ٺوڪي هِتِ ٺِڪَرَ پڪو کڻج پاڻ سان
(حمل فقير جي مزاحمتي شاعري)
مرشد لطيفَ جڏهن نادر شاهه، مدد خان پٺاڻ ۽ احمد شاهه ابداليءَ جهڙن وحشي لُٽيرن جي بدمست هاٿين ۽ گهوڙن جي سُنبن هيٺ پنهنجي ماتر ڀوميءَ کي لتاڙجندي، ساوا کيت تباهه ٿيندي ۽ لائبريريون سڙندي ڏٺيون، سنڌ جي قومي سياسي مذهبي اقتصادي، تهذيبي ۽ معاشرتي آزاديءَ کي پاش پاش ٿيندي ڏٺو، ته سنڌ جي حالت تي بي ڊپو ٿي وڏي واڪ چئي ڏنائين ته:
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
هتي سهڻيءَ مان سندس مراد ’سنڌ‘ آهي لطيف سائينءَ، جنهن قومي آزاديءَ جي بچاءَ ۽ بقا جي جدوجهد لاءِ جيڪا راهه چونڊي هئي، کائنس پوءِ هر دؤر ۾ ان راهه تي جن سرفروش سنڌي صوفي درويشن ’لطيفي سُنت‘ کي جياري، تمثيلي ۽ علامتي انداز جي آڌار تي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ رستي ڦورو ٽولن جي خلاف مزاحمت جو مورچو سنڀاليو هو، تن ۾ ”حمل فقير“ به هڪ هو.
هن درويش جي دؤر ۾ سنڌي سماج جا بنياد ڄڻ ته کوکلا ٿي چڪا هئا. سنڌ جيڪا هزارين سالن کان پنهنجو قومي تشخص برقرار رکندي، هڪ مُلڪ جي حيثيت رکندي پئي آئي، ٽالپر حڪمرانن ان جي وحدت کي ٽوڙي ٽي ٽڪر ڪري ڇڏيو هو، مير پور خاص، حيدر آباد ۽ خير پور ميرس نالي رياستن ۽ يونٽن ۾ انتظامي طور تي سنڌ ٽوڙي وئي- ڌرتي ساڳي ٻولي ساڳي، تاريخ ۽ جگرافي ساڳي تهذيب ساڳي؛ پر بادشاهن سنڌ کي پنهنجي اباڻي جاگير سمجهي، اُن کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو هو، نه رڳو اهو، پر ان وقت تائين حڪمران گهراڻي ۾ مذهبي ويڇا به وڌي ويا هئا، ميرپور خاص ۽ حيدرآباد جا مير صاحب سُني، ته خيرپور جا مير صاحب وري شيعا ٿي ويا هئا، جتي حڪمران گهراڻي جي حالت اها هجي، اتي عوام ويچارو ته باقائدي مذهبي تفرقي جي ور چڙهي چڪو هوندو. مذهب جي حوالي سان ايڏا ته ويڇا وڌي وڻ ٿيا هوندا، جو پنهنجائپ ئي ماڻهن کان موڪلائي وئي هوندي تڏهن ته حمل فقير چيو ته:
جن چيو ٿي ’جيءُ‘، سي اڄ ’ٻوڏ‘ نه چون ٻاجهه مؤن!
جن کارايو ٿي خوشيءَ مؤن، سي پاڻي چون نه پيءُ،
هوڏهن هونئن ”حمل“ چئي، هِتِ حال منهنجو هيءُ،
رحم ٻيو رب ريءُ، ڪوجهن تي ڪير ڪري.
اها رڳو ڪٿي ڪٿي، ڪن گهراڻن ۽ قبيلن جي ڪن ماڻهن جي حالت نه هئي، پر سڄو ملڪ ئي شايد اُن ڀڙڪندڙ باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. پيار، محبت، پنهنجائپ ۽ ڀائپيءَ وارو ماڻهن جو مزاج ئي مٽجي ويو هو. محبت، جيڪا هتان جي ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ رچيل هئي، اها ڄڻ ته هتان لڏي پکين وارا پر پائي پرواز ڪري، الائجي ڪهڙي ڪنڊ وڃي پهتي هئي، حمل فقير افسوس ڪندي چيو ته:
هئه هئه! هئه هئه! هاءِ! جو محبت ويئي ملڪ مؤن،
جتي قرب ڪمال هو، تتي لاءُ نه ساءُ.
”حمل“ چئي هن ڳالهه، جو ڪونهي سڌ سماءُ،
ڪو جو وريو واءُ، ماڻهو سڀ مَٽِجِي ويا.
يارن مان ياراني ختم ٿي وئي هئي، دوست ڦري هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي پيا هئا- ”دوست ڦري دشمن ٿيا، جانب ها جيئي.“ ساهه کان مٺا سڄڻ به سامهان ٿيڻ لڳا هئا. سڪ صحبت ۽ ساءَ جهڙا ٽئي املهه گُڻَ ٽَڙي پکڙي گم ٿي ويا هئا.
هڪ طرف اهو مذهبي ۽ سماجي وايو منڊل جُڙيو هو، ٻئي طرف پنجابي شائونسٽ رنجيت سنگهه جي سنڌ کي هڙپ ڪرڻ واري پراڻي ۽ غليظ خواهش سندس من ۾ چچڙ وانگر چُهٽي پئي هئي، ٽئين طرف وري گوري سامراج جون حريص نگاهون هر وقت موقعي جي تلاش ۾ هيون ته موقعو ملي ته سنڌ کي حلوو سمجهي ڳڙڪائي ڇڏين. ان لاءِ انگريزن اڳواٽ ئي هوم ورڪ ڪري ڇڏيو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪوٺي ته ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ئي کلي چڪي هئي، برٽش سرڪار موقعي کي نظر ۾ رکي، رنجيت سنگهه کي گهوڙا تحفي طور ڏيڻ جي بهاني سان، سندن نمائندو اليگزينڊر برنس سنڌ تي حملي جي تيارين جي سلسلي ۾ سنڌؤَ جو اڀياس ڪرڻ لاءِ گهوڙا سنڌو درياءَ رستي ٻيڙين ذريعي پنجاب کڻي ويو. هن جي اها ڊيوٽي هئي ته گهوڙن پهچائڻ بهاني نه رڳو درياءَ جو اڀياس ڪري، پر سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو اکين ڏٺو احوال به اچي پهچائي ته جئين سنڌ تي حملي ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي مشڪل پيش نه اچي- توڙي جو حيدر آباد سنڌ جي حڪمرانن سان گڏ سڄيءَ سنڌ جي عوام اليگزينڊر برنس جي انهيءَ مهم کي ڳڻتيءَ ۽ ڪاوڙ سان ٿي ڏٺو ميرن جي هڪ سپاهيءَ جي اها دانهن ته ”گهوڙا! هاڻ سنڌ اسان کان وئي، گورن سنڌو درياءُ ڏسي ورتو آهي،“ ڄڻ ته سڄيءَ سنڌي قوم جي پڪار جو پڙاڏو هو. سڄي سنڌ ڄڻ ته نفسياتي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي، ته هاڻ ڇا ٿيندو؟ هڪ طرف حيدرآباد جا ٽالپر حڪمران ۽ عوام سخت ناراض ته ٻئي طرف خيرپور جي والي مير رستم خان انهيءَ ساڳئي انگريز جاسوس جي هر طرح جي چمچاگيري ڪري، دعوتون کارائي، قيتمي سوغاتون ۽ سوکڙيون ڏيڻ ۾ پورو هو. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڪم ظرفي ٿيندي جو مير رستم انگريز ايجنٽ کي اها به پڪ پئي ڏني ته جيڪڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڪاهي آيا، ته هُو نه رڳو سندن استقبال ڪندو پر ڀرپور مدد به ڪندو. چوٿين طرف وري ڪراچيءَ جي سيٺ نائون مل جي غداري ۽ ڪميڻپ وارو ڪردار.
حمل فقير جڏهن شعوري طور پنهنجي زندگيءَ جي اهڙن واقعن کي سهيڙيو هوندو، ته سندس من- ڪينواس تي اهي سڀئي واقعا چِٽا ٿي اُڀريا هوندا. جڏهن حمل فقير پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ شاهه شجاع جي پهرين ڪاهه ڏِٺي يا ٻڌي هوندي- رنجيت سنگهه جا ارادا پرکيا هوندا، مير مراد علي خان جي علاج جي بهاني آيل انگريز ڊاڪٽر جيمس برنس جي اچڻ کان واقف ٿيو هوندو، جنهن ميرن جي درٻار ۾ پهچي جاسوسي رپورٽون پئي موڪليون- ڪجهه وقت کان پوءِ ان انگريز ڊاڪٽر جي ڀاءُ اليگيزينڊر جي جاسوسي مهم جي ڄاڻ رکي هوندائين، ويهن ورهين جي عمر ۾ وري ٻيو دفعو شاهه شجاع کي سنڌ ڌرتي لتاڙيندي سر سبز فصل تباهه ڪندي ڏٺو هوندائين، جنهن کي ٽالپرن شڪارپور جو شهر رهڻ لاءِ ڏئي ڇڏيو هو، ان کان به چڱي طرح واقف ٿيو هوندو. عمر جي انهن ئي سالن ۾ کرڙيءَ جي جنگ سندس سانڀر ۾ لڳي، ان کان به خوب واقف ٿيو هوندو!
جيئن اهڙين حالتن ۾ لطيف سائين تمثيلي انداز ۾ درد ڀري دانهن ڪئي هئي، ته: ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“، بلڪل انهيءَ ئي نموني حمل فقير سنڌ کي پيش آيل خطرن، تڪليفن سُورن، غدارين، ٻاهرين حملن مارڌاڙ، ڦُرلٽ، ڪوس قتل عام، رڻ گجي راڙو ٿيڻ جهڙين حالتن کي ڏسندي. سنڌ کي ”سسئيءَ“ سان مشابهت ڏيندي، کيس گهيري آيل غنيمن کي بگهڙ، باندر ۽ ڀولڙا سڏي علامتي، انداز اختيار ڪري، وڏي واڪ چئي، ڏنو ته:
آڏا ڏونگر ڏاکڙا، بيحد بر باري،
بگهڙ، باندر، چؤڪس چوڌاري،
وندر ۾ واڪا ڪري، ور لئه ويچاري.
تنهن ضعيف جي زاري، ٻُڌي هوت ”حمل“ چئي.
هتي ”سسئيءَ“ مان مراد ”سنڌ“ آهي، جيڪا ضيعف ۽ ويچاري آهي. وندر ۾ واڪا ڪرڻ جو مطلب، وجود واريءَ ويڙهه ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد آهي هتي ”هوت“ مان مراد وري ننگن ۽ دنگن تي سِرُ ڏئي سرخرو ٿيندڙ اهو سپاهيانه قومي ڪارڪن طبقو آهي، جنهن کي
”حمل حب وطن جي اندر روح رهي.“
جيڪو سِرَ جون سِٽُون ڏئي سنڌ جي سينڌ ۾ سنڌور ڀرڻ لاءِ پنهنجي جگر جون خون پيش ڪرڻ جو عزم رکندو هجي. جيڪو سنڌڙي ۽ جندڙيءَ ۾ فرق محسوس نه ڪري، جيڪو:
”حمل هئا سي هڪ پر جُسي ۾ جدا ٿيو“،
جي فلسفي ۽ فڪر جي کُوري مان پَچِي رَچِي تيار ٿي نڪتل هجي- تڏهن ”هوت“ جي ضرورت ائين ٿي محسوس ٿئي، ته:
تنهن ضعيف جي زاري، ٻُڌي هوت ”حمل“ چئي.
*
ڪر لهي ٻيو ڪير، ”حمل“ چئي هوت ريءَ
*
مجذوبن مثال، ٿي هوتن لاءِ ”حمل“ چئي.
*
جيءَ ڪيا جاکوڙا، هوتن لاءِ ”حمل“ چئي.
درويش حمل فقير پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ڏٺو ته سسئيءَ کي اهڙا ”هوت“ بلڪل مليا، جن لاءِ مجذوبن مثال بڻي هئي، جن لاءِ جيءَ جاکوڙا ڪيا ۽ سنڌ کي اهڙو سرفروش، باشعور ۽ وطن پرست طبقو مليو. جيڪو وطن لاءَ ويڙهه ۾ ڪُڏي ڪاهي پيو. اهي اهڙا آڻموٽ انسان هئا، جن جي پرک جنگين جي ميدانن کي ڪرڻي هئي، تڏهن ته خيلفي صاحب به چئي ڏنو هو ته:
کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾،
پڙ ۾ پهلوانن جي، پيئي پرکي پت،
جنين نيڻ نست، نيهن نه لائي تن سين.
*
کرڙي کائي ماهه، پيئي رت پياليون،
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سر ڏياچ ٿي.
اهڙا ئي انسان جيڪي ساڻيهه جو سڏ سڻي، سؤ سرن جا گهوري هڪڙي وک وٺڻ تي ناز ٿا ڪن، حمل فقير، اهي سورهيه ۽ سپوت سپاهي پنهنجي اکين سان ڏٺا. انهن اڻموٽ انسانن کي ئي ”هوت“ سڏيو اٿس، پنهنجي ڪجهه بيتن ۾ اهڙي شاهدي ڏني اٿس. ڏسو سندس هي سٽون:
اچي منجهه اندوههَ، گڏيس هوت ”حمل“ چئي،
*
معذوريءَ جي ماڙَ، ٿيو هوت ”حمل“ چئي.
*
اچي منجهه ارمان، گڏيس هوت ”حمل“ چئي.
*
هاڙهي پيئي هاڪ، گڏيس هوت ”حمل“ چئي.
سنڌ جون تصوف غارن ۽ غفائن ۾ گم ٿي، ”ماڻهن کان لڪي“ وڃي چلا ڪاٽڻ ۽ ورد وظيفا ڪرڻ جو نالو ناهي سنڌ جو تصوف ”وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحد ڪل“ جي فلسفي جو قائل آهي. سنڌ جو تصوف عوام جي وچ ۾ ويهي عوام جي مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي، ڇو ته هر ساهه واري شيءََ ۾ خدا آهي، هر شيءَ خدا جو مظهر آهي، ته پوءِ لوڪ کان لڪڻ جو ڇا مطلب! سنڌ جو تصوف ته صوفي شاهه عنايت مخدوم بلاول، شاهه لطيف، سچل، سائين ۽ حمل فقير جهڙن بزرگن وانگر نينهن جا نعرا هڻڻ آهي.
سنڌ جا سڀئي صوفي شاعر، ساڳئي وقت قومي شاعر به آهن، اهو ئي سبب آهي جو حمل فقير ڌارين ڪٽڪن جي يلغارن کي سنڌ لتاڙيندو ڏسي چئي ٿو ته:
ڏيرن جي ڏمر جا، اڳهين هُل هئا،
اڄ اُهي ئي آيا، جي ٿي سيڻ سُئا،
ڪانهي ڪَلَ اِها، ته ڪميڻيءَ سان ڪئين ڪندا!
هتي به اها ساڳي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نفسياتي ڪشمڪش آهي ته:
ڪانهي ڪَلَ اِها، ته ڪميڻيءَ سان ڪيئن ڪندا!
اها رڳو ڪالهه جي ڪشمڪش ڪانهي. اها پيڙا، اها ڳڻتي، رڳو مخصوص گهڙين تي منحصر ڪانهي. هونئن به قومن کي سچائيءَ جا دڳ ڏيکاريندڙ-آزادي، انقلاب ۽ قومي مزاحمتي دڳ تي هلائيندڙ شاعر، صرف ڪنهن مخصوص وقت لاءِ پنهنجي ڏات جون ڏياٽيون روشن نه ڪندا آهن. هنن جي لفظ لفظ ۾ پرهه جا پيغام ۽ صدين جي صدائن جا پڙلاءُ سمايل هوندا آهن. تڏهن ته اڄ به لطيف توڙي حمل فقير جو ڪلام هر دؤر جي حالتن تي ٺهڪي ٿو اچي.
قرآن شريف ۾ آهي ته ”الله جي رَسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ تفرقي ۾ نه پئو.“ هتي زور سان ”الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو“ تي نه پر زور ”تفرقي ۾ نه پئو“ تي ڏنل آهي_ يعنى ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو، اتحاد نه ٽوڙيو. عظيم شخصيتن جا پيغام هر دؤر جي حالتن لاءِ هوندا آهن. عظيم ڪلاڪارن جو ڪلام، عظيم ڏات ڌڻين جي ڏات ۽ عظيم پيغمبرن جا پيغامَ ماضيءَ جي قيد خانن ۾ قيد نه ٿيندا آهن. هُو حال جا هم سفر ۽ ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل جا مُفڪر ۽ ڏاها ڏات ڌڻي هوندا آهن.
اڄ جڏهن اسان جي قوم تفرقي جي ور چڙهي وئي آهي، هر ننڍي ٽولي کي پنهنجو جدا جدا جهنڊو آهي، ته حمل فقير جي لفظن مان سنڌ سُڏڪي ٿي پوي- وجود جي تحفظ لاءِ ڪا منظم قوت نه ڏسي اڄ به اها ساڳي سٽ چئي سنڌ سُڏڪي ٿي پئي ته: ”ڪانهي ڪَلَ اِها ته ڪميڻيءَ سان ڪئين ڪندا! “
ها! پر شاعر اديب، مصور، موسيقار، مفڪر، ڏاها ۽ ڏات ڌڻي پُر اميد به هوندا آهن، اسان جو شاعر، حمل فقير به هيڏي هاڃن، تاريخي تڪرارن ۽ وجود جي ويڙهه جو اکين ڏٺو گواهه به رهيو آهي. هن کي پوري پڪ آهي ته جڏهن ۽ جتي به ظلم انياءُ، ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ ناانصافي وڌي آهي، ته تاريخ اتي نئين مسيحا کي جنم پئي ڏنو آهي، هن کي شڪ نه، پر پوري پڪ آهي ۽ حالتن جي به ضرورت آهي ۽ تاريخ کي پنهنجا ورق روشن رکڻا آهن. ته ڪي ارڏا، اڻموٽ، جانٺا ۽ جنگ مڙس ۽ ڌِڱ جوان، جن جي ڪلهن تي تاريخ پنهنجو بار وجهندي، تن کي همت جي هٿيار سان ڪُنن ۾ ڪاهي پوڻو آهي ۽ حمل سائين تن کي تاڪيد ڪندي چئي ٿو ته:
ڀيلي مٿي ڀَرَ، متان ڪِج مهراڻ ۾،
اڳيؤن آب عميق وهي ٿو، جوش منجهاران جَرَ،
ڪَچي تي ڪاوڙ مَئون، ڪري ليٽ لَهر،
ٻيڙن جا ٻار ۾، هُتِ وِير لاهي ٿي وَرَ،
هيبتناڪ، ”حمل“ چئي ڪَڙڪَنِ ڪُنَ ڪَپَرَ.
ٺڪي هِتِ ٺِڪَرَ، پڪو کڻج پاڻ سان.
**
(ماهوار مهراڻ ۽ ٽماهي تخيل جي شماري 3 2016ع ۾ ڇپيل)