هن جا نيڻ سانوڻ جون گهٽائون (مير محمد پيرزادي جي شخصيت)
ڏيندا ڏيهه ميار او يار! قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.
ڏيندا ڏيهه ميار.
ڪي ڪي شخصيتون خوشبوءِ بڻجي پونديون آهن، جنهن جي وجود جي واس سان ساري شهر جو وايو منڊل واسجي ويندو آهي، بلڪل ايئن جيئن:
ڇپر ڇاٽُون آئيون، بَر مڙوئي بوءِ،
ٻهه ٻهه ٿي ڀنڀور ۾، هنڌ مڙوئي هوءِ
راڻين واري روءِ، لٿا گوندر گوليءَ تان.
پوءِ اها شخصيت ۽ اهو شهر (توڙي جو ان جو جنم شهر نه به هوندو آهي) هڪٻئي جي سڃاڻپ بڻجي پوندا آهن، جيئن اڄ سائين مير محمد ۽ سڪرنڊ هڪ ٻئي جي سڃاڻپ بڻيل آهن. سائين مير محمد جنهن لاءِ منهنجون محسوسات ڪجهه مختلف آهن، جيئن مون هن جي دل جي دري کولي هن جي جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته مون محسوس ڪيو ته هي جنهن جو امير خسرو جي هنن سٽن:
جگ میں اگر سنگیت نہ ہوتا، کوئی کسی کا میت نہ ہوتا
یہ احسان ہے سات سروں کا، کہ دنیا ویران نہیں۔
۾ ايترو ته ايمان آهي، جيترو ڪنهن کي سڀاڻ جي سج اڀرڻ ۾.
سج سڀاڻي جا ڪري، سائي سامي روءِ...
هي جيڪو استاد منظور علي خان جي آواز ۾ هيءَ ڪافي
عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ،
مارن ريءَ منهنجو بدن هي بکيو آ.
ٻڌندي، مارئي جي مارن کان دوريءَ واري احساس ”بدن لاءِ بک“ جي بيان ڪيل فلسفي تي سوچيندي سوچيندي ان ”بدن جي بک“ ۾ ايئن گم ٿي ٿو وڃي، جيئن ڪي ئي صديون اڳ ڪپل وستوءَ جو شهزادو سڌارٿ شاهي محل ڇڏي جهنگل ۾ اچي، گوتم ٻڌ بڻجي فطرت توڙي دک ۽ درد جي اصليت کي سمجهڻ مهل پنهنجي ئي غور فڪر ۽ گيان ۾ گم ٿي ويندو هو.
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ.، آءٌ نه جيئندي ان ري.
هي جنهن کي هون....هون....هون... ها.... ها.... ها... الاهي الله جهڙا من- پاتال مان درد ڀريا آلاپ ۽ رڻ پٽ دلين لاءِ ٻاٻيهي جهڙا ٻول ٻوليندڙ ۽ ورهه جا ورلاپ ڪندڙ، گيڙو پٽڪو پائيندڙ چاچو ڍول فقير ميران شاهه چئي مخاطب ٿيندو هو ۽ محفل عروج تي پهچڻ مهل يڪتاري جي تار تي آڱر هڻي هڪل ڪري چوندو هو ته ميران شاهه! ٻڌ لطيف سائين ڇا ٿو چئي؟ چئي ٿو ته:
ايڏيون ڪجن ان سان، جن جا پٺيان هون،
هاڻ: ڏونگر منهنجو خون، مياس ته معاف ٿئي.
هڪ لطيف سائين جي اندر جو آواز، ٻيو پَٽَ ۽ پشم کان ڪونئرن پهاڙن جي پنڌ ۾ رتورت ٿيل پيرن سان ڪيچ ڏي ڪاهيندڙ اڪيلي عورت جا احساس ۽ ڏونگر کي ڏوراپا، مٿان وري ڌرتيءَ جي دانهن جهڙي ڍول فقير جي ادائگي ۽ نج ڀڳتي انداز هن کي ائين جهوري وجهندو هو جو اتي ئي اتي هن جا نيڻ سانوڻ جون گهٽائون بڻجي پوندا هئا. ۽ لطيف سائين جي هيءَ سٽ ساهه کڻڻ لڳندي هئي ته:
جهڙ نيڻان نه لهي، ڪڪر هون نه هون.
هي جنهن کي مرحوم سونا خان بلوچ جي آواز ۾ به اڃايل ۽ ڏڪاريل ڪارونجهر جي مور جو ٽهوڪو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ مائي ڀاڳيءَ جي آلاپن مان تتي ڏينهن، ڀٽ جي ڪنهن اوٽ مان ڄار جي گهاٽي وڻ مان ڄڻ ته ڪنهن ڪوئل جي ڪوڪ ڀاسندي هئي.
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪوئل جي ڪوڪ،
ولولو ۽ ووڪ، اي تان آهي عشق جي.
هي جيڪو مٺيءَ جي محبوب فنڪار موهن ڀڳت کي ٻڌندي ٻڌندي اکيون بند ٿو ڪري ته تصور ئي تصور ۾ ڪبير ڀڳت جي ڪچهريءَ ۾ پهچي ٿو وڃي، جتي ڪبير ڀڳت فرمائي رهيو آهي ته:
دنیا بڑی بانوری، پتھر پوجنے جاہے،
گھر کی چکی کوئی نہ پوجے، جس کا پیسا کھاہے۔
حد حد چلیا ھرکو، لاحد چلیا نہ کوءِ
لاحد کے میدان میں، کھڑا کبیرا روءِ۔
سچ بولوں تو جگ روٹھے، جھوٹ بولوں تو رام،
کبیر بیچارا کھاں جائے، دونوں کٹھن کام۔
هي جنهن کي بين بوڙيندي، بانسري ، باجي چنگ، سرندي توڙي سارنگي مان سرن سان گڏ سازيندي جا سڏڪا به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، ڇو ته هن کي خبر آهي ته هر فنڪار جي من جي ڀنڀور کي باهه لڳل هوندي آهي، تڏهن ته وڍيل وايون ڪندي آهي ۽ ڪُٺل ڪُوڪاريندي آهي.
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پڻ پنهنجا ساريا، هي هڏن لئه هنجون هاري،
شيخ اياز سنڌ جي فڪري سرحدن جو محافظ هو ۽ ان چيو هو ته:
او شال عقابن سان اٽڪان
مان واهر ٿي واهيرن جي.
ته ايئن سائين مير محمد وري اوندهه انڌيرن ۽ انهن جي رکوال چٻرن ۽ چمڙن سان اٽڪڻ جو عزم رکندي اياز جي سنت تي پورو ٿو لهي، پاڻ ئي چئي ٿو ته:
منهنجي هٿ ۾ پين ڏئي،
۽ ميڻ بتيءَ کي ڦوڪ ڏنئي.
پوءِ مون کي چيئي.
”سندر سندر گيت لکي ڏي،
جنهن سان پنهنجو جيءُ ريجهايان،
جنهن سان پنهنجو من پرڀايان“
اهڙي ئي ڪنهن گيت لکڻ لئه،
اونداهين سان اٽڪان ٿو.
هي جيڪو تاريڪ رات جي خاموشيءَ ۽ سناٽن جا نه رڳو آواز ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه ٿو رکي بلڪه انهن پاران ڳايل راڳن سان پنهنجو من وندرائڻ جي قدرت پڻ رکي ٿو. پاڻ ئي چئي ٿو ته:
ماڻهوءَ من پرڀائيندي آ، سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ،
وياڪل دلڙي وقتي وقتي، چانڊوڪي کي چاهيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
شام لڙي ۽ سِج جي لالي خوب لڱن کي لائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
رات لڙي ۽ ماڪ سندي جو، پايل پير ۾ پائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
رات سڄي جي روئندن کي ڀي، پرهه ڦٽي پرچائيندي آ.
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
ڪتي لڙي ۽ ماڪ ۾ وهنجي گهوري گهوري گهائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
لوڪ ستي جو لڪي لڪي ۽ تنهنجي ياد ستائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
ڏات اسان جو روڙي روڙي، ماس هڏن تان کائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
هي جيڪو اشفاق احمد جي زاويه کي پڙهندي پڙهندي ڌرتتيءَ جو ٽن چئن معصوم ٿري ٻارڙن کي، اگهاڙي پيرين هڪ ٻئي جي پاڇن تي پنهنجا پير رکندي پنڌَ ڪندو ٿو پڙهي ۽ تصور جي اک سان ٿو ڏسي ته هن جي پنبڻين ۾ لڙڪن جا موتي لهي ٿا اچن ۽ ايئن ٿا جرڪن جيئن پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ ڪنهن گل جي پنکڙينءَ تي ماڪ موتي جرڪندا آهن ۽ مون کي ياد ٿو اچي ته سندس پهرين شاعري مجموعي جو نانءُ ”مکڙيون ماڪ ڦُڙا“
پئي جا پرڀات، ماڪ نه ڀانئيو ماڻهئا
روئي چَڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
سائين مير محمد! جنهن کي ”سنڌ دوستي“ فطرت طرفان انعام ٿي ملي هئي جو جڏهن هو اک کولي وک وجهڻ جهڙو ٿيو ته انگريز ليکڪن جي سڏيل ”سنڌو شينهن دريا“ ۽ انسانذات جي عظيم تهذيبي ورثي ”موهن جي دڙي“ نه رڳو هن کي ٺيٺ سنڌياڻو سلام پيش ڪيو هو پر دل کولي هن جي آجيان به ڪئي هئائون. سنڌو درياءَ ۽ موهن دڙي پاران هن جي اهڙي آجيان ڏسي مٿي آڪاس ۾ چنڊ مرڪي ڏنو هو. ان وقت هن جي نيڻن درياءَ ۽ دڙي هڪٻئي کي فلانگ ڪس ڪري پنهنجو ڪيو هو. ڀلا فلائنگ ڪس هڪ ٻئي کي ڪن به ڪيئن نه ها! هڪ ٻئي جي وجود جو حصو جو ٿيا. سنڌو ڌارا جي لڙاٽيل پاڻي ۽ موهن جي مٽيءَ مان جنم ورتل سائين مير محمد جڏهن انهي ساٿ ۽ سٻنڌ تي سوچيندو هوندو ته ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان عابده جو آواز هن جي شعوري سماعتن سان ضرور ٽڪرائبو هوندو ته:
هن جنم هُن جنم لئه وچن ٿو ڪريان، مان جتي ڀي هجان، سنڌ تنهنجو ٿيان
عشق جو آتش فشان، هن جي اندر مان اڀامي قلم ذريعي ڪاغذن تي جڏهن پنهنجا رنگ نکيريندو آهي ته پڙهندڙن کي زندگيءَ سان ڀرپور ۽ من موهيندڙ ڪيئي موضوع ملي پوندا آهن. پوءِ سائين مير محمد ڪڏهن ٽيڙن ۽ سانيٽن، بيتن ۽ واين، غزلن ۽ گيتن جو ڀلوڙ شاعر ته ڪڏهن انتهائي اعليٰ پائي جو نثر نويس، نقاد ۽ مضمون نگار ڪڏهن حساس ڪهاڻيڪار ته ڪڏهن مايه ناز محقق ته ڪڏهن لغت جو ماهر ۽ ٻوليءَ جو عالم، ڪڏهن اسٽيج تي اچي سامعين، خاص ڪري نوجوانن جي جذبن سان انهن جي روح مطابق کيڏندڙ- ڪڏهن اياز جي گيتن ۽ ڀٽائي جي بيتن جو سنڌ جي تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي روح مطابق شارح، ڪڏهن موسيقيءَ جي مقصدي مام کان وٺي تاريخ جي تضادن تائين ۽ تصوف جي تاريخ کان وٺي بنياد پرستيءَ کان بيزاريءَ تائين نوجوانن جا برين واش ڪندڙ. ان وقت ايئن لڳندو آهي ته هي جهڙو اٿينس جي گلين ۾ نوجوانن سان بحث ڪري انهن جي ذهنن جي آبياري ڪندڙ پوڙهي سقراط جو نئون جنم.
هر وقت ڪتابن جو ڍير هن جي سامهون، تتي هجي يا ٿڌي، جهڙ هجي يا مينهن، رات هجي يا ڏينهن، جنهن به ڏٺو، جنهن وقت ڏٺو هن کي بس لکندي ئي ڏٺو. بلڪل مرشد لطيف جي هن هدايت تي عمل پيرا ته:
تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
ان وقت پريان ڪٿان عابده جو آواز ڄڻ ته هن جو چتر پيو چٽنيدو آهي ته:
سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان؟
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
**