شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

پنهنجي پاران: احسانن جي بار کان ڪنڌ جهڪايان ٿو

هونئن ته منهنجي سڃاڻپ هڪ شاعر واري رهي آهي، ۽ پنهنجي شعريءَ جا ٻه مجموعا
1 : چانهونءَ مٿان چنڊ ( جنوري2017ع)
2 : آڌي رات اروڙ (ڊسمبر2017ع)
سنڌي ادب جي ديوتائن جي چرنن حوالي ڪري، پنهنجي پڙهندڙن تائين پڄائي چڪو آهيان ۽ لطيف سائينءَ چيو ته :

ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.

بلڪل ايئن مون تي به انهن محبوب ماڻهن جا ٿورا آهن، جيڪي مون کي نظم سان سان گڏ نثر طرف وٺي ويا. جن جي محبتن جي موٽ ڏيندي نثرلکڻ شروع ڪيم ۽ انهن جي تخليقن تي پيار ڀريا پيپر لکڻ شروع ڪيم ۽ اڳتي هلي هيءُ ڪتاب جڙي پيو. جنهن ۾ ڪجهه شخصيتن جي ڪردارن جا عڪس ۽ اولڙن وارا خاڪا ۽ انهن جي تخليقن تي نينهن ڀري نگاھ ”جن جون جايون جيءَ ۾“ جي سري سان آيل آهن، ته ٻئي حصي ۾ ”هر دل ڪتاب ڪيئي“ ۾ ڪتابن جون ڳالهيون آهن. ڪتابن جو ذڪر ايندي ئي لطيف سائين جو بيت هانءَ ۾ هُرڻ لڳي ٿوته:
ڪوڙين ڪتابن ۾، حرف مڙوئي هيڪ،
جي تو نظر نيڪ ته، بسم الله ئي بس ٿئي.

ته مون پنهنجي پهرئين نثري ڪتاب ۾ بسم الله ئي هن ڀاڱي ۾ آيل ڪتابن تي لکيل مضمونن سان ڪئي آهي.
ڪتاب جو ٽيون حصو ”سور پريان جا ساڻ مون“ جي سري ۾ من جي محبوب ماڻهن جي وڇوڙن جي وارتائن تي دل جا لهو لهو لڙڪ لاڙيل آهن. جن لاءِ ڪڏهن منهنجي قلم لکيو هو ته:
* هو جي ڳنڍيون هانءَ جون، نيڻن جا ها نورَ،
وڇڙين جا هر ويل ٿا، مارن مون مذڪور،
صورت صورت سور، اڄ پڻ جاڳيم جيءَ ۾.

*صورت صورت سار، اڄ پڻ جاڳيم جيءَ ۾،
ڪهڙا ڪهڙا يار، گذريا جيون گس تان.

چون ٿا ته ”نظم رقص ڪندو آهي ۽ نثر پنڌ ڪندو آهي“. پر منزل جي مومل کي ماڻڻ لاءِ ته روح جي راڻي کي سدائين ڪارين راتين کان پرھ تائين جا پنڌ ڪرڻا پيا آهن. هيئين جي هوت جي حاصلات لاءِ به ته پهاڙي پيچرن جا پنڌ ڪري پير پٿون ڪبا آهن. تنهنڪري جي پرينءَ جي پرت ۾ اکيون پير ڪري رائو رت نه ڪبو ته واٽ وندر جي وڻ ڪيئن ڏسيندا…!؟
تنهنڪري ”رقص“ ڀلي روح جي سڪون ۽ سرور جو سامان پيدا ڪرڻ جو جواز بنجندو رهي پر پوءِ به پيارسان ڪيل ”پنڌ “ جي پنهنجي اهميت هوندي آهي.
خوشنصيب آهن اهي قلم ڌڻي جن جو نثر پنڌ ڪندي به ”مي رقصم“ بنجي ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙن قلم ڌڻين جي کوٽ نه رهي آهي. پر پنهنجو نثر …! انهن اڳيان ڪڏهن ڪڏهن:

ٿلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سين وڙُ ٿيو.

يا

اگهيو ڪائو ڪچ ، ماڻڪن موٽ ٿي.

جيان پڙهندڙن اڳيان پيش خدمت آهي. پڙهندڙن کي پنهنجي راءِ رکڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي.

ٿورا منجهه ٿرن، مون تي ماروءَ جي ڪيا.

ادب جي ٿر بر سفر ۾ انهن سڀني سڄڻن جا اڻڳڻيا احسان. جن جي شخصيتن جي سحر مونکي قلم کڻايو. جن جو عشق انڊلٺ بنجي منهنجي تخليقي ڪائنات تي سندر سندر رنگن جي نور جون لاٽون نڇاور ڪندو رهيو آهي. جن جي نيڻن ۾ مون سدائين سنڌ جي سونهري مستقبل جا سپنا پروان چڙهندي پئي ڏٺا آهن. جن جي شخصيتن، شاعري توڙي نثر مونکي لکڻ لاءِ هميشه نئين راهه پئي ڏيکاري آهي.
وڏا وڙَ انهن پيارن جا به …! جيڪي هر ويل هانءَ ۾ هُرندا رهن ٿا. اهي سڄڻ جن جو ڪُمهلو وڇوڙو نينهن جو نانگ بنجي منهنجي هردي کي ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ ڀيرا ڏنگيندو رهيو آهي. جن جي ياد جا پوپٽ منهنجي من- باغيچي ۾ تيسيتائين پسار ڪندا رهندا، جيسيتائين زندگي باقي آهي …! جن کان سواءِ پاڻ کي سدائين اڌورو ۽ اڻپورو پئي ڀانئيو اٿم.
مجموعي طور انهن سڀني سڄڻن جا اڻڳڻيا احسان جن جي ڏات ۽ ذات مونکان هيءُ ڪتاب ”منُ منُ مورَ-ٽهوڪا“ لکايو. اُهي سڀئي مورَ ماڻهو هئا / آهن، جن جي ڏات جي ٽهوڪن سان سنڌ جي آڪاش تي سک ۽ سرهاڻ جون گهنگهور گهٽائون گرجي اَوَس وسڻيون آهن.
وڏي ۾ وڏا احسان ان شفيق شخصيت جا جنهن جي احسانن جي بارَ کان هيءُ ڪنڌ سدائين جهڪيل محسوس ڪيو اٿم. جنهن محبوب محسن لاءِ مهر علي شاه گولڙه شريف واري جو هي شعر ذهن جي آڪاش تي آڙين جيان اُڏامندو ٿو اچي ته:

ڪٿي مهر علي ڪٿي تيري ثنا،
گستاخ اکيان ڪٿي جا لڙيان.

جنهن محبوب محسن کي ڀائرن کان وڌيڪ دوست ۽ دوستن کان وڌيڪ ڀاءُ ڄاتو اٿم. جنهن سان منهنجي جيءَ جون جڙون مون لاءِ سدائين باعث فخر رهنديون...! جنهنجي فڪري ڪچهرين مونکي دنيا کي نئين نگاھ سان ڏسڻ جو ڏانءُ پئي ڏسيو آهي. اهو منهنجو پيارو پرين آهي محترم سائين راشد لکمير صاحب. جنهن هن ڪتاب اچڻ جي حوالي سان جيڪا محنت مونکي ڪرڻ کپندي هئي، سا هن وڏي خوشيءَ سان پنهنجي سر تي کڻي مونکي ڪراچيءَ جي الاءِ ته ڪيترن پنڌن ڪرڻ کان بچايو. جنهن هر دفعي ڪتاب مرتضيٰ لغاريءَ تائين پڄائڻ کان وٺي ڪمپوزنگ تائين به مرڪ پبليڪيشن جا الاءِ ته ڪيترا پنڌ ڪيا. جنهن پروف ريڊنگ پهچائڻ کان وٺي ڪتاب جي فائينل تياريءَ تائين مون کان وڌيڪ اوسيئڙي جون الاءِ ته ڪيتريون ڪٺن گهڙيون ڪاٽيون. جنهن انتهائي خلوص دل سان مهاڳ لکي مون تي سدائين جيان پنهنجي پيار جي پلر جي پالوٽ پئي ڪئي آهي.
احسان پنهنجي پياري پرينءَ، ڀائرن جهڙي دوست ۽ ڏک سک جي ساٿي، همعصر اديب، شاعر ۽ تاريخ جي تنبوري مان سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي سرت ۽ ساڃاھ کي سمجهي، سنڌ جي آئيندي کي ڏور ڏسڻ جو ڏانءُ رکندڙ ادا اسد ڪيريو جو به. هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل وارا خيال سندس قلم جي نب مان ڦٽي نڪتا آهن.
وڏيون مهربانيون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سُچيت ساٿي، اڻٿڪ انسان ۽ انقلاب جي عشق ۾ ساري سنڌ پيرن هيٺ لتاڙيندڙ بزرگ ڪامريڊ دادا علي بخش. توڙي گهڻ پڙهئي ۽ سندس سلجهيل ساٿي چاچي الهڏني سومري هالاڻي واري جا به، جن پنهنجي نيڻن ۾ هن ڪتاب جو اوسيئڙو محبوب جي اچڻ جي اوسيئڙي جيئن ڪاٽيو آهي. ايئن ته منهنجي همراز دوست انور علي انڙ ۽ مونکي پيار مان پڙهندڙ سندس مائٽ/دوست اعجاز علي انڙ به هن ڪتاب جي اچڻ جي اوسيئڙي کي قرب سان ڪاٽيو آهي ۽ هر روز مونکان پڇندا رهندا ته ”ڪڏهن ٿو ڪتاب اچي“. توڙي منهنجي ڳوٺ جي سڌي، سادي۽ سچي انسان جعفر ڏاهريءَ، جنهن جو ڪتابن سان عشق تمام پراڻو آهي، تنهن پڻ هن ڪتاب جو ڪافي انتظار ڪيو آهي. سڀني جون لک مهربانيون.
ان موقعي مان ڀلا پنهنجي پبلشر دوست پياري مرتضيٰ لغاريءَ کي ڪٿي ٿو وساري سگهان، جنهن پنهنجي اداري مرڪ پبليڪيشن پاران منهنجو هي ڪتاب سهڻو ڪري ڇپايو آهي.
هڪ دفعو وري به سڀني سڄڻن جي حضور ۾ سائين راشد مورائيءَ جو هيءُ شعر ته:
احسانن جي بار کان ڪنڌ جهڪايان ٿو.
ٿورا تنهنجا يار لکين مان ڀايان ٿو.


علي نواز ڏ اهري

0300 3216296
14 آگسٽ 2020ع