رني ڪوٽ جي رکوال جو روح_ ”خاڪي“ جويو
پر جڏهن ديس تي ڪنهن آريائي اولاد جي ڪا هلان يا حملو ٿيندي ڏسندي هئي، ته ڪلڪ کي ڪنهن ڪنڊ پاسي رکي، اها ساڳي ئي دل هن کي پنهنجي هٿن ۾ ڪاري ڳن سان ڪهاڙي کڻي، وطن جي حفاظت جو فرض سونپڻ لاءِ هر وقت تيار رهندي هئي.
هُن جي سوچ جون ڌارائون افلاڪي ۽ مافوق الطفرت قوتن کان وڌيڪ زميني حقيقتن جي سچ جون مُتلاشي رهيون هيون. هو مٽيءَ جي مانَ جو مُعترف هو. هُن کي خبر هئي، ته ماڻهوءَ بنيادي طور مٽيءَ جي مان وجود ورتو آهي. اول ۽ آخر، هُو مٽيءَ سان ملي، مٽي ٿي وڃڻو آهي، پوئتي ڪجهه رهڻو آهي، ته ڪردار جون خاصيتون ۽ ڏات ئي رهڻي آهي، تنهنڪري هن شاعريءَ ۽ ادب واري واٽ جي پاڻ لاءِ چونڊ ڪئي ۽ پاڻ کي ديس جي خاڪ سمجهي ’خميسي خان‘ مان ”خاڪي“ جويو بنائي ڇڏيائين.
جيڪڏهن تاريخ جي هر دؤر ۾ هُن جو وطن هر ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کان آجو ۽ فڪري، نظرياتي طبقاتي، قومي ۽ معاشي طور آزاد هجي ها، ته هُو فقط اهڙي ئي شاعري سرجي ها ته:
دهري سهڻي يار جي، ڇاتيءَ مٿي ڇٽُ،
مُور انهيءَ جو مٽُ، چنڊ نه ٿيندو نُڀَ ۾.
ڇو ته هُو حسن پرست هو، انهيءَ ڪري هُو سونهن جو شاعر هو. عشق جو عقاب پکي پر ڏيهي جهڙپ هڻي هُن جي دلڙي چنبن ۾ چائي اُڏاڻو ٿي ويو، ته هُن جي محبت جو مجازُ محبوب ڏي مُنهن ڪري، نينهن جي نماز جوٽي سُونهن کي سجدا ڪندو ٿي رهيو. ڇو هُن جي اندر جي ازغيبي قوت هُن کي سونهن جو سبق پاڙهيو هو.
اسان جي ايمان کي پاڙهيو سُونهن سبق،
حُسن مڙوئي حق، عشق اکيون کولي وڌيون.
**
محبت ۽ مجاز، سجدو ڪيو سُونهن کي،
پڙهي نينهن نماز، مُنهن ڪري محبوب ڏي،
هو جيڪو هڪ ئي وقت پوپٽ جي پرن ۽ گلاب جي پنکڙين جهڙي نازڪ ۽ نفيس دل جو مالڪ هو، پر، جڏهن ديس جي دردن جون پڪارون هن جي روح جي سماعتن سان ٽڪرائبيون هيون، ته هُن جي جيءَ جو جوالا مکي ڦاٽڻ لڳندو هو. ته هن جا مزاحمتي شعر درياخان جي تلوار جي ڌار بڻجي ويندا هئا. ۽ ٺٽي جي راهن ۽ رستن تي رت ڦڙن ۾ تبديل ٿي ويندا هئا. ته هُن جي قلم مان ازخود هِنُ شعر جهڙا بيتن جا گلاب ڪاغذن ۽ ڪتابن تي ٽِڙي پوندا هئا.
اڃا تنهنجا آسري، دولهه درياهه خان،
سورن جا سامان، سانڍيو اچي سنڌڙي.
سنڌ هُن جو وطن ئي نه، پر ’عشق‘ بڻيل هو ۽ اهو عشق وري ’ايمان‘ جون حدون به اور انگهي ويو هو. تنهنڪري هُن جو مقدس وطن هُن الاءِ عقيدو ۽ ايمان به هو ته انجيل، گيتا ۽ قرآن به هو. خالق خدا، رام، رحمان به هو. ته جيئري ۽ مُئي امن وارو اجهو به هو.
سنڌ مقدس عيقدو ۽ ايمان آ،
سنڌ انجيل،گيتا ۽ قرآن آ.
سنڌ خالق خدا، رام، رحمان آ،
سنڌي جيئري ۽ مئي آ اجهو ۽ امن،
پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن.
”خاڪيءَ“ کي پيار ۽ محبت جي فلسفي توڙي وطن ۽ وطن واسين جي عشق اهو سمجهايو هو ته رشتن جي تقدس کي ڪڏهن به نفرت جي جهولن جي لُڪَ لڳڻ نه گهرجي. ائين ڪنهن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکڻ ۽ ڪنهن کي ڀاڪر پائڻ سان دلين ۾ داخل ٿيل وقتي زنگ ڦڙو ڦڙو ٽپڪي اَندر کي اُجاري اڇو ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ رُٺل پل ۾ پرچي پوندا آهن، جيڪڏهن هيءُ وطن گهر آهي، ته هر وطن واسي به ته ڀاءُ ئي آهي. ۽ هُن لکيو ته:
پيار منجهان پايان، ڀاڪر هر ڪنهن ڀاءُ کي،
رُٺل پنهنجي راڄ جا، پاڙا پرچايان.
سڀ کي سمجهايان، چانڊوڪيءَ جون چاهتون.
هونئن ”خاڪيءَ“ جو مزاج به سنڌ وانگر سيڪولر هوندو، ۽ هُو پنهنجيءَ موج ۽ مستيءَ ۾ رهڻ وارو شخص هو. هُو اجائي ڇيڙ ڇاڙ کان به پاسيرو رهندو هو. پر، جيڪڏهن ڪنهن هروڀرو به کيس بيجا بحث ۾ ڇيڙي وڌو ته هُو پنهنجي سُرت ۽ ساڃاهه جي پڪن پختن دليلن سان اتر جو مينهن، بڻجي پوندو هو. هن سان الجهڻ واري کي واپسيءَ جي واٽ ئي نه ملندي هئي. هن لکيو هو ته:
ديوانن کي ڇيڙيو ڇو ٿا، بيگانن جي بستيءَ ۾،
رهڻ ڏيو اي دنيا وارا، مستن کي سرمستيءَ ۾!
محنت جي عظمت، ”خاڪيءَ“ جي جيءَ جو جز هئي. هُن کي پورهيت جي پگهر مان به مٽيءَ جي خوشبو ايندي هئي، ڇو ته پاڻ به پورهئي جي بٺيءَ مان پچي راس ٿي نڪتل شخص هو. هن پنهنجي لاءِ لکيو هو ته:
”مون ڏاڍو پورهيو ڪيو. مال چاريم، ٻڪريون چاريم، اُٺ لڏيم، ٻني ڪيم، جنهن ۾ هڪ سٺي هاريءَ جيتري مهارت رکان ٿو. تغاريون کنيم، هوٽل تي بيراگيري ڪيم، بورچڪو ڪم ڪيم، ۽ هڪ سٺو بورچي آهيان، ڪارخاني ۾ مزودري ڪيم وغيره“ ان کان پوءِ هُن هاڪر بنجي سائيڪل تي اخبارون پڻ وڪرو ڪيون، پورهئي جي بٺيءَ مان پڪل شخص ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جو عادي نه رهندو آهي، هن کي پنهنجي پورهيت طبيعت تي ناز هوندو آهي، اهڙي طرح، ’خودداري‘ به هڪڙي گُڻ بنجي پوندي آهي، جنهن کي هُن خوب اپنايو:
غربت جو گذران، پيارو آهي پاڻ کي،
ڏڌ ڦڙي سان ڏِيل جو اڙٻنگ آ ايمان.
شل مَ وڃي شان، ڀلي بُک ڀَرمَ جي.
ان ڪري پاڻ پورهيت فڪر جو سدائين داعي رهيو ۽ مارڪس جي ان جڳ، مشهور نعري ته: ”دنيا جا مزدور! هڪ ٿي وڃو!“ جي تشريح ”خاڪي“ پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن ٿو ڪري ته:
پورهيت گڏجي پاڻ ۾، اچو ڪريون اتحاد،
آجو ڪريون ڏاڍ کان، انساني اولاد،
اوندهه کان آزاد، ڪريون جوت جهان جي.
هُن مارڪس، اينگلس، لينن، ٽاٽسڪاءِ ۽ مائوزي تنگ جي فڪر کي باقاعدي پاڻيءَ وانگر پيتو هو. انهن جي تعليمات، توڙي فڪر جو هُو وڏو عالم ۽ اڪابر هو، پر پوءِ به پليجي صاحب جي لفظن ۾ ’نقوي، نازشي، سازشي،ٽولي‘ جو پيرو ڪار نه هُو. هُو چوندو هو ته ”مظلوم قومن کي پهرين قومي آزادي گهرجي، ۽ آزاديءَ کان پوءِ ئي اتي سوشلزم اچڻ گهرجي.“
آزادي هُن جو ايمان هو، ۽ آزاديءَ لاءِ سر گهور تاريخي ڪردار هُن جا سرويچ سورما هئا، هُو هڪ پڪو قوم پرست ۽ سائين جي. ايم. سيد جي فڪر جو پرچارڪ رهيو ’سن‘ مان اٿندڙ صدا، هُو پنهنجي روح جي رڻ ۾ پڙاڏا ٿي لهندي محسوس ڪندو هو، هُن جو پهريون طويل نظم، جيڪو مارچ 1973ع ۾ ڇپجي آيو هو، ان جو نالو ئي ”آزاد گهر جي وطن“ هو- ان نظم ۾ هن سامراجي قوتن سان اکيون اکين ۾ ملائي وڏي ديده دليري سان سنڌ کي ڄڻ ته هڪڙو قومي ترانو پيش ڪري ڇڏيو هو. جيڪو پوءِ سنڌ جي جهرجهنگ ۽ وستيءَ واهڻ ۾ جيجي زرينا بلوچ جي ماکيءَ ۽ مصريءَ جهڙي آواز گونجي اُٿيو ته اهو ”خاڪيءَ“ جي هڪڙي خاص سڃاڻپ بنجي پيو ۽ واضح ٿي ويو ته اهڙو انقلابي نظم لکڻ لاءِ جنهن دل، جگر ۽ گردي جي ضرورت آهي، قدرت طرفان اهي صرف ”خاڪيءَ“ جي ئي حصي ۾ آياهئا.
ضياءُ جي مارشل لاءِ ۾ جڏهن هر تحرير ۽ تقرير تي پابندي هئي، راءِ جي آزاديءَ جو تصور ئي ڪو نه هو، پريس ۽ پبليڪيشن مٿان سينسر شپ جو ڪاريهر ڪر کڻيو ويٺو هوندو هو. انهيءَ سينسر مان گذري، ”امن“ جهڙيون اخبارون به صفا آڇيون، اکرن کان اجيون ۽ صاف ٿي نڪرنديون هيون، ويتر جو ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ جي رد عمل ۾ سنڌي ماڻهوءَ ايم. آر. ڊيءَ جي تحريڪ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ فوجي جتنا سان هٿين خالي اٽڪي پيو هو، جئين آلادين جي لشڪر سان سنڌي ماڻهو چپي چپي تي اٽڪي پيو هو ۽ آلادين چينسر کي مخاطب ٿي چيو هو ته، ”هاڻ ته تنهنجي ملڪ جون واٽون ٿيون وڙهن. هاڻ ته وڻ به وڙهي ٿا پون“ ڇو ته خلجيءَ کي خبر هئي ته اهي جيڪي سامهون وڻ پيا ڏسجن انهن جي پٺيان به ڪي جنگ جوان لڪل هوندا، جيڪي لٺيون لوڙهيون ۽ ڪُهاڙيون کڻي، سِر جو سانگو لاهي، لشڪر تي ڪُڏي ڪاهي پوندا.
ائين ضياءَ جي مارشل لا ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي ماڻهو فوجي مشين گن جي اڳيان سينا تاڻي مزاحمت لاءِ لهي پيا هئا، پوءِ ڏيهه ڏٺو ته فوجي پنهنجي گاڏين ۾ به مٽيءَ جون ٻوريون ڀري، ان جي آڙ ۾ لڪي گاڏين تي گشت ڪندا هئا. ان دؤر ۾ جڏهن سنڌي ماڻهن جي رت سان شهرن جا چونڪ ۽ رستا رڱجي ڳاڙها ٿيا هئا، ته ”خاڪيءَ“ ان سڄي پس منظر ۾ هڪڙو طويل نظم لکيو هو: ”آسڻ جن اريج!“ جنهن جو هر بند هنن سٽن تي پورو پئي ٿيو ته:
پاڪستان جو مطلب ڇا؟
ڦاهيون، ڦٽڪا، مارشل لا.
اهو ڪتاب ڪابه پريس ڇاپڻ لاءِ تيار نه هئي. ”خاڪيءَ“ پوءِ ڪنهن دوست کان اهو سمورو ڪتاب هٿ سان لکائي، پنهنجي نالي سان ڇپائي ساري سنڌ ۾ پهچايو هو. ان دور ۾ اهو ڪم ڪرڻ ڄڻ ته نانگ جي ٻِرَ ۾ هٿ وجهڻ برابر هو. پر هُن جي جرئت کي سلام جنهن پنهنجي سر ساهه جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ ايم. آر. ڊي. تحريڪ جي پس منظر ۾ نه رڳو نظم لکيائين، پر مارشل لا تي ڪاوڙيل ماڻهن کي ڄڻ ته نئون نعرو ڏئي ڇڏيائين ته:
پاڪستان جو مطلب ڇا؟
ڦاهيون ڦٽڪا مارشل لا.
اهڙيءَ طرح، هن جي ڏات جي ڏياٽين مان هميشه مظلوم ۽ مجبور جي فڪر ۽ آزاديءَ جي عشق جي پرچار ٿيندي رهي.
مظلوم آهيان مجبور آهيان،
دک دهر جي سان ڀرپور آهيان.
*
هر طلسماتي مون ڪاڪ ڊاٿي،
مان مينڌرن ۾ مشهور آهيان.
*
”خاڪي“ اسان وٽ اعلان آهن.
هن ديس جو مان دستور آهيان.
هُو آس ۽ اُميد جو شاعر هو. مايوسيءَ جي مهاڏائڻ ڪڏهن هن جي ڀر مان به نه گذري. هُن جو ايمان هو، ته ڪو ڏينهن ايندو ۽ هن ديس کي وري ڪوئي دريا خان ملي پوندو، دريا خان، جيڪو هميشه مخدوم بلاول جي پيرن کان ويهڻ پسند ڪندو هو. ۽ مخدوم بلاول، جنهن گهاڻي ۾ پاڻ پيڙائي، سنڌ جي عشق جي ساک قائم رکي هئي. هُن کي اُميد هئي ته انهن جهڙو ڪو ڪردار اوس هِن ڌرتيءَ تي پيدا ٿي پوڻو آهي جيڪو هن ڌرتيءَ جو ڌڻي ٿيندو.
ڪو اوڀر اُڀري اوڀر کان، هن ڌرتيءَ جو ٿيندو ته ڌڻي،
هن ڪاريءَ ڪُمهريءَ ۾ ڏي ساٿ اسان سان يار کڻي.
ڪن گيتا جو آگيان وتو، ڪن آفاقي ايمان وتو،
پر مون منهنجي ماءُ مِٺي! اي ڌرتي تنهنجي ڌوڙ وڻي.
مون جنگ جيئڻ جي جوٽي آ، مخدوم بلاول موٽي آ.
گهمسان وجهون ڪي گهاڻن ۾، ڏي ڏات اسان کي ڏيهه ڌڻي،
نه رڳو هُن جو ديس، پر هُن کي يقين هو ته:
هر ديس آجو هيڪار ٿيندو
هر قوم هيڻي هٿيار کڻندي.
اڄ جڏهن ”خاڪي“ جي ڌرتي ڊالر ۽ افغاني ايمان سان لبريز جنوني جاهلن جي اک جو ڪنڊو بنجي پئي آهي، جو هُن جا ديس واسي، جيڪي شاهه جي واين جي ويراڳ تي پنهنجي پرينءَ سان من ئي من ۾ ملاقي ٿي پيار پچارون ڪندا آهن يا سچل جي صدائن ’حق موجود_ سدا موجود‘ تي بي خوديءَ مان مست ٿي ’مي رقصم‘ بنجي پونداآهن، ڇو ته هُن جي ديس وارا سڌا سادا سنڌي ماڻهو، جن جي من ۾ مت ڀيد جو ڪو مير ئي نه رهيو آهي. جن لاءِ خواجه خضر ۽ زنده پير ساڳي ڳالهه هوندي آهي، جن کي انهيءَ سان ڪو سروڪار نه رهيو آهي، ته وتايو فقير هندو هو يا مسلمان؟ وتايو ته بس هنن جو ’پنهنجو‘ هو، جنهن جي فقط ناصحاڻن نُڪتن سان ئي انهن کي ڪم رهيو آهي، بلڪل ائين، ته هُو اصل ۾ ’شيخ طاهر‘ هو يا ’امرلعل‘ هنن لاءِ ته بس ’اڏيرو لعل‘ ئي آهي. هندو توڙي مسلمان، سنڌين جو پنهنجو درويش. هنن لاءِ لطيف سائينءَ جو فقير جهڙو مدن تهڙو تمر_ جئين لطيف سائينءَ جي ٻنهي سان لنئون لڳندي هئي، تئين هنن سادن ۽ صوفي مزاج سنڌي ماڻهن وٽ ٻنهي لاءِ هڪ جهڙي عقيدت ۽ احترام رهيو آهي. هو جيڪي ڪنور ڀڳت جي صدا ’نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو‘ تي نيڻ جهڪائي سراپا دعا بنجي ويندا آهن، تن جون اهي ادائون جُنوني جاهلن کان هضم ئي نٿيون ٿين ۽ اهي وحشي ڪڏهن لاهوت ۾، ته ڪڏهن سيوهڻ جي درگاهه تي حملا ڪري، هن ڌرتيءَ ۽ هتي جي معصوم ماڻهن کي موت جو راڪاس بڇي، رت ۾ وهنجاري، سنڌ جي صوفياڻي فڪر تي وار ڪري رهيا آهن، اهي جاهل جيڪي اڃا تائين رحمان ۽ ڀڳوان کي سمجهڻ کان قاصر رهيا آهن، تن کي ”خاڪيءَ“ سمجهايو پئي ته اهي شيطان گيريءَ وارا شغل ڇڏي ڏيو، ڇو ته خدا هڪڙو ۽ ساڳيو ئي آهي، اهي ان جا صفاتي نالا آهن. جيڪي مختلف مذهبن وٽ رائج آهن. خُدا انسانَ جو ’خالق‘ ۽ انسان خُدا جو ’پرتوو‘ آهي، اهو ئي ڪثرت جي وحدت ۽ دلين جا راز ڄاڻندڙ آهي. ۽ ”خاڪيءَ“ لکيو ته:
ڀڳوان منهنجو، رحمان منهنجو،
آهي ٻنهي ۾ ايمان منهنجو.
ڇا طُور آهي، ڇا نُور آهي،
ان کان مٿاهون، آهي مان منهنجو.
”خاڪيءَ“ جو روح ته تڏهن به تڙپي اُٿيو هو، جڏهن هُن ڏٺو ته هيءَ تهذيب ۽ تمدن جا خالق سڏائيندڙ هن ڪائنات جي حسناڪين سان گڏ پنهنجي تباهيءَ جو سامان پيدا ڪرڻ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ چريا ٿي چڪا هئا، ته هُن کي آدم جي اولاد جو ”انسان“ هجڻ ئي مشڪوڪ لڳندو هو.
هي آدم جو اولاد انسان آهي،
يا وحشي درندو ۽ حيوان آهي.
هي بارود خانن جون سرنگون وڇائي،
ڌماڪن سان ڌرتي ڇڏي ٿو ڌڏائي.
ڪڍي ڏند لاشن تي شادان آهي،
هي آدم جو اولاد انسان آهي؟
اسان جي اها خوشقسمتي آهي، جو ايڏي ڪيليبر جي هستيءَ جي ڇانو ۾ اسان جي ادبي اوسر ٿي، اهو انتهائي ٻاجهه ۽ شفقت سان اسان جي ڪچين ڦڪين سِٽن کي سڌاري ۽ سنواري اسان جي سهڻي نموني ۾ رهنمائي ۽ همت افضائي ڪندو هو.
مون کي ياد آهي ته هڪ دفعو ’ٽيڙو‘ سمجهائيندي، مونکي چيو هئائين ته: ”هي جيڪي پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، سي به شاعري جي ڪنهن نه ڪنهن صنف تي چيل آهن.“ پوءِ مونکي چيائين، ته جڏهن ٽيڙو لکين ته هن ٽيڪنڪ کي ذهن ۾ ضرور رکجانءِ؟ جو هي پهاڪو پنهنجي جوهر ۾ مڪمل ٽيڙو آهي“
چريون ڏئي چار
واڇان ورتي سين هڪڙي،
سا به تن جي آچار.
۽ ساڳئي طرح دوهي لاءِ ٻڌايو هئائين ته هن ٽيڪنڪ کي ذهن ۾ رکجانءِ ته:
چري ڇوڪري آ چم جي، کائي کٽا ٻير،
اٺ جيڏي ٿس اوجهري، گابي جيڏا پير.
اهو هُو اسان جي استاد جي سمجهائڻ جو سهڻو انداز، جيڪو ڪڏهن به وسري نه سگهندو.
هن جي عمر جي آخري ڏهن ٻارهن سالن ۾ بيماريءَ جي بيرحم ڏائڻ هُن جي هٿ مان قلم ڇِني ورتو هو ۽ هن جي جيءَ کي صفا جهوري ڇڏيو هو، سنڌ جو هيءُ عاشق صادق بيماريءَ جي بستري تائين محدود ٿي ويو هو.
سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جيڪو ”خاڪيءَ“ جي زندگي ۾ ئي چوندو هو ته، “مون سائين جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد کان پوءِ جيڪڏهن سنڌ سان سچائي ڏٺي، ته اها خاڪي جوئي ۾ ڏٺي.“ سندس وفات تي سائين ”ارشد“ فون ڪري چيو ته ”موت جو ملائڪ ته ڏهه ٻارنهن سال اڳ ’خاڪيءَ‘ جي روح کي وٺي وڃڻ لاءِ آتو هو، پر اهو ’خاڪيءَ‘ جو روح ئي هو جيڪو ’خاڪيءَ‘ جي سرير ۽ سنڌ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو.“
ان ’خاڪيءَ‘ کي سندس ئي هنن سٽن جي ڀيٽا:
سنڌ آهه ڀري اوڇنگار ڏني، ڪنهن مرد خدا مُنهن موڙيو آ،
ويران ڏسان ٿو باغ وطن، ڇو باد صبا مُنهن موڙيو آ.
مون سنڌ امڙ جا سَنڌَ ٻڌا، جي سُڏڪن ساڻ سلهاڙيل ها،
اڄ آئون اڪيلي آهيان ڇو، تو منهنجا ٻچا مُنهن موڙيو آ!
**
هي مضمون خاڪيءَ جي شخصيت ۽ شاعري تي ”انساني ضمير جو آواز خاڪي جويو“ جي سري سان تاج جويي ترتيب ڏئي خاڪيءَ جي چاليهي جي موقعي تي ڇپايو، ان ۾ ڇپيل آهي، جيڪو ڪتاب جون 2017ع ۾ شايع ٿيو.
هي مضمون اپريل جون 2018ع جي تخيل جي شماري ۾ شايع ٿيو.