شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

درد اکين جو ڪتبو آهي (ماڻڪ ملاح جي گيتن تي هڪ نظر)

بيرحم موسم پاران ٽانڊن، ڪانڊن، ٻاٻرن جي وڇايل واٽ جي پلصراطي سفر جي پيڙا جو نانءُ آهي، شاعري.
پنهنجي ئي هُڳاءُ جي مستي ۾ مخمور ڪنهن وسيع صحرا ۾ بيقرار ٿي ڀڄندڙ ڊڪندڙ ڪنهن ڇڙواڳ هرڻ جي حسين بدن جي ڪنهن حصي مان ڦٽي نڪرندڙ خوشبو جهڙن معطر جذبن کي قلم جي ڪئميرا سان ڪيچ ڪرڻ جي ڪاريگري جو نان آهي شاعري
اڪيلائي جي ڪنهن اداس موسم ۾ ڪنهن جي ياد ۾ نيڻن جي تُنرن مان وهي سُڪي ٺوٺ ٿي ويل لڙڪن جي ڪرڀ جي تلخ تجربن کي لفظن جي تقدس جو ريشمي اوڇڻ اوڍائڻ جو نانءُ آهي، شاعري
خيالن جي خوبصورت موتين کي سڪ جي سنهڙي سڳي ۾ پوئڻ واري هنر جو نانءُ آهي، شاعري
من جي بک جي زخمن کي زبان ڏيڻ جو نانءُ آهي، شاعري
جدائيءَ جي جلڻ سان اندر ۾ جيڪو ڦٽُ ٿيندو آهي ان مان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙندڙ درد جي وارتا جو نانءُ آهي شاعري.
افسوس ته شاعريءَ جا پوپٽ اُتي اُڏامندا آهن جتي دلين جا باغ بٺا بڻجي پوندا آهن، جتي رنگ خوشبو ۽ روشنيون بي معنيٰ بڻجي پوندا آهن. پڪارون پڙاڏا ۽ سڏ سُڏڪا بنجي پوندا آهن. ان ويل بُٺا بڻيل اندر جي اوندهه ڪائنات تي شاعريءَ جي ڪهڪشان اڀري پوندي آهي ۽ پڙهندڙن کي ملندو آهي ڪو شاعريءَ جو نئون نانءُ
اڄ جڏهن فطرت هر طرف حسن جي ورکا ڪري رهي آهي. پر بهار وهي جي خوبصورت، چنچل ۽ چلولي ڇوڪريءَ جيان موسم پنهنجي الهڙ ادائن سان جوڀن جي مستيءَ ۾ مخمور ٿي هر طرف هُڳاءُ ڦهلائي رهي آهي. وڻن گلن ۽ ٻوٽن تي ڄڻ ته رنگ برنگي زرڪون چمڪي رهيا آهن. بئراج جي ڪپ تي بيٺل ڪو اڪيلو خوبصورت وڻ، ٽاري ٽاريءَ تي ڄڻ ته سرخي لڳل ڳاڙها ڳاڙها چپ ٽانڪيو بيٺو آهي. من جي تونس کي ويتر وڌائيندڙ هن بهار جي بيقرار موسم ۾ مون وٽ پڙهڻ لاءِ آهن پنهنجي پياري دوست ۽ هم عصر شاعر ماڻڪ ملاح جا گيت- گيت جيڪي الهڙ جوانين جي گلاب چپن تي اچڻ لاءِ آتا آهن- گيت جيڪي مڌ- ماتا آهن. ڪنوارا ڪنوارا گيت، جيڪي ڪنهن به نه ڳاتا آهن، گيت جن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي حسين منظرن جو عڪس آهي، گيت جن ۾ لفظن ۽ جذبن جو رقص آهي، ايئن ٿو محسوس ڪريان ته ماڻڪ منهنجي سامهون گيتن جي سهڻي سنهڙيءَ لونِ جا ڄڻ ته ڪي اڻ کٽ ۽ رنگبرنگي ٿانُ اُکيلي رهيو آهي.
هونئن به گيت جي ٻولي، گيت جو گهاڙيٽو، گيت جي فني ٽيڪنڪ، گيت جو سڀاءُ منظر يا پسمنظر، پرشور شهر جي ڪنهن اجنبي دوشيزه جي منشيات گاڏڙ مصنوعي مرڪ جهڙو نه پر واهڻ جي ڪنهن وينگس جي زندگيءَ سان ڀرپور بانسريءَ جهڙي مڌر ٽهڪ جهڙو هوندو آهي، گيت ۾ ماڻڪ جو اسلوب به ڪنهن گيڙو پوش بزرگ يا قلندرانه صفت صوفيءَ جي پابوهه جهڙو نج ۽ سادو آهي.
منهنجي محبوب شهر سڪرنڊ جي پيرانديءَ کان وسندڙ سنڌي روايتي ڳوٺن جهڙي ڳوٺ ”تلي“ ۾ جنم وٺندڙ، سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻي جهڙو سانورو ۽ سنڌ جي اداس شامن جهڙو مزاج رکندڙ ماڻڪَ ۽ مون ڪوتا جي ڪاڪ نگر جي پرپيچ ۽ سوڙهين ڳلين ۾ گڏ وکون کڻڻ سکيون. گڏ پنڌ ڪيو، گڏ مرڪياسين، گڏ رهياسين. مون کي خوشي آهي ته اڄ به ٻئي ڄڻا ساڳيءَ ئي واٽ جا مسافر آهيون.
تلاءُ، ڍنڍون ڍورا، درياءَ، ٻيٽ، اپٻيٽ ۽ سمنڊ مطلب ته پاڻي سان ملاحن جو فطري تاريخي ۽ اڻٽٽ رشتو رهيو آهي ۽ رهندو پيو. ملاح تاريخ جي هر دور ۾ سامونڊي سرحدن ۽ دريائي رستن جا بنا پگهار جي رکوال پئي رهيا آهن. مورڙي جو پاڻيءَ جي وحشي اجگر بلا سان بي جگري سان مقابلو ڪري کيس مات ڪرڻ هجي يا مخدوم بلاول جي بااعتماد ساٿي شاهه حيدر سنائيءَ جي مريد ملاحن جو نقلي مهدي جونپوري جون ٻيڙيون ساڙائي کيس سنڌ جي سرحدن مان ڊوڙائي نيڪالي ڏيڻ هجي، ملاحن جي تاريخي جدوجهد جا شاندار مثال آهن، منهنجي يار ماڻڪ جو واسطو به ملاح قبيلي سان آهي، ان ڪري تلاءُ، ڍنڍون، ڍورا، درياءَ يا سمنڊن جو حسن هن جو به من پاڻ ڏانهن ڇڪائي ٿو. شعوري يا لاشعوري طور پاڻيءَ جون اهي مڙئي وٿون ماڻڪ جي گيتن ۾ به فوڪس ٿي ويون آهن، توڙي جو:
* دهشت دم درياءَ ۾، جت ڪنن جا ڪڙڪا
يا
* دهشت دم درياءَ ۾، جت جايون جانارن...

جهڙو لطيفي فلسفو به ڪونه ٿو بيان ڪري نه ڪوئي:
سڄا ٻيڙا پار ۾، هليا هيٺ وڃن
پرزو ئي پيدا نه ٿئي، تختو مجهان تن

جهڙا سمنڊ جا خونخوار مشاهدا ٿو ماڻي، ڇو ته کيس خبر آهي ته صدين کان ”سنڌي سمونڊ“ سڏجندڙ هاڻ عربي سمنڊ بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌو درياءَ ڇوڙ نه ٿو ڪري، ڇو ته درياءَ قيد بنجي چڪو آهي. ڊيلٽائي علائقا تباهه ۽ برباد پيا ٿين، جتي درياءَ ٻيلا ٻوڙي ٻوڏ ڪندو هو اتي واري پئي اوڏامي، اُتي ڪنگ ٿا رڙن ته پوءِ درياءَ جي دهشت ڪٿي ڏسجي...! پوءِ ماڻڪ جا گيت درياءَ جا نوحا بڻجي ٿا وڃن.
سنڌوءَ سير،
سڪي پئي آهي،
ڇولي ڪيئن ڇلايان مان!؟
جهولي ڪيئن جهُلايان مان؟
ڪهڙو ونجهه هلايان مان!؟
سنڌوءَ سير
سُڪي پئي آهي!
ڪير کسي ويو ڇولي ڇلڻي، چوپاسي آ واري اڏڻي
ڪهڙو پڳهه پايان مان!؟
ڇولي ڪيئن ڇلايان مان!؟
جهولي ڪيئن جهلايان مان!؟
سنڌوءَ سير
سُڪي پئي آهي!
پاڻي زندگي آهي، آد جڳاد کان وٺي، هن زرخيز خطي جي سونهن ۽ شاهوڪاري جو ضامن هن ديس جو درياءَ رهيو آهي، درياءَ جو پاڻي سنڌ جي جيءُ جو جياپو آهي، جنهن تي سڄي سنڌ پلجي ٿي ته پوءِ ان جي لڙاٽيل پاڻي کي جيجل جي ٿڃ برابر سمجهڻ ۾ شاعر غلط ته ڪونه آهي، ان منطق کي نظر ۾ رکندي هن گيت ۾ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي جيجل جي ٿڃ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي ماءُ سڏي شاعر پاڻ کي سنڌ جو حلالي پُٽ هجڻ جو ثبوت ڏئي ٿو ته:
ٿڃ سنڌو درياءَ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ!
لهرون لڙڪي وڻ وڻ وڙڪي
لوليون ڏئي ٿو واءُ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ!
يا هي گيت ته:
ڇولي آئي ڇولي ڙي،
سنڌو سينڌ سنواري پنهنجي
ڦيريون پائي ڪُن ٻَڌي ٿو
ڄڻ ته ڪائي مولهي ڙي!
ڇولي آئي ڇولي ڙي.
سينو تنبيءَ ساڻ لڳائي، ملاح سوچيو سپنو آهيان،
ڪيئي پيڙهيون پوءِ به جيان ٿو، آ دجڳاد کان نپنو آهيان.
سنڌو منهنجي ماءُ لڳي ٿي،
ٻيڙي ڀايان جهولي ڙي!
ڇولي آئي ڇولي ڙي!
درد جي دانهن رڳو رياستي جبر جو شڪار بڻيل يا سماجي بي ڌياني جو ڪرڀ ڀوڳيندڙ منظرن جا نوحا نه آهن پر تخليقڪار جي داخلي ڪيفيت جون ڪوڪون به ايئن آهن جيئن ڪائي وڇڙيل زخمي ڪونج ساٿين لاءِ سڏڪي وڇوڙي جا ورلاپ ڪري ماحول کي سوڳوار بڻائي ٿي ڇڏي. وائي واري انداز ۾ لکيل هن گيت ۾ پڙهو، اهڙي اڌ ٿيل اندر کي چيري نڪرندڙ چيخ جي پڙاڏي جو پڙلاءُ جهڙو هيءَ گيت:
ڪوئي ڪيئن جيئي جڳ ۾،
ڪوئي ڪيئن جيئي!
لڙڪ اسان جو نوحو بڻجي، دل جو درد پيئي،
ڪوئي ڪيئن جيئي جڳ ۾،
ڪوئي ڪيئن جيئي.
رات اسان سان جلي جلي، ڄڻ اوريو حال ڏيئي
ڪوئي ڪيئن جيئي جڳ ۾.
ڪوئي ڪيئن جيئي.
ڪير ڍڪي ٿو ڪيسيتائين، ڪنهن جي يار وئي
ڪوئي ڪيئن جيئي جڳ ۾،
ڪوئي ڪيئن جيئي.
ڀوڳنائن ۽ پيڙائن جو سفر اتي به ختم نه ٿو ٿئي، عشق جي آويءَ ۾ پچڻ کان پوءِ سچ ازخود صدائون بنجي ٿو وڃي. عشق جي اعتراف جي امانت هن گيت جو روپ وٺي دنيا آڏو پاڻ ٿي پسائي ته:
جڏهن کان ڇناسين،
تڏهن کان رُناسين،
اهو زندگيءَ جو ترانو آ هاڻي
اهو زندگيءَ جو فسانو آ هاڻي.

ٽارين کان پنن جي ڇڄڻ جو پڇي ڪو،
اسان کان ته وڇڙي وڃڻ جو پڇي ڪو،
دل کي ته دردن لڳڻ جو پُڇي ڪو،
اسان جو انگ انگ نشانو آ هاڻي،
جڏهن کان ڇناسين،
تڏهن کان رُناسين.
فني لوازمات تي پورا لهندڙ اهڙا گيت فڪري طور ڪٿي ڪٿي سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي تسلسل جو عڪس ۽ اولڙو ٿا محسوس ٿين. مثال طور لطيف سائين چيو ته:
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪيان ذري،
ته لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اڀري ڪين ڪي.
ڀٽائي صاحب چئي ٿو ته آئون حقيقت پنهنجي حال جي ان ڪري ظاهر نه ٿو ڪريان متان اهو سڀ ڪجهه نه ٿي پوي، جنهن جو ڊپ آهي ته متان فطرت نه منتشر ٿي وڃي. مطلب ته لطيف سائين ان حقيقت کي ظاهر ڪونه ٿو ڪري ۽ زور ان ڳالهه تي آهي ته حقيقت حال جي ظاهري ڪا نه ڪبي.
حمل فقير چيو ته:
حمل پنهنجي حال جي، ڳالهه ڪري ڪيهي،
ته سورن مون سين سپرين، جانب ڪئي جيهي،
ساري ڳالهه سڻائيان، جي توکي ڀي تيهي،
ته مون سان گڏ ويهي، تون بي روئين رت ڦڙا.
اهو ئي الڪو ساڳيو جيڪو فڪر لطيف ۾ پيش ڪري آياسين ته متان تون به مون سان گڏ رت روئي ويهين، تنهن ڪري حمل فقير پنهنجي سورن جي، دردن، تڪليفن جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه ڪري؟ دردن جون وضاحتون ڪونه ٿينديون آهن تنهن ڪري حمل ڀلا پنهنجي حال جي ڪهڙي ڳالهه ڪري؟ ڇالاءِ ڪري؟ زور ان ئي ڳالهه تي آهي ته راز ظاهر ڪونه ڪبو، ڇو ته ڪنهن کي ڪهڙي ڪل ته تخليقڪار ڪيئن ٿا ڀوڳين؟ ڀوڳنائن جا ڪي پڙها ته ڪونه گهمائبا آهن، اهڙو ساڳيو ئي خيال جو تسلسل ماڻڪ جي هن گيت ۾ پڻ عيان آهي.
هُن کي ڪهڙي ڪل
اسانجا ڳل
ڀنا ها!
يادون ساري پل
اسان جا ڳل
ڀنا ها!
درد اکين جو ڪتبو آهي
لڙڪ انهيءَ مان نوحو ٺاهي.
ماڻڪ ماڪ مهل
اسان جا ڳل
ڀنا ها!
ساڳيو ئي ڪلاسيڪل تسلسل آهي ته هُن کي ڪهڙي ڪل!
يا پڙهو ماڻڪ جو هي گيت

ٽم ٽم ٽم ٽم، ڏيئڙو مٽي
مرليءَ ۽ جوڳيئڙو مٽي
هرڪو آ پانڌيئڙو مٽي
وقت سهانو
يار يگانو
سارو رنگ رچاءُ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ!

تنبوري جي تون تون مٽي،
گُل خوشي ۽ خوشبو مٽي،
اکڙيون مٽي، سرمون مٽي،
چاهيندڙ کي
گهائيندڙ جو
گهرو گهرو گهاءُ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ-
هت سڄو گيت ڪونه ٿو ڏيان پر سڄي جو سڄو گيت بلڪل بلها شاهه جي
مٽي حڪم ڪريندي هزار
ڄڃ مٽي دي گهوٽ مٽي دا،
مٽي دي بڻي هي ڪنوار
اها مٽي حڪم ڪريندي هزار
بلها مٽي دا، چلها مٽي دا، مٿي بڻيا سنسار
اها مٽي حڪم ڪريندي هزار جو باقاعدا تسلسل لڳي ٿو، ثابت ٿيو ته ماڻڪ توڙي جو جديد شاعريءَ سان نينهن نڀائيندو ٿو اچي پر ان پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي کان به منهن نه موڙيو آهي. جديد شاعريءَ کي ڪلاسيڪل شاعري جي تسلسل سان واڳيو ٿو اچي. اهو به ماڻڪ جو هڪڙو ڪمال ۽ پنهنجي لوڪ ڪلاسيڪل ورثي سان محبت جو اڻمٽ ثبوت آهي.
ڪنهن صوفي سڳوري کي پنهنجي طالب تحفي ۾ ڪئنچي آڻي ڏني، صوفي صاحب فرمايو” بابا ڪئنچي پنهنجي ڪهڙي ڪم جي! ڪئنچي جي بدارن جيڪڏهن سُئي آڻيو ها ته سٺُو هو، پاڻ ته ڳنڍڻ وارا آهيون، ڇنڻ، ڪٽڻ يا ٽُڪڻ سان پنهنجو ڪهڙو ڪم! لطيف سائين به ته فرمايو: ”ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا“ توڙي جو جديد ۽ ڪلاسيڪل شاعري جي وچ ۾ سالن ۽ صدين جون سرحدون آهن، ماڻڪ انهن وقت جي سرحدن کي ٽوڙي، ماضي ۽ حال جي خوشبو خوشبو خيالن کي پاڻ ۾ فڪري طرح ڳنڍي ڄڻ ته ان گمنام صوفيءَ جي سنت تي عمل پيرا آهي ته پاڻ ته ڳنڍڻ وارا آهيون. ڪٽڻ، ڇنڻ يا ٽُڪي ٽوڙڻ سان پنهنجو ڪهڙو ڪم...!
نه رڳو اهو پر هن جي مشاهدي جي اک جي ڪئميرا جيڪو به من کي ڇهندڙ منظر ٿي ڏسي ان کي انتهائي خوبصورت انداز ۾ ڪيچ ڪري من ۾ محفوظ ڪري شاعري، خصوصن گيتن جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ انتهائي نفيس خيالن سان پيش ڪرڻ واري هنر جو ڄڻ ته هيءَ شاهه ڪار يگر آهي، مثال طور هي گيت:
ڇوري پاڻ ته زوري آهي
ڪنهن سان اک
ڪڪوري آهي
هن گيت ۾ خيال جي نفاست ڏسو!
مکڙين تي جو ڀنور ڏٺائين، سوچئين ڪنهن جي مکڙي آهيان
پوپٽ بنجي پيارو ايندو، ماکي آهيان مصري آهيان
اکڙيون پوري سوچيندي آ
سپنو سپنو پوکيندي آ
هينئڙي ۾ ڪا هوري آهي
ڪنهن سان اک
ڪڪوري آهي

سورنهن سالن واري ڇوري، موسم بدلي ڦاٽس چپڙا،
رت بسنتي کي شرمائي، گل گلابي پائي ڪپڙا،
سونو روپو تلڪ هڻي ٿي
آڱر تي پئي ڏينهن ڳڻي ٿي،
باقي دير به ٿوري آهي.
ڪنهن سان اک
ڪڪوري آهي.
اهڙو ئي هڪڙو هي به گيت:
جوڙيئي ڪهڙي جوڙ
جانيئڙا! جوڙيئي ڪهڙو جوڙ

دل جگر جو سيني اندر، اهڙو ٿئي ڦٿڪار
ڄڻ ته مڇيءَ سان ڀريو تريو، تازو ڇڪيل ڄار
اڃ به اهڙي اڃ لڳي ٿي،
ڄڻ ته لڱن جي ڀڃ لڳي ٿي،
لوڪن کان ٿي اک لڪايان
تنهنجو پاتل چڪ لڪايان
آئون ٿي چاهيان توڙ
جانيئڙا!
جوڙيئي ڪهڙو جوڙ

توکي ساريان ڳالهيون ساريان، ساريان ساڳيو ڳوٺ
ڪيڏو پنهنجو چاهه چريو ٿيو. چانڊوڪيءَ ۾ چوٽ
آئون ته نم جو ٿي وڻ ساريان،
هرتيون هيريون ڏکڻ ساريان
پاڻ ٻنهي ٿي اکڙيون پوريون
ڇڻيو جاڳائين نموريون
ننڊ ته هُئي ڄڻ ڪُوڙ
جانيئڙا
جوريئي ڪهڙو جوڙ!
ڪنهن حساس دل تخيلقڪار کي هانوَ تي هٿوڙا ته ان وقت لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن، جيءَ ته ان مهل جهُري پوندو آهي، من ۾ مانڌاڻ ته ان وقت مَچي پوندو آهي، جڏهن هُو انسانيت جي بيڪس ۽ مجبور لاش سمان وحشت جي گندن ڪيڙن کي چهٽي، چنبڙي سونهن چوسيندي ڏسندو آهي، جڏهن هو ڪنهن مريم جهڙي مقدس جسم جي چوليءَ کي چيهُون چيهُون ٿيندي ڏسندو آهي، جڏهن هُو ڪامنائن جي ڪروڌي بکين بگهڙين ۽ سوئرن کي منهن تي ماڻهپي جو نقلي ماسڪ پاتل ڏسندو آهي، شريف پڻي جي منهن تي بجو بڻيل اهڙن گهٽيا ڪردارن کي پنهنجي وحشي ۽ واهيات عملن تي هنبوشيون هڻندي ڏسندو آهي. ڀلا ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي گونگي عورت سان ٿيل قهري وارتا جنهن به اخبار ۾ پڙهي هوندي، جيڪڏهن ضمير زندهه آهي ته پوءِ انهي کي ان گهڙي سک ۽ چين جي ننڊ آئي هوندي؟ ان جو ڪنڌ شرم کان جهڪي نه ويو هوندو؟ هڪ گهڙيءَ لاءِ من اهو سوچڻ تي مجبور نه ٿيو هوندو؟ اي خدا ڇا هي تنهنجي اشرف المخلوق آهي؟ ۽ پوءِ اها گونگي عورت ڀٽائي در دانهين ٿي:
ڀٽ ڌڻي او ڀٽ ڌڻي!
آئون ته تنهنجي جوڳڻ آهيان
ڀٽ ڌڻي او ڀٽ ڌڻي!

ديواني ٿا سونگي ڪوٺين، ماڻهون ڀورا گونگي ڪوٺن
آئون ته گونگي آهيان ليڪن، منهنجي سونهن ته گونگي ناهي،
ڇورا جنهن تي ڇرڪن هرکن، اک اکائي گونگي ناهي
نظر نظر ڄڻ آهي سيڙيل، ٽڪ ٽڪائي گونگي ناهي
اکڙيون اورڻ چپڙا چورڻ، پڪ پڪائي گونگي ناهي
هر ڪو مون تي اک ڀڃي ٿو
هرڪو پنهنجو درد سڃي ٿو
آئون جا پاڻ ئي سوڳڻ آهيان،
آئون ته تنهنجي جوڳڻ آهيان.

آهن ڪي اُلاءُ اندر ۾، تات سندا ڪي تاوَ اندر ۾
واريءَ ڀِٽ جا ڏات ڌڻي وو، منهنجي رت بسنت به تون آن
منهنجي مونجهي ڳوڙهي ڳجهه جو، ڄاڻڻ وارو انت به تون آن،
هن نڌوريءَ لاءِ ڀٽائي، چنتا رکندڙ چنت به تون آن،
هيءَ سِر توتي ٽيڪي ويٺيس، هن جو سائين سنت به تون آن،
هرڪو پنهنجي حَوَس ٿو ڄاڻي
ڪوبه نه منهنجي چس ٿو ڄاڻي
روح رُلايل روڳڻ آهيان
آئون ته تنهنجي جوڳڻ آهيان.

وسريل ڄڻ ته وڇوڙو آهيان، رڪيل ڪوئي ڳوڙهو آهيان
آئون ڇا آهيان آئون نه ڄاڻان، ڪهڙي ديس جي ڄائي آهيان
ڪهڙي ديس ڏي وڃڻي آهيان؟ ڪهڙي ديس کان آئي آهيان.
واسينگن جي وات ۾ ماڻڪ. ننڌڻڪي ته ڀٽائي آهيان
آئون جا تنهنجا بيت لڳان ٿي، آئون جا تنهنجي وائي آهيان.
ڪائي دوري آئون لڳان ٿي
تار تنبوري آئون لڳان ٿي
رات سانت جي ڀڻ جهُڻ آهيان
آئون ته تنهنجي جوڳڻ آهيان.
وري هن گيت ۾ هڪ ٻي عورت جو درد پڙهو

اڙي سرتيون
سڄڻ ساريان
اکين جون ٿي ڪُنڊون هاريان
روئان ٿي قافلي وارا
پڇان ٿي قافلي وارا
مگر انهي ساڳي گيت ۾ اڳتي ماڻڪ چوي ٿو ته:

سمنڊ تون ٿو ڪڏين ايتر
ڪنارا ٿئي جڙيل جيتر
ڪنارن جو ٽٽڻ تنهنجي، حياتيءَ هيءَ وڃائيندو
ڪنن ڪڙڪا، ڇتيون ڇوليون، تنهنجو سينو نه ڳائيندو
ڇڪي ڇوليءَ جي ساڙ هي کي
نچي جا لهر جي ڌارا.
روئان ٿي قافلي وارا.
پهرين ڳالهه ته سمنڊ ڪناري تي ڪڏهن به ناز نه ڪندو آهي، نه ڪوئي سمنڊ ڪناري جو محتاج هوندو آهي نه ئي ڪنارن ۾ بند هوندو آهي ٻي ڳالهه ته زميني ڪنارا خدانخواسته جيڪڏهن ٽٽي به پون ته سمنڊ حياتي ڪونه وڃائيندو. سمنڊ جي ته ڇاتي موڪري ٿي پوندي، جيئن جيئن سمنڊ ڦهلجندو ويندو تيئن تيئن ڌرتيءَ جي پکيڙ سوڙهي ٿيندي ويندي، کٽندي ويندي، پوءِ ته ڪنن جا ڪڙڪا ۽ ڇولين جا ڇڇڪا ويتر وڌي ويندا پوءِ ته ڪنارن جي آسرن تي سمنڊ جي ڪڏڻ جو فلسفو ئي رد ٿي ٿو وڃي. بهرحال هي سَرَن جي سنگن جهڙا گيت، هي ٿوهر گلن جهڙا گيت، هي پڪن پيرن پُسين جهڙا گيت، هي ڪونجن قطارن جهڙا گيت، هي مينهوڳيءَ جي مند جهڙا گيت، هي ڦڳڻ جي ڦولارن جهڙا گيت، هي چيٽ ۽ چانڊوڪين جهڙا گيت، هي اوڻٽيهه جي اونداهين ۾ ٽم ٽم ٽانڊاڻن جهڙا گيت، هي مال چڙن جي مڌر آواز جهڙا گيت، هي هرگهاڙيٽي ۾ گهڙيل گيت، هي چيڪي مٽيءَ پنوڙن جهڙا گيت، هي ڳيچن ڳالهين ڳوڙهن جهڙا گيت، جن ۾ تشبيهن جون انڊلٺون به آهن، جذبن جا رقص به آهن، مرڪون، موهه ۽ يادون به آهن، ننڍپڻ جون رنگين رانديون به آهن، چلولايون ۽ چنچلتائون به آهن، سُکن جا صبح به آهن ته سورن جون سانوڻيون به آهن، رسڻ جون ريتون به آهن ته پرچڻ جون پرڀاتون به آهن، هي گيت جن ۾ زندگيءَ جا سمورا افسانه ۽ ترانه به آهن دعا آهي ته اهڙا گيت ماڻڪ سدائين رچيندو رهي.
**

(ماڻڪ ملاح سان ملهايل شام ۾ پڙهيل پيپر)