شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

درد جا قافلا جاڳي پيا (امداد جعفريءَ جي شاعري جو اڀياس)

هر ڪويءَ جو سرير احساس جي پنڇي جو آکيرو هوندو آهي، ۽ ڪو به پنڇي هر جاءِ تي پنهنجو آکيرو ڪو نه جوڙيندو آهي. تڏهن ته هُر ماڻهو شاعر نٿو بنجي سگهي. اهڙي طريقي سان احساس جي ان پنڇيءَ کي جڏهن وقت جي ڪنهن لمحي جو ڪو به قهري ڪانءُ گهايل ڪري وجهندو آهي ته ان درد جي پيڙا جي شدت کان، ان پنڇي جي، ڪائنات ڪنبائيندڙ ڪوڪ جو جڏهن پڙاڏو گونجي پوندو آهي، ته دنيا وارا ان زخميل ڪوڪ کي ”شاعري“ جو ناءُ ڏيندا آهن. اصل ۾ شاعر درد جي ديس جو رهواسي هوندو آهي ڏات صرف ۽ صرف ڏات هوندي آهي، ڪو به شاعر ننڍو يا وڏو نه هوندو آهي، اصل ۾ ننڍو يا وڏو، سطحي يا گهرو صرف ۽ صرف درد هوندو آهي.
جنهن وٽ ان درد جو جيترو اظهار سهڻو، ان جي شاعري اوتري بهتر.
اهو درد جڏهن پياس بنجي کامڻ، پچڻ، پڄرڻ، لڇڻ ۽ لوچڻ جو سبب بنجي پوندو آهي ته لطيف سائين کي به لکڻو پوندو آهي ته :
کامان، پچان پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تونس پرينءَ جي پيئان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪيان، ته سرڪيائي نه ٿئي.

اهڙو درد جڏهن اسان جي ٽهيءَ جي بهترين شاعر_ دوست امداد جعفري وٽ مهمان بنجي اچڻ کان پوءِ يڪو ئي اوطاقون اڏي ويهي ٿو رهي ته شاعر جي من ۾ گذريل رنگين لمحن جي ساروڻين جا ڄڻ ته ٿانَ کلي ٿا پون .
هير اٺي جي درد سميٽي آئي آهي،
ساروڻين جا چوپاسي ڄڻ ٿانَ کلن ٿا.

شهر جا سڀ پيچرا ڳوڙها هئا،
درد جا ڄڻ قافلا جاڳي پيا.

جنهن ويل شهر جا پيچرا ڳوڙها بنجي ويندا آهن، ۽ جڏهن دردن جا قافلا جاڳي پوندا آهن ته نيڻ ڪنهن وڇڙيل جي سپنن ۾ گم ٿيل اهي ماضيءَ جون گهڙيون ۽ لمحا تلاشيندا آهن. اهي نيڻ اهي رمجهم شامون تلاشيندا آهن جيڪي شامون ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ گذريون هونديون آهن.
رم جهم جي موسمن جي ڪا شام ٿي تلاشي،
منهنجي نگاهه مرڪ جا احرام ٿي تلاشي،

توڙي جو اها خاطري به هوندي آهي ته نه اچڻ وارا نه ايندا.
ها امداد تنهنجي اچڻ آسري تي،
سڄي رات ڏيئا جلايا سين گهر ۾،

مگر ڪنن کي ڪير سمجهائي ته در جي ٺڪ ٺڪ جو اوسيئڙو اجايو آ، مگر اکين کي ڪير سمجهائي ته توهان پاران راهه تڪڻ اجائي آهي، ڇو ته توهان ڏانهن ايندڙ قدم توهان ڏانهن ايندي رڪجي چڪا آهن. بحر حال دل کي ڪنهن جي ياد ۾ ڌڙڪڻ کان ڇا روڪي سگهجي ٿو؟ جي نه ته پوءِ اکين کي ڪير سمجهائي؟ اهي ته لطيف سائين جون خوشنصيب اکيون هيون جن لاءِ پاڻ فرمايائين ته:
ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشون ڪن،
ڍايون نه ڍاپن، منجهان پسڻ پرينءَ جي،

پر هر ڪنهن جا نيڻ لطيف سائين جي نيڻن جهڙا خوشنصيب ڪٿي؟
پاءُ امداد! تنهنجن ۽ اسان جن نيڻن کي ته منتظر رهڻو ئي آهي،
اها خاطري آ نه ايندين مگر اک،
تڪيندي اڃان راهه ڀولي رهي ٿي.

عام ماڻهن جو چوڻ آهي ته انتظار موت برابر هوندو آهي، تجربن جي آڌار تي عام ماڻهو کي هرڀرو ڪوڙو به نٿو ڪوٺي سگهجي_ توڙي جو ڪٺن ئي سهي پر ان انتظار ۾ ڪيڏو نه مزو هوندو آهي! جنهن انتظار ۾ هيءَ آس وند اکيون ڪنهن امڪاني اچڻ واري جي راهه ۾ پنهنجن نگاهن جون مکڙيون وڇائي ڇڏينديون آهن. جنهن انتظار ۾ دل ڌڪ...ڌڪ... ڌڪ ڪرڻ جي بدران پرين... پرين... پرين... جو ورد ويٺي ڪندي آهي، ان ڪيف، ان سرور کي ان شراب سان تشبيح ڏيڻ به سراسر بيواجبي ٿيندي، جنهن جي سرڪ چکڻ سان ئي نڙي کي ذائقو ڪنهن قدر ڪسارو لڳندو آهي، پر پوءِ ان مان حاصل ٿيندڙ سرور ۽ مستي ذهن جا سارا ٿڪ ئي لاهيو ڇڏي- اهو انتظار جنهن ۾ وقت جي گهڙيال جا ڪانٽا هڪ جاءِ تي بيهي ويندا آهن. منٽ ڪلاڪ ۽ پل پهر لڳندا آهن. اهڙيءَ ئي ڪيفيت ۾ شايد ميران ٻائي جي ڪنهن ڀڄن جو ترجمو شايد ڪجهه هن ئي طرح آهي ته اوپنڊت! مونکي ٻڌاءِ؟ ته اوسيئڙي جي هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيترا سال ٿيندا آهن.” جڏهن ڪلاڪ سالن جي برابر لڳن پوءِ به اکيون پرينءَ جي راهه ڏسندي نه ٿڪبيون آهن. ڇو ته اکين جو رموٽ ڪنٽرول ته دل جي هٿ هوندو آهي- آئون مٿي به چئي آيو آهيان ته دل کي ڪنهن جي ياد ۾ ڌڙڪڻ کان ڪو به نٿو روڪي سگهي، ۽ تو پاڻ به لکيو آهي ته:
اها خاطري آ نه ايندين مگر اک،
تڪيندي اڃان راهه ڀولي رهي ٿي.

جيڪي اکيون پرين پسي پسي اچن ٿيون ته به تلاشيون ٿيون ڪن- جيڪي پرين نه ڏسي پرينءَ جي راهه ڏسنديون ٿيون رهن، اهي ڪيئن ٿڪبيون؟ ڇا پڃري جي قيد ۾ رهندڙ چڪور جون اکيون ڪڏهن چنڊ ڏانهن ڏسندي ٿڪيون آهن؟ ڇا سورج مکيءَ جون ڪليون سج ڏانهن ڏسندي ڏسندي ڪڏهن ٿڪيون آهن؟ نه بلڪل نه- اکين جو اوسئيڙو ڪاٽڻ عشق جي اها عجيب ۽ عظيم ڪيفيت آهي جنهن کي اڄ تائين ڪو به مخصوص نانءُ نه ڏنو ويو آهي. اهو عشق ئي آهي جيڪو اکين کي اوسيئڙو ٿو ڪاٽائي ۽ عشق ڪڏهن ٿڪبو ناهي- جيڪڏهن عشق ٿڪجي ته اڃن، رڃن ۽سڃن ۾ خونخوار مرن سان مقابل ٿي جهنگل ۽ جبل ڪير جهاڳي؟ مهراڻ جي تار موجن کي وسندي مينهن جي اوڻٽهين جي اونداهين راتين ۾ ڪير لتاڙي؟، وهه جي وٽن کي امرت آب حيات سمجهي ڪير چپن تي چاڙهي؟ صليب ڪيم سجائي؟ ڪربلا جي رڻ کي رت جو ريج ڪير ڏئي؟ پر نه عشق ڪڏهن به ٿڪبو ناهي. اکيون ڪڏهن به ٿڪبيون ناهن. هن سڄي بحث ۾ جيڪڏهن امداد منهنجا ڀاءُ! تون به مون سان سهمت آهين ته پوءِ توکي ائين نه لکڻ کپي ها ته:
نظارن سان پيڙا ونڊيندي ٿڪيون،
اکيون راهه تنهنجي تڪيندي ٿڪيون.
يا:
نظر جا چڪورا اڏاري ٿڪيون،
اکيون چنڊ! توڏي نهاري ٿڪيون.

پر يار! ڏوهه تنهنجو به ناهي، ڇو ته تون ڄاڻين ٿو ته جتي ماڻهن جا احساس انڌا بنجي ويندا آهن. اتي سونهن کي ته لڇڻو ئي پوندو_ دڳن کي روئڻو ۽ چاهت جي چارن کي جاڳڻو ئي پوندو آهي .
امداد جڏهن کان ماڻهن جا، احساس بڻيا هن نابينا،
ٿي سونهن لڇي ٿا دڳ رئن ۽ چاهت_ چارا جاڳن ٿا_

واقعي اياز گُل به سچ لکيو آهي ته
”احساس بنا ماڻهون اخبار پراڻي آ، “
جتي ڪنهن کي ڪنهن جي دک، درد ۽ تڪليف جو احساس نه ٿئي، جتي ڪير اها جانچ نه ڪري ته پاڙي ۾ ڪنهن جا ٻار بُکيا ستا! لطيف جي لفظن ۾ ته.
پاڙي ناهه پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري،
جنهن ملڪ جي باري ۾ چون ٿا ته مذهب جي نالي تي آزاد ٿيو آهي، جنهن ملڪ جي نالي جو مطلب به ڪلمي طيب جو پهريون اڌ ٿا ٻڌائين، جنهن ملڪ جي معاشري ۾ امن ۽ انصاف جو ٿيل قتل پراڻي ڳالهه آهي، جنهن ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي اڪثريت مذهبي لحاظ کان پاڻ کي سڄي دنيا جي مذهبن کان اتم، اعلى ۽ بلند بالا ٿي سمجهي- جنهن مذهب جي تعليم آهي ته حقوق الله کان حقوق العباد بهتر آهي، يعنى الله جي حقن کان بندن جا حق اهم ۽ اوليت ۽ اهميت وارا آهن. جنهن مذهب جي پيروڪارن جي پيغمبر جي هر هر اها تلقين آهي ته پاڙي وارن کي نه رنجايو- پاڙي وارن جو وڌ کان وڌ خيال ڪريو، ۽ پاڙو پنجاهه گهرن تي مشتمل هوندو آهي، ان معاشري ۾ ان مذهب جي ٺيڪدارن جي رياست ۾ ڪنهن کي اهو احساس نه هجي ته:

جهوپي ۾ ڪا باهه ٻري ٿي، ٿانو ٺلها ٿا ٺڙڪا ڪن.
شايد وڌوا ناريءَ جا ڪي ٻار بکارا جاڳن ٿا.

اهڙو احساس ٿئي به ته ڪنهن کي!؟ جتي جا مذهبي پيشوا، هي مرشد، هي رهبر، هي ملان، هي مولوي، هي واعظ، هي شيخ، هي پوڄاري، جيڪي ڳاڙهين بازارين ۽ چڪلن جو ناپاڪ لفظن چپن تي ڀلجي به نه آڻيندا آهن. جيڪڏهن اهڙو لفظ چپن تي اچي به ويو ته ست اٺ گرڙيون ڪري ڪلما پڙهي پنهنجا وات پاڪ ڪندا آهن. جن کي انهن ڳاڙهين بازارن ۾ نچندڙن پيرن ۽ ننگن جسمن پويان بُک جي نانگ جا ڏنگ ۽ سماجي نا انصافيون نظر نه اينديون آهن. جيڪي عام ماڻهن اڳيان اهڙن گناهه گهرن جي ڀر ڏئي گذرڻ کي ڪبيرو گناهه سمجهندا آهن سي اڪثر اونداهين جو تسبيهن کي کيسي ۾ وجهي چادرن سان ٻٽون ٻڌي، سونهاريون لڪائي، ماڻهن کان اک بچائي لوڪان لڪي لڪي ڪڏهن ڪڏهن ان گناهه گهرن کي پنهنجن وحشيتن ۽ شهوتن جو مقدس گهر سمجهي طوائف ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا آهن. اها اسان جي دوست امداد سميت گهڻن کي خبر آهي تڏهن ته امداد لکيو آهي ته:
پايل جي ڇڻڪار ٻڌي، هي شيخ، ملان ۽ پوڄاري،
مسجد، مندر ويندي اڪثر راهه ڀلن ٿا.

هتي اسان انهن شيخن، ملن پوڄارين، پنڊتن، مولوين، مرشدن ۽ مفتين جو ذڪر ان لاءِ ٿا ڪريون ته قول ۽ فعل جي تضادن سان ڀريل انهن ڪردارن کي اڳ ۾ پنهنجو ئي هر فعل ثواب ڏسڻ ۾ ايندو آهي. انهن جي نظر ۾ باقي دنيا ”گنهگارن جو ديرو“ آهي، بحر حال مون کي ان بحث ۾ نه پوڻ گهرجي ڇو ته به امداد چئي ٿو ته:

اسين سونهن واسي، اسين سونهن پوڄيون،
اسان جو وڃي ڇا ثوابن جي گهر ۾-

شاعري هڪ خاص پيڙا ۾ پڄرڻ کان پوءِ ئي سرجندي آهي، اها پيڙا، اهو پڄرڻ جنهن کان گفٽ ٿي ملي ٿو. ان تائين پهچي وڃي ته باقي ڇا گهرجي؟ اسان سنڌ جي گهڻن شاعرن کان منهنجا ڀاءَ امداد! ان ڳالهه ۾ وري به تون خوشنصيب آهين جو جنهن لاءِ به شاعري ڪرين ٿو ان جا چپ تنهنجن شعرن کي چمن ته ٿا. اسان جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي!؟

پيڙائن جو کاڄ بڻي جي لفظ لکيا مون،
ڪورا ڪنهن چپ انهن کي روز چمن ٿا.
يا
پيڙا ۽ تنهائي ڀوڳي، لفظ لکيم جي ڪاغذ تي،
وينگس ڪورا چپ ڇهي سا ڏات گهلي سنسار وڃي ٿي.

آخر ۾ تنهنجي ان خوشنصيبي تي توکي لک واڌايون.
منهنجا ڀاءُ ! توکي لک لک وڌايون_ ها! توکي لک لک وڌايون

2000/2/27 رات 12:50
**

(هي پيپر نامياري شاعر امداد جعفريءَ سان س. ا. س شاخ سڪرنڊ پاران 27 فيبروري 2000ع تي ملهايل پروگرام ۾ پڙهيو ويو، ۽ هيءَ پيپر روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچي جي ادبي ثقافتي ۽ تاريخي صفحي ۾ 05 آڪٽوبر 2000ع واري اخبار ۾ شايع ٿيو.)