مهاڳ: نثر کي رقص ڏيندڙ قلمڪار: علي نواز ڏاهري
1- جذبات: دل ۾ اچڻ واري هر ڪيفيت ۽ احساس جو نالو آهي.
2- عقل: عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ئي آهي بي مهار ۽ حد کان ٻاهر نڪرڻ واري جذبي کي ضابطي جي حدن ۾ پابند رکڻ وارو.
3- علم: اها نعمت آهي جيڪا انسان جي شرف ۽ عظمت جو ڪارڻ آهي.
4- اختيار: سڄي ڪائنات ۾ جيترو وسيع ۽ لامحدود اختيار جو دائرو انسان کي ميسر آهي سو شايد ڪنهن ٻي نوع کي عطا نه ٿي سگهيو.
5- عمل: مٿين چئن شين جي پيداوار Product عمل آهي. نيٺ عمل ئي اهو ثابت ڪندو آهي ته مٿيون چار شيون ڪائنات جي تعمير ۽ تسخير لاءِ استعمال ٿيون آهن يا شر ۽ تخريب لاءِ، ان سڄي تمهيد کان پوءِ منهنجي تحقيق اها آهي ته ڪائنات ۾ انسانن جي زندگي گذارڻ جا انداز ۽ سندن رويا انهن نعمتن جي استعمال هيٺ مختلف رهيا آهن.
جيڪي ماڻهو خدا جي ڏنل چئن ئي وصفن کي انسان ذات جي ترقي، تعمير، احترام ۽ توقير لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. در حقيقت اهي ئي انسان ڏات جا ڏيئا، واٽ جا مرشد ۽ تخليق جا تارا سڏبا آهن. اهڙن ئي انيڪ، بي بها ۽ انمول ڪردارن مان هڪ ڪردار علي نواز ڏاهريءَ جو به آهي. چوندا آهن ته:
ہر چند کہ عقل کل شدہء ۔ بے جنوں مباش کمال۔
بيشڪ عقل وڏي شيءِ آهي ۽ عقل ذريعو آهي دنيا ۾ ڪنهن به مقصد کي پرائڻ جو، پر ڪنهن به ڪم ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ جنون جو هجڻ ضروري آهي.
علي نواز ڏاهري چانهون جي دڙي جي چائنٺ جو اهو مجنون آهي جو سندس سڄي ڄمار، زندگيءَ جو هر پل، اٿڻ، ويهڻ، کائڻ، پيئڻ، گهمڻ، ڦرڻ سڀ ڪجهه ادب سان سلهاڙيل آهي.
مرزا غالب جي لفظن ۾:
بلبل کے کاروبار پر خنده هائي گل،
کہتے ہیں جس کو عشق خلل ہے دماغ کا.
بلبل جڏهن گلن کي واسيندي آهي ته وڌيڪ خوش ٿيندي ۽ چهچائيندي آهي ۽ پنهنجي مخصوص ٻوليءَ ۾ بي ساخته محبت ۽ خوشيءَ جو نغمو ڳائيندي آهي. جيتوڻيڪ گل سندس ان ديوانگيءَ تي کلندا آهن، ڇو نه کِلن، جو عشق دماغ جو خلل آهي.
سو علي نواز ڏاهريءَ جي زندگيءَ ۾ ان خلل جو عڪس نمايان نظر ايندو آهي. مان ان ڳاهه جو شاهد آهيان ته سندس خوشيءَ ۽ مسرت جو ڪارڻ ئي ادبي ڪچهريون، ادبي محفلون، ڪتاب ۽ ادبي دوست آهن.
علي نواز دل جي ڪيفيتن، اندر جي احساسن جو اهو تخليقڪار آهي جو ڪڏهن درد جي صحرائن ۾ ڪڏهن عشق جي پيچرن تي، ڪڏهن امن ۽ آشتي جي وادين ۾، ڪڏهن مظلوم جي دانهن، ڪڏهن ڏتڙيل جي پڪار، ڪڏهن ستايل جو سڏ، غرض ته هو زندگيءَ جي هر پُرسوز ڪيفيت جو خالق آهي.
سندس شاعري روح جي ٻولي آهي ۽ اندر جي آواز کي چپن جو گيت بڻائيندي آهي. دل، درد ۽ چپ گڏجي اهو گيت جهونگاريندا آهن، جو محفل کي تڙپائيندي آهي. منهنجو والد عبدالحڪيم ”ارشد“ مرحوم کين سنڌي شاعريءَ جو ”ساحر لڌيانوي“ سڏيندو هو.
مان سندس شاعري کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي هنن سٽن سان ڀيٽا ڏيان ٿو.
سو سرن پائي جي تند برابر توريان،
اٽل اوڏانهين تي جيڏانهن ٻيجل ٻرائي.
علي نواز ڏاهري سنڌ جي جديد ادب جو اهو قابل ستائش ڪردار آهي جو بي دردي ۽ ظالماڻي طريقي سان پنهنجي اندر جي احساسن، جذبات ۽ فڪر کي نپوڙي ڪاغذ تي وکيريندو آهي. علي نواز اهڙو ڪهاڻيڪار ۽ نثر نگار آهي، جو شعور ۽ لاشعور جو طاقتون ڪنهن سنگم واري نقطي تي هٿ ملائي سندس قلم کي اهڙو جوهر عطا ڪنديون آهن. جو پڙهڻ واري جي ذهن تي ان جو نقش ڊگهي وقت لاءِ چٽجي ويندو آهي.
سندن نثر جي باري ۾ لکندس ته ٻين اديبن جي شاعري رقص ڪندي آهي، علي نواز جو نثر رقص ڪندو آهي.
سندس زير نظر ڪتاب ”من من مورَ ٽهوڪا“ ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي.
پهريون حصو ”جن جون جايون جيءَ ۾“ انهن عظيم شخصيتن متعلق آهي جن کي شايد لفظن ۽ حرفن جي ڀيٽا سان احاطو نه ڪري سگهبو. سندن ڪم تعريف ۽ توصيف جي حدن کان ٻاهر آهي.
ٻيون حصو ”هر دل ڪتاب ڪيئي“ جنهن ۾ انسان جي شعور، فن ۽ فڪر جي آبياري ڪندڙ ڪتابن متعلق آهي. ڪتاب ئي اهو ذريعو آهي جيڪو علم ۽ آگاهيءَ جي منتقلي جو هڪ واحد موثر وسيلو آهي.
ٽيون حصو ” سور پريان جان ساڻ مون“ انهن پتنگن جي باري ۾ آهي جيڪي پنهنجي عشق جي ڪٿا پاڻ سان گڏ کڻي هن دنيا مان هليا ويا.
”سوز دل پروانہ را ازشمع پرس،
کہ ایں شرح راکس نہ داند جز زبان سوختہ“
پروانه شمع جي گرد پاڻ کي پچائي پنهنجي عشق جي تاريخ به پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آهن، هاڻ انهن جي تاريخ ڪنهن شمع ڪنهن محبوب علي نواز جي قلم ذريعي ئي ظاهر ڪري سگهجي ٿي.
مان سمجهان ٿو ته علي نواز ڏاهري جديد سنڌي ادب ۾ هڪ اهم مقام ماڻي چڪو آهي.
سندس لکڻين ۾ روح جو آواز، زندگيءَ جا تجربا، بهترين ذهني صلاحيتن جو اظهار نمايان طور ڏسي سگهجي ٿو.
اکيون آتشڪده بڻيون، جلي ڪُندن ٿي نڪاسين،
وري ڪنهن دل جي گلشن مان، ڇڻي پن پن ٿي نڪتاسين.
اسان مُرڪن جي مکڙين کي، وکيريو جنهن جي چرنن ۾،
اُنهيءَ جي مئڪدي مان اڄ، مئل ڪو مَن، ٿي نڪتاسين.
اسان جا سڏ پڙاڏا سڀ، هوائن جي نظر ٿي ويا،
جڏهن دردن ڏني آٿت، ته تنها تَن ٿي نڪتاسين (علي نواز ڏاهري)
راشد لکمير