شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

پنهنجا پير چمي ڇڏجانءِ

پنهنجا پير چمي ڇڏجانءِ

(ڪلال جي نظمن جو اڀياس، ڪتاب: ”پاڇا منهنجي پانڌ ۾“)

ڏات جو پنهنجو ڏيهه آ، هن ڏيهه جا رهواسي نه رڳو ظاهري نيڻن، پر اندر جي اکين سان اهي پرتوا پسندا آهن، جيڪي عام ماڻهن جي اکين کان اڪثر اوجهل هوندا آهن. هوءِ عام ماڻهن جي اوڌر تي ورتل ڪپڙن سان ڍڪيل پيٽ ۽ ان جي اندر لڳل بک جي ڪاريهر جا ڏنگ ائين محسوس ڪندا آهن. ڄڻ ته ڪو سندن ئي اندر کي اڌ ڪري رهيو هجي، هر ماڻهونءَ جي ڪمپرسي، محرومي، مايوسي توڙي هر ماڻهونءَ جا غم، درد، الم سوين سڏڪا، رڙيون ۽ واڪا بنجي، انهن زندهه دل ماڻهن کي بيچين ڪري ڇڏيندا آهن. جن کي اسان ۽ توهان ”شاعر“ چئون ٿا- چوريءَ جي ڌنن توڙي شور شرابي جي ڪيسٽ ڪلچر واري ماحول ۾ جئين جا جتن ڪندڙ عام ماڻهو ڪلال جهڙن نفيس، خيالن وارن شاعرن جون ”پاڇا منهنجي پاند ۾“ جهڙيون تخليق ڪيل من- وارتائون ڀلي نه به پڙهن، پوءِ به عام ماڻهن جي ڀوڳنائن، زهر بنايل زندگين ۽ ڪرڀ ڀريل لمحن کان اهڙا شاعر اکيون نٿا ٻوٽي سگهن.
اسان جي ٽهيءَ کي ورثي ۾ مليل سماج جون، طبقن جي تلوار سان گهڙيل، ٺاهيل حالتون سڀني ڏات جي ڏيهه واسين لاءِ ساڳيون آهن، سموريون تلخيون ۽ سڀئي وار تائون ساڳيون آهن- جيئن هر پکيءَ جي ٻولي جدا جدا هوندي آهي، هر ساز جو آواز الڳ الڳ هوندو آهي، هر گل جي خوشبوءَ پنهنجي پنهنجي هوندي آهي، اهڙ ئي طرح هڪ شاعر جو انداز بيان به ٻين شاعرن کان بلڪل مختلف هوندو آهي. ۽ هجڻ به کپي، ڇو ته ادب ۾ انفراديت هجڻ انتهائي ضروري آهي.
ڪلال جي خيال مطابق، ضروري ناهي ته هر ڏاڍ ۽ ڏنگائي جي رد عمل ۾ ڏات کي بارود جو گولو بنائجي... ضرور ناهي ته هر ظلم، جبر، استبداد ۽ تشدد جي رد عمل طور قلم به بندوق اونگر گوليون اوڳاڇي- قلم جيڪو امن جي ضمانت ۽ علامت آهي، ان جي نب مان به دونهان نڪرڻ شروع ٿين، ته پوءِ آڪاش منڊل به ڪارو ٿي آلودگيءَ جي ڪوڙهه ۾ وڪوڙ جي ويندو- پر نه ڪلال ايترو به نا اميد ناهي. هن جو ايمان آهي ته:
”باک ڦٽيءَ جي لاليءَ کي،
بارود جو دونهون،
(ڪيڏو ڀي اڀ پار وڃي )
ڪارو نه ڪندو، ميرو نه ڪندو،
آئيني جي خوابن جهڙا،
صبح جا روشن روشن ڪرڻا،
ڪو هيڙن جا ڄار لتاڙي،
منهنجي چچريل پيرن تائين اچڻا آهن.
منهنجا پير،
جي سائيءَ سائيءَ ڌرتيءُ تي،
تنهنجي ڇير جي ڇم ڇم سان گڏ نچڻا آهن.
باک ڦٽيءَ جي لاليءَ کي باورد جو دونهون،
ڪارو نه ڪندو ميرو نه ڪندو“
(جهموريت صفحه: 32)
ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڄاين سان ٿيندڙ قهري ڪلورن تي، ننڊ جون گوريون کائي اکيون ٻوٽي سمهڻو به ناهي- احتجاجي صدائن جو ڪنهن به خاردار تار سان رستو نٿو روڪي سگهجي.
جيون جو ٻيو ناءُ جاکوڙ ئي ته آهي- ڳڀي جي ڳولا ئي ته سونهن جي ساڃاهه جي ڪسوٽي آهي.
”....ان کروئي جيوت جي جنگاهه جو سارو مول متو آ.
هر ڏاهپ جو ڏس پتو آ. (ڳاهه: صفح:34)
اڇي رنگ جو ڪبوتر امن جي علامت تصور ڪيو ويو آهي. ائين جيڪڏهن گلاب جي گل کي حُسن، نفاست ۽ پاڪيزگي جي علامت تصور ڪيون ته منهنجي خيال ۾ اسين غلط ناهيون. نفاست، سونهن، رنگ ۽ خوشبوءَ جي سنگم جو تصور ڪرڻ سان ئي اسان جي ذهن تي ازخود گلاب جو گُل ٽڙي بيهندو- جيئن مورجا ٽهوڪا مور ئي سمجهندا آهن. ڪوئل جي ڪوڪن جو مطلب ۽ مقصد ڪوئل ئي ڄاڻن- بلڪل اهڙي طرح، شاعر جي من باغيچي ۾ سوين رنگن جا گلاب، ڪنهن نه ڪنهن پل مهڪندا ئي رهندا آهن.
ها! گلابن جي گفتگو گلاب ئي ڄاڻن، ڪنڊن کي ڪهڙي ڪل_ شاعر تڏهن به گلابن سان مخاطب آهي:
”گلابو!
جڏهن پوپٽن جي
ڇهاون کي واسيو،
ته منهنجي اندر ۾ به ٽڙجو-
گلابو!! “ (صفحه: 53)
گلاب جا گل ڀلي، فطرت جي رنگينيءَ ۾ اضافي جو ڪارڻ هجن_ ڀلي سڄي ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندا هجن. پر شاعر انهن کي ڪنهن ٻيءَ معنى ۾ ٿو وٺي، ڪنهن نرالي نظر سان ٿو ڏسي- هو چاهي ٿو ته گلاب سدائين ٽڙندا رهن. ڇو ته ٽڙيل گلابن تي ڀؤنرا اچي مڙندا جيڪي ڪنهن وڇڙيل جون سارون تحفا آڻيندا- ڇو ته، ساڙولي دنيا جا ٺڳ ۽ ٻهروپيا، پيار جا ويري، صورت جا سهڻا پر اندر جا ڪڙا، ڪسارا ۽ ڪارا ماڻهون، محبوب جي يادين جي امانت ۾ خيانت نه ڪن، اهو ٿي ئي نٿو سگهي- ويساهه جي ديوار کي کاٽ هڻندڙن مان ڀلا ڪهڙي توقع؟ تنهنڪري فطرت جي ٻين ننڍڙن جيونِ ڀؤنرن کي التجا آهي ته:
”ڀؤنرو!
اڄ ته،
گلابن جي جهڳٽن مان،
ميڙي آڻي ڏيو،
ڪنهن وڇڙيل جا ساورڻا،
ڪنهن ڏوراهين جا اوسيئڙا،
اوسيئڙي جي ويا ڪلتائن ۾ پوشيده،
دم دلاسا آڻي ڏيو.
يار جي ڀاڪر منجهه گذاريل،
لمحا آڻي ڏيو.
ڀؤنرو! (صفحو 54)
ڌرتيءَ جي ڪنهن ڪنڊ ۾،ظلم جنهن تي به ٿئي، جنهن پل به ٿئي، جيڪي به ٿئي، جيڏو به ٿئي، هيرو شيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم اڇلجن، زهريلين گئسن ۽ خطرناڪ جراثيمن جي بمن جي برسات وسي، ٽينڪن جون اڀ ڏاريندڙ گجگوڙيون ٿين، دهشتگردن جي ڪلاشنڪوفن مان برسٽن جا ترانا گونجن، مهاتما گانڌيءَ جي ديس ۾ ستي لڪڙيءَ جي رسم هجي، يا ديوين جي چرنن ۾ رت جو ٻليدان ڏجي، سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جا واقعا ٿين، سامونڊي ويرون ورن، طوفان اٿن، زلزلا اچن يا بستيون باهه ٿين، متاثر ته وري به زندگي ئي ٿيندي- اها زندگي جيڪا محبوبن جي مرڪ به آ- معصومن جا ٽهڪ به آ، سونهن، سڪون، سرور به آ، هن هيڏي وسيع ڪائنات جو نور به آ- ان جي ئي حسين رنگن کي بچائڻو آهي، انڪري ان کي به اپيل آهي ته:
”زندگي!
اي زندگي!
بس ڪا گهڙي،
هڪڙي گهڙي،
هڪڙو ئي پل،
اهڙو به آڻ،
جنهن ۾ تنهنجا رنگ،
ساروڻا نه ڪاراٽي ڇڏين!“ (ڦوڙائو: صفحو، 33)
اها زندگي ان وقت ڪيڏي نه پرڪشش ۽ پررونق بنجي ٿي وڃي- جڏهن من جي مندر ۾ ڪنهن جي ياد جو ڏيئو ٿو ٽمڪي. جڏهن روح جي ڪراڙ تي ڪنهن جي يادن جا ڪنول پوري، جوڀن جلوي سان ٽڙي پوندا آهن- جڏهن آس جي اڀ تي، سڪ ۽ پريت جو ستارو ٽمڪي پوندو آهي- تڏهن شاعر جي ذهن تي گيت ائين اڏامي اچي لهندا آهن، جئين سياري جي شروعات ۾ ڪينجهر ۽ منڇر تي آڙين، نيرڳن ۽ ٻين کوڙ پر ڏيهي پکيئڙن جا ولر اڏامي اچي لهندا آهن- ان ويلي بي چين من رجي پوندو آهي.
”جڏهن به توکي ياد ڪيان ٿو.
گيت لکان ٿو.
من مندر ۾،
ڄڻ تو آڏو،
پنهنجا سرها،
سپنا- جذبا،
اڌما- ڳوڙها،
گجرا پوئي،
تنهنجي چرنن ڀيٽ ڪيان ٿو.
جڏهن به توکي ياد ڪيان ٿو-“ (تشبيهه: صفحو 14)
جڏهن سانوڻ رت جا ڪڪر ڌرتيءَ جي اڃ اجهائڻ لاءِ ڌرتي جي سيني کي سيراب ڪرڻ لاءِ، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿرجي مسڪين ماروئڙن جي خواهشن کي پايهءِ تڪميل تي پهچائڻ لاءِ، وِڄن سان وسڪار ڪري وسندا آهن. تڏهن سارا ٿر، بر، ڏهر مهڪي پوندا آهن، وس تي گذران ڪندڙن جا روح ٻهڪي پوندا آهن. ان ويلي ڪا اهڙي دل به هوندي آهي، جنهن جي وڇوڙي جا وڍ ٻيهر چڪي پوندا آهن- ڀلي هر ڪنهن جي چپن تي ”ڀيڄ ڀيڄ“ جا نعرا هجن، پر ڪو بيچين روح اهڙو به هوندو آهي، جنهن لاءِ سانوڻ رت جا ڪڪر پاڻ سان گڏ اکين جا آگم به کڻي ايندا آهن. جڏهن ته بيچين روح جو رڻ ته وصل جي ڪڪر وسڻ جو منتظر هوندو آهي- سانوڻ رت جا ڪڪر ته اڪيلائي جو احساس ڏياري، سڪون تي ڌاڙا ٿا هڻن، محبوب کي اڻ چيل لفظن جو اعتراف ٿا ڪرائين.
”رم جهم رم جهم،
وسڪاري ۾،
ڀڄندي ڀڄندي،
تون جي مونسان ساڻ هجين ها،
تنهنجو هٿ چپن سان لائي،
نيڻ جهڪائي،
سوچي سوچي،
هٻڪي هٻڪي،
توکي ائين چوان هان شايد،
توسان مونکي .... مونکي توسان،
(تون پاڻهين سمجهه کڻي)
توسان مون کي پيار ٿيو آ،
توسان ڏاڍو پيار ٿيو آ. (اناالحق: صفحو،35)
پيارو پريتم، جيڪو من جي سلطنت جو حڪمران آهي. جنهن سان روح رلمل آهي جنهن سان ساهه سلهاڙيل آهي. دنيا منهن مٽي وئي ته پرواهه ناهي، لوڪ رسي ته رسي وڃي، شل ساهڙ نه رسي.
”تنهنجي
پيرن تي،
منهنجي،
ڳوڙهن جون،
توسان گڏجي،
ريکائون آهن.
جيئڻ جون،
بي انت
تمنائون آهن.“ (ماجرا: صفحو 78)
محبت جو معراج ماڻڻ لاءِ دک، سک ۾ گڏ گذارڻ لاءِ، هيءَ هڪ جنم ته ڇا سوين، هزارين جنم هجن، پوءِ به هر جنم ۾ هڪ ئي تمنا هوندي، توسان گڏجي جئيڻ جي تمنا- ڀوڳنائون، پيڙائون، الجهنون، انتظار ۽ اوسيئڙا پيار ۽ محبت جي محلات لاءِ ڄڻ سُرن ۽ سيمنيٽ جو ڪم ٿا ڏين، توڙي جو وجود کي ڀڃي ڀوري ۽ وکيري ٿا وجهن. پوءِ به انهن ۾ جيڪو سررو آهي. يادين جي وسڪيءَ ۾ جيڪو خمار آهي، شال هر جنم ۾ نيبهه هجي.
”ڀوڳنائن جو،
ڪو اندازو،
ڪوئي ڪاٿو،
ڪئين ڪجي،
منهنجا سڀ،
اتساهه ڄڻ،
آزار آهن،
تو بنان،
سڀ جنم،
بيڪار آهن.
تون بنان. (صفحو 79)
ڇڙواڳ ڪڪرن جون اڀ اڏارون، سانوڻ رت جون بوند بهارون، ويتر جيءُ جهوريو وجهن- تڏهن ڪنهن جي وڇڙڻ جو احساس شدت ساڻ ستائيندو آهي.
جڏهن خواهش جي ڪنواري ڪنيا ڀنيءَ ويل ڪر موڙي اٿي ٿي، ته ڪاش! پريتم سان پرچاءُ هجي ها، جنهن سان ٽهڪن جي موسيقيءَ جو، مرڪن جي مالهائن جو، لڙڪن بند ڀڄڻ جو، ليکو ته ڪجي ها درد پچار ته ڪجي- ها تڏهن ازخود تخيل جو پنڇي ڀڙڪو ڏئي پرواز ٿو ڪري.
”جڏهن اڀ تي ڪو،
ڏٺو مون ڇمرڙو،
تڏهن پنهنجا ڇڙواڳ سپنا،
مون کي ياد آيا،
۽ تنهنجي اچڻ جا،
ايڪچار لمحا ۽ رستا مونکي ياد آيا.
ٻڌاءِ؟
هيل سانوڻ ۾،
جي تون نه آئين،
ڪندو ڪير ليکو،
ڀلا منهنجي لڙڪن جو،
سڏڪڻ جو،
ڀوڳڻ جو، ڀٽڪڻ جو،
۽ توکان جدا ٿي جيئڻ جو،
ڪندو ڪير ليکو-“ (صفحو : 46)
ڪنهن جي سار ۾، جسم جو سارو رت پاڻي بنجي، نيڻن مان نار ڪري ڇو وهندو آ؟ اهو هڪڙو سوال آ، ميڊيڪل جي شاگرد، ڪنهن پرفيسر، ڪنهن ڊاڪٽر ڪنهن زولاجيءَ جي ماهر وٽ ان جو جواب ڪهڙو به هجي، ممڪن آهي ته اهي صاحب انهيءَ حقيقيت جي طبعيات کان ئي انڪار ڪن- اهو به ضروري ناهي ته اسان انهن جي جواب کي حرف، آخر سمجهي، عشق جي ان عجيب ڪيفيت تي ميڊيڪل سائنس کي ترجيح ڏيون. اسان کي ان سوال جو جواب جيڪو ڪلال جي ڏات وٽان ٿو ملي، ممڪن آهي، ته اسين ان تي ئي مطمعن ٿي وڃون.
”ڪالهه جو منهنجي،
اتساهن تي،
چپ رکين ها!
هوندا اسان اڄ،
سڏڪڻ کان،
محفوظ هجون ها، (صفحو 101)
جڏهن سڪ مان ڪيل سڏن ۽ پڪارن جا پڙاڏا بي معنى بنجي وڃن_ جڏهن ڪنهن جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل اوچتو ئي اوچتو ڪنهن جي لاءِ پنڊ پهڻ بنجي وڃي. جڏهن وفا پنهنجي معنى وڃائي ويهي رهي. جڏهن خلوص کي فٽ بال سمجهي ٺوڪرون هڻيون وڃن. جڏهن سچائي پنهنجي ساڃاهه وڃائي ويهي رهي، تڏهن تخليق تي ڪهڙو ڏوهه ڏجي؟ تخليق ته تخليق ئي هوندي آهي، ان تي ڏوهه ڏجي به ته ڇو؟ ميارن جو مستحق ته تخليقڪارئي آهي، ڇو نه ان کان ئي پڇاڻو ڪري وٺجي.
”خدا يا!
اي سپنن جا خالق،
اي جذبن امنگن ۽ اڌمن جا خالق،
وفا ۽ محبت جو هر پيچرو،
ٻڌائج ته ڇو؟
وڇوڙي جي ويرانين ڏي وڃي ٿو؟“ (ڳاراڻو صفحو 31)
اها مقدس هستي، جنهن کي اسين ڪل ڪائنات جو تخليقڪار مڃون ٿا. جنهن جي پنهنجي چوڻ مطابق ته ڪک پن به سندس حڪم کان سواءِ نٿو چري، جنهن کي اسان يا توهان ڪڏهن ڏٺو به ناهي ته اهو ڀلا ڪهڙو جواب ڏيندو.!؟ جڏهن ان ذات وٽان به جواب نه ملي ته پوءِ؟ زندگيءَ جون سڀئي رنگينيون، رعنائون، رونقون ۽ مسڪراهٽون بي معنى بنجي ٿيون وڃن- زندگيءَ جي ديوي شڪست کائي ٿڪجي، ٽٽجي، ابدي آرام ڪرڻ لاءِ بيچين بنجي ويندي آهي، ان ويلي اجل پنهنجون ٻانهون ڦهلائي، آجيان لاءِ آتو هوندو آهي. بيرنگ جيون کان رٺل ماڻهون واگهه جهڙي گهور اکين ۾ آڻي، موت سان ڳل ڳل ۾ ڏيئي، سندس آجيان جو شڪريو ادا ڪندو آهي- پوءِ ڪنهن کي ڄامشوري جي پل وٽان سنڌؤَ جي سير پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيندي آهي، ڪنهن گاسليٽ يا پئٽرول ناتل جسم کي باهه جا شعلا پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندا آهن، ڪنهن کي لوندڙيءَ تي لڳل پسٽل جي هڪڙي ئي گولي اُبدي سڪون بخشي ڇڏي آهي، ته ڪو وري اگريڪلچر جي زهريلين دوائن جي وهه جاڪٽورا امرت آب حيات يا اسڪاچ وسڪي ۽ بليڪ ليبل جا جام سمجهي پنهنجي چپن سان لائي وڃي ڌرتي جي ڪوسي ڪُک ۾ آرامي ٿيندو آهي- آخر ماڻهو خودڪشي ڇو ٿو ڪري؟ اچو ته ڏسون ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ خود اعتمادي جي قوت ڇا نه ٿي ڪري سگهي؟ پاڻ سان ٿيندڙ بيواجبين ۽ هاڃن جو ٽوڙ نٿو ٿي سگهي ۽ معاشيات جي ڪشتيءَ کي نڪتل حالات جا سوراخ نٿا بند ٿي سگهن؟ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو- ڪا به بيماري لاعلاج ناهي- اڪثر آتمهتيائن جا ڪارڻ اهي به ناهن- اڪثر آتم هتيائن جي پس منظر ۾ دل جي دنيا جي ويراني هوندي آهي- جنهن پل خواهشن جا خون ٿين. جنهن پل من مساڻ بنجي وڃي- جنهن پل آشائن جون ارٿيون جلڻ لڳن- ته پوءِ جئين ڪارڻ ڪهڙي ڇاهت؟
”مان سوچيان ٿو،
ان کان اڳ جو،
تنهنجي ارڏائي منهنجي لاچاري بنجي،
تنهنجي چاهت وڌندي وڌندي خواري بنجي.
اوسئيڙو مايوسي بنجي،
جذبن جا آکيرا ساڙي،
احساسن جي دروازن جون تاڪيون چاڙهي.
(سارو جيون سانگ بگاڙي)
توکي، تنهنجي ڪجلن ڪجلن نيڻن کي،
پسيءَ جهڙن لال لبن کي،
تجلا تجلا مرڪن کي،
وِڄُ وراڪا انگن کي،
آئون هوند وساري ڇڏيان.
هستيءَ کي ميساري ڇڏيان“ (آتم هتيا: صفحو ، 17)

هستيءَ جي ميسار جڻ کان پوءِ سندر خواب اکين ۾ سجائي هلندڙ، دنيا کي تصور جي اک سان ڏسندڙ شاعر جي کيسي مان ٻه لکيل آخري نظم ملن ٿا، جيڪي چٺيون به آهن، سنيها به آهن- پيغام به آهن ته وينتيون ۽ وصعيت نامان به آهن-
هڪ دوستن لاءِ:
”دوستو!
جنهن به پل،
پنهنجا ٿڪل،
آلا ڇپر ٻوٽي ڇڏيان.
(پنهنجي وارتائن جي اطمينان لاءِ)
ٻيڪڙي ڇڏجو،
سمورا اپٽيل، اداس دروازن جا طاق.“ (صفحو: 109)
۽ ٻيو وصعيت نامون، جنهن کي شاعر وينتي ٿو چئي- ان بيپرواهه جي نانءُ جنهن کي ڪنهن جي اوجاڳن، ارمانن ۽ چاهت جي اوسئيڙن جو قدرنه ٿيو.... اڪيلائيءَ جو احساس هاڻ هن کي به ته گهائيندو- ڇو ته هن جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪندڙ نيڻ سمهي پيا، ڇو ته هن جي چپن تي، هن جي ڳٽن تي چمين جا گلدستا رکندڙ چپ سمهي پيا- ڇو ته هن کي ڀاڪر منجهه ڀريندڙ ٻانهون ٿي خاموش سمهي پيون- اها به هڪ حقيقت آهي ته جان جو نذرانو جن لاءِ ڏجي ٿو، آئيندي لاءِ سک جي ننڊ انهن کي به نصيب نه ٿيندي- پڇتاءُ جو گهاءُ انهن جو به سڪون ڦٽائيندو.
”سرهي سرهي سانوڻ- رت ۾،
انڊلٺ وانگي،
تنهنجيءَ دل تي،
جڏهن به ڪوئي،
اجهل، اٻهرو،
۽ اڻ پليو،
درد اٿي،
ان تي منهنجو نالو رکجانءِ،
مون کي ساري، مونکي ڳولي،
پنهنجا پير چمي ڇڏجانءِ،
پنهنجا پير چمي ڇڏجانءِ.“ (وينتي صفحو: 18)
**
نوٽ: س.ا.س شاخ صابو راهو ۽ س.ا.س شاخ ڀليڏنو ڪاڪا پاران ڪلال جي شاعري مجموعي ”پاڇا منهنجي پاند ۾“ جي مهوروت جي موقعي تي99/10/31 تي سعيد آباد ۾ پيپر پڙهيو ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَ جي ادبي صفحي ”ساهت سڀيتا“ ۾ 14 سيپٽمبر 2000ع تي شايع ٿيو.