ڪمال فن کي سجدو آ (ساحر راهو جي ڪجهه شعرن جو اڀياس)
ديا نه جنهن جي نگاهه ۾ آ، انهيءَ کان ڪهڙو نياءُ ٿيندو.
صبح جهڙين گهڙين جو قاتل، نه شام جو سو ته ڀاءُ ٿيندو.
ساحر وڏن شهرن جي شور کان پري. سنڌ جي ان ٻهراڙيءَ جو رهواسي آهي جتي اڃان تائين جاگيردارانه قدر جئين جو تيئن مروج آهن. هو جڏهن پنهنجي چوگرد نظر ڦيرائي ٿو ته کيس هر ٻئي ٽئي ڏينهن ڀر پاسي جي ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ يا واهڻ ۾ انهن اجاڙ ۽ اداس نيڻن جو مشاهدو ڪرڻو ٿو پوي. جيڪي پوپٽ جهڙن نازڪ ۽ گلاب جي پنکڙين جهڙن معصوم ڪنهن نه ڪنهن جي نيڻ ٺار صدامن* جي گم ٿيڻ تي نراس هوندا آهن يا هٿيارن جي زور تي اغوا ٿيل پنهنجي پيارن لاءِ پريشان هوندا آهن. ان گمشدگي يا اغوا جي ٿيل واردات جي ڪري ڳوٺ جي ماحول ۾ جيڪا خاموشي ۽ هر منهن تي اداسي هوندي آهي ان خاموشيءَ جي به
* صدام: اُتر سنڌ جو معصوم ٻار صدام جيڪو اغوا ڪري عرب رياستن ۾ پهچايو ويو هو. اتي اٺن جي ڊوڙ لاءِ استعمال ٿيندو هو.
پنهنجي زبان هوندي آهي، بظاهر هر چهرو چپ هوندو آهي، پر هر ڪنهن ڳوٺ واري جي اکين ۾ سوين سوال هوندا آهن. ته سندن پيارا ڇو اغوا ڪرايا ويا؟
انهن اغوا ٿيلن ڪنهن جو ڪهڙو قصور ڪيو هو؟ اهي پيارا خير سان ڪڏهن پنهنجن ڪکن ۾ واپس ورندا ؟ حالانڪ انهن کي اغوا ڪرائيندڙ خفيه هٿن /ذهنن کان ڳوٺ جو ڪو به ماڻهو اڻڄاڻ نه هوندو آهي. پر ڊپ جي ڪري اهي ڪنهن جو به نانءُ چپن تي نه آڻيندا آهن، متان ڪنهن لچ لوفر يا سندن وڏيري جو نالو کڻڻ تي وحشين جي ور چڙهيل سندن پيارا لاشن جي صورت ۾ نه واپس ورن. پنهنجي آس پاس اهڙا واقعا اکين سان ڏسندي ان وقت خاموشيءِ جي طويل پلن کي گهڙيال سان تشبيح ڏيندي، پرين سان مخاطب ٿيندي سندس قلم مان ازخود هي خيال ٿا سرجن:.
”اجاڙ نيڻ ڳوٺ جا سوال ٿيا پرين لڳن،
۽ ماٺ جا طويل پل گهڙيال ٿا پرين لڳن.“
جتي سڪون ڳوليو به نه لڀي، امن جي پکيئڙن جا پر رت ۾ ٻڏاڻل هجن، جتي رڳو انارڪي ۽ ويڳاڻپ هجي، جتي بک، بيماري، بيروزگاري ۽ محبت جي حاصل نه ٿيڻ جهڙا روڳ سماج کي نه ڇٽندڙڦٽ وانگر هر وقت نهوڙيندا هجن، جتي وفائون به غليظ لڳن، جتي خلوص ۽ سچائي کي به “گار” محسوس ڪيو وڃي، ته دل ۽ اها به حساس ۽ ڪنهن شاعر جي دل کي چين ايندو به ته ڪٿان؟
وفا به ايڏي غليظ ٿيندي قدم قدم تي صليب سجبا
سچائي جذبن جي گار ٿيندي خلوص گهرو ڪم گهاءُ ٿيندو.
اوهان کي ڳولا سڪون جي آ، اسان جي دل به چين گهرجي،
قدم قدم سان ملي کڄن پوءِ، جنم جنم جو نڀاءُ ٿيندو.
اهڙين حالتن جو مقابلو نه ڪري سگهندڙ، هانءُ هاري ويٺل مايوس نوجوان هر روز توهان کي خودڪشيون ڪندي اخبارن جي سرخين ۾ نظر ايندا، انهي مايوس نوجوان نسل کي به اسان جي توجهه جي ضرورت آهي. جيڪا نه ملڻ تي احتجاج جي آخري حد ڪراس ڪندي وڃي هميشه لاءِ “مٽي ماءُ” جي هنج جي حوالي ٿين ٿا. اها سڄي پيڙا به اسان جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪافي آهي. جنهن کان اسان سڀ الائي ڪيستائين منهن موڙينداسين؟
نه زندگي جي موهه هو. اسان جي ڌيان کي ڇڪيو،
اسان جي فلسفي ۾ موت، حيات کان مهان ها.
۽ پوءِ” پويان ڇا ٿو رهي؟ صرف قبر، جيڪا به اڳتي هلي ڊهيو وڃي. اسان قبر پرست قوم جي فردن جيئري ڪڏهن پنهنجن محسنن ۽ محبوبن جو قدر ڪيو آهي؟ اسان ته روئڻ ۾ به ڪنجوس آهيون، هيڏن اديبن، شاعرن، مصورن، فنڪارن، دانشورن توڙي سياسي رهبرن جي وڇوڙي تي به ڪڏهن لڙڪ ڪونه ڳاڙيون وڌ ۾ وڌ اخبارن ۾ تعزيتي بيان ڪڍي نالو ڇپائي خاموش ٿي ويهي رهندا آهيون. گهڻي گهڻي وقت کان پوءِ لوڪ اڳيان ٻٽاڪ هڻڻ لاءِ ته فلاڻي جي قبر اسان جي دريافت آهي،” قبر پيا ڳوليندا آهيون. جئين آڳاٽو سڪرنڊ جي اديبن مير خان لغاريءَ ويجهو، ابراهيم شاهه جي قبرستان ۾ ”حمل فقير“ جي قبر پئي ڳولي. يا هاڻ ٽي چار سال اڳ حيدرآباد ۾ ”اميدن ڀرئي قبرستان ۾ نياز همايوني ۽ نصير مرزا، مرحوم حفيظ شيخ جي قبر پئي ڳولي. تن کي ڄڻ ته وقت ساحر بنجي هوشيار ڪرڻ لاءِ آواز پيو ڏيندو آهي ته:
ائين پردن جي پويان تون تلاشين ٿو ميان ڪنهنکي،
ڀريو ڪتبو ڊٺو نالو ويو گمنام ٿي ماڻهو.
ان سڄي تباهي، ان سڄي ڀونچال، ان سڄي صورتحال جو هڪ اهم سبب آهي ”انصاف جو خون.“ جيڪو اسان جي ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي ٿيندو پيو اچي. ڪنهن به سماج ۾ ”انصاف جي قتل“ کان وڌ ٻيو ڪو الميو ٿيندو ئي ناهي. 1947ع کان وٺي 1979ع تائين ۽ اتان کان وٺي اڄلڪهه جي اخبارن تي نظر ڊوڙايو صورتحال سامهون آهي.
ويهن ويهن خونن جا قاتل، دهشتگر آزاد، توهين عدالت جا ڏوهاري (جن کي سپريم ڪورٽ تي حملو ڪندي پوري دنيا ڊش اينٽينا ذريعي ڏٺو) اهي باعزت بري ۽ ٻئي طرف، فوجي ڪورٽن خصوصي عدالتن ۽ هڪ طرفي نام نهاد احتساب ڪورٽن جا فيصلا توهان جي سامهون آهن. جن ۾ پنهنجي بچاءَ جي حق کان محروم ٿيلن ۽ سزائون کاڌل مظلوم قوم جي اڳواڻن لاءِ پنجاب مان بدنام زمانه پوليس آفيسر گهرائي ٽارچر سيلن ۾ کين قتل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري. انهن تي ئي خودڪشي جون ايف آءِ آر ٿيون درج ٿين ته ڏات ڏکوئجي ٿي وڃي.
نه منصفن تي يقين هو، نه ڀرسو تو مٿان هو قاضي،
اسان ته پهرين ڏٺو هو پرکي، عدل جو ڪاڏي جهڪاءُ ٿيندو.
پنهنجو پاڻ کي سماج جو هڪ ذميوار فرد سمجهي سماج سان ايڏو ڪميٽيڊ رهندي ۽ سماج تي ايڏي گهري نگاهه رکندڙ شاعر جو دماغ واقع به سماج ۾ ٿيندڙ هر اٿل پل تي ته نگاهه رکندڙ هوندو ئي پر سندس سيني ۾ هڪ ”دل“ به ضرور هوندي. جيڪا چوويهه ئي ڪلاڪ ڪنهن جي عشق ۽ محبت جي محراب ۾ ياد جا سجدا ڪندي هوندي. جتي واقع ڪو ته اهڙو آقا به هوندو. جيڪو حواسن تي حڪمراني ڪندو هوندو؛
ڇنڀڻ ڀلجي ويون اکيون، منڌل دل جو به ڌڙڪو آ،
حواسن تي حڪمراني، ڪري آقا ڪو ويٺو آ.
جنهن جي نيڻن ۾ ڏسڻ سان عبادت جون حدون پوريون ٿيو وڃن. ان پرينءَ جي ڇا وصف؟ ڪهڙو سندس ماڳ مڪان؟ پرينءَ جا پار پتا دل کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪير ڄاڻي:
اڀيچند جي اکين ۾ ٿيون عبادت جون حدون پوريون،
ڪليسا گهر پرينءَ جو ۽ پرين جو پار ڪعبو آ.
هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ هوندي پر آئون سمجهان ٿو ته ڪنهن به شيءِ جي وصف ۽ وضاحت ته ممڪن ٿي سگهي ٿي پر سڄڻ ۽ سونهن جي مڪمل وصف يا وضاحت ناممڪن آهي، عشق نه ڪندڙ نادان دل واري ماڻهو کي ڪهڙي خبر ته محبت جو معراج ڇا آهي...؟ عشق جو مان ۽ مرتبو ڇاهي؟ پيار پنهنجي پوڄا ڇو ڪرائيندو آهي؟ محبوبه جي مرڪ جو ڇا ملهه؟ آهي ڪو مشروب جنهن کي گلابي چپن جي چمين سان ڀيٽي سگهجي؟ من ۾ يادن جا رابيل ڇو ٽڙي پوندا آهن؟ آهي ڪنهن وٽ انهن ۽ اهڙن ٻين سوالن جو صحيح جواب...؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ سچ چيو آهي ڪنهن ته ”عشق کا رتبہ عشق ہی جانے“ اسان جي دوست ساحر جي دل مان به اهڙي ئي دانهن ٿي نڪري.
خدا ڄاڻي ڪفر سرحد ڪٿان ٿيندو شروع واعظ،
اسان وٽ عشق جو ليڪن، بلند هر شي کان رتبو آ.
اسان جي عشق جون ڳليون ٿيون روشن گناهن ۾،
جوانيءَ بند مذهب جو لتاڙي هر ڪو ڇڏيو آ.
ساحر جي شاعريءَ ۾ سندس سوچن جي سرهاڻ سندس شاعريءَ جي فني سٽاءَ ۽ سندس شخصيت کي سندس ئي غزل جي هن بند سان ڀيٽا ڏيندس:
بظاهر سونهن تنهنجي کي جهڪي سجدو ڪيو نيڻن،
اصل ۾ ان مصور جي ڪمال فن کي سجدو آ.
**
(ماهوار سوجهرو فيبروري 2000ع ۾ ڇپيل)