وارا علائقا (جتي ميوزيم ۽ تفريح جوڳيون شيون چڱي تعداد ۾ آهن.) گهمڻ چاهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن مخصوص ڪري. هڪ ته هروڀرو ڪا شئي گهمڻ کان رهجڻ جو گهٽ امڪان ٿيندو، ٻيو ته شين کي سُٺي نموني جاچي ۽ غور ڪري سگهجي ٿو. ميوزيم صرف ڏسڻ ۽ شين کي هٿ لائڻ لاءِ نه هوندو آهي، بلڪه ٿورو غور ۽ فڪر جي به ضرورت هوندي آهي ته انهي دور جا ماڻهو ان شئي کي ڪيترو نه اهم سمجهندا هوندا! انهي ڳالهه جو اندازو صرف انهي ڳالهه مان لڳايو ته اڄ کان ٽيهه سال کن اڳ منهنجي مرحوم نانيءَ پهريون ڀيرو فون تي منهنجي وڏي ڀاءِ سان ڳالهايو ته جيڪو ان وقت ڪوئيٽا شهر ۾ هيو ته ناني پُڇيو هو ته ابا ٻڪري ٺيڪ آهي، جو ڪجهه ڏينهن اڳ امان پنهنجي مائٽن ويل هُئي ۽ ناني کي ٻڌايو هُئائين ته اسان جي ٻڪري ٺيڪ نه آهي. وڏي ڀاءُ کيس وراڻيو ته ناني آئون ڪوئيٽا ۾ آهيان، 1000 ڳاهُو پري. جنهن تي ناني ته صفا حيرت ۾ وٺجي وئي هُئي ته هڪ دٻي مان ئي ايترو پري کان آواز ڪيئن ٿو اچي.... جڏهن ته هن دور ۾ واشنگٽن مان پنهنجي ڏاڏي سان ٿو ڳالهايان ته چوي ٿي ته ماني کاڌئي، ابا؟ 14 ڪلاڪن جي جهاز جي مسلسل سفر جيترو پري واري شهر مان ايئن فون ذريعي ڳالهائڻ تي کيس ذرو به حيرانگي نه ٿي ٿئي جو هاڻي ته اها ته صفا عام ڳالهه ٿي وئي آهي ۽ ڏاڏي چوي ته ابا ٽيلي نار جا سگنل صحيح ٿا هلن، يو فون صحيح ڪم نه ٿي ڪري. يا ايئن کڻي چئجي ته پراڻي دور ۾ بادشاهه به ٽانگي تي چڙهي سواري ڪندو هو ته ان لاءِ تمام وڏي ڳالهه هوندي هُئي ۽ هاڻي ته يوسي ڪائونسل جي مخصوص سيٽ لاءِ متوقع اميدوار به ڪاري رنگ جي ڊبل ڪئبن واري گاڏي تي وڏي ٺٺ ٺانگر سان گهمي ڦري سگهي ٿو، ته به ڪا خاص ڳالهه نه ٿي لڳي.....
    چوڻ جو مطلب اهو اهي ته انهي شئي جي انهي ميوزيم واري شڪل ۾ اچڻ ۾ به ڪيتري محنت لڳي هوندي، ڪيترا ذهن لڳا هوندا، ڪيتري عرصي جي جاکوڙ ۽ کوجنا بعد اها شئي معرض وجود ۾ آئي هوندي... جيئن قومي هوا ۽ خلا واري ميوزيم ۾ چنڊ تان آندل پٿر کي ڇهڻ مهل محسوس ٿيو، ته ان پٿر کي هتي پهچڻ ۾ ڪيڏو نه پئسو، ذهن، وقت ۽ ذريعا استعمال ٿيا هوندا !!!!...... وري به ٿي سگهي ٿو ته ايتري ترقي ٿيندي وڃي جو انهي چنڊ جي پٿر جي اهميت به ڏاڏي جي فون جهڙي ٿي وڃي....


    واشنگٽن جا ميوزيم 

    صاف ظاهر آهي ته مون جهڙي هڪ شاگرد ماڻهو لاءِ اها تمام وڏي خوشخبري هُئي ته واشنگٽن جي ميوزيم ۾ داخلا بلڪل مفت آهي، سواءِ هڪ ٻن جي...... اصل ۾ اها خوشخبري مون کي تُرڪي جي هاجيتيپي يونيورسٽي جي پروفيسر ميڊم ميري آئڊينالپ ڪوڪسل ڏني. تُرڪش گورنمينٽ جي فيلوشپ دوران انقره جي هاجيتيپي يونيورسٽي ۾ گذاريل وقت دوران ميڊم سُڃاڻي ورتو ته گورڌن گهمڻ ڦرڻ جو شوقين آهي، سو هر جمعي تي آفيس مان نڪرڻ وقت مون کان اهو ضرور پُڇندي هُئي ته هن ڇنڇر آچر تي ڪيڏانهن گهمڻ ويندين؟ ڇو جو کيس اها پڪ هُئي ته ٻين وانگر سستي نه ڪندو ۽ پنڌ ئي نڪري ويندو ڪيڏاهن گهمڻ ڦرڻ. سو هن ڀيري کيس جڏهن ٻڌايم ته ڄامشوري مان واشنگٽن پيو وڃان ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ ۽ پنهنجو تحقيقي مقالو پيش ڪرڻ. پهريان ته ڏاڍي خوشي ٿي مون کي واڌايون ڏنائين ۽ مون کي واشنگٽن گهمڻ ڦرڻ دوران گهٽ کان گهٽ خرچ ٿيڻ جي خوشخبري ڏني.
    شايد دنيا ۾ چند اهڙا شهر هوندا جتي ايترا ميوزيم ۽ آرٽ گيلريون هُجن، جيترا هِتي واشنگٽن ۾ آهن. دي مال نالي علائقو ته جهڙو ميوزيم ۽ آرٽ گيلرين جو مڪمل ڳوٺ هُجي! ساليانو لکين ماڻهو انهن ميوزيم جو دورو ڪن ٿا. دورو ڪندڙ ماڻهن جو ساليانو تعداد جاچڻ لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃو.


    اهي ميوزيم گهمندي گهمندي ماڻهو ٿڪيو پوي، ڇو ته هڪ ته اهي بغير ٽڪيٽ جي آهن، ٻيو ته لڳاتار هڪ ئي قطار ۾ آهن. سڀني ميوزيمن کي گهمڻ جو هڪ بهتر طريقو اهو آهي جو ڪاغذ تي پرنٽ ٿيل نقشو هٿ ۾ هُجڻ کپي، جيڪو ميوزيم ڏسي وٺجي ان کي نقشي تي نشان لڳائي اڳتي نڪرجي. سڀني ميوزيم ۾ واءِ فاءِ انٽرنيٽ جي سهولت مفت موجود آهي، مٺي پاڻي جا جتي ڪٿي نلڪا لڳل آهن، جن مان هر وقت صاف شفاف ۽ مٺو پاڻي پي سگهجي ٿو. هڪ محتاط اندازي موجب واشنگٽن جي جون مهيني واري گهميل موسم ۾ روزانو 10 کان 20 لٽر پاڻي پيئڻ جي ضرورت آهي، صاف پاڻي جي 250 ملي ليٽر واري بوتل هڪ ڊالر يعني 106 روپين جي ملي ٿي. ان حساب سان روز 40 کان 80 بوتلون پاڻي جو کپن، يعني روز جو 4000 کان 8000 روپين جو رڳو پيئڻ وارو پاڻي کپي.... اهو انهن لاءِ جيڪي مون وانگر پنڌ هلن ۽ هر شئي تي نظر رکن ۽ ڪابه عمارت يا ميوزيم وغيره لازمي طور ڏسن.
    دي مال ۽ فيڊرل ٽرائنگل نالي علائقي ۾ قائم ڪيل ميوزيم کي گهمڻ ۾ مون کي هڪ پورو ڏينهن لڳو، جيتوڻيڪ آرٽ وارن ميوزيم تي گهٽ ڌيان ڏنم. هتي هر ميوزيم بابت ٿورو احوال ڏبو:
    1. آمريڪي انڊين جو قومي ميوزيم (National Museum of the American Indian):
    سنه 2004ع ۾ کُليل هي ميوزيم آمريڪا جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهي، جنهن ۾ اصلوڪي رهاڪن سان 1200 کن مختلف تهذيبن ۽ دورن سان لاڳاپيل 266،000 نوادرات، جيڪي 12،000 سال تائين جا پُراڻا آهن. يادگار تصويرن واري سيڪشن ۾ سنه 1860ع کان وٺي هيستائين جون تقريبن 324،000 تصويرون موجود آهن. ايئن چئجي ته هي ميوزيم آمريڪا جي مڪمل تاريخ آهي.
    2. نيشنل گئلري آف آرٽ (National Gallery of Art):
    سنه 1941ع ۾ قائم ڪيل نيشنل گئلري آف آرٽ مغربي آرٽ ۽ مجسمه سازي جو آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي گئلري آهي. هن گئلري ۾ ويهين صدي کان اڳ جو يورپين آرٽ، جن ۾ اطالوي، ڊچ، هسپانوي، فرانسيسي، برطانوي، ۽ آمريڪي شامل آهن، جي نمائش لاءِ رکيل آهي. ڪو شڪ نه آهي بهترين آرٽ هوندو، پر مون کي نه وڻيو ان ڪري پنج منٽن ۾ اهو ميوزيم گهُمي ورتو.
    3. قومي هوائي ۽ خلائي جو ميوزيم (National Air and Space Museum):
    هڪ سائنس ۽ انجنيئرنگ جي شاگرد کي هوا ۽ خلا ۾ اڏام ۽ کوجنا خاطر تيار ڪيل مختلف شين سان ڀرپور ميوزيم کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شئي وڌيڪ سُٺي لڳندي...... انسان جي هوا ۾ اُڏام جي پراڻي خواهش خاطر ڪيل کوجنا يعني هوا بازي سان لاڳاپيل اٽڪل 30،000 کن نوادرات، جڏهن ته ٻين سيارن، چنڊ ۽ تارن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي تجسس خاطر ڪيل محنتن يعني خلا سان لاڳاپيل 9،000 کن نوادرات سان سينگاريل هي ميوزيم (اُن ڏينهن جي رش کي سامهون رکندي) مون کي لڳي ٿو سڀ کان وڌيڪ مقبول ميوزيم هوندو. سڀ کان وڌيڪ گهما گهمي رائٽ برادرز جو ٺاهيل دُنيا جي پهرئين جهاز، انجڻ واري دُنيا جي پهرئين جهاز، اپولو 11 جي ڪمانڊ ماڊيول (جنهن ۾ چنڊ تي پهريون قدم رکندڙ انسان، نيل آرمسٽرانگ سفر ڪيو هو) تي هُئي. ٻين سائنس جي ٻارن وانگر مون کي به چنڊ تان آندل هڪ پٿر کي ڇُهڻ ڏاڍو سُٺو لڳو...... دل مطمئن ڪرڻ خاطر چنڊ تان آندل پٿر کي ٻه دفعا هٿ لاهي ڏٺم..... ٻيا به ٻار ايئن ئي هُيا.....
    4. آمريڪي تاريخ ۽ تهذيب جو قومي ميوزيم (National Museum of American History and Culture):
    آمريڪي معاشري، مذهب، سول رائٽس، غلامي، فنون لطيفه جي اٽڪل 37000 نوادرات (سڪن کان وٺي جوتن تائين) سان سينگاريل هي ميوزيم سنه 1964 ع ۾ قائم ڪيو ويو.
    5. هرشورن ميوزيم ۽ مجسمن جو باغ (Hirshhorn Museum and Sculpture Garden):
    مجسمن ۽ جديد آرٽ سان سلهاڙيل هي ميوزيم واقعي عجيب و غريب نمونن سان ٽمٽار آهي. هر نمونو ٻئي کان وڌيڪ جاذب نظر آيو ۽ سوچڻ تي مجبور پئي ڪيائين. ٻاهر نڪرڻ لاءِ گهٽي نه پئي سُجهي، سو هڪ گارڊ کان مدد ورتم ته هُن ڏس ڏنو. ايترو وقت نه پئي سُجهيو، جو هڪ هڪ فن پاري تي گهرائي سان سوچجي ته آرٽسٽ ڇا ٿو چوي، سو ”سلام ٺوڪ ڪه چلا آيا......“ باقي ايترو ضرور هو ته 12000 کان مٿي فن پارا رکيل هُئا، جيڪي اوڻهين صدي کان هيل تائين جا ٺهيل هُئا، جن ۾ فن پارا، مجسما، تصويرون، وڊيوز، ۽ پيپر ورڪ شامل هُئا.
    6. نيچرل هسٽري جو قومي ميوزيم (National Museum of Natural History):
    هن ميوزيم جي رڳو بلڊنگ ئي 15 لک چورس فوٽن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڏيڍ سئو سالن کان وٺي تاريخ ۽ قدرت تي تحقيق ڪندڙن جا گڏ ڪيل ٻارنهن ڪروڙ کان مٿي نمونا رکيل آهن، جيڪي لکين ڪروڙين سال پُراڻا آهن.... انهن گڏ ڪيل نمونن ۾ پهڻ، معدنيات، پٿر، ٻوٽا، جانور، اوزار ۽ آرٽ شامل آهن. قدرت ۽ تاريخ جي موضوع سان قائم ڪيل هن ميوزيم هڪ هزار کان مٿي ملازم آهن، جن 150 ته فل ٽائيم تحقيق دان آهن، جن جو ڪم تحقيق کي اڳتي وڌائڻ آهي.
    هن ميوزيم جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه لڳائي سگهجي ٿو ته سنه 2016ع ۾ 71 لک ماڻهن دورو ڪيو.
    7. يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم (United States Holocaust Memorial Museum):
    سنه 1933ع ۾ جرمني ۾ آيل نازي حڪومت طرفان وڏي سازش، بيوروڪريسي جي تعاون سان، اٽڪل سٺ لک کن يهودين جي ٿيل قتلِ عام جي باري ۾ واشنگٽن ڊي سي ۾ هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم قائم ٿيل آهي. ميوزيم پاران مهيا ڪيل ڪتابچي ۾ لکيل آهي ته جرمن پاڻ کي اعلي نسل، جڏهن ته يهودين کي اڇوت سمجهندا هُئا. تاريخ جي پيش آيل وڏن واقعن مان هڪ هولوڪاسٽ جي باري ۾ قائم ڪيل انهي ميوزيم ۾ داخلا فري آهي...... هولوڪاسٽ ميوزيم جو اصل مقصد شهرين کي نفرت سان مقابلي، نسل ڪُشي جي خاتمي ۽ انسان جي عظمت بابت انسپائر ڪرڻ آهي. هولوڪاسٽ بابت قائم انهي ميوزيم ۾ ڪم ڪندڙ تقريبن سمورا ملازم هولوڪاسٽ مان بچيل يهودين جا اولاد آهن ۽ بغير پگهار تي واري واري سان ڪم ڪن ٿا. رسيپشن تي داخلا واري رسيد جي تصديق ڪرڻ وارن ۾ هڪ پنجين ڪلاس جو ٻارڙو به شامل هو. ان کان پُڇيم ته توهان ڇا پيا محسوس ڪريو هِتي ڪم ڪندي؟ چيائين ته هي منهنجي انٽرنشپ آهي هڪ هفتي جي ۽ سُٺو پيو محسوس ڪريان جو ايترا سارا مختلف ماڻهو روز ٿا اچن. پاسي ۾ هڪ ٻي وچولي عمر جي عورت مون کي سندن ڪم ڪار ۾ دلچسپي ڏسي پاڻ ئي ويجهو آئي ۽ انٽرنشپ ۽ بغير پگهار جي ڪم ڪار بابت ٻڌائڻ لڳي، ته ڪيئن سندس پاڙي وارا واري واري سان هتي ڊيوٽي ڏين ٿا، ٻار توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد.
    هولوڪاسٽ بابت هن ميوزيم ۾ گئس چيمبر ۽ اجتمائي قبرن جا ماڊل ٺهيل آهن. گڏوگڏ، ٿيل تشدد جي انگن اکرن، تصويرن ۽ ان دور جي گڏ ڪيل شين جي هڪ وڏي تعداد سان ڀريل هن ميوزيم کي بغير مسواڙ واشنگٽن جي نيو مال علائقي ۾ 1993ع ۾ قائم ڪيو ويو. هولوڪاسٽ مان بچيل ٻارن جي لکيل ڊائرين ۽ خطن جو پڻ هڪ وڏو تعداد محفوظ ڪيل آهي.
    8. واشنگٽن مونيومينٽ (Washington Monument):
    555 فوٽ اوچو واشنگٽن مونيومينٽ، واشنگٽن ڊي سي جي سڀ کان اهم ترين عمارتن مان هڪ ۽ اوچي ۾ اوچي عمارت آهي. جيڪا 129 سال اڳ سنه 1888ع ۾ قائم ٿي. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهو مونيومينٽ ٺاهڻ جو پلان 1783ع کان شروع ٿيو، جڏهن ته قائم ٿيل عمارت اصل ڊزائن کان هٽي ڪري آهي. آگسٽ 2011ع ۾ آيل زلزلي سبب عمارت ۾ ڏار پئجي ويا هُئا، جن کي ڏيڍ ڪروڙ ڊالر خرچ ڪري وري اصل شڪل ۾ واپس آندو ويو. جيتوڻيڪ هن عمارت ڏانهن ٻه دفعا ويس ته جيئن ان جي چوٽي تان واشنگٽن شهر ۽ ان سان لاڳاپيل 30 ميل پري تائين جو نظارو ڪري سگهان، پر ٻنهي ڀيري ايڏي ته رش هُئي جو مٿي چڙهڻ جو وارو ئي نه مليو نه ڪو ٽڪيٽ ملڻ جو ڪو آسرو ٿي لڳو. اُتي مهيا ڪيل ڪتابچي مان خبر پئي ته لفٽ به لڳل اٿس، گڏوگڏ مٿاهين تي پهچڻ لاءِ 897 ڏاڪڻيون به ٺهيل آهن. بجلي تي هلندڙ هاڻوڪي لفٽ کان اڳ اُتي ٻاڦ تي هلندڙ لفٽ لڳل هُئي جنهن ذريعي اونچائي تائين پهچڻ خاطر ويهه منٽ لڳندا هُئا، جڏهن ته بجلي واري لفٽ ۾ فقط هڪ منٽ ٿو لڳي....
    9. لنڪن ميموريل (Lincoln Memorial):
    ابراهام لنڪن کي آمريڪا جو سڀ کان وڌيڪ مقبول رهندڙ صدر سمجهيو وڃي ٿو. ابراهام لنڪن کي آمريڪا جي سڀ کان ڏکئي وقت سول وار يعني گهرو جنگ مان ٻاهر ڪڍي اچڻ لاءِ مک ڪردار ادا ڪيو. هن آمريڪا جي اتحاد کي بچايو، معيشت کي جديد خطن تي استوار ڪيو، حڪومت کي مضبوط ڪيو ۽ غلامي کي ختم ڪيو. سندس اهڙي مرڪزي ڪردار کي مڃتا ڏيڻ خاطر واشنگٽن ۾ پوٽومئڪ ندي جي ڪناري تي 99 فوٽ اوچو يادگار قائم آهي، جنهن ۾ سندس 19 فوٽ اوچو ويٺل حالت وارو مجسمو به سجايل آهي. ابراهام لنڪن جي وقت ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ 36 رياستون هيون، جنهن ڪري سندس يادگار جا پڻ 36 ٿنڀا آهن. لنڪن ميموريل کي هڪ سال ۾ اندازن 60 لک ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا.
    مجسمي جي مٿان هي عبارت لکيل آهي؛

    IN THIS TEMPLE
    AS IN THE HEARTS OF THE PEOPLE
    FOR WHOM HE SAVED THE UNION
    THE MEMORY OF ABRAHAM LINCOLN
    IS ENSHRINED FOREVER

    10. (Vietnam Veterans’ Memorial): ويٽنام جي غازين جي يادگار
    ويٽنام جي غازين جي يادگار جي ڊزائن ٺاهڻ جي مقابلي ۾ اٽڪل 1400 ماڻهن حصو ورتو، جنهن ۾ يالي يونيورسٽي جي آرڪيٽيڪچر ڊپارٽمينٽ جي مايا لِن جي ٺاهيل هڪ ڊزائن کي چونڊيو ويو، جيتوڻيڪ انهي پروجيڪٽ تي سندس پروفيسر بي گريڊ ئي ڏنو. مايا جي ڊزائن موجب ٻه ٽڪنڊيون ڪاري رنگ جو ديوارون جيڪي پاڻ ۾ 125 ڊگرين جي ڪُنڊ تي جُڙيل ۽ زمين ۾ کُپيل هُجن جن تي 58000 آمريڪي فوجين (جيڪي ويٽنام جي جنگ 1959 کان 1975ع تائين دوران مارجي ويا هُئا) جا نالا اُڪريل هُجن. هرنئين ڳالهه ۽ نئين ڪم جا مخالف ته جتي ڪٿي هوندا آهن، سو هن يادگار تي ماڻهن اعتراض واريا ته ڪو مجسمو هُجي ها ته سُٺو ٿئي ها يا ڪا بلڊنگ ٺاهجي ها. اهڙن ماڻهن کي جواب ڏيڻ کان بهتر اهو سمجهيو ويو ته ٽن سپاهين جو هڪ مجسمو ٺاهي انهي يادگار جي پاسي ۾ هنيو ويو.


    وائيٽ هائوس 

    تقريبن سموري دنيا تي پنهنجي دانائي ۽ هنرمندي سبب ذري گهٽ حڪمراني ڪندڙ ملڪ آمريڪا يعني يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي صدر جي رهائشگاهه يعني وائيٽ هائوس واشنگٽن ۾ آهي. اٽڪل 200 سالن کان موجود انهي بلڊنگ جا 412 دروازا ۽ 147 دريون آهن.... وائيٽ هائوس آمريڪي صدر ۽ ان جي خاندان جي نه رڳو رهائشگاه پر سرڪاري آفيس به آهي، جنهن جي ايڊريس 1600 پينسلوانيا ايوينيو، نارٿ ويسٽ، واشنگٽن آهي.
    وائيٽ هائوس جي تعمير خاطر جارج واشنگٽن سنه 1790ع ۾ هن جڳهه کي پسند ڪيو. وائيٽ هائوس جي طرزِ تعمير لاءِ مقابلو منعقد ڪيو ويو هو جنهن ۾ 9 ڊزائينون شامل هيون ۽ آئرلينڊ جي آرڪيٽيڪٽ جيمز جي هوبان جي تجويز ڪيل ڊزائن کي سليڪٽ ڪيو ويو. صدر جي رهائش ۽ آفيس جي تعمير سنه 1800ع ۾ ٿي، جنهن جو ڪُجهه حصو 1814ع ۾ انگريزن يعني برطانوين ساڙي ڏنو هو. سنه 1901ع ۾ تنهن وقت جي آمريڪي صدر ٿيوڊور روزويلٽ انهي بلڊنگ جو نالو تبديل ڪري وائيٽ هائوس رکيو.
    هن وقت 6 منزلن واري وائيٽ هائوس ۾ 132 ڪمرا، 35 باٿ روم آهن، جڏهن ته 18 ايڪڙن تي ٻڌل کُليل علائقو آهي جتي پاڻي جا ڦوهارا، وڻ ۽ باغيچا آهن. وائيٽ هائوس جي آسپاس واريون عمارتون طرزِ تعمير ۽ تاريخ جو شاندار نمونو آهن، جن ۾ خزاني جي بلڊنگ، آئزن هاوور ايگزيڪيوٽو آفس بلڊنگ، رينوِڪ گيلري ۽ ڊاٽرس آف آمريڪن ريووليوشن (آمريڪي انقلاب جون ڌيئرون) ڏسڻ وٽان آهن. هتي ڏنل تصوير وائيٽ هائوس جي سامهون واري پاسي جي آهي، جتي هرڪو اچي وڃي سگهي ٿو، جتي ڪافي تعداد ۾ سيڪيورٽي وارا چاڪ و چوبند اهلڪار جاسوسي ڪتن سان گڏ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي ويجهو کان تلاشي وٺندا رهندا آهن. جيتوڻيڪ وائيٽ هائوس جو مخصوص ڪيل حصو عوام جي ڏسڻ لاءِ کُليل آهي، پر ان لاءِ قطار ۾ بيهي ٽڪيٽ وٺڻو ٿو پوي. اها قطار چڱي خاصي ڊگهي هوندي آهي.
    وائيٽ هائوس بابت هڪ ڪتابچي ۾ لکيل هُيو ته جيتوڻيڪ اُتي موجود فرنيچر پُراڻو نظر پيو اچي جيڪو تقريبن 200 سال پراڻو آهي، جنهن کي مناسب سار سنڀال سان اڄ تائين به ڪتب آندو پيو وڃي. ديوارن تي آمريڪا جون سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ قيمتي پينٽنگز نمايان آهن، جڏهن ته ڪجهه پورٽريٽ آمريڪي صدور ۽ خواتين اول جا پڻ لڳل آهن. وائيٽ هائوس جي پُٺئين پاسي ڇٻر سان ڍڪيل وڏو کليل ميدان آهي، جيڪو اسان اخبارن وغيره ۾ ڏسندا آهيون ته آمريڪا جو صدر پنهنجي گهرڀاتين يا ڪُتن سان گڏ پيو کيڏندو آهي.

    مشهور پهاڪو آهي ته پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، پر وائيٽ هائوس جي رهاڪن لاءِ ايئن بلڪل ناهي. ڇو جو هر مهيني جي آخر تي صدر کي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ذاتي کاڌي ۽ ٻين خرچن جهڙوڪ ڪپڙن جي ڌلائي کان وٺي ٽوٿ پيسٽ تائين جو بل ڏنو ويندو آهي. اهو بل صدر جي سالياني پگهار مان ڪٽيو ويندو آهي. هڪ ٻي حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي جو هر هفتي وائيٽ هائوس گهمڻ خاطر اٽڪل 30000 ماڻهو ۽ 65000 خط پٽ اچن ٿا! 4000 کن فون ڪال، هڪ لک اي ميلون به هفتيوار اچن ٿيون.


    تاريخي يونين ريلوي اسٽيشن 

    تاريخي يونين ريلوي اسٽيشن سنه 1907ع ۾ کولي وئي. هن اسٽيشن جي عمارت يعني 96 فوٽ اوچي ڇِت واري بئوز آرٽس بلڊنگ جي خاص ڳالهه اها آهي جو اڃان سوڌو اها بلڊنگ مڪمل طور استعمال هيٺ آهي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو وڏو ذريعو آهي. حالانڪه 1950ع کان اڳ تائين ۽ جهاز جو سفر عام جام ٿيڻ کان اڳ يونين اسٽيشن ٻين شهرن کان ايندڙ ويندڙ مسافرن ۾ تمام گهڻو مقبول هُئي. بئوز آرٽس بلڊنگ روم جي طرزِ تعمير هيٺ ٺهيل آهي، جنهن جي ٺهڻ کان پوءِ 40 سالن تائين واشنگٽن جي ٺهندڙ هر نئين عمارت تي اثر نمايان هو. هن وقت يونين اسٽيشن تي واشنگٽن ۾ ٻئي نمبر تي گهڻي ۾ گهڻا سياح گهمڻ اچن ٿا.

    مون به پنهنجي هاسٽل کان پنڌ ئي پنڌ يونين اسٽيشن ڏانهن سفر شروع ڪيو، جيڪو ڏيڍ ميل کن پري هو، پر رستي تي هِتان هُتان جو تصويرون ڪڍندي مون کي تقريبن هڪ ڪلاڪ کان مٿي وقت لڳو. رستي تي هڪ چڙهائي وارو سين مون کي ڏاڍو وڻيو جتان گاڏيون اوچتو ٿي نظر آيون اهي به اسپيڊ ۾!!! واشنگٽن ۾ پنڌ هلڻ دوران مون کي پهريون دفعو مون کي ٿورو گهڻو ڊپ لڳو جڏهن ڏٺم ته اهي واشنگٽن جا واندا يعني ٿلها متارا شيدي جام رستن جي پاسن کان ويٺا هُئا ۽ ٻيو ماڻهن جي اچ وڃ گهٽ پئي نظر آهي. رستو ٿورو سُڃو شايد ان ڪري به هو جو مون شارٽ ڪٽ اختيار پئي ڪيو.

    يونين اسٽيشن جا ٻاهران ست فٽ ڊگهو ۽ اٺ ٽن وزني هڪ وڏو گهنڊ (American Legion Freedom Bell) به رکيل آهي، جيڪو آزادي جي علامت طور رکيو ويو آهي. يونين اسٽيشن تي هڪ تمام بهترين قسم جو پريزيڊينشل سوٽ ٺاهيل آهي جيڪو ، صدر، ڪانگريسي ميمبرن ۽ ٻين وڏي عهدي رکندڙن لاءِ مخصوص آهي. جڏهن ته عام مسافرن لاءِ به هڪ کان هڪ بهترين سهوليتون يعني 130 دُڪانن تي ٻڌل شاپنگ سينٽر، ريسٽورانٽ، انٽرٽينمينٽ وغيره موجود آهن. فرش ايڏو ته صاف سُٿرو ۽ جون جي مهيني ۾ به ٿڌو هُيو جو مون به لڏو لاهي ڪجهه آرام ڪيو ۽ مفت جي واءِ فاءِ استعمال ڪرڻ جو فرض نڀايو.


    برائن ايڪنس جو ٽرين ۾ وسري ويل باجو! 

    اصل ۾ روز ايترا يادگار واقعا پئي پيش آيا جو پُراڻن قصن کي ڇڏي نئين ڳالهه جي باري ۾ وڌيڪ دل ٿي ڪري ته بيان ڪجي. اڄ صبح جو ارادو هيو ته نيو يارڪ وڃجي، ڏاڍو اسٽيچيو آف لبرٽي گهمبو، ٽائمز اسڪوائر جا چڪر هڻبا جتي ڪجهه ڏينهن اڳ آسٽريليا جي جڳ مشهور ۽ ڪرڪيٽ جو هارڊ هِٽر رانديگر ڊيوڊ وارنر کي ڪجهه ڏينهن اڳ گهمندي ڏٺو ويو هو... پر پوءِ وري ليپ ٽاپ تي سرچ ڪيم، بس جو روٽ، هاسٽل جا اگهه پار، بڪنگ، ميٽرو جا رستا سڀ سرچ ڪيم، ته اندازو ٿيو ته ڳالهه ڳري آهي. ٻن ڏينهن ۾ نيو يارڪ جو چڪر هڻڻ ۽ واپس اچي واشنگٽن مان جهاز ۾ چڙهڻ.... بُنڊ ڳرو لڳو..... حالانڪه ان سان گڏ اهو ڪالهه پلان ڪيو هو ته 11 وڳي اوهايو جي ڇوڪريءَ ڪيٽي سان گڏ چڙيا گهر گهمڻ ۽ ان کان پوءِ ميڪر فيئر نالي روبوٽن جو ميلو گهمڻ وڃبو. پر نيو يارڪ جو پروگرام ڪينسل ٿيڻ سان گڏ ملاقات ٿي هيديا سان. هيديا 50 سالن کن جي ٿيندي سئيزرلينڊ سان واسطو رکي ٿي ۽ پاڪستان مستقل طور تي ايندي رهي آهي. هيديا سان وڌيڪ ٿيل ڳالهيون ايندڙ ڪنهن باب ۾ بيان ڪبيون، هتي ساڻس پينٽاگون کان پوءِ آرلنگٽن سيميٽري جي چڪر دوران پيش آيل واقعي جوذڪر ڪبو. پينٽاگان گهمي ڪري اسان بليو رنگ جي ميٽرو ۾ چڙهياسين. جتي ڪو ولر هو ماڻهن جو سڀ گروپ ۾ ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ اُتاولا هيا. ميٽرو ۾ ڏاڍي گهما گهمي هُئي. ته هڪ ٿلهي متاري مائي (جيڪا اسٽيشن مينيجر هُئي) اچي پڙهو ڏنائين ته هي ميٽرو صرف ۽ صرف آرلنگٽن سيميٽري ويندي، جنهن کي به ٻئي پاسي ڪيڏانهن وڃڻو هُجي اهو ٻي ڪنهن رنگ جي ميٽرو ۾ چڙهي وڃي. ويچاري جو ڪاڪڙو لهي ويو پر اهو ولر ڪا ڳالهه سمجهي ئي نه پيو. پوءِ اسان به انهن مان هڪ ٻن کي چيو سين ته ادا هي گاڏي فقط آرلنگٽن ويندي. توهان جي بيهڪ مان لڳي ٿو ته توهان کي اوڏانهن ناهي وڃڻو. تڏهن وڃي کين سمجهه ۾ آيو ۽ سڀ لهي ويا، فقط ڪجهه مسافرن کي ڇڏي ڪري. اِتي مون اهو اندازو لڳايو ته آمريڪا جي هڪ شهر کي ڇڏي ٻئي شهر ويندڙ همراه ٿورو منجهي پون ٿا. اهڙا ٻه ٽي واقعا منهنجي سامهون پيش آيا.
    ولر جي ايئن تڙ تڪڙ ۾ لهڻ ۽ هڻ وٺ ٿيڻ کان پوءِ اسان کي ويهڻ لاءِ جاءِ ملي. جيئن ئي در بند ٿيڻ لڳا ميٽرو جا ته منهنجي اک پئي هڪ گِٽار يا باجي جهڙي ٿيلهي تي. مون هيديا کي هڪل ڪئي متان اهو ٿيلهو انهن همراهن مان ڪنهن جو هُجي. سو گِٽار کڻي ميٽرو جي شيشي مان انهي ولر کي ڏيکاريو ته اسان وٽ محفوظ آهي. شڪر اهو جو پينٽاگون کان آرلنگٽن تائين هڪ ئي اسٽاپ آهي، يقينن يا ته اُهي ضرور ٻي ايندڙ گاڏي ۾ اسان کان اچي پنهنجي امانت وصول ڪندا. نه ته مون کي مسٽر بين واري فلم مسٽر بينس هاليڊي به ياد اچي وئي جنهن ۾ روون ايٽڪنسن سان جيڪا حالت ٿيندي آهي اها ته تاريخي آهي. آرلنگٽن تي لٿاسين ته مون هيديا کي چيو ته پاڻ کي واپس پينٽاگون هلي، هي باجو انهن همراهن کي واپس ڪرڻ گهُرجي. ڇو جو هو اسان جو پيڇو نه ڪندا ۽ ناممڪن آهي جو اُهي اسان کي ايئن ڳولهي سگهن. ساڳئي ٽڪيٽ ۾، ساڳئي پليٽ فارم تان، ساڳئي واپس ويندڙ ٽرين ۾ ويهي پينٽاگون پهتاسين ته اسان کي ڪُڪڙون ڪون نظر آئي. اسان کي به پريشاني ٿي ته هيڏو قيمتي باجو هڪ سڄي ساري گروپ وارا ڪيئن ٿا ڇڏي سگهن. ٿُلهي متاري اسٽيشن ماسٽر کي ٻڌايوسين ته هي چڪر آهي. ان ٻڌايو ته هو سامهون ڇوڪرو بيٺو آهي، هي باجو انهي جو آهي. ڇوڪري کي هڪل ڪئيسين ته ويچارو ڊوڙندو آيو ۽ ايندي شرط اچي زوردار ڀاڪر پاتائين باقائده چُميون ڏيڻ لڳو. وري وري ڀاڪر پائي، گڏ هڪ ڏاڏو به هو، سندس گروپ جو، اهو به بار بار اسان کي ڀاڪر پائي. چون ته يار اسان کي ته يقين ئي ڪونه ٿو اچي ته باجو اسان کي واپس ملي ويو آهي، اهو به هيڏي وڏي شهر ۾! ايڏي شرافت ۽ احترام سان. حسبِ معمول مون هڪ ٻه سيلفيون ڇِڪي ورتيون. ڇوڪري يڪدم مون کي پنهنجو موبائل نمبر ۽ فيس بوڪ نالو برائن ايڪنس شيئر ڪيو ته اهي تصويرون ڪيئن به ڪري کيس ضرور موڪليان.

    ڏنل تصوير ۾ اڇي شرٽ وارو ڇوڪرو برائن ايڪنس آهي جڏهن ته ٻيو همراه جيمز آهي. پنهنجو تعارف ڪرايم ته پاڪستاني آهيان، بيحد خوش ٿيا، چيائون ته فلاڻي شهر جا آهيون، سڄي شهر ۾ پڙهو ڏينداسين ته هڪ پاڪستاني اسان جي ڪيئن مدد ڪئي آهي. ٻيو ته اڄ اسان جو مئن ڪنسرٽ آهي، هي باجو تمام قيمتي ۽ اهم آهي اڄوڪي ڪنسرٽ لاءِ........ بس ديوانا ٿي ويا. خوشي ان ڳالهه تي وڌيڪ ٿي ته هيستائين پاڪستان جو اميج ٽِن مختلف واقعن کي ملائي بهتر ئي ڪيو آهي. ايندڙ ڪنسرٽ جون پاسز به ڏئي ويو ۽ چيائين ته مهرباني ڪري ضرور اچجو، آئون توهان کي آرگنائيزرن سان به ملائيندس.


    واشنگٽن جا واندا! 

    جيئن ته واشنگٽن ۾ ڪجهه ڏينهن گُذرڻ کان پوءِ اها خبر پئي ته هتي ڪوبه هروڀرو واندو ويٺل نظر نه ايندو. جنهن جي اُبتڙ منهنجي پنهنجي ڳوٺ ڪلوئي شهر ۽ اهڙي ريت ٿر جي مختلف ڳوٺن جي اوطاقن ۾ هميشه راڄ واندن جا ويٺل نظر ايندا. اهي واندا پتي يعني تاش راند يا وري ڇڪي واري راند کيڏڻ ۾ مصروف هوندا آهن. ڪجهه واندا تاش کيڏڻ ۾ ايترا ته مصروف هوندا آهن جو راند کيڏڻ دوران پنهنجي پاڻ يا ٻئي کي فقط ماني کائڻ جو وقفو ئي مس ڏئي سگهندا آهن. صبح سويل ئي پاڙي جي ڪنهن مخصوص اوطاق ۾ اچي اهي تاش جا کيڏاڙي ويهندا آهن، ڦانگ واري منجهند ٻه وڳي تائين بغير ڪنهن ساهي جي پيا راند ڪندا آهن، وري ماني جو وقفو جيڪو 15 کان 20 منٽن جو مُشڪل سان هوندو، ان کان پوءِ وري شام جو 6 بجي تائين لاڳيتو راند. اهو ته ٿي ويو روزمره جي ڏينهن جو قصو، رات جو 8 بجي کان 12 بجي تائين جو وري زبردست مقابلو هلندو رهندو آهي. ساڳئي حساب سان ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم ته اهڙا واندا ڇا هِتي واشنگٽن ۾ ملي سگهن ٿا؟ تاش راند ڪندڙ يا اهڙي ڪنهن ٻئي روپ ۾؟ او اِهو! مِلي ويا واندا گروپ، هي ڏسو، راڄ واندن جا هِتي به ويٺا آهن!
    اهي واندا ڪارا، ٿلها متارا، ۽ ڦهِيڙ قسم جا مخصوص پارڪن ۾ ولرن جي صورت ۾ ويٺا آهن.... بنا ڪنهن ڪم ڪار جي گهوڙو هشري لاهي ڏني اٿن، هڪٻئي سان ڦڏو ڪرڻ ۾ مصروف آهن. هڪڙو گروپ ڏسان ٿو ته تاش کيڏي رهيو آهي ته ڪجهه وري مڪ ڊونلڊز جي برگر مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن. غور تي خبر پئي ته اهي پينو فقير آهن، جيڪي پنڻ واري ڌنڌي مان ڪجهه قيمتي وقت ڪڍي انٽرٽينمينٽ کي ڏئي رهيا آهن. پهريان ته هڪ پاڪستاني جذبي تحت (ٻين جي ڪمن ۾ هروڀرو ٽنگ اڙائڻ واري بنيادي جبلت) دل چيو ته ٿورو ويجهو وڃي واندي مخلوق جو معائنو ڪريان ته همراهه ڇا تي هشري ڪري رهيا آهن، ڇا تي ڦڏو آهي..... وري به سندن قد بُت ۽ ڏاڍيان وارا ٻرڙاٽ ٻڌي فيصلو ڪيم ته پاسو وٺجي يا ٿورو پرڀرو ئي غور ڪجي.....
    اهي واندا سڀئي ڏاڍا ٿلها متارا هُئا. بي ڊولا، ڪپڙا به بي ترتيب ۽ بغير مئچنگ وارا.... مٿي تي وري اُبتيون سُبتيون ٽوپيون.... ڪي نڀاڳا وري ڊانس پيا ڪن، پنهنجي مستي ۾ مگن لڳا پيا آهن. 


    واشنگٽن جي برسات ۽ آئون اڪيلو ٿريو!

    واشنگٽن جي برسات ۽ آئون اڪيلو ٿريو!

    لنڪن ميموريل تان گهمرو ڏئي پوٽومئڪ ندي جا کڙکٻيتا ڏسندي ڏسندي برسات گهاٽي ٿيندي پئي وئي، وسندڙ برسات ۾ ئي پنهنجي ڪيمرا سان فوٽو ڪڍندو رهيس. ٻيا سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گاڏين ۽ بسن ۾ سُڪ ٿيڻ لڳا، مون ٿري کي هي ٿڌڙي برسات مزو ڏيڻ لڳي. هونءَ به ٿرين جي باري ۾ مشهور آهي ته ٿريو ڀلي دنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ هُجي پر جي ٿر ۾ برسات پئي ته هُن کي ٿر جي ڏاڍي ياد ايندي آهي ۽ هر صورت ۾ ٿر ڏسڻ چاهيندو. کڻي اُتي جا سور ڀلي سُجهندا هُجن پر چوندو حال في الحال وڃان ٿر، پوءِ جون خبرون پوءِ. ايئن هڪ قصو آهي اُٺڻ جو، ته ڪنهن ٿري همراه پنهنجي اُٺڻ ڪنهن سنڌي کي وڪڻي ڏني. جيڪا جڏهن به ٿر ۾ برسات وسندي هُئي ته ٿر ڀڄي ويندي هُئي وري ويچارو مالڪ پُڇائون ڪندو اچي اُن ٿري وٽان وڃي هٿ ڪندو هو. (ٿرين وٽ اسان جي لاڙ جون وري ٻه جيو گرافيڪل حدون آهن، هڪ ٿر ٻيو سنڌ، سنڌ اُن کي سڏين جيڪا پڪي زمين هُجي ۽ زرعي آبادي هُجي ۽ ٿر اها جتي وارياسي زمين هُجي.)
    مون کي به برسات ته مزو ڏنو ئي پئي پر پنهنجي پُٺي تي ٿيلهو، ان ۾ موبائل، ٽيبليٽ، ڪيمرا ۽ پرس وغيره پُسي خراب نه ٿي وڃن ان جو به ڊپ...... هيٺ ڏنل تصوير ۾ حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ (پُراڻي) جو روپ ڏيندڙ واڪنگ ٽريڪ جو گس ورتم ته جيئن ڪجهه برسات کان ٿيلهو گهٽ پُسي، پر وري به پاڻ پُسڻ جو گهڻو شوق! ٿورو اڳتي هلي ڏسان ته هڪ لوهي دروازي تي ٻه ٽي ٿيلهيون وڏي سائيز جون ٻڌل نظر آيون، خيال آيو ته ڪيترو نه خيال اٿن راهگيرن جو..... جتي به جنهن شئي جي طلب ٿئي ٿي اُتي اُها شئي موجود. اصل ۾ اهي ٿيلهيون شايد ڪچري وغيره ڦِٽو ڪرڻ لاءِ رکيل هُيون. پاڻي جي بوتل ته مون وٽ هُئي لاڳيتو، پر تقريبن هر جاءِ تي پاڻي جا ڪولر لڳل آهن، جنهن ۾ هڪ بٽڻ کي دٻائي نلڪي مان سڌو پاڻي پي سگهجي ٿو. جيڪڏهن پاڻي به بوتلن وارو وٺڻو پوي ها ته هيستائين رڳو پاڻي هزارين روپين جو ٿي وڃي ها. ٻي ڳالهه ته سستاڻ جي حساب سان حد ٿي وئي، جيڪڏهن ڪو نوجوان گهٽ خرچ ۾ واشنگٽن گهُمڻ چاهي ته فقط هاسٽل رهائش جو خرچ تقريبن ٽي هزار رپيا کن هوندو روز جو، باقي تقريبن ڪو خرچو ناهي. جتي ڪٿي پنڌ وڃي سگهجي ٿو، ميوزيم، چڙياگهر وغيره سڀ فري ٽڪيٽ آهن. صرف هڪ ٻه جايون آهن، جتي پهچڻ لاءِ ميٽرو جي سواري جي ضرورت آهي جيڪا 1 کان 3 ڊالر مس ٿيندي. ماني وغيره پنهنجي ٺاهي کائي سگهجي ٿي هاسٽل، هڪ جينز جي پينٽ اندازن پنج کان ڇهه مهينا مزي سان هلي ويندي.... هاهاهاهاها......
    سو هڪ ٿيلهي کنيم، پوءِ ورائي سڄو سامان لاٿم اُن ٿيلهي ۾...... ۽ برسات جو فل مزو وٺندو آيس، ساڳئي رستي تان وائيٽ هائوس جي پارڪ جي پاسي مان ٿيندو ٿيندو، سڌو اچي هاسٽل تي لٿس..... هاسٽل تي ڏسان ته واندن جا راڄ ويٺا تاش راند ڪن، ڪي ڪچهريون ڪن، ڪي ٽي وي تي ميچ پيا ڏسن. آئون به وهنجي اچي انهن سان ويٺس. مون کي انهي سڄي صورتحال ۾ مزو نه آيو، ٿڪل به هُئس ڪافي حد تائين سو اچي پنهنجي بيڊ تي ليٽي پيس.


    ايريڪا لابيلا - هڪ وڌيڪ ماسترياڻي سان ملاقات! 

    ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي حسبِ معمول وهنجي سهنجي، مفت واري نيرن لاءِ ڊيو هاسٽل ۾ مٿي ڪچن ۾ ويس ۽ نينگري وڪٽوريا پاران تازا ٺاهيل پين ڪيڪس کائي، برتن پنهنجي هٿن سان ڌوئي رکيم. ڪافي ٺاهڻ لاءِ ڪٽلي ۾ پاڻي وجهي چُلهه تي رکيم ته پويان هڪ دل جي گهراين مان نڪتل آواز ”گُڊ مارننگ“ ٻڌڻ ۾ آيو، مون سوچيو پرديس ۾ مون کي ايترو پيار سان گُڊ مارننگ ڪير چوندو، ان ڪري جواب نه ڏنم پڪ سمجهيم ته اهو ٻئي ڪنهن همراه لاءِ ئي هوندو، ڪافي ٺاهڻ تي ڌيان رکيم. وري به آواز آيو ته ”هاءِ، گُڊ مارننگ“. مون پوئتي ورائي ڏٺو ته هڪ گُلابي چولي واري نينگري بيٺي هُئي، چهري تي نيچرل مُسڪراهٽ هُئي. وري به هٿ هلائي چيائين گُڊ مارننگ. ته مون به وراڻيو هاءِ، گُڊ مارننگ اينڊ ويلڪم ٽو بريڪ فاسٽ. وري به ايترو ته پنهنجائپ سان ٿينڪ يو چيائين جو مون سوچيو ته پڪ سان ڪا تُرڪش ڇوڪري آهي، شايد بينگي بِرگلي آهي جيڪا مون کي استنبول ۾ ملي هُئي ٻه سال کن اڳ. پر بينگي ته قد جي ننڍي هُئي، هي ان کان ڪافي ڊگهي پئي لڳي.
    ايئن سوچيندي آئون ڪچن لابي ۾ ويهي ڪمپيوٽر تي ڪانفرنس جي اڄوڪي ڏينهن (17 جون، 2016) جو پروگرام ڏسڻ لڳس ته اڄ ڪنهن ڪنهن جو پرزنٽيشن آهن. شڪ ڪيو متان هي نينگري به ان ڪانفرنس ۾ هُجي، تيستائين ڦرندي گهرندي وري اِها نينگري مون وٽ آئي ۽ هٿ وڌائيندي چيائين،
    ”آئي ايم ايريڪا.“ (آئون آهيان ايريڪا).
    مون به هٿ ملائيندي چيو ته،
    ”گورڌن هيئر.“ (آئون گورڌن آهيان).
    تعريفي ڪلمات بيان ڪندي چيم،
    ”يوئر پرسنلٽي از ويري فرينڊلي، آر يو نون ٽو مي الريڊي؟“ (توهان جو انداز تمام دوستاڻو آهي، ڇا مان توهان کي اڳي ئي سُڃاڻان ٿو؟)
    ايريڪا وراڻيو ته،
    ”نو، آئي ڊونٽ ٿنڪ سو. يو آر نائيس پرسنلٽي ٽُو.“ (نه، مون کي نه ٿو لڳي ته ايئن آهي. توهان جي به سُٺي شخصيت آهي.)
    وارو کڻي وئي. چيم،
    ”خير، آئون نڪران ٿو ڪانفرنس لاءِ هاڻي.“
    ايئن چئي آئون پنهنجي بيڊ واري ڪمري ۾ وڃي پنهنجي ڊريس پائي ٻاهر آيس ته ايريڪا اڃان هاسٽل لابي ۾ صوفه تي ئي ويٺل هُئي مون کي ايندو ڏِسي اُٿي بيٺي ۽ چيائين ته،
    ”وِش وي هيڊ مور ٽائيم ٽو ٽاڪ اينڊ سم واڪ ارائونڊ ايز آئي نيڊ ٽو لِيو واشنگٽن ايز مائي هاليڊيز آر اوور.“
    (خواهش آهي ته پاڻ وٽ وڌيڪ ٽائيم هُجي ها ته ڪچهري ڪيون ها ۽ ٿورو هيڏانهن هوڏانهن گهمون ڦرون ها. جيئن ته منهنجو موڪلون پوريون پيون ٿين، سو مون کي واشنگٽن ڇڏڻو پوندو.)
    مون چيو،
    ”ييس انفارچيونيٽلي، آئي هيوِ ٽو لِيو فار دي ڪانفرنس وِدِن 15 منٽس.“
    (ها، بدقسمتي سان، مون کي ڪانفرنس ۾ شرڪت خاطر 15 منٽن ۾ نڪرڻو آهي.)
    مون سندس هٿ سان ٺهيل ٿيلهي ڏانهن اِشارو ڪندي چيم ته،
    ”اڙي واهه تنهنجو ٿيلهو ته واهه جو آهي، ڪٿان هٿ ڪيو اٿئي؟“
    چيائين ته،
    ”ايڪائڊور مان منهنجي هڪ سهيلي آندو آهي. سُٺو لڳو اهو ٻڌي ته توهان کي وڻيو.“

    کيس ٻڌايم ته اسان جي ٿر ۾ هٿ جو هنر به ڪمال جو آهي. پنهنجي ٿيلهي ۾ رکيل هڪ سنڌي ٽوپي کيس پارائي چيم ته هي هٿ جي نه ٺهيل آهي، پر هٿ جون ٺهيل ٽوپيون اصل هڻ کڻ هونديون آهن. ٽوپي پائي فخر سان فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ تيار ٿي وئي. فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪنهن کي چئجي؟ تيستائين ڏسان ته چائينيز شالُو (شالُو جو احوال ايندڙ صفحن ۾ ڏنل آهي....) به لُڏندي اچي لٿي، چيومانس ته مس شالُو، مهرباني ڪر، اسان جو گڏ هڪ، ٻه فوٽو ته ڪڍ. ڪاوڙ مان مون کي ڏسندي ڪيمرا هٿ مان ورتائين ته گورڌن، هر ماڻهو سان سيٽ لڳو پيو آهي، ڪالهه مون سان پئي ڪچهري ڪيائين اڄ وري هن سان پيو حوال ڪري. ساڙ مان هڪ ڪِنو فوٽو ڪڍيائين، جيڪو هِتي پوسٽ ڪجي ٿو. مون ڪيمرا ۾ فوٽو ڏسي چيو ته شالُو ايئن نه، ڪو فضليت ڀريو فوٽو ڪڍ، يادگار آهي. پوءِ هڪ ٻه وڌيڪ فوٽو ڪڍيائين، جيڪي هتي شيئر ڪجن ٿا. ايستائين ايريڪا فيس بوڪ تي مون کي سرچ ڪري ايڊ ڪري چُڪي هُئي ۽ فون نمبر به شيئر ڪيائين ته نيو هيمپشاير ۾ جڏهن به اچين ته هن نمبر تي رابطو ڪجان ۽ هوٽل تي رهڻ جي ضرورت تو کي اُتي نه پوندي.....
    ايريڪا لابيلا به اسڪول ۾ ماسترياڻي آهي. هي ٽئين مائي آهي جيڪا ماسترياڻي آهي ۽ لڳي ٿو ته اڄڪلهه سموريون ماسترياڻيون موڪلن تي آهن هاسٽلن تي پيون رهن ۽ محسوس پيو ٿئي ته شايد اسان وارن ماسترن وانگر پگهار صفا گهٽ اٿن يا گهٽ خرچ ڪن ٿيون.


    هڪ والنٽيئر جوڊي ۽ سٽيزنس ڪلائيميٽ چينج لابي! 

    روز جي معمول موجب ڊيو هائوسنگ ۾ ناشتي جي ٽيبل تي راڄ ماڻهن جو ويٺو هو، نيدرلينڊس جون ٽي ڇوڪريون هُيون، اُهي ته ننائي جي ٻڙهين وانگر ٻئي ڪنهن کي وارو به نه ڏئي رهيون هُيون. ٻيا سڀ چُپ هُجن، هو وري پنهنجا قصا کڻي ٻڌائين جيئن سونهن ۾ سرس هڪڙي چيو پئي ته،
    ”آئون بيچ تي هُيس ته بواءِ فرينڊ منهنجي پويان ڊوڙيو ته آئون ڀڄڻ لڳيس ۽ ڀڄندي ڀڄندي واري ۾ ڪِريس، منهن سڄو ڌوڙ ۾ ڀرجي ويو.“
    وري ٻي وارو کڻي انهي سان ملندڙ جلندڙ واقعو بيان ڪري پيون کِلڪوڙا ڪن. مون وانگر ٻيا مفت خور ويچارا ماٺ ڪري پيا پين ڪيڪس تي مار ڪن ۽ پيا انهن نيدرلينڊس جي ڇوڪرين کي ڏسن. نيٺ خاموش ويٺلن مان ڪنهن هڪ چيو ته،
    ”مهرباني ڪري ناشتو ڪرڻ ڏيو پوءِ پيون ڌوڙ جون ڳالهيون ڪجو.“
    تڏهن وڃي چُپ ڪين، پر کِي کِي کِي پوءِ به نه وئي. هاسٽل جو مالڪ ٽي (Tay) نالو هُيس، ان وري موبائل تي ڪارن جا ڪجهه فيورٽ گانا هلائي اسان ڏانهن مخاطب ٿيو ۽ چيائين ته،
    ”ٻُڌو ٻُڌو دوستو، هلڪي بريڪ فاسٽ ڊانس ٿي وڃي.“
    ٻئي ڪنهن ان تي ڌيان نه ڏنو ته مون کي ويچاري تي رحم اچي ويو ۽ ڪنڌ سان هلڪي لوڏ واري ڊانس ڪيم ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٽپا ڏيڻ لڳو ته بالي ووڊ، بالي ووڊ.....
    انهي دوران منهنجي سامهون ويٺل هڪ ڇوڪريءَ سڀني کي مخاطب ٿيندي چيو ته،
    ”پاڻ هڪٻئي کي ڇونه تڪڙو تعارف ڪرايون.“
    اصل ۾ شايد هُن کي ٻئي ڪنهن لفٽ ئي نه پئي ڪرائي يا ڪو هُرکُر هيس ته هن کي به ڪو ٻڌي جو اُهي هالينڊيائي ڇوڪريون صفا وٺ لاهي ويٺيون هُيون. هر ڪنهن پنهنجو احوال ڏيڻ شروع ڪيو، مون سوچيو ته آخر ۾ دبنگ انٽري ڪبي، سو چُپ رهيم ته ڀلي حوال اڳتي وڌي. ان سوال پُڇڻ واري ڇوڪريءَ چيو ته،
    ”آئون ته هتي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ آئي آهيان، سٽيزنس ڪلائيميٽ چينج لابي 2016.“
    انهي ڇوڪريءَ جي ڳالهه پوري ٿيڻ شرط ئي بالي ووڊ جي فلم ”لگان“ جي هيرو عامر خان اسٽائيل ۾ تعريف ڪيم ته،
    ”اڙي واهه، اها ته جديد ۽ ايندڙ دور جي تمام اهم ۽ ضروري شئي آهي، اسان سڀني کي ڪلائيميٽ چينج بابت گراس روٽ ليول (Grassroot Level) کان ڪيپيسٽي بلڊنگ (Capacity Building) شروع ڪرڻي پوندي ۽ پائيدار پاليسين ۽ جٽادار قانونسازي تي زور ڏيڻو پوندو ته جيئن اسان جا ايندڙ نسل هن ڌرتي تي اسان کان وڌيڪ بهتر، نه ته به گهٽ ۾ گهٽ اسان وانگر ته رهي سگهن.“
    منهنجي انهي اڌ تقرير تي اکيون ڦاٽي پيس! چوي ته،
    ”اڙي اهو ئي ته اسان جي هن ڪانفرنس جو مقصد آهي، انهي لاءِ ته اسان هي سڄو لابنگ گروپ ٺاهيو آهي.“
    ڪنڌ ۾ لٽڪيل تعارفي ڪارڊ ڏيکاريندي چيائين ته،
    ”هي ڏِس. انهي مقصد لاءِ ته آئون هتي آئي آهيان واشنگٽن ته جيئن ٻين سڀني چيپٽرز سان ملي ڪري ڪنهن گڏيل حڪمت عملي سان ڪم ڪريون.“
    مون چيو ته،
    ”سو ته ڪم ڀلو. باوجود انهي جي جو اسان وٽ ريسورسز ڪونهي پر انهي ڪم کي لاڳيتو لڳا پيا آهيون، آئون سنڌ، پاڪستان جي قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ليڪچرر آهيان، هتي ورلڊ بئنڪ ۾ ڪانفرنس ۾ مقالو پڙهڻ خاطر آيو آهيان. منهنجي ريسرچ انهي ڪم تي آهي ته اڪانامي ۽ انوائرونمينٽ ۾ پاڻ کي لنڪ ڪري مستقبل ۾ بجلي ٺاهڻ جا پائيدار رستا ڪهڙا اختيار ڪجن.“
    ”اوهه، پاڪستان!.....“
    هٿ ملائيندي چيائين ته،
    ”ويري ويري نائيس ٽُو ميٽ يو.“
    (ڏاڍي ڏاڍي خوشي ٿي توهان سان ملي ڪري.)
    اِتي مون ٻه وڌيڪ پين ڪيڪس کائيندي چيو ته،
    ”هاڻي ٻيا به تعارف ڪرائين.“
    ايئن ڪندي آئون ٻاهر آيس ڪچن لابي ۾ رکيل ليپ ٽاپ تي ئي سٽيزنس ڪلائيميٽ چينج لابي جي ويبسائيٽ تي پاڪستان ۾ نئين چيپٽر کولڻ بابت معلومات وٺي، کين هڪ عدد اي ميل ڪيم ۽ آن لائين فارم ڀرڻ مهل لکيم ته هڪ والنٽيئر مون کي انٽروڊيوس پئي ڪرائي، والنٽيئر واري نالي واري خاني ۾ اڃان ڪجهه لکان، تيستائين اها ڇوڪريءَ مٿان اچي وئي ۽ هٿ ملائيندي چيائين ته،
    ”هيلو، آئون جوڊي اسٽريٽ آهيان.“
    مون سندس نالو ان خاني ۾ لکندي چيو ته،
    ”آئون گورڌن داس آهيان.“
    اهو ڏسي ڏاڍي حيران ٿي ۽ چيائين ته،
    ”ڏس، پاڪستاني ڪيڏا نه تيزي سان سکندڙ آهن..... هتان وارن کي به پنهنجي نالي جي صحيح اسپيلنگ به ٻڌائڻي پوندي آهي توهان فقط منهنجو نالو هڪ دفعو ٻڌي ٺيڪ ٺيڪ لکيو آهي، معني ته توهان نه فقط تيزي سان سکندڙ آهيو پر سُٺا ٻڌندڙ پُڻ آهيو.“
    تعريف ٻڌي خوشي ٿي. پنهنجي اي ميل ۽ فيس بوڪ اڪائونٽ شيئر ڪندي چيائين ته،
    ”پاڻ ان ڳالهه تي وڌيڪ بحث ڪنداسين ۽ ٿي سگهيو ته ايندڙ ميٽنگ جيڪا 2017 ۾ ٿيندي ان ۾ ملنداسين، ڇاڪاڻ ته توهان جو ڪم ڪرڻ انداز ڏاڍو وڻيو ۽ يقينن پاڪستان ۾ ان جو چيپٽر جلد ئي کُلندو.“
    چيم،
    ”ضرور ضرور، ڇو نه.“
    ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته وري به پاڪستان جو نالو هنن وٽ واقعي به بهتر ئي ٿيو هوندو. ڇو جو جوڊي سان پروفيشنل رابطو ٿيو، سو سيلفي ڪڍڻ جو خيال دل مان لاهي ڇڏيم.
    جوڊي اسٽريٽ سان پوءِ اي ميل ۽ لِنڪڊ اِن تي لاڳيتو رابطو قائم رهيو آهي. پنهنجي هڪ تحقيق مقالي کي هڪ اعلي معيار جي ريسرچ جرنل ۾ ڇپائڻ خاطر ڪيل جاکوڙ دوران جوڊي ڪافي مدد ڪئي. ٿيو ايئن جو جيئن ته ڪنهن به مقالي کي اعلي معيار جي ريسرچ جرنل ۾ ڇپرائڻ دوران مختلف مرحلن مان هڪ اهو مرحلو به آهي ته مقالي جي انگريزي ۽ گرامر به بهترين هُئڻ گهرجي. مون کي به رينيوايبل اينڊ سسٽين ايبل انرجي ريويوز جي ايڊيٽر طرفان اي ميل آئي ته توهان جو مقالو ٽيڪنيڪلي ڇاپڻ جوڳو آهي، پر لکيل انگريزي کي اڃان بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جو مشورو آهي ته ڪنهن مقامي انگريزي ڳالهائيندڙ کان چيڪ ڪرايو نه ته پوءِ مناسب اگهه تي اسان جي سروس استعمال ڪريو. مقامي انگريز کي ڳولڻ کان اڳ سندن سروس بابت ويب سائيٽ ڏٺم، جنهن موجب 300 ڊالر کن لڳندا، 30 صفحن جي انگريزي ٺيڪ ڪرڻ جا..... هڻ لٺ..... اٽڪل ٽيهه هزار روپيا!!!
    دوستن سان مشورو ڪيم، ڪنهن صلاح ڏني ته مهراڻ يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمينٽ وارن کان چيڪ ڪرائي. سوچيوسين ته ضروري ناهي ته لٽريچر وارن جي انگريزي انجنيئرنگ لکڻي سان ٺهڪندي هُجي ۽ وري اجايو ٿورو به ڇو کڻون، اهو به اسان جي ماحول ۾!!!!
    اِتي مون کي ذهن ۾ آيو ته لائريٽا پيبل ڪهڙي ڪم ايندي، هاءِ اسڪول جي ريٽائرڊ ٽيچر آهي، اها به انگريزي سبجيڪٽ جي..... وري ياد آيو ته ان جي اي ميل به ڪونه آهي ۽ فيسبوڪ تي به گهٽ نظر ايندي آهي. جوڊي جو سوچيم ته سندس اي ميل پڻ هئي، لِنڪڊ اِن، فيسبوڪ، انسٽاگرام ۽ موبائل تي به رابطو بحال هو، سو کيس مقالو موڪليم ته ان جي انگريزي ٺيڪ ڪرڻي آهي، پر فقط ٽن ڏينهن ۾! سڌريل ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ اها سُٺي عادت آهي ته ڪم ڪار وارن ڏينهن ۾ به ڪم واري اي ميل جو تُرت جواب ڏيندا آهن. جوڊي به پنجن منٽن اندر جواب ڏنو ته 3 ڏينهن تمام ٿورا آهن، ڪجهه وڌيڪ ڏئي سگهو ٿا؟ مون به کيس جلد ئي جواب ڏنو، نه، ٽي ڏينهن ئي آهن فقط. وري اي ميل تي ريپلائي ڏنائين ته ڏسان ڪوشش ڪريان ٿي، سڀاڻي گوڏا ٻڌي ويهان ٿي لائبريري ۾، اميد ته ڪم ٿي ويندو.
    ٽئين ڏينهن تي صبح جو مون کي اي ميل ملي جنهن ۾ انگريزي چيڪ ٿيل منهنجو مقالو به شامل هو..... کولي ڏٺم فائيل جي ايڪسٽينشن مختلف هُئي ڇو جو هن ويچاري سمورو ڪم ڪيو هو ميڪ ڪمپيوٽر تي اهو منهنجي مائڪروسافٽ ورڊ پروگرام ۾ نه کليو ته مون کيس يڪدم اطلاع ڪيو ته هي فائيل ته کُلي ئي ڪونه ٿو. جواب ۾ هن لکيو ته توهان شايد ونڊوز پيا استعمال ڪيو. پوءِ فائيل تبديل ڪري موڪلي ڏنائين. نئين آيل فائيل کي پنهنجي پراڻي شڪل واري مقالي سان ڀيٽ ڪيم ته 30 صفحن تي 831 چُڪون ڪڍيل هُيون.... واهه جوڊي واهه ۽ واهه گورڌن تنهنجي انگريزي، جنهن جي لائريٽا پيبل تعريف پئي ڪئي.....

    مهرباني مڃيندي، سندس نالو به پنهنجي مقالي ۾ شامل ڪيم ته يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي جوڊي اسٽريٽ به هن مقالي کي بهتر شڪل ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪئي آهي. مهيني اندر مقالو ڇپجڻ بعد کيس هڪ ڪاپي اي ميل ذريعي موڪلي ڏنم. جيڪو ڏسي هُن مبارڪن واري اي ميل پڻ موڪلي ۽ آئنده به ساڳئي قسم جي مدد لاءِ پنهنجي موجودگي جي پڻ آڇ ڪيائين، جيڪا حسبِ معمول قبول ڪئي سين......
    مڃتا خاطر کيس گفٽ موڪلڻ فرض سمجهيم، جنهن تحت ٿر جي هٿ جي هنر جا ڪجهه ننڍڙا ٽڪرا پاڪستان پوسٽ ذريعي موڪلي ڏنم. جيڪي هُن کي 15 ڏينهن کان پوءِ پهتا، هتي ڏنل تصوير ۾ جوڊي مليل گفٽن کي پنهنجي ورڪنگ ٽيبل تي سينگاري رکيو آهي.


    هيديا هيرينگلي جون پاڪستان بابت ڳالهيون! 

    ڪانفرنس جي اختتام تي واپسي ۾ ڊيو هائوسنگ جي ڪچن ۾ ڪيٽي نالي هڪ ڇوڪريءَ شام جي وقت ڪافي پيئندي مون کان پُڇيو ته، ”ڇا توهان انڊين آهيو؟“
    مون چيو ته، ”ها، انڊين سب ـ ڪانٽيننٽ سان واسطو رکان ٿو، پر آئون پاڪستاني آهيان، پر مون کي لڳي ٿو ته تون پڪ سان لاطيني آمريڪا جي آهين، جو تنهنجو رنگ ڪڻڪائون آهي ۽ اکيون چينين وانگر ڳُتيل آهن.“
    کِلي چيائين ته، ”مون کي گهڻا ماڻهو ايئن ٿا چون ته آئون ميڪسيڪن آهيان. آئون هتي آهيان ئي هڪڙو ڏينهن وڌيڪ.“
    مون چيو، ”سو ڇو؟“
    چيائين ته، ”سُڀاڻي آهي روبوٽن جي هڪ نمائش (Maker Faire) اُتي وينديس ۽ پوءِ وري اُتان ئي شام جو هلي وينديس.“
    مون چيو ته، ”اڙي! واهه واهه، اُتي ته ڏاڍو مزو هوندو، آئون پاڻ بنيادي طور تي مڪينيڪل انجنيئر آهيان. مون کي اهڙيون شيون وڻن ٿيون.“
    مون کي چيائين، ”اڙي، پوءِ جيڪڏهن فري آهين ته هل ته سُڀاڻي گڏجي هلون اُن نمائش ۾.“
    آئون ان وقت ڊيو هاسٽل جي ڪامن ايريا ۾ ويٺل هئس ۽ پبلڪ ڪمپيوٽر استعمال ڪري رهيو هئس، پڇيو مانس ته ويب سائيٽ ٻڌائي ان نمائش جي. ويب سائيٽ کوليم. ان کان اڳ جو آئون ڪُجهه هون هان ڪريان، مون کي چيائين ته ”ٽڪيٽ فري اٿئي، رڳو آن لائين فارم ڀر، اي ميل ايندئي.“
    مون چيو، ”پڪ ناهي، ٿي سگهي هلان، ٿي سگهي نه. ڇو جو مون کي چڙيا گهر وڃڻو آهي صبح جو.“
    چيائين ته ”هي نمائش آهي 11 وڳي، تيستائين آئون به هلنديس چڙيا گهر اُتان ٿيندا، نمائش تي هلنداسين.“
    مون چيو، ”پوءِ ته واهه جو هلبو.....“
    ايترو چئي مون کي پنهنجو فون نمبر ۽ فيس بوڪ ڪانٽيڪٽ ڏئي هلي وئي.
    اها سموري گفتگو ڪامن هال ۾ پريان صوفه تي ويهي ڪتاب پڙهندڙ هيديا هيرينگلي ٻڌي پئي، ڪيٽي جي وڃڻ تي اُٿي مون وٽ آئي ۽ چيائين، ”هيلو، پاڪستاني آهين نه؟“
    مون چيو ”ها.“
    هٿ نه ملايائين ۽ چيائين ته، ”آئون هيديا آهيان، سئيزرلينڊ جي آهيان، سڄي دُنيا پئي گهمان. پاڪستان به ڪئي دفعا آئي آهيان، خاص ڪري اُترين علائقن ۾. گلگت، چترال، شندور.“
    شندور جو ڪو ميمبر پارليامينٽ دوست ٻڌايائين. پولو راند جي چاهت جو ٻڌائيندي ۽ پنهنجو ڀڳل پير ڏيکاريندي چيائين ته، ”پولو راند ته آئون جام کيڏي آهيان، هي پير به اُن راند جي ڪري ڀڳو آهي، جنهن ڪري منهنجي نوڪري هلي وئي، پر علاج دوران منهنجي ڪمپني مون کي آڇ ڪئي ته سموري پينشن ڏيون ٿا، نوڪري تان هٿ کڻ، مون ريٽائرمينٽ وٺي ڇڏي. مڙس پيو ڪمائي، آئون پئي گهمان. توهان کي راند ايندي هوندي پولو؟“
    مون چيو ته، ”اسان وٽ رڳو ڪرڪيٽ کيڏي ويندي آهي. ٻي ڪا راند هروڀرو نه وڻي.“
    مون ڪافي جي سُرڪ ڀريندي کيس آڇيم ته،
    ”ڪافي پي ڀلا.“
    چيائين، ”نه، مهرباني. منهنجو روزو آهي.“
    تڏهن ذهن ۾ آيو ته ملڻ وقت هٿ ڇو نه ملايائين، کيس لڳو ته پاڪستاني هروڀرو ڪنهن عورت سان هٿ نه ملائيندا آهن.....

    پاڪستان جي تعريف ڪندي وڌيڪ چيائين ته،
    ”اهو غلط آهي ته سياح رڳو پاڪستان ۾ امن امان جي ڪري نه ٿا اچن. ماڻهو ته دهشت گردي ۾ جتي ڪٿي پيا مارجن پوءِ؟ اصل ۾ پاڪستان ۾ سياحن کي جي سهوليتون هُجن ته هتي تمام گهڻا ماڻهو اچن. هتي اچ ته نه گاڏي ٿي ملي، نه ڪا سُٺي ۽ صاف سُٿري سهوليت ٿي ملي. چيائين ناران ڏس، ڪاغان ڏس، رڳو پاڪستان جا ئي ڪيترا نه ماڻهو ٿا اچن، سهوليتون آڱوٺو!“
    پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي وڌيڪ چيائين ته،
    ”پاڪستاني ڏاڍا پيارا آهن، تمام پيارا آهن. تون ئي ڏس، رڳو ٻه منٽ اڳ جي ڳالهه ڏس، اها ڇوڪريءَ تون کي ساڻس گڏ هلڻ لاءِ چئي وئي آهي، صاف ظاهر آهي ته پاڪستاني دل جا صاف، محنتي ۽ کاهوڙي آهن. رڳو هلڪي نظرداري، سهوليتن ۽ مڃتا جي ضرورت آهي. تنهنجو ڳالهائڻ واقعي ڏاڍو سُٺو آهي.“
    حالانڪه مون لاڳيتو سندس ئي ڳالهه پئي ٻُڌي!
    وري به سندس ڳالهه جاري رکيائين،
    ”ٻڌين به ڌيان سان ٿو. تون يقينن ڪامياب ٿيندين پنهنجي مقصد ۾.“
    مون چيو، ”مهرباني.“
    چيائين ته،
    ”پوءِ سُڀاڻي ته هن سان گڏ ويندين گهُمڻ، مون سان ڀلا شام جو هل.“
    مون چيو ته،
    ”ڪيٽي جي مون کي پڪ نه ٿي لڳي ته ڪو ايندي. ان ڪري گهڻو ڪري پاڻ صبح هلنداسين آرلنگٽن سيميٽري پوءِ پينٽاگون.....“
    ”سو ڇو؟“ هيديا پُڇيو.
    مون ورندي ڏني ته،
    ”هي ڪيٽي ٽائيمنگ وغيره ڪجهه نه ٻڌائي وئي آهي.“
    چيائين ته،
    ”ڇوڪريءَ چئي ته وئي ته نائين بجي چڙيا گهر، پوءِ 11 وڳي نمائش.“
    مون چيو ته،
    ”نه هي اهو به نه ٻڌائي وئي آهي ته صبح جو ڪٿي ملندي، نڪرنداسين ڪيئن، آئون ته پنڌ ويندس.“
    هيديا يادگيري ڏياري ته،
    ”فون نمبر جو ڏئي وئي آهي.“
    سوچيم ته مائي جي اک ته ڪتاب ۾ هُئي، پر ڌيان سڄو اسان جي ڳالهه ٻولهه ۾ هُيس....
    مون چيو ته،
    ”مون وٽ هتان جو فون نمبر به ڪونهي جتان فون ڪيانس.“
    چيائين ته،
    ”منهنجي فون تان ڪانٽيڪٽ ڪري وٺجان.“
    مون چيو ته، ”ايترو خفو ڪير کڻي. پاڻ سڀاڻي هلنداسين.“


    پينٽاگون ڏسڻ جو پلان! 

    ٻئي ڏينهن تي صبح جو سويل اُٿيس. مون کي پنهنجي صبح سويل اُٿڻ واري عادت ڏاڍي وڻندي آهي. مون کي ياد آهي ته مڪينيڪل جي 2010 واري بئچ، قائد عوام يونيورسٽيءَ جي آل پاڪستان ٽوئر تي به آئون سويل اُٿي هيڏانهن هوڏانهن جو چڪر هڻندو هُئس ته ماحول سان ڪافي پنهنجائپ ٿي ويندي هُئي. گهڻا شاگرد سُمهڻ کي ترجيح ڏيندا هُئا، جنهن تي آئون کين چوندو هُئس هينئر جيترو ٿي سگهي گهٽ سمهو ۽ هِتي هُتي گهمڻ ڦرڻ کي ترجيح ڏيو، جو سُمهي توهان پنهنجي شهر نوابشاهه ۾ به سگهو ٿا، پر گهُمي فقط هِتي سگهو ٿا.
    سويل اُٿي وهنجي سنهنجي شارٽ ۽ ٽي شرٽ پائي، سڌو مفت واري ناشتي تي لُوهه ڪئي. ڪچن جي لابي ۾ هيديا ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف هُئي، گُڊ مارننگ ڪري آئون ناشتي واري ٽيبل تي هليو آيس. ٽائيم تقريبن ساڍا ست ٿيا هُئا، اڃان پين ڪيڪس تيار نه ٿيا هُئا، تيستائين اُهي نيدرلينڊس جو ڇوڪريون کِٽ پِٽ ڪري رهيون هُيون، اڄ شايد ڊچ ٻولي ڳالهائي رهيون هُيون، اهو ان ڪري جو مون کي خبر ئي ڪونه ٿئي پئي ته الائجي ڇا پيون چون. مون کان هڪ ڄڻي پُڇيو ته توهان ته انڊين آهيو نه؟ مون چيو ته نه، آئون پاڪستان مان آيو آهيان. هالينڊ جي هاڪي ٽيم پاڪستان ۾ 1992 ۾ آئي هُئي چيمپينز ٽرافي کيڏڻ، جڏهن ته هالينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 1996 ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ پاڪستان آئي هُئي. هالينڊ جي تڏهوڪي هاڪي ٽيم ۾ هڪ گنجو رانديگر هوندو هو، بوولينڊر (فلورِس جان بوولينڊر) نالو هُئس ۽ پنالٽي ڪارنر اسپيشلسٽ هوندو هو، ڏاڍو اگريسِو رانديگر هوندو هو، مون کي جام پسند هئي سندس راند. تڏهن پاڪستان ۽ هالينڊ جو باقاعده مقابلو هوندو هو....
    مون کان هڪ ڄڻيءَ پُڇيو،”1992، توهان جي عُمر ڪيتري آهي؟“
    مون چيو ته،”36 سالن جو خيرن سان ٿي ويو آهيان.“
    منهنجي دل خوش ڪرڻ خاطر چيائين” 26 يا 27 سالن کان وڏو ته ڪونه ٿو لڳين!“
    مون به جوابي حملو ڪندي چيو ته، ”تون به ته اسڪول يا ڪاليج جي شاگردياڻي لڳين ٿي.“
    ٽهڪڙن سان پُڇيائين ته، ”واقعي؟“
    مون چيو، ”پوءِ نه ته، ڀلي ٻين کان پُڇي ڏس.“
    پوءِ سندس يونيورسٽيءَ، شهر وغيره جو پُڇيم، الائجي ڇا نالا هُيا، مون کي سڀ وسري ويا، پر ايترو ضرور ياد آهي جو قد ۾ مون جيتري ڊگهي هُئي ۽ هالينڊ جي نارنگي رنگ واري ٽي شرٽ پاتل هُئي. ناشتو ڪري، رواجي طريقي سان هرڪو پنهنجا استعمال ڪيل ٿانو پاڻ ڌوئي رکي پيو. مون به ڪافي جو ڪپ کڻي وڃي لابي ۾ ڪمپيوٽر کوليم ته اڄ جو پلان ڏسان، ڪيئن ٿو ٿئي. فيس بوڪ تي پنهنجون پوسٽون ۽ ان تي لائيڪ به ڏٺم.....
    اِتي ساڍا اٺ ٿيا ته، ”هيديا مون کان پُڇيو ته ڪيٽي سان رابطو ڪيئي؟“
    مون چيو، ”نه، کيس هلڻو هُجي ها ته هينئر ناشتي تي هِتي هُجڻ کپي ها.“
    چيائين ته، ”رابطو ته ڪر ته ڪٿي آهي؟“
    مون چيو ته،”9 بجي تائين هونئن به هتي ويٺا آهيون، جي ايندي ته ٺيڪ آهي نه ته پاڻ هلون ٿا پينٽاگون ۽ آرلنگٽن سيميٽري.“
    ايئن حال احوال ڪندي، ساڍا 9 ٿي ويا، ڪيٽي نه اچڻي هُئي سان نه آئي. نڪتاسين ٻاهر.
    مون چيو ته، ”هاڻي هيئن ٿا ڪيون، جو هِتان هلون ٿا ميٽرو تي سِڌا پينٽاگون، پوءِ اُتان هلنداسين آرلنگٽن سيميٽري تي.“
    پينٽاگون اسٽيشن تي لهي ٻاهر گهمڻ نڪتاسين.


    پينٽاگون ته ڇا پر قبرستان به تفريح گاه! 



    تنهن دور جي آمريڪي صدر فرينڪلن روزويلٽ سنه 1940ع ڌاري آمريڪي بچاءَ واري کاتي ۽ جنگ واري کاتي جي 17 عمارتن کي ملائي هڪ عمارت ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. فوج جي انجنيئرن جي تيار ڪيل ڊزائن موجب پوٽومئڪ ندي جي مٽي ۽ پٿرن سان پينٽاگون جي تعمير 11 سيپٽمبر 1941ع ۾ شروع ٿي ۽ 83 ملين آمريڪي ڊالر جي لاڳت سان 15 جنوري 1943ع تي ٺهي راس ٿي.
    پينٽاگون جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي آفيس آهي! جنهن کي هڪ مڪمل شهر چيو وڃي ٿو، مشهور آهي ته هن پنج ڪُنڊن واري بلڊنگ ۾ ڪنهن به هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين ستن منٽن ۾ پيادل پهچي سگهجي ٿو.
    هتي پهريون دفعو ڪنهن چيو ته هِتي فوٽوگرافي ڪرڻ منع آهي. وڏي ڳالهه اها جو ايڏي وڏي اهم بلڊنگ جو مئن گيٽ جتان سمورا ملازم اندر وڃن پيا اوستائين هر عام ماڻهو کي وڃڻ جي اجازت هُئي. بلڊنگ جي هڪ پاسي ٺهيل يادگار تي فوٽو ڪڍڻ جي موڪل هُئي اُتي فوٽو ڪڍياسين.
    نائين اِليون (9/11) (11 سيپٽمبر، 2001ع تي ٿيل حملو) جنهن کي برطانوي انگريزي ۾ چئجي (11/9) واري واقعي ۾ مارجي ويل 184 ڄڻن جون ناليوار يادگار ٺهيل آهن. سيمينٽ جي هڪ پٽي ٺهيل هُئي جنهن هيٺان هلڪو پاڻي وهي رهيو هو ۽ مٿس ماڻهو گُل رکي رهيا هُئا. ڪجهه دير اُتي رهي پوءِ آرلنگٽن سيميٽري ڏانهن نڪتاسين. اُتي پهچي وزيٽر سينٽر ۾ حوال ورتوسين، جن ٻڌايو ته 12 ڊالر ڪڍو ته توهان کي بس تي گهمايون، مون چيو ته پاڻهي ٿا گهمون. ٽائيم تقريبن 11 ٿيا، اُتي واءِ فائي فري هُيو سو کوليم موبائل، ڏسان ته فيسبڪ تي ڪيٽي جا 5، 7 ميسيج لڳا پيا هُجن، چئي ته،
    ”ويري سوري، آئون چاچيءَ وٽ رهي پيس رات جو. توهان جو فون نمبر به نه هو، انٽرنيٽ به ڪونه هيو، سو رابطو نه ڪري سگهيس. هينئر هِتي آهيان روبوٽن واري نمائش ۾، توهان جي هِتي آهيو ته مهرباني ڪري رابطو ڪريو. آئون هِتي چئين بجي تائين آهيان، پاڻ گڏجي ڪجهه کائون پيئون ۽ نمائش گهمون. چئين بجي آئون هِتان سڌي هلي وينديس بوسٽن شهر.“
    فيسبوڪ تي جواب ڏنومانس ته،
    ”تنهنجو صبح 9 بجي تائين انتظار ڪيو، پوءِ آئون هيڏانهن پينٽاگون نڪري آيو آهيان. هاڻي ايڏانهن اچڻ ٿورو ڏکيو ٿيندو .“
    ايترو نياپو ڪري ٻاهر نڪتاسين ته مون هيديا کي چيو ته،
    ”هيديا هڪ منٽ ۾ آئون اندران ٿي اچان ٿو.“
    ايئن ڪري آئون اندر پاڻي جي هڪ پوري بوتل پي ۽ ڪجهه بسڪيٽ ۽ خشڪ ميوا جهٽ مان وٺي، اُتي ئي کائي ۽ موٽي آيس. لِڪي ان ڪري کاڌم جو هيديا روزائتي هُئي، مون چيو ته متان ئي اعتراض ڪري ته آئون روزائتي ۽ تون وري منهنجي سامهون پيو کائين پيئن، رمضان جو احترام نه ٿو ڪرين. تُرڪي ۾ اهڙو ڪُجهه به نه هوندو هو، هروڀرو ڪا سختي ڪانه هوندي هُئي. جنگ اخبار ۾ ياسر پيرزاده جو لکيل هڪ ڪالم پيو ياد اچي، جنهن ۾ هن رمضان جي مهيني دوران استنبول جي گهٽين جو منظر پيش ڪيو هو، جتي هر ڪنهن کي آزادي هُئي ته جنهن جي مرضي جيئن وڻي، تيئن ڪري. ايئن مختلف سوچن ۾ ۽ مختلف پارڪ ۽ قبرستان جا نظارا ڪندي ڪندي آرلنگٽن سيميٽري ۾ ئي رُلندي رُلندي هڪ ٿي ويو، جتان پوءِ ارادو ڪيو سين ته لائبريري آف ڪانگريس وڃبو جنهن خاطر زيرِزمين ٽرين جو سفر مناسب سمجهيوسين....


    لائبريري آف ڪانگريس

    داخلا مفت هُجڻ سبب ٻه دفعا لائبريري ويس، هڪ دفعو سج لهڻ وقت ويو هُئس، شاندار بلڊنگ ڏسي ٻئي ڏينهن وري اچڻ تي دل ٿي. ٻئي ڏينهن تي هڪ ڊگهي قطار ۾ انتظار ڪرڻ کان پوءِ ايئرپورٽ اسٽائل جي سيڪيورٽي پاس ڪري ئي اندر داخل ٿيڻ ڏنائون پئي. بلڊنگ جو رنگ روپ ۽ شيشي مان هيٺ ليئا پائي ڏسي سگهيس ته ڪانگريس جا ميمبر ڪيئن اسٽڊي ڪري رهيا هُئا. لائبريري ڏانهن ويندي رستي ۾ ٻين لائبريرين جهڙوڪ مهراڻ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري، هاجيتيپي يونيورسٽي جي ڪتبخاني ۽ حيدرآباد جي شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بِن محمد دائودپوٽو لائبريري جا منظر سامهون اچڻ لڳا.
    سال 2014ع ۾ تُرڪش گورنمينٽ طرفان مليل ريسرچ فيلوشپ دوران تُرڪي جي گادي واري هنڌ انقره جي ڄامشوري (بيتيپي علائقو ڄامشوري وانگر آهي، جتي پڻ ٽي عدد يونيورسٽيون آهن، گڏوگڏ.....) هاجيتيپي يونيورسٽيءَ، بيتيپي جي انوائرنمينٽل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کنيو. اُتي منهنجي سپروائيزر ميري آئڊينالپ ڪوڪسل طرفان ليب جي چاٻي مليل هُئي، رهندو به گيسٽ هائوس (جنهن کي تُرڪش ۾ مِسافِر هاني يعني مسافر خانو چون.) ۾ هُئس، جيڪو به سڏ پنڌ تي رهندو هُئس. تنهن ڪري دير رات تائين ليب ۾ ڪم ڪري سگهبو هو. ٻيو ته ليب ۾ ئي، چانهه (جي ها، مفت ۾.) ٻيون به فرج ۾ کاڌي پيتي جون جام شيون پيل هونديون هيون ۽ ڪا به روڪ ٽوڪ نه هُئي. سو ايئن دير تائين بغير ڪنهن رنڊڪ جي ڪم ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو..... واپس ايندي هڪ رات مون کي سوا هڪ ٿي ويو، ٿيلهو ٻڌم، ليب بند ڪري ٻاهر نڪتس ته اسان واري بلڊنگ جي مين گيٽ کي تالو لڳل هو، ٻاهر ڪُڪڙون ڪون. ڊوڙ پائي ٻئي گيٽ ڏانهن ويس، اهو به بند. اِتي حالت اچي جري ٿي، مار هاڻي ته ڦاٿس. جيڪڏهن ڪنهن ايئن رات جو بلڊنگ ۾ ڏٺو ته ڪري نه دونالي جا فائر...... واپس اچي ليب ۾ ويهي پنهنجي دوست عومر ديمير (عُمر لوهار) کي فون ڪيم ته يار هيئن ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۾ بند ٿيو پيو آهيان، ٻاهر ڪڍڻ جو ڪو بندو بست ڪر. مون کي ته ڏاڍو ڊپ پيو ٿئي. پهرين ته مون کي چيائين ته آڌي رات تائين تو کي چيو ڪنهن ته ڪم ڪر، ٻيو ته روز رات جو ريسٽورانٽ تي ڪچهري ڪندو ڪر، راڄ جا ماڻهو اچن ٿا جام. مون چيو يار، في الحال ليڪچر پروگرام ڪينسل ڪر، ٻاهر ڪڍ پوءِ ڊسڪس ڪنداسين. عومر گارڊن جي هيڊ آفيس فون ڪئي ته فلاڻي بلڊنگ ۾ اسان جو هڪ همراه ڦاٿل آهي ان کي ٻاهر ڪڍوس. آئون مين گيٽ تي آيس، تيستائين ڏسان ته ٻه گارڊ اچن پيا، انهن اچي جند آجي ڪرائي، مون کي چيائون ته خبر ڪونه اٿئي ڇا جو بلڊنگ کي رات جو ٻارنهن بجي پڪو تالو هڻي ڇڏيندا آهيون. مون چيو ته هاڻي مون کي هميشه لاءِ خبر پئجي وئي آهي. ٻئي ڏينهن اچي سپروائيزر ڊاڪٽر ميري آئڊينالپ ڪوڪسل کي ٻڌايم، جيڪا اچي ٿي کِل ۾ ڇُٽي..... مون کي چيائين ته،
    ”گورڌن اِف يو وانٽ ورڪ فار دئٽ لانگ، دين جوائن لائبريري، اِٽ اِز آل ويز اوپن، 24 هاورز اي ڊي.... نو هاليڊيز، نو ويڪيشن، نو سمر، نو ونٽر.“ (گورڌن جيڪڏهن تون ايترو دير تائين ڪم ڪرڻ چاهين ٿو ته لائبريري وڌيڪ بهتر جاءِ آهي. اها سدائين کليل آهي، ڏينهن جا 24 ڪلاڪ. نه ڪا موڪل گرمي جي، نه ڪو سردي جي.)
    مون چيو ته،
    ”ميڊم مون وٽ ته لائبريري جو ڪارڊ ئي ناهي.“
    چيائين ته،
    ”اهو يونيورسٽيءَ جو ڪارڊ هر جاءِ تي ڪارآمد آهي، ڪينٽين وڃين، لائيبريري وڃين، اسپورٽس اسٽيڊيم وڃين، سوئمنگ پول وڃين، جِم وڃين.“
    بس پوءِ لائبريري ڏانهن ڪئي لُوهه.... لائبريري ۾ ٻين سان جام حوال ٿيندا هُئا..... راڄن سان نوان رابطا ٺهيا... لائبريري آف ڪانگريس ڏانهن ويندي اهي منظر سامهون اچڻ لڳا.

    معلومات، تصويرن، رڪارڊز جو انمول خزانو يعني لائبريري آف ڪانگريس دُنيا جي وڏي ۾ وڏي لائبريري آهي. جنهن جو بُنياد هڪ ريفرينس لائبريري کان ٿيو، جيڪا آمريڪي ڪانگريس پهريون ڀيرو ڪئپيٽول بلڊنگ ۾ سنه 1800ع ۾ هڪ قائم ڪئي. انهي ريفرينس لائبريري کي 1814ع ۾ انگريزن ساڙي ڏني ته تڏهوڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ٿامس جيفرسن پنهنجي ذاتي لائبريري ۽ ذخيري کي ريفرينس لائبريري ڏانهن منتقل ڪرڻ جي آڇ ڪئي.

    200 سالن کان قائم لائبريري آف ڪانگريس، آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي لائبريري آهي جنهن ۾ الماڙين جي 883 ميل ڊگهي قطار آهي جنهن ۾ 15 ڪروڙ کان مٿي مختلف آئٽم رکيل آهن. 460 ٻولين ۾ اٽڪل ساڍا ٽي ڪروڙ ڪتاب رکيل آهن. لائبريري ۾ روزانو 15 هزارن کان وڌيڪ نوان آئٽم روز شامل ٿي رهيا آهن. نه رڳو ايترو پر لائبريري آف ڪانگريس سنه 2006ع کان ٽوئٽر تي پوسٽ ڪيل هر پبلڪ ٽوئيٽ کي پڻ پنهنجي ڊجيٽل رڪارڊ ۾ شامل ڪري رهي آهي، جيڪي تقريبن 5 ڪروڙ ٽوئيٽ روزانو جي حساب سان وڌي رهيون آهن.  


    شالُو چينياڻي جو احوال!

    نائجيريا جي هڪ ڇوڪري اسان جي سامهون واري قطار ۾ مٿئين بيڊ تي ويٺل هُئي، پنهنجي ٿيلهي کي کِٽ پِٽ ڪري رهي هُئي، مون کي سندس انداز مان لڳو ته سنبت ڪئي اٿس. فون تي به ڪنهن سان ڳالهائي رهي هُئي. تيستائين هڪ چيني ڇوڪري کانئس هيٺئين بيڊ تي اچي ويٺي. اُتان ئي ويٺي ويٺي نائيجيرين کي پئي چيائين ته،
    ”هي ماڻهن کي الائجي ڇا پيو ٿيندو وڃي. اورلانڊو ۾ ڏس همراه 49 ماڻهن کي ڪلب اندر فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو آهي. ماڻهن مان پنهنجائپ موڪلائيندي پئي وڃي.“
    نائيجيرين ڇوڪريءَ چيو ته،
    ”ها ماڻهن مان برداشت موڪلائيندي پئي وڃي، هم جنس پرست هُجن توڙي ليزبين، هر ڪنهن کي آزادي سان زندگي گُذارڻ جو حق هُجڻ کپي.“
    چينياڻي چيو ته،
    ”ها، هر انسان آزاد ڄائو آهي ته ان کي پنهنجي مذهب جي چونڊ يا برقرار رکڻ، پنهنجي اوريئنٽيشن ڏانهن وڃڻ جو کيس قدرتي حق هجڻ کپي.“
    اسان جو هڪ ئي ڪمرو هُيو، جنهن ۾ 12 بيڊ رکيل هُيا، ڇهه بيڊ هڪڙي پاسي ته ڇهه وري ٻئي پاسي. انهي جاگرافي ۽ حساب سان مون کي انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ جو پورو پورو حق ۽ ٿورو گهڻو فرض به هو. مون ڪوبه تبصرو نه ڪيو، حالانڪه چينياڻي مون ڏانهن وقفي وقفي سان ڏسي رهي هُئي ته منهنجا ڇا خيالات آهن، پر مون ڪوبه پتو پوڻ نه ڏنو.
    وڌيڪ چيائين ته،
    ”ٻڌو آهي ته اهو فائرنگ ڪندڙ همراه پاڪستاني هو.“
    مون ڏانهن سواليه طريقي سان ڏٺائين ته مون چيو،
    ”نه اهو همراه هڪ افغانستان جي ڪنهن فيملي مان هو ۽ ڄائو ۽ نپنو ئي هِتي آمريڪا ۾ هو.“
    فارم ڀرائڻ خاطر وڌيڪ چيم ته،
    ”آئون پڻ انهي ڳالهه جو حامي آهيان ته هر انسان کي آزادي سان گُذارڻ جو پورو پورو حق هُجڻ کپي.“
    نائيجيرين ڇوڪري ڪنهن عورتاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ واسطي واشنگٽن پهتل هُئي، جيئن ته مٿي بيان ڪيم ته شايد هينئر تيار ٿي بس نڪرڻ واري هُئي. ايئن ڳالهه ٻولهه وڌيڪ ڪندي، ڪجهه دير ۾ نائيجيرين نينگري وئي هلي. پوءِ چينياڻي ڇوڪريءَ هڪ 5 فوٽ کن ڊگهي تختي ڪڍي، جنهن تي ڏوري ٻڌل هُئي جنهن کي هو کولڻ جي ڪوشش ڪري رهي هُئي. مون چيو ته،
    ”چئين ته آئون کولي ڏيان.“
    چيائين ته،
    ”مهرباني ٿيندي جو کولي ڏيندين، بند مون پاڻ ڪئي آهي پر هڻي بيهه رهي آهيان، هاڻي مون کان کُلي نه ٿي.“
    ايئن ڪندي مون اها تختي کولي ڏني جنهن ۾ هڪ چيني جوڙي جي تصوير هُئي ۽ ٻه پوسٽر لڳل هُيا، هڪ چيني ٻولي ۾ ٻيو انگريزي ۾.
    مون کي مناسب نه لڳو ته اهي پوسٽر پڙهان يا پُڇان، سوچيم ته پاڻهي ٻڌائيندي جي کيس ڳالهه وڻي ته. آئون واپس پنهنجي بيڊ تي آيس ته چيائين ته،
    ”توهان انڊيا مان آيا آهيو؟“
    انڊيا مان هن جي مُراد ڏکڻ ايشيا ئي هُئي، يعني انڊين سب ڪانٽيننٽ، مون چيو ته،
    ”ها، آئون پاڪستاني آهيان.“
    وڌيڪ داٻو ڪرڻ خاطر ورلڊ بئنڪ جي هيڊڪوارٽر ۾ ڪانفرنس، قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ جاري تحقيق بابت هرو ڀرو احوال ڏنم. متاثر ٿي ته اهو سڀ تمام چڱو آهي. پر منهنجو ڊيل ڪارنيگي وارو ڪتاب تازو ئي پڙهيل هو سو پُڇيم،
    ”ته اهو پوسٽر ڇاجو آهي، مون کي پڙهايئي ڪونه؟“
    چيائين ته،
    ”اڙي ها، هي هڪ پوسٽر ته چائينيز ۾ آهي اهو لڳي ٿو تو کي نه پڙهڻ ايندو، باقي انگريزي وارو هي وٺ پڙهه ته پوءِ سمورو احوال ڏيان.“
    پڙهڻ کان وڌيڪ مون فوٽو تي ڌيان ڏنو، پڇيم ته،
    ”هي تصوير وارا همراهه ته صفا تو جهڙا ٿا لڳن، ڪير آهن هي ٻئي ۽ مسئلو ڇا آهي؟“
    اصل ۾ سڀ چيني، جاپاني ۽ ڪورين نسل جا ماڻهو سڀ هڪجهڙا ئي هوندا آهن. شالو ٻڌايو ته اهو سندس ڀاءُ آهي. سندس ڀاءُ بابت حال احوال ڪندي ڪافي وقت گذريو ۽ هِتان هُتان جي ڳالهين تي کيس ڏاڍي حيرانگي ٿي ته آئون ڪافي ڳالهيون جيڪي منهنجي تعليم يا ڪم ڪار سان لاڳاپيل نه هجڻ باوجود مون کي ڪيئن ٿي خبر پئي.

    سندس ننڍڙيون ٽِپيڪل چائينز اکيون کُليون ۽ چيائين ته“
    ”اڙي تون ته انجنيئر ۽ ليڪچرار آهين، تو کي اها خبر ڪيئن پئي ۽ ايتري ڄاڻ ڇو آهي؟“
    مون چيو ته،
    ”دراصل، اسين سڀ پاڪستاني هر ڳالهه ۾ فارم ڀرائڻ جا شوقين آهيون، دنيا ۾ جتي به جيئن ۽ جڏهن به ڪجهه به ٿيو ته اسين اُن ڳالهه تي ضرور ٽيڪا ٽپڻي ڪنداسين، پنهنجي ملڪ جو حال اهو آهي، 8000 ميگا واٽ بجلي جي مسلسل کوٽ آهي، آبادي 20 ڪروڙ کان چڙهي وئي. هاڻي ته اسڪولن ۾ چائينيز ٻولي ۽ تُرڪش ٻولي سيکارڻ جو به پروجيڪٽ شروع ٿا ڪن.“
    چيائين ته،
    ”اهو وري ڇو؟“
    چيم ته،
    ”گهر ۾ آئون ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائيندو آهيان، ڳوٺ جي بازار ويندس ته سنڌي ڳالهائيندس، حيدرآباد يا ڪراچي ويس ته سنڌي ۽ اُردو، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وري انگريزي ۾. ننڍي هوندي هندي به سکيس ته اسڪول دوران ڪُجهه عربي به.“
    ڏاڍي حيران ٿي. ڳالهه وڌيڪ ڳري ڪرڻ خاطر چيم ته،
    ”چائنا پاڪستان اڪانامڪ ڪاريڊور جي ڪري چائنا سان اسان واسطو وڌڻ جو امڪان آهي، سماجي ڏي وٺ به وڌندي سو چائينيز ٻولي کي اهميت ڏني پئي وڃي، تُرڪي سان به واسطا وڌن پيا سو تُرڪش اسڪول به کُلن پيا ته تُرڪش ٻولي کي اسڪولي نصاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي.“
    مون کي چيائين ته،
    ”توهان جي انگريزي ۽ ڳالهائڻ جو انداز تمام سُٺو آهي، ڇا سڀ پاڪستاني توهان وانگر هوشيار آهن؟“
    مون کي ڏاڍي کِل ٿي ۽ چيم ته،
    ”چري! تون اڃان ته مهراڻ يونيورسٽي جي ٽيچرز هاسٽل وارن دوستن يعني نعمان سهتي، زبير هنڱوري ۽ ذوالفقار سولنگي سان نه ملي آهين، اچ پاڪستان ته تو کي ملايان. اهي منهنجا دوست صفا ”هُو “۽ وڏا حوالي آهن.“
    چيائين ته،
    ”جيڪڏهن اچڻ ٿيو ڪڏهن پاڪستان ته ضرور ملنديس انهن سان.“
    وارو ڏنم ڳالهائڻ جو ته چيائين ته،
    ”آئون پاڻ هِتي هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي آهيان. تون ڇو نه ٿو هِتي نوڪري ڪرين، سُٺو ڪامياب ويندين ۽ ترقي ڪندين.“
    مون چيو ته،
    ”مون کي ڪير نوڪري ڏيندو هتي؟“
    جواب ڏنائين ته،
    ”آمريڪا تمام وڏو ملڪ آهي ۽ ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن، خاص ڪري توهان جهڙن پڙهيل لکيل ۽ سُٺو ڳالهائيندڙ نوجوانن لاءِ.“
    مون چيو ته،
    ”آئون يونيورسٽيءَ ۾ جاب جو خواهشمند آهيان.“
    چيائين ته،
    ”سچي ۾ توهان جي هتي جي يونيورسٽين ۾ سُٺي گهُرج آهي.“
    مون چيو ته،
    ”آئون نوجوان ڪونه آهيان. منهنجي عمر هيتري آهي.“
    شايد دل خوش ڪرڻ خاطر چيائين،
    ”اڙي لڳين ته ڪونه ٿو.“
    مون چيو ته،
    ”يو مسٽ بي لائنگ يعني پڪو ڪوڙ پئي ڪرين.“
    چيائين،
    ”نه ڙي، سچي. پر تنهنجي حقيقي عمر به هِتي جي نوجوانن جي عمر آهي. هتي نوڪري ڳولهڻ جا طريقا آئون ٻڌائينديس، گائيڊ ڪنديس. اپلائي ڪر. آئون پاڻ 2009 ۾ ساڳي طريقي سان آئي هُيس.“
    پُڇيو مانس ته،
    ”عمر ڪيتري اٿئي؟“
    چيائين ته،
    ”سائين، عورتن کان عمر نه پڇبي آهي، پاڻ اندازو لڳائي وٺ.“
    مون لڳندڙ عمر مان 7 سال ڪٽي ٻڌايم ته هيتري عمر هوندئي. کِل جي ڦٽاڪي کان پوءِ چيائين ته،
    ”مون پنهنجي عمر ڪٿي به نه لکي آهي......“
    مون چيو ته،
    ”آئون جيڪڏهن پوءِ به تنهنجي اصلي عمر ٻڌائي ڏيان ته انعام ۾ ڇا ڏيندئين؟“
    پنهنجي ٿيلهي مان هڪ ڪا ٿيلهي ڪڍي چيائين ته،
    ”هي ٿيندو انعام.“
    ”ٺيڪ آهي. رڳو نالي جي صحيح اسپيلنگ ٻڌاءِ.“
    سرچ ڪيم ته واقعي سندس اسڪول واري ويب سائيٽ تي عمر نه لکيل هُئي. (سماجي رابطي جي ويب سائيٽ) لنڪڊاِن تي سندس پروفائيل تي ڏٺم ته گريجيوئيشن ڪڏهن پوري ڪئي اٿس، ان ۾ 22 سال جوڙ ڪري ٻڌايم ته هيتري عمر اٿئي. وائڙي ٿي وئي، چئي ته،
    ”اهو ڪيئن معلوم ڪيئي؟ ڏاڍو هوشيار آهين.“
    مون چيو،
    ”حوال ڇڏ، انعام کڻي اچ، جام بُک لڳي آهي.“
    چيائين ته،
    ”پوءِ هلو ته مٿي هلي ڪِچن ۾ ڪا شئي پچائي کائون ٿا.“
    مون چيو،
    ”چيني ماڻهو ٿا کائين ڪاٺين سان چانور، آئون ته فقط ڪاٺين کي چُهٽيل چانور کائي سگهندس ان مان پيٽ ڪيئن ڀربو.“
    چيائين ته،
    ”واه جو ڀوڳائي آهين.“
    هٿ ملائي چيائين ته،
    ”آئون آهيان ذزهيان زذهُو.“
    مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو شالُو، سو کيس شالُو ئي چوندو پيو اچان. شالُو پاڻ به چيو ته اهو نالو مون کي وڌيڪ مِٺو پيو لڳي.
    ڳالهه ڳُڙ ٿيڻ کان اڳ ئي هن قصي کي هتي ئي پورو ٿو ڪجي ته شالُو سان گڏجي مٿي ٺهيل ڊيو هائوسنگ جي ڪچن ۾ وياسين ڪجهه کائڻ لاءِ، جو ڪجهه بُک پئي لڳي. مٿي وياسين ته شالُو وئي ڪچن ۾، مون سوچيو ته ٿورو فيس بوڪ مان ڌڪ وٺجي، سو اُتي رکيل ڪمپيوٽر تي فيس بوڪ هلائڻ لڳس. ڪجهه دير کان پوءِ ويس ڪچن ۾ ته.....
    اهو ٻڌائيندو هلان ته جيڪي به هاسٽل ورلڊ تي رجسٽرڊ هاسٽلون آهن، اُهي هڪ ته سستي اگهه تي ملن ٿيون، ٻيو اُتي رڌ پچاءَ وغيره لاءِ ڪچن، پنهنجو کاڌو محفوظ رکڻ لاءِ فرج، صبح جو ناشتو (هلڪو ڦلڪو) مفت ۾، انٽرنيٽ فري، استعمال لاءِ ڪمپيوٽر، هڪ ٽي وي هال وغيره به هوندو آهي. جن کي هرڪو پنهنجي مرضي آهر پيو استعمال ڪندو آهي. ڊيو هائوسنگ ۾ توليا (ٽوال) وري هڪ ڪٻٽ ۾ رکيل آهن، جنهن کي جڏهن مرضي پوي تهڙو ٽوال کڻي وڃي استعمال ڪري. باٿ رومن ۾ وري مسئلو اهو جو هڪ ته ڪُنڊي ناهي، ٻيو ته شيشي جو در آهي، جنهن مان..........
    پنهنجا ڪپڙا استري ڪرڻ لاءِ وري استري به هر وقت موجود آهي استري ڪرڻ واري اسٽينڊ سان گڏ. پاڻي جو ڪولر به لڳل آهي، نه ته رُڳو پاڻي جي بوتل به بازار ۾ هڪ اڌ ڊالر کان گهٽ نه ملندي ۽ واشنگٽن جا رستا ماپيندي روز پنج اٺ سو روپين جو رڳو ماڻهو پاڻي پيئو وڃي.....
    آئون ويس ڪچن ۾ وڃي فرج کي ڦيرو ڏنو جنهن ۾ مون پنهنجي ڊبل روٽي ۽ جيم جي شيشي رکي هُئي. ڊيو هائوسنگ ۾ هرڪو رهاڪو پنهنجي کاڌي جي سامان تي پنهنجو نالو ۽ چيڪ آئوٽ جي تاريخ لکي رکندو آهي. ته مون کي شالُو چيو ته ڇا پيو ڳولين؟ مون چيو ته پيٽ پوڄا ڪريون. چيائين هي ڏسي ديڳڙو سڄو چاڙهيو اٿم، گڏجي کائينداسين. مون چيو ڍڪ کول ڏسان ڇا پئي ٺاهين؟ ديڳڙي جو ڍڪ کوليائين ته ڏسان ته گُل گوبي جهڙو ڪجهه هو ان سان گڏ گوشت جو وڏو ٽُڪر (نه هوندو ته به 2 يا 3 ڪلو جو ضرور هوندو.) پاڻي ۾ پيو ٻاڦجي. پڇيومانس ته گوشت سان گڏ گوبي، ڇا آهي هي؟ چيائين ته سوئر جو گوشت آهي! مون چيو اڙي، مون ته سوئر جو گوشت نه ڪڏهن نه کاڌو آهي، نه ئي کائي سگهندس. چيائين ته جيستائين مون کي خبر آهي ته تون مسلمان ڪونه آهين؟ مون چيو ته ها آئون مسلمان ڪونه آهيان پر سوئر جو گوشت نه کائيندو آهيان جو خبر ناهي ٽيسٽ ڪهڙي هوندي. ان ڪري معذرت باقي، مون وٽ ڪراچي جي اسٽوڊنٽ برياني جي چڪن قورمي جي هڪ دٻڪي آهي اُها گڏجي کائبي. چيائين ٺيڪ آهي.
    سندس گوشت پئي رڌاڻو، مون ته رڳو قورمو کڻي وڌو مائڪرو ويو اوون ۾. دير ئي ڪانه ٿي. ڊبل روٽي ۽ قورمو کڻي رکيم ڊائننگ ٽيبل تي. ٻيو ڪير به نه هو ان وقت ڪچن ۾. سو شالُو کي چيم ته ڇڏ سوئر جي گوشت کي، قورمو کاءَ ته خبر پويئي.... ٻه ٽي گراهه هڻي چيائين ته جام ٽيسٽي آهي (سچ ڪوڙ جي خبر ڪانهي.).
    اُن دوران مون کان پُڇيائين ته تو وٽ ڪهڙو فون آهي، آئي فون؟ مون چيو نه مون وٽ سام سنگ آهي. چيائين ته اصل ۾ مون وٽ آئي فون آهي اُن جي ميموري فُل ٿي وئي آهي. وڌيڪ فوٽو ڪڍڻا آهن، پر سيوَ ئي ڪونه ٿا ٿين. مون چيو اسان اهڙيون هلڪيون ڦلڪيون خبرون رکون ٿا، هيڏانهن ڏي فون تو وارو. چيائين ته مون کي خبر ناهي فوٽو ڊليٽ ڪيئن ٿيندا، ڏسان ڪيئن سمورا فوٽو. مون چيو فوٽو گيلري کول، جيڪي فوٽو ڪم جا نه هُجن يا جيڪي تو ڪلائوڊ تي رکي ڇڏيا هُجن ته اُهي ڊليٽ ڪر، خاص ڪري هڪ ٻه وڊيو ڊليٽ ڪندئين ته ڪم ٿي ويندو. منهنجي صلاح تي هلي ته ٿوري دير ۾ ڪجهه فوٽو ۽ وڊيو ڊليٽ ڪيائين ته موبائل به خاصو تيز هلڻ لڳو مهربانيون مڃيندي چيائين ته ڏاڍو ڪو هوشيار آهين، آئي فون اٿئي به ڪونه ته به سُٺو ٿو هلائڻ اچئي، آمريڪا اچي نوڪري ڪر.
    شالُو جون وڌيڪ خبرون ڪجهه ڪونهي. کيس ٽوپي (سنڌي) پارايم، جيڪو کيس ڏاڍي وڻي. پنهنجي سنڌ جي ثقافت ۽ ٿر جي هٿ جي هنر بابت ٻڌايم. پاڻ ٻه ٽي سيلفيون ڪڍيائين جيڪي هتي شيئر ڪجن ٿيون. هي چينياڻي واحد مائي نڪتي جنهن سندس ڳوٺ ٽوليڊو اچڻ جي صلاح نه ڪئي ۽ فون نمبر به نه ڏنائين. صلاح ڪري ها ته به اسين ڪهڙو وڃون ها! ايس ڊي ايم گروپ جي نڪتي.
    شالُو مون کان اڳ هڪ ڏينهن پنهنجي ڳوٺ وڃي نڪتي. مون به لائريٽا پيبل وانگر سندس ٿيلهي ۾ ڀُڳڙن جي هڪ ٿيلهي ۽ هڪ کاڄن جي ٿيلهي (جيڪا مون ڪهڙو خرچ ڪري ورتي هُئي، اتحاد ايئرويز وارن ڏني هُئي.) وجهي ڇڏي. جيڪا هُن ٽرين جي سفر دورن پنهنجو سامان ڦلهورڻ دوران ڏٺي ۽ مون کي فيس بوڪ تي ميسيج ڪيائين ته مون کي پڪ آهي اهي ٿيلهيون تو وڌيون هونديون منهنجي ٿيلهي ۾. چيائين مهرباني، جو ڪُجهه بُک هلڪي ٿي.


    برازيل جي گول ايئرلائين جي هوسٽيس

    حسبِ معمول هڪ شام جو ڊيو هائوسنگ جي لابي ۾ صوفي تي ويٺل هُئس. آمريڪا جي مشهور نيشنل باسڪيٽ بال ايسوسيئشن جي پروفيشنل ليگ جي ڪا مئچ هلي رهي هئي. هلڪي آواز ۾ لائيو ڪمينٽري به هلي رهي هُئي. ڪجهه نوجوان سامهون وارن صوفن تي ويهي پتي راند ڪرڻ ۾ مصروف هُئا. پاڻ ۾ کِلڪوڙا ڪري رهيا هُئا، سندن ڳالهين مان لڳو پئي ته شايد نيوزيلينڊ جا هُئا، آڪلينڊ ۽ ويلنگٽن جي باري ۾ ڪي ڳالهيون ڪري رهيا هُئا. ايتري ۾ منهنجي پاسي ۾ هڪ ڇوڪري اچي ويٺي، شڪل مان لاطيني پئي لڳي. ڏاڍي پريشان پئي نظر آئي، پنهنجو سامان سڙو ٻڌي آئي هُئي، هاڻي شايد ڪنهن جو انتظار پئي ڪيائين. موبائل تي به پئي کِٽپِٽ ڪيائين.
    هرو ڀرو پُڇيومانس، ”خيريت ته آهي نه؟ پريشان پيا لڳو؟“
    چيائين، ”مون کي ڪجهه يادگار گفٽ وٺڻا آهن دوستن لاءِ. خبر ڪونه ٿي پوي ته دُڪان ڪهڙي پاسي آهي.“
    صلاح ڏنم ته، ”انٽرنيٽ تي ڏس، سموري خبر پئجي ويندي.“
    مغروري مان چيائين ته، ”ها مون کي خبر آهي، پر مون وٽ هتان جي سِم نه آهي، ۽ ٻاهر ويندي انٽرنيٽ ڪيئن هلندو جو گوگل ميپس هلايان.“
    مون چيو، ”اڙي، پوءِ آف لائين ميپ هلاءِ نه، ان جي ذريعي ته لوڪيٽ ڪري سگهين ٿي نه؟“
    چيائين ته، ”اهو وري ڪيئن؟“
    چيم ته، ”جي موبائل مون کي ڏين، ته مسئلو حل ڪري ڏيان.“
    موبائل کڻي مون وٽ آئي ۽ پريشاني وچان پنهنجا هٿ مهٽڻ جاري رکيائين. مون گوگل پلي اسٽور تان هيئر ميپس نالي اپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪري واشنگٽن جو نقشو لوڊ ڪري ڏنم، جي پي ايس به آن ڪري موبائل کيس واپس ڏنم.
    چيم ته، ”هاڻي ٻاهر وڃي چيڪ ڪر ته اها اپليڪيشن صحيح نموني ڪم ڪري ٿي يا نه؟“
    ٿوري دير ۾ ٻاهران خوشي ۾ ٽپڪي ڏيندي آئي ته، ”اڙي واهه هي ته آف لائين هلي پيو....“
    مون چيو ته، ”مون ته تو کي چيو هو آئون تنهنجو مسئلو حل ڪري ٿو ڏيان....“
    تنهن تي وڌيڪ ٻڌايائين ته، ”آئون برازيل جي گول ايئر لائين جي ايئر هوسٽيس آهيان، مون کي ڪڏهن ان آف لائين ميپ جي خبر ئي نه هُئي. مون کي حيرت آهي ته توهان کي ڪيئن خبر آهي...“
    مون چيو ته، ”ڪافي گهمڻ ڦرڻ جو شوق آهي سو اهي شيون احتياط ڪندي ڪندي سکي ورتيون آهن.“
    وري به ڪانفرنس خاطر واشنگٽن اچڻ بابت ٻڌايم، جنهن تي ڪافي خوشي جو اظهار ڪيائين. پاڪستان جي باري ۾ چيائين ته ٿورو گهڻو ٻڌو اٿم، ڪا خاص خبر نه اٿم.
    ايتري ۾ آئون وري هليو آيس پنهنجي بيڊ تي. ڪجهه دير آرام ڪرڻ کان پوءِ وهنجي سهنجي وري ٻاهر جو دورو ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيس. ڊيو هائوسنگ جون هڪ ٻه گهٽيون لتاڙيم ته ڏسان ته اها برازيلي ڇوڪري پنهنجو ٿيلهو گهليندي وئي پئي، ٿيلهي جا وڏا ڦيٿا هُئا جن جو ڦرڙاٽ پئي پيو. مون کي هاءِ ڪيائين ۽ چيائين ته، ”توهان جي وڏي وڏي مهرباني، منهنجو مسئلو حل ڪيو. آئون هاڻي وڃان پئي (ڪنهن شهر جو نالو ورتائين جيڪو مون کي هاڻي ياد نه آهي ۽ نه ئي ڪو ڪڏهن وري ذهن تي به اچي). توهان کي نه وسارينديس.“
    مون به چيو ته، ”ڪو مسئلو نه آهي. سدائين گڏ.“
    نالو يا ڪو ڏس پتو نه ڪو مون پُڇيو ۽ نه ئي ڪو هُن ٻڌايو.


    واشنگٽن ۾ هلڪي ڦلڪي خريداري 

    جيئن ئي نيويارڪ ڏي گهُمري جو پروگرام ملتوي ٿيو ته سوچيم ته هاڻي انهن بچيل ٻن ڏينهن ۾ ڇاڇا ڪجي. پلان اهو ڪيم ته انهن ٻن ڏينهن ۾ ڪجهه رهيل ميوزيم ۽ پارڪ گهمبا، گڏوگڏ ڪجهه ڊگهيون گهٽيون ماپبيون. گهٽين ماپڻ سان گڏ اهو به ته نيويارڪ نه وڃڻ ڪري ڪجهه پئسا بچي پيا جن مان راڄن تي ٿورا ڪرڻ لاءِ ننڍڙا ننڍڙا گفٽ ۽ ٻارن لاءِ ڪپڙا (يعني ٽي شرٽ وغيره) خريد ڪرڻ جو پلان ڪيم. وڏي ڳالهه اها جو گُذريل ڪجهه ڏينهن واشنگٽن جي گهٽين ۾ رُلڻ دوران مون کي ڪٿي به ڪو شاپنگ پلازا يا شاپنگ مال نظر نه آيو. نه ته ڪبو ايئن آهي جو گهمندي ڦرندي ماڻهو ڪا شئي سستي ملي يا چڱي ملي ته وٺي ڇڏي. خريداري ڪرڻ بابت انٽرنيٽ تي ڪنهن بلاگ تي پڙهيو هُئم ته هروڀرو خريداري ڪرڻ ڪري شيون عمومي طور تي مهانگيون ملن ٿيون جنهن ڪري ايئن ڪجي جو مهيني کن جو پلان ڪري ڇڏجي ته گهمندي ڦرندي ماڻهو شيون وٺندو رهي ته ڪافي حد تائين بچت ٿيڻ جو امڪان آهي. هاڻي اهو طئي ڪيم ته گهٽين ۾ رُلندي ننڍيون ننڍيون شيون وغيره وٺندو رهندس.
    وارو ڏنم انٽرنيٽ کي، گوگل تي سرچ ڪيم ته مون واري هاسٽل تان گفٽ ۽ واشنگٽن سووينئر وٺڻ لاءِ دُڪان ڪهڙي پاسي آهن؟ ڪهڙا دُڪان آهن، اگهه پار ڪيترو اٿن؟ گوگل ڏس ڏنو ته وائيٽ هائوس ڏانهن ويندڙ رستي تي اڪا ڊيانا ريسٽورانٽ جي سامهون واري بلڊنگ ۾ هڪ سووينئر شاپ آهي جنهن جو نالو ئي سووينئر سٽي آهي. گوگل کان پنڌ پُڇيم ته ڪيترو ٿيندو؟ گوگل جواب ڏنو ته ٻه ٽي رستا آهن، پر فلاڻو رستو 236 وکون وٺندو ۽ وڌ ۾ وڌ 7 منٽ لڳندا. احتياط خاطر وڌيڪ پُڇيم ته ڪو ٻيو دُڪان اڃان؟ ٻڌايائين ته سووينئر سٽي کان کاٻي مڙي اڳيان ويندين ته وائٽ هائوس کان اورين گهٽي ۾ وائيٽ هائوس گفٽس نالي دُڪان آهي، جيڪو هتان هاسٽل تان تقريبن هڪ ميل پري آهي، جي پنڌ ويندين ته لڳندا اٽڪل 16 منٽ ۽ جيڪڏهن ڪار ۾ ويندين ته لڳندا ڇهه منٽ.
    پنهنجي سامان منجهان ڳولي هڪ پلاسٽڪ جي ٿيلهي کڻي ٻاهر نڪتس. ٿيلهي ان ڪري کنيم جو ياد اٿم ته ڪافي دُڪانن تي پلاسٽڪ جي ٿيلهي جا به 50 کان 100 روپيه وٺن ٿا. سو شهر جون شيشي واريون بلڊنگون ڏسندي، گوگل واري ڏسيل رستي کي باءِ پاس ڪري ٻئي رستي تان سووينئر سٽي ڏانهن روانو ٿيس. موبائل فون تي جي پي ايس جي مدد سان سڌو اچي سووينئر سٽي پُهتس ڏسان ته دُڪان بند لڳو پيو هو، ٻاهر شيشي جي دروازي تي هڪ پنو لڳل هو جنهن تي لکيل هو ته آچر ڏينهن دُڪان بند رهندو. سو اُتان وري مڙيس وائيٽ هائوس گفٽس ڏانهن. اُتان ته صفا ٿورو ئي پنڌ هو سو مزي سان پهچي ويس. ڏسان ته ٻه ٽي ٽوئر واريون بسون اچي گيٽ تي بيٺيون آهن، جنهن مان سڀ هڪ جهڙا يعني چيني ۽ ڪوريا جا ماڻهو لهڻ شروع ٿي ويا. مون ٿورو ايڪسيليٽر تي زور ڏنو جو خبر هُئي ته هي سڀ انهي دُڪان ۾ ئي ويندا ۽ سڄو سامان وٺي ويندا ۽ مون لاءِ مشڪل ڪا شئي بچي. ٽوئر بسن ۾ وري سڄي ولر کي سنڀالڻ خاطر گائيڊ يعني رهنمائي ڪندڙ هوندو آهي جيڪو سڄي ولر کي قابو ڪري هلندو آهي. ڪي ٽوئر وارا سڀني کي هڪ ئي رنگ جون شرٽون پارائيندا آهن جيئن سڃاڻڻ ۾ سولائي ٿئي، ڪي وري گائيڊ کي هڪ جهنڊو ڏئي ڇڏيندا آهن جيڪو هو لٺ ۾ ڦاسائي هلندو پيو آهي، ٻيا سڀ انهي جهنڊي جي پويان ايندا آهن. ٽوئر بس وارا ڪٿي به لهڻ شرط سڀ ماڻهو ڳڻيندا آهن يا هر ڪنهن کي هڪ رول نمبر يا سيٽ نمبر حساب سان ڳڻپ ڪندا آهن. هنن همراهن اها ڳڻپ پئي ڪئي ته تيستائين آئون لُوهه ڪري دُڪان ۾ گهڙي ويس، واهه جو دُڪان هو. سليقي سان سڀ سامان رکيل هُئا.
    ڪٻٽن ۾ رکيل سامان ڦلهورڻ جي هرڪنهن کي اجازت هُئي سو، مختلف دٻن ۽ خانن ۾ پيل سامان کي جاچيندو، اگهه پار ڏسندو ويس. ٽنگڻين تي پيل ٽي شرٽون ۽ گنجيون به سُٺي اگهه تي وڪامجي رهيون هيون. منهنجو ٽارگيٽ هو ته ٻه ٽي شو پيس وٺبا، باقي ڪي چين جيئن ته هوندا ئي يادگيري لاءِ آهن، سو اهي وٺبا ۽ ڪجهه ٽي شرٽون ٻارن لاءِ کوڙ رهنديون. ڪي چين تقريبن 1 کان 5 ڊالر جا هُئا سو 20 کن اهي ورتم. ٽي شرٽ 10 کان 20 ڊالر تائين جون پئي مليون سو 5 اهي ورتم، شو پيس به 5 کان 20 ڊالر تائين جا هُئا اُهي به 5 عدد ورتم. واشنگٽن جي نشاني واريون ٽي ٽوپيون به ورتم جيڪي 10 ڊالر في ٽوپي جي اگهه سان مليون. هڪ گهنڊڻي ٽيبل تي رکڻ خاطر (وائرليس گهنٽي جي نعم البدل طور) ورتم جيڪا 12 ڊالر ۾ ملي. ايئن ڪجهه ٻيون به شيون ورتم. اچي پيتي واري همراه يعني پئسا وٺڻ واري مائي وٽ بيٺس. پئسا ڏيڻ وقت عادت کان مجبور ٿي چيم ته،
    ”پاڪستان مان آيو آهيان، شاگرد آهيان ٽوٽل تي رعايت ڪجان، مهرباني ڪري.“
    کُل ۾ ٻُڏي وئي، چيائين ته،
    ”هر شئي جو اگهه چٽي طريقي سان هر شئي تي لکيو پيو آهي پوءِ به رعايت؟“
    مون چيو ته،
    ”رعايت تمام ضروري آهي، گراهڪي وڌائڻ خاطر رعايت تمام ضروري آهي.“
    ”پڙهيل ڪيترو آهين؟“
    داٻو ڪرڻ خاطر چيم ته،
    ”پريان ورلڊ بئنڪ ۾ هڪ ڪانفرنس هُئي ان ۾ شرڪت ڪري آيو آهيان، يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آهيان، پي ايڇ ڊي پيو ڪريان.“
    پاڻ وٽ ته اها شئي ڪجهه ڪونهي پر هُن مائي جون اکيون کُليون ۽ مون کي چيائين ته،
    ”جيئن ته سامان جيڪو توهان ورتو آهي، ان جي رقم جي ادائگي ٿي چُڪي آهي، سو هيئن ڪر، ان ادا ڪيل قيمت تي ٽي ڪي چين وڌيڪ کڻي وٺ، اها رعايت اٿئي.“
    ”وڏي مهرباني، رعايت مارڪيٽنگ جو هڪ اثرائتو حربو اٿئي.“
    ايئن چئي 3 ڊالرن وارا 3 ڪي چين کڻي کيس ڏيکاري، سندس هٿن سان پنهنجي ٿيلهيءَ ۾ وجهرايو، متان سيڪيورٽي ڪيمرا وارا ڪٿي ڪن قابو. هٿ هلائي بائي بائي ڪرڻ ضروري سمجهيم، هاڻي ته ڪُلها مِچڪائڻ به سِکي ويو هُئم سو اهي به ٿورا لوڏيم......


    انڊيا جو ڪنچن ۽ ڪوريا جو نام گي! 

    ڪافي ڏينهن گهمياسين، ڦرياسين، رُلياسين. واشنگٽن ڊي سي کي الوداع ڪرڻ جو وقت اچي ويو. آخري ڏينهن (20 جون 2016) تي صبح سويل 9 بجي تيار ٿي نڪتس ته پهريان وڃي نائين بجي ڪنهن گفٽ شاپ تان ٻه ٽي چاٻين جا ڇلا وٺي (راڄن کي گفٽ ڪرڻ لاءِ) پوءِ ويندس هولوڪاسٽ ميوزم، جتي مون کي پهرين هڪ دفعو وڃڻ تي رش وڌي وڃڻ سبب ٽڪيٽ ئي نه ملي سگهي هُئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها ٽڪيٽ به مفت جي ئي هُئي. سو ٽارگيٽ اهو ڪيم ته ساڍا نوَ بجي ڪيئن به ڪري قطار ۾ پهچي ويندس، واپسي تي وري واشنگٽن مونيومينٽ تان ٿيندو، رستي ۾ وري چينين کان ڪا شئي کائڻ پيئڻ جي وٺي واپس هڪ بجي هاسٽل تي اچي ويندس. سو هولوڪاسٽ ميوزيم ۾ رکيل ڪافي يادگار شين، مختلف فلمن، فوٽو، رڪارڊز وغيره ڏسي ڪري واپس اچي ويس هاسٽل تي. هاسٽل واري ملازمه کي چيم ته 3 بجي آئون ويندس هليو، مون کي چيڪ آئوٽ ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو. چيائين ته بس رڳو چادر، وهاڻي جي ڇُهه ۽ گاديلي جي ڇُهه مٿي دٻڪي ۾ اُڇلائي ڇڏجان، اهو چيڪ آئوٽ آهي. گڏوگڏ سامان هتي لابي ۾ رکي ويهڻو آهي يا وڃي ٻاهران چڪر ڏي. مٿي ڪچن وئين يا ڪمپيوٽر استعمال ڪيئي ته 10 ڊالر چارجز آهن، 5 بجي کان پوءِ وئين ته به 10 ڊالر چارجز ويهڻ جا لڳندا. منهنجي فلائيٽ 10 لڳي پنج منٽن تي نڪرڻي هُئي ان حساب سان مون کي 5 بجي نڪري، سوا يا ساڍا پنج بجي ميٽرو اسٽيشن تي، 15 منٽ بعد لان فانٽ پلازا اسٽيشن تان بس تي نڪرڻو هو ايئرپورٽ ۽ اُتان ايئرپورٽ تقريبن 45 منٽن جو پنڌ هو. سو اندازي موجب 7 بجي آئون پهچي ويندس. انهن خيالن ۾ مون پنهنجو سمورو سامان ٿيلهي ۾ بند ڪري ڇڏيو. وهنجي ڪري، تيار ٿي، سفر لاءِ ٽي شرٽ ۽ شارٽ پاتا، ڇو جو ڊگهو سفر هو ۽ شلوار قميض ميرا ٿي چُڪا هُئا، هميشه وانگر اهو ئي مسئلو ته ڌُلائي ڪير ڪري؟ انهي دوران منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هُئي هڪ انڊين نالي ڪنچن ڪين ۽ ڪورين نام گي سان. ڪنچن اڄ ئي لٿو هو انڊيا مان، کيس جارج ٽائون يونيورسٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ فيلو شپ ملي وئي هُئي.
    فيسبوڪ نه ٿي هلائڻ آيس، اهو به کيس سيکاريم، واشنگٽن ۾ رستا، گوگل ۽ هيئر ميپس جو بهتر استعمال، جي پي ايس، گهيڙ گهٽيون، ميٽرو ٽرين ۽ بسون وغيره ۽ ٻيو ٿورو گهڻو هتان هُتان جو احوال ڏنم. ڪورين به چيو ته پليز انگريزي ۾ ڳالهايو ته آئون به سمجهان ۽ سکان. مون اردو ۾ پئي ڳالهايو جيڪا ٻڌڻ ۾ ڪنچن لاءِ هندي هُئي ۽ نام گي لاءِ ٺڪر ڀتر. سو ڪورين ويچارو ڏاڍو خوش ٿيو مفت ۾ معلومات ملندي، ڀوڳ چرچا ڪندي. وري به چوان ٿو ته ڏاڍو خوش ٿيو، ڪنچن ويچارو ڏاڍو گهٻرايل هو مون چيو، پُٽ هي ڪولڪته ٿورو ئي آهي، بي فڪر ٿي رُل پِن. نام گي چيو ڪاش ڪجهه ڏينهن هِتي هُجين ها ته گڏجي آيووا رياست (Iowa State) هلون ها اُتي منهنجي آنٽ (چاچي، ماسي يا مامي، خبر ناهي....) رهي ٿي، گڏجي هلي گهمون ها، آنٽ وٽ رهون ها. ويچارو ٿورو غمگين ٿي ويو.....


    مون کي به افسوس ٿيڻ لڳو جو کيس منهنجي دوستاڻي طبيعت ايتري گهڻي سُٺي لڳس. سامان ريڊي، هيئر وُئي گو. ٻاهر آياسين هاسٽل لابي ۾، سڀني کي دل سان باءِ باءِ ڪيم، هاسٽل باس جي مهرباني مڃي ته هن هاسٽل کي ڪڏهن به ڪونه وساريندس ۽ جڏهن به آيس ته وري به هتي ئي رهندس. چيائين پنهنجي گڏ سيلفي ورتل آهي، اُها به نه ڪو ڊليٽ ڪجان، نه ڪو وسارجان. ڪورين چيو ته آئون توهان سان گڏ هلان ٿو اسٽيشن تائين ڇڏڻ لاءِ، مون چيو جاني ٻاهر گرمي آهي، تون ويهه هتي، ڪو مسئلو ناهي. چئي نه آئون هلندس، مون چيو ٺيڪ آهي. ٻاهر نڪتاسين ته مون چيو هڪ يادگار سيلفي ٿي وڃي. سيلفي ڪڍي موبائل وڌو کيسي ۾، هاسٽل تي آخري نظر وڌي ته نام گي چيو ته يار، تنهنجو ٿيلهو ڏي ته آئون ٿو گهيلي هلان. مون چيو نه مون کي سڄو سفر گهيلڻو آهي، ان ڪري نه ڏيندس. هڪ ڪلو ميٽر تائين پنڌ ڪندي ويرنون اسڪائر جي ميٽرو اسٽيشن تي پهتاسين ته نام گي ڀاڪر پائي موڪلايو، مون کي ساڻس ڏاڍي همدردي ٿيڻ لڳي..... اسٽيشن ۾ هيٺ لهندي مٿي نگاهه ڪيم ته نامي گي هٿ لوڏي باءِ باءِ ڪري رهيو هو...... ڏاڍو حساس طبيعت لڳو ٿي..... بعد ۾ فيسبوڪ تي ميسيج ڪيائين ته آئي مِس يوئر ڪمپني.....


    ايئرپورٽ ڏانهن ويندي ڊرائيور سان احوال! 

    ڪنچن نالي انڊين نوجوان کي جارج ٽائون يونيورسٽي ڏانهن وڃڻو هو سو کيس جنڪشن تي لهڻ جو چيم ته اُتان ٻي ٽرين ۾ چڙهي هليو وڃي سِڌو يونيورسٽي. آئون سڌو وڃي لان فانٽ پلازا تي لٿس اُتي لهي وري موبائل تي نقشو کولي پڪ ڪيم ته واقعي انهي جاءِ تي پهتو آهيان جتي مون کي (5-A) بس ملڻي هُئي. پڪ ٿيم ته بس اِتي ئي ايندي، سو بالم بڻجي انتظار ڪرڻ لڳس، بس جي اچڻ ۾ اڃان 15 منٽ هُئا، تيستائين پاسي ۾ بيٺل هڪ نوجوان کي واشنگٽن اسٽائل ۾ مسڪراهٽ سان هيلو چيم، هُن به جوان موبائل کيسي ۾ رکي مون کي هيلو چيو ۽ اچي هٿ ملايو. هن جي موبائل کيسي ۾ رکڻ واري ڳالهه وڻي، جنهن مان صاف ظاهر ٿيو ته هن مون سان مڪمل دلچسپي سان ڳالهائڻ چاهيو ٿي. اسان وٽ دوستن ۾ گهمڻ ڦرڻ خاطر ٻاهر نڪرندي، يا ڪنهن ريسٽورانٽ تي ماني کائيندي به دوستن کي منٿون ڪرڻيون پونديون آهن، ادا مهرباني ڪري موبائل فون ته بند ڪريو يا گهٽ کان گهٽ استعمال ڪريو. ڪافي دفعا دوستن کي اهو به مشورو ڏنو هوندو ته شرط ٿا رکون ته جنهن بغير فون ڪال جي ڪنهن موبائل استعمال ڪيو ته ان کي کاڌي پيتي جو بل ڀرڻ گهرجي. پر وري به سڀ پيا فون استعمال ڪندا آهن.
    پاڻ ئي چيائين ته،
    ”آئون هتي پاسي ۾ نوڪري ڪريان ٿو.“
    مون چيو ته،
    ”هاڻي پڪ سان گهر ويندو هوندين، ڇا تي ويندين؟“
    چيائين ته،
    ”هتان 4، 5 دوست آهيون هڪ ٽيڪسي واري سان ڳالهايل آهي اهو هِتان کڻندو.“
    مون پُڇيو ته،
    ”سڀ دوست گڏ رهندا آهيو ڇا؟“
    چيائين،
    ”نه، دوست ته ڪونه آهيون، پر ٽيڪسي وارو همراه پاڻ سمجهوتو ڪري هڪ ئي واري ۾ سڀني کي گڏ کڻي ايندو ويندو آهي، نه ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ وقت جو ڪافي زيان ٿو ٿئي، ٻه ٽي گاڏيون روز بدلايون ته باس روز موچڙا هڻي.“ (ان وقت اڃان اُبر يا ڪاريم ٽيڪسي وغيره جي مون کي خبر نه هُئي، ۽ هنن به ان ٽيڪسي جو پرائيويٽ استعمال پئي ڪيو.)
    تاڙو ملائيندي چيم،
    ”يار چالاڪي ۾ ته توهان ذري گهٽ پاڪستاني آهيو.“
    پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرايم. چيائين ته،
    ”يار تمام گهٽ ماڻهو توهان وانگر ايئن پنهنجائپ سان ڳالهائيندا آهن. اميد ته توهان سان وري ملاقات ٿيندي.“
    ڪنهن جي منهن ۾ مصري، ڪنهن جو وات گُلاب،
    سي ماڻهو لاجواب، لطف جن جي لفظن ۾.
    دل ۾ چيم ته وات گُلاب تنهنجو. تيستائين سندس ٽيڪسي اچي پهتي مون کي تڪڙ ۾ ڀاڪر پائي الوداع ڪيائين ۽ ٽيڪسي ۾ ويهندي به هٿ لوڏي کيڪاري بائي بائي ڪيائين.
    ايئن ئي ڪجهه دير ۾ مون واري بس به اچي پهتي. بس ۾ چڙهي ڪرايو جمع ڪرائي اچي هڪ سيٽ تي ويٺس. ڊرائيور مون وٽ آيو چيائين ته
    ”اڃان 10 منٽ آهن، بس پوءِ نڪرندي، تيستائين ڀلا چانهه پي وٺان.“
    مون چيو ته،
    ”ها، بلڪل، ڇونه، ٿڪي به ڏاڍو پيو هوندين، سڄو ڏينهن ٿو بس هلائين. بس هلائڻ وڏي مُصيبت آهي واشنگٽن ۾“
    دل ۾ چيم ته هُجي ها بدين_حيدرآباد روٽ تي ڪا ڪوسٽر هلائيندو ته خبر پويس ها ته گهڻين ويهين سئو ٿئي..... هِتي ايئر ڪنڊيشنڊ بس هلائيندي به تڪليف ٿي ٿيس، اهو به واشنگٽن جهڙي شهر ۾ جتي روڊ رستا کليل ۽ نه ڪو موٽر سائيڪل، نه ڪو چنگچي، نه ڪو رڪشا ۽ نه ئي وري ڪو حيدرآباد وارو فور سيٽر. (ٻڌو آهي ته اهي فور سيٽر اصل ۾ جاپانين حيدرآباد جي سوڙهين گهٽين مان ڪچرو کڻي ٺڪاڻي لڳائڻ خاطر گفٽ ڪيا هُئا، جيڪي وقت جي شاهينگن وري عوامي سواري لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا.)
    ڊرائيور چيو ته، ”بس يار ڇا ڪجي، ڪرڻو ٿو پوي.“
    ائين چئي ڊرائيور لهي ويو. آئون ۽ هڪ ٻيو همراه ويٺا رهياسين. مون سيلفيون ڇِڪڻ شروع ڪيون ته جيئن ٽائيم پاس ٿئي.


    واپسي جو سفر.....

    واپسي تي واشنگٽن کي پري ٿيندو ڏسي ٿورو عجيب محسوس ٿي رهيو هو ته هن شهر کي دُنيا جي گادي جو هنڌ چيو وڃي ٿو. ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته هن ئي شهر ۾ مون کي واپس اچڻو آهي، عجيب پنهنجائپ محسوس ٿي رهي هُئي ڪنڪريٽ جي شهر سان.
    ايئن ئي واشنگٽن شهر جي مختلف رنگن روپن ۽ روين بابت سوچيندي ڪو هڪ بس اسٽاپ آيو جِتي ڪافي سارا ماڻهو لهڻ لڳا، رڳو هڪڙو آئون ۽ ٻيو هڪ همراه بچياسين. اُتي مون کي شڪ پيو ته شايد هي ايئرپورٽ ئي آهي، ٻاهر ڏٺم ته بس اسٽاپ ساڳئي نموني جو هو جهڙو ايئرپورٽ تي هو. اهو سوچيندي لهي پيس بس مان، ٻاهر لهي ڏسان ته ڪو به بورڊ يا معلوماتي تختي به نه لڳل هُئي، ماڻهو سڀ لهي الائجي ڪيڏانهن گُم ٿي ويا. ٿورو ڊپ ٿيڻ لڳو ته متان هي ايئرپورٽ ئي نه آهي..... همت ڪري هڪ همراه کان پُڇيم ته ڇا هي ڊيولس ايئرپورٽ آهي؟ جنهن تي هن همراه ٻڌايو ته هي ايئرپورٽ ناهي.
    تڪڙ ۾ ان بلڊنگ کان ٻاهر آيس، ساڳئي اسٽاپ تي ويهي ايندڙ بس جو انتظار ڪرڻ لڳس، هاڻي هتي نه ڪو واءِ فاءِ هو جو انٽرنيٽ تان معلومات وٺان ته ايندڙ بس ڪيتري دير ۾ پهچندي. 10 منٽ کن جي انتظار کان پوءِ هڪ بس آئي ان جي ڊرائيور کان پتو ڪيم جنهن ٻڌايو ته ها هي بس ڊيولس ايئرپورٽ ئي ويندي. آٿت ملي ۽ چڙهيس بس ۾، ڊرائيور کي ڀلجي وڃڻ واري ڪهاڻي ٻڌايم جنهن تي مسڪرائيندي هن 3 ڊالر ڪرايو ادا ڪرڻ جو چيو. وري هوائي سوچن جي سفر دوران ئي ايئرپورٽ تي پهتس، هاڻي ته جهڙو واقف هُجان هتان جو ٻين کي پيو ڏس ڏيان ته هيڏانهن وڃڻ وارا هتان وڃو..... ٿوري دير کان پوءِ سيڪيورٽي وارن کان پاس ٿي ڪري مٿئين فلور تي وڃي اتحاد ايئر جي ڪائونٽر تان بورڊنگ پاس وٺي پنهنجي سامان لگيج ۾ جمع ڪرائي ڪجهه دُڪان ڦلهورڻ شروع ڪيا..... ايئن ڪندي ڪجهه دير گُذري ته اسان جي فلائيٽ بابت اعلان ٿيو ته هلي جهاز تي چڙهو.
    ساڳئي طريقي سان واپسي تي به 14 ڪلاڪن جو سفر سمهي گذاريوسين جو ايئرلائين وارن پاران جهاز جي آواز کي جهڪو ڪرڻ لاءِ فوم جي ٺهيل هڪ ٻُنجڻي ڏني وئي هُئي سا ڪنن ۾ وجهي سمهي پيس، پاڻي ۽ مشروبات گهٽ کان گهٽ پيتم جيئن واش روم وڃڻ لاءِ اُٿڻو نه پوي....
    ابو ظهبي ايئرپورٽ تي لهي ڏندڻ ڪري، هٿ منهن ڌوئي وري ڪراچي جي اُڏام جو انتظار ڪرڻ لڳاسين..... ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي ڪري خبر پئي ته واقعي ڪراچي پهچي ويا آهيون، ڇو جو هر جاءِ تي اسان جو ”بهترين“ نظم ۽ ضبط ڏسي طبيعت ئي بدلجي ٿي وڃي.... وي آئي پي ۽ سي آئي پي وارو ماحول اهو ساڳيو ئي........
    اسان جو پنهنجو ماحول.....


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927287
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760805
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ