سائين جي شخصيت، علم ۽ سنگيت جو سنگم
(پنهنجي پرائمري استاد سائين دلاور ڏاهري جي رٽائرمينٽ وقت لکيل پيپر)
سڄي جڳ کي خبر آهي ته ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ تصوف ۽ ويدانيت جي وادي سنڌ جي جهرجهنگ ۾ محبت جي گيتن جي گونجار هوندي هئي- جيئن ”اسڪول“ جو لفظ نقطن کان خالي هوندو آهي، تيئن سنڌي ماڻهوءَ جو من مذهبي مت ڀيد ۽ اوچ نيچ کان خالي هجڻ جي ڪري سنڌ جي وستين توڙي واهڻن، ڳوٺن توڙي شهرن، جهنگن، جبلن توڙي، سنڌ جي خلائن ۾ ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر، سونا خان بلوچ، جيوڻي ٻائي ۽ يوسف ماڇي جهڙن عوامي فنڪارن جي پيار ۽ محبت جي سرن سان ڀرپور گيت گونجندا هئا. اهو تقريبا 1940ع جي ڏهاڪي جي شروعات جو پس منظر هو. انهيءَ ماحول ۾ ۾ لڳ ڀڳ 1945ع ۾ اسان جي ”ڳوٺ ڄام ڏاهري“ ۾ پرائمري اسڪول کليو. جيڪو راقم جو ڏاڏو مير محمد ڏاهري ڪنب ليمان جو شهر ڦٽڻ ڪري اتان کڻائي آيو هو. ان ئي زماني ۾ اسان جي ڳوٺ جو هڪ معصوم ٻار مٿين عوامي فنڪارن جي پيار جي پيغام کان ايڏو ته متاثر ٿيو. جو هن پنهنجي سڄي ٻاراڻي توجهه راندين، روندين، ٻاراڻين، مشغولين توڙي ڳوٺ جي اسڪول کان هٽائي راڳ سکڻ ۽ ڳائڻ طرف لڳائي ڇڏي، ٻن ٽن سالن جي مسلسل محنت ۽ عشق جي حد تائين جي نتيجي ۾ ان نوجوان پنهنجي ئي هڪ ويجهي مائٽ (راقم جي چاچي) استاد سچي ڏني جي تربيت هيٺ نيٺ ڳائڻ تي به دسترس حاصل ڪري ورتي، مگر هاڻي هن ننڍڙي فنڪار لاءِ ڪافين ۽ ڪلامن کي ياد ڪرڻ وڏو مسئلو بنجي ويو. آخر هن فيصلو ڪري ورتو ته شاهه، سچل، روحل، بيدل، بيڪس حمل فقير ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام کي ياد ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪجهه لکڻ پڙهڻ سکجي، ۽ پوءِ پنهنجي ان انقلابي فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هن اسڪول ڏي رخ ڪيو، اهو تقريبن 1947ع جو زمانو هو، بر صغير ۾ مذهبي بنيادن تي ورهاڱي جهڙو وڏو هاڃو پئي ٿيو. سنڌ واسي جيڪي پاڻ کي اڳ ۾ سنڌي ۽ پوءِ ئي مسلمان يا هندو، سمجهندا هئا، سي شاهه، سچل ۽ سامي جي تعليم کي وساري اڳ ۾ پاڻ کي مسلمان يا هندو ۽ پوءِ ئي ٻيو ڪجهه سمجهڻ لڳا هئا، سياست معرفت مذهب جي زنگ، سندن دلين تي ڪٽ لڳائڻ شروع ڪئي هئي، مگر اسان جو ڳوٺڙو ۽ ڳوٺاڻا، کين پاڪستان ٺهڻ جي ڪنهن قدر شايد خوشي به ٿي هجي، ته پنهنجي هندو ڀائرن کي وطن جا وڻ ڇڏيندو ڏسي کين يقينن ڏک ٿيو به ٿيو هوندو، سندن ڳوٺاڻيون دليون سياست کان مڪمل طرح پاڪ هيون. سندن من نه مسلم ليگ ڏي مائل نه ڪو ئي ڪم ڪانگريس سين. بس پنهنجيءَ پورا. ڪنهنجي گلاغيبت کان دور، صبح جو ٻنيءَ جو ڪم ڪار، منجهند جو ڀلن جوڙن ۽ ڪندين ڀٽارين جي خدمت، شام جو ونجهه وٽي، ٻلهاڙي، سير، ڪٻڊي ۽ ملاکڙي سان من لڀائي دلي سڪون حاصل ڪندا هئا ته پوهه جي پارن وارين سرد راتين ۾ مچ ٻاري يا جون ۽ جولاءِ جي گرم ۽ گهُٽن وارين راتين ۾ کليل ميدان واري ڳوٺ جي اوطاق تي، استاد صاحب سان ڪچهريون ڪري ان کان ڪجهه نه ڪجهه پيا پرائيندا هئا. ڳوٺ جي اسڪول ۾ جيڪو استاد صاحب بدلي ٿي آيو هو. اهو طبيعت جي لحاظ کان صوفي منش انسان هو، جيڪو پنهنجي سيني اندر عوام سان همدردي جي جذبي سان ڌڙڪندڙ دل رکندڙ هو. سندس نالو محترم سائين فيض محمد سومرو هو. هو عملي طرح به ماڻهن کي فيض رسائي رهيو هو. ان جو هن نوجوان کي راڳ کان تعليم طرف راغب ٿي اسڪول ڏانهن ايندو ڏٺو ته سندس نوراني چهري تي خوشيءَ جي مرڪ تري آئي. پوءِ ڪجهه استاد جي محنت ڪجهه شاگرد جو شوق، ان نوجوان ساڍن ٽن سالن ۾ فائنل پاس ڪري ورتو. پهريائين پهريون ۽ ٻيو گڏي، پوءِ ٽيون چوٿون گڏي، ان بعد پنهجون ۽ آخر ۾ ڇهون ۽ ستون درجو گڏي پڙهي فائنل پاس ڪري ورتو. ان وقت جيڪا خوشي ان نوجوان جي مائٽن کي ٿي هئي، ان کان وڌيڪ خوشي سندس استاد سائين فيض محمد جن کي ٿي. توهان کي خبر آهي ته اهو نوجوان ڪير هو؟ جنهن ننڍي هوندي ئي راڳن سان رهاڻ بند ڪري، ساڍن ٽن سالن ۾ تنهن وقت جي تعليمي ڊگري وٺي ڪمال ڪيو هو. آئون ٿو توهان کي ٻڌايان، اهو اٿو اسان جي اڄ جي محفل جو مور. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڄام ڏاهري جو اڳوڻو هيڊ ماستر محترم سائين دلاور ڏاهري
سائينءَ پنهنجون ساروڻيون بيان ڪندي ٻڌايو ته فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ آئون پنهنجي هارپي واري زمين تي پوکيل ٻاجهريءَ جي پيهي تي جهار هڪلي رهيو هوس، جو ڪنهن اچي ٻڌايو ته توکي ماستر ملي آهي، ان زماني ۾ سروس وٺڻ لاءِ خاص ڪري استاد مقرر ٿيڻ لاءِ نه ڪنهن وزير جي سفارش جي ضرورت هوندي هئي، ۽ نه مٿين عملدارن جي دل جي مٿان ٺهيل قميص جي کيسي ۾ رشوت جي نوٽن وجهڻ جي ضرورت پوندي هئي.
ان ڳالهه کي اڄ 42 سال گذري ويا آهن، سائين کي جنهن شوق پڙهڻ تي مجبور ڪيو، يعني ڪافيون ۽ ڪلام لکي ياد ڪرڻ ۽ پوءِ ڳائڻ، سائين ان فيلڊ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي مڪمل فنڪار ٿيڻ بدران استاد فيض محمدجي فڪر کي ڦهلائڻ تي وڌيڪ توجهه ڏنو. تنهن هوندي به کيس ڪٿي به خبر پئي ته راڳ ٿيڻو آهي، اتي ضرور ويندو رهيو، ڀلي اوڻٽيهين جي اونداهين ۾ ڀروارن ڳوٺن ۾ ناچُن جي ٽولين جو راڳ هجي يا وسندي مينهن ۾ حمل فقير جي درگاهه تي استاد منظور علي خان جي وجداني ڪيفيت واري محفل متل هجي، استاد آڌي رات جو پيرن پنڌ وڃي صوفي شاعرن جي فڪر کي ٻڌي هنئين سان هنڊائيندو رهيو. جئين مينهن وسڻ جي خوشي ۾ ٿر جي ڀٽن تي ڊوڙي مور ٽهو ڪندو آهي ۽ ٽهوڪي ٽهوڪي بود ۾ ڀرجي ناچ شروع ڪندو آهي، اهڙي نموني سائين اڄ به جڏهن ريڊيو، ٽيپ يا ٽي وي تي ڪنهن سريلي فنڪار جا ٻول ٻڌندو آهي ته ازخود ئي سندس کاٻي هٿ جي مٺ ڀيڪوڙجي ويندي آهي ۽ ساڄي هٿ جون آڱريون وڄت ڪري راڳ سان تار ۾ تار ملائينديون آهن.
پنهنجي صوفيانه طعبيت هوندي به سائين پنهنجو پاڻ کي سنڌي سماج ڏانهن مڪمل جوابدار استاد سمجهي پنهنجون ذميواريون خير خوبي سان سرانجام ڏنيون آهن. پاڻ پنهنجي پوري سروس پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پوري ڪئي، پر ڪنهن به آفيسر مٿس ڪڏهن به ڪا شڪايت ڪا نه ڪئي، جڏهن به ڪو اٽينڊنٽ، سپروائيزر يا ايس ڊي اي او اسڪول جي وزٽ ڪرڻ لاءِ پهتو ته ان استاد کي پڙهائيءَ ۾ مشغول ڏسي ۽ اسڪول ۾ صفائي ۽ پارڪ جي گلڪاري ڏسي هميشه وزيٽرس بوڪ ۾ تعريفي جملا لکيا. ان جو شاهد اسڪول جو وزيٽرس بڪ آهي.
اسانجي ڳوٺ جي هيءَ پرائمري اسڪول جي خوبصورت عمارت سائين جي رٽائرڊ ٿيڻ کان صرف هڪ سال اڳ ٺهي راس ٿي آهي، سائين ان هڪ سال کانسواءِ پنهنجي پوري سروس ”غريب جي جهوپڙيءَ“ جهڙي ڪچي اسڪول ۾ پنهنجو نور نچوئي علم جي لاٽ روشن رکي.
جئين ڊاڪٽريءَ کي مسيحائي پيشو سمجهيو ويندو آهي، تيئن استاديءَ کي به جيڪڏهن پيغمبرانه پيشو چئبو ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته جيئن پيغمبرن پنهنجي تبليغن سان پنهنجي قومن کي سچائيءَ جا گس ڏيکاريا تيئن جوابدار استاد وري پنهنجي قوم جي معصوم ٻالڪن کي علم جي روشني ڏئي دنيا مان جهالت جون پاڙون پٽڻ جي جهاد ۾ رڌل رهندا آهن، نه تتي ٿڌي جو خيال ڪندا آهن، نه پنهنجي صحت جو، سائين دلاور جو مثال اسان سڀني جي سامهون آهي. جنهن جون جي جهولن يا پوهه جي پارن ۾ پنهنجي صحت جو خيال رکيو هجي يا نه، پر سانوڻ جي وسڪارن ۾ پنهنجي اڳئين اسڪول جي عمارت ڏي پنهنجي ذاتي گهر جي بلڊنگ کان به وڌيڪ ڌيان ڏنو. جيڪڏهن سائين کي ڪنهن سجاوٽ جو خيال ٿيو ته فقط ڪلاس جي ڪمري جي ڀيتن ۽ پارڪ کي سينگارڻ جو ئي، پاڻ پنهنجي شاگردن سان گڏجي ضرورت وقت اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪندو رهيو آهي. سڪندر يوناني جو قول آهي ته ”ماءُ پيءُ ٻار کي آسمان تان لاهي هيٺ آڻيندا آهن، پر اهو صرف استاد ئي هوندو آهي جيڪو ٻار کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائيندو آهي.“ اهڙي طرح سائين پنهنجي شاگردن کي به ماءُ پيءُ جيترو پيار ۽ شفقت ڏني . اهو سائين جن جي محنت جو نتيجو ئي هو جو سندس شاگرد جڏهن مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول يا ڪاليج ۾ داخل ٿيا ته اُتي به سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيا ۽ پنهنجي استاد ۽ اسڪول جو نالو روشن ڪيائون.
هن سڄي تَر کي ڇڏي رڳو اسان جي ڳوٺ تي نظر ڪنداسين ته تعليم کاتو، صحت کاتي، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ، پاڪستان واپڊا، اسڪارپ، سنڌ پوليس، پاڪستان رينجزر، پاڪستان آرمي، لوڪل گورنمينٽ پي، سي سي ۽ ٻين کاتن ۾ 40-50 کن سائينءَ جا شاگرد پنهنجون ذميواريون خوش اسلوبيءَ سان نڀائي رهيا آهن. اها عام مشاهدي جي ڳالهه آهي ته بيروزگاري جي ڪري اڪثر نوجوان ڊگرين جا فائيل هٿن ۾ کڻي مختلف آفيسن جا چڪر پيا ڪاٽيندا آهن ۽ پوءِ جيڪڏهن ٻي ڪا نوڪري نه ملندي اٿن ته پوءِ لاچاري کان ماستري قبول ڪندا آهن. تڏهن ٻارن جي پڙهائي تي سندن ڪو به توجهه نه هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن وري ٻين کان امتحان ڏياري رشوت جي نوٽن ۽ سفارش جي پرچين جي ڪرشمي تي ڀرتي ٿيل استاد، شاگردن جي من ڪاغذ، تي علم اوتڻ جي بدران معصوم شاگردن کي چوندا آهن ته ”پڙهو نه پڙهو اسان جو پگهارکڙو“ پوءِ ويٺا اسڪول ۾ ننڊون ڪندا آهن، يا گهڻا ته وري پورو مهينو اسڪول جو منهن ڏسڻ جي تڪليف به نه ڪندا آهن ۽ اُهي ويران اسڪول وڏيرن جون اوطاقون يا ٻج ۽ ڪلر جا ڀانڊا بڻجي ويندا آهن. پر سائين پنهنجي پوريءَ سروس ۾ لطيف جي هن سٽ ته “کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين” وانگر هڪ منٽ به سائين فيض محمد جن جي ٻاريل شمع کي وقت جي ويري واءُ جو جهوٽو لڳڻ نه ڏنو.
توڙي جو سائين دلاور شروع کان وٺي رٽائرمينٽ تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي استاد ٿي رهيو، پر مون کي پڪ آهي ته اسڪول کان جدا ٿيندي (جنهن کي پاڻ زندگي جا 42 سال ڏنا اٿس.) سائين جي به اها ئي ڪيفيت هوندي، جيڪا ورهاڱي وقت پنهنجي اباڻا جهڳا ڇڏيندي نارائڻ شيام ۽ موهن ڪلپنا جي ڪيفيت هئي، توڙي جو سائين جنهن اسڪول کان جدا ٿيو آهي، اهو هن ئي ڳوٺ ۾ موجود آهي مگر سندس عمر جي حدن جي لڪير رٽائرمينٽ جي قانونن کي ڇهي سندس اسڪول اچڻ تي ڄڻ ته بندش وجهي ڇڏي آهي.
آخر ۾ اسان جي اسڪول جو موجوده هيڊ ماستر محترم سائين استاد محمد عارف جيڪو سينئر ۽ تجربيڪار استاد به آهي، ڪافي آفرين ناما به حاصل ڪري چڪو آهي، ته استاد عبدالله جهڙو جاکوڙي ۽ محنتي استاد به آهي ته استاد عبدالحق ۽ استاد نظر محمد جهڙا نوجوان استاد به اسان جي اسڪول ۾ موجود آهن. انهن معزز استادن مان به اها توقع رکنداسين ته هوءَ به سائين دلاور جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪن ته جئين ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.
**
نوٽ: (هي مضمون مون سائين دلاور جي رٽائرمينٽ واري پروگرام ۾ پڙهيو ۽
روزاني ”جاڳو“ ڪراچيءَ جي جمعو 10 مارچ 1995ع واري اخبار ۾ ڇپيو.)
حاشيو
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڄام ڏاهري جي قابل فخر استاد محترم سائين دلاور ڏاهري 31 ڊسمبر 1992ع تي سٺ سال پورا ڪري ڊيوٽي تان رٽائرڊ ڪيو ۽ 04 فيبروري 2004ع تي وفات ڪري ويو. اتان کان پوءِ سائين استاد محمد عارف ڏاهري هيڊ ماستر ٿيو، جيڪو 11 جون 1995ع تي رٽائرڊ ٿيو ۽ 15 جون 2004ع تي وفات ڪري ويو.
جنهن بعد استاد عبدالله ڏاهري اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، جيڪو 07 ڊسمبر 2011ع تي پنهنجي سروس پوري ڪري رٽائر ٿيو. سائين عبدالله جي رٽائرمينٽ کان پوءِ ”سائين دلاور جو بنياد رکيل ”تعليم جو معيار“ اهو ساڳيو نه رهيو. سائين عبدالله حال حيات آهي، سائين دلاور جي رٽائرمينٽ مهل مقرر استادن مان سائين عبدالحق ڏاهري اڃان پنهنجي ڊيوٽي جا فرائض نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته سائين نظر محمد هن ئي سال 2020ع ۾ وقت کان اڳ L.P.R وٺي رٽائر ڪري ويو.