شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!

ڪجهه ڏينهن کان سنڌي گيت جي سر موڙ شاعر، اديب ۽ قومي دانشور سائين مير محمد پيرزادي جي صحت تيزيءَ سان جُهري ۽ ڀُري رهي آهي، جيڪا سڀني دوستن ۽ ساڻس پيار ڪندڙن لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. ٻيو دفعو، ان ڏينهن سائينءَ جي عيادت ڪري اچي سندس ان دوڪان تي ويٺو هوس، جيڪو ڄڻ ته محبت جو اهو مئه خانو آهي، جتي نوان ۽ پراڻا قومي ڪارڪن، اديب ۽ شاعر، سماج سُڌارڪ ۽ سول سوسائٽي جا ساڃاهه وند اچي من اندر جي اُڃ اجهائيندا آهن ۽ سائينءَ سان ڪچهري ڪري پنهنجي ذهنن جا سمورا ٿَڪَ لاهيندا آهن. سڪرنڊ ۾ اهو ئي ته آهي سڀني جي رابطي جو مرڪز.
سو، آءُ جئين ئي انهيءَ آستاني تي اڪيلو ويهي اخبار پڙهي رهيو هوس، جو پاسي واري کيسي ۾ پيل منهنجي موبائيل ۾ اڌ منٽ جي وٿيءَ سان ٻهsms بيل وڳا. موبائيل آن ڪري ڏٺم ته سائين ارباب پرهياڙ ۽ ماڻڪ ملاح جا sms هئا، اڙي! هي ڇا؟ ٻنهي جو ساڳيو مئسيج.
(انتهائي دک دائڪ خبر)
”استاد مير حسن لاکو اڄ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن جي جنازي نماز اڄ شام جو ستين بجي ڳوٺ لاکا آباد ۾ ادا ڪئي ويندي. ميسيج پڙهندي، منهنجا نيڻ ڀرجي ٿا اچن ۽ مان اڪيلو اڪيلو روئڻ ٿو لڳان. انهيءَ وقت منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هن سٻاجهڙي شخص جي يادگيرين جون سوين تصويرون تڪڙيون تڪڙيون اينديون ۽ وينديون ٿيون رهن.
هيءُ ڀٽ ڌڻيءَ جي سُر رامڪليءَ جو ڪو جهونڙو جوڳي، هي آزاديءَ جي عشق ۾ رچي ٿيل لاهوتي لال، هي سنڌ جي صدا تي سِر آڇيندڙ صوفي لاڪوفي، هي لاطمع فقير تن شخص، هي هميشه بحث مباحثي کان پري ڀڄندڙ، هي سدائين سفر ۾، هي سنگت جي هر سفر جو سُونهون، هي
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آءُ نه جيئري ان ري.

هي محبتون ونڊيندڙ هي دوستيءَ جي تقدس جي سٻنڌ سان نينهن وانگر نڀائيندڙ، هي علم جون لاٽون روشن ڪندڙ، هي قد جو پورو پنو، پر پنهنجي مزاج ۽ سڀاءَ ۾ انتهائي وڏو ماڻهو ، هي قول ۽ فعل جو پختو، هي ڪردار ۾ هماليه سان ڪُلهو هڻندڙ، هي سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار، هي سنڌي ٻوليءَ کي جيجل جي جهولي سمجهندڙ، هي سنڌي ثقافت جو امين، هي سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو عاشق، هي سنڌ جو تاريخ جي تهن جي دَزَ کي ڇنڊي ڦوڪي قومي ڪردارن کي روشناس ڪرائيندڙ، هي وطن جي عشق جو پروانو، هي سنڌ جي سياسي ڪعبي ”سن“ مان اُٿندڙ صدائن عقيدي جي حد تائين ايمان رکندڙ ۽ هي سيد جي فڪر جي پرهه جو پياڪُ اڄ اسان کان ائين بنا موڪلائي هليو ويندو! سو، ڪنهن سوچيو به نه هو.
هُن کي پنهنجن پيارن روئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئين نه ڪئي هوندي! خاموش سُڏڪن ۽ اُڀ ڏاريندڙ اوڇنگارن هُن کي روئي روڪڻ جا وڏا وس ڪيا هوندا، هُن کي سندس نياڻيءَ مارئي پنهنجي ڀيڻن سان گڏجي ٻانهون هار ڪري رُنو هوندو. مينديءَ رتڙن هٿن هن کي روڪيو هوندو، ڪجل ڀنل نيڻن هن کي روئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، پر پوءِ به.... ويندڙ ويندو ئي رهيو.
مينديءَ رتا هٿڙا، ڪجل ڀنا نيڻ،
سڀني وڌا ويڻ، ويندڙ ويندا ئي رهيا.
*
روئڻ سان جي رهين، ته راتو ڏينهن رئان،
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پيرين هوند پُئان،
ڌرتي سڀ ڌوئان، لڙڪن سان لطيف چئي.

آئون پنهنجو ڌيان ذهن جي اسڪرين ڏانهن موڙيان ٿو.... صوفي شاهه شهيد ۽ لطيف سائين کان ڪي ٻه اڍائي صديون پوءِ تائين، سنڌ جي فڪري طرح مڪمل اونداهي آڪاش هيٺ، نيٺ فڪر جي. ايم. سيد ايثار، عشق، ادب، شعور سچائي، حب الوطني ۽ سنڌ پرستيءَ جو اَهو مَچُ بنجي ٻريو، جنهن ”وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي“ وانگر، واهڻ ۽ وستيون، ڳوٺ ۽ شهر، ٿر ۽ بر بلڪه ولايتن کي به پنهنجي نور جي ڌارائن سان روشناس ڪرائي ڇڏيو هو ۽ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو بنجي پئي هئي.
محبت جي انهيءَ مَچَ ۾ پَچي رَچي راس ٿيڻ لاءِ، سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ميڙجي سيڙجي ڪيئي پتنگ ۽ پروانا اچي ان آڳ ۾ پنهنجا سِرَ سَٽيندا هئا.
پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اجهاءِ،
پچڻ گهڻا بچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ.
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.

وطن جي محبت انهن جوڳين جي جيءَ جو جُزُ بنجي پئي هئي، ۽ هي جديد کاهوڙي سارو سال سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويندا هئا. ۽ هڙان وڙان ڏئي، ”سنڌ وطن آهي، ۽ آزادي اسان جو مورثي حق آهي“ جي پرچار ڪري قومي شعور ڦهلائيندا هئا. سال ۾ هڪ دفعو انهن جا وڏا وڏا قافلا سڪرنڊ سئنيما چوڪ تي اچي لهندا هئا، جتان لوڪل گاڏين ۾ محراب پور پهچي، قومي گيت ڳائيندا جهومندا، ٻيلي واري واٽ وٺي، پتڻ تي پهچي، ٻيڙين ۾ چڙهي، سنڌو درياءَ سان عقيدت جو اظهار ڪندا وڃي ”سَن“ پهچندا هئا. واپسيءَ تي ٻئي ڏينهن انهن قافلي وارن سڀني ماڻهن جي مُنهن تي مهاتما گوتم جهڙي سُڪون ڀري مُرڪ هوندي هئي. ۽ هٿن ۾ ڪتابن سان ڀريل وڏيون وڏيون ٿيلهيون هونديون هيون ۽ اچي سڪرنڊ لهندا هئا، ۽ پوءِ اتان پنهنجي پنهنجي ماڳ روانا ٿيندا هئا. آزادي، هنن جو ايمان هو، ڪتاب هنن جو عشق هئا، ۽ مطالعو هنن لاءِ اڻ کٽ آڪسيجن هو، جنهن کان سواءِ هي پاڻ کي اڻپورا ڀائيندا هئا.
سائين مير حسن لاکو به انهن آديسن مان هڪ هو، جن سيد جي مئخاني جي مڌ مان چُڪي چَکي، عشق جو ڪلمو پڙهيو هو، جنهن تي هي آخري عمر تائين قائم ۽ دائم رهيو.

چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جا ڏنس ان ڏهي،
سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي.

پي پيالو عشق جو سڀ کي سمجهيو سون،
مڌ پيندي مون، ساجن سهي سڃاتو.

سائين مير حسن جڏهن به مليو ۽ جتي به مليو ته ٻاجهه مان ڀاڪر پائي، ڇِڪي ڇاتيءَ لاهيندو هو. سندس مُنهن تي ٻاجهاري مرڪ هميشه رقص ۾ رهندي هئي. منهنجي نگاهن جون پنکڙيون پهرئين سندس قدمن کي ڇُهندي، پيرين پونديون هيون ۽ پوءِ وڃي سندس مُنهن جي مُرڪ جو مشاهدو ماڻينديون هيون.
اڄ سوچيان ٿو ته اهو ڇا هئو؟ عقيدت هئي، احترام هئو يا انهن پيرن کي سڪ جو سلام هئو؟ جن منهنجي ماتر ڀوميءَ جي چپي چپي کي چُمي پنهنجا اڻ کٽ نشان ڇڏياهئا، پر پوءِ به سندن پنڌ نه کٽو هو.
مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چمڪندڙا اچن،
کڙيون کيهه ڀڪيليون، پگهر سر پيرن،
اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا.

پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو سائينءَ پنهنجي انهيءَ مقناطيسي مُرڪ کان هميشه هميشه لاءِ مُنهن موڙي ورتو ۽ وري ڪڏهن به پنهنجي انهيءَ مُرڪ کي مُنهن ويجهو اچڻ به نه ڏنائين. ٿيو ڇا هو، جو سائين مير حسن جي اڪيلي پٽ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. دنيا ۾ پنهنجي پياري پٽ جي لاش کي ڪُلهي ڏيڻ جهڙو ڏکيو ڪم آهي ئي ڪو نه. پنهنجي نوجوان پٽ جي قبر تي بيهي قل پڙهڻ جهڙي امتحان کان شل الله سائين هر ڪنهن پيءُ کي پنهنجيءَ پناهه ۾ رکي. ان کان پوءِ، سائين مير حسن اندران ئي اندران ڀڄي ڀري پيو هو، ۽ اداسي ان جي زندگيءَ جو حصو بنجي پئي هئي. سائين جو مَنُ موهن، مڪلي ۽ ڀنڀور بنجي پيو هو.
هڪ دفعي اسان جي ڳوٺ آيو ته انتهائي عقيدت سان ملي چيومانس ته، ”سائين! شاهه صاحب جي سورهيه ڪردار لاکي ڦلاڻيءَ تي آيل ڪتاب وٺي پڙهيم، ته خبر پئي ته اهو ڪتاب توهان ڇپايو آهي. ماشاءَالله زبردست ڪم ڪيو اٿو. تاريخ جي وسريل ڪردارن تي ڪم ڪري، انهيءَ کي سهڻي نموني ڇپايو اٿو. خوشي ٿي ته اوهان اڃا تائين انهيءَ قومي ڪم کي لڳا پيا آهيو. وڌيڪ خوشي انهيءَ ڪري به ٿي جو ”سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هووي ڏاڙهي“ وانگر اڄ به توهان جو عشق پوڙهو نه ٿيو آهي. ۽ اڄ به لکڻ، پڙهڻ ۽ ڇپائڻ جي جستجو ۽ جدوجهد ۾ لڳا پيا آهيو“، سائينءَ چيو ته، ”بس بابا! مڙئي لڳا پيا آهيون وس آهر. پر، توهان ڄام نظام الدين سمون ڪتاب پڙهيو يا ورتو آهي؟“ مون ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، ته سائين چيو ته، ”اهو ڪتاب وٺجانءِ به نه. مان سڀاڻ ئي توهان کي موڪلي ڏيندس. اهو به اسان ڇپايو آهي.“ ٻئي ڏينهن استاد ايوب ڏاهري هٿان اهو ڪتاب ڏياري موڪليائين، اها هئي، سائين جي مشفقانه محبت جي نگاهه.
اڃا چار ڏينهن اڳ جي ته ڳالهه آهي، جو سائين مير حسن پنهنجي دوست ۽ منهنجي چاچي سائينءَ دوست محمد جي گهر واريءَ جي چاليهي جي خيرات جي موقعي تي اسان جي ڳوٺ آيو هو. مان مهمانن جي آجيان لاءِ گيٽ تي بيٺل هوس. سائين آيو. روايت طور سندس قدمن تي نگاهون ڄمائي، احتراماً جهڪيس، ته ڇڪي کڻي ڇاتيءَ لڳايائين. مان کيس هٿ ۾ هٿ ڏئي، وٺي وڃي اندر اوطاق ۾ سائين دوست محمد وٽ ڇڏي آيس، دعوت هلندي رهي، ماڻهو ايندا رهيا، سائين مير حسن ۽ سائين دوست محمد ڪچهريءَ ڪندا رهيا. نيٺ موڪلائڻ مهل سائين اٿي اسان وٽ آيو. مون کي سرمد ميراڻي، اسد ڪيرئي ۽ عباس ميمڻ کي گڏيل طور مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته، ”يار! دل ته گهڻو ئي ٿي چئي ته توهان کي ٽائم ڏيان، توهان سان ڪچهريون ڪريان. پر، هاڻ صحت اهڙي اجازت نٿي ڏئي. بابا! هاڻ مون تي ميار به نه ڪجو.“ اسان سڀ گڏجي کيس چئون ٿا ته، “سائين! ڪچهريون پيون ٿينديون، رڳو توهان جي صحت سلامت هجي، توهان جو هيڏيءَ سڪ مان اچي ملڻ اسان لاءِ سڀ ڪجهه آهي.“ چيائين ته، ”عبدالواحد آريسر جي وفات تي به ڪو نه وڃي سگهيس، ته چاليهي ۾ به شريڪ ڪو نه ٿي سگهيس. ڏاڍو شرمسار آهيان، پر بابا! صحت اجازت نٿي ڏئي، هاڻ جڏو ٿي ويو آهيان، يار سرمد! مون کي معاف ڪجانءِ“ سرمد ٻانهون ٻڌي چويس ٿو ته: ”سائين! ڪا ڳالهه ناهي پريشان نه ٿيو. انشاءَالله پيا ملنداسين.“ هُو هڪ دفعو ٻيهر ڀاڪر پائي اسان مان هر هڪ کان موڪلائي ٿو. آئون کيس گيٽ تائين ڇڏڻ ٿو وڃان، ته وري به هڪ دفعو ٻيهر ڀاڪر پائي موڪلائي ٿو ۽سندس اهو مونکي آخري ڀاڪر هو... آئون موٽي اچي سرمد کي چوان ٿو ته، ”يار سرمد! هيءُ ماڻهو ته ڏس! ڪيڏا سڌا ساڌا ۽ سٻاجها سچا انسان هئا! سائين سالن جا سال پ. ٽ. الف جو تعلقي صدر رهيو ۽ مرڪز ۾ به رهيو پر. ڪڏهن به پنهنجي فرض کان غافل نه ٿيو. ڇا ته هي تاڃي پيٽو پَٽُ ماڻهو هئا. ڪرپشن جي ڏائڻ ڪڏهن هنن جي ڀر مان به نه گذري سگهي.“ اسد چيو ته ”جيڪڏهن عورت بنجي، سورنهن سينگار ڪري ڪرپشن جهڙي ڏائڻ ڪڏهن هنن سان اچي ٽڪرائجي به ها، ته هي ماڻهو کانئس ايئن منهن موڙي وڃن ها جيئن لطيف سائينءَ چيو ته: ”جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.“ مون چيو ته هي ماڻهو ڪردار جا ايڏا صاف ۽ شفاف هئا جو ”دامن نچوڑیں تو فرشتے وضو کریں“ سرمد چيو ”سنڌ جي جيڪا موجوده صورتحال آهي، ان ۾ اهڙن ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، جهڙا اهي ماڻهو ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ هئا.“
آئون سائين مير محمد جي دوڪان تي اڪيلو ئي اڪيلو سائين مير حسن جون ساروڻيون ساريندو، سندس اوچتي وڇوڙي جو مئسيج ڦهلائيندو ٿو رهان، ته منهنجو وڏو پُٽُ زوهيب نواز ڏاهري موٽر سائيڪل ڪاهي ٿو اچي ۽ پڇي ٿو ته بابا! ڳوٺ هلو ٿا؟ مان ساڻس گڏجي ڳوٺ هليو ٿو اچان ۽ پنهنجي چاچي سائينءَ دوست محمد، جنهن کي آئون ”بابا“ چوندو آهيان، ان جي پڇا ٿو ڪريان، ته جئين کيس سائين مير حسن جي ڪُمهلي وڇوڙي جو ٻڌايان.
سائين دوست محمد جنهن جي گهر واري ڏيڍ مهينو اڳ ”سائلينٽ هارٽ اٽيڪ“ ۾ وفات ڪري وئي آهي ۽سائين دوست محمد جيڪو ان کان پوءِ پنهنجن پٽن، ڌيئرن، پوٽن، ڏوهٽن ۽ نُهرن جي وچ هجوم ۾ هوندي به پنهنجو پاڻ کي اڪيلو، اوپرو ۽ اداس محسوس ڪرڻ لڳو آهي. مان سائينءَ کي ٻڌايان ٿو ته بابا! سائين مير حسن لاکو به اڄ ڏوراهين ڏيهه هليو ويو، سائين چوي ٿو ته توکي ڪنهن ٻڌايو؟ اڃان آچر تي ته پاڻ سان گڏ هو، يڪدم هليو ويو...!؟ ڇا ٿيس؟ چوانس ٿو ته بابا! هي لطيف سائينءَ جا اُهي کاهوڙي ڪردار هئا، جن لاءِ لطيف سائين چيو هو ته
”اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.“
هي اهي ماڻهو هئا، جن جا نه ڪنڌ جهڪڻ جا هئا، نه پنڌ کٽڻ جا هئا، اياز چيو ته
”جي ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان! اڏري ويندو سانءِ.“
هن کي هاڻ ڀونءِ ڀانءِ نٿي آئي. هُن جو پنڌ پري هئو. ان ڪري، هيءُ هميشه لاءِ اُڏري، اوڏانهن هليو ويو جتي سندس جيجل امڙ هوندي، جتي سندس بابا هوندو جتي سندس گهر واري هوندي، جتي سندس اڪيلو پٽ هوندو ۽ انهن کان سواءِ سندس من جون محبوب شخصيتون لاکو ڦلاڻي، لطيف سرڪار سائين جي. ايم. سيد. آريسر صاحب ۽ الاءِ ڪير ڪير هوندا، جن ڀاڪر ڀري هن جي ڀرپور آجيان ڪئي هوندي، بابا چئي ٿو ته ”لاکا آباد“ کي ”لاکا آباد“ هن ئي شخص ڪيو ۽ پڇي ٿو ته جنازي نماز ڪيڏيءَ مهل آهي؟ ٻڌايانس ٿو ته شام ستين بجي.
۽ شام ستين بجي کان اڳ اسين اتي ٿا پهچون، جتي اسڪول واريءَ اوطاق ۾ ماڻهو غم ۾ ٻُڏا خاموش ويٺا آهن. سائين مير حسن جو جنازو کٽ تي تيار ٿيو پيو آهي، اسين اتي پهچون ٿا ته ڪير چئي ٿو ته سائين جو ديدار ڪريو ته ڀلي ڪريو.! آئون احتراماً سائينءَ جي پيرن تي پنهنجون نگاهون ٿو جهڪايان ۽ پوءِ آخري ديدار ٿو ڪريان، سوچيان ٿو ته هن ماڻهوءَ روح جي سچائيءَ سان ڪيڏا نه پنڌ ڪيا هئا، ۽ هُن جا پنڌ نه کُٽا ۽ نيٺ هي ٿڪجي سمهي پيو آهي. اهڙي سڪون جي ننڊ، جنهن مان کيس هاڻ ڪو به جاڳائي نه سگهندو. سائينءَ جي جنازي وٽ بيٺو آئون ماڻهن ڏانهن پنهنجون نگاهون ٿو ڊوڙايان... ڪنهن ٿو ڳوليان؟ قافلن جي صورت ۾”سن“ ويندڙ هن جي انهن ساٿين کي؟ اديبن ۽ شاعرن کي؟ استادن جي تنظيم جي مرڪزي اڳواڻن کي؟ سياسي سماجي اڳواڻن کي؟ بهرحال انهن مان اُتي ڪير به ڪونهي. پر پوءِ به ماڻهو جام آهن، ڳوٺ جا ماڻهو، تَرَ جا ماڻهو، سندس ذات وارا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، سڪرنڊ کان آيل ماڻهو، نواب شاهه آيل ماڻهو، ماڻهو ئي ماڻهو آهن.
نماز لاءِ جنازو کڄي ٿو ۽ مان رش ۾ ٻه ٽي دفعا هُن معصوم ماڻهوءَ جي جنازي کي ڪلهو ڏيڻ جي سعادت ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿو وڃان. جنازي نماز ۾ وري به منهنجا نيڻ ڪنهن کي ڳولين ٿا.... ۽ پوءِ اڪيلي سائين زين شاهه تي نظر پئي ٿي، جيڪو ٻيءَ صف ۾ نماز لاءِ بيٺو آهي. نماز کان پوءِ ڪانڌي لاش کڻي قبرستان طرف هلن ٿا ۽ سائين مير حسن جو روح مٿي پولار ڏانهن پرواز ڪندي، ڄڻ ته اياز جو هيءُ نظم ڳائيندو ٿو وڃي ته:
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
ستي ساهه جاڳي،
وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور
سوين چنڊ، ساٿي!
سفر ۾ سوين ڪائناتون،
نه آغاز جن جو،
نه انجام جن جو،
ازل کان اَبد تائين سک جون براتون،
زمان ۽ مڪان کان، مڪمل نجاتون،
جڏهن موٽ کائون، سوين راز آڻيون،
سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون.
اسان چنڊ چايون.
ستارا تڳايون،
انهن مان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون.
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
واپسي تي ڀٽائي ٿو ياد اچي ته:
”لاکا لک سُجهن، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو.“
۽ مان ڀٽائي صاحب کان معذرت سان چوان ٿو ته:
لاکا لک سُجهن، پر مير حسن جو مرڪ ٻيو،
جنهن جي مچ محبت جا، ڏوران پيا ڏسجن.
نانءُ وٺي هن يار جا، ويهي ورد ڪجن.
ڪهڙا ڳڻ ڳڻجن، هن اُتم انسان جا.
**
.
هي مضمون سائين مير محسن جي چاليهي جي موقعي تي، غلام مصطفيٰ لاکي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا“ ۾ ڇيپل آهي. سائين مير حسن جي شخصيت ۽ جدوجهد تي هي ڪتاب آڪٽوبر 2016ع ۾ شايع ٿيو.