شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

سوڍا تو ڳر ساهه، نا ت راڻا گهڻا راڄ ۾

سوڍا تو ڳر ساهه، نا ت راڻا گهڻا راڄ ۾
(درگاهه پير ذاڪريءَ جي گادي نشين: سيد محمد منير شاهه جي شخصيت)

لطيف سائين چيو:
”عشق اوکي ذات، مت منجهائي، مانجهي مَين جي“
سچل سائين چيو:
”سچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هوئي ڏاڙهي.“
تراب علي شاهه چيو:
عشق دا ڪلما ڀر ٻيٺي، اسان سر دا سودا ڪر ٻيٺي.
طالب الموليٰ چيو:
عشق بنا انسان ايئن آ، جهنگل ۾ جيئن ڍور.
گپي پوندو گپ ۾، يا ڪاهي وينديس چور
يا وجهي ڳچيءَ نوڙ، گهلي ٻڌنديس ڳاهه ۾.
شيخ اياز چيو:
”عشق عقاب پکي پرڏيهي، جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي.
ڪير انهيءَ کان کٽي؟“
يا
”عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن، آيو جهول ڀري
ڪوئي ڪيئن ڪري.“

استاد بخاريءَ چيو:
”عشق هو چرچو نه هو، رونشو نه هو،
باهه جو شعلو هو، گلدستو نه هو،“
يا
”اهو جيڪو عشق آ، ڏاڍو مشهور آ،
انهيءَ ڏنو سور آ، انهيءَ ۾ سرور آ.“

هاڻ سوال آ ته اهو عشق، جيڪو ڪٿي متيون مجهائيندڙ آ، ڪٿي پنهنجا ئي ڪلما ڀرائي سرن جا سودا ٿو ڪرائي، ڪٿي اڻڄاتي ملڪ جو عقاب پکي آ، جيڪو جهڙپ ڏيو جهٽيو وڃي. ڪٿي باهه جو شعلو آ، جنهن ۾ سُور سان گڏ سرور به سمايل آ، جيڪو جتي ڪٿي سدا جوان آ، جنهن کان سواءِ ماڻهو جهنگ جي جانور مثل آ، جيڪو ڪٿي ته آرائينءَ جيان گُلن جا جهول ڀري کڻي ٿو اچي. سوال آ ته انهيءَ عشق جي پلر جي پالوٽ سنڌ جي عاشقن وٽ ٿئي ڪٿان ٿي؟ سنڌي درويشن تي اها عشق جي عنايت ٿئي ڪٿان ٿي؟ جواب ۾ پير اعجاز ٻڌائي ٿو ته:
اسان تي عشق محبت جي، عنايت ڪئي ته حيدر ڪئي،
هيڻن سان حامي ٿي هر هر، حمايت ڪئي ته حيدر ڪئي.

مطلب ته اُهو عشق جيڪو مافوق الفطرت ڏانهن ڇڪي، جيڪو اڻڏٺل ۽ تصوراتي قوتن ڏانهن متوجه ڪري، اهو نه، پر اُهو عشق جيڪو هيڻن جي حمايت ڪرڻ سيکاري، هر ظلم، ستم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سامهون ڀت ٿي بيهڻ جا سبق سيکاري، بلڪل ايئن جيئن چي گويريا چيو: ” جنهن ڏينهن ناانصافيءَ تي تڙپي اٿئين، ان ڏينهن کان تون منهنجو دوست آهين.“
جيئن لطيف سائينءَ چيو:
مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،
يا
جيها جي تيها، مون مارو مڃيا.
يا صوفي شاهه عنايت شهيد چيو ته: ”جيڪو کيڙي سو کائي.“
ته اهو ناانصافيءَ تي تڙپي اُٿڻ، اهو مارُن جي محبت ۾ محلول ٿي وڃڻ، اِهو مسڪين ماروئڙن جي محنت کي مدنظر رکندي، پوري ڪائنات تي پورهيت جو “حق حڪمراني“ تسليم ڪرڻ، ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ، اهو ئي ڌرتيءَ جو دين آهي. اهو ئي فنا في العشق آهي، اهو ئي فنا في الديس آهي. اهو ئي فنا في الڪائنات آهي، اهو ئي مظلوم طبقن ۽ مظلوم قومن جي عشق جو معراج آهي.
مذهبن جا ڪهڙا به مامرا هجن، تصوف جون ڪهڙيون به تاويلون هُجن، پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي دين جا رنگ برنگي گُل ڌرتي جي سيني مان ڦٽي نڪرندا آهن، جيڪي پنهنجي فڪري گهرائيءَ سان ڪُل ڪائنات کي پنهنجي واس جي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندا آهن.
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسٽر جسٽس مشير عالم ڪجهه ئي ڏينهن اڳ اسٽيٽمينٽ ڏني هئي ته ”سنڌ جا ماڻهو نالي جا مسلمان آهن، ڪو به عملي مسلمان نه آهي.“
اسين چئون ٿا ته جيڪڏهن گفتگو هلندي، هڪ هٿ سان سونهاري سنواريندي ٻئي هٿ ۾ تسبيح ڦيرائيندي، هيروئن ۽ هٿيارن جا سودا ڪندي، منافعي لاءِ وڏا وڏا قسم کڻي وڌيڪ اگهه وٺڻ مسلماني ۽ عملي مسلماني آهي ته پوءِ سنڌي ماڻهو اهڙا عملي مسلمان ٿيڻ به نه ٿا چاهين، جيڪڏهن خودڪش بمبارن جون فيڪٽريون ٺاهي، معصوم ٻار اغوا ڪري انهن کان يا اڻ پڙهيلن ۽ اڌ پڙهيلن کي جنت جي حسين حورن جي لالچ تي مندرن، مسجدن، ڪليسائن، عيدگاهن، امام بارگاهن، مدرسن يا شهرن جي چوڪن ۽ ڳتيل آبادين ۾ اُڏارائي سوين ماڻهن کي رت ۾ وهنجارڻ عملي مسلماني آهي ته چيف جسٽس صاحب! اسين سنڌي اهڙا نالي جا مسلمان ئي سهي آهيون،
اسان جي وڏي عمر جا بزرگ عورتون ۽ مرد ته رات جو سمهڻ مهل به سڄي جڳ جهان جي خير سان گڏ، پکي پکڻ جيت ۽ جانور جي به خير جي دعا گهُري پوءِ ئي سپنن جي ديس هليا ويندا آهن. اها کين صدين کان سُتي پيل آهي ته ”دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ اسين ته بيجا گُلن کي پٽي لتاڙيندڙن کي، توڙي وڻ وڍڻ وارن ۽ پکين توڙي جانورن جا بي جا شڪار ڪرڻ وارن کي به چڱي نظر سان نه ڏسندا آهيون، اسين ته سڀ جو ڀلو، سڀ جو خير چاهيندڙ آهيون، جيڪڏهن اها نالي جي مسلماني آهي، عملي مسلماني ناهي ته اها به اسان جي اکين تي باقي ماڻهو مار مسلماني ڀلي توهان پاڻ وٽ ئي رکو ته بهتر.
عجب اهو اسلام، ته ماڻهو مار ثواب،
جنت ڪاڻ ٻين کي، ڏين اذيتون عذاب.

اهو ڪم اسان کان نه ٿيندو، بقول لطيف سائين جي ته: ”سا مون هٿان نه ٿئي، جيڪا رسم راڄ“ اصل ۾ مذهب توڙي تصوف ۾ هڪڙا مثال آهن ته ’قلوب الڪافرين‘ ۽ ’قلوب المومنين‘ اسان کي پنهنجن درويشن ٻڌايو آهي ته:
مُنهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر م ابليس،
اهڙو خام خبيس، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏيئين.
يا
مُنهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر هچارو،
ان پر ويچارو، ويجهو ناهي وصال کي.

معنيٰ ڀلي ظاهر ۾ مٿي ته ڪُلاءَ، هٿ ۾ تسبيح، ڏاڙهي هيٺ، پانچا مٿي هُجن، پر دل ۽ دماغ ۾ وحشي جلاد ويٺو هجي، جيڪو جهاد جي نالي ۾ ذهني شهوت جي تسڪين لاءِ خدا جي مخلوق کي بلڪه اُن مخلوق کي ماريندو وتي، جنهن کي ڪڏهن مَلڪن ٿي سجدا ڪيا.
تاج علي شاهه چيو ته: ”دلبر دين ايمان، ورق قرآن، سهڻل تان صدقي وڃان“ ته اهو سهڻو ماڻهو آهي عملي ڪردار سان، قرآن جي ورقن جهڙو، سڀ کي امن، سڪون ۽ سلامتي آڇيندڙ اهو ئي “دلبر“ آهي. تاريخ ۾ طئه آهي ته اهي خوبيون صرف ۽ صرف سنڌي ماڻهوءَ جون آهن. تڏهن ته رسولِ خدا کي به سنڌ مان جنت جي هير ٿي آئي.
مٿي چئي آيو آهيان ته هن خطي جي ماڻهن جو دين ڌرتي مان ڦٽي نڪرندو آهي، امن سُڪون ۽ سلامتي ڌرتيءَ جي ماڻهن توڙي منظرن جي ضرورت آهي، اهو ئي حقوق العباد آهي، جيڪو حقوق الله کان رتبي ۾ گهڻو وڌيڪ آهي.
اهو آهي هِن ديس جي درويشن جو پيغام جن جا آسڻ هن ديس جي چپي چپي تي، ايئن موجود آهن، جيئن چُنيءَ تي چٽ، جيئن ڪنهن گج تي ٽاڪيل ڪاوا، جيئن رات جي آڪاس تي ٽم ٽم ٽمڪندڙ ستارا.
اِهي هن ديس جي درويشن جون درگاهون، اِهي الله لوڪن جا آستانه، اِهي محبت جا مئخانه، اِهي عشق جا آشيانه، جتان هر وقت نينهن جي نماز جوٽڻ لاءِ عشق جون آذانون بلند ٿينديون پئي رهيون آهن، جتي لا الله الا الله جي روح پرور لات ۽ توحيد تنوار سان اڄ به عام ماڻهوءَ جي غمن، دردن، پريشانين، پيڙائن توڙي من جي ميراڻ کي ڌوئي پوئي، اهڙو پاڪ ۽ صاف ڪيو وڃي ٿو، جهڙو ”دامن نچوڑ دیں تو فرشتے وضو کریں“ جتي اڄ به ذهني توڙي جسماني روڳن جو علاج صرف ۽ صرف ”نذر نياز پرين جو“ ئي ڪافي آهي.
غمن روڳن جا گهايل جي، پرهه پهتا پرينءَ تائين،
دفع ٿيا درد ڪل تن جا، صحت جا جام پيتائون.
(علي نواز ڏاهري)
اِهي عشق جا آستانه، اِهي محبت جا مئخانه سنڌ جي صوفي مزاج موجب اڄ به هن بارودي جيڪيٽن ۽ آپگهاتي بمبارن جي دور ۾ به هر عام و خاص لاءِ روحاني روشني ۽ هدايت جو سرچشمو بڻيل آهن.
تڙ تي تاج فقير جي، ڪهي اچن ڪير،
هٿ هدايت ڦير، اڱڻ تي جي آئيا.
(تاج علي شاهه)
نه رڳو اِهو پر اهي سنڌي درويش اُنهن ڏوران ڪهي ايندڙ عقيدت مندن ۽ سڪ جا سبق سکڻ لاءِ ايندڙن جا به پاڻ تي احسان پيا ڀائيندا آهن.
آين جا احسان، آهن احمد شاهه تي.
(احمد شاهه لڪياري)
اهڙو عشق جو آستان، اهڙي هڪڙي درگاهه، منهنجي شهر سڪرنڊ جي پيشاني ۾ به آهي، جنهن جي فڪر جو فيض هر عام و خاص لاءِ سالن کان جاري ۽ ساري رهندو پيو اچي، اها درگاهه آهي ”درگاهه پير ذاڪري“ جنهن جو موجوده گادي نشين محبتون ورهائيندڙ انتهائي محبوب شخصيت جو مالڪ ، سائين محمد منير شاهه صاحب آهي، جنهن جي چهري تي ”ڪپل وستو جي شهزادي“ سڌارٿ جهڙي ٻاجهه ۽ اٿينس جي نوجوانن جي جيءُ ۾ جايون جوڙيندڙ، سچ خاطر وِهه جو وڏو پي. ”سچ جي شهيد“ جو مرتبو ماڻيندڙ سُقراط جهڙي سنجيدگي هر وقت ڇانيل هوندي آهي.
هُو تصوف جي جَر تي جرڪندڙ اُهو تازو ڪَنول آهي، جنهن جا سڀئي رنگ، سڀئي حُسناڪيون، سڀئي نفاستون ترقي پسنديءَ جي ماڪ سان ڌوتل پوتل پئي رهيون آهن، جنهن جي خوشبوءِ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ايئن ڇڪي ايندي آهي، جيئن پوپٽن کي باغيچا، جيئن ڀونئرن کي گلاب، جيئن پتنگن کي شمع. جنهن هڪ دفعو به هن جي ميخاني جي مڌ مان چُڪي چکي، سو سندس محبت جو ايئن مشتاق بڻجي ويندو، جيئن لطيف سائين چيو ته:
چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جا ڏِنَس اُن ڏُهي،
سُهڻي کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي.

سنڌ جو ڪهڙو عالم ۽ عاشق آ، ڪهڙو ڏاهو ۽ دانشور آ، ڪهڙو صوفي ۽ سامي آ، ڪهڙو اديب ۽ شاعر آ، ڪهڙو سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آ جنهن سندس دل جيڏي ڪُشادي درگاهه جي اڱڻ ۾ اچي، سندس دستوخوان تي ميزبانيءَ جو مزو نه ورتو آ، جنهن سندس ڀاڪرن ۾ اچي، سڪ جو ساءُ نه ماڻيو آهي، جنهن سندس چپن تي آيل مُرڪ ۾ پنهنجي لاءِ آجيان نه ڏٺي آهي.
سندس شخصيت ۾ جيڪو نکار آهي، اُن جو سبب اِهو آهي ته هن جي تربيت ”ادارن“ مان ٿيل آهي، هڪ طرف درگاهه ۽ سندس بزرگن جي روحانيت جي پالوٽ، جتي عربي ۽ فارسيءَ تي دسترس حاصل ڪرڻ سان گڏ، محبت ۽ ماڻهپو، شريعت، حقيقت، طريقت ۽ معرفت جا موتي ماڻڻ جن لاءِ لطيف سائينءَ چيو ته:
جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين
پر سائين منير جي حصي ۾ ته ”ماسي“ جي بدران ”اهو سڀ ڪجهه“ اچي ويو جنهن جي نشاندهي لطيف سائين جي لفظن ۾ هيئن آهي ته:
وحده جي وڍيا، الا الله سين اورين،
هنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورين،
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورين،
سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙين،
ڪُلهئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.

ٻي طرف سنڌي ادبي سنگت جهڙو سگهارو ادارو هو، جنهن مان به هن جي شخصيت تي ”نئين نُور“ جون لاٽون برسڻ لڳيون. سنڌي ۽ سرائڪيءَ ڪلاسيڪي شاعريءَ مان ته پنهنجي خطي جي عظيم ڏات ڌڻين ڀٽ ڌڻي ۽ بلا شاهه سچل سائينءَ ۽ سلطان باهُو، حمل فقير ۽ خواجه فريد جهڙن سالڪن ۽ مذهبن جي متڀيد کان مٿي ٿي ماڻهپي جا سبق آڇيندڙن جي ”سڪ جي سمنڊ“ مان غواض بڻجي اُهي ماڻڪ ۽ موتي ڳولي آيو. جيڪي تمام گهٽ ڀاڳ وندن جي ڀاڳ ۾ ايندا آهن، ان کان سواءِ هنديءَ جي ڪبير ڀڳت، ميرا ٻائي، تلسي داس توڙي بابا فريد شڪر گنج جي ولايت مان به چڱو خاصو ”ونڊ“ ورتائين، عربي ۽ فارسيءَ ۾ اُمراءُ القيس، سعدي، رومي، حافظ، خيام، کان وٺي زيب النساءَ مخفي کان ويندي صوفي سرمد منصور حلاج ۽ دارا شڪوهه تائين اُنهن جي مئه مان پيالا پُر ڪري پيتائين. زيب النساءَ مخفي کان دارا شڪوهه تائين ماڻهن صرف نالا ئي ٻڌا هوندا پر سائين منير اُنهن کي خوب پڙهيو آهي.
پي پيالو عشق جو، سڀ ڪي سمجهيوسون،
مَڌَ پيئندي مون، ساجن سهي سُڃاتو.

نه رڳو اِهو پر اياز کان وٺي اڄ جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي به خوب پڙهندو رهيو آهي، جڏهن ڪنهن نئين شاعر جي ڪا سٽ سندس من جي تنبور جي تارن کي ڇيڙي وجهندي آهي ته جلد ئي پنهنجي جگري يار لياقت رضويءَ کي رات جو ٻين اڍائين وڳي به ڪال ڪري ننڊ ڦٽائيندو اٿس ته لياقت! تون سُتو پيو آهين، پر يار سنڌي شاعري جاڳئي پئي ۽ پوءِ هن کي اِهو من جي تارن کي ڇهندڙ شعر ٻڌائيندو آهي، لياقت رضوي به ننڊ مان اُٿي شعر ٻڌي سائين منير جي پيار ۾ تسخير ٿي وري ننڊ جي چادر اوڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
نه رڳو شاعري پر نثر ۽ خاص ڪري فڪشن سان ته هن کي دلي لڳاءُ آهي، اِهو ئي سبب آهي ته جيڪي ليکڪ، اديب، ڏاها ۽ دانشور، هن کي ڪتابن ۾ وڻيا، اُهي سڀ هن جا ذاتي دوست بڻجي ويا. امر جليل، جنهن سان هي 1978ع ۾ مليو هو، هنن جو اهو ملڻ سندن ”روح جي ڳنڍين“ جو سبب بڻجي ويو، هنن جي ادبي دوستي ذاتي دوستي ۾ تبديل ٿي، ايستائين جو اُن وٽ سائين جن جو گَهرو اچڻ وڃڻ به ٿيندو آهي.
شيخ اياز جهڙو ماڻهو جيڪو لکڻ پڙهڻ ۾ ايترو ته مصروف هوندو هو جو وڏن وڏن اديبن لاءِ به ذاتي ٽائيم مشڪل ڪڍندو هو. سائين منير شاهه کي چار چار ڪلاڪ به ويهاري ڇڏيندو هو، ايتري تائين جو ماني کارائڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو هئس. اها ڳالهه آريسر صاحب کان وٺي ادل سومري ۽ اياز گل تائين لاءِ به تعجب جو سبب هوندي هئي. سائين منير شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌائي ٿو ته آئون جن جن ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر ٿيس اُهي هئا، شيخ اياز، امر جليل، آغا سليم، محمد ابراهيم جويو، علي بابا، عبدالواحد آريسر، مدد علي سنڌي وغيره وغيره، اُهي سڀ منهنجي ذاتي دوستيءَ جي دائري ۾ اچي ويا، آريسر صاحب سان ته عربي ۽ فارسي شاعريءَ تي بحث مباحثا ۽ عالمانه ڪچهريون ٿينديون هيون، محمد ابراهيم جويو سندس ذاتي دوستن جي سٿ جو اهو بي بها موتي آهي، جنهن جي قدر ۽ قيمت ڪڏهن به گهٽ ٿيڻ جي ناهي، ايئن برصغير جو عظيم ڏاهو ۽ دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ٽي ڏينهن لاڳيتو سائين ۽ سندس ساٿين سان سڪرنڊ ۾ رهي ڪچهريون ڪري، سندن صحبت مان سرور وٺي ويو هو.
سندس ذاتي دوستي جو دائرو سنڌ جي سرحدن جي قيد کان بالاتر رهيو آهي، قاضي جاويد جهڙو ترقي پسند دانشور توڙي “محبت مرده ڦولون ڪي سيمفني“ جهڙِي محبتن جي کوٽ جي پورائي لاءِ لکيل ناول جي ليکڪ مظهر السلام تائين به وارث شاهه جي هير جي ديس جا دانشور اڄ به سائين منير جي دوستي اڳيان ” سر تسليم خم“ آهن ۽ انهيءَ ڳالهه تي انهن کي ناز به آهي،
جنهن جو عشق هن کي بيتاب ڪندو آهي، هي انهي وقت بيگ ۾ ٻه ٽي وڳا وجهي نڪري پوندو آهي ان سان ملڻ، پوءِ ڀلي اهو انڊيا جي علائقي پونا ۾ ڇو نه هجي. نوجوانن جي دلين تي راڄ ڪندڙ فلسفي ۽ جديد صوفي گرو رنجيش ته هن جي رڳ رڳ ۾ رچيل آهي، سڄي سنڌ ۾ گرو رجنيش کي پهريون پڙهندڙ به سائين منير شاهه ئي مليو. گرو تڏهن اڃان ”اوشو“ به نه بڻيو هو. اڃان ”ڀڳوان رجنيش“ هو تڏهن کان شيخ اياز کي گروءَ جا ڪتاب ۽ ليڪچر جون CDs به سائين منير شاهه پهچائيندو هو ۽ پڙهائيندو هو. گرو رجنيش کان ايترو ته متاثر آهي جو سندس عشق ۾ انڊيا گروءَ جي آشرم ۾ وڃي نڪتو. خوب گهميو، ڦريو سندس آشرم جو انتهائي ڳوڙهو مشاهدو ڪيائين، سندس شاگردن سان ڪچهريون ڪيائين پر افسوس ان وقت ٿيس، جڏهن بڌائين ته پنجن ڏينهن لاءِ گرو ڪنهن اسپتال داخل آهي ۽ ملي ڪونه سگهندو ته ساڻس وري ملڻ جي حسرت کڻي واپس موٽي آيو.
بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس دهلي م به اهو ذهن ۾ رکي ويو هو ته اتي موهن ڪلپنا ۽ نارائڻ شيام سان ملندس، انهن سان ڪچهريون ڪندس. ٻنهي سان پنهنجا احساس ۽ اُڌما شيئر ڪندس. هڪ انڊيا جي سنڌين جو گجندڙ شينهن جهڙو بيباڪ، بهادر ۽ ”سراپا سنڌ“ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ۽ ٻيو انتهائي نفيس جذبن ۽ ڪومل احساسن وارو شاعر ٻنهي جي قلم مان سنڌ جي جدائيءَ جو درد ٽيپو ٽيپو ٿي ٽمندو رهيو. ٻئي سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا ۾ اهم مقام ڏيارڻ لاءِ قلمي مورچي جا جرنيل، ٻنهي جون دليون ڌڪ .. ڌڪ ... ڌڪ جي بدران سنڌ... سنڌ... سنڌ ڪنديون رهيون. سائين انهن جي عشق ۾ اديبن جي قافلي سان انڊيا وڃي نڪتو، رسمي ڪچهرين سان اندر جي اڃ ۽ اُساٽ ته ماٺي ٿيڻ جي ناهي هوندي، جيسين محبوب ماڻهن سان مُنهن مقابل ويهي رهاڻ نه ڪجي.
ڳالهيون ڪنديس ڳجهه جون، مُنهن مقابل ويهي.
۽ هڪ موقعي تي موهن، سائينءَ سان مخاطب ٿي چيو ته: ”ڀلا توهان ڪونه ٿا ڳالهايو، صفا چپ چاپ ويٺا آهيو. ايڏي خاموشي سهي ته ناهي!“ سائين چيس ”آئون آيو ئي تولاءِ آهيان، توسان ڪچهري ڪرڻ ته آيو آهيان، پر هت ۽ هن رش ۾ پنهنجي ڪچهري نه ٿي سگهندي، توهان ڀلي ٻين سان ڪچهري ڪيو پر مون لاءِ خاص ٽائيم ڪڍجو. موهن سمجهي ويو ۽ اک جو اشارو ڪري ٻاهر وٺي ويس، اتان سندس گهر وٺي ويس، اُتي ٻنهي ائين ڪچهري ڪئي جهڙا گڏ ننڍڙا ٿي وڏا ٿيا هجن، اُتي موهن جي گهر واري به سائين لاءِ ماني ۽ چانهه تيار ڪئي، شام جو 5 وڳي کان رات 11 وڳي تائين ڪچهري هلندي رهي. 11 وڳي موڪلائڻ مهل موهن سائينءَ کي ڳل تي چمي ڏئي چيو ته ”هي ڪئمرا جو لٽڪائيندو آيو آهين، ڇو نه گڏ ڦوٽو ٿي وڃي؟“ فوٽو گرافري هون ئي سائين جو جنون رهيو آهي، هون ئي انڊيا ۾ هر ماڻهو توڙي منظر کي ڪئمرا جي اک ۾ محفوظ ڪندو ٿي رهيو. پر اُن موقعي تي سائين موهن کي چيو ته ”يار پاڻ ٻئي گڏ ڦوٽو نه ڪڍائينداسين.“ ائين انڪار ٻڌي موهن تعجب ۾ پئجي ويو، پڇيائين: ”پر ڇو؟ پوءِ هي ڪئمرا ڇو کڻي آيو آهين؟“ سائين چيو ”بس ... سائين چپ ٿي ويو، موهن به چپ ٿي ويو، اصل ۾ سائين مُنير کي خبر آهي ته ڪئمرا جي فليش سان نڪتل ڦوٽو صرف پنن جي ٽڪرن تي محفوظ ٿي سگهندا آهن. پر دلين تي فوڪس ٿيل شخص، دلين تي نقش ٿيل تصويرون صرف تصويرون نه هونديون آهن، اُهي محبتون هونديون آهن، عقيدتون هونديون آهن، جيڪي شخصيتون دلين جا دروازا کولي وڃي ويهي رهنديون آهن تن کي موت به ماري نه سگهندو آهي، اُهي ڌڙڪن سان گڏ دل ۾ سدائين رهنديون آهن جن سان وقت بوقت ماڻهو ڪچهريون به ڪري سگهندو آهي، ائين موهن کي پنهنجي دل ۾ سانڍي سائين هليو آيو. جنهن سان هاڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري به ڪري وٺندو آهي. ائين هڪ موهن ڪلپنا ۽ ٻي قرت العين حيدر هٿ ۾ ڪئمرا هوندي به اُنهن کي ٻڌايائين ته توهان جون تصويرون ڪئمرا جي فليش ۽ فوڪس جون محتاج نه آهن، توهان منهنجي دل جي شفاف ۽ وسيع ڪينواس تي هميشه لاءِ چٽجي ويا آهيو.
الا ايئن نه ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

جهڙا ويچار رکندڙ ۽ هر رات سنڌ جا سپنا ڏسندڙ شاعر نارائڻ شيام سان به اڪيلائي ۾ روڊ جي ڦٽ پاٿ تي شام جو 5 وڳي کان رات جو 11 وڳي تائين ڪچهري ڪندو رهيو. شيام کي ياد ٿو اچي ته يار! ڳالهيون ڪندي ڪندي ڪيڏو وقت گذري ويو خبر ئي نه پئي. منهنجا ٻار به اوڏانهن ويٺل آهن اُنهن کي به انتظار هوندو ۽ دوست مانيءَ لاءِ به ڳوليندا هوندا. هل ته واپس دوستن ڏانهن هلون.
سائين منير ڪرشن چندر، قرت العين حيدر، امرتا پريتم ۽ ساحر لڌيانوي جو به ديوانو رهيو آهي. ڪرشن جي نالي چئي ٿو ته ”دنيا ۾ وڏا وڏا رائيٽر پيا آهن پر يار ڪرشن، ڪرشن آهي، انقلاب تي لکي يا عشق تي، هن جي ڏات فنا ٿيڻ جي ناهي، هن جي سٽ سٽ ساهه ٿي کڻي، هِن جو لفظ لفظ لُڇي، ڦٿڪي ۽ تڙپي ٿو، هي قلم کان نشتر جو ڪم ٿو وٺي ۽ سماجي براين جهڙين بيمارين جو مڪمل آپريشن ٿو ڪري. وڻيس ته کلندي کلندي روئاري وجهي، وڻيس ته روئندي روئندي کلائي وجهي. سچ ته هن جي لفظ لفظ مان زندگي ٿي ساهه کڻي.“
پائلو ڪوئلهو جي نالي کان به تمام گهڻا ماڻهو اڻ واقف آهن پر سائين هن جي ذاتي زندگي، هن جي فن، فڪر، هن جي سوچن ۽ خيالن کان ايئن واقف آهي، ڄڻ ته زندگي جو ڳچ حصو پائلو سان گڏ گذاريو هجيس. سندس خوبصورت لائبريري ۾ پائلو جا پندرنهن سورنهن ناول هينئر به پيل آهن، جيڪي رڳو پيا نه آهن پر سائين انهن کي چڱي طرح پڙهيو به آهي ۽ انهن کي پڙهي ايئن سڪون ورتو اٿس جيئن متارا موکيءَ جي مڌ مان پي پُر ٿيندا هئا.
مون مَٿي ذڪر ڪيو آهي ته سائين منير ”ادارن“ مان رچي پچي راس ٿيو آهي. انهن ادارن ۾ هڪ ادارو 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي واري قومپرست سياست به آهي، سائين جي ايم سيد جهڙي صوفي لاڪوفي ۽ مڃيل عالم جهڙي شخصيت سان ويجهڙائپ، تڏهوڪي سنڌ جي قومپرست قيادت سان قريبي واسطا، مطالعي جو جنون، جن کيس مصر جي عظيم اڳواڻ جمال عبد الناصر جو ڪتاب ”انقلاب جو فلسفو“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ تي مجبور ڪيو، سائين جي ايم سيد جي هماگير شخصيت جي مڙني پاسن جا پاڇا سائين منير تي به پوندا رهيا. پوءِ اها بين الاقواميت هجي، سنڌ پرستي هجي، تصوف هجي، راڳن سان رهاڻ هُجي، تاريخ جي تَهَنَ تان وقت جي دزَ صاف ڪرڻ جو جوکم هُجي.تهذيب ۽ ثقافت سان والهانه محبت هجي، مهمان نوازي هجي، وڏن سان ادب، هڪ جيڏن سان پيار ۽ پاٻوهه ۽ ننڍن سان شفقت سان پيش اچڻ جو طريقو هجي يا مڙني موقعن تي سچ جو دامن هٿان نه ڇڏڻو هجي. منهنجي نظر ۾ اهي سڀ سائين جي ايم سيد جي شخصيت جا اولڙا هئا جيڪي سائين منير جي شخصيت ۾ نئون نکار آڻيندا رهيا آهن.
هن کي جيئن رات جو 10 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين ڪنهن محفل نعت ۾ دلي سڪون ٿو حاصل ٿئي، تيئن ئي ٻي رات 10 وڳي کان پرهه ڦُٽي تائين راڳن سان رهاڻ ۾ ذهني سڪون ٿو حاصل ٿئي. ٻئي محفلون سندس من جي ڪنول کي معطر ڪرڻ جو ذريعو ٿيون بڻجن، ڪنهن مان به ڪيڏي مهل به سندس چهري تي بيزاري نه ٿي بکي. هن کي سنگت به سدائين سُريلي ملي. ”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽاءَ ساٿ جي“ سائين مير محمد، سائين حنيف شاهه، مٺل ملاح، معشوق مگسي، انور جتوئي، علي خان چانڊيو، ادريس جتوئي، فيض الله پيرزادو، لياقت رضوي جن سان گڏجي ٻه ٻه سئو رپيا هر هڪ ڪري معشوق جي ڳوٺ مهيني مهيني راڳ رهاڻ ڪرائيندا هئا. ٻه ٻه سئو ايندڙ فنڪار کي ڪرائي جا ڏيندا هئا، پوءِ ڪڏهن ڍول فقير، ڪڏهن حسين بخش خادم، ڪڏهن موهن ڀڳت، ڪڏهن استاد گلزار، ڪڏهن شفيع فقير، ڪڏهن تارو ڀڳت، ڪڏهن قادر بخش ڪهيري ۽ ڪڏهن منٺار فقير جي درگاهه جا صاحب خان ۽ جان محمد ته ڪڏهن ڪهڙو فنڪار ته ڪڏهن ڪهڙو فنڪار ، جيڪو فنڪار هڪ دفعو ٿي ويو اُن کي به ايڏو مزو ايندو هو جو ٻيو دفعو بنا ڪرائي جي خود بخود هلي اچي ڳائيندو هو. انهن راڳ رهاڻين ۾ پهريون 8 کان 10 ڄڻا هئا ته پوءِ آهستي آهستي اها ميمبر شپ 40 کان 45 تائين وڃي پهتي، اهي سرسنگيت جون محفلون به ڪيترو ئي وقت هليون.
ڪچي کان ڪاڇي تائين، لاڙ کان اُتر تائين، ٿر کان هر شهر تائين هن جي قدمن جا نه ڏسڻ ۾ ايندڙ نشان ساکي آهن ته هن ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ سمجهي هِن سان والهانه محبت پئي ڪئي آهي. ڪڏهن ٿر جي ڪنهن ڀِٽَ تي، ڪڏهن عمر ڪوٽ ۾، ڪڏهن گوڙيءَ جي مندر ۾، ڪڏهن ڪينجهر ڪنڌي تي، ڪڏهن موهن دڙي جي اسٽوپا تي، ڪڏهن ڀِٽ ڌڻي جي اڱڻ تي، ڪڏهن ڪارونجهر جي ڪڇ ۾، ڪڏهن درازا جي درگاهه تي، ڪڏهن منڇر تي ڪڏهن ٺٽي جي ڪنهن ماڳ تي، ڪڏهن مڪليءَ تي، ڪڏهن سسئيءَ جي ڀنڀور ۾، ڪڏهن جهوڪ شريف ۾ راتيون جاڳي ڪچهريون پئي ڪيون آهن ان لاءِ هن کي ساٿي به اهڙا ئي مليا جيڪي انهيءَ “اسٽينڊرڊ“ جا هئا. ايئن هِن سُنگ ساري سنڌ جا اهم ماڳ، مڪان، تيرٿ ۽ تڪيا پئي ڀيٽيا آهن.
آئون چوندو آهيان ته هو ڀٽ ڌڻيءَ جي سدا حيات سُرن رام ڪلي ۽ کاهوڙيءَ جو اهڙو ڪوئي ڪردار آهي، جنهن پنهنجي پيرن هيٺ اهي رڻ لنگهيا آهن، اُهي جبل جهاڳيا آهن، اُهي برپٽ بيابان ڀيٽيا آهن، اُهي ٿر بر ۽ جهنگل جهاڳيا آهن، اُهي ڏونگر ڏوريا آهن، اُهي ڪيچ جا ڪشالا ڪٽيا آهن جن رستن تان ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجا پير پٿون ڪري تصور جي اک سان سسئيءَ جي پشم جهڙن پيرن کي رتو رت ٿيندو ڏسي اُنهن جي درد کي جيئن جو تيئن محسوس ڪيو هو.
لاهوت کان هنگلاج تائين، رني ڪوٽ کان ٺٽي جي تاريخي ماڳن مڪانن تائين، گورک جبل کان ڪُتي جي قبر تائين، بڊي جبل کان بلوچستان جي علائقي ساروڻو تائين اُنهن ماڳن مڪانن جي ماپ پئي ڪئي آهي، ٻُڌ دور جي اُڪر وارا پٿر به ميڙيا آهن.
ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نه ٻڌي،
پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين.

مرشد لطيف کي هر دور ۾ اهڙا لاهوتي جيڪي ”نه ڪو کڻن پاڻ سان، نڪو ساڻن پاڻ“ جهڙا جيءُ کي جاکوڙا ڏئي پير پٿون ڪندڙ صوفي، سامي ۽ کاهوڙي ملڻا ئي آهن. جيڪي اُتي وڃي رسندا آهن، جت نه پکيءَ پير، تتي ٽمڪي باهڙي، جتي ڀِٽ ڌڻي جي قدمت جا نشان سندن آجيان جي لاءِ اڳ ئي موجود هوندا آهن ۽ انهيءَ لاءِ وڃي پهچندا آهن، جيڪو مقصد خود لطيف سائين جن جو به هو. ماڻهن سان ملڻ، ساڻن ڏُک سور سلڻ، سندس ريتون رسمون ڏسڻ، ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي حالت جو مشاهدو ماڻڻ، سنڌ جي جاگرافي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ، تاريخ جي تهن تان وقت جي دز ڇنڊي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جون جهلڪيون نروار ڪرڻ، سنڌ جي صوفي روح جي اصل ڌرم جا پيرا کڻڻ ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ، اُنهن سفرن ۾ سائينءَ سان سنڌ جا جديد جوڳي ۽ سندرا ٻڌي ڪاهيندڙ سچا سامي، رام ڪليءَ جي ڪردار کان به اٽل انور پيرزادو، بدر ابڙو، اشتياق انصاري، ڪليم لاشاري، محمد علي ڦوٽو گرافر، (هڪ سفر ۾ سائين زين شاهه ۽ هڪ سفر ۾ سائين جلال محمود شاهه) ۽ ٻيا به ڪيئي هئا، جهڙن لاءِ لطيف سائينءَ چيو ته:
تن ساميئڙن جي سڌ مران، جن جي گودڙين ۾ گُل.
انهن سفرن ۾ ڪهڙيون ڪچهريون ٿيون، ڪيتري تحقيق ٿي، ڪهڙا ڀوڳ چرچا ٿيا، ڪهڙا ڪهڙا سلسلا جڙيا! ڪجهه رڳو سائينءَ مون کي ٻڌايا، جيڪي رڳو لکجن ته ڪيئي ڪتاب جڙي پون. ڊيگهه کان بچڻ لاءِ رڳو تعارف طور ماڳن مڪانن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن.
سائين منير جيڪو هڪ ئي وقت درگاهه جو گادي نشين به آهي، انتهائي گهڻ پڙهيو عالم به آهي، اديب ۽ شاعر به آهي، صوفي به آهي، سامي به آهي، سيلاني به آهي، سچ جو پارکو به آهي ته سياست جي مها سمنڊ جي ڇولين جي اصليت جي رازن جو ڄاڻو به آهي ته ڪچهرين جو ڪوڏيو به آهي، سندس دل جي شيشي ۾ سندس عقيدتمند، مريد ۽ کيس پيار ڪندڙ پنهنجي لاءِ بي انتها محبت ڏسي سندس پروانا بڻجي ويندا آهن.

پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ.

جيڪڏهن سنڌ جي هر درگاهه جو گادي نشين سائين منير شاهه جهڙو بڻجي پوي ته هوند سنڌ ۾ ڪڏهن به محبتن جو ڏڪار پنهنجو مڪروهه منهن نه ڏيکاري، ڪڏهن به سنڌ ۾ ”ڀوري ڀيل“ جي واقعي جهڙا جيءُ کي جهوريندڙ ۽ جهنجهوڙيندڙ واقعا جنم وٺي نه سگهن، نه سنڌ کي وزيرستان بڻائڻ جهڙيون غليظ ۽ نام نهاد سوچون جنم وٺي سگهن. سنڌ صدين کان امن جو گهوارو رهندي آئي آهي ۽ هوند هميشه لاءِ امن جو گهوارو رهندي اچي. سنڌ ۾ سوين درگاهون آهن، سڀني جو پيغام به سنڌ جو آفاقي پيغام آهي پر کوٽ آهي ته صرف انهن جي گادي نشينن جي اڪثريت جي شعور جي کوٽ آهي.
سوڍا توڳر ساهه، نا ت راڻا گهڻا راڄ ۾.
**
هي مضمون هفتي وار ”آواز ڌرتي“ نواب شاهه اخبار جي پهرين نومبر کان 7 نمبر 2013ع تائين واري شماري ۾ شايع ٿيو. ۽ ”ڌرتي لطيف“ جي ”درگارهه پير ذاڪري جو 17 هون ساليانو عرس مبارڪ ايڊيشن ۾ 01 نومبر 2013ع ۾ شايع ٿيو. هن صفحي کي ترتيب سائين منير شاهه جي عاشق ۽ هر دل عزيز دوست مرحوم محمد صفر چانڊيي ڏنو هو.