ڄڻ ته هُو به ڪو ڏياريءَ جو ڏيئو هو....!
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پڻ پنهنجا ساريا، هيءَ هنن لئه هنجون هاري.
(شاهه صاحب)
موت جي وادي ڏانهن ويندڙ، ان وقت ڪجهه به محسوس ڪري يا نه (اهو الڳ موضوع آهي، هر فلسفيءَ وٽ پنهنجا دليل هوندا آهن.) پر ان جي جدائي پوئين لاءِ وقت جو پل پل قيامت ۾ تبديل ڪري ويندي آهي، ساعت ساعت پلصراط جو سفر لڳندي آهي.
جوانيءَ جو موت! جيئن رون رون ڪندي تنبوري جي تار ٽٽي پوي، جيئن ڪوئي گيت اڌورو رهجي وڃي، جيئن وڄندي وڄندي بوڙينڊو ڀُري پوي، جيئن نقطه عروج تي پهچڻ پل ڪنهن رقاصه جي پيرن جي پايل ٽٽي پوي، هڪ هڪ ٿي سارا گهنگهرو وکري وڃن. ڀٽ ڌڻيءَ تي بلڪل ئي اهڙيون گهڙيون گذريون هونديون، جو هن تنبوري جي تارن تي هٿ هڻي اکيون ٻوٽي آهه ڪئي هوندي ته:
آيل ڪريان ڪيئن، منهنجو نينهن اپليو نا رهي،
ويو وڻجار اوهري، مون کي چاڙهي چيئن،
منهنجو نينهن اپليو نا رهي،
(شاهه صاحب)
اهڙي ئي جيءُ کي جهير ڏيندڙ جدائي ڏئي ويو آهي، پنهنجن پيار ڪندڙن کي ثناءُالله خاصخيلي. ثناءُالله! جيڪو اوچتو ئي اوچتو دوستيءَ جي دائري مان نڪري گم ٿي ويو، پويان ڇڏي ويو صرف ۽ صرف يادن جا عڪس، يادو ن جيڪي رڳو سور ئي هونديون آهن. اهڙا سور، جن لاءِ حمل فقير چيو ته:
سڪ مڙوئي سور، سور به سرجيا سڪ مان،
صبر سڪ وڃائيو، ماٺ نه اچي مور،
دانهون درد فرق جون، ڏيهه ٻجهن ٿيون ڏور،
حمل هي هڪڙو ڪلور، جو ساجن سڻي ڪين ڪي.
ثناءُ! جنهن کي احساس هو ته سندس زندگي جي رنگين داڻن کي موت جو ڪارو ڪانءُ آهستي آهستي چڳي کٽائي رهيو آهي. ان وحشي ڪاري ڪانءُ کي تڙي زندگي جي رنگين داڻن کي بچائڻ لاءِ اڪيلو ئي اڪيلو ڪراچيءَ جي ڪُٺن سفر تي نڪري پوندو هو، پاڻ ئي اسپتال ۾ ايڊمٽ ٿيندو هو. پاڻ ئي چاڪ ٿي واپس ورندو هو ڇو ته کيس سڌ هئي ته پنهنجي زندگي جي لال ڪنوار جو هو پاڻ ئي محافظ آهي. ان حوالي سان ڪنهن جو به آسرو ڪرڻ کي هو ڪانئرن جو ڪم سمجهندو هو.
اي پڻ ڪانئر ڪم، جو ساٿ ڇڏيائون سونهن جو،
جيسين دعوا دم، پل پل پرت پرينءَ سين.
(علي نواز ڏاهري)
هن جي ادبي عمر به ڪا ايڏي وڏي نه هئي. چند سالن جي مختصر مدت ۾ سندس ذهني سطح اتي وڃي پهتي جتي روايتي سرڪاري ڪراڙن اديبن جي پهچ به ناممڪن آهي.
هو ڪهاڻيون هجن يا شاعري، نثر هجي يا نظم، ادب جون جديد صنفون هجن يا ڪلاسيڪل ادب يا مرڳو لوڪ ادب، تاريخ هجي يا تحقيق، مطالعي جي محبوبا هن کي پنهنجو ديوانو بنائي رکيو هو، هن جون اکيون سدائين اکرن تي فوڪس هونديون هيون، جتان هن کي مقصد جي مومل جي حاصلات لاءِ عشق جي چاڙهي نظر ايندي هئي.
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرين کي،
يا
اک اهائي ڌار، جنهن سان پسين پرينءَ کي،
ٻئي ڏي ڪيم نهار، گهڻو ريسارا سپرين.
(شاهه صاحب)
ادبي ۽ تنقيدي ڪلاسن ۾ هن جي موقعي تي ڪيل ڇنڊ ڇاڻ ۾ مڪمل عالمانه راءِ هوندي هئي، هن کان سواءِ هر گڏجاڻي يا ادبي ميڙاڪو اڌورو لڳندو هو.
آهن اڌورا پرين، جيون جا سڀ سانگ،
تن من تو آتانگ، جياپو جڏي جيءُ جو.
سنڌي، اردو، هندي، ته ڇا پر عربي ۽ فارسي ادب کان به ناآشنه نه هو. موهن- دڙي جي اسٽوپا کان وٺي ننگر پارڪر ۽ ڪاسٻو تائين نظر نه ايندڙ هن جي قدمن جا نشان ساکي آهن ته هن ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو سمجهي، ان جي انچ انچ کي موکيءَ جي مئخاني جو مڌ ڄاڻي پنهنجي نيڻن جي صراحين ۾ اوتڻ ٿي چاهيو ۽ اها پياس مٽائڻ ٿي چاهي جنهن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته:
تن ۾ تونس پرينءَ جي، پيئان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪيان، ته سرڪائي نه ٿئي،
هو- جيڪو تاريخ جي تهن تان ماضيءَ جي دز هٽائي سنڌ جي سونهن ڏسڻ جو مشتاق هو. ان سلسلي ۾ اتهاس جي وار کان سنهي ۽ تلوار کان تکي پلصراط پار ڪرڻ کان پوءِ، مطالعي جو ماڳ وٺي جڏهن هو تاريخ جهڙي ڪٺن صحرا ۾ پير رکندو هو، جتي هو رڳوئي رڻ گجڻ ۽ راڙو ٿيڻ جو گوگاءُ، هاڪارڻ ۽ هڻڻ، تلوارون ۽ ڀالا، زخمي گهوڙن جا هڻڪار، ڪوڪارون ۽ پوڪارون، ڪِري نچندڙ ڪنڌ، ڌوڙ ۾ ليٽيل ڌڙ، جسمن کان جدا ٿيل عضوا، ڄڻ رڻ پٽ ۾ ٽڙيل روهيڙي جا رتا گل ۽ رت جا وهندڙ واهڙ. اتي به هر دور جي جنگ ۾ هن کي ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جهڙا ساڻيهه سان نينهن نڀائڻ وارا نعرا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ۽ هن جو ايمان تازو ٿي ويندو هو، ته سنڌ جيڪي صدين کان سپنا پنهنجي نيڻن ۾ پئي نپايا آهن. هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان جو روپ وٺندا ڇو ته آزادي هر قوم جو ڪائناتي حق آهي. ان کان هميشه لاءِ اهو حق ڪو به نٿو کسي سگهي ۽ دل ئي دل ۾ هي ڄڻ ته گنگائيندو هو ته:
پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اڀ تائين جهوليندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو، ساٿي اهڙو ڏينهن به ايندو.
هو_ جنهن بنياد پرستي جي بلا کي انتهائي ويجهو کان ڏٺو هو، آپگهاتي جيڪيٽن ۽ بم بلاسٽرن جي دور ۾ به زندگي کي پيار ۽ پريت جي راهه ۾ رقص ڪندي ڏسڻ جون خواهشون سيني ۾ سانڍي هلندو هو. جنهن جا نيڻ دنيا کي هر زاويي کان پرکڻ جي سگهه رکندا هئا. هو سنڌ جو سچو عاشق ۽ اهڙو الهڙ جوڳي هو، جنهن جهڙن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته:
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ.
اچي ان تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪوريو.
هو جيڪو روشن خيالي ۽ سيڪيولرازم جي راهه جو اهڙو ته رولاڪ مسافر هو، جنهن هو پنڌ کٽڻ جو ئي نه هو.
هي ته پٻ جا پهاڙ اوري، پنهل جا پيرا اڃان به اڳتي،
اڃان به اڳتي ...... اڃان به اڳتي.
(محمد خان مجيدي)
سر ۽ ساز سندس محبوب مشغلا هئا، هن پنهنجي زندگي جون ڪيئي راتيون ان سحر ۾ گم ٿي گذاريون هيون. ساز، آواز ۽ سرن جي صدا مان تڏهن سجاڳ ٿيو هو، جڏهن پرهه ڦٽيءُ کان پوءِ سازيندڙن جون رقص ڪندڙ آڱريون پنهنجن سازن تي رڪجي ويون هيون، سرن ۾ صدا هڻندڙ چپ چُپ ٿيا هئا. مئخاني تي ماڪ وٺي هئي. ڀر واري مسجد مان آذان جا آواز فضائن ۾ ڦهلجڻ شروع ٿيا هئا، پکي آکيرا ڇڏي اڏريا هئا ۽ ثناءُالله راڳن جي ان سحر مان نڪري پاڻ سنڀاليو هو.
اهڙيون ڪيئي راتيون هن جي جيون جو ثمر رهيون هيون، صوفياڻين محفلن کان وٺي ڪلاسيڪل راڳن تائين هو سندن پرک جو پانڌيئڙو هو. هن جي من جو مينڌرو راڳ جي ڪاڪ محل جي ور وڪڙ پيچرن جو اهڙو ته واقف هو جهڙا سنڌ جا اڄوڪا نالي وارا راڳي به شل هجن.
جستجو هن جو جياپو ۽ تحرڪ هن جو ايمان هوندو هو. هو. ماٺ کي موت سمجهندو هو. ڪڏهن به ڪنهن حوالي سان هن ڏانهن ڪا تنقيدي آڱر اڀي نه ٿي.
ڪڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
(شاهه صاحب)
هو- جيڪو سامراجي سازشن، قومي غلامي، وسيلن جي ڦرلٽ، رياستي ڏاڍ، طبقاتي جبر، ناانصافين ۽ ٻين انت انت جي اونداهه اسرارن ۾ سوين سرفروشن جيان ٽانڊاڻو ٿي ٽمڪيو ۽ ٻاٽ اڃان اتي ئي هئي، ته هو اڳ ئي وسامي ويو.
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.
هو- جنهن جي نيڻن ۾ نئين سنڌ جا سپنا ائين جرڪندا هئا جيئن برسات کان پوءِ جهڙالي وايو منڊل ۾ انڊلٺ جا سڀئي رنگ جرڪي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندا آهن.
هو- جنهن جي سپنن جي اپسرا سنڌ هئي، سنڌي قوم هئي، سنڌ جو روشن مستقبل هئو، جيڪو سپنا اڻندي، پاڻ به سپنو بڻجي ويو، جيڪو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن خوابن جي واديءَ ۾ نظر به ايندو الاءِ نه!
اها سڄي رات ڏياريءَ جا ڏيئا ٽمڪي ٽمڪي صبح جو وساڻا هئا ته آخر ۾ هن جي زندگي جو ڏيئو به وسامي ويو. ڄڻ ته هو به ڪو ڏياريءَ جو ڏيئو هو....!
**
(نوجوان اديب ، محقق ثناءَ الله خاصخيلي، جيڪو س. ا. س شاخ جو سڪرنڊ جو سيڪريٽري به رهيو، جيڪو 08 مارچ 1982ع جي بهار جي رت ۾ پيدا ٿيو. اٺاويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ گردن جي فيل ٿيڻ سبب 06 نومبر 2010ع جي صبح جو نائين وڳي پنهنجي پيار ڪندڙن کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
ان ئي رات جو سندس دفن ٿيڻ جي واپسي ۾ درد جي شدت ۾ لکيل مضمون، جيڪو سندس چاليهي جي موقعي تي س. ا. س شاخ سڪرنڊ پاران سندس ياد ۾ ملهايل پروگرام ۾ پڙهيو.)
سي جيءَ جيارا ماڻهوءَ ها
(تاج محمد ڏاهري جي شخصيت)
سنڌ جي محبوب شاعر محترم شيخ اياز چيو ته:
جي پنهنجو نور نچوئي ويا. ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇاڇا مو تي پائي ويا.
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي ڏاڍا پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو، سي دل ۾ درد دکائي ويا.
ائين هو هن ڳوٺ جي انتهائي قربائتي، شريف المزاج ۽ سٻاجهڙي شخص ڏاڏي الجهڙئي جو سڀني کان ننڍو ۽ ٽيون نمبر پٽ هو، مائٽن سندس نالو ته تاج محمد رکيو هو پر لاڏ ڪوڏ مان سڏيندا ”من“ هئس ۽ اهو من نه رڳو مائٽن جو من هو پر پنهنجي آخري عمر تائين سڄي ڳوٺ جو ”من“ ئي رهيو- توڙي جي لکيل پڙهيل نوجوان کيس ”صاحب“ به سڏيندا هئا. پر ڳوٺ ۾ اڪثر هو “من” ئي مشهور رهيو.
اڄ جڏهن آئون پنهنجي ساروڻين کي سهيڙيان ٿو (۽ هي ساروڻيون صرف منهنجون ساروڻيون ناهن پر هن ڳوٺ جي هر هڪ منهنجي عمر جي فرد جون گڏيل ساروڻيون آهن.) آئون اڃان پرائمري اسڪول ۾ به نه پڙهندو هوس شايد، هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن سڪرنڊ وايه کڏهر جو روڊ به سرن جو ٺهيل رستو هئو، جنهن ٽانگا هلندا هئا. جڏهن هن ڳوٺ جي اڳيان واريءَ جا وڏا وڏا دڙا هئا. جتي کٻڙن جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ بيٺل هوندا هئا، جڏهن هن ڳوٺ جا هڪ ٻن گهرن کي ڇڏي باقي سڀئي گهر اوڏڪين ڀتين تي سچن سرن سان ٺهيل ڇپرن سان ٺهيل هوندا هئا. جڏهن درياءَ دهشت ڇڏي. ٻيٽ ٻيٽاريون نه بڻيو هو. جڏهن درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين تان اڃان ٻيلا ڪو نه وڍيا هئا.
جڏهن اڃان موسم تي ماحولياتي تبديلن جو اثر ڪو نه پيو هو- جڏهن سانوڻيون پنهنجي پوري ٽائم تي سانگين جي سار لهنديون هيون. جڏهن وسڻ جا ويس ڪري ڀٽائيءَ جو يار ساري سنڌ سان گڏ منهنجي ڳوٺ تي به آڌيءَ جو اوهيرا ڪري اچي ڪڙڪندو هو. ته منهنجو ڳوٺ به ساري سنڌ جي ٿرن برن وانگر ڀٽائيءَ جون هيءَ سٽون بنجي پوندو هو ته:
رات به مينهنڙا وٺا،کينوئن کيل ڪيا.
وڻجارن جي ملڪ مٿي.
رات به مينهنڙا وٺا.
ڪچن گهرن جي اڱڻن ۽ گهٽين ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهي ويندو هو- ساري ساري رات، وسي وسي مينهن جڏهن صبح جو بس ڪندو هو ته هيءَ يار سائين تاج محمد به مينهن جي پاڻي ۾ ڇاٻڙ ڇاٻڙ ڪندو، پانچا پسائيندو، پاڻ بچائيندو، هر هڪ گهر ۾ صبح سان اچي سلام ڪندو هو- ۽ اچڻ سان ٻهه ٻهه ٻاجهه سان اچي پڇندو هو ته، ”ڏيو خبر! بچيا آهيو مينهن کان؟“ وري پاڻ ئي ٻڌائيندو ته ”چيم ته وڃي جانچ ڪري اچان....!“
گهر ڌڻي جواب ڏيندس ”ها ڀائو شڪر آ بچاءَ ٿي ويو آهي تنهنجي اچڻ جي وڏي مهرباني هاڻ، ويهه، چانهه پي!“ ته چوندو ته ”نه يار! وري ٻين گهرن جي به چانچ ڪرڻي اٿم، سڄي ڳوٺ ۾ وڃڻو اٿم... وڃان ٿو“ ۽ پوءِ وري پاڻي ۽ گپ ۾ ڇاٻڙ ڇاٻڙڪندو ٻين گهرن ڏانهن راهي ٿيندو. ان وقت هي مونکي عالمي معيار جي ڪنهن ناول جو ڪو ڪردار لڳندو هو.
واقع سچ چيو آهي شيڪسپيئر ته هيءَ دنيا اسٽيج آهي جتي هر شخص کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ائين هر شخص جي ڪردار جو تعين به تاريخ کي ئي ڪرڻو آهي، تاريخ وڏي منصف آهي، تاريخ جڏهن ڪنهن شخص سان انصاف ڪندي آهي ته ان کي عوام جي اڪثريت جي ”جيءَ ۾ جايون“ ڏيندي آهي- اهو شخص دنيا ۾ جيترو به وقت رهي پر ان کان پوءِ به ان جون ڳالهيون پيون ڳائبيون آهن، ۽ هر ماڻهو جي دل ان جي احترام جي محراب ۾ سربسجود ٿي ويندي آهي_ بلڪل ائين ته:
تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،
ان رمزَ سان روح رجهائينديس.
(امين فهيم)
اڄ هي توهان سڀ هن جي پهرين ورسي ته هن جون ڳالهيون پيا ڳايو- هن جي رنگين يادن جي خوشبوءَ سان پنهنجا من پيا مهڪايو تصور ئي تصور ۾ هن کي ڏسي خوش به پيا ٿيو، ته پنهنجين پنبڻين کي آلو ڪري پنهنجا جيءَ پيا جهوريو. مونکي يقين آهي ته هن جو روح اڄ هن محفل ۾ هتي ڪٿي موجود هوندو ۽ توهان کي ڏسندو هوندو. توهان جي پيار کي محسوس ڪندو هوندو، ڇو ته سچو پيار هميشه ٻه طرفو هوندو آهي،
تو کان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار،
لُڙڪ لڙي پيا، لار ڪري.
(اياز گُل)
اهو ڪنهن ڪردار سان تاريخ جو انصاف ناهي ته ٻيو ڀلا ڇا آهي...؟
جڏهن به ڪن قومن جي روح تي غلامي ۽ جمود جو جن اچي واسو ڪندو آهي، ته ماڻهپي جي باغيچن مان محبت جا گل به مُرجهائجڻ لڳنداآهن. تڏهن حمل فقير جي ڏات به ڏکوئجي ويندي آهي ته:
محبت لڏي وئي ملڪ مان، ڏک وڏو ڏيئي،
ياراڻي يارن مان ويئي ڙي ويئي.
اهڙي ماحول ۾ هر ڳوٺ ۾، هر پاڙي ۾، ڪو نه ڪو سائين تاج محمد جهڙو ڪردار پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو عملي طرح محبتون ورهائيندڙ هوندو آهي-
هو پيار پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو ڏور اڏامي ويا،
اڄ تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ هو پنهنجو جوت سمائي ويا.
(شيخ اياز)
مون کي ياد ٿو اچي ته هي پهريون ماڻهو هو اسان جي ڳوٺ جو جنهن هر عيد تي هر گهر ۾ وڃي، هر ننڍي وڏي فرد کي ”عيد مبارڪ“ ڏيڻ جي روايت وڌي. ڪڏهن ڪڻو به خراڙ ٿي ويندو آهي، ته ڪڏهن ڄڻو به هزار ٿي ويندو آهي. ائين هيءُ مضبوط روايت وجهي ويو آهي ته هر عيد نماز کانپوءِ هن ڳوٺ جو هر ماڻهو باقائده هر گهر جي هر هڪ ننڍي وڏي فرد کي ”عيد مبارڪ“ ڏيڻ ويندو آهي، ائين هر گهر ۾ مٺائي، نمڪو، بسڪوٽ، فروٽ، شربت تي هڪ ٻئي سان دلي عيد مبارڪون شيئر ڪبيون آهن. مونکي هي ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي ڳوٺ جي عيد هن سڄي علائقي جي ڳوٺن کان منفرد ۽ خوبصورت عيد ٿيندي آهي، پيار جو اهو ٻج به سائين تاج محمد پوکي ويو آهي.
سڀني سان پيار سان پيش ايندڙ هن شخص جي سيني ۾ به ننڍڙن ٻارن جهڙي معصوم دل هوندي هئي، جڏهن ته سڄي ڳوٺ جا ننڍڙا ٻارڙا به کيس هر وقت نانا من... نانامن. ڪري اچي چنبڙندا هئن ۽ پاڻ به سڀني سان سندن مزاج موجب پيش ايندو هو. اڄ به هن کي ياد ڪري معصوم ٻار اداس ٿي ويندا آهن. هنن جون معصوم دليون ويڳاڻيون ٿي وينديون آهن، بلڪل ائين ته:
اڄ به تنهنجي لاءِ ويڳاڻا، هاءِ اسان جا نيڻ نماڻا،
اڄ به تُنهنجي لاءِ ويڳاڻا.
سندس ننڍي هوندي جو گهاٽو يار ۽ ڪلاس فيلو (راقم جو چاچو) سائين دوست محمد چوي ٿو ته تاج محمد کي ننڍڙي هوندي کان شاعري جو شوق هوندو هو. جڏهن گڏجي اسڪول ويندا هئاسين ته هيءَ واٽ تي وڻن پوکن ۽ پکين تي ڪچي ڦڪي شاعري ڪندو ۽ ٻڌائيندو هلندو هو. ٻين لفظن ۾ فطرت جا حسين منظر هن کي ننڍڙي هوندي کان ئي پاڻ ڏي متوجهه ڪندا رهندا هئا. تڏهن ئي هن جي معصوم هردي ۾ ڏات جا ڦول ڦٽندا رهيا هئا، جن باقائده خوشبو تڏهن ڏيڻ شروع ڪئي جڏهن پڇاڙيءَ هي ڪل وقتي سگهڙ ۽ شاعر بنجي پيو هو.
اياز چيو هو ته:
ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين.
ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي پوي.
ڏات هنن جو خانداني ورثو رهي هئي- تخليق هن جي رڳ رڳ ۾ شامل هئي، هنن جو والد صاحب، ڏاڏو الهجڙيو چيڪي مٽيءَ مان ڪهاڙيون ۽ ٻيا کوڙ رانديڪا ۽ ٻيون شيون ٺاهي انهن کي رنگ ڏئي جڏهن ماڻهن آڏو پيش ڪندو هو ته محسوس ٿيندو هو ته اِهي ڄڻ ته ڪي اصلي شيون آهن، جيڪڏهن هن جي تربيت ٿيل هجي ها ته هي پنهنجي وقت جو وڏو سنگتراش ٿي پئي سگهيو، اِن کان سواءِ ڏاڏو الهجڙيو پنهنجي وقت جو ٽاپ جو گهڙي نواز هو. ڪوري گهڙي تي جڏهن سندس آڱريون رقص ڪنديون هيون، ته سامعين جي وات مان از خود واهه واهه نڪري ويندو هو_ پر پروفيشنل گهڙي نواز ته ڪونه هو پر عشق جنهن جو استاد بنجي پوي سو ڪئين نه ٻين جون دليون جهومائيندو ۽ محفلون گرمائيندو...!
هو هن جو وڏو ڀاءَ مرحوم چاچو شاهه محمد وڏو وينجهار، ڪچهرين جو ڪوڏيو، گفتي جو مور، عيسيٰ فقير کان پيراڻي ڀنڀري تائين، هن ڳوٺ جي ئي بزرگ محمد صديق ڏاهري کان سانوڻ فقير، ڀٽ ڌڻي کان حمل فقير ۽ الاءِ ته ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن جو ڪلام کيس برزبان ياد هو. ڏٺ، ڏور، ڳجهارت، گرچيلو، بيت، سينگار چوڻيون، پهاڪا ۽ شعر گيت چئي ڪچهرين کي چار چند لڳائي ڇڏيندو هو، جنهن به دفعو سندس ڪچهري ٻڌي هوندي ته اهو ڪڏهن به کيس وساري نه سگهيو هوندو.
سائين تاج محمد جو ٻيو نمبر ڀاءُ سائين دلاور جيڪو هن ڳوٺ جو پهريون پرائمري استاد هو، جنهن نه رڳو هن ڳوٺ بلڪه سڄي تر کي تعليم سان آراسته ڪيو هو- پاڻ ٻڌائيندو هو ته آئون ننڍي هوندي کان پنهنجي مائٽ استاد سچيڏني سان گڏ ڳائيندو هوس. ٻڌائيندو هو ته آئون پڙهيو به راڳ جي عشق ۾ هوس. ته جيئن شاعرن جا ڪلام پڙهي پوءِ ياد ڪري ڳايان- معنى هن کي راڳ جي عشق ئي علم طرف راغب ڪيو هو، راڳ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. مهل ڪهڙي به هجي، اوچتو ئي اوچتو پنهنجي هٿن جي آڱرين سان پنهنجي سيني ته وڄت ڪندي ڀٽ ڌڻي جي راڻي کي جهونگاريندو هو ته
”آءٌ راڻا رهه رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان“
اُن وقت ڪيڏو نه درد ڦٽي پوندو هو، سندس آواز مان جنهن جون ريکائون سندس چهري تي اولڙا اڇلينديون هيون، راڻي جي راڳڻيءَ سان هن جو روح جو رشتو هوندو هو، جنهن ڪري تصور ئي تصور ۾ مومل بنجي پنهنجي روح جي راڻي کي رات رهي پوڻ لاءِ منٿون پيو ڪندو هو، اياز چيو هو ته:
هر ڪا مومل هر ڪا راڻو،
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي.
شايد هن جي به من جي ڪا، ڪاڪ لٽي هئي، ڪو راڻو رٺو هو، اهو راڻو ڪير هئو؟ جنهن ننڍي هوندي کان وٺي هن کي راڳن سان رهاڻيون پئي ٿئي ڪرايون؟ ڪڏهن به کانئس پڇي نه سگهياسون. ائين سائين تاج محمد جو سڄو گهراڻو تخليقار رهيو هو.
چاندوڪي جڏهن سائين تاج محمد جو چين چورائيندي هئي ته اڪثر پنهنجي بهتر آواز سان خوبصورت سُر سان ڳائيندو هو ته
”تنها تنها گهاريو هوندئي، مونکي ڏاڍو ساريو هوندئي.“
جڏهن اڃان سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر وجود نه ورتو هو، جڏهن سنڌ جون اوطاقون آباد هيون، جڏهن امن جو پکي هتان اُڏامي ڏور نه ويو هو، تڏهن سياري ۾ مچ تي ميڙاڪا ٿيندا هئا. ڪچهري هلندي هلندي جڏهن راڳ تي دنگ ڪندي هئي، ته ڪڏهن سوٽ فقير الهڏنو ته ڪڏهن چاچو قاسم گهاگهر ۽ يڪتاري تي اندر مان عشق جا آواز الاپيندا هئا، پوءِ جڏهن سائين تاج محمد کي چئبو هو ته سائين! تون به ڪجهه ٻڌاءِ...! چوندو هو ته ”ها ڇو نه...!“ پوءِ سائين جو خوبصورت آواز ٻڌندڙن جي سماعتن کي سڪون بخشيندو هو ۽ سائين جي چين مان مشهور انڊين گانو
جلتے ہیں ارماں میرا دل روتا ہے
قسمت کا دستور نرالا ہوتا ہے۔
۽ ان کانپوءِ انهيءَ طرز تي پيرل قنبر جي مشهور ڪافي
من جو محرم يار پيارو وڇڙي ويو،
دل جو برسيل باغ خزان ۾ اُجڙي ويو.
ڳائيندو هو ته ان وقت سندس منهن جا تاثرات ۽ سندس اندر جا احساس شاهدي ڏيندا هئا ته هن جي من جي ڪائنات به اجڙيل آهي، هن جي من جي ڀنڀور کي به ڪو کاٽ هڻي، هن جي پيار جو پنهل ڪو چورائي ويو آهي، ڀٽائي چيو ته:
پنهل کان پوءِ، ڏجي باهه ڀنڀور کي،
۽ ساڳي ڪافي ۾ سندس اندر جو احساس سمايل هوندو هو ته،
ڇا ته ڪريان پيرل مان ڀلا سينگار ڪري، سينگاري ڪري،
يار بنان سينگار به سارو وسري ويو،
من جو محرم يار پيارو وڇڙي ويو.
ان وقت ڄڻ ته سائين سراپا عشق بنجي ويندو هو.
جڏهن سانوڻ ساٺ ڪندو هو، ڇنا ڇپر ٽمندا هئا، بوند برهه جي بهار لڳندي هئي. سائين ڳائيندو هو ته:
رات به مينهنڙا وٺا، کنوڻن کيل ڪيا.
وڻجارن جي ملڪ مٿان، رات به مينهنڙا وٺا.
(شاهه صاحب)
ڳائي پنهنجي اندر جي اڄ اُجهائيندو هو.
مخدوم امين فهيم جو ڪلاس ميٽ سائين تاج محمد پنهنجي آخري عمر تائين به اُن ڪپ کي سنڀاليو سانڍيو ايندو هو. جيڪو هالا ڪاليج ۾ هن نشاني بازي ۾ پهريون نمبر اچي کٽيو هو. سائين ٻڌائيندو هو ته مخدوم صاحب جا ٻه ۽ سندس ٽي نشان صحيح لڳا هئا. پاڻ پهريون نمبر آيو هيو، مخدوم امين فهيم ٻيو نمبر باقي سڀني مان ڪنهن جو به نشانو صحيح نه لڳو هو. ڳوٺ تي جڏهن به ڪا اوچتي آپدا آئي هئي. ته سائين ”خطروں کا کھلاڑی“ بنجي اڳيان اچي ويندو هو. هڪ دفعي فجر مهل تيز طوفاني بارش ۾ کڏهر شهر کي شاخ کي 77 فوٽ گهارو بلڪل ڳوٺ جي سامهون پئجي ويو هو- سخت ٿڌ ۾ سڀ گهاري واري جڳهه تي پهچي ويا هئا، ۽ سوچيائون پئي ته هاڻ ڇاڪجي...؟ جو ايريگيشن وارن برساتي موسم جي ڪري شاخ بند ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو، هن نوجوان کي هڪل ڪري چيو هو ته ڏسو ڇاپيا؟ ائين چپ ڪندو ته ڳوٺ ٻڏي ويندو ۽ هن پاڻ ئي پاڻي ۾ بُل ڏنو. کنڊ جي ڪري تيز وهڪرو هن کي وهائي ٻه ٽي سو فوٽ اڳتي کڻي ويو. پوءِ ته هن کي ڏسي سڀني نوجوانن انهيءَ ويل کنڊ ۾ ٽپو ڏنو ڪنهن ڏڪ، وڍيا، ڪنهن جڪ هڻيا ڪنهن ڪوڏر وهائي.... ڏسندي ڏسندي سڀ کنڊ ٻڌڻ ۾ شروع ٿي ويا، پوءِ دنيا ڏٺو ته انهن نوڪري پيشه سفيد پوش جوانن ڪنهن سرڪاري مشنري، ايريگيشن عملدارن اچڻ کان اڳ ٻن ٽن ڪلاڪن جي لڳاتار محنت کانپوءِ کنڊ ٻڌي ڳوٺ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو.هو . جنهن ڪم جي شروعات به هن بزرگ سائين تاج محمد پاڻ ڪئي هئي. جڏهن اڃا موبائيل سروس شروع نه ٿي هئي، ته هِن جي ڪوشش سان اسان جي ڳوٺ ۾ ٽيليفون جي سروس شروع ٿي هئي، تڏهن ٽيلي فون وڏي ڳالهه هوندي هئي. 1984ع ۾ ڳوٺ کي بجلي، ڳوٺ وٽ روڊ تي مسافر خانو، روڊ کان ڳوٺ تائين 600 فوٽ سرن جو روڊ، پاڻي ڪراس لاءِ روڊ کي موري، سوئي گيس سڀ هن شخص جون ڪاوشون هيون. اُن کان علاوه هن ڪافي نوجوانن کي نوڪريون وٺي ڏنيون.
هن جي ڪردار تي جيترو به لکجي اهو هن جي ڪردار کان گهٽ آهي، اهڙن ماڻهن لاءِ ،
خاڪي جويو چيو هو ته:
هو جوڳي جاڳي جاڳي ٿيا، ۽ واٽ وٺي ويراڳي ٿيا،
هو پنهنجي سودي صرفي جو وڻجارا ملهه وڌائي ويا.
**
سائين تاج محمد جي پهرين ورسي 2016/2/19 تي پڙهيل پيپر سائين جي پهرين ورسي ڳوٺ ڄام ڏاهري ۾ ملهائي وئي صدارت نامياري اديب ۽ شاعر مير محمد پيرزادو ڪئي.