شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

جئيڻ آزار بنجي ويو (راشد لکمير جي هڪڙي نظم تي نينهن ڀري نگاهه)

ان سانوري سانجهيءَ جي سحر ۾ هو اسانجي اوطاق جي ڪشادي اڱڻ تي رکيل ڪرسيءَ تي ويٺي ڌيمي لهجي ۾ پنهنجي لفظن کي سادگيءَ جا سليس ويس ڍڪائي، پنهنجي منطق ۽ فلسفي سان ڀريل خيالن وارن گفتگوءَ سان ڳالهين جو ڳنڍيون کوليندي مون کي ”اوشو“ ياد ڏياري رهيو هو. اوشو جنهن چيو هو، ”جتي محبت جا گلاب ٽڙندا آهن، اها سر زمين انا جي ناهي هوندي، انا ته رڻ پٽ ۽ ويرانا تخليق ڪندي آهي.“ هوءَ انائن کان انتهائي ڏور گهاريندڙ اهڙو محبوب ماڻهو آهي، جنهن جو اوشوءَ جيان انهيءَ ڳالهه ۾ به پختو يقين آهي ته ”خيالن جي وهُڪري ۾ خوشيون گهٽ ۽ ڏک وڌيڪ هوندا آهن.“ ان وقت هو لطيف سائينءَ جي انهن ٻن سِٽن

اچو سورن واريون! ڪريون سُور پچار،
ڪنين ٿورا ڪنين گهڻا ڪانهي سُورن ڌار.

توڙي حمل فقير جي هن سٽ:
سورن سئو هزار، لکڻ ليکو ناههِ ڪو.
جو تفسير بنجي پوري عالم انسانيت سان گڏ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڏکن ۽ دردن سان جڙجي رهيو هو. اهو پهريون ڀيرو هو جو خاص مون سان ملڻ لاءِ هو قرب جا قدم ڀري منهنجي ڳوٺ آيو هو، تنهن وقت ئي مون محسوس ڪري ورتو هو ته هن جي من جي حَسين واديءَ جي گلستان ۾ نظمن جا ڪيئي پوپٽ پنهنجي بهترين تخيل ۽ فڪري پرواز سان پُسار ڪري هن جي من جي حسين واديءَ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ انتهائي اتاولا ٿا ڏسجن. جنهن جي شايد کيس به خبر نه هئي، ان وقت مون تي خوشيءَ جا خُمار چڙهندا ٿي ويا جو ان جي اڻ اظهاريل نظمن جو ”نينهن ڀريو نسرڻ“ مون تنهن وقت ئي پروڙي ورتو هو.
اڄ جڏهن فيس بوڪ جهڙي عالمي اخبار ۾ هن جو نظم پڙهي سوچيان ٿو ته ازخود ئي قلم منهنجي آڱرن ۾ اچي سفيد پني تي منهنجي روح جي روشني بنجي ٿو پوي ۽ ان روشنيءَ مان اها تحريڪ جنم وٺي رهي آهي ته:
ڏيهه جي ڏات ڪنهن ڪنهن درد وندي دل واري ماڻهوءَ لاءِ عشق طرفان امانت ٿي لهندي آهي، ڪنهن ڪنهن ڪارڻ اها امانت سالن تائين پيڙا جون پچارون سنڀالي انتظارن ۽ اوسيئڙن جي ٽانڊن تي ٽهڪندي آهي.
عشق جي اهڙي امانت جنهن کي درد وندي ديس جي مارُن لاءِ اڻ کٽ آٿت طور ”شاعريءَ“ جو ناءُ ڏئي سگهجي ته ان شاعريءَ جي مومل کي سِڪ، سونهن ۽ ساڃاهه جي مست الست مير مينڌري راشد لکمير وٽ پهچندي پهچندي انتظارن جا الاءِ ته ڪيترا ڪانگ اڏائڻا پيا هئا.
راشد سائين ڏات جي ڏيهه جي جهوني جوڳي ۽ عشق جي الفي پاتل، تخليقي تندن جي بابو بان بري ۽ سچي ساميءَ سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جي ”ڏيئا ڏات جا“ کان وٺي ”آواز اندر جو“ تائين ۽ ”رُڃن ۾ رڙ ٿي“ کان وٺي ”ڳالهيون من اندر جون” جهڙين تخليقن تائين جو طبعي وارث به آهي ته سائين ارشد جي سندر سپنن جي ساڀيان جو سهڻو روپ به آهي، جنهن ان شاعريءَ جي اجهل اپسرا کي ننڍڙي هوندي ئي پنهنجي گهر جي اڱڻ تي چوڏهينءَ جي چانڊوڪين کان وٺي اوڻٽيهين جي اونداهين تائين آڌي رات جو، سئو سينگار ڪري نينهن جا نازڪ نورا ڇمڪائيندي ايندي ۽ روح پرور رقص ڪندي ڏسندو/ محسوس ڪندو پئي رهيو آهي- ان شاعريءَ جي سونهن پرور سُندريءَ به تنهن وقت کان ئي سنڌ ڌرتيءَ ماءُ جي ٻاجهاري گود ۾ ابدي آرام ڪندي ٽيون سال به شروع ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به ان شاعري جهڙي روح رچنديون ڪندڙ البيلي رقاصا کان سائين ارشد جي گهر جو اهو اڱڻ اڃان نه وسريو آهي. شاعري اڄ به اتي راشد سائين جي روح تي ”بوند برهه جي بهار لڳي...“ جيان سندس درد وندي دلڙيءَ جي ديس تي اوڙڪون بنجي اٿل آڻڻ لاءِ بادل ٿي ڀرجي آئي آهي.

شاعريءَ جا پنهنجا پيار جا پئمانا هوندا آهن، هوءَ ننڍ وڏائي ڄاڻي ئي ڪانه- هوءَ جڏهن ڪنهن دل جي ”چونڊ“ ڪندي آهي ته ان جي قلم مان پهريان پهريان نظم هن صورت ۾ سونهن جي سرهاڻ ڦهلائيندا آهن.
اندر جي آس هيءَ اُجڙي،
اکيون آليون سدائين ٿيون.
وهن ٿا نير ڳوڙهن جا،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

جئين آزار انهيءَ ڪري به بنجي ويو آهي جو پوري دنيا جي ماڻهن ۾:
دلين جو خوف ڌڙڪي ٿو،
جياپو جنگ وانگي ٿيو.
رڙن ٿان روح سڀني جا،
ڪرونا وائرس ڀي ڄڻ.
ضدي ڪو ٻار بنجي ويو،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جئين آزار بنجي ويو.

راشد سائين جو هيءُ ٻيو نظم به اهڙو گلاب جو ٻوٽو آهي جنهن ۾ ڏات ۽ ڏاهپ جي فڪر جا ڦول به ڦٽل آهن ته انهن زندگيءَ سان ڀرپور گلن جي چوڌاري ڪرونا وائرس جهڙا ”ڪنڊا“ به پنهنجي ڪرڀ ناڪ شڪل ۾ ڪَرُ کڻيو بيٺا آهن. ڪرونا جيڪا ”ووهان“ کان ٿيندي تفتان ڪراس ڪري ڪولمبو کان ڪراچيءَ تائين سوين هزارين شهرن تائين ته ڇا پر آمريڪا کان اٽلي تائين، جرمني، ترڪي، جپان، عرب ملڪن، رشيا، ڀارت ۽ پاڪستان تائين بلڪه دنيا جي ستن ئي کنڊن ۾ ڪاهجي ”آدم بوءِ.... آدم بوءِ..“ ڪندي عالم انسانيت جو ساهه ئي سُڪائي مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. ڪٿي ڪٿي ته ڪرونا پنج ست سؤ بلڪه هزار ماڻهو به روزانه جي حساب سان ڳيت ڏئي ڳڙڪائي رهي آهي، خوف جي اها صورت حال آهي جو ساري دنيا جي شهرن ۾ ڄڻ ته هڪ ئي وقت راڪاس گهمي رهيو آهي. وڏي ڳالهه ته ”ماڻهوءَ“ کان سواءِ باقي ساري مخلوق جانور، پکي، پوپٽ ۽ جئڏ جيتام بي کُٽڪا ٿي آزاد گهمي ڦري ۽ اڏامي رهيا آهن، ۽ قيدي صرف “انسان” ئي بنجي ويو آهي، اهو آهي فطرت سان هٿ چراند جو نتيجو. ڪن مٿو ماري ڪندڙ ماهرن جو خيال آهي ته ڪرونا وائرس هڪڙو جينياتي جراثيم آهي، ته ڪي وري ان راءِ جا آهن ته اهو اصل ۾ روبوٽڪ جراثيم آهي، جنهن جي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مختلف پوزيشن آهي. ڇا به آهي پر اصل ۾ اهو پنهنجي مخصوص مفادن جي حاصلات لاءِ سامراج جي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ملڪن جو معصوم انسانيت تي بايو لاجيڪل وار آهي، جنهن war ۾ ممڪن آهي ته انهي جراثيم جا خالق به نشانو بڻيا هجن ڇو ته اهو فطرت جو اٽل اصول آهي ته ٻئي لاءِ کڏ کڻندڙ کي ڪڏهن ان ۾ پاڻ به ڪرڻو پوندو آهي، لطيف سائين صديون اڳي ان سو جي نشاندهي ڪئي هئي ته:
کر جا کڏ کنئي، پوڻ ڪارڻ پرينءَ جي،
تنهن ۾ پاڻ پئي، غيبتي غار ٿيو.

پوري دنيا تي موت مسلط ڪندڙ انهيءَ جراثيمي حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ ڪو به ملڪ تيار ناهي، جو وڏا وڏا مهلڪ ۽ موت مار هٿيار، ايٽم بم، هائڊروجن بم ٺاهيندڙ ۽ انهن جي استعمال لاءِ هزارين ميلن تي مار ڪندر (مختلف نالن سان) مزائيل ٺاهيندڙ ضمير جي ڪنڊ صفا سوڙهي ۽ اونداهي رهي آهي.
ٻئي طرف وري پنهنجي آس پاس، پنهنجي ملڪ ۽ ڌرتيءَ تي نظر ڊوڙايون ته ڏسڻ ۾ ايندو ته هتي پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ انهيءَ ڪرونا جهڙي ڪاري ڏندري ڏائڻ عوام جي اهنجن ۽ آزارن ۾ ٻيڻو نه بلڪه ٽيڻو چؤڻو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ طرف حَسِين زندگين تي موت جا لامارا ته ٻئي طرف لاڪ ڊائون جي قيد ۾ گهاريندڙ ماڻهو زندگيءَ جي ضرورتن توڙي مانيءَ ڀور لا محتاج ٿي بک مري رهيا آهن.
وفاق ۽ سنڌ حڪومت جو سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪردار ”ڪُئي ۽ ٻليءَ“ وارو پيو نظر اچي. فاقا ڪشي سان گڏ لاڪ ڊائون اڃان به اڳتي وڌيو ته ممڪن آهي ته بک کان مجبور ٿي ماڻهو ڪرائيم طرف نه ڀڄن.... (بک آخر انسان ڪيستائين برداشت ڪندو...!) ٽئي طرف وري پنجن مان پندرهن ڪندڙ نفسيات ۽ زخيره اندوزي ڪندڙ بُکيا بگهڙ اٽي، کنڊ عام واهپي جي شين سان گڏ دوائن کان وٺي ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ٺاهيندڙ ڪمپنيون توڙي ڪفن جو ڪپڙو تيار ڪندڙ فيڪٽرين جا مالڪ خوشيءَ ۾ نٿا ماپن. اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪندي راشد جو قلم تڙپي پيو آهي ته:
هي ڌرتي درد ۾ جڪڙيل،
بري بدحال بک آهي،
نوان ناسور وِک وِک تي،
عقل ۽ فهم کان عاجز،
عزم افڪار بنجي ويو،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

ڏک جي ڳالهه ته اها به آهي ته اسرائيل کان آمريڪا تائين، اٽلي فرانس، انگلينڊ کان رشيا تائين، ايران، ڪوريا، ڀارت جرمنيءِ کان پاڪستان تائين به جيڪي جيڪي ملڪ هڪ ٻئي کي نيچو نوائڻ لاءِ موت مار مُهلڪ هٿيار ته ٺاهي سگهيا آهن. پر پوري دنيا کي بڇايل هن ڪاري ڏندري ڏائڻ ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول جي ٪ 100 ڪامياب ويڪسين اڄ تائين ڪو به ملڪ تيار نه ڪري سگهيو آهي، حالانڪه اهڙي دوا ٺاهڻ جي دعوى ته ڪيترن ئي مُلڪن مختلف موقعن تي پئي ڪئي آهي پر پوءِ به موتَ ته ماٺ ناهي ڪئي- پوءِ به گهڙي پلڪ جي به عزرائيل کي وار کائي ناهي ملي سگهي.
سوال آهي ته ڇا اٽلي وانگر سڀئي ملڪ نااميد ٿي جيئڻ جي جُستجوءَ تان هٿ کڻي ويندا؟ ڇا زندگيءَ جي لال ڪنوار موت جي وحشي چنبن ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي ساههُ ڏيندي رهندي؟ ان وقت سنڌ جو نئون ڪوتا ڪار راشد سائين دنيا جي ضمير ۽ خاص ڪري ميڊيسن سائنسٽس اڳيان سواليه نشان بنجي ٿو وڃي ته:
سڀئي نسخا حڪيمن جا،
ٿيا ناقص ڇو هن ڀيري؟
هر هڪ قول ڪافر ٿيو،
قضائون ياد سڀ ڪنهن کي،
ڀرم ڪو بار بنجي ويو،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

پوءِ هن ملڪ توڙي دنيا جي حڪمرانن جي بي حسيءَ تي احتجاج ڪندي ٻُڌائي ٿو ته ڪهڙا ڪهڙا ضمير جاڳايون....!؟ جو هن خطي توڙي پوري دنيا جي حڪمرانن کي ضمير جو ظرف آهي ئي ڪٿي.....!؟
هونئن به دنيا مان غربت مِٽايو جو نعرو هڻي غريبن کي ڏکن ۽ بکن جي باهه ڏئي مارين ها، سو ڪم ڪرونا وائرس کان ٿيندو ڏسي، عالمي ضمير جي مجرمانه خاموشيءَ جي حوالي سان چئي ٿو ته:
حيقيت ڇا ٻُڌايان مان؟
سڀئي قاعدا ويا ٽوڙيا،
وساريو ويو هو آئينو،
ضميرن ۾ ظرف ڪاٿي؟
ڏٺو جو پنهنجو ڪو چهرو،
جو ماڻهو آفتن جو ئي،
ڇو پيروڪار بنجي ويو؟
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

هڪ طرف اها صورت حال آهي ته ٻئي طرف انسانيت اُميد جي دامن کي به هٿان ناهي ڇڏيو. انسانيت چاهي ٿي ته زندگيءَ جا گلاب پنهنجي خوشبوءِ ورهائيندا رهن.
هونئن به گلابن ۽ ڪنڊن جو ساٿ دائمي رهيو آهي. ڇو ته ڏک سکن جي سونهن ئي هوندا آهن. ڏکن مان ئي ڦٽندڙ رستو سکن جي عالمي ڪائنات تي کٽندو آهي.
حضرت عيى مسيح الله چيو ته ”ساراهڻ لائق آهن اهي دليون جن پاڻ ۾ غمن کي جاءِ ڏني آهي، ڇو ته اهي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن سُڪون محسوس ڪنديون ۽ انهن کي انهن جو اجر به بهتر ملندو.“ ائين راشد لکمير جي دل به ساراهڻ لائق آهي، جنهن کي ڪڏهن نه ڪڏهن سُڪون محسوس ٿيندو، جو هيءَ سنڌ جي ادبي آڪاش تي شاعريءَ جي چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي اڀرندو. (جنهن جي مون کي خاطري آهي) ۽ اهو ئي عشق جو انهيءَ لاءِ اجر به هوندو.
جديد سنڌ جي عظيم فڪري رهبر سائين جي. ايم سيد چيو آهي ته “جهڙي طرح هر ٻوٽي جو ٻج ڪلراٺي زمين جي بجاءِ مِٺي زمين ۾ ڄمي، ڦري ڦلي ٿو، اهڙيءَ طرح عشق جي نگاهه به زندهه ۽ بختاور دلين تي پوي ٿي”. ۽ راشد سائينءَ جي دل اها ئي ”زنده ۽ بختاور دل“ آهي جتان عشق / شاعريءَ جو خوبصورت ٻوٽو ڦُٽي نڪتو آهي، جنهن جي خوشبوءِ پنهنجي هيئت توڙي فڪر سان انشاءَالله تعالى وستيون واسي ڇڏيندي.

هي روحاني آهي رمزون،
ڪٿي هي وس ۾ هَن ڪنهنجي؟
پڇيو آٿت هو گهاون کان،
اسان جو عشق ”راشد“ ڪيئن،
سچو سالار بنجي ويو،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

راشد سائين! اها توهان جي تخليق جي اڃان شروعات آهي، جڏهن سنڌ جي ادبي آڪاش تي توهان جي ڏات جو چنڊ چمڪڻ شروع ٿيو ته ڪيئي پاڻ هُر تڙيا ستارا ڌنڌلائجي ويندا.
**