شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

ڪيڏا سور سٺا پئي سڙندي، منهنجي تن تنبوري (مير محمد پيرزادي جو وڇوڙو)

ان ڏينهن اٺين جنوريءِ جي اداس صبح جو پهر ۾، مان بائيڪ تان بريڪر تي لهي، شهر کڻي آيل نوجوان کي ”مهرباني ڀاءُ!“ جا ٻه لفظ چئي جئين ته سائين مير محمد جي ادبي آستاني تي پهچي جهنڊي سولنگيءَ کان سائين مير محمد جو معلوم ٿو ڪريان ته جهنڊي جي نيڻن ۾ اداسيءَ جا پاڇا لهي ٿا اچن. هو انتهائي ڏکويل انداز سان اکيون جهڪائيندي ( ته جئين سندس لهي آيل لڙڪن تي منهنجي نظر نه پئي) جهيڻي آواز ۾ چئي ٿو ته ”سائين! هاڻ هاڻ ڪراچيءَ مان فون آئي هئي... دوائن پنهنجو دنگ ڪيو... هاڻ سائين ويچاري کي دعائن جي ضرورت آهي. دعا ڪيو .... باقي سمجهيو ته .... ”جهنڊو جملو پورو ڪري نه سگهيو ۽ مايوسي ويٺلن جي چهرن تي پکڙجي ٿي وڃي- ڏهه منٽ کن سڀ خاموش ويٺا رهياسين_ جتان خاموشيءَ سان اٿي انور انڙ منهنجي يار سان بائيڪ تي چڙهي سڌو تليءَ ماڻڪ وٽ ٿو پهچان“ ماڻڪ جيڪو غربت ۾ به انتهائي خودداريءَ سان، پٽ جي دل ۾ سوراخ ۽ گهر واريءَ جي ذهني توازن وڃائي ويهڻ باوجود به اڻ پورن گردن سان جيون جو رڻ پٽ جهاڳي رهيو آهي. جتي سندس ڪنهن عزيز جو مرتيو ٿي ويو آهي، ماڻڪ سان ملندي ئي نه سندس طبعيت ٿو پڇان ۽ نه سندس گهر ڀاتين جي، بلڪه ٻڌايانس ٿو ته ”يار ماڻڪ! سائين مير محمد جي طبيعت صفا خراب آهي.... جهنڊي ڏي فون آئي هئي، .... ويچارو ڏاڍو مايوس هو...“
ماڻڪ جي منهن تي به درد جون لڪيرون پڌريون ٿيون ٿين جو ايتري ۾ اصغر تنها جي ڪال ٿي اچي. هو پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪندي چئي ٿو ته: ”ادا! سائين مير محمد جي طبعيت تيزي سان ڪري رهي آهي، اڄ سائين حنيف وارا به کيس ڪراچيءَ پڇڻ ٿا وڃن- سڀاڻ جو پروگرام ٺاهه ته پاڻ به گاڏي ڪري ڪراچيءَ سائين کي پڇي اچون...“ مان سوچيان ٿو ته سڀاڻ...! ڪيئن کيس ٻڌايان صوفي صادق فقير چيو آهي ته:
جيڪي آهي اڄ، سڀاڻ ڪانهي صديق چئي.

۽ پوءِ ماڻڪ سان هلندو ان اوطاق تي ٿو پهچان جتي انهن جي عزيز جو تڏو وڇايل آهي، ماڻڪ ۽ مرحوم جي عزيزن سان تعزيت ڪندي تڪڙو شهر ٿو پڄان، جو اسد ڪيريو ڪال تي انتهائي ڏکاري لهجي ۾ ٿو ٻڌائي ته ”ادا سائين مير محمد هاڻ پاڻ وٽ نه رهيو آهي“ ۽ مان SMS ٿو پڙهان ته سائين تاج لکي ٿو ته ”سائين مير محمد گذاري ويو آهي. ۽ مان ٻلهڙيجيءَ لا نڪران پيو. “۽ اصغر تنها جو SMS”ادا! سائين مير محمد جي ڊيٿ ٿي وئي.“ ان ٽائم روڊ تي نواب شاهه ڏانهن ويندڙ لوڪل ڊاٽسن مان يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي عثمان فقير جي آواز ۾ سر سامونڊيءَ جا آلاپ ٿا سماعتن سان ٽڪرائجن ته
مون ويٺي وڻجارا پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا.
اي ميان! آئون رئندي وئي رهجي. آئون رئندي وئي رهجي. آئون رئندي وئي رهجي....
۽ ڊاٽسن ويندي رهي جو پنهنجيون اکيون آبشار ٿو ڀايان.
ذهن جي اسڪرين تي سائين مير محمد سان گذاريل سڀ لمحا هڪ هڪ ٿي گذرندا ٿا وڃن. ۽ مون کي ياد آهي ته پهرئين پهرين ذهن جي اسڪرين ٿي تي ٿي اچي 1979ع جي اونهاري جي لڙندڙ اها گرم منجهند، جڏهن سائين مير محمد تنهن وقت جي سرگرم قومي ڪارڪنن مياڻ جي مرحوم عظيم ملاح، غلام علي ملاح ۽ خيرپورناٿن شاهه جي دوست منظور پنهور سان پهريون دفعو پنهنجي ڳوٺ قومي ڪچهري تي آيل ٿو ڏسان- جتي پرائمري اسڪول جي آڳنڌ تي وڻندڙ نمن ۽ ٽالهين جي گهاٽيءَ ڇانوَ ۾ منهنجي ڳوٺ وارا سائين مير محمد کي دل جي ڪنن سان ٻڌي رهيا آهن. ۽ سائين سندن پراڻن پاندن کي اکين ۾ اميد جا ڏيئا جرڪائي انتهائي پيار ، پريت ۽ پنهنجائپ سان سَنُ جي سنهيءَ سُئي سان سيبا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي- انهيءَ ڪچهريءَ ۾ ننڍو هجڻ ڪري مان صرف خاموش ٻڌندڙ هوس ۽ گهڻو متاثر ٿي رهيو هوس. جو آخر ۾ سائين مير محمد چيو هو ته هو ته ”هن هيڏي ساري ڳوٺ مان منهنجي ڳالهين کي ڪو هڪڙو ساٿي به سمجهي ويو ۽ اڳتي هلي، اسان جي سڏ ۾ سڏ ڏئي، اسان سان ٻه قدم به گڏجي هليو ته مان سمجهندس ته هِت اچي منهنجو پنڌ سجايو ٿيو.“
ائين هن ڀٽائيءَ جي سُرَ سري راڳ جي ناکئي بلڪه اورچ وڻجاري جي ان ادبي ٻيڙيءَ ۾ پاڻ کي سائين جي پڇاڙيءَ تائين ويٺل ٿو ڀايان. جنهن ٻيڙيءَ لاءِ پاڻ لکيو هئائين ته:
لڏندي لمندي هل
او ٻيڙي!
لڏندي لمندي هل.
ڪنولن سين ڪي ٻوليون ٻوليون، ڇتيون ڇوليون پنهنجو لوليون،
هئين نه پنهنجي من کي روليون، تن ساڻ ملي وٽ جن کي ڳوليون.
شايد پوئيون ٿئي هي پل،
او ٻيڙي!
لڏندي لمندي هل.
هاڻ جڏهن اهو پتڻ جو پاتڻي ئي نه رهيو آهي، ۽ لطيف سائين جي لفظن ۾ ته:
نه سي تڙ هوڙاڪ، نه سي وايون وڻجارن جون،
سرتيون ساموندين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينئون فراق، پاڙيچون پرينءَ جا.

ته پوءِ دل جون ڳالهيون ڳرهجن ته ڪنهن ساڻ ڳرهجن!؟
وري به سائين مير محمد جي ساڳي ئي گيت جو سهارو ٿو وٺجي ته،
ڪنهن سان ڳرهين دل جون ڳالهيون، سهڻيون، سندر، ٻوليون ڀاليون،
نيون. نڪوريون، نج، نراليون، موٽ ۾ ملندئي اکڙيون آليون.

ڪنهن سان سور نه سل،
اوٻيڙي!
لڏندي لمندي هل،
اوٻيڙي!
لڏندي لمندي هل.
ائين سائين مير محمد جي آخري عمر تائين. ان ٻيڙيءَ ۾ پاڻ کي پسي، ڄڻ ته پاڻ کي ڀاڳوند ٿو ڀايان. جو مون منهنجي ڳوٺ اچڻ جي سائين جي پنڌ کي سجايو ڪيو هو.
خيالن ئي خيالن ۾ کڻي جو نگاهه مٿي کڻان ته بيد مشڪ جي ٽاريءَ تي ٻه ڳيرا چهنب ۾ چهنب ڏيو خاموش ڄڻ ته ڳل ڳراٽي ڏئي روئي رهيا هجن- ڇو ته فطرت جي زبان بڻيل شاعرن جي وڇوڙي تي رُتون به روئي پونديون آهن ۽ هوائن به سوڳوار بنجي وينديون آهن. هي ته ويچارڙا ڳيرا هئا،۽ مون کي پنهنجي ئي غزل جو اهو بند چٽي تصوير بنجي سامهون آيو هو ته:
ملا ئي چهنبون، وڻن تي ويٺا، پکي به تنهنجو پڇن پيا ٿا،
ڪيڏهان هليو ويو حسين شاعر؟ اداس رُت آ هوائون روڳي.

پوءِ گهر پهچي ڀنل نيڻن سان ”مکڙيون ماڪ ڦڙا“ کڻيو هوم، اهو ”مکڙيون ماڪ ڦڙا“ جيڪو هن جي جواني ديواني جي جذبن جي ڀرپور ترجماني هجڻ سان گڏ هن جي روح جي آذان جو آواز به آهي ته هن تي وڏڦڙو ٿي وسندڙ عشق جي منظوم آتم ڪٿا جي ڇڙوڇڙ ٿيل خيالن جي خوشبوءَ به آهي- مون کي ان وقت انهيءَ نفيس جذبن واري شاعريءَ جي ڪتاب جا سڀئي صفحا به سوڳي لڳا هئا ته:
جل ڦل بادل بوندون برسن، کنوڻين جي کجڪار،
الو ميان! ساهه اوهانجي سار!
اهي جل ڦل بادل ان وقت سائين سان پيار ڪندڙن جا نيڻ هئا، جن مان بوندن بس نٿي ڪئي.
۽
ياد اوهانجي يار هوا ۾، گلڙن جي هٻڪار،
الو ميان! ساهه اوهانجي سار!
راڳ اسانجو ريهون ٿي ويو، تند ٽٽي پئي تار،
الو ميان! ساهه اوهانجي سار!
اهي لکيا ته سائين پنهنجي عشق جا اڌما ئي هئا، پر اڄ سندس ئي ڏات ڏنگ بنجي سندس وڇوڙي ته اسان سڀني جي اندر جي اڌمن کي ائين ڏنگيندي...! اڳ سوچيو ئي نه هو ته:
گل جي ڇڻيل پنڙن وانگي، بسنت ۾ به ٽڙي نه سگهيا،
منهنجا گهايل گهايل اڌما!
تن جي تند تي يادن هٿڙا، گل گلابي گيت ڇڙيا،
منهنجا گهايل گهايل اڌما!
پرهه ڦٽيءَ جو ڪوئل وانگي ڪيهون ڪيهون ريهون ٿيا،
منهنجا گهايل گهايل اڌما!
هن شفيق محسن جي وڇوڙي تي جيئن اسان مان هر ڪنهن جي دل لهو لهو لڙڪ بڻجي پئي آهي، ائين هن تي به ڪڏهن اهڙيون گهڙيون مئي ۽ جون جي جهولن وانگر گهليون هونديون. هن کان به ڪيئي پيارا جيءُ جيارا وڇڙيا هوندا. هن به ڪيئي حسين جوانين کي موت جي آغوش حوالي ٿيندي ڏٺو هوندو جو لکيو هئائين ته:
موت وهيءَ جو ڄڻ ته پرين!
گيت اڌورو رهجي ويو.

۽ پوءِ اها رات اکين ۾ ڪاٽي.ٻئي ڏينهن ٻارنهن وڳين موهن جي دڙي جي مٽيءَ پنهنجي سدا سلڇڻي پٽ جي جسم کي سدا لاءِ پاڻ ۾ سمائي، ٻيءَ رات ڄڻ ته چنڊ ۽ سنڌو درياءَ کي چيو هو ته ساکي ٿِجو: هڪ ماءُ پنهنجي سلڇڻي پٽ کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ڪوسيءَ ڪڇ ۾ لڪائي ڇڏيو. هاڻ ڪا به بي رحم بيماري هن جي نفيس جسم تي ڪو حملو نه ڪري سگهندي پوءِ چنڊ سڏڪي پيو هو ۽ درياءَ جي ٿڌڙي واري ان لحظي ڄڻ ته سن ٿي وئي هئي ۽ سنڌ جي خلائن ۾ سائين جي سانيٽ جو درد ڇلڪي پيو هو ته:

تنبوري جي تار ٽٽي آ، ڄڻ ڪو سڏڪو گهٽجي ويو،
سور انهيءَ کان ساز سندو هو اندر لڇيو ڦٿڪيو،
اند لڇيو ڦٿڪيو جو، ان ۾ راڳن لاتو روڳُ،
تلنگ لڳائي تئونس ڇڏي ۽ جيءَ جَلائي جوڳُ
ڪنهن کي ڪهڙي ڪل ته، ڇا ٿي سڙيو کاميو کوري،
ڪيڏا سور سٺا پئي سڙندي، منهنجي من. تنبوري!

۽ ان ڏينهن اسين سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي جا سارا اديب شاعر ۽ ادبي دوست ٻلهڙيجي جي سخي جمال شاهه جي قبرستان ۾ سائل ۽ اقرار پيرزادي سان گڏ سائين جي آخري آرامگاهه تي دعا گهري رهيا هئاسين، ته تصور ئي تصور ۾ سائين مرڪي مونکي ياد ٿو ڏياري ته سائين تاج محمد ڏاهريءَ جي وڇوڙي جي پنجين ڏينهن سندس ئي دڪان تي سائين مون کي چيو هو ته “علي نواز! ڪلهه گل محمد رند وٽ ويو هوس. گل محمد چيو ته سائين مير محمد! پاڻ هاڻ به پروگرام ڪنداسين. پروگرام ۾ به پيا ٿيندا پر نه هوندو ته پنهنجن پروگرامن ۾ سائين تاج محمد نه هوندو! ۽ تاج محمد جي نه هجڻ جي ڪري پنهنجا پروگرام ڪيڏا نه عجيب ۽ اڻ پورا لڳندا !“
۽ تصور ۾ مان کيس چوان ٿو ته ”سائين! سائين منير شاهه به پروگرام پيو ڪرائيندو. سائين وٽ به آئينده پروگرام پيا ٿيندا. پر نه هوندئو ته سائين مير محمد توهان اسان جي وچ ۾ نه هوندئو! ۽ توهان کان سواءِ جيئن اڄ ڪيڏو نه عجيب عجيب ۽ اڻ پورو پيو لڳي هي پروگرام! ستارا ته موجود آهن. پر چنڊ نالو ناهه ڪو...! اياز چيو هو ته:
مون ته لڳائي سپني ول، ڦول ڪڏهن ڦٽندا.
ڇا ڄاڻان! ڇا ڄاڻا!
ته سائين! توهان اهي ادبي مالهي هئا، جنهن جي دل سان ڪيل محنت ۽ شفقت طفيل ماڻڪ ۽ مون کان وٺي مصور تائين رحمت الله ۽ سائل کان وٺي قاسم خاصخيلي قلندر بخش ملاح، زوهيب نواز ڏاهري ۽ محمد يعقوب ڏاهريءَ تائين توهان جا ڦول ڦٽي پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ پکيڙيندڙ اڄ ڪيئن نه ڪومائل آهن! ڇو ته اڄ انهن جي ايمانداريءَ سان سار لهڻ وارو معصوم مالهي ڪونهي.
راڻا او راڻا، سڏ وراڻين ڇو نٿو،
توريءَ مير منڌرا، ڀينگ ٿيا ڀاڻا.
ڪنول ڪوماڻا، ڀونئر ڀونءِ ڇڏي ويا.
(شيخ اياز)
**

درگاهه پير ذاڪريءَ ۾، سائين منيرشاهه جي آستاني تي،
سائين مير محمد پيرزادي جي چاليهي جي موقعي تي پڙهيل پيپر.