هڪ مختصر ڪچهريءَ جي ڪٿا
مان روح جي ٻولي ٻڌندو هان، هي روح مخاطب ٿيندو آ،
آواز اندر جو هوند جو آ، جو گيت چپن تي ايندو آ.
حالانڪه توهان اعتراف ڪيو آهي ته شاعري ڪرڻ توهان جو شوق ڪو نه هو پر پوءِ به ڪا قوت، ڪا شڪتي ضرور هئي، جنهن توهان جي چونڊ ڪري توهان جي دل مٿان وقت به وقت شعرن جو ائين پئي الهام ڪيو جئين پرهه جو پهر ۾ گلن، ٻوٽن ۽ گونچن تي ماڪ جا موتي پيا نازل ٿيندا آهن ۽ توهان لکيو هو ته:
ڪو شعر جو شوق نه هو، پر شعر ته بنجي لکجي ويندو آ،
هي شعر ته دل جي دنيا تي، الهام ٿي نازل ٿيندو آ.
ڀلا اهو ”الهام توهان تي ڪڏهن کان نازل ٿيڻ شروع ٿيو...! ۽ توهان جي من اندر مان پهريون جيڪو شعر خود بخود ڦٽي نڪتو هو، جيڪڏهن ياد هجيو ته اهو شعر ۽ ان جي پسمنظر بابت ته ڪجهه ٻڌايو؟“
سوال ٻڌي سائين پهرئين ته ڪجهه وقت اکيون بند ڪري ڪنهن اونهي استغراق ۾ گم ٿي ويو، پر پوءِ جو انهيءَ ڪيفيت مان نڪري آئيو ته انتهائي ٻهه ٻهه باجهه ٿيندي ٻڌايو هئائين ته 1953ع ۾ سعيد آباد ۾ پير محب الله شاهه وارن جي مدرسي ۾ پڙهندو هوس، جتي ديني تعليم سان گڏ عربي فارسي شاعري به پڙهائي ويندي هئي. ان وقت مون کي محسوس ٿيندو هو ته اها شاعري ڄڻ ته ٻانهن جا ڀاڪر ڦهلائي مون کي سيني سان سمائڻ جي اپيل ڪندي هجي، ۽ آئون ان وقت ان شاعريءَ جي اسرارن ۾ پاڻ کي گُم ڪري ڇڏيندو هوس. مدرسي ۾ پڙهائيندڙ هڪڙو استاد حافظ سڌائي به هوندو هو، جيڪو پاڻ به شاعر هو ۽ بحر وزن جو وڏو ڪاريگر هوندو هو. شاعريءَ ۾ تخلص “شوق” هوندو هئس پر سڏبو ”حافظ سڌائي“ ئي هو ان جون اکيون آرسيون ئي هونديون هيون جنهن هيترن شاگردن مان اسان ٽن شاگردن کي ڄڻ ته سڃاڻي ورتو هئو، ان ئي استاد حافظ سڌائيءَ جي صحبت ۾ اسان ٽنهي دوستن تي ان جو رنگ چڙهڻ لڳو هو.....!
پوءِ چوٿون استاد ۽ اسان ٽئي دوست هر هڪ سيد احمد شاهه لڪياري، پير اعجاز شاهه راشدي ۽ آئون عبدالحڪيم ”ارشد“ چانهه تي ڪچهري ڪندا هئاسين.
پوءِ شاعري، دوستيءَ جي اهڙي زنجير بنجي پئي جنهن اسان چئني ڄڻن کي ڄڻ ته هڪٻئي سان جڪڙي رکيو هو، حافظ سائين جي انهيءَ سکيا مان ائين اسين ٽئي دوست سائين احمد شاهه لڪياري سائين پير اعجاز ۽ آئون عبدالحڪيم ”ارشد“ رچي پچي نڪتاسين“- ان وقت مان سوچڻ لڳس ته ڇا ته شخص هو حافظ سڌائي صاحب! جنهن پنهنجي پنهنجي فڪر جا هڪٻئي وقت ٽي اهڙا باڪمال شاعر سنڌ کي ڳولي ڏنا، جن تي سنڌ ڪئي صديون پئي ناز ڪندي، جڏهن ٽئي اهي شاعر پنهنجو وارو وڄائي سنڌ کي سُرن جو صدائون ڏئي وڃي مٽي ماءُ جي گرم گود ۾ آرمي ٿيا آهن ته اياز جي هيءَ سٽ ڄڻ ته هر هڪ لاءِ ائين چوندي هجي ته:
واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي،
پوءِ سائين ارشد کلندي ٻڌايو هو ته ”چانهه“ تي اسان جون روز ڪچهريون هلنديون هيون تنهن ڪري ان وقت مون جيڪو پهريون شعر لکي سنگت اڳيان پيش ڪيو هو، سو به چانهه تي ئي هو ته:
مریضان محبت کے، لئے بس چائے کافی ہے،
صدا آتی ہے پیالی سے، پیو اللہ کافی ہے۔
ائين شاعريءَ هن جي چونڊ ڪري ورتي هئي، ۽ هن کان لکائيندي ٿي رهي ۽ هو لکندو ٿي رهيو ته:
قلم مون کڻيو، ڪجهه لکڻ ٿو گهران،
لکان رت سان يا لکان مس سان.
يا
قلم بند ڌرتيءَ جون دانهون ڪيان،
ڪهاڻي ڪا ظلم ۽ ستم جي لکان.
پوءِ جئين جئين سائين ارشد لکندو ٿي ويو ته هن جي تخيل مان سنڌ جي سورن جون صدائون ٿي نڪتيون. جيڪي صدائون هن کي سک سان ويهڻ ئي نه ڏينديون هيون. ۽ هوءُ جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي ڌرتيءَ جي عشق جو پروانو بنجي نڪري پوندو هو، ڏات جي ڏيهه ڏانهن ته:
اي ڌرتي! تنهنجو درد کڻي،
مان بستيءَ بستيءَ ڀٽڪيو هان.
۽ ڪارين ڪارين راتين ۾
مان جگنو بنجي جرڪيو ها.
اي ڌرتي! توسان قول ڪيم،
سو قول وفا جو پاريان ٿو.
۽ ٽڪرُ کائي ٽڪرَ سان،
هر ڏاڍ جو ڏونگر ڏاريان ٿو.
۽ هڪ سلڇڻي پٽ جيان سيس نمائي پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي يقين ڏياريندو رهيو ته:
اي ڌرتي! تنهنجي آزادي،
هر چيز کان مونکي پياري آ.
مون گيت اڳيئي گهوريا هئا،
اڄ جان به توتي واري آ.
پوءِ سائين پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪري، ڄڻ ته اٽل ارادو ٿو ڪري ته زوريءَ زبردستي دوزخ بنايل هن ڌرتيءَ کي جنت بنائڻ لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اهو دل وَ جان سان ئي اداڪرڻو پوندو ۽ ائين هوءُ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي زبان بنجندو رهيو ته:
تون ساٿي! منهنجو ساٿ ته ڏي، آءُ قوم قسمت بدلايون،
هن دوزخ جهڙي ڌرتيءَ کي اڄ بهشت بنائي ڇڏڻو آ.
۽ پوءِ هن جي ڏات نينهن جا نعرا هڻڻ ٿي لڳي ته:
هيءَ ڌرتي ناهي ڌوتن جي، هت ڌاريو بنجي رهندو جو،
هي ديس انهيءَ کي ڇڏڻو آ، يا سنڌي بنجي رهڻو آ.
ڪچهريءَ هلندي پنهنجي ڪجهه نظمن جو پسمنظر ٻڌائيندي سائين چيو هو ته مون پنهنجو مشهور نظم ”پاپ نگر“ ون يونٽ ۽ اِيوبي آمريت تي لکيو هو، جنهن ۾ آهي ته:
هت ڏاڍ هلي ٿو چورن جو،
۽ ڏاڍن سيني زورن جو،
هت موجون مير پيرن جون،
سرڪار چمچاگيرن جون.
هت ڏينهن ڏٺي جو ڏاڍايون،
هت ظلم، ستم ۽ ارڏايون،
هت وير وطن جا روز ڪسن،
هن پاپ نگر ۾ پاپ ٿين،
هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،
۽ توسان ڪهڙو حال ڪجي.
هي شهر جفا جو ڇڏڻو آ،
ٻيو شهر وفا جو اڏڻو آ،
هن شهر جفا جي ڳالهه نه ڪر،
هت روز وفا جو قتل ٿئي.
۽ نظم ”نئون پاپ، نگر“ ان کان پوءِ واري ڊڪٽيٽرانه جمهوري دور تي لکيو هوم، جنهن جون سائين جي ايم سيد هڪ هزار ڪاپيون ڪرائي پوري سنڌ ۾ ورهايون هيون.“ ان وقت آئون سوچيان ٿو ته ان کان وڌيڪ ڪنهن شاعر جي ٻي ڪهڙي مڃتا ٿي سگهي ٿي...!
جنهن جي نظم کي ورهائيندڙ ئي سائين جي ايم سيد جي هماليه جهڙي مظبوط ۽ تاريخي شخصيت هجي....!
۽ مون کي سائين ارشد جي انهيءَ ڏات تي رشڪ ٿو اچي.
۽ حمل فقير جي هيءَ سٽ ٿي ياد اچي ته:
حمل ههڙي ڏات، ڪن نيڪن کي نصيب ٿئي.
۽ اها ڏات ئي هئي جنهن هن کان لکايو هو ته:
هن ڌرتيءَ دک جي ڌرتيءَ تي،
تون نينهن نڀائڻ آيو آن،
۽ پٿر جي هن شهر اندر،
موتين کي ورهائڻ آيو آن.
او واٽ مسافر وڻجارا!
تون پهتين ڪهڙي وستيءَ ۾
هت ڪنهن کي ڪنهنجي ڪاڻ نه ڪا،
هر ماڻهوءَ پنهنجي مستيءَ ۾،
هي پاپ نگر نئون پاپ نگر،
هن پاپ نگر جي ڳالهه نه ڪر.
تو چرٻٽ نگري ناهه ٻڌي،
جت ڏاڍو ٿيندو گابو آ.
هن شهر جو راجا راڄ ڌڻي،
ان چر ٻٽ جو ڀي بابو آ.
سائين ارشد جڏهن ادبي پروگرامن ۾ اسٽيجن تي ايندو هو ته اڪثر هن کان نوجوان هڪ نظم ٻڌڻ جي فرمائش ڪندا هئا، ۽ هُو نظم پڙهندي پڙهندي وجدان جي انهيءَ وادين ۾ گم ٿي ويندو هو ۽ هن جا نيڻ نيسارا بنجي پوندا هئا، ته ماحول تي ڄڻ سڪتو طاري ڪري ڇڏيندو هو- ان نظم ”جاڙي به جڳ سان“ جي باري ۾ ٻڌايو هئائين ته ”اهو سچو واقعو آهي.“ ۽ ان وقت هن جي دل جي ڪيفيت معلوم ڪندي، هن کي نظم ٻڌائڻ جي فرمائش نه ڪئي هيم. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ ڳالهين جا ڳوٺَ اڏيندي ٻڌايو هئائين:
اکڙين جي ڳالهه، آکڙين ۾ رهجي وئي،
اسان جو پيار زبان تائين اچي نه سگهيو،
نظر سان ملي نظر ته چپ چري نه سگهيا.
حجاب جو پردو وچان هٽي نه سگهيو!
درد احساس جي لذت کان نا آشنا ماڻهو،
ڄڻ ته ڌرتيءَ تي بڻيو آ خدا ماڻهو!
سر جهڪي نيٺ ويو حسن ازل آڏو،
مون ڏٺو صورت انسان ۾ ديوتا ماڻهو!
ته اهو نظم ”ديوتا ماڻهو“ مونکي پنهنجي سڀني نظمن ۾ پسند جو نظم آهي.
اڄ ان جي انهيءَ ڪچهريءَ کي ساري مان ڄڻ ته سندس ئي غزل جو بند ٿي پيو آهيان.
ان وقت اکين آرت رنو، ڄڻ آهه کُلي ناسور پيو،
جنهن وقت اسان جو روح سڙيل، ڪنهن وڇڙي کي ساريندو آ.
۽ آئون سو چيان ٿو ته انهيءَ ساڳي سعيد آباد واري مدرسي مان هنيئر به هر سال سوين طالب علم فارغ التحصيل ٿي نڪرندا هوندا، پر شايد هاڻ اتي ڪو به حافظ سڌائيءَ جهڙو استاد ناهي رهيو. جو وري ڪو به احمد شاهه لڪياري، ڪو به پير اعجاز يا ڪو به اسان جي سائين ارشد صاحب جهڙو شاعر اتان پيدا ٿي نڪري نه سگهيو...!
۽ لطيفي لات مونکي صدا ڏني ته:
مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري،
هاڻ اتان ۽ جتان ڪٿان جيڪي ملان تعليم پرائي نڪرن پيا انهن جي تصوير سائين ارشد پنهنجي هن بيت ۾ بهتر انداز سان پيش ڪئي آهي ته:
ملان منهنجي ملڪ جا، سچ جو ساٿ نه ڏيَنَ،
هونئن ته پنهنجو پاڻ کي، سڀڪجهه ٿا سمجهن.
دين ڌرم جي درد ۾، ويٺا رت رئن،
ڌوئي تن جي دل ۾، ميرا تن جا من،
اڄ به سرمد تن هٿان، ڪرٽن ۾ ڪٽجن،
آزاديءَ جي نانءَ کان، لوٺيا ونءَ وڃن،
ڳالهه نه ڀلجي ڀونءِ جي، ڪانئر ڪڏهين ڪن.
هونئن ته ارض ۽ اڀ جون، ڊاڙون هت هڻن،
تسبيح داڻا هٿ ۾، ٽان ٽان ڏيڏر ڪن،
ٺَڳيا ملڪ ٺڳن، سچا ناهن سنڌ سان،
**
سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جي ٻي ورسيءَ جي مناسبت سان پير، ذاڪريءَ ۾ ٿيل پروگرام ۾ پڙهيل پيپر.
ورسيءَ جو پرگرام 23/فيبروري 2020ع تي ٿي گذريو.